سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :30

ڪافي 77

ڇاکي ڏونگر ڏوريان، مَن وسي يار مُنهنجو!

پرين آهي پاڻ سان، تَڪَ ٻئا ڇو توريان؟

راتو ڏينهان روح ۾، آرياڻي ٿي اوريان.

سَڀ ڪنهن پارين سُپرين، آءُ گهَڻوئي گهُوريان.

هوتَ هميشه حاضري، وندر ڪنهن لڳه ووڙيان؟

”سچو“ سچي ڳالهڙي، چِت اِهائي چوريان.

 

ڪافي 78

هوت اَچي هَٿ ڏيندو، ڀَلو جيڏيون، مون هِن نماڻيءَ کي!

پِرين وڙئون پانهنجي، ڇَپر تا  نه ڇڏيندو.

ڏسندو اکڙين سان، نال نماڻيِ نيندو.

پاڻَون پاسي نه ڪري، گولِي ساڻ گڏيندو.

پانڌن پچارون ڪيون، آرياڻي اَڄُ ايندو.

اَڱڻ آسَروند جي ، پَکا پاڻ اَڏيندو.

ڪيچن سندو قافلو، لوئَون تا نه لڏيندو.

ساجن سَنگت پانهنجيءَ، ”سچو“ شالَ سڏيندو.

 

ڪافي 79

ڪيچ منهجڙو ڪَم، ني، آهي، ڀلو ڀينر ڙي!

ويا ڪيچيڙا نڪري، گوليءَ ڏيئي غم، ني.

دعا ڪريجو جيڏيون، جانِيءَ ٿيان جَم، ني.

ڪنهين ڇِنَ نه ڇڏيان، دوستيءَ وارو دم، ني.

قيامَت تائين ڪينڪي، ٿيندي طلب تَم، ني.

پير نه ڇڏيان پرينءَ جو، توڙي ٿئي چيهاڙيون چَم، ني.

جهُڙ نه ڀائنجو جيڏيون، اِهو اکين جو اَگمُ، ني.

سِڪئون ”سچو“ پِرين ڏي، راتو ڏينهان رم، ني.

 

ڪافي 80

توکي جاني نه جڳائي ٿو، رُسَڻ نماڻين سان!

جيهي تيهِي تانهنجي، آءُ اصلَ کَون آهيان،

اوهان جي تا اَچڻ جو، اَسَررَ هَڏِ نه لاهيان.

سِرَ تي نيهنُن فراقَ جا، هي مينهڙا وسائي ٿو.

پَري ڪر نه پاڻ کَون، ڏي دلبَر دلاسو،

تورِيءَ سُجهي ڪونڪو، مون کي پِرين ٻيو پاسو،

جيهي تيهي اَصل کَون، هيءَ سَندَو سڏائي ٿو.

سکن مٿي ڏکَڙا، ٿي محب مَٽايان،

غم خوشيءَ کان اَڳرو، آءٌ ڀليڙو ڀايان،

مُنهن مُقابل تانهجي، اهو گوندر گڏائي ٿو.

اَڱڻ نماڻِيءَ جي تون، اَچِج الله ڪاڻ،

هيڪر هوتَ ڪَريج تون، ڀيرو منهنجي ڀاڻ،

سوز تنهنجو سُپرين، هِت سانولَ سِجائي ٿو.

وٺي ويٺِي آهي اهو وعدو ويچاري،

ڳچيءَ پائي ڪپڙو، هيءَ ڪري ٿي زاري،

”سچو“ سگ اوهان جو، هِتِ پانڌي پُڇائي ٿو.

 

ڪافي 81

خبر ڪا مون ڏيو ساٿيو، سائين، عجيبن جي اَچڻ جِي!

ڪيچيڙن جو قافلو، وچينءَ رات ويو.

اِئين نه ڇڏيو ڇَپَرين، هيءَ تا نال نِيو.

توڙي وِره وهايو، ڪنديس ڪونه ٻيو.

وندر سنديءَ واٽ تي، مون صدقي سِرُ ڪيو.

ڇڏ ساها سنبر، ”سچو“ ڙي، جي تو پور پيو.

ڪافي 82

جاني تو نه جڳائي، رُسَڻ نِماڻِيءَ سان!

دوست اوهان جي دَرَ تي، ويٺي وره وسائي.

ٻاهر ٻانهِي تانهنجي، سانولَ هيءَ سڏائي.

اَچڻ لاءِ اوهان جي، پانڌي روز پُڇائي.

فالان فلَڪ فراق جون، وو، وَريتِن کان وجهائي.

سُوال ”سچوءَ“ جو سپرين، عجز ساڻ اَگهائي.

 

ڪافي 83

کنيو نيڻَ نِهار، ڙي ميان، ڀلو منهنجا يار ڙي ميان!

مون مَنُ گڏي گوندرين، ٿئين ڪيچ قرار.

ڏکيا سُکيا ڏينهڙا، گڏ غريب گذار.

دلبر پنهنجي دل کَون، ويچارِي نه وسار.

منهن نه مون ٻئي پارَ ڏي، پنهنجي ڪَڍ قطار.

”سچو“ آهين اسان جو، هنجون هَڏ نه هار!“

ڪافي 84

سِڪَ هُئي جنهن جي سِر، وو، دوست آيو اسان جي در!

پِرين وَڙَئون پانهنجي، ڪَئي ويچاريءَ ڏي ور.

هيءُ سِرُ ڪريان صدقي، گهوٽ اچي مون گهَر.

ڏٺم هِن اَکين سا، پِرين موچاريءَ پَرِ.

جاءِ ڪيائون جيءَ ۾، ٺَهر يا هَڏ نه ٺَرِ.

قُربَ ڪارڻ سُڻ ”سچو“ ري، ڪوشش ڪائي ڪَرِ.

 

ڪافي 85

ڏنو هِي پانڌيءَ پيغام: ”تنهنجي اَڱڻ اَڄ يار اَچي ٿو!

عاشق عجيبن جو، توکي سَوَ لک آهي سَلام.

سڀ قبوليو سُپرينءَ، جيڪو ڪَيُوَ ڪلام

پڪو آهي پِرينءَ جو، تو سان اَڄُ اَنجام

روءُ نه رت اَکين مَون، عاشقَ ڪر آرام.

سچو“ گڏجن، پوءِ ڀي، آهِ نه طَلب تمام.

 

ڪافي 86

هوتَ پارئون مون کي هاڻي، ڏنا نِينهن نياپا هي.

هٿئون پَئي پانهنجي ميان، عذر ٻيا ڪيها آڻي.

اوتين ڪهڙيءَ ڳالهه کَون، پِنبِڻين مَون پاڻي.

ويٺينءَ ڪيئن ڀنڀورَ ۾، سُورَ هئُئِي جي ساڻِي.

”سچو“ توکي ساهَ کَون، آهي اوڏو آرياڻِي.

 

ڪافي 87

ڪيچَؤن آيم ڪالهه، سي تاسُڻو سَنيها!

ڳالهيون ڪندي گذريئِي، سوَ راتيون توکي سالَ.

اَڪنڊ اسان ڏي ڪانه تو، ڏينهن اِتي جاليئي جال.

ڪنهن جي ڪارڻ تو ڪيا، لَڪَ روئِي سڀ لالَ!

ڪيَئي نه قطري جيتري، ساعت هِڪ سنڀالَ!

ٻُڌي ڏوراپا مون ٿيو، جيَڻ منجهه جنجالَ.

جن لَئي ڏونگر ڏوريان، تن ڀِي هِهڙا حالَ.

سي سڀ تنهنجا اگهيا، جي ڪيئ ڪالَ ڪشالَ.

ٻڌندو ٻاروچو وري، ”سچوءَ“ جا ڀي سوالَ.

 

ڪافي 88

مون ڪَر تا ڪِين پُڇيائون، هاڻي ڪانگل ڪَلَ ڪاڏي!

ڏوٺَ ڏوراپا وو ڪيترا، ميان اَلا، سي سخت مڪائون،

- هِت حالَ اسان جي هي.

سگها ايندا وو سُپرين، ميان اَلا، ڪي تاپاڻ اتيائون،

- جڏو جيءُ جيارن جي.

ڏاها ڏيهه وو پِرين جي، ميان اَلا، آهيان اٻاڻڪو آئون،

- مهنجو هِي نياپو نِي.

طعنا طرفَون وو تانهنجي، ميان الا، هِن ڏکيءَ کي ڏنائون،

- سائين سڀ قبوليِم سي.

سي نه وِسارج سُپرين، ميان الا، سڻ ”سَچوءَ“ سَمجهائون،

- اَهي قولَ ڪيا هي ڪِي.

 

ڪافي 89

يار منهنجو يار، ڪَئِي ڪَئِي صورتَ سير ڪَري ٿو!

ڪاٿئين ٻُڍڙو پير ٿيو، ڪاٿئين ٻولي ٻار.

ڪاٿئين بيراڳي ڦِري، ڪاٿَئين ڪَيُس قرارُ.

ڪاٿئين وظيفن ۾، ڪاٿئين خم خمار.

ڪاٿئين آهي بادشاه، ڪاٿئين چوبدار.

ڪاٿئين پيرين پنڌ ڪري، ڪاٿئين گهوڙي جو هسوار.

ڪاٿئين ’اَحد‘ ٿيو ’اَحمد‘ ’ڪاٿئين‘ ’عبدَالحق‘ اظهار.

آهي دلَبَر دوست جو، ”سَچُو“ سَڀ سِينگارُ.

 

 ڪافي 90

ڳالهه ڪَريان آءٌ ڪيهي، حالَ پنهنجي جي، ڙِي جيڏيون!

ڪالهه ڪالهوڻي سُپرين، ويا وٽَئون مُون ويهِي.

ڇڏي شهر ڀنڀور کي، ويا پهاڙين پيهِي.

ڪري پريشان ويا، درد منديءَ جي ديهِي.

آءٌ اُنهن جِي آهيان، جيهِي جي تيهِي.

مارڻ پوءِ جيارڻ، رَسمَ اَنهن جِي ايهِي.

”سچو“ سوز فراق جا، بارَ کڻن ڪي نِيهِي.

 

ڪافي 91

هوتَ ڏَهون هاڻي آيُون، مون ڏي خوشخبران هي!

اَچِي اَڏيون ٿا اوڏڙيون، جارِ اوهانجڙي جايون.

ڇڏي شهر ڀنڀور کي، پير وري اِيڏي پايون.

ٿيون جِيارن جيڏيون، اِهي ويچاريءَ کي وايون.

”سَچوءَ“ سَنديون دانهڙيون، دوستَ وري وَرنايُون.

 

ڪافي 92

هوتَ اوهان تي آءَ، ميان، سارو نَنگُ نِماڻيءَ جو!

سائينءَ ڪارڻ سُپرين، پير اڱڻ منهنجي پاءِ، ميان.

پِرين وَڙَئون پانهنجي، لَئُن نماڻِيءَ سان لاءِ، ميان.

ماڻهو شهر ڀنڀور جا، ساهَ نهَ اَچَن ساءِ، ميان.

ڏسندين آءٌ اکڙين سان، جانبَ تنهنجِڙي جاءِ، ميان.

ڪاريءِ ڳَڻن تانهنجي، ”سَچوءَ“ کي هاءِ هاءِ، ميان.

ڪافي 93

هوت اَچَڻ جِي ڪا ڪَرِ ميان: پانڌي روز پُڇايان ٿي!

راتو ڏينهان روحَ کي، سِڪَ اَوهانجِڙي سَرِ، ميان-

تو لئه هِت ڪانگ اَڏايان ٿي.

سِر توئِي تَون صدقي، گهوٽَ اچين جي گهَرِ، ميان-

گهوُريو پاڻُ گهُمايان ٿي.

اينديس اَهڙي حالَ سان، دوستَ اَوهانجڙي دَرِ، ميان-

ڳچيءَ پَلئه پايان ٿي.

پِرين پارئون تانهنجي، ٿِي ويچاريءَ جِي وَرِ، ميان-

ويٺي ڏکَ وسايان ٿي.

سارو مطلب مون ٿئي، پِرين اَچي ڪنهَنِ پَرِ، ميان-

هِت پوٿيون پٽايان ٿي.

”سَچوءَ“ اُتي سپرين، دست مُبارڪُ ڌَرِ، ميان-

سنَديوَ يار سَڏايان ٿي.

ڪافي 94

هِنيڙي ڳالهيون ياد، آريءَ ٻاروچي جيون!

ويا ويساهي نِڪري، عشق ڏيئي اِمداد.

ڀينر ٻاجهون جيڏيُون، عُمر مِڙيئي بَرباد.

دردمندن جِي دلڙي، شالَ ڪندا سي شاد.

”سَچوءَ“ سَندي سَرتيون، پُنِي سَڀ مُراد.

 

ڪافي 95

آءٌ ڪوهيارلَ ڪائِين، وري ويڙهو وسائج، ميان!

ٻانهون ٻانهَن جان ٻڌي، ميان الا، پاند ڳچيءَ ۾ ٿي پائين-

مون تَؤن چت نه چائج، ميان.

مونهَون مدايون ٿيڙيُون، ميان اَلا، ٿيَس اِيلازَڻ ائين-

پِرين پاڻ پسائِج، ميان.

آءٌ ڪنيزڪ تانهنجي، ميان اَلا، تون تا منهنجڙو سائين-

ٻيو عيب نه لائِج، ميان.

ڏيئِي حالُ حلاجَ جو، ميان اَلا، ”سَچوءَ“ کي سمجهائِين-

سارو سِرُ سُڻائج، ميان.

 

ڪافي 96

آءٌ اَچي رَهُ رات، ڀَلو منهنجا يارَ وي!

راتو ڏينهان روحَ کي، آههِ اوهانجِڙي تاتِ.

مَشر آهي مُلڪَن ۾، سَنديَوَ ڏاڍي ذاتِ.

اَچَڻ ريءَ اوهان جي آهي، هِينيڙي کي هيهات.

”سچوءَ“ کي تِنهن سِرَ جِي، ڪاڏهون ٿيندي ڏات.

 

ڪافي 97

آءٌ ويڙهي تون تا وس، وي،

ڀَلو، پُنهَلَ يار ميان!

پِرين مون کي پانهنجو، ڏاها ڏي ڪو ڏَسُ، وي.

نِماڻِيءَ جو حالڙو، پِريَم اَچِي پَسُ، وي.

ڪاهي اِيندي ڪيچَ ڏي، گولِي وٺِي گَس، وي.

پَوي پاڄياڻيءَ جو، توکي مانَ تَرس، وي.

ويهڻ آهي ڀنڀور ۾، بنا عشق عبث، وي.

سوز اوهان جو سُپرين، ”سچوءَ“ آهه سرس، وي

 

ڪافي 98

اَچي لايو ڪِيئن، سڄڻ، تو تا نِينهن نماڻيءَ سان!

ماريَس انهيءَ مامِري، هوتَ ڪندين ڪو هيئن.

سا تا ڪيئي پانهنجي، جاني وڻيئِي جيئن.

جهڙي پنُهل تو ڪَئي، آءُ پُڻ ڪريان تيئن!

ڪان وٺنديِ ڪڏهِين، نالو سَندو نيهَن.

وري وهاريو ويجهڙو، ”سچو“ پنهنجي سِيئن.

 

ڪافي 99

اِهو ڏونگرُ ڏهاڻين، مون ڏوراپو ٿو ڏئي!

هاري هِهڙا هوت تون، ٿي ويجها وسارين.

هيڏي هوڏي ٿي گهمين، تون نال نه نهارين.

ڀنڀورئون بيزار ٿي، چي سانول سنڀارين!

پاڻ ”سچو“ تون پاڻهين، وڃي ساڻن سگهاڙين.

 

ڪافي 100

وسئون تا نه وساريو، ڀلو يارَڙي،

آءٌ اوهانجڙي آهيان، ڀلو ميان!

سِڪائيءَ ڏي سُپرين، کڻي نيڻ نهار.

هيڏي نه ڇڏين؛ پنهنجي ڪَڍ قطار.

توکي ڏسان مون ڏَسين، پِرين ڪهڙي پار.

”سچو“ صَبر ۾ رهِي، گوندر ڏينهن گذار.

 

ڪافي 101

هُئِي نه مون ڪَلَ ڪائِي، سِرُ اِنهيءَ جي ڙي جيڏيون!

اڳ نه سُيَم ڪڏهين، هِيءَ وراڻي واري وائِي.

ڳالهه نه ڳرهڻ جهڙي، سائين جا سمجهائِي.

ڏوهَ ثوابَ جي ڳالهڙي، سڀ ويساهَ وڃائيِ.

سائِي حقيقت حالَ جي، سِر اَچانڪ آئِي.

”سچو“ سانڀج ڳالهڙي، پرينءِ جا پَرجهائِي.

 

ڪافي 102

رهبر روز بروز، اَچن مون ڏي يار جا!

ڪنهن کي سَليان سَرتيون، سپيريان جو سوز!

اَندر منجهه عجيب جي، ڪَيڙو سِڪ سروز.

هيڪَند ڪارڻ ٿِي ڪريان، خاطر اندر خوض.

شال ڪنهين تي نه ٿئي، سندو جانب جوز.

”سچو“ اجهو آئِيو، آرياڻي اِمروز.

 

 

ڪافي 103

طعنا سِرَ تِي سهندي اَن،

سَرتيون ساري لوڪ جو!

ٻاجهون ٻاروچل جي، راتيون هِت ڪا رهندي اَن.

ڪاف منجهارئون ڪاڪيون، لَعلن لوري لهندي اَن.

پَسڻ بنا پرينءَ جي، ٺاهه نه ٻئي ڪنهن ٺهندي اَن.

ڀينر هن ڀنڀور ۾، ري ٻاروچي نه ٻهندي ان

”سچو“ سَچيءَ سِڪ کَون، ڪيچين ڪَڍَ ڪَهندي اَن.

 

ڪافي 104

دل جيون ڳالهيون، ميان، آءٌ تا توسان اوريان!

ڳجهيون ڳالهيون ڪريان ڪَن سان، تَڪَ ويٺي ٿِي توريان.

سڳو تنهنجي سِڪ جو ميان، ساه اَندر ٿي سوريان.

سڪ اوهان جي سَر ٿي ميان، ڏيهه ساروئِي ڏوريان.

راتو ڏينهان ڪاڻ اوهان جي، چت ۾ چرخو چوريان.

اڱڻ ”سچوءَ“ جي آءُ تون پيارا، پاڻ گهڻو ئِي گهوريان.

 

ڪافي 105

هينئن نه مون کي ماريو، اوڙڪَ اَوهانجڙي آهيان!

ٻانهِي آهيان وو تنهنجي ٻاروچا، پورهيت پنهنجي پاريو-

سَڱ نه ٿي ڪو ساهيان.

آسَروندِي وو آهيان ميان، واڳ مُئيءَ ڏي واريو-

لالچ نه ٿي لاهيان.

ڏاڍا ڏونگر لَڪِيو، ميان، توهَ پنهنجي سان تاريو-

ڇَپَر اڳيون نا ته ڇاهيان.

آءٌ اوهانجڙي وو آهيان ميان، وسئون ڪيم وساريو-

جوڙَ اوهان جڙي آهيان.

سانول اِنهيءَ وو سڌ ۾ ميان، ڳالهين تنهنجِن ڳاريو-

ڪيچَ وڻن ڏي ڪاهيان.

آءٌ اُڪَنڍِي وو هوتَ اوهان جي، ”سچو“ ڪِي سانول ساريو-

ڳاهُ بِرهَ جو ٿي ڳاهيان.

 

ڪافي 106

رهو مون وٽ رات، اَڙي پانڌيو پرين جا!

آءُ اوهان تَون صدقي، جا وائي مِٺيَوَ وات.

پَسان اکَڙين سان، ٻاوچاڻِي ذات.

راتو ڏينهان روح کي، تن جِي آهي تاتِ.

هُئي هميشہ ساٿيو، ”سچو“ سَندوَ ساٿ.

 

* ڪافي 107

تون آءٌ آرياڻي اوري،

تنهنجي دامن لڳڙي آهيان!

سِر پنهنجو سَرتيون، آءٌ گهَرئون آيس گهُوري.

ڪامِل ڪڏهن ڪينڪي، آءٌ ڏونگر سگهان ڏوري.

ڪا جا تندُ طلب جي، چِت وئين تون چوري.

نيو نماڻِي پاڻَ سان، تِرُ نه رهي هِت تو ري.

”سچو“ سَگ اَوهان جو، ڪيئن پُڄي تنهنجي ٿوري.

ڪافي 108

مون کي تايو طبيبن، ميان،

ٻَن ٻُڪِيون وجهان تَن جون!

نَظَر ساڻُ نِهال ڪيو، هاريون حَبيبن، ميان.

آزارئون آزاد ڪيو، اَچي عجيبن، ميان.

دل کي دلاسو ڏنو، ڪاڪيون قريبن، ميان.

ڏيندا. ”سچو“ سپرين، گوش ڀي غريبن، ميان.

ڪافي 109

نينهن ڏاڍي سان لايو سي،

آءٌ تا هاڻِي ڪيئن ڪريان!

عشق سَولو سَرتيون، هِت ڀينر ڀايوسي.

پُڇي اسان جا پَکَڙا، اَديون اجهو آيوسي.

ڀينَر شهر ڀنڀور جي، هِت طعنن تايوسي.

جو ڏنائون جيڏيون، سو پَلئه پايوسي.

سوئِي ”سچو“ سِر تي، هاڻي چُمي چايوسي.

 

ڪافي 110

اسين آهيون! ڇا اَسين آهيون؟

ٻيلي، نٿا ڄاڻون، ڇا اسين آهيون!

ذري باران برساتيون لايون، ذري ٻَرن ٿيون وڏيون باهيون.

ذري پڙهون ٿا نماز ان روزا، ذري لوچَ مٿي تَون لاهِيون.

ذري چئون ٿا ”آهيون اَسين ئي“، ذري چئون ٿا ”اصل ناهيون“.

زري آرام آهي هِن دل کي، ذري وهايُون نيڻَئون واهيون.

ذري چئون ٿا، اَسان پاڻ سُڃاتو“، ذري چئون ٿا ” اَسين ڇاهيون“.

”سچو“ اصلئون سوئي آهين، ٺاهُ هتي ٻيو ڪيهو ٺاهيون!

ڪافي 111

محبت مست مجنون ڪيا، ڪَئين خاص خماري، لو...

اصل کَون عاشقن آهي، مٿي سُوريءَ سواري، لو....

هِتَئون مُنهن سا نه موڙيندي، هوندي جا وره وارِي، لو....

سڻو جا مير محبت جِي، ڪُنَن کي ڪوٺَ ڪاري، لو....

جنين کي جوشَ جاڳايو، تنين ڪهڙي تياري، لو.....

ڇڏي هِي عيش عالمَ جا، هليا سي هيڪ واري، لو....

پياسي هُوءَ حيرتَ ۾، ڇڏيئون سُڌ سارَ ساري، لو.....

بِرهَ جي بابَ ڏس تن کي، سڀا وائِي وساري، لو....

سدا تن کي آ ساجَن جي، اَچڻ جِي انتظارِي، لو....

”سچيڏنا“ سَمجهه ڪِي هتَهين، مَتان ٿِئين هُت مياريَ، لو.....

 

ڪافي 112

ڪڏهن اَلاجي اِيندا، يار سانگيڙا، ميان!

سِگهي اَچَڻ جون ڪانگ اسان کي، اَچِي واڌايون ڏيندا.

ڏيئي دلاسا دل منهنجيءَ کي، نال نماڻِي نيندا.

اِهي اُميدان آهن اسان کي، هِڪُ ٿَڪِيءَ سان ٿيندا.

ڪين ڏسندا ڏوهه اسان جا، بَديون سڀ بخشيندا.

اَهي اوسيڙو اکڙين کي، گولِي ساڻ گڏيندا.

ڪيچَ وڻن کَون پٽي پَکَڙا، آڻي هِتِ هوتَ اَڏيندا.

جيهون تيهو ”سچُو“ سَندن آ، پانهِجو ڪِينَ ڇڏيندا.

 

ڪافي 113

سرتيون ڏيَن صلاحان، ’چت تَون چرخي لائين‘:

آءٌ ڪَتيان ڪِي ڪانگَ اُڏايان!

راتيون ڏينهان روئان اُنهن لڳ، پِرين جي ٿِيَم پَراهان.

دل جمعيت تڏهن ڪِي ٿيندِي، جڏهن اِيندا ڪي هوتَ اڳاهان.

اَديون اُنهِيءَ جي ويٺي اَچَڻ جون، روز نهاريان ٿِي راهان.

والي ورائي وري ڀَنڀور ڏي، سُڻي اسان جون اَهان.

ڪيون قبوليت سَڀئِي ”سَچُوءَ“ جون، سائين عَرضَ اِلاهان.

 

ڪافي 114

آ اَچِي ڏس حالُ مُهنجو، آءُ اَچِي سُڻ عرض هي!

نينهَن تا مون کي نيو، طاقت نه ڪاتَنِ کي رَهِي،

مشتاق جي مارڻ سَندو، آهي اوهان کي غَرض هي.

ڏاها وڃِي ٻئا ڇو پُڇان، مون تا پروڙي ڳالهڙِي،

درد ٻيو مون کي نه آهي، محب تنهنجو مَرض هِي.

دل کَسي مون کَون وئين، موٽي نه آئين ڇا چوان،

سُڌ لَهون ساجَنَ اَچِي، آهي اوهان تي قَرض هِي.

آءُ اچِي امام ٿِي، توتي اَسان نِيتِي نماز،

سِرُ ڪَرڻ صدقي اَوهان تَون، آهي ”سَچُوءَ“ تي فرض هي.

 

ڪافي 115

هِڪي ڏهاڙي پير مغان، مون کي ڳالهه ڳجهي فرمائي!

سَلَڻ جهڙي ناهي سا، جا َڻ پرين پُرجهائِي.

عامَ نه مَڃَن ان کي، جا صاحبن سَمجهائِي.

مَٽَ منجهارئون مَئي جي، تنهن ساقيءَ سُرڪَ چکائِي.

پيالي مون پرواز ٿيو، واءِ وئِي ٻِي وائي.

’عبد‘ ڄاتو ٿي جنين، تن بازي هِت هارائي.

’حَقَ‘ کَون ’حق‘ نصِيب ٿيو ٿي، مدعا ”سچوءَ“ سَنڀائي.

ڪافي 116

هوتَ غريبِ نماڻِي، اِتي ڪيئن وساريئي، ميان!

اڱڻ آسَروَند جي، آءُ تون پاڻئون ڄاڻي-

هوت هَڻِي ڇو ماريُئي، ميان!

وندر جي وڻن ۾، حب منجهَون هوتياڻِي-

مون تا گهڻو نهاريئي، ميان!

ٿورا گهڻا ڏينهڙا، هن عاجز سان آرياڻِي-

مانَ گڏ گَذاريئي، ميان!

اٿي هَلي هيڪِلي، پرت منجهؤن پاڄياڻِي-

جڏهن سانول ساريَئِي، مان!

ڇڏي وئين ڇَپَرين، ڪَيئي پُنهون ڄام پُڄاڻِي-

هِيءَ ڪيئن آزاريئِي، ميان!

”سچو“ سگ اوهان جو، سائِينءَ لڳِ سُڃاڻِي-

پنهنجي ڪَڍَ قطاريئي، ميان!

 

ڪافي 117

آءُ ڪا رهندِ هوتن رِيءَ، هُنديَس سانولَ ساڻ!

 لَئن لئن منجهه لڳي رهيو، ٻاروچي جو ٻاڻ.

وندر سنديءَ واٽ تي، پرزا ڪنديَس پاڻ.

ڏير ڏيئي ويا ڏکَ جو، هِن ڏکيءَ کي ڏاڻ.

درد مندي دانهون ڪري، چيٽڪ ڪَيڙُس چاڻ.

مانَ اَچِي ٿئي ڪَڏهين، هِنَ مُئِيءَ جو مهماڻ.

”سچُو“ سگ اوهان جو، سو تا پنهنجو ڄاڻ.

* ڪافي 118

ڙِي جيڏيون، هوتَن رِيءَ،

آءُ ڪنديَس ڪوه رهِي!

اندر وره وٿاڻ ڪيائون، لَئَن لَئُن منجهه لَهِي.

ڇڏي شهر ڀنڀور کي، هِيءَ ويندِي ڪيچ ڪَهِي.

ڪونهي ڪوهيارلَ رِيءَ، سَرتوين هِت سَهي.

قول پاڙيندو پانهنجو، ڪَيو ٻاروچَلَ ٻَهِي.

”سچو“ گڏيم ساٿيڙا، پَنڌَن منجهه پَهِي.

 

ڪافي 119

پرين نا ٻئي پار، ميان، جانبَ تنهنجي جان ۾، آخوند ري!

سبق ڏئين نه سور جو، کِتابي نه کار.

حرف صحيح ڪر هيڪڙو، وَرَقَ سڀئِي وار.

نينهن وارن کي ناحقي، مُلا هِيئن مَ مار.

راتو ڏينهان آهي توئي کي، ڪتابَن جي ڪار.

ٻاجهَون نالي نينهَن جي، ”سچو“ سبق وسار.

 

ڪافي 120

پرجهي پاڻ نه ڄاڻان، ڪير آهيان، يار ڙي ميان!

مورَتَ موڳائِي ڪئِي، صورَتَ تا نه سُڃاڻان.

ڪَنهنِ تا ڳالهَيئون، ڪاڪيون، ٿياسي هِت نماڻا.

جان جثو دل سڀوئي، اَڏا ٿِيَم اَڏاڻا.

ڏنم ڏاڍي ڏک سان، عشق جا اوراڻا.

خام خيالَ نِي، ’سچُو‘ ري، اِنهيءَ فِڪر اُڏاڻا.

 

ڪافي 121

اهو بَر ڀِي بازر آههِ، جتي ديرو دوستَ جو!

ڏونگَرُ ڏوليِ ڀائيان، سپيريان جي ساءِ!

چُمنديس چَپَن سان ميان، سندِي جانب جاءِ.

محبت محبوبن جي، ڪاري هينيڙي کي هاءِ هاءِ.

ويٺِي ڪانگَ اُڏايان، لکين لالن لاءِ.

مون کي ڪيچَ وَڻن ۾، نيئي پانڌيَڙا پَهچاءِ.

ساٿِي سُپرين سان، هِيءَ گداگر گڏاءِ.

’سچُو‘ سَڄَڻن کي ميان، پاند ڳچيءَ ۾ پاءِ.

 

* ڪافي 122

ڙي جيڏيون، هاڻي گهوريون، هوتن رِيءَ سارو شهر ڀنڀور!

لائيندا وو لطف سان، هِن ڏکيءَ کي ڏور.

هَيءِ هالاڻي اُن جي، شعُلي وڌڙو شور.

مِنت نه منهنجيءَ موٽيا، زاري نه آهي زور.

دَرَسَن ساڻ دفع ٿيو، سندو هِنيڙي هور.

”سچُو“ سندن راهَ تي، هِڪَ جفا ٻيو جور.

ڪافي 123

حال معلوم توکي هي ئِي، آءٌ تا وسِ نه ويٺياس!

پرين تنهنجي پار ڏي، قاصد مُنجان ڪيئِي-

ايڏانهن منهن ڪيو بيٺياس.

ڇڏي وڃ نه ڇَپَرين، مُنج دلاسا ڪي ڏيئي-

تنهنجي محبت مارياس.

چئي ٻڌايان سرتين، هن سٻاجها سي ئي-

آءٌ تا وار نه وسرياس.

پاڻَئون پري نه ڪرين، آءٌ پٺيءَ اوهان جي پيئي-

تنهنجي پَکي نِي پيٺياس.

ساٿِي ڏيج ”سچوءَ“ اِهي، نياپا تون نيئي-

آءٌ تا گهَڻو اُڪنڊياس.

ڪافي 124

منهنجو پَنڌڙو پَههُ آهي، ڀَلو سرتيون سانولَ ساڻ!

سو تا ڇِنَڻ جيهو، اَصل کَون ناهي-

آهي سَڱ ته پُنهونءَ ساڻ.

ايندو، اَٿَم آسرو آسَر هَڏ نه لاهي-

ٿِيندو مُئِيءَ جو مِهماڻ.

ڇڏي شهر ڀنڀور کي، ڪيچ ويندي هِيءَ ڪاهي-

لڳم ٻاروچي جو ٻاڻ.

هِيءَ ڪَميڻِي ڪوڙِي، سڱ ساڻن ساهي-

 پر پرين ڏسندا پاڻ.

”سچو“ ڄاڻ صحيح ڪري توڙي باب سَندن هِيءَ ناهي-

 ته ڀي نيندا سٻاجهان ساڻ.

 

 ڪافي 125

منصور سوريءَ تي چڙهيو، هر ڪنهن چيو ٿي واه واه،

عاشق اتي ئي سر ڏنو، اناالحق ٿيو سڀ ساه ساه.

 

- عشق اچي نعرو هنيو، ٿيس سڀائي باه باه،

نظر مون کي هادي آيو، ٿيو سوئي الا الله،

 

- عاشقن سُرڪي جا پيتي، ٿي سڀائي هوهوا،

منصور شمس تبريز پارن، هٿ ڪياؤن جاه جاه.

 

ويا سمنڊ ۾ ڏيئي ٽٻي، سارو لڌائون سُڌ سماءُ،

الف سان جي گم هئا ٿيا، ڪُل شيءِ هر جاءِ جاءِ.

 

”سچو ڏسڻ سان سُرخ ٿيو ۽ تخت تي هو شاه شاه،

رچي اُتاهون لعل ٿيو، سارو اهو هو خود خداءِ.

ڪافي 126

عشق لڳي تان ڪر آمين، نا منجهه ڪفر نا منجهه دين.

 

_ سٽون سورن جون ڪهڙيون پڙهين ٿو،

ورهُ نه پُڇندئي وَلاَ الضالِينَ.

_ ديد ڏِسِي ڪِي ديد اڙائين،

نيهن نه پُڇندئي نابين.

_ جلوهه عشق جو عرش ڪُرس تي،

سر زمين ڇا زير زمين.

_ دل سان ذرو درد قبوليم،

ڪشف قبور ڪرامت ڪين.

_ شُبها شَڪَ سڀوئي لاٿم،

پاڻ سڃاڻڻ سان يقين.

_ طالب ڪي تاويل گهرن ٿا،

ڪن تمنا تي تمڪين.

_ هادي عبدالحق ”سچوءَ“ کي،

توڙؤن هئي تا ڪئي تلقين.


 

[2]ڪافي 127

ساروئي سر آهي، ڪاٿي سچل، ڪاٿي ذات سچل دي.

مؤج درياء حُباب کڙا ڪيا، ڄاڻج ڪو شڪ ناهي.

آهي اونهون اسرار الاهي، ڇا منجهارؤن ڇاهي.

پنهنجي پاڻ پسڻ جي ڪارڻ، ٺاهَ لکين ٿو ٺاهي.

عاشق، عشق، معشوق اهوئي، ڏانوءُ ڏاڍو ڪيو ڏاهي.

”الا الله“ اثبات مڙو ئي، ”لا“ کي ڇڏ تون لاهي.

”لي مع الله“ سمجهه اشارت، فيل لنگهيو منجهه پاهي.

واٽ اهائي وحدت واري، ڪامل ايندا ڪاهي.

سوئي اندر سوئي ٻاهر، ڪئين چوان ائين ناهي.

ڳالهه ”سچل“ جي سالڪ- سمجهن، لوڪ جي ليکي ڇاهي.

 

ڪافي 128

تون رَب ڏاڍو بي پرواه،

آءُ تا ڊڄان تنهنجي ڊاء.

ذڪريا ڪرٽ وجهايئي، سِسِي ساه منجها.

هو مڪي جو ڪو ڏيو تنهن کي ڏنئي ڪين ڪهڪاءُ.

حسن ۽ حسين مارايئي، ڏئي جيءَ جفا.

ڪربل منجهه قتل ڪرايئَي ترس نه پيڙئي ڪا.

ظلمي آهين، رحمي آهين، جا وڻئي سا واه.

”سچوءَ“ تيز تي سڀ هنئين، جيڪا رَبَ رضا.

 ڪافي 129

ڪرن مڙيئي قتل عام،

پاڻ ڪريان جي پڌرو.

جدا جماعت کان، آهيان پاڻ امام.

دم نه اڳيون دين ٿيو، ڪفر نڪو اسلام.

فارغ هئڻ فرض کؤن، سُنتَ کي به سلام.

”سچوءَ“ آيو سچ ۾، ناهي حلال حرام.

ڪافي 130

ويندي تا وڻڪار،

جيڏيون هي لڳ هوت بلوچ جي.

ڪيئين وِهان هتهين، آهي منهنجو ڪم ڪوهيار.

ساه منهنجو سرتيون، آهي پرين جي پار.

هِيءَ دل ديواني ڪري، هو ٿيا پاڻ قرار.

جات جَتن جي جيڏيُون جِيءَ وڌو آهي جار.

”سَچُو“ نه وسار ساه کَون، دوستَن جي دربار.

 

ڪافي 131

عين اَٿَو اِنسانُ، ڀول مَتان ڀُلي ڪائي!

دَلقُ درويشِي، پهري آيو، صورت هِن سلطان.

آهي جَڳَ ۾، سُڻو ڙِي جيڏيُون، صاحبَ جو سيلان،

ڏسِي تَماشو يارَ سَڄَڻ جو، هَر همَہ حيران.

واه عجائب جيهو ڪيائِين، ”سَچو“ ري سامان.

 ڪافي 132

ٻاروچي لَؤن لائِي، ميان، ڪوهياري لَؤن لائِي!

ڳالهه نه ڳَرهڻ جهڙي، ڏاڍي سور سلائِي.

سَرتيون مون سان سورَ ۾، ڀينَر ڪانهي ڀائِي.

هِيرَ وڻي سا هانوَ کي، ڏَنهن عجيبن آئي.

سِرُ ڏيڻ سيڻَن کي، ”سَچُو“، آهي سَچائِي.

 

ڪافي 133

صحيح سُڃاڻج ساري، خود آهين وي خُدائِي!

لکين سِتارا گم ٿيا، روزَ ڪَئِي روشنائِي.

ڪوڙين قطرا ڪارونڀارَ، ڪِي سَمونڊَ سَمائِي.

سُڌِ تِنهين سِرَ انهيءَ جِي، مٿي جنهن جي آئِي.

تخت هَزارو اوري رهيو، پَري رهي بُلي شاهي.

”سَچُو“ سَچِي ڳالهڙِي، پاڻَ پِريَن پُرجهائي.

 

ڪافي 134

وَس ڪا آهي ويچاري!- هُئَڻ هِن جو هوتَ، ناهي!

اُٺَن اُوٺارن تَؤن، سائِين اَلا، صَدقي آءُ سَو واري.

چايُم ڏاڍي چاه مَؤن، سائين الا، بِرهُ بلوچي باري.

هيڏي هوڏي جان ڏسان، سائين الا، اَندر ٻاهر آري.

ٻانهون ٻانِهن جان ٻڌي، سائين الا، زار ڪريان ٿي زاري.

”سچو“ سهي جي ڪرين، سائين الا، حق حقيقت ساري.

ڪافي 135

تون آءُ اسان وٽ يار: تُنهنجي اَچَڻَ ڪاڻ-

جِيئڙو جُکي ٿو، ساهڙو سِڪي ٿو!

بَس نه وَهڻ کَؤن ڪَرن، هي نيڻَن سَندا نارَ.

ماٺ‎ ڪندي ئِي چاڙهيا، بِره اسان تي بار.

پِرين پاڙج پانهنجا، جي ڪيَئي قولَ قرار.

چُمِي چَشمَن تي کَنيم، تنهنجو عشق اَلہ توهار.

باه جيهو آءُ ڀائِيان، جو دمُ توهَئون ڌار.

راتو ڏينهان تانهنجي آهي، ”سَچُوءَ“ سار سنڀار.

 

ڪافي 136

دردمندن جي دل جو، ميان، شوقِي وو يارُ شڪاري!

يار سُهڻي جون ڏسو ڏهاڙي، ڪَن ٿيون خون خماري،

سوز وارن کي سيني اَندر، ماري قيبر ڪري،

چشمان چوٽَڪ ڏاڍو لائن، ڪجليان هَن قهاري.

ٻانهون سي ٻڌيم اڳيون انهن جي، زارِي سَوَ لَکَ زارِي.

دل اسان جي وو لُٽ نِيَن ٿيون، ٻَئِي چشمان چارِي.

پاڻان ڄاڻي ظاهِر ڪيائين، هوءِ هوءِ حُسن هزارِي.

جِيءُ ”سَچوءَ“ جو جار وڌائون، ڏيئي پاڻ ڏيکاري.

 

ڪافي 137

سِگها اِيندا، سِگها ايندا، پانڌِي پِرين جا ڪِي تا!

سڪائِيءَ سان سرتيون الا، ڏکَ ڀائِي اَچي ٿيندا، ڀِلَي ايندا.

دردمنديءَ جي دل کي، ميان دوست دلاسا ڏيندا، ڀِلي اِيندا.

ڪين ڇَڏيندا ڇَپَرين، ميان، نال نِماڻِي نِيندا، ڀلِي اِيندا.

پَکا پکن سامُهان، ميان آڻي پاڻَ اڏيندا، ڀلي اِيندا.

سو ڏينهن ٿيندو ڪهڙو، جو ”سَچو“ نانءُ سَڏيندا، ڀلِي اِيندا.

 

ڪافي 138

تنهنجي محبت موهيو موهيو، رمَزن ريهيو ريهيو، هِي تا ساهُ

آَڻئِي اَلله!

طرف تنهنجي راتو ڏينهان، چِتِ هَڻيرو چاهُ-

آَڻئِي الله!

آهي اسان سان سُپرين، حبَ سندَوَ هَمراهُ-

آَڻئِي اَلله!

پيو پناري تانهنجي ميان، هي ڏوهارِي ڏاهُ-

آَڻئِي الله!

واڪا ڪَيون ٿو وهي، دل اندر درياهُ-

آَڻِئي الله!

ڪشي ڪَري ڪپڙا، ”سَچُو“ مَلِيندا پاهَ-

آَڻئِي الله!

 

ڪافي 139

هوتَ ڪَڏهن نه هلايُوَ، پانڌِي پنهنجي پارَ ڏنهُن اسان ڏي!

طَرف توهان جي مُڪوسين قاصد، سو ڀي وَهندو ڪين ورايُو!

نياپو منهنجي نيهن جو، جيڪَر ساٿِيءَ نه سڻايُوَ.

هو جو ڪَيو هووَ وعدو، سو تا ياد نه آيُوَ.

”هر دم هونداسين اَسين توئي سان“، فائق هِيئن فرمايُوَ.

تَنهن ڏينهن لاڪُون يارَ ”سچوءَ“ کي، باري بِرهُ بَڇايوَ.

ڪافي 140

ڪالَهه قاصدَ اوڏانهون آيا، اِها ڪَيئُون آگاهي!

’پار ڀنڀور جي هئا اچَڻ جا، ساٿَ ڌڻيءَ کي سعيا‘-

چڱِي ڏنائون گواهِي.

منهُن محبوبن جو ٿيو اسان ڏي، پيا سي پَنڌ سَجايا-

ڪيها رَهبر ڪريان راهِي!

يارَ مُسافِر ڪِيُم اُداسِي، ڏور جنين ڏينهن لايا-

آڻي تون ميڙ اِلهٰي!

پاندُ ڳچيءَ پائي اڳيون پِرين جي، اسان ڏوهَ سڀِئي بَخشايا-

ٿيا سي پاڻَ صَلاحِي.

’سچُو‘ اُتاهُون اَچِي رَهِي هِت، ويڙها سي يار وَسايا-

غَم لَٿِي گُمراهِي.

 

ڪافي 141

هاري سو پاتُئِي هار، تا آءٌ ڄام چنيسرَ اَوڙان!

جنهن دوستَ کسايو دَم ۾، سَٽ اَهو سِينگار.

هَٿَئون پَئِي تنهنجي آهي، روئين ڇو زارو زار.

داڻو هُيَڙو درد جو، جنهن ڪيو بهشتَؤن بيزار.

ڏوهُ ته تنهنجو ڪونه هو، پرَ نِينهن ڪيو نروار.

”سچو“ سهي جي ڪَرين، هِيءُ هو عشقَ جو اسرار.

 

ڪافي 142

هارَ چنيسَرُ ڄام، ليلان کسايو دَستَؤن پنهنجي.

ڌاڳو مَڻيون هو ڪَسوٽِي، جو دل جو ٿِي پيو دام.

نَظَر وڌِئي تا غيرُ تي، تيلهان تون ٿِيئن تمام.

پلنگئون پئينءَ پٽ تي، ڪري گوندر گفتار.

ڀُلِي ڀولي ۾ پئينءَ، هار ڀانيُئِي آرام.

تنهِن ڏينهن آندئي پاڻَ سان، سورن جو سرانجام.

”سچو“ رَه صَبر ۾، عِشقُ ٿِيئي انعام.

 

ڪافي 143

ڪِيئن چَوين ٿو، ڪِيئن چَوين ٿو!

لوڪ ناهي ٻيو؛ ڪِيئن چوين ٿو؟

لوڪُ سَڀوئِي اُهو آهي، ڪيئن ٻيائِيءَ مَنجهِه پَوين ٿو؟

اُڄاڻ بنائي پاڻ بيهاريُئي، غمزي اِنهِيءَ ۾ ڇو نه گَوين ٿو؟

ساڻ سچي تا ”سَچو“ گُذارين، راند روئڻ جِي ڪيهِي روَين ٿو؟

 

ڪافي 144

ڀُل وڃي ٿو، لوڪ ساروئِي ڀُل وڃي ٿو!

”مان“، ”تون“ ويندي، اُهوئِي ٿيندو، ڀولُ اهوئِي جيڪو ڀَڃي ٿو.

اهو اُهوئِي سَرتيون آهي، نه تا اها ڪوئِي ڳالهِه مَڃي ٿو.

اندر ٻاهر اُهوئِي آهي، ”سچُو“ هِي سِرُ صحيح سڃي ٿو.

 

ڪافي 145

سُهڻو سڱ ٿيو، ڪاڪيون ڙِي ڪيچَ ڌڻين سان، شالَ مولو ميڙيندو!

اڳئين کَؤن ڀي اڳرو، ڀائن تا وره ويو!

آريءَ جي اولاد سان، ڏاڍو پيچُ پيو.

بيڪَسِيءَ جي دائري، تنهن کي نِيهَن نيو!

صدقي تَن سيرن تؤن، ”سَچوءَ“ ساه ڪيو.

ڪافي 146

شال مون سان وريون وريون،

ڪانگ ڪَرين مِٺيون ڳالِهيون!

جدائِيءَ جون جان جسم تي، ڪيون پورنَ پَريون پريون.

دردَ سَڄَڻ جي دل منهنجيءَ کي، زور ڪيون ذريُون ذريُون.

ڏکن واريون ڳالهيون، اسان ڀي دل پائي ڌريون ڌريون.

وايون وصل جون يار ”سچو“ تون، متان ڪرين ڍريون ڍريون،

 

ڪافي 147

مون کي متان تون ڇڏين،

سونهاڙي سَڄَڻ جا!

مَ ڄاڻان ڏينهن اُهو تا، ٿيندو اَلاجي ڪَڏهين.

نانءَ موليٰ جي محبوبن سان، نئِي غلام کي گڏين.

حاضرِ ٿِئين حضور ۾، نانءُ ”سَچُو“ ڪري سَڏين.

 

ڪافي 148

اهو آهي آهي، يار ساڳيو ساڳيو!

اوهين ڄاڻو ساڻ يقيني، ٻيو سو ناهي ناهي.

ميخاني وچ مست هميشہ، ڪيئن سو ڪعبي ڪاهي ڪاهي.

لوڪ سارو ٿي هِت جو آيو، سَڀ حجابان لاهي لاهي.

ظاهر باطن آهي اُهوئِي، جان جثو وري ڇاهي ڇاهي.

نانءُ ”سچوءَ“ جو آيو صفت ۾، ڏانءُ ڪيو ڪيهو ڏاهي ڏاهي.

ڪافي 149

هيءَ پورهيت پاڻِيءَ ڍوئِي، خان ٻاروچا تنهجِي!

حاضر خدمت اَچي اوهان جي، حال چونديس روئِي.

ساٿِي اسان جي سُڌ لَهَڻَ سان، سوال پورو ڪَر سوئِي.

ڪِيئن وساري ويهان اوهان کي، ڪِئي تا هِهڙي توئي.

طوطيءَ جي ڳچيءَ سو سَلامن، ”سچوءَ“ مُڪا پڻ پوئي.

 

ڪافي 150

واتِ مون کي آهي وائي، خان ٻاروچا تنهنجي!

پرين نَه مُڪَوَ طرف اسان جي، لِکي ڪتابَتَ ڪائِي.

ڀيرو ڪندين وري ڀنڀور ڏي، اِها اَڌَرَ مون آئي.

حالَ منهنجي جِي خَبَر نه ڪنهن کي، چڱي سَڄَڻ تو لائِي.

اِهو آسرو مون کي آهي، ٿيندين اَچِي ڏک ڀائي.

اڄ صبح تا اڱڻ ”سچوءَ“ جي، جانِي اِيندين شالَ جائِي.

 

ڪافي 151

سُڻ منهجڙو حال،

دلبَرَ ديس وَسَئي، گُهوريو ڙي پَر ڏيهه تو تؤن!

مون کؤن َپري نه ٿئين، سائينِ مَڃ سُوال.

منهنجو توسان تا آهي ئِي، خاصو يارَ خيال.

روئان واٽڙين تي، ڪَريو ههڙو حال.

واڳان وطن پانهنجي، ڦيري آءُ فِي الحال.

تو کَؤن ڳُجهو ناه ڪو، عاشقَ جو اَحوال.

ڪَر ”سچوءَ“ کي سپرين، کڻِي نيڻ نهال.


 

ڪافي 152

ڪا صدَ وري ويندين،

ديس ٻاروچل جي، ميان!

خَبَر خوشيءَ جي وٺي اُتاهُون، سِگهو اسان ڏي ڪِي ايندين.

دردمنديءَ جي دِل کي، هاڻي ڏاها دلاسو ڏِيندين.

سپيرين جي ڳالهه ڳُجهيءَ جو، وڃي سو واقف ٿِيندين.

سوزَ فراقَ جي، يارَ ”سَچوءَ“ جو، تون هِي نِياپو نيندين.

 

ڪافي 153

آئين قاصدَ ڪالهه،

پِرينءَ جي پارَ ڏانهُن، آندئِي جي سَنِيها سَل اُهي ئِي!

هاريا هِنَ جي حالَ جِي، ڪا هُئِي هُت قِيلَ مَقالَ؟

پاڄِيءَ کي پَرديسَ ۾، سِڪندي ٿِيَڙا سال.

پِريَن ڪِي مون پُڇِيو، ڪا خَبر ڏي خوشحالَ!

ڪِي ڪَڍندا هجر فراق کي، ڪِي ورندا واوَ وصال!

”سَچُوءَ“ سندي ساهَ جِي، ڪا هئي هُت کين سنڀالَ!

 

ڪافي 154

عاشق ڪر آرام،

پِرينءَ گهڻو پُڇيو تُنهنجو، خوشيءَ ۾ رَهُ. ري!

طرف تنهنجي آهِ، اَچَڻَ جو، اسان جو اَنجام.

رَهبَر عاشِقَ کي وَڃِي، سَوَ لَک ڏيج سَلامُ.

اڳنان آهي تانهنجو، سُرهائِي سَر انجام.

جيڪِي چَيُوَ، تانهنجو آهي، ڪُلِي قَبول ڪَلام.

”سَچو“ تنهنجي ساه کي، آهِه محبت بخش مُدام.

ڪافي 155

يار منهنجي کي ڪريو، مِنَت وڃِي ڪائِي!

پَرڏيهه وڃ نه مون پِرين، يارَ تو سان مون تا لائِي.

اَندر منهنجو اَڌ ٿيو، ڪري وڃڻ جِي ٿو وائِي!

ڏسو اوهين ٿيون، دل ڏاڍي سان، اَديون آ مون اَٽڪائِي.

چَڱا مِڙيائي ميان اِئين چون ٿا، ’لائِي ته توڙ نڀائِي.‘

هِجَر منجهارؤن ٿِيندي وصالت، اِها ڳالهه ”سَچُوءَ“ آزمائي.

 

ڪافي 156

هاڻي مونکي پِريَن پوِءِ،

جيڏيون جِيَڻ جنجال ٿيو!

ويٺِي واٽڙين تي، هِيءَ راتو ڏينهان روءِ.

ويهڻ هن جو وهه ٿيو، هو لڏي ويڙا لوءِ.

دردمندِي دانهون ڪري، آهي هوتَن رِيءَ هوءِ هوءِ.

ڪاڪيون مُون ڏي ڪيچ کَؤن، شالَ قاصد اچي ڪوءِ.

”سَچوءَ“ ڪندي سال ٿيا، وَريتِيون ووءِ ووءِ.

 

ڪافي 157

يار ساٿيو ڙي ميان، يار پانڌيو ڙي ميان، ڀلوڙي ميان،

دوستَن جِي ڪَلَ مون کي ڪا ڏيجو!

هِيءَ نِماڻِي در وڪاڻي، نالِ نباهي نيجو.

ڪِيمَ وساريو، مئي نه ماريو، ڇوري تا نه ڇڏيجو.

ڏيو دلاسا ڪڏهن اِيندا، لوءِ ئَون تا نه لَڏيجو.

جنهين ويلي هلو اِتاهون، ”سَچُو“ نانءُ سَڏيجو.

ڪافي 158

ساجن اِنهيءَ سير، اِيندئِي ڙي اَڃا!

سي ئِي پَهتِيون پِرينءَ سان، جي گهڙِيون انهيءَ گهير.

سپيريان جي سيرَ ۾، هيجَؤن هينئڙو هير.

ٻَڌِي نَڃج نِيهَن جِي، ڇاتِيءَ ڇاتِيءَ ڇيرَ.

”سچو“ سائين جي پُڇين، ڦنَدَ سَڀئِي ڦير.

 

ڪافي 159

”توکي عاشق پنهنجو ڄاڻان، توکي سَونِ ۾ سُڃاڻان!

”اسين تا توسان آهيون سدائِين، وجِهج ڪِين وڃاڻان.

”اُهي تا آهن نظر اسان کي، اَچِي جي در وڪاڻا“،

دستَؤن ڪري ڏِنَوَ هِي مان کي، يارَ دارونءَ جا داڻا.

سَهِج ”سَچُو“ تون ساڻ يقيني، محبوبن جا ماڻا.

 

ڪافي 160

هوتَ اسانجڙو حال، تون پاڻهِين ٿو ڄاڻين!

اوهان ٻاجهون وو سپرين، ميان اَلا، ساعت ڀايان سال-

وري اَچِج آرياڻِي.

راتو ڏينهان روح کي، ميان الا، سندُو خواب خيال-

هِيءَ اَٿَوَ نِماڻِي.

معلوم توکي مون پِرين، ميان الا، عاجز جو اَحوال-

تون سانول سُڃاڻِي.

ڇڏي ويندين وو ڇَپَرين، ميان الا، تو لڳ ڪيم ڪشال-

تون هيِئن ڪيئَن هوتياڻِي!

سوز اوهان جو وو سُپرين، ميان اَلا، بِره ڪِئي بيحال-

ته ڀِي عذر نه آڻِي.

لاه فراق وو فقير کَؤن، ميان الا، ”سچو“ مڃ سوال-

هيءُ هادي لئي هاڻِي.

 

ڪافي 161

منهنجي اڱڻ اَڄ آءُ،

پرديسيڙا ڙي يارَ!

والي شالَ وصال جو، ڪو وري لڳي واءُ،

اچي هَڏ نه هِتَهين، سانوَلَ تو ريءَ ساءُ.

مان مشتاقن جو، اَچي صاحبَ لهه سَماءُ.

دانهون ڪري دردَ ۾، جا ڦٽِي فراقاءُ.

ٿيون مَدايون ڪيتريون، سائين ”سَچُوءَ“ کانءُ.

 

ڪافي 162

اوڏاهون قاصد جي آيا، تَن هُلائِي هِيءَ وائِي:

 

هاڻي هوتياڻِن جي، هُئِي تو ڏي تياري،

واٽان پُڇي تانهنجون، ٿو اَصل کان آري،

ڌاري، سنديَوَ حال جِي هت معلوم سَڀائِي.

 

اهو رکج آسرو، جو اَڄ تو ڏي اِيندا،

ڏيئِي ٻانهون ڳل تو ورِي، پِرين َپرچائيندا،

هيڪندَ ٿيندينءَ هوتَ سان، تون جاڳندي جائي.

 

مارئِي ماندي نه ٿِيءُ، ڇو گوندر گذارين،

واٽان اَچَڻ ان جون، ٿِي نِتِ نِتِ نهارين،

جهڙي تون هِت آهين، آهين هُت ڀِي اُهائِي.

 

ويو وڇوڙو وچ مَؤن، تون گڏيئن سائينءَ ساڻ،

توسان آهن سُپرين، پَري ڀاءِ نه پاڻ:

”سچو“ ٿِيندين سيگهڙي، اِها وائِي سوائي!

 

ڪافي 163

ڪيچي ڏٺم اَڄ اِتي،

اوهين تا ڇا ٿا ڀانيو!

سال لنگهِي ويا ڪيترا، ڪاڪيون رِيءَ ڪِتي.

اَڄ تا وينديَس ڪاڏي ڪِينڪي، هُؤسو، تا منهنجو هتي.

منزل محبن جي جتي هوندي، ميان، هونديون سَرهايون تتي.

موڳائيءَ جي مونجهه ۾، سائين الا، ڪانه ڏِسي گَپَ ۾ گِتي.

سودو سيڻن سان حال ٿيندو، ميان ”سَچُو“ تا سِرَ ڏتي.

 

ڪافي 164

اَڄ اوڏاهين سي آيون، مون ڏي خَبر ان خير جون!

ٻيو تا تو سان دوستَ وي، ڪون برابَر ڀايون.

لِکي مَؤن معلوم ٿيو،- هاڻي پير ايڏاهِين ٿا پايُون.

سَنڀري توکي ميان ڏيهه سنديءِ، لَکَ ٿورا ٿا لايون.

سورن واريون سڀئي ساعتون، تو تان لَکَ لنگهايون:

توکي ٿينديون هاڻي حاصل، ”سَچَو“ ري سَرهايون.

ڪافي 165

منهنجِي حجت تو سان ناهه، توکي مولو ميڙي يار!

مون هِن نماڻِيءَ کي، آسَر سَندُوَ آهِه.

اندر ٻاهِر تا تنهنجِي، جانبَ آهي جاءِ.

ڏونگر ڏورڻ آئيا، ساڄَڻ تنهنجي ساءِ.

”سَچُو“ آهي سڪ ۾ لالن تنهنجي لاءِ

 

ڪافي 166

پڇن ڪوه طبيب، او، سوز واريون سرتيون، ڀلو الو!

پيدا ٿيندا پاڻهين، ڪول آيس قريب

ڏين ڏيکاري ڏيلئون، اچانڪ عجيب

”سچو“ وسن سي سدا، هنڙي منجهه حبيب!

 

ڪافي 167

اَلا باري بِره ڍولَڻ جي، دل ديواني منهنجي ڪيئي!

اوري اَٽَڪَ نه رهِي، خاص پِرين پکِيئِي.

پياريائون پُر ڪَري، ٻِي سڀ وائِي ويئي.

راتيان ڏينهان روحَ ۾، ”ٿيَا ٿيَا“ آهي ٿيئي.

اکيون دل ”سَچوءَ“ جِيون، پاڻ سکِيون ڪِيئَون ٻيئي.

 

ڪافي 168

يارَ لايو رنگ، ڏِس تون، جي هُيَئين ڪنهن حالَ ۾!

محڪم رهين اَحوال ۾، قائل نه ٿي تون قالَ ۾.

خيالَ ٻاجهون خاص تنهنجي، هُئي جِيَڻ جَنجالَ ۾.

جي هُئين ڪو دَم اِتي، تا هُج تون خاص خيالَ ۾.

اَصل ۾ يڪتا ٿِئين، عاشِقَ چَئو اَمثالَ ۾.

محبت مَگر مرشد سندي، آڻين اِنهي اَحوالَ ۾.

 

 ڪافي 169

”تو ڪِيئن اُهي وسري ويا، جن کي تو ٿي ڪارون ڪيون؟“

 

پانڌِيءَ پِرينءَ جي پار ڏنهُن، آنديِ خبر اها يار ڏنهن؛

آيو اصل اسرار ڏنهن، دوسن سندي دربار ڏنهُن.

 

ڪيئن تون پئين ٻيءَ ڳالهه ۾، هي جيءُ وجهين جنجالَ ۾؛

چئه، آهين ڪهڙي خيال ۾؟- رهه تون هميشہ حالَ ۾.

 

کانئن پاسي ڏينهڙا پَيَئه، سي ڳَڻَ سَندن وسِري ويئه!

سچا سخن سانڀَڻ ٿِيئه؛ سڏ کين ڪڏهن نا ڪَيئه.

 

”ڳالهيون سَڄَڻ جون ياد ڪر، دل سامڻ ٿي عاشق اَپر،

”تا تو اچي نازڪ نظر، هَيءِ هَيءِ متان ٿئين بيخبر.“

 

”جيڪس فِراق جي فال هُئي: اَڄ تون نه تن سنڀال هُئي!“

تو گڏ جيڻ جي جال هئي، اڄ تو نه تن سنڀال هُئي!

 

”اِتي وِساريئي ڪيئن ويهي، جي ڏيهَه هئا تنهنجا ڏيهِي؛

”توکي آئِي مَصلحت ڪيهِي؟- هاڻِ پاڻَ ايندا اڄُ پيهِي.“

 

”’سچو‘ متان دلگير ٿئين“، اَڄ پاڻ فرمايئون ائين،

”طالب وڃي تَسلا ڏئين، معافي مَدايون ڪيون مئين!“

 

ڪافي 170

وعدا اُهي اَڄ ياد پئا، مون سان قريبن جي ڪيا!

 

ڳالهيون ڳجهيون اُهي يارَ جون، اصلون ٻُڌيم اِسرار جون،

سي ٿيون عطا اعتبار جون، دل ۾ رهيون دلدار جون.

 

واليءَ اِهو وعدو ڪيو، جو ڪَم چَيوسين سو ٿيو،

”هڪ ٻول تو سان، نا ٻيو، وِسِري نه مون کَون سو ويو.“

 

فائِق وري فرمائيو، “تو سِرُ اسان جو سائيو،

”اهو ڏسڻ مون آئيو، دل ساڻ سو مون لائيو.

 

”’سَچو‘ سدا سَرهو رهين، هِن ٻولَ اسان جي تي ٻَهين،

”تون ٺاه تا هِن تي ٺهين، سرِ بار برهي جو سَهين!“

 

ڪافي 171

دمَ دمَ جا ديدار، وو، اَپَر اَسان جي نارَ تي!

 

بَگا ڏاندَ ٻَڌائون ٻيئي، تَن جِي ڳالهه ڪريان آءٌ ڪيهِي،

وهَن ڌارو ڌارَ، ڳاڌِيءَ جي ڳٽِڪارَ تي.

 

ڀارونِي هِڪڙي چَڪريون ٻيئي، آرا انهن جا آهن اِهي ئي،

وهن بارو بارَ، وو، لَٺ واريءَ للڪارَ تي.

 

ڦرهيون ونگڙون آهن اوڀاريون،اِرڙيون سونهَن مالَهه موچاريون،

جهَلڻ جا جهَلڪار، وو، لوٽِن واريءَ ڌڌڪارَ تي.

 

ڍڍي چونڪ جوئر جا نِسري، ڳنا تنهن جا ماکِي مِصري،

کِيرن جا به خمار، وو، آهن پيهي واريءَ پونجار تي.

 

ڪانگَن ڪانگيرو، وهِيَن واهيرو، ڪَٻَرن، ڳيرن ڪيو اَچي گهيرو،

ڳوڙهن جا وسڪارَ، وو، جهِرڪين جي جنسار تي.

 

آيو نيسَر پاڙڇ ۾ پاڻِي، مرشد اچي ٿِيڙمَ ساڻِي،

سا جوئر پَچايم جار، وو، آهن ڪَم ”سَچل“ جا ڪلتار تي.

رسالي ۾ وارد ٿيل عربي ۽ فارسي عبارتن جي معنيٰ ۽ شرح

الف

اعليٰ اَعظم شان (حضرت بايزيد بسطامي رح جي نعري ڏانهن اشارو)

ڇا ته اعليٰ شان آهي.

الا الله

سواءِ الله جي.

اَلانَ ڪَمَا ڪَانَ. (قول)

هاڻي ايئن، جيئن اڳي هو.

اَستَغفِرُ الله

الله کان معافي گهران ٿو.

اَلفَقرُ خَزِينَة مِن خزائِنِ. (بزرگن جو قول)

مسڪيني، الله جي خزانن مان هڪ خزانو آهي.

اَلفَقِرُ فَخري وَالفَقر مِني (حديث)

مسڪيني منهنجو فخر آهي ۽ مسڪيني مون وٽان آهي.

اَلفَقِيرُ لا يَحتَاجُ اِلا اَلِي اِلله. (صوفين جو قول)

فقير اهو آهي، جيڪو الله جو به محتاج نه هجي.

اَلصبرُ مفتَاحُ الفَرَجِ (حديث)

صبر ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.

اَنَا اَحمدَ بلامِيم. (صوفين جي چوڻي)

مان احمد آهيان، ميم (م) کانسواءِ (يعني احد).

اِن اَوليائِي تَحت قَبَائِي. (قول)

مُنهنجا اولياء، منهنجي چادر هيٺ آهن.

اَلدَنيا سَاعَة (قول)

دُنيا (آخرت جي مقابلي ۾) صرف هڪ گهڙي آهي.

اَنا عَبدَہُ وَ رَسُولَہ (حديث)

آءٌ ان جو ٻانهو ۽ ان جو رسول آهيان.

اِني اَنَا الله (القرآن)

بيشڪ آءٌ الله آهيان.

 

ت

تَرڪُ الدنيا سُنة، طَلَب الَموليٰ فَرض. (بزرگن جو قول)

دنيا کي ڇڏڻ سنت آهي ۽ موليٰ جي طلب فرض آهي.

 

خ

خَلَقَ الَا شيَاءَ فَهُوَ عَينُهَا (صوفين جو قول)

پيدا ڪيائين شين کي، پوءِ اُهي ان جو عين آهن.

خَلَقَ الَا نسانَ عَليٰ صورِتہ (حديث)

خدا تعاليٰ خلقيو آهي انسان کي، ان جي صورت تي.

 

د

دَع نَفسَڪَ وَ تَعَال. (قول)

پنهنجي نفس کي ڇڏ ۽ اچ.

 

س

سميع بصير= ٻڌندڙ- ڏسندڙ.

سِري سِره الاَنسان، (بزرگن جو قول)

منهنجو ۽ ان جو راز انسان آهي.

سير الله، سير بالله، سير في الله. (صوفين جو قول)

الله جو سير- الله سان سير- الله جي راهه ۾ سير.

 

ص

صُم بُکم (القران)

ٻوڙا، گونگا.

 

ط

طالِبُ الدِنيا مؤنث. (بزرگن جو قول)

دُنيا جو طالب عورت (مؤنث) آهي.

طالِبُ العُقبيٰ مُخَنث. (صوفين جي چوڻي)

آخرت جو طلبگار هيجڙو/ نامرد (مخنث) آهي.

طالِبُ المَؤليٰ مُذکر. (بزرگن جو قول)

الله جو طلبگار مرد (مذڪر) آهي.

 

ع

عَرفتُ رَبِي بِرَبِي. (قول حضرت علي عليه السلام)

رب کي، رب جي وسيلي سڃاتم.

عزيٰ، لاتُ.

(بتن جا نالا- جاهليت واري دور جا ٻه مشهور بُتَ، جن کي عرب جا مُشرڪين پوڄيندا هئا.)

عَينُها با ڪِية وَ قُلوُ بُها ذَاکِرةُ. (بزرگن جو قول)

ان جي اک رُئيندڙ ۽ دل ذڪر ڪندڙ آهي.

عينُهَا تَنامُ وَلاَ تَنَامُ قُلُو بُهَا. (بزرگن جو قول)

ان جي اک ننڊ ڪندي آهي ۽ دل جاڳندي اٿس.

عشق نار اِحِتَرق. (بزرگن جو قول)

عشق هڪ باهه آهي، جيڪا ساڙي ٿي.

 

ف

فَا ذّکُروِّني اَذّکُزّکُمّ. (القرآن)

ياد ڪريو مون کي، ته ياد ڪريان اوهان کي.

فَا ينَمَا تُوَلوا. (القرآن)

پوءِ ڪاڏي به منهن ڪريو.

فَعال لما يُريدُ. (القرآن)

جيئن گُهري تيئن ڪندڙ آهي.

 

ق

قُل کُل مِنّ عِنّدِ الله. (القرآن)

چؤ ته سڀ ڪجهه الله طرفان آهي.

قيل قال= ڳالهه ٻولهه

قيدالماء= داڻي پاڻيءَ جو قيد (عربي چوڻي)

 

ک

کُل يَوّم هُوَ فِيّ شَانِ. (القرآن)

هر ڏينهن، اهو شان ۾ آهي.

ڪُنَ فَيَڪُوّنَ. (القرآن)

ٿي پئُه ته ٿي پوندي.

ڪُلُّ شيءِ يَر جَعُ اِليٰ اَصِلہٖ (قول بزرگن جو)

هر شيءِ پنهنجي اصليت ڏانهن وري ٿي.

کُلّ شيءِ ناطق بالحق. (قول بزرگن جو)

هر شيءِ حق جي شاهدي ڏيندڙ آهي.

ڪنز، قدوري، ڪافيا.

عربي ڪتابن جا نالا. (درس نظامي ۾ شامل ٽن عربي ڪتابن جا نالا، ڪنز ۽ قدوري فقه جا ڪتاب آهن ۽ ڪافيه علم النحو جو هڪ ڪتاب آهي).

 

ل

لاَ مَو جُودَ اِلا الله. (بزرگن جو قول)

الله کانسواءِ، ڪجهه به موجود نه آهي.

لاَ خَير فِي عَبدِي. (بزرگن جو قول)

ناهي خير، منهنجي ٻانهي ۾.

لَحمؤن دَمَؤن. (حديث ڏانهن اشارو)

تنهنجو گوشت منهنجو گوشت ۽ تنهنجو رت منهنجو رت آهي.

لَو کَشَفَ الغِطاء مَا زدت يَقِيناً. (حضرت علي عليه السلام جو قول)

جيڪڏهن پَردن کي کولي، ته به منهجي يقين ۾ ڪو واڌارو نه ايندو.

 

م

مَا رايتُ شيئا اِلا ورايتُ اللهَ فِيہ. (بزرگن جو قول)

جنهن شيءِ کي ڏٺم ته ان ۾ الله کي ڏٺم.

مُو تُوا قَبلَ اَن تَمُو تُوا. (بزرگن جو قول)

مرو اڳ مرڻ کان.

مَن عَرَفَ رَبہ کَلِ لِسَانَہ. (بزرگن جو قول)

جنهن رب کي سڃاتو، اهو گهٽ ڳالهائيندو.

مَن عَرَفَ نَفَسَہ فَقدِ عَرفَ رَبہ. (بزرگن جو قول)

جنهن پنهنجي نفس کي سچاتو. تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو.

مَن تَعَلمِ العلم لِلمُنَاظرَة والمُکَابَرَةُ. (عربي چوڻي)

جنهن علم سکيو، مناظري (بحث مباحثي) ۽ وڏائيءَ لاءِ.

 

ن

نَفِي سِري، خفي اخفا.

ٻئي ذڪر جا اصطلاح آهن.

 

و

وَبي يَنطِقُ وَ يُبصِرُ. (حديث قُدسي)

مونسان ڳالهائي ٿو ۽ مونسان ڏسي ٿو.

وّ فِي اَنفُسِکُم اَفَلَا تُبِصرَوُن. (القرآن)

توهان جي وجود ۾ ئي ڪيتريون نشانيون آهن، پوءِ توهان ڏسو نه ٿا؟

وَلا الضالين. (القرآن)

۽ نه گمراهن جي رستي تي.

وَالقَدَر خَيرِهِ وَشَرِه مِنَ اللهِ تَعَاليٰ. (حديث)

۽ برائي توڙي ڀلائيءَ جي تقدير الله طرفان آهي.

وَنَفَختُ فِيّہِ مِنَ روُحِي. (القرآن)

ڦوڪيو مان روح پنهنجي کي، ان ۾.

وَ هُوَ مَعَکُم. (القرآن)

۽ هو توهان سان گڏ آهي،

وَ هُوَ مَعَکُم اَينَمَا کُنتُم. (القرآن)

۽ هو توهان سان گڏ آهي، جتي به هجو.

وَنَحنُ اَقرَبُ. (القرآن)

اسان (انسان کي) وڌيڪ ويجها آهيون (ساهه جي رڳُن کان).

هه

هر آن سِري که بامحبوب دارند، خبرنبود ڪراما ڪاتبين را. (فارسي شعر) جيڪو به محبوب جو رازدان ٿيندو ته ڪرامن ڪاتبين کي به ان جي ڪل نه پوندي آهي.

”هو مُشتاق علي لقاءِ الله (بزرگن جو قول)

اهو الله جي ديدار جو عاشق آهي.

هَيهاتَ هَيهاتَ. (القرآن)

پري آهي، پري آهي (يعني اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي).

 

ي

يَنِطقُ= ڳالهائي ٿو.

يَسمَعُ يُبصِرُ= ٻڌي ٿو- ڏسي ٿو.


*  هيءَ ڪافي 90، سسئي داستان پهريون ۾ ڪافي 18 طور اڳ به شامل ٿيل آهي، وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو صفحو 64 فٽ نوٽ.

*  هيءَ ڪافي 107، سسئي، داستان نائون ۾ اڳ ئي ڪافي 13 طور اڳ شامل ٿيل آهي، تفصيل لاءَ ڏسو صفحو 64 فٽ نوٽ.

*  هيءَ ڪافي 118، سسئي، داستان پنجون ۾ اڳ ئي ڪافي 12 طور شامل ٿيل آهي.

*   هيءَ ڪافي 122، سسئي داستان نائون ۾ ڪافي 8 طور شامل ٿيل آهي.

*  ڪافي نمبر 665، سُر بروو، صفحو 210 ”رسالو سچل سائين“ مرتب علي قل بيگ.

·  ڪافي 125 کان ڪافي 129 تائين 5 ڪافيون، علي قلي بيگ صاحب جن جي مرتب ڪيل ”رسالو سچل سائين“ تان کڻي هتي شامل ڪيون ويون آهن. ٻنهي رسالن کي ڀيٽڻ بعد اُهي ڪافيون شامل ڪيون ويون آهن، جي رسالي ۾ اڳ موجود نه هيون.

* ڀيروي، ڪافي 82، صفحو 78 ”رسالو سچل سائين“ مرتب: علي قلي بيگ.

[1]   (سر آسا، ڪافي 3 صفحو 26، ايضاًً)

[2]. بروو، ڪافي-44، صفحو 149، ايضاً).

[3]. سر بلاولي، ڪافي 88، صفحو 51، ”رسالو سچل سائين“ مرتب علي قلي بيگ.

[4]. ڀيروي، ڪافي 186، صفحو 89، ايضا.

[5]. ڪافي نمبر 270، سُر بروو، صفحو 211 ”رسالو سچل سائين“ مرتب علي قل بيگ.

[6]. هيءَ ڪافي 132، سُر سسئي داستان پنجون ۾ اڳ ڪافي 5 طور اڳ پڻ شامل ٿيل آهي.

[7]. مرتب پاران ڪافي 169 ۽ ڪافي 170 رسالي ۾ ”ڪلام“ جي عنوان سان ڏنل هيون، پر اسان اُنهن جو عنوان ”ڪافي“ رکيو آهي، ڇوته ڪلام شاعريءَ جي ڪا الڳ صنِف ڪانهي پر شاعريءَ جي هر صنِف کي ڪلام چئي سگهجي ٿو. ٻيو عرض ته اهڙي ئي سٽاءَ واريون: يعني ٿلهه ۽ هر بند جي آخري سِٽ جو ٿلهَه سان هم ڪافيه هجڻ بجاءِ، هر بند جي سِٽن جو هڪ ٻئي سان هَم ڪافيه هجڻ، اهڙيون ڪافيون رسالي ۾ ٻيون پڻ ملن ٿيون. مثال طور ڏسو: سسئي، داستان ڇهون، ڪافي 6.

[8]. ڪافي 171 اصل ۾ ”سنڌي روجهن بابت بيت“ جي آخر ۾ ڏنل هئي، جيئن ته هن ڪافي جو مواد نه ته روجهن بابت آهي، نه ئي وري اهڙي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ يا ان سان مناسبت رکندڙ ئي آهي، ان لاءِ هِن ڪافيءَ جو هِت ”متفرقَ ڪلام“ ۾ شامل هئڻ مناسب ڄاتم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org