سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :4

”اقبال“ سجاولي

ڇو ٿو لڙڪ وھائين يار؟

 

دل ۾ درد، لبن تي آھه،

ڪنھن  ۾ اٽڪيو تنھنجو ساھه،

ديوانن جھڙا پرڪار،

ڇو ٿو لڙڪ وھائين يار؟

 

ڪنھن جي محبت ماريو آھين،

پل پل ڪنھن لئه نير وھائين،

ڳل ڳل ڳوڙھن جي وسڪار،

ڇو ٿو لڙڪ وھائين يار؟

 

تنھنجا لڙڪ ھي ڪير نه پَسندو،

تنھنجون آھون ڪير ٻڌندو،

ڪنھن لئه چوريئي، تند تنوار،

ڇو ٿو لڙڪ وھائين يار؟

 

ڏک جا لمحا نيٺ ته ويندا،

ڪنول خوشيءَ جا نيٺ ته ٽڙندا،

نيٺ ته نينھن ٿيندو نروار،

ڇو ٿو لڙڪ وھائين يار؟

مھيسر ”خادم“ رفيقوي

آءُ اڱڻ

آءُ اڱڻ ھڪواري، ساجن، آءُ اڱڻ ھڪواري !

 

من آ ماندو دل ٿي تڙپي، آس ٿي روئي، روح اداس،

دونھين دردن آھه دُکائي، پرت وڌائي آھه پياس،

دل ويچاري، دردن واري، دوست ڏجو دلداري……

 

پور پون ٿا تنھنجا پلپل، توکي ڪيئن وساريان،

ڳوڙھا ڳاڙيان غم تنھنجي ۾، ھنجون ويٺي ھاريان،

من ٿيو مونجھو توريءَ جانب، ڳڻتيءَ دلڙي ڳاري……

 

حال ڏسي وڃ ھيڻو منھنجو، ساھه کي سھڻا تنھنجي تات،

آب اکين مان جاري جاري، روئان ساري ساري رات،

وره وڇوڙي يار وڃائي، سرت سياڻپ ساري……

 

ڪانگ لنوي ٿو، ڪجھه آکي ٿو، مون وٽ ايندين ڪڏھين،

رنج رسامي تنھنجي ماريو، راضي ٿيندين ڪڏھين،

ھيڻو منھنجو حال ڏسي ڪر، پنھون اچي پوئواري……

 

پنھنجي ”خام“ جو اي پيارا، روح اداسي ڪين بناءِ،

ڳڻتيءَ جي ول ويڙھي ويئي، وصل جي ھاڻي واڳ وراءِ،

فرقت اندر سال سال جي، گھڙي گھڙي مون گھاري……

”استاد“ بخاري

بادل بيھه

بادل، بيھه اِتي نالي نام خدا،

توکي ڏيڻو اٿم ڏوراپو الا،

بادل بيھه……

 

سمنڊن تي اُٺين – دريا تي اُٺين،

تبت تي اُٺين – تندرا تي اُٺين،

جبلن تي اُٺين – صحرا تي اُٺين،

منھنجي ٿر تي اُٺو اڃا ناھين ادا-

بادل بيھه……

 

منھنجا ماروئڙا، سڀ پار سُٺا،

کيرن کان اڇا، ماکيءَ کان مِٺا،

چانديءَ کان چٽا، ريشم کان لسا،

ڪي شڪر- ڪُٺا، ڪي صبر مٺا،

بادل بيھه……

 

منھنجي ٿر جي مٿان لنگھڻو پوندءِ،

واريءَ تي وري وسڻو پوندءِ،

اھو عرض اَوَس مڃڻو پوندءِ،

ھوڏي ڏس ته ھَوائن رخ بدليا-

بادل بيھه……

 

منھنجو ٿر وسندو، خوشيون ٿينديون،

منھنجي مارن لئه عيدون ٿينديون،

جيڏيون جيڏين کي کيرون ڏينديون،

ڏاڍي آس اٿم ”استاد“ اِھا-

بادل بيھه……

ولي محمد ”وفا“

آس

ھيئن ڪيئن رات گذرندي ڙي،

ڪو گيت ھجي ڪو ميت ھجي!

 

ڪو راڳ ھجي، ڪا آڳ ھجي،

ڪا منزل، ڪوئي ماڳ ھجي:

ھيئن ساٿيءَ ري ڪيئن سرندي ڙي!

 

ڪو ساز ھجي، ڪو راز ھجي،

آلاپ ھجي، آواز ھجي:

ھا، آس ته پوءِ اُسرندي ڙي!

 

ڪو ساقي، مئي ۽ جام ھجي،

بدمست ازل لئه عام ھجي:

ھا عام ھجي، دل ٺرندي ڙي!

نظم

”تنوير“ عباسي

تون ڀي ھڪ پَل، مان ڀي ھڪ پَل

توڙي تون ڀي مٽي ٿيندين،

توڙي مان ڀي ٿيندس خاڪ؛

پوءِ به ھن پَل، پوءِ به ھن پَل،

تون ۽ مان آھيون ڄڻ ماڪ؛

جيڪا سورج جي ڪرڻي تي،

اُڏرڻ جي آھي ھيراڪ!

 

تون ڀي ھڏ، چم، ماس جو آھين،

مان ڀي رت ۽ گوشت منجھاران؛

ھن پل تون ڀي مٽي ناھين،

ھن پل مان ڀي خاڪ نه آھيان؛

پوءِ به تون ٿو سونھن سڏائين،

پوءِ به مان ٿو نينھن سڏايان!

 

تون ڀي ھڪ پل، مان ڀي ھڪ پل

جيڪو آھي جُڳن جو حاصل،

يعني ھي پَل، يعني ھي پَل،

ان کان اڳ جو مٽي بنجون،

آءُ ته نماڻيءَ ماڪ منجھاران؛

مٽجي چڻنگون ٿيون ۽ ڀڙڪون،

پنھنجي پل جي جيون سان اڄ،

آءُ ته ڪو انصاف ڪريون!

 

عبدالڪريم ”گدائي“

اي ھمسفرو، ڪجھه ڳالھايو…!

اي ھمسفرو، آواز ته ڏيو! چپ ڪين رھو، ڪجھه ڳالھايو؛

ھن ماٺ ۾ دل گھٻرائي ٿي، ھي ٻاٽ انڌيري کائي ٿي!

 

ڪو بيت، ڳجھارت، لوڙائو، يا ڪوئي گيت ته رات کُٽي؛

يا ڳايو شاھه جي ڪا وائي، ھي سحر ٽٽي، ڪا باک ڦٽي!

 

طوفان اٿيو آ باطن جو، ايمان ڦري، شيطان ٿيو؛

اڄ حرص و ھَوس جي چنبي ۾، انسان ڦري، حيوان ٿيو!

 

آ اوندھه انڌوڪار متو، ھر سمت مصيبت ڇانئي آ،

انسان غريب جي سر تي ھي، اڄ ڪھڙي آفت آئي آ؟

 

جت ڪٿ آ پھرو وحشت جو، ٿو ماڻھو ماڻھوءَ کي ماري،

۽ ظلم وستم جي گھاڻي ۾، انسان پيو ٿو ٻاڪاري!

 

ھر گھر کي آھي باھه لڳي، ھر واڙ کي پيھر ٿو کائي،

انسان وڃي ڪاڏي آخر، ڪنھن ڏانھن ڏکيو ڪو واجھائي؟

 

ھر بَستي بَستي، شھر شھر، انسان جي خون جي ھولي آ،

ھن دؤرِ ترقي ۾ ڀي اڄ، انسان جي قيمت گولي آ!

 

دنيا ۾ امن جا ضامن ڇو، اڄ توبن جا ڌڌڪار بڻيا،

دردن جو مداوا دنيا ۾، ڇو ٽئنڪون ۽ بمبار بڻيا؟

 

ھو جن جي دم سان جڳ روشن، سي روشن ديپ اُجھامي ويا!

جي طوفانن سان وڙھندا ھا، ڪو واءُ لڳو ته وسامي ويا!

اڄ ڪوئي سچ ته چوي يارو، آ فرقاني فرمان ڪٿي!

جنھن درس ڏنو ھو رحمت جو، اڄ آھه اُھو انسان ڪٿي؟

 

ھيءَ ماٺ به آ ھڪ جرم وڏو، اڄ سچ کان ڇو ٿا گھٻرايو؛

اي سقراطو! اي منصورو! سچ چوٽ نغاري ڳالھايو!

 

اي ھمسفرو، سوچيو باھم، ڪا اھڙي اڄ تدبير ڪريو؛

ھن پيار جي دشمن دنيا ۾، ڪا اُلفت جي تشھير ڪريو!

 

ھي اونداھين جا پيغمبر، سڀ پنھنجي موت مري ويندا؛

دنيا ۾ پيار محبت جا، ھت گھر گھر ديپ ٻري ويندا!

 

ھن سڙندڙ ٻرندڙ دنيا تي، ڪا رحمت جي برسات ٿئي،

ڪو سُک جو سورج ڀي اُڀري، ڪا امن وسڪون جي رات ٿئي!

 

اڄ پيار جي ساگر مان يارو، ڪي پريت جي مئي جا جام ڀريو:

ھن پيار جي پياسي دنيا ۾، ڪا رسم محبت عام ڪريو!

اي ھمسفرو! ڪجھه ڳالھايو…!

 

قمر ”شھباز“

گدلي گنگا

ھيءُ گدلو گنگا جو پاڻي،

تنھنجي من کان اُجلو ناھي!

 

تنھنجو منُ  آ موتيءَ داڻو،

تنھنجو منُ ھيرن جي کاڻ،

 

پنھنجي جيءَ ۾ جھاتي پاءِ،

توکي ڇا دولت جي ڪاڻِ؟

 

ھيءُ گدلو گنگا جو پاڻي،

تنھنجي من کان اُجلو ناھي!

 

تنھنجي مَن ۾ موتيو مرڪي،

تنھنجي من ۾ مُگري وَاسُ،

 

ڌرتيءَ تي ڇو سِيسُ نوائين،

تنھنجي منزل آ آڪاسُ!

 

ھيءُ گدلو گنگا جو پاڻي،

تنھنجي من کان اُجلو ناھي!

 

تنھنجي مَنُ مندر کان مُھڻو،

تنھنجي دل ديول کان پاڪ،

 

جنھن کي پنھنجي ھٿ سان جوڙين،

سو ڪينءَ ٿيندو تنھنجو ٿاڪُ؟

ھيءُ گدلو گنگا جو پاڻي،

تنھنجي مَنَ کان اُجلو ناھي!

 

تنھنجا بازو بڙڇي آھن،

تنھنجي اک اک تير سمانُ،

 

تون، جي ھيڪر ڀرجي گرجين،

ٿڙ ٿڙ ٿڙڪي ھيءُ جھانُ!

 

ھيءُ گدلو گنگا جو پاڻي،

تنھنجي من کان اجلو ناھي!

 

حافظ ”احسن“ چنا

سنڌڙي

ڇا پُرفضا چمن ٿي، ھيءَ سنڌڙي اسان جي

ھر گل جي انجمن ٿي، ھيءَ سنڌڙي اسان جي.

 

علم و ھنر ۾ اعليٰ ناموس سنڌڙيءَ جو،

وه! شمع علم و فن ٿي، ھيءَ سنڌڙي اسان جي.

 

خوشبو سان جنھن جي ساري دنيا رھي آ ٻھڪي،

نسرين نسترن ٿي، ھيءَ سنڌڙي اسان جي.

 

مِٽي به ان جي سھڻي، پٿّر به اُن جا گوھر،

سرمايهء زمن ٿي، ھيءَ سنڌڙي اسان جي.

 

سنڌو ندي به آھي ٿي جان سنڌڙيءَ جي،

ھو ساھه ھيءَ بدن ٿي، ھيءَ سنڌڙي اسان جي.

ھندو جي آهه حامي، مسلم جي ڀي معاون،

آڌار برھمڻ ٿي، ھيءَ سنڌڙي اسان جي.

 

سامي، سچل، عنايت، بيدل ۽ شاھ، روحل،

سڀني جو ڀي وطن ٿي، ھيءَ سنڌڙي اسان جي.

 

قربان ٿيان نه ڇا کؤن ”احسن“ انھيءَ تان صدقي،

بھتر سندم وطن ٿي، ھيءَ سنڌڙي اسان جي.

 

”سليم“ سرھندي

ساوڻ

بَر ٿَر ۾ بادل منڊّل مچايا،

مينھڙا وٺا، ٿيون ميگھه ملھاريون،

وَڻ ٽڻ اُجاري ڌرتي جياري،

ساوڻ ڏِسون سڀ ساري سنواريون.

 

گُل ڦُل ٽڙيا، ٿيا جھر جھنگ ساوا،

بُوندن خوشيءَ جا آندا سنيھا،

ڏولا لٿا سڀ، ڪئي مِھَر مولا،

تَڙَ تَڙَ تماشا، گھر گھر بَھاريون.

 

وڄڙين جا چمڪا، گوڙِين جا ڪڙڪا،

بوندن جا سٽڪا، ھيُرن جا جُھٽڪا،

جلون جا جھلڪا، دلڙين جا ڌڙڪا،

ڌڙڪن ۾ راڻا توکي پڪاريون.

 

ڇانيل فضا تي اکڙين جو جادو،

رَچيل ھوا ۾ زلفن جي خوشبو،

دلڙي ڪري ڪو ڪيئن پنھنجي قابو،

سرمست ڏينھڙا، راتيون خماريون.

 

ڌڻ ڪاھي ڀاڳين پوٺا وسايا،

چنگن چڙن جا واڄٽ وڄي ويا،

بَر ۾ ڌنارن جا گيت گونجيا،

سونھن پکن ۾ پياريون پنھواريون.

 

پاڻي ڀرڻ لئه نرمل ندياڻيون،

نڪتيون گھرن مان گھر جون ڌڃاڻيون،

سھڻيون سياڻيون جھنگل چون راڻيون،

البيليون الّھڙ ڪُومل ڪنواريون.

 

کڙڪي تي ڇرڪڻ منھن ڦيري مُشڪڻ،

لحظي ۾ ڀڙڪڻ، لحظي ۾ سھڪڻ،

زلفن کي جھٽڪڻ لوڏي سان لچڪڻ،

لچڪن چمن ۾ جئن گُلَ جون ٽاريون.

 

ڇيرون ٿي ڇمڪيون ڇاتيون ٿي ڌڙڪيون،

گونگھٽ مان ھر ھر بجليون ٿي چمڪيون،

پاڻي وٺو پئي باھيون پي ڀڙڪيون،

وھه تنھنجون ساوڻ رتيون نياريون.

 

ساجن کي ڏي ھي پيغام ڪانگل،

آ ھوتَ کولي زلفن جا بادل،

ساؤ اچي ڪر ساوڻ جو ساڙيل،

پوءِ پاڻ گڏجي جڳ کي جياريون.

احمد خان ”آصف“ مصراڻي 

بھار

آيو بھار، اڄ ٿي بھاري بلي، بلي!

ھر شئي لڳي ٿي دل کي پياري، بلي بلي!

 

گلشن جي ڪُنڊ ڪڙڇ ٿي صاف ۽ شفاف آھه،

باد صبا ڏني جو ٻُھاري، بلي بلي!

 

ڏسجن ٿا گل سھائي سمي ۾، ڏِيَن مثال،

ٻوٽن ملھائي ڄڻ ته ڏياري، بلي بلي!

 

گلرخ ٺَھي ٺُڪي ھليا گلشن جي سير تي،

موھي وڌو انھن جي تياري، بلي بلي!

 

عشاق ”ھار“ کائي، وجھن ”ھار“ تن کي ٿا،

سھڻن جي آھه سوڀ ۽ ساري، بلي بلي!

 

”آصف“ وطن ۽ قوم جي شل دل بھار ٿئي،

آھي سچي اِھائي بھاري، بلي بلي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com