سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :25

ڪافي 3

مَنُ موهي منهجا جانِي،

گهڻا لايَئي ڏينهڙا!

صورتَ تنهنجي سُپرين، مورت ڪئِي مَستانِي.

پِرين اوهان جي پارَ جو، گوندر ٿيو گُذرانِي.

روز اَزل کَون ڏنُوَ اسان کي، نيهن پنهنجو نِيشانِي.

اڱڻ اسان جي آءُ پيارا، محب ڪريان مهمانِي.

پيِريءَ جا ”سچو“ ڏينهن وسارج، ٿيئِي جَمالُ جوانِي!

 

ڪافي 4

يارَ سڄڻ ڪيئن سَرِي، توکي اَسان ٻاجهون!

اسان نِماڻَن ڏي سُهڻا سائِين، دوستَ نِهارج وري.

توکي قدر ناهي ڪو، ڀَلو، چيٽڪ ڪِيڙس چَري.

اَچي ”سَچوءَ“ جِي ايڏهِين، سَندي دزَ ذرِي.

 

ڪافي 5

ياد مون کي اَڄ پيون،

مِٺيون ڳالهيون سُهڻا تُنهنجِيون!

رهيون آهن روحَ منهنجي ۾، ڪين وسرِي سي ويون.

ويٺا ڏسون ٿا واٽ اوهان جي، دوستَ دلاسو ڪو ڏيون.

”سچو“ آهي سَگ درَ تنهنجي جو، ميان نالِ نِباهي سونِيون.

 

ڪافي 6

مون سان تو ڪُيون ڪيون، سُهڻا اُهي ڳالِهيون ڳالِهيون!

سي نه وڃن وسري، ڀلو ميان،

چڱيون اَوهان جي چَيون چَيون.

اوهان ٻاجهُون سُپرين، ميان،

نِيهن وهايون نَيون نَيون.

لِڪُون ڪيون سين لوڪَ کَون، ڀلو ميان،

پَڌر اُهي اَڄُ پَيون پَيون.

ڳُجهيون سي ڳالهيون يارَ ”سچوءَ“ کَون،

ڪِين وسري سي ويُون ويُون.

 

ڪافي 7

آءٌ تا تنهنجڙِي آهيان، يار مون کي ڇو ٿو ڇَڏين!

تون تا منهنجو آهين اَصل کَون، ڪنهن نه ٻَئي در ڪاهيان،

هوتَ اِيندين هِت ڪڏين.

آءٌ نماڻي عيبن هاڻِي، سَگَ نه ساڻُوَ ساهيان،

پَکا اوري آڻي اَڏين.

توڙي سُڃاڻِين توڙي نه ڄاڻِين، لالچ تا بِي نه لاهِيان،

ساڻ گولِيءَ پاڻ گَڏين.

آءُ تا ٻانهي تون تا سائين، آءٌ غريب سان ڇاهيان،

نانءُ ”سچو“ ڪري سڏين.

 

ڪافي 8

انهن جادوگر چشمن بيران ڪيو سين!

اِنهن نيڻن سندي نازن حيران ڪيو سين!

راتو ڏينهان دل کي هيءَ آهي پريشانِي،

اُنهن غَمزن ڳُجهن رمزن ديوان ڪيوسين.

هَي هَي هِيءَ فرياد وي يارو، ڪنهن کي سُڻايان،

خونِن هِن خمارن، مَستان ڪيوسين.

ميدانَ منجهه ”سَچو“ تَهه دليون آيو آهي،

اِنهن تارن سَندي تِيرن نيشان ڪيو سين.

ڪافي 9

زاريون ڪَيو زار زار، ميان،

ويٺي روئان، ٻَڙي جيڏيُون!

ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان،

ياڪِي سو ٿيڙم يارُ، ميان.

راتو ڏينهان ڳالهه اِنهيءَ جو،

جيڏيون ڙي جِيءَ کي جار، ميان.

پاتو اَٿم لَڳه پِرينءَ جي،

ڳَلِ هَنجُن جو هارُ، ميان.

عاشقن کي سوز ”سچو“ ڙي،

آهي سَدا سِينگار، ميان.

داستان ڇهون

1

آءٌ ڪانگا ڪارون، توسان ڪيان ڪيتريون؛

جو پَهچائين پيغامَ ٿو، پريان جي پارون؛

کي ”سچوءَ“ سنڀارون، ٿو ڏاها ڏهاڙي ڏئين.

2

ڪارون ڪِيئن نه ڪريانس، جو ٿو ڏئي سَنيها سَڄڻان؛

پُئي پَرَ پَکيءَ جا، ساڻ جواهِرَ جَڙيانس؛

موتين ۽ لَعلن سان، ڀينَر کنڀ ڀريانس؛

پيرين دست ڌريانس، جو آهه نياپا ڏيندڙ نِيهن جا.

3

پَکِي سوئي پَرَ، ٿو اُڏري پار پِرينءَ جي؛

خوشيءَ جِي به خَبَر، مانَ وٺِي اَچي ڪا اُوڏهون.

4

چڙهيو لامَ لَنئي، اَڄ ٿو ڪانگل قريبَ جو؛

سنِيها سَڄڻان، سي چهنب ساڻ چَئي؛

پورن منجهه پئي، ٿو ساهُ منهنجو سَرتيون.

5

چڙهيون لنئي لامَ، ٿو ٻوليون ٻاجهاريون ڪري؛

ڏئي سَنيها سَڄَڻان، ٽُريو مَٽي ٽامَ؛

ماريون ماري مامَ، جا ٿو ڏئي لِڪائي لوڪَ کَون.

6

پِريان جام پيغام، ٿو ڏئي مِڙيئي مامَ ۾؛

سَوين مُنجَن سَلامَ، جو ڏاهو ڏاهَپَ سان ڏئي.

7

ڇِپيو رهي ڇانڀين، ٿو ڏئي سنيها سَڄَڻان؛

آيل اولانڀين، ٿو ڳالهائي ڳُجهه ۾.

8

سِگهو اُڏامِي آءٌ، تون پَکَيڙا پِريَن جا؛

سڀ کنڀ ڪريان تانهنجا، ساڻ جواهر جَڙاءُ؛

عِطر کٿورِي اوتيان، ٻيا ماڻَڪ تو مَٿاءُ؛

ساري سنيهاءُ، ڪي آڻي ڏيج عجيبَ جا.

9

ماريون مان منجهِي ڪِي ٿو ٽُڙيو ٽاريءَ تي چَوي؛

سَڄڻ ڏانهن سنجهي، ڏاهو ڏکجِي آئيو.

10

آڻي ڪانگ ڏنوس، ڪو عريضو عجيب جو؛

ڀينَر سَڀ ڀنوس، ڳاريندي ڳوڙهن سان.

11

مون ڏي ڪالهه مُڪو، دلبَرَ دلاسَن جو؛

سندو رازَ رقعو، سو پڻ واچيو وهسان.

12

واچيندي وياس، هاريون پنهنجي حالَ کَون؛

نامي تنهن نِياس، پاڻ لکيو جو سَڄڻين.

13

ڪانگا ڪتابَتَ، ساري سارج ساهَ سان؛

اِها اَمانَتَ، ٻئي ڪنهن عامَ نه آڇئين.

14

کٿرريءَ ۾ کَنڀَ، لويان لاکيڻي سَڀَئِي؛

جو ڳالهيون ٻُڌي تانهِجيون، ڇَپَرؤن وهن ڇَنَڀ؛

تا پُڻ اُتي ٿَنڀَ، ويهو ٿو وايون ڪري.

15

اَڄ نه انهيءَ ڏارَ، لامين لَنوين ڪانگڙو؛

جيڪس پِريان پارَ، ڏسندي سو ڏکَ ڀَريو.

16

زاغ نه ٿيءُ زبون، ونءُ اُڏامِي اوڏهين؛

نه ته خاصو مُنهنجو خون، پوندو ڳچيءَ تانهنجي.

17

ڪاغذ قريبَن جو، اَڄ مون کي آئيو؛

ساجن ڪيو سعيو، اَچڻ جو هن پارَ ڏي.

18

لِڪو ۾ لامين، ٿو لاکِيڻو لاتيون ڪَري؛

ٽهڪندو ٽامين، ڏئي سَنيهو سَڄَڻان.

19

چڙهيو مَٿي ڇانڀَ، ايئن چوي ٿو جيڏيون؛

’ڪج سِيني ۾ سانڀَ، ساري سَنيهن جِي.‘

20

سارِي ڳالهه سَچي، ڪانگي ڪئي قريبَ جِي؛

ريهي دل رچِي، تنهن نازڪ نياپَن سان.

21

آڻيون ڏنا ڪَر، ساٿِي يارَ سَنيهڙا؛

منهنجي پارؤن پَکِيَڙا، وڃ دوسياڻي در؛

جو سِڪَ آهي مون سَر، ميان محبوبَن جِي.

22

ڏنا ڪَر آڻي، سدا سِڪَ سَنيهڙا؛

هِينئڙو مون هاڻي، آهه ”سچو“ سوداءُ ۾.

ڪافي 1

مانَ پِرينءَ پَهچائي، هِي نياپو ڪو نيئِي!

ڳچِيءَ پائي ڪپڙو، پاڄياڻي پَرچائي،

حال ڏسي وڃ هيئي.

پرين ڏسج پاڻ ڏي، چِتُ نه وڃُ مون تَون چائي،

يارَ اسان کان پيئي.

الله ڪارڻ آءُ تون سائين، ٻانهي ٿِي ٻاڏائي،

بخش اسان کي پيئي.

اوهان ٻاجهون سُپرين، ويٺي سو ورهَ وسائي.

ڪانگ اڏائي ڪيئي.

در اوهان جي جو دلبر سائين، ”سچو، ٿو سگ سڏائي،

ٻَڌِي ٻانهُون ٻيئِي.

 

ڪافي 2

هِنيون هوتَن هٿ آهي آهي،

ڪيرُ چوي تا ناهي ناهي!

فَهمُ فراستَ، عقل ارادتَ، نيهَن بِنا ناهِي ناهي.

مست ٿيا مخمور اٿاهِين، ڪَل نه پَئِي ڪنهن ڏاهي ڏاهي.

ڏوڙا طالِعَ ٿين اُنهن جا، يارُ جنهِان نون چاهي چاهي.

وس مِڙيوئِي يارَ سَڄَڻ جو، هيءَ نماڻي ڇاهي ڇاهي.

سَگَ سِياپو يارَ سَڄَڻ سان، ڪير ”سچيڏنا“ ساهي ساهي!

 

ڪافي 3

آءٌ اسان وٽِ يارَ تون آهي هِت اَسان جو حالُ هِي!

اُٻاڻڪو آهِيان گهڻو توريءَ پِرين پرديسَ ۾،

آءُ مِڙيوئِي، معلومُ ڪر، عاشق سَندو اَحوالُ هِي.

آههِ اوسيڙو اوهان جو، شب روز اکڙين ۾ ميان،

جانِي سَندءَ مون جاڳندي، آهه خواب ۾ به خيالُ هِي.

دوست تُنهنجي درَ اُتي، دونهين وجهي ويهِي رهان،

منهن ڏيکارج محب مون کي، نه ته آهه ويهڻ هت وبال هِي.

درد مُند جي درپيهِي، آءٌ دوستَ دل خوشحال ڪَر،

صدقي ڪريان سِرُ ساهَ سان، ڇا مِلڪ ۽ ٻيو مالُ هِي.

ويٺي نِهاريان واٽَڙِي، تنهنجي اَچڻَ جي لئه ميان،

لَههُ سُڌِ سَنديَم ساجن اچي، نه ته آهه جِيڻ جنجال هي.

پاڻون پَري نه ڪريو مون کي، ڪي وستَ دلداريون ڏيو،

هوءِ تون سُدائِين ساڻ مون، آهي ”سچوءَ“ جو سوالُ هِي.

 

ڪافي 4

آيو مُنهنجي گهر يار،

جنهن جي ڪارڻ مون ٿي ساٿي سَنڀايا!

در پيهي مون آئيو، اڄ دوست مِٺو دلدار.

سوئِي گڏيو سُپرين، هو جنهن جو جيءَ کي جار.

بالڪل ڪيائون پانهنجو، ڏنائون قول قرار.

معاف ڪيائون مِهَر سان، مون تي هُئون ميار.

”سچو“ سرهائِيءَ ۾، ڇڏ روئڻ زارو زارُ.

 

ڪافي 5

راتِ پِرينءَ ڪاٿي پيئِي، اڙي ساٿِي سُڌ ڏيجو!

پُڄاڻان پِرينءَ جي، حالُ اَسان هِت هيئِي،

ساڻُ ٿَڪيءَ هِڪ ٿيجو!

پَسَڻ ڪارڻ پرينءَ جي، ڪانگ اُڏايم ڪيئي،

نالِ وٺي هيءَ نيجُو!

عرضو آرياڻيءَ کي، نانءَ ڌڻيءَ هِي نيئِي،

ٻانهون ٻَڌِي چڱيان چيجو!

”سچو“ پاران ساٿيو، کين ڏوراپا ڏيئي،

پيرين پانڌيو وڃي پيجو!

 

ڪافي 6

دوست دلاسا ڏيئِي، ڏک ڏوڙو ورِي ڏيندئِي!

متان ويهين ماٺ ڪري، يار سَڄَڻ سان تو پيئِي،

ساڻ نيڻن دل نيندئِي.

مون تا ڏٺا ڪيترا، مارياسي ڪَجلين ڪيئِي،

اَڄ صبح تو وٽ اِيندئِي.

”سچو“ آڏو سَڄڻان، ٻانهون ٻڌي آءُ ٻيئي،

سڀُ بديون بخشيندئِي.

 

ڪافي 7

هِيئن مَ وڃُ تون ماريون، هوتَ نماڻيءَ کي، ميان!

سِڪ تُنهنجيءَ سُپرين، ڪوڪان هِن ڪي ڪاريون!

پِرين پَري ڇو وڃين، ٻارڻ دل ۾ ٻاريون؟

ٻاجَهه ٻاروچا تو پوي، سُڻِي ضعيف جون زرايون.

جايون ساري جيءَ ۾، ورهه اَوهان جي واريون.

ميان مشتاقن جون، سَههُ آرياڻِي آريون.

سک اُتي ٿيو سُپرين، ڏک هِتي ڏيهاڙيون.

راتو ڏيهان ٿو روئي، ”سچو“ توکي ساريون.

 

ڪافي 8

سَڄَڻَ تُنهنجو بِرهه باري، اَسان جِي ساڻ تو ياري،

آءُ تا ٻانهِي تون تا سائِين، ٻڌي ٻانهان ڪِيم زاري.

 

اَچانڪ لَنئه جاتو لائي، پئِي تا ڪَلَ نه مون ڪائِي،

وڻيئي جائِي ڪَيئِي سائِي، پاتِي سُون ڳل ڳچيءَ ڳاري.

 

وڌو سين طلبَ ۾ توئِي، نه هو هِت حال مون ڪوئِي،

چوان هِي حال ڪنهن روئي، معلوم آهي تو کي ساري.

 

اَلانڀِيون عشقَ جي لايون، ويون وسري سَڀئِي وايون،

اسان جي طرف ڏي آيون، ڪئِي سڀ لوڪَ بيزاري.

 

لِکان ڪيئن ڳالهه هِن دمَ جي، ڏاڍي آهي راهَ هِن غم جِي،

ملامَتَ ڪُل عالم جِي، اَسان تا اَصل اِختياري.

 

”سچو“ ڪَر سَوَ شڪرانا، پُڇي تا بِرهُ بيگانا!

توڙي هِت سي ٿيا ديوانا، مليو سين دوست هِڪواري.

 

ڪافي 9

يارَ مرشد تنهنجون ديدان،

مشتاقن کي مارنِ ٿِيون!

ڇڪي ته هَڻن ٿيون ڇوهَ منجهاران،

ڪانُ بٿيءَ جو بَڇائن ٿيون.

ڏسڻ سان ڏور وجهن ٿيون،

دام دلينِ جو دٻائن ٿيون.

شهبازن جان ڪَرن ستونا.

گهورَ اُنهيءَ سان گهائِن ٿيون.

جاڏي چَڙهن تاڏي بِرهه بُراقان،

پير رڪيب نه پائن ٿيون.

”سچوءَ“ جهڙا سَوين هزارين،

ڪي ئِي ڪُرنش منجهه ڪنبائن ٿيون.

داستان ستون

1

چڙهيو سَر ڇانڀين، لَنوين جي لاتيون ڪري.

ته ’سنيها سانڀين، جي تا مُڪَئي سَڄڻان‘.

2

ٽڪيو تي ٽارِيءَ، لَنوين جي لاتيون ڪري؛

ڏئي سان زاريءَ، اُڀي سنيها سَڄڻان.

3

پار انڀا پويون، وجهي ڳوري ڳچيءَ ڪانگ جي؛

ڪڍي آبُ اکين مان، نيهين نِچويون؛

لڙڪن سان لويون، ٿي هئين لائيس هٿڙا.

4

چڙهيو ڏار ڏئي، سنيها جي سڄڻان؛

ٿو ڄَڻ روح رڳُن مَون، نياپن ساڻ نِئي؛

جثو جاءَ ٿئي، سڻين پارانڀا پِرينءَ جا.

5

اَڄ ڪانگَل آيو، ماٺ ڪندي مونجهه مَون؛

سو تا منهنجي ساهَ کي، سرتيون سيبايو؛

هيڏي هَلايو، اڄُ محبوبن مِهر سان.

6

اَڄ ڪانگا چئه ڪِيئن، سَرها ڏٺئِي سُپرين؟

حالَ اسان هِت هِهڙا، ڪِي هُت ڀِي هُئا هِيئن!

جهامَ ڏئي جهُڙ جِيئن، تِيئن ٿِي اوتَ اکين جِي.

7

ڏاها ٿيءُ نه ڏورِ، ويههُ مون کي ٿي ويجهڙو؛

ڪر ڪالهوڪِي ڳالهڙِي، جان هُئين رات حضور؛

دوستَ اڳين دستور، ڪِي تعظيمان توکي ڏنيون؟

8

زاغ زبانون ڪڍي، اِهائِي وائِي؛

’پِريان سندي پار جِي، آهه توکي وڌائي؛

’پڇي حقيقت حالَ جِي، هُت ساجن سَڀائِي؛

’ته ڪِي عاشق خوش اسان جو، ڪَل ڏئين ڪائِي!‘

مون سان بيحد ڀلائِي، ڪَئي پرينءَ پارؤن تانهنجي.

9

الله لڳ اُڏام، تون موٽي محبوبن ڏي؛

وڃِي ڏيج پِرينءَ کي، اِهو پاڄِيءَ جو پيغام؛

ڪريِ قدمن تي پَئي، سَوَ لَک ڏيج سلامَ؛

آهي اوهان ريءَ سپرين، هِت مِڙيوئِي ماتام؛

’اَچڻ جو اَنجام، ڪَر سِگهو طرف ”سچوءَ“ جي‘.

10

نا ته مرِي ويندو هيءُ، الله لڳ اَچيج تون؛

تو تَون آهي هِن جو، جانِي صدقي جيءُ؛

لاههِ فراق فقير کَون، والِي ويجهو ٿيءُ؛

تون پڻ ان جو ٿيءُ، جو نوڪر تنهنجي نانوَ جو.

11

سَڀئِي ڏيج ساري، سنيها کي سَڄَڻان،

’اَوهان ٻاجهون سُپرين، هُت گوندرَ گَذاري؛

’گهَڙِي نا گهاري، ميان محبوبن ري‘.

12

پُکِي سوئي پَرَ، اَڄ اُڏاڻو اوڏهِين؛

رسيو وڃي اُتهين، سو پانڌي منجهه پَهَر؛

آڏو عجيبن جي، ڪيائين سڀ خَبَر؛

’هُت عاشِقَ کي اَوهان بنا، هِنيڙي منجهه حَشَر؛

’ٿو اوتي اکڙين مَون، باراني بَحَر؛

’هاڻي ڏيو دلاسو دلبر، متان عاشق اُت مَري وڃي‘.

13

ڏار چڙهيو ڏاهو، ٿو ڏئيم دلاسا دل کي،

ته ’صبح سانباهو، هو اَچڻ جو عجيبَ کي.‘

14

پکيڙا پُويانءِ، لَڙهان موتين سَنديُون؛

آءٌ اُڏامِي اوڏڙو، تا جهوليءَ ۾ جهوليانءِ؛

سَڀَئي کنڀ کٿوريءَ ۾، لاکيڻان لويانءِ؛

پوءِ سارو سَمهويانءِ، هِڪ هِڪ ڪري هَٿَن سان.

ڪافي 1

آيا ڏٺوَ، آيا ڏٺَو، چئه ڪي پانڌِي آيا!

پِرينءَ کي هِن پارَ ڏي، سَلِ ڪي ساٿِي سَعيا!

طرف اسان جي ڪَُهُه ڙي ڪانگَلَ، ها روح سندن جا رايا!

وري سگهو ميان ونءُ اوڏاهين، جو سُورن اَسين ستايا.

”سچو“ ساري مِيان گهڻو سَنڀارَ، سَڄَڻ ڀِي ڪي ئي سِڪليا.

 

ڪافي 2

چَشمن يارَ جي مون تي، چئه جا چوٽَ چلائي!

درد مندن جِي دل اَچانڪ، آڻي عشق آڙائِي.

اَسان نماڻن تي روز ازل کَون، چَؤ، تَنهن جي حُسن هلائي.

ٻِنهي اکڙين سيف ستم جِي، چَو جا آڻي چمڪائِي.

بَڙڇِي بِرهَ جِي سِيني اندر، ”سچو“ هِن خيالُ کُپائِي.

ڪافي 3

منهنجي زاري زاري، سُهڻا سائين تو سان!

معلوم توکي ڳالهه اسان جي

يار سڄَڻ سا ساري ساري.

هِيءَ تا هيڻِي واءُ وهيڻِي،

بِره اوهان جو باري باري.

دوستَ هِئين ۾ يار سمائين،

گهوٽَ نه وجهج گهارِي گهاري.

اَصلَ لاڪون آهي اوهان سان،

يار اسان جِي ياري ياري.

طرفون تنهنجي يارَ ”سچوءَ“ کي،

آهه ڳچيءَ ۾ ڳاري ڳاري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org