سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :10

امير دوست محمد خان:

امير دوست محمد، قنڌار مان شاھ شجاع کي ھڪالڻ کان پوءِ، ڪابل ۾ پھتو، جتي ھن پنھنجي امير ھئڻ جو اعلان ڪيو. ھيءُ پھريون بارڪزئي امير ھو جو باقائدي افغانستان جو حاڪم بڻيو. دوست محمد پنھنجي قابليت سان پاڻ کي ھڪ لائق حڪمران ثابت ڪيو. کائنس اڳ پٺاڻن جي فوجي طاقت ايتري ته ڪمزور ٿي وئي ھئي جو رنجيت سنگھه جون طمعي اکيون پشاور کان گھڻو پري جلال آباد تي ٿي پيون.  سندس فوج جو سپھه سالار ھري سنگهه نلوه، پنھنجي ظالمانه ڪارنامن سان افغاني طاقت کي منتشر ڪندو ٿي رھيو. دوست محمد، سِکن کي سبق سيکارڻ لاءِ پنھنجي فوج کي وٺي ڪابل کان روانو ٿيو، خيبر کان اُڪري، پشاور جي واديءَ ۾ پھتو. جتي رنجيت سنگھه پاڻ مقابلي لاءِ موجود ھو. دوست محمد ۽ رنجيت سنگهه جي وچ ۾ مقابلا ٿيندا رھيا پر ڪوبه نتيجو نه نڪتو. ان وقت ھري سنگهه وڏي بي باڪيءَ سان جمرود کان نڪري، خيبر جي طرف وڌيو. دوست محمد سندس روڪڻ لاءِ پنھنجي ٻن فرزندن اڪبر ۽ افضل کي ڏياري موڪليو خيبر جي ڀرسان انھن فوجن جو مقابلو ٿيو اڪبر خان نھايت بھادري سان وڙھيو ۽ ھري سنگھه جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو (4) حقيقت ۾ فتح جو سھرو اڪبر خان تي ھو، ھن شڪست سِکن جي دليرانه پيش قدميءَ کي ھميشه لاءِ روڪي ڇڏيو. حميد ڪشميري، پنھنجي تصنيف ’اڪبر نامه‘ ۾ رنجيت سنگھه  جي غم جو ذڪر ھيٺينءَ ريت ٿو ڪري. (5):

زمرگِ ھري سنگ و قتل سياه

برنجيد رنجيت و ميکرد آه

زنرگس ھم از غنچئه نَرگَسين

چو شبنم بيفشاند اشک ازجبين

همي گفت کاي راي سر لشکري

چنان تند شيري و کمند آوري

فرامرز من گيوو برزوي من

فريبرز من زور بازوي من

شده مفت ضايع درين کار زار

چو از ناوکِ رستم اسفند يار

(ھريسنگ جي موت ۽ سخت موت جي باعث، رنجيت کي سخت رنج پھتو. دانھون ڪري افسوس ڪرڻ لڳو ۽ پنھنجي اکين جي مکڙين مان، ماڪ جي داڻن وانگر ڳوڙھا ڪِرندا رھيس چيائين ٿي ته ”اي لشڪر جا سردار، تند شير، ۽ ڪمند جا رانديگر، تون منھنجو فرامرز، گيو ۽ برزو ھئين، منھنجي طاقت ھئين ۽ فرامرز ھئين. ھن لڙائيءَ ۾ تون مفت ضايع ٿي وئين، جيئن رستم جي تير کان اسفنديار) دوست محمد فاتحانه پشاور کان ڪابل پھچي ويو. جمرود جي فتح ۽ ڪابل جي فتح، دوست محمد جي شھرت کي دور ۽ نزديڪ پھچائي ڇڏيو. ھي شھرت ھندستان ۾ انگريزن جي ڪنن تي به پھتي. اُن وقت جي گورنر جنرل لارڊ آڪلنڊ، ھڪ وفد سر اليگزينڊر برنس جي سرڪردگيءَ ھيٺ ڪابل روانو ڪيو. مان ھن وفد جي تفصيلي ذڪر ۾ نه ويندس ڇو ته ھيءُ منھنجي موضوع کان ٻاھر آھي. برنس پنھنجي تصنيف ’ڪابل‘ ۾ ھن سفر جو تفصيل سان بيان ڪيو آھي. ايلفنسٽن کان پوءِ ھي ٻيو انگريز ھو، جو ڪابل جو سفر، خير ۽ خوبيءَ سان ڪري ھندستان موٽي آيو ھو. انھي ۾ ڪوشڪ نه آھي ايلفنسٽن جو سفر به خطري کان خالي نه ھو مگر برنس جو سفر سراپا فتنو ھو. ’حميد ڪشميري‘ ان جو ذڪر ھيٺين ريت ٿو ڪري(6):

حذر بھتر از دشمنِ دوست پوست

که دشمن بود، دشمنِ دوست دوست

من از دشمنان ديده ام بارھا

که سازند در دوستي کارھا

حسودي لباسي بسوزد جھان

چو اخگر که در پنبه ماند نھان

نگويم زبد خواه خونخوار ترس

و ليکن جو شد يار بسيار ترس

(ترجمه: اُن دشمن کان پاسو ڪرڻ گھرجي، جو دوست جي لباس ۾ ھجي. جو دشمن دشمن ئي ھوندو آھي ۽ دوست دوست. مان دشمنن کي ڪيئي ڀيرا ڏٺو آھي ته دوستيءَ ۾ ئي پنھنجو ڪم ڪندا آھن. حسد جو لباس جھان کي جلائي ڇڏيندو آھي، بلڪل اھڙيءَ ريت جيئن ٽانڊو ڪپھه ۾ پوشيدا ڪري رکجي. مان ائين نٿو چوان ته بدخواه خونخوار کان ڊڄ پر جڏھن اھو تنھنجو دوست بنجي ته ان کان ڊڄ).

ھيءَ حقيقت آھي ته وچ ايشيا ۽ ان جي گرداگرد ملڪ ان وقت مغربي سياست جي لپيٽ ۾ اچي چڪا ھئا. ايران، ھرات تي پنھنجي طاقت جو مظاھرو ڪري رھيو ھو. جنھن جي پشت پناھي طھران ۾ رھندڙ روسي ايجنٽ ڪري رھيو ھو. اورينبرگ ۾ اندر ئي اندر، ھي فيصلو ڪيو ويو ته روس ايران جي مدد سان، سنڌو نديءَ تائين وڌي اچي ۽ انگريزن کي ھندستان مان ھڪالي ڪڍي. روس ان ڪري ھرات تي قبضي ڪرڻ لاءِ پوري جدوجھد ڪري رھيو ھو، ۽ ايران سان سندس تعلقات نھايت دوستانا ھئا. ھوڏي ڪابل ۾ برنس جي سفارت ناڪامياب ٿي چڪي ھئي. امير دوست محمد جي انگريزي حڪومت کان طلب ھئي ته ’پشاور واديءَ‘ جو قبضو سکن کان وٺي مڪمل طور تي کيس  ڏنو وڃي، پر ھيءُ حقيقت ۾ ڏاڍو ڪم ڏکيو ھو. انگريزي حڪومت ۽ سک راجا جي وچ ۾ دوستانو معاھدو ھو، ان ڪري انگريزي حڪومت سک راجا کي ناراض ڪرڻ نٿي گھريو. امير دوست محمد، انگريزن جي ھن روش کان دل برداشته ٿي ويو، ۽ ھرات جي معاملي ۾ پنھنجي ڪنھن به ريت دلچسپي ڏيکارڻ کان پري رھيو. انگريزن کان ناراض ٿي ھن ايران ۽ روس سان دوستيءَ جو ھٿ وڌائڻ شروع ڪيو. نَه سَھُو انگريزي حڪومت، ھن  کي پنھنجي خلاف دشمنيءَ جو قدم سمجھيو. اليگزينڊر برنس جي ناڪام موٽي اچڻ تي حالتون زياده مخدوش ٿي ويون.

ٻئي طرف راجا رنجيت سنگهه کي پنھنجي سپھه سالار ھري سنگهه نلوه جي موت جو داغ دل تي موجود ھو. دوست محمد اڃان تائين پشاور جي واديءَ تي پنھنجو حق نه ڇڏيو ھو، اُن ڪري لارڊ آڪلنڊ کي راجا به دوست محمد جي خلاف اڀاريندو رھيو. نتيجو اھو نڪتو جولارڊ آڪلنڊ فيصلو ڪيو ته ايران ۽ روس جي گڏيل طاقت کي روڪڻ لاءِ ضروري ھو ته افغانستان ۾ ڪو ھٿ ٺوڪيو حاڪم ھجي. سندس نظر شاھ شجاع تي پئي جو ان وقت لڌياني ۾ انگريزي حفاظت ۾ ھو. پھرين آگسٽ 1838ع تي ھن مقصد کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ شاھ شجاع، لارڊ آڪلنڊ ۽ رنجيت سنگهه جي وچ ۾ ھڪ عھد نامو ٿيو، جنھن کي ’اتحاد ثلاثه‘ جي نالي سان سڏجي ٿو- مگر حقيقت ۾ شجاع کان وڌيڪ انگريزي حڪومت کي ھرات جو اونو ھو.

 

سنڌ ۽ سنڌ وارن جي بيوسي:

لارڊ آڪلنڊ جنھن وقت ڪابل جي تخت تي شاھه شجاع کي ويھارڻ جو فيصلو ڪيو، تڏھن پھريائين کيس افغاني فوجن سان وڙھڻ جو ڪوبه خيال نه ھو. سندس خيال ھو ته برٽش فقط شاھ کي پيسي جي مدد ڏيندي ۽ بس. مگر اُن وقت گورنر جنرل وٽ ايترو پيسو موجود نه ھو. اھڙيءَ حالت ۾ پھرين بي انصافي جا سنڌ سان ٿي، ساھي ھئي ته ميرن تي بار رکيو ويو  ته ھُو انگريزي حڪومت کي پنجويھه لک رپيا ادا ڪن.  جي شاھ شجاع جي خراج جي صورت ۾ ھو پھچائي نه سگھيا ھئا. ھيءَ وڏي بي انصافي ھئي جا ميرن سان ٿي رھي ھئي. جڏھن سنڌ جي حڪمرانن ھن تي احتجاج ڪيو ته گورنر جنرل کين ھيئن تسلي ڏيندي چيو ته ”جئن ته مير صاحب انگريزي حڪومت جا دوست آھن ۽ شاھوڪار آھن، اُن ڪري کين ھن ڏکيءَ وقت ۾ سندن مدد ڪرڻ گھرجي.“ ميرن جي لاءِ ٻي ھيءَ مشڪلات پيدا ڪئي وئي، جو انگريزي حڪومت، خيبر جي بجاءِ بولان کان افغانستان تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ڇاڪاڻ ته رنجيت سنگهه، انگريزي حڪومت کي پنھنجي ملڪ مان فوج وٺي گذرڻ جي قطعي ممانعت ڪئي. جئن ته رنجيت سنگهه طاقتور حاڪم ھو ان ڪري انگريزي حڪومت ساڻس تصادم کان پاڻ بچائي، ضعيف عضوي يعني سنڌ کي پنھنجي فوجي مرڪز بنائڻ جو خيال ڪيو. ھنن نه فقط سنڌ مان فوجن گذرڻ جو سوال ھٿ ۾ کنيو، پر ميرن تي زور آندائون ته ھو بکر ۽ شڪارپور کي سندن تحويل ۾ ڏيئي ڇڏين، جن کي انگريزي حڪومت پنھنجي لاءِ فوجي ڇانوڻيون بڻائڻ ٿي گھريو. ھنن سڀني سوالن ميرن کي مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو. انگريزي ايجنٽ، ڪرنل پاٽنجر، حيدرآباد جي ميرن کي راضي ڪرڻ ۾ مشغول ھو، جو انگريزي فوجون ٻن مرڪزن مان ھن مقصد لاءِ ھلي پيون. ھڪ فيروزپور مان سروئلوباءِ ڪاٽن جي مھنداريءَ ھيٺ، جنھن سان شاھ شجاع ۽ سندسن انگريز صلاحڪار اليگزينڊر برنس ۽ وليم مئڪناٽن گڏ ھئا، ۽ ٻي فوج سر جان ڪين جي ھٿ ھيٺ ممبئيءَ کان رواني ٿي. ھنن سڀنيءَ جي مٿان سر ھينري فين ھندستان جي فوجين جو ڪمانڊر انچيف مختار ڪُل ھو. سنڌ جا مظلوم امير انگريزي حڪومت جي ھنن تيارين کان بيخبر، ڪرنل پاٽينجر سان الجھندا رھيا ۽ پنھنجي حقوق کي دھرائيندا رھيا. مير نور محمد ته ڪرنل پاٽنجر کي صاف چئي ڏنو ته ”جيڪڏھن انگريزي فوجن سنڌ مان گذرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس بلوچ رعيت بگڙجي پوندي.“ مگر تاريخ جي ھيءَ حقيقت آھي ته انگريزي فوجون سنڌ کان گذريون – نه ڪنھن بلوچ مٿن آڱر کنئي نه پنھنجو رَتُ ڏئي ھنن کي روڪيو. ھيءَ پھرين غلطي ھئي، جنھن کان انگريزي حڪومت ميرن جي طاقت جو اندازو لڳايو ۽ چار سال پوءِ ھُو سنڌ وڃائي ويٺا.

سنڌ جي لاءِ ھيءُ نھايت پرآشوب دور ھو. انگريزي حڪومت افغانستان لاءِ سنڌ جو رستو اختيار ڪيو ھو، سو ناھموار ۽ طويل ھو. خود انگريزي حڪومت جا ارباب سياست، ھن کان مطمئن نٿي ڏٺا. جنرل جان جيڪب جي راءِ پڙھڻ وٽان آھي. لکي ٿو ته (7):

”جڏھن گورنر جنرل، افغانستان جي فتح جو مصمم اِرادو ڪيو ته سنڌ تي سندس قبضو ڪرڻ پھرين ڳالھه تصور ٿي ڪئي وئي. انگريزي حڪومت ستلج تائين وسيع ٿي چڪي ھئي. ننڍي ۾ ننڍو رستو به افغانستان ڏانھن اٽڪ ۽ خيبر جي طرف کان ٿي ويو، ڇو ته لڌياني ۽ ڪابل جي وچ وارو فاصلو 500 ميل ھو. اٽڪ سنڌو ندي تي فقط  300 ميل جي مفاصلي تي آھي. مھاراجا رنجيت سنگهه پاڻ کي اسان جو دوست ٿي چوايو. نئين عھد نامي جو ھُو رُڪن ھو ۽ افغاني فتوحات ۾ برابر جو حصيدار- مگر خبر نه ٿي پوي ته ھن پنھنجي ملڪ مان فوجي چر پر لاءِ رستو ڇو نٿي ڏنو ۽ اسان کي تڪليف ۾ مبتلا رکڻ ڇو ٿي چاھيائين. ھن جو انڪار تحديدي ۽ تاڪيدي ھو. ھن بي اعتبار راجا تي اعتبار ئي نٿي آيو ته جنگ جي زماني ۾ ھو ڪو وفادار رھندو.“

بھرحال رنجيت سنگھه جي انڪار جي باعث تڪليفن جو سڄو بار سنڌ جي مٿان وڃي پيو. مير صاحب اڃان به پنھنجي ضد تي قائم ھئا ته سنڌ مان انگريزي فوجن کي گذرڻ نه ڏنو وڃي.

انگريزي فوجن جي سنڌ ۾ آمد:

جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آھي، سروئيليو باءِ ڪاٽن، پنھنجي فوجن سميت سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ روھڙيءَ ۾ منزل انداز ٿيو. ٻئي طرف جنگي جھازن جي آر ماڙ ۽ سر جان ڪين ۽ سندس فوج سنڌ جي ساحل تي اچي لٿي، جتي سنڌ ۾ انگريزي سفير ڪرنل ھينري پاٽنجر سندس پيشوائي لاءِ موجود ھو، جو اڃا ميرن کي رستي ڏيڻ کي راضي ڪري رھيو ھو. ھي فوج ’وڪر‘ وٽ اچي لٿي، جتي ٿوري وقت کان پوءِ ڪڇ جي راءِ جي مدد اچي پھتي. 24 ڊسمبر 1838ع تي سر جان ڪين پنھنجي فوجن ساڻ ٺٽي پھتو ۽ مڪليءَ جي مقام تي قيام ڪيائين. جتان سر جان ڪين ۽ ڪرنل پاٽنجر جي صلاح سان آئو ٽرام ۽ ڪيپٽن ايسٽوڪ سفير ڪري ميرن ڏانھن موڪليو ويو ھو ته آخري طرح ميرن سان فيصلو ڪن. جنوري سن 1839ع جي آخري ھفتي ۾ ھي وفد 60 ماڻھن جي گارڊ سان حيدرآباد کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي وڃي پھتو. ھن وفد سان ڪئپٽن ايسٽوڪ جو منشي لطف الله سورتي به ھو، جنھن اُن ملاقات جو ذڪر پنھنجي روزنامچي ۾ ڏنو آھي. 22 جنوري تي چئين بجي مھل ميرن انگريزي سفارت کي پاڻ وٽ گھرايو. اُن دربار جو احوال لطف الله سورتي، ھيئن ٿو ڏئي.(8):

”انگريز سفيرن سان گڏجي، جڏھن ميرن جي دربار ۾ پھتاسون، تڏھن ٽئي مير يعني مير نور محمّد، مير نصير خان، مير  مير محمد موجود ھئا. نوجوان مير شھداد خان چئن ٽنگن واري صندليءَ تي ويٺو ھو. سڀني ميرن جون تلوارون ۽ ڍالون سندن اڳيان رکيل ھيون. انگريزي نمائندا ۽ سندن رفيق ڪرسين تي ويٺل ھئا، جي اُنھن لاءِ اڳ ۾ ئي موجود ڪيون ويون ھيون، پر کين حڪم ڪيو ويو ھو ته دربار ۾ بوٽ لاھي اچن. باقي ماڻھو فرش تي ويٺل ھئا، جن تي قيمتي قالين وڇايل ھئا.

دربار ۾ ڪو به انتظام نظر نٿي آيو، جيئن ھندستاني دربارين ۾ عموماً ڏسبو آھي. ھٿيار بند بلوچ ۽ سنڌي پنھنجي مرضي مطابق ويٺل ھئا ۽ اسان کي بري نگاھن سان ڏسي رھيا ھئا، ڄڻ ته اسان سندن قاتل ھئاسون، مير نور محمد بيدار مغز ٿي نظر آيو.  وچولي قد ۽ وچولي عمر جو بھادر ۽ سھڻو ٿي لڳو. ڀرون جي وچ ۾ کيس گَھرو عمودي گھنج ٿي ڏٺو، جنھن مان خبر پئي ٿي ته ھو مستقل مزاج ۽ برد بار آھي. ھيءَ ھڪ ئي شخصيت ھئي جنھن کي ان مجلس ۾ خطاب ٿي ڪيو ويو. مير نصير ۽ مير محمد ورلي جواب ٿي ڏنو. سندس سڄي گفتگو دليريءَ ۽ بھادريءَ سان ڀريل ھئي، جنھن ۾ روح ٿي ڏٺو. نصير به سھڻو ٿي لڳو. منجھس نرمائي ۽ رحمدلي زياده ٿي ڏٺي. مير ميرمحمد سپاھيانه زندگي جو ماڻھو ٿي ڏٺو.“

بھرحال، مان ھتي لطف الله جي تفصيل کي نه ڏيندس مٿي جو ڪجھه ڏنو اٿم، اُھو ميرن جي شخصيت سان اسان کي روشناس ڪري ٿو. ڪئپٽن ايسٽوڪ خير عافيت کان پوءِ، پنھنجي مقصد کي ميزبانن جي سامھون ظاھر ڪيو ۽ عھد نامي جو ڪاغذ ان ڏانهن وڌايو. مير نور محمد پنھنجي طويل تقرير ڪئي ۽ انگريزي چالبازين کي ننديندو رھيو. ڪئپٽن ايسٽوڪ خاموشيءَ سان ٻڌندو رھيو ۽ کيس مختصر جواب ڏنائين ته

”اسان جي سرڪار جو اھو رايو نه آھي ته اوھان کي ڪنھن خطري ۾ مبتلا ڪري مگر ضرورت لاءِ ڪنھن قائدي جي ضرورت نه آھي، دوستن کي دوست ئي مصيبت جي وقت ڪم ايندا آھن. ھيءَ لڙائي رڳو ھندستان جي بچاءَ لاءِ نه آھي پر اوھان جي بچاءُ لاءِ به آھي.“

ان ھوندي به مير صاحب ڪو واضح جواب نه ڏنو ۽ ٻئي ڏينھن تائين معاملو ملتوي رکيو. 22 تاريخ ايسٽوڪ ۽ آئوٽرام بنا ڪنھن جواب جي اچي سر جان ڪين سان مليا ميرن وٽ ھي نااميدي ڏسي سر جان ڪين وئيليو باءِڪاٽن کي حيدرآباد جي طرف وڌڻ جو حڪم ڏنو. پاڻ به مٺيءَکان حيدرآباد ڏانھن روانو ٿيو. انگريزي فوجن جي چرپر کان ميرن ۾ گھٻراھٽ پيدا ٿي ڪين تڪڙو ڪوچ ڪندو، 3 فيبروري تي حيدرآباد کان يارھن ميلن تي وڃي پھتو. ھن حالت کان متاثر ٿي ميرن نئين عھدنامي جي قبول ڪرڻ جي حامي ڀري. ھاڻي نئون عھدنامو طرفين ۾ صحيح ٿيو. ڏھين فيبروريءَ تي سر جان ڪين حيدرآباد کان شڪارپور روانو ٿيو. سرجان ڪين، سيوھڻ ۽ لاڙڪاڻي وارو رستو اختيار ڪيو. ميرن سان نئين عھدنامي ٿيڻ بعد سر جان ڪين بنگالي فوج جي مھندار سروئلو باءِ ڪاٽن کي لکي موڪليو ته ھُو حيدرآباد ڏانھن پنھنجي سفر کي ملتوي ڪري، ۽ ساڻس شڪارپور ۾ اچي ملي. وئلو باءِ ڪاٽن روھڙيءَ وٽ درياءَ تي ٻيڙين جي پُل تيار ڪرائي پنھنجي فوج سميت سکر کان ٿيندو، شڪارپور ۾ پھچي ويو ۽ سر جان ڪين جي احڪام جو انتظار ڪرڻ لڳو. ھاڻي شڪارپور ھن سڄي شور ۽ شر جو مرڪز بنجي ويو ھو. شڪارپور جو مشھور شاعر محمد عارف ’صنعت‘ ان وقت زندھ ھو. پنھنجي ديوان ۾ انگريزن جي ھن حملي ڏانھن نھايت سادگيءَ سان شاعرانه انداز ۾ ھيئن ٿو اشارو ڪري:

از فرنگستان چشمت فوج فوج غمزه ات     

تاخت چون جيشِ فرنگي برديارِ کابلم

سرجان ڪين جي ھن سڄي فوجي سفر جو احوال لطف الله سورتيءَ نھايت تفصيل سان لکيو آھي، جنھن کي مان پنھنجي تصنيف تذڪره ۾ ڏنو آھي. ھن وقت بکر ۽ شڪارپور پوريءَ ريت انگريزن جي اقتدار جي قبضي ۾ ھئا.

ٻئي طرف ميرن جي ابتدائي انڪار ۽ سر ھينري پاٽنجر جي اصرار جي خبر بمبئي گورنمينٽ کي پھتي. حڪومت ميرن کي سيکت ڏيڻ لاءِ ھڪ جنگي جھازن جو آرماڙ، ائڊمرل سر  فريڊرڪ ميٽلنڊ جي ماتحت سنڌ ڏانھن ڏياري موڪليو، جنھن جو ذڪر وطن جي غدار سيٺ نائونمل پنھنجي ’ميمائرس‘ (يادگيريون) ۾ ڪيو آھي. مان ھتي اُن کي تفصيل سان ڏيندس(9)

نائو نمل جي زباني:

”ڪرنل پاٽنجر جي صحبت ۾، مان ڪوٽڙي پھتس. جنھن مونکي چيو ته ليفٽيننٽ ليڪي سان گڏجي ميرن ڏي 27 لک خراج وٺڻ وڃان، جا قبوليت آغا اسماعيل شاھه ڏئي چڪُو ھو. مگر مون کيس انڪار ڪيو ۽ سمجھايم ته مير ھن کي برو سمجھندا مون کي ڇڏيو ويو ۽ انگريزي وڪيل منشي ڄيٺانند، ليفٽيننٽ ليڪي سان گڏ موڪليو ويو…

”ھڪ ڏينھن مان نور خان جي ٽنڊي ۾ صبح سان پنھنجي تنبوءَ ۾ ويٺو ھوس ته ڪرنل پاٽنجر مون کي طلب ڪيو. جڏھن مان وٽس پھتس ته ھُن نھايت شفقت سان مون کي چيو ته بحري مھندار، سر فيڊرڪ ميٽلند، پنھنجي جنگي آرماڙ سان ڪراچيءَ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اچي رھيو آھي ۽ جلد ئي اُن شھر تي قبضو ٿي ويندو. مون کيس لکي ڇڏيو آھي ته اُتي منھنجي ماڻھن جي سلامتي لاءِ ھُو ذميوار رھي- خصوصيت سان سيٺ نائونمل جي خاندان جي حفاظت ڪئي وڃي.

”مون کي ھيءَ خبر ٻڌي بيحد خوشي ٿي ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيم جو پنھنجي حڪمتن کي پاڻ ٿو ڄاڻي. ٻئي ڏينھن مون کي ڪراچيءَ مان خط آيو جنھن ۾ اطلاع ڏنو ويو ھو ته ڪيئي انگريزي جھاز بندر ۾ پھتا ۽ سخت توبزني شروع ڪري ڏنائون. ٽن ڪلاڪن جي اندر اندر منوڙي جي قلعي جي اولھه واري ڀت ڀڄي پئي ۽ زمين سان زمين بڻجي وئي. توبن مان نڪتل دونھون سڄي شھر تي پکڙجي ويو، ڄڻ رات بڻجي وئي. ھنن حالتن کي ڏسي، نواب خير محمد نظاماڻي ۽ حاجي الھه رکيو ڪراچيءَ جو گورنر ٻين ماڻھن سان گڏجي منھنجي وڏي ڀاءُ پريتمداس وٽ آيا ۽ کيس چيائون ته دونھين ماڻھن جو دم گُھٽي ڇڏيو آھي ۽ اسان کي انگريزن سان وڙھڻ جي ڪابه طاقت ناھي. اسان کي اھڙو قدم کڻڻ گھرجي جو توبزني بند ٿئي. اُن وقت ٻه- ٽي انگريز آفيسر ڪناري تي آيا، منھنجي ڀاءُ سندن مرحبا ڪئي، کين پنھنجي گھر وٺي آيو. ھنن پوءِ رام باغ جي ميدان کي پنھنجي ڇانوڻي لاءِ انتخاب ڪيو. ٻئي ڏينھن سڄي فوج آئي ۽ اتي اچي مقيم ٿي.“ اھڙيءَ ريت، ڪراچي بنا ڪنھن مقابلي جي انگريزن جي قبضي ۾ اچي وئي. ھن سڄي ڪشمڪش جو نتيجو اھو نڪتو جو ميرن کان فوجي نگاھه کان جي سندن مرڪزي شھر ھئا، جيئن ته بکر، شڪارپور ۽ ڪراچي کسجي ويا. بھرحال، نائونمل جي غداري ھر جاءِ تي فرنگين جو ساٿ ڏيندي رھي. پاڻ لکي ٿو ته:

”حيدرآباد ۾ ھوس، مير نور محمد جي قلعي نما محلات کان گذريس ۽ پنھنجي ملاقات لاءِ کيس اطلاع ڏنم، جڏھن وٽس ويس ته ھُن مونکي چيو ته سيٺ نائونمل تو جوڪجهه انتقام ورتو آھي، ان کان ھاڻي راضي آھين؟ مان جواب ڏنو مانس ته سائين اوھان ڇا ٿا چئو؟ موٽي اچي سڄي حقيقت پاٽنجر کي ٻڌايم، جنھن چيو ته ان ڏي نه ويندو ڪر.“

ھن حقيقت جي بيان ڪرڻ کان منھنجو مقصد آھي ته ھي غدار اھڙو ھو، جنھنجي ڪُڌن ڪرتوتن کان مير صاحب چڱيءَ ريت واقف ھئا، پر ھُو بيوس ھئا، سندس ڪا به گوشمالي ٿي نه سگھي. بھرحال ڪراچيءَ جي فتح جي نئين مصيبت مير صاحب جي مٿان اچي ڪَڙڪي. ھن سموري وقت ۾ شاھ شجاع پنھنجي فوج سان پنھنجي انگريز مشيرن اليگزينڊر برنس ۽ سروليم مئڪناٽن سان گڏ شڪارپور ۾ ھو. سر جان ڪين، پنھنجي فوج سان، جھل منگسيءَ جي راھه کان خراسان روانو ٿي ويو ۽ باءِ ڪاٽن، شاھ شجاع سميت خانڳڙھه جي راھ کان اڳتي وڌيو. ھيءَ فوج جڏھن خانڳڙھ (ھاڻي جيڪب آباد) جي سامھون پھتي، تڏھن قلعي مان مٿن اَنڌاڌند گوليباري ڪئي وئي، جنھن ۾ ھڪ انگريز آفيسر مارجي ويو. انگريزي فوج جي جوابي ڪاروائي ۾ بلوچي فوج جا ڪيترائي سپاھي مارجي ويا ۽ قلعي تي انگريزن پنھنجو قبضو حاصل ڪري ورتو، رات انگريزي فوج قلعي ۾ گذاري. انگريزي فوج جي سپھه سالار، خانڳڙھ ۾ پوسٽن صاحب کي حاڪم بڻايو ۽ پاڻ اڳتي وڌيو. ھاڻي شڪارپور ۽ خانڳڙھ ھڪ ئي زنجير جون ڪڙيون بڻجي ويا. شڪارپور ۾ ايسٽوڪ موجود ھو ۽ خانڳڙھ ۾ پوسٽن. انھيءَ ۾ ڪو شڪ نه آھي ته انگريزن جي دليري قابل ديد ھئي. ھُو پنھنجي فوجي مرڪز کان ھزارين ميل دور ھئا ۽ اھڙي ملڪ مان گذري رھيا ھئا جو ناھموار ۽ ھزارين  تڪليفن سان ڀريل ھو.

انگريزي فوجن جو قنڌار ڏانھن سفر:

انگريزي فوج سفر جون صعوبتون ۽ مصيبتون برادشت ڪندي اڳتي وڌندي رھي. ھڪ طرف بي آب ۽ گياهه جبلن جو نشيب ۽ فراز ھو، ته ٻئي طرف بلوچن جي دستبرد جو خوف ھو. شاھ شجاع پنھنجي گذريل تعلقات جي بنياد تي قلات جي حاڪم مير محراب خان کي مدد لاءِ لکي موڪليو مگر ھن پنھنجي عذر سان شاھ کي ٽاري ڇڏيو ۽ سازشن  ۾ مشغول ٿي ويو. ھن حالت کان متاثر ٿي، اليگزينڊر برنس، محراب خان سان ملاقات لاءِ ويو، جنھن انگريزي حڪومت کان رستي جي حفاظت لاءِ ساليانه ٻن لکن رپين جي طلب ڪئي. اليگزينڊر برنس ان وقت کيس 2 ھزار ڏنا ۽ باقي جو واعدو  ڪيو. مگر محراب خان سندس امداد کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ ڪنھن مدد به ڏيڻ کان نٽايو. برنس، ناڪامياب ٿي پوئتي موٽي آيو ۽ ھڪ سال کان پوءِ ھو انگريزن جي انتقامي ڪاروائيءَ کان قلات جي سامھون قتل ٿي ويو. بھرحال انگريزي فوج ھزار خواري ۽ خرابيءَ سان ڪوتل ۾ وڃي پھتي، جتان قنڌار ڪو گھڻو پَري نه ھو. قنڌار ۾ ان وقت، امير دوست محمد جو ڀاءُ ڪھندل خان گورنر ھو.  ۽ساڻس ٻه ٻيا ڀائر به قلعي ۾ موجود ھئا. جن جا نالا ھئا رحمدل خان ۽ مھردل خان. ھنن سردارن کي خبر ھئي ته انگريزي فوج نھايت  درمانده حالت آھي ۽ ھنن ارادو ڪيو ته انگريز  جي ھر اول فوج  تي رات جو حملو ڪن مگر شاھ شجاع جي ھڪ مددگار، حاجي خان ڪاڪڙي، ھيءَ حقيقت شاھ وٽ پيش ڪئي. انگريزي فوج ھاڻي دشمن جي نيت کان خبردار ٿي وئي، جنھنڪري ڪھندل خان رات جي حملي کان پاسو ڪيو. ھاڻي دوست محمد جي ڀائرن وٽ ھي سوال پيدا ٿيو ته انگريزي فوج سان مقابلو ڪجي يا نه ڪجي جيئن ته وٽن ايتري فوجي طاقت نه ھئي جو انگريزن جي مسلح فوج سان مقابلو ڪن، نھايت مجبوريءَ جي حالت ۾ قنڌار کي خالي ڪري، ڪابل روانا ٿيا. سر جان ڪين جڏھن قنڌار پھتو ته کيس خبر پھتي ته دوست محمد جا ڀائر قلعي کي خالي ڪري ھليا ويا آھن، قنڌار بنا ڪنھن مقابلي جي انگريزي فوج جي قبضي ۾ اچي ويو. شاھ شجاع انگريزي فوج جي تلوارن جي ڇانَو ۾ فاتحانه انداز ۾ مغربي افغانستان جي دارالحڪومت ۾ داخل ٿيو. جيئن آئوٽرام لکي ٿو ته:

”قنڌار جي فتح کان چار ڏينھن پوءِ انگريزي فوج پنھنجي مظاھري جو اھتمام ڪيو. شھر جي ٻاھران، ملڪ بدر شاھ  جي سلامي وٺڻ لاءِ سپھه سالار جي عھدي کان وٺي ھيٺين درجي جي آفيسرن تائين سڀئي اچي گڏ ٿيا. فوجين جون طويل قطارون پنھنجي وفاداريءَ جي ثبوت ڏيندي گذرنديون رھيون. آخر ۾ بادشاھه کي ايڪيھن توبن جي سلامي ڏني وئي. ان وقت ھڪ چيز قابل ديد ھئي. اھا ھئي ته قنڌار جي ايڏي آبادي مان فقط ٽي يا چار سؤ ماڻھو مس ھئا جي پنھنجي بادشاھه جي مرحبا لاءِ اچي گڏ ٿيا ھئا. ھن مان آساني سان خبر پئجي سگھندي ته ھيءُ لوڌيل بادشاھه ڪيتريقدر پنھنجي رعيت کي محبوب ھو.“

جيئن ته انگريزي فوج نھايت ٿڪايل ھئي، ان ڪري سرجان ڪين قريب قريب ھڪ مھيني لاءِ قنڌار ۾ ترسي پيو. 27 جون 1839ع تي، سرڪين قنڌار کان غزني روانو ٿيو، جو قريباً ٻه سؤ ٽيھن ميلن جو سفر ھو. 21 جولاءِ تي انگريزي فوج مشھور فاتح ۽ مجاھد سلطان محمود آناءالله برھانہء جي شھر جي سامھون پھتي. غزنيءَ ۾ ان وقت امير دوست محمد جو فرزند غلام حيدر گورنر ھو ۽ وٽس شڪست خورده سندس چاچا به موجود ھئا. ھن سڄي سفر ۾ قلات غلزئي جا باشندا گروه در گروه انگريزي فوج جي چوڌاري ٿي ڦريا ۽ موقعي جي تاڙ ۾ ھئا ته فوج جي مٿان حملو ڪري ڏين، لٽين ۽ ڦرين، پر انگريزي فوج ايڏي ته محتاط ھئي جو افغانن کي ان جي ڪابه جرات ٿي نه سگھي. جيئن ته انگريزي جنرل پنھنجي توبن جو گھڻو انداز قنڌار ۾ ڇڏي آيو ھو، ان ڪري ھن گھيري جي بجاءِ غزنيءَ تي حملو ڪري ان کي فتح ڪرڻ ٿي چاھيو. ھيءَ وڏي دليرانه جرات ھئي قلعي ۾ ڪي ٿورا ھزار افغان فوجي موجود ھئا. 22 جولاءِ تي غزنيءَ جون پھاڙيون سوارن ۽ ان جي گھوڙن سان ڀرجي ويون ھنن سڀني جو ارادو ھو ته شاھ شجاع جي فوج تي حملو ڪن. جو واديءَ ۾ منزل انداز ھو. جيئن ئي ھو ھيٺ لھي آيا شاھه جي فوجي ڪمانڊر، ڪئپٽن پيٽر نڪلسن کين پوئتي ڌڪي ڇڏيو. آئوٽرام جي مشوري سان شاھ جي فوجين افغاني سپاھين کي مجبور ڪيو ته ھيٺ لھي اچن. ھيءَ حملو ايترو ته تيزي سان ھو جو افغانين جي قبضي ۾ آيل ھر پھاڙيءَ کي انھن کان آزاد ڪرايو ويو. ھڪ وڏي پھاڙ جي چوٽيءَ تي سبز جھنڊو ھو جو لڏي افغانين کي تازي حملي ڪرڻ لاءِ دعوت ڏيئي رھيو ھو. ھن بلنديءَ تي انگريزي فوج چڙھڻ شروع ٿي وئي ۽ انگريزي فوج ان تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ افغان ڀڄي وڃي ٻيءَ پھاڙيءَ تي پھتا. 23 تاريخ ڪابل دروازي جي ھيٺان بارود کي رکي اڏايو ويو. انگريزي فوج اندر ڪاھي پئي ۽ ٿوري وقت جي لڙائيءَ کان پوءِ غزنيءَ جو قلعو انگريزي فوج جي قبضي ۾ اچي ويو. ھن مقابلي ۾ خود غلام حيدر به انگريزي فوج جي قبضي ۾ اچي ويو.

غزنيءَ جي فتح سان دوست محمد جون سڀئي اميدون ختم ٿي ويون. ھو پنھنجي فرزند جي گرفتاريءَ جي سبب بيحد پريشان ٿي ويو. پر ان ھوندي به ھو وڏي فوج سان ڪابل کان نڪري انگريزن جي مقابلي لاءِ قلعي قاضي ۾ پھتو، جو ڪابل کان ٻارنھن ميلن جي فاصلي تي ھو . اتي مٿس اھڙو اندو ھناڪ واقعو گذريو جو ھو بيحد دلڪشسته ٿي پيو. سندس فرزند اڪبر خان جو پنھنجي بھادريءَ  ۽ شجاعت ۾ بيمثال ھو ان وقت دَرۂ خبير وٽ شاھه شجاع جي پٽ شھزادي محمد تيمور ۽ ڪئپٽن ويڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي بيٺو ھو. سِک فوج جو به ڪو چارو چَلي نٿي سگھيو. افسوس جو ھن بھادر شخص کي سندس نمڪحرام خادمن تيمور سان سازباز ڪري زھر ڏنو. ان وقت جڏھن امير دوست محمد، انگريزي فوج سان آخري مقابلي ڪرڻ لاءِ قاضي قلعي ۾ مقيم ھو. اڪبر خان کي مرڻينگ حالت ۾ وٽس پھچايو ويو ۽ شھزادي تيمور جي آمد جي خبر کيس ڏني وئي. ھن آڙي وقت ۾ اڪبر خان جي نازڪ حالت کان سندس فوج به بيدل ٿي پئي ۽ دشمن سان وڙھڻ کان نابري واري ويٺي. ھيءَ حالت ڏسي امير دوست محمد پنھنجي اھل ۽ عيال سان انگريزي فوج سان وڙھڻ جو خيال لاھي، بلخ جي طرف روانو ٿي ويو. سر جان ڪين جي ھيءَ خوشبختي ھئي، جو ڪابل بنا ڪنھن جنگ جي سندس قبضي ۾ اچي ويو.

دوست محمد جو تعاقب:

امير دوست محمد جي فوج پوءِ گروه در گروه شاھ شجاع سان اچي ملي ۽ ھيءُ پنھنجن جي ھٿن کان ايذايل امير ، ھندوڪش جي جابلو حصي ۾ پناھه وٺڻ لاءِ پنھنجي اھل ۽ عيال ۽ ٿورن وفادار ساٿين سان ڀٽڪندو رھيو. سندس ڀاڄ جي چوٿين ڏينھن تي شاھ شجاع ۽ سندس انگريز صلاحڪارن جي ھيءَ راءِ بيٺي ته جيستائين امير دوست محمد کي ھٿ نه ڪيو ويندو، تيستائين افغانستان ۾ دائمي صلح ۽ آرام پيدا ٿي نه سگھندو. جيمس آئوٽرام کي ٻين ڏھن انگريز آفيسرن سان گڏ امير موصوف جي تعاقب ۾ موڪليو ويو. شاھ شجاع پنھنجي طرفان به حاجي خان ڪاڪڙ کي، جو ھاڻي سندس مھربانيءَ سان وزير جي عھدي تي پھتو ھو، جيمس آئوٽرام سان گڏ ڏياري موڪليو مگر ھاڻي، امير دشمن جي ھٿن ۾ اچڻ وارو نه ھو. ھو افغانستان جي سرحد کان ٽپي بلخ جي قريب وڃي پھتو. جيمس آئوٽرام باميان تائين سندس پيڇو ڪيو پر جڏھن ھو افغانستان جي سرحد کان ٽپي ٻاھر ھليو ويو. تڏھن سندس وڌيڪ تعاقب غير ضروري سمجھي انگريزي فوج ۽ شاھ شجاع جي فوج پوئتي موٽي آيون.

شاھ شجاع جي تخت نشيني:

7 آگسٽ سن 1839ع تي شاھ شجاع، پنھنجي جواھرن سان ڳتيل پوشاڪ ۾ برٽش آفيسرن سان گڏ، گھوڙي تي سوار ٿي ڪابل جي گھٽين کان گذريو. آھستي آھستي ھي سرگس بالاحصار پھتي، جتي سندس تخت نشينيءَ جو بندوبست ڪيو ويو ھو. پنھنجي بادشاھه جي دوباره مراجعت تي، سندس رعيت ۾ ڪابه خوشي نٿي ڏٺي. رسم ۽ رواج موجب، کيس تخت تي ويھاريو ويو. ايڪيھن توبن جي سلامي کان ڪابل جو شھر گونججي ويو. سر جان ڪين گوڏن ڀر ٿي کيس مبارڪباد ڏني، ۽ انگريز آفيسر ھڪ - ھڪ ٿي کائنس انعام حاصل ڪندي گذرندا رھيا. مشھور انگريز مورخ ”ڪائي“ سچ لکيو آھي ته ”شاھه جي تخت نشيني، خوشيءَ جي بجاءِ ماتمي مجلس ٿي نظر آئي.“

حوالا

1.     پي – اين – کيرا: برٽش پاليسي ٽورڊس سنڌ. ص – 30

2.    عطا محمد: تاريخ تازه نوائي معارڪ. ص 326.

3.    عطا محمد: تاريخ تازه نوائي معارڪ. ص 341.

4.    ديمتروس: چارلس بولفر: سينٽرل ايشين پورٽريٽس:

ص – 20

5.    حميد ڪشميري: اڪبرنامه ص – 49

6.    حميد ڪشميري: اڪبرنامه ص – 69

7.    اليگزينڊر – آءِ – ايس: جنرل جان جيڪب. ص- 10

8.    نائون مل: ميمائرس.

9.    ڪيپٽن، ايل – جي – ٽراٽر: بيارڊ آف انڊيا. ص 48.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com