سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :28

ڪافي 17

منهنجو هِنئڙو وڃي پيو، پرينءَ جي پار، وو!

سپيريان ڏي سرتيون، مون کي نِيهڙي نيو.

ڳُڻين ڳالهيين يارَ سَڄَڻ جي، سوگهو ساه ڪِيو.

پاڻون پائي اڱڻ اَسان جي، لالن شال لِيو.

جَڙ لڳي هُيوَ جيڏيون، ته ڪِيئن مون ڏوه ڏيو؟

سُپيران جي سِڪَ ۾، مون سان ٻيلي ڪونَه ٻيو.

سگُ سڄڻ سان سگ ”سچوءَ“ جو، جيڏيون جيءُ ٿيو.

 

ڪافي 18

دل جا دلبر يار، سگهو سگهو اِيندو رهين!

اسان نماڻن جي نانءَ سائينءَ جي، لهين تون سار سنڀارَ.

پار اوهان جي ڪيئي مڪاسين، قاصد سَوَ هزار.

اوهان ٻاجهون يار پيارا، اَچن ٿا اُوٽار.

سي تون پاڙج پرين پانهنجا، ڪَيَو جي قول قرار.

هوءَ جا هيِڙي مٿي منهنجي تي، ڪرين سا معاف ميار.

”سچو“ اوهان لئه يار سياڻا، روئي سو زارون زار.

ڪافي 19

پڇو نه منهنجڙي ذات، جوئي آهيان سوئي آهيان!

اچڻ اَسان جو ٿيو اَتاهين، جاتي ڏينهن نه رات.

ظاهر آههِ زبانون منهنجي، ”الاقرب“ سندءِ ڪلمات.

”سچو“ سِر سهِي ڪري پنهنجو، عشق منجهون عشقات.

 

ڪافي 20

مڙس ٿي منصور چئه، نه ته ڪيم چئه منصور هان،

منصور جي منزل اتي، ڏاڍا تماچا تهمتان.

.

سگهه نه جي ساري سگهين، منهن رکين تنهن تي متان.

ڇو ڇوڪراڻيءَ ۾ پئِي، رانديون روين راتو ڏيهان.

احوال سڀ اسرار جو، سائين عشق کي آهي عيان.

ٺَڙڪو ٺڳيءَ ۽ ٺاه جو، ناحق ڪرين ٿو ناتوان.

هِن کي چيو هُن کي چوين، ”آهيان لاهوتي لاطمع“!

منصور جي تنهن ملڪ تي، آهن سدا نوڪان نوان.

سُڻ ”سچو“ تون سمجهه رک، توکي چڱائي ٿو چوان.

 

ڪافي 21

وهيان وساريان ڪيئن، جيڏيون جي لنءُ لائي ويا!

گهوري ڇڏيم هي گهر جايون، بره بهيران پٺيءَ لايون،

پير نه پوءَ ورايان، وري سنڀاريان ڪيئن؟

شهر ڀنڀور کان ٿيم آزادي، ڪيچ ويندي ئي ڏٺم شادي،

تنهن سان نينهن نباهيان، پوءِ نهاريان ڪيئن.

ٿي ئي منهنجي دلڙي ديواني، محبت ڪيڙيس آءُ مستاني،

در در ڦيريون پايان، هت گذاريان ڪيئن؟

پور پِرينءَ جي ڪئي پڌرائي، اوڙي پاڙي وڇٽي وائي،

ڇاکي عِشق ڇپايان، هُڻ گهر گهاريان ڪيئن.

ڪيچيڙن جي ڪم اَچان جي، رنگ- ڀَريَن جي رنگ رچان جي،

”سچو“ ري ڳُڻ ڳايان، هي سرُ واريان ڪيئن.

 

ڪافي 22

اوهين پنهنجو پاڻ آهيو- ننگَ نباهڻ وارا!

هيِءَ نماڻي عيبَن هاڻي، هٿ مَٿئون مون نه لاهيو،

- نيڻ وهايائِن نارا.

عاشق سندوَ آهن اُداسي، چاه منجهون سي چاهيو،

- جي وره ڪيا ويچارا.

ميلائي جو مشتاقن سان، ٺاهه ڪو سِگهڙو ٺاهيو،

- مَر تا ڪرن نظارا.

اصل لاڪون آهن اوهان تي، پاڻ پِرين نباهيو،

- ڪَم ”سچوءَ“ جا سارا.

 

ڪافي 23

ٿي تون رهبر راهي، پِريان سندي پار ڏي.

ڏيهه انهيءَ جي ساٿي تون سگهڙي، آءُ لهي آگاهي.

تِر نه هڪڙو ترس اِتاهين، والي آهي تنهنجو واهي.

هِن نماڻيءَ سان نانءَ سائينءَ جي، ڪرين تون هيءَ همراهي.

درد اسان جي جِي اڳيان دوستن، ڏيندا هي نيڻ گواهي.

يار مسافر سگهو ”سچوءَ“ سان، آڻي تون ميڙِ اِلاهي.

 

ڪافي 24

جاني جدائيءَ ماريو، ڏينهن ڏهلاسي گهوريا!

اَصل لاڪون آهيان اوهان جي، ويچاريءَ نه وساريو.

نانءَ سائينءَ جي اسان نماڻن سان، اَچي سو گڏ گذاريو.

مشتاقن ڏي مهر پئي تا، کڻي نيڻ نهاريو.

پري نه پاڻَؤن يار ڪريجو، پنهنجِيءَ وَتِ ويهاريو.

سَگ ”سچوءَ“ آهي در تنهنجي جو، پنهنجي سوڪَڍ قطاريو.

 

ڪافي 25

ٿورا ڪيڏا مون سان لايا، يار سانگِيڙي، ميان!

جيئن چيوسي تيئن مڃيائون، موٽي نه تن موٽايا.

چُپ چپاتي ويڙهي اسان جي، اَڄ اَچانڪ آيا.

دل سان لايم هو جي دلبر، سچا سخن فرمايا.

ڏکن سکن ڏي ڪين ڏٺائون، توڻي عاشقَ ٿي آزمايا.

”سچو“ هئاسي اُداسي جَن لئه، سي موليٰ محب ملايا.

 

ڪافي 26

اڄ جو جوڳي آيو، نانءُ تَنهن جو نه ٿي ڄاڻان!

سر جهٽائون جوڳن وارين، لڱين تنهن بسمو لايو.

ذري جوڳي، ذري سنياسي، تنهن ساميءَ نانءُ سڏايو،

ذات اِنهيءَ جي نه ٿي سڃاڻان، ڇندين پاڻ ڇُپايو.

ڪڏهن نه ڏٺم ڏيهه اِنهيءَ ۾، موليٰ سو آڻي مِلايو.

ڏسڻ سان تنهن جوڳيءَ جي، مون ڏاڍو پور پرايو.

سيرين بازارين گِهڻ گِهڻ گهنگهرو، ڇَم ڇَم تنهن ڇَمڪايو.

سوئِي ساڳيو رانجهَنُ هُيَڙو، ”سچوءَ“ سِر سُڻايو.

ڪافي 27

هُتَئون هَلِي هِت آئين

ڪَرڻ واپار ڙي وڻجار!

وچ بازار جي چوسُولَ وچ ۾، پِڙِي پِرت جي پائين.

شاهَ پنهنجي سان وعدو جو ڪَيڙِءِ، ڏينهن سمجهي چت لائين.

شاهوڪاريءَ جي ڪوٺي جا پاتَئي، سا ويهج ڪِيمَ وَسائين.

وڻج وره جو ٿئي موتي لعَلان، ٻي گهور سا ڪِيمَ گهُمائين.

سودو سَچَ جو آهي ”سچو“ هِي، ڪوڙَ ڪَنگڻ ڪَچ کائين.

 

ڪافي 28

حُج ڦِٽِي ڪِيَم هَاڻي، ماريس تنهنجي ماڻي،

الله ڄاڻي!

تنهن ڏينهن لاڪُون يار اَوهان سان، لايو نِيهُن هِن نماڻي،

الله ڄاڻي!

ويٺي ڏسان واٽ اوهان جِي، آءُ ڀَلا هِن ڀاڻي،

الله ڄاڻي!

جيهي تيهِي آهيان اوهان جي، سائين تون پاڻَ سڃاڻي،

الله ڄاڻي!

راتيان ڏينهان يار سَڄَڻ مِيان، تَن توئي ڏي تاڻِي،

الله ڄاڻي!

ڏوڙا طالع ٿِيَن ”سَچوءَ“ جا، الله جي توکي آڻِي،

الله ڄاڻي!

ڪافي 29

حال اَچي ڏس هاڻي، وَهي ٿو پنبڻيئون پاڻي،

پاڻَ ڄاڻين.

آءُ ڪنيزڪ مُلهه خريدڻ، سائين تون پاڻُ سُڃاڻين،

پاڻَ ڄاڻين!

سُڌ لَهج تون سِگهَڙِي تنهن جي، جاني ڪَيَو جوڳياڻِي،

پاڻ ڄاڻين!

ڏيئِي ڏيکاري پاڻ ڇُپايُوَ، ڀلي اَها توکي ڀاڻِي،

پاڻ ڄاڻين!

روز ازل کون درَ تنهنجي تي، والِيءَ سا هِيءَ وڪاڻي،

پاڻي ڄاڻِ!

سيني اندر يارَ ”سَچوءَ“ جي، سِڪ سَندءِ ساماڻي،

پاڻَ ڄاڻين!

 

ڪافي 30

مُلڪَ جا مالڪ ٻيا هِن، تون وِچَون بيٺين بَڻِي؛

هِي ڪَنهِن هِن حالَ ۾، توکي وڌو هَستِيءَ هَڻِي.

سير لِلِه، سير بالله، سير مون الله گهر؛

سير في الله لاههِ تون، خود کون وڃي مَنزل کڻِي.

هِي جِيَڻ آهه عاريت، جن جو آهي تن کي وڻي؛

ڪَڍ وچَون تون پاڻ کي، اَندر ٻاهر آهي ڌڻي.

آهين امانت ٻِيَن جي، تون آهين ڪاٿي ڪِينڪي،

سِرُ هِيءُ سارو سهي ڪَر، ’هڪ ٻه ٽي‘ ڇو ٿو ڳڻين؟

انسان جو اولو ڪَري، سَؤ رَنگَ ڪَرين سَنسَارَ ۾،

ساهه کي هِيءَ ڳالهڙي، وَهَ واه جا ”سَچُو“ وَڻِي.

ڪافي 31

ڪم نه عاشِقَ سو ڪرين، جنَهن ۾ تنهنجِي تعريف ٿئي،

کَڻُ ملامت ڪا مٿي، مَرُ ڏيہ تو طعنا ڏئي.

بِرهَ ۾ بَدنام ٿيءُ، ٻيو ڪِين ٿئي ڪَسبَن ڪِئي،

عشق جي درياه جي، ڇولِي ڇِڪي مَرُ تو نِئي.

پوءِ تا ساري خبر دوست جي هِنَ پَنڌَ پئي،

راه گم ڪر پانهنجي، وَئون وکَ نه ڪنهِن ٻَهڳَڻَ ٻئي.

ڀڃ حِجابان پڌرو پَئه، لوٺيو توکي ڪهڙي لِئي،

ڇا ٿيندو پوءِ تا ”سَچُو“، هَي هَي اِنهيءَ وره وئي.

ڪافي 32

سَل ڙي سوداگرَ، تون تا آئين وَٺِي هِتِ سودو ڪهڙو؟

هُتَئون آڻي هِت ڪِيئن لڪايئه، کڻي مُشڪَ عطرَ؟

هوڪو هِت ٻيو ڪيهو گهُمايئه، ڪَري تا گُم گوهَرَ؟

هِهڙي جوهَرَ جي هِتي، ڪَنهِن سان نه ڪَيئَه ڪا خَبَر.

پنهنجي اڳيون ڪَيئه مِڙيوئِي، سارو مُلڪ مَشهر.

ڇاکَون تو تا شاه ڇُپائِي، هِيئن سا هَٿَ مُهر.

لکِي ڏنا تو ڪيترا، مُلَن کي مَحضَر.

لعلان لکين ڪيون پڌريون، ”سچو“ وي سَروَرَ.

 

ڪافي 33

ڪيهي ڪَريان مهماني، يارُ اَگڻ منهنجي آيو!

دوست گڏيو دلجاءِ ٿي، هينئڙي لٿي حيراني.

هن وَڙَ لائق هوسِ نه آءٌ، محبَ ڪَئي مهرباني.

مشڪل جا هُئي ڳالهه اسان کي، اُها ڪَيَئون آساني.

فضل ڪرم سان پاڻ بخشيائون، ”سچوءَ“ کي سُلطاني.

ڪافي 34

نه مان مريد نه مان پير، ساري فقرَ جو فقير.

نه مان حاڪم، نه مان ظالم، آهيان اَمُن جو امير.

نه مان طاعَتَ نه مان تقويٰ، آهيان ورهَ جو وزير.

نه مان گهُمڻ نه مان گهَتڻ، آهيان عِشق جو اسير.

نه مان ڪُڇَڻ نه مان پُڇَڻُ، آهيان دوست لئه دلگِير.

”سَچوءَ“ ٻَڌ محڪم سِرَ تي، محبت جو مَنديرُ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org