سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :6

”داغ“ ٽکڙائي

ھا نڪا دل ئي ھجي ھا نڪو آزار ھجي،

عشق ۽ حُسن جو ڇو پاڻ ۾ تڪرار ھجي!

 

ڇا جون راھون سي ڏسن ھا، نڪي بيتاب ھجن،

ڇا جو ھي درد ھجي ھا نڪو دلدار ھجي.

 

دل ذرا پنھنجي فرشتن کي به ڏي يا الله،

عرش تي ڪو ته محبت جو گنھگار ھجي.

 

نه ھجي ”داغ“، نه دانھون نه رُئڻ ۽ ڦٿڪڻ،

 ڇا جو فرياد ھجي ھا نه غمِ يار ھجي.

مھيسر ”خادم“ رفيقي

 

خدا ڪري ته سڄڻ مون سان ھمڪلام ٿئي !

خوشيءَ جا ڏينھن ورن، درد و غم تمام ٿئي !

 

دلين جا داغ وري ڌوپجي وڃن سارا،

دل حزين ۾ سڪون و قرار عام ٿئي!

 

ھزار جان ڪريان وار وار تان صدقي،

قدم قدم تان فدا تنھنجو ھيءُ غلام ٿئي!

 

ڏئي ٿي بُلبل، بيمار آسرو دل کي،

خزان کُٽي ته بھارن جو انتظام ٿئي!

 

نه دل تي وس نه ڪمي درد ۾ نه صبر و قرار،

نڪا ته شوخ ستمگر جي دل ٿي رام ٿئي!

 

خبر نه آھه، ڀلا مون ڪئي خطا ڪھڙي،

نٿو وصال ٿئي نه نام و پيام ٿئي !

 

وري ڪو اھڙو وري واءُ ملڪ ۾ ”خادم“،

سڪون جو دؤر اچي، امن جو قيام ٿئي!

”نثار“ بزمي

 

زندگيءَ سان نه ڪو نباھه ڪبو،

عشق ۾ پاڻ کي تباھه ڪبو.

 

درد، غم، لڙڪ ۽ ٿڌيون آھون،

ساڻ ھي پاڻ سان، سپاھه ڪبو.

 

دل کي ٻاري پو ان جي دُونھين سان،

پنھنجي تقدير کي سياھه ڪبو.

 

ڪجھه نه حاصل ٿيو ثوابن مان،

تنھنڪري زور تي گناھه ڪبو.

 

خون مان ئي ڪبي کڻي پورت،

ترڪ پنھنجو کڻي گراھه ڪبو.

 

حسن وارن جي پيش خدمت ٿي،

پنھنجو پورو کڻي پساھه ڪبو.

 

دار تي دم زنيون ھڻي ”بزمي“،

موت سان مرڪي مرڪي ٺاھه ڪبو.

 

ولي محمد ”وفا“

 

تنھنجو مشتاقِ ديد ساري ٿو،

آءُ، وڇوڙي جو موت ماري ٿو!

 

زھر ڏيندين ته سو به پي ويندس،

ڪوئي ويڄن جو ھٿ به واري ٿو؟

 

وقت وارن جا وار سھبا پر،

دوستن جو سلوڪ ماري ٿو.

 

ڪا تمّنا، ڪا آرزو ڪانھي،

زندگي ائين به ڪو گذاري ٿو!

 

چند لمحا مان سک سمھان ليڪن،

درد تُنھنجو اچي اُٿاري ٿو!

 

ڪوبه ايندو نه ريگزارن ۾،
راھه ڪنھن جي ”وفا“ نھاري ٿو!

پرڀو ”ناشاد“

کڻ جام، صراحي، اي ساقي!
مون کان ڇا جُدائي، اي ساقي؟

 

پنھنجن سان ٻيائي، اي ساقي،

ناھي ھي چڱائي، اي ساقي!

 

ميخاني جي چوديواريءَ ۾،

تنھنجي آ خُدائي، اي ساقي!

 

دنيا ته سڄي آ ميخانو،

سڀڪو آ نَشائي، اي ساقي!

 

تو سان ئي ڪريان ٿو ڳالھه اُھا،

جا دل ٿي لِڪائي اي ساقي !

 

تنھن رات به مان مدھوش ھئس،

تو راھه بَتائي، اي ساقي!

 

”ناشاد“ جو وات، ٿئي پاڻي،

کاراءِ مِٺائي، اي ساقي!

قطعا 

”خواب“ حيدرآبادي

 

(1)

خبر ڏي اھلِ قلم توھان جي قلم  ۾ جولان نٿو ڏسان مان،

ڇو فڪر دانش جي دلنشين باب تي چراغان نٿو ڏسان مان،

توھان جي سيف وزبان کي ماننّدِ تيغِ برّان نٿو ڏسان مان،

توھان جي ڇو ذوقِ حريّت جو اثر نمايان نٿو ڏسان مان!

(2)

جواب آيو ته فڪر و فن جو ڪو ورلي ڏسجي ٿو قدردان ڪو،

اديب و شاعر ضرور آھن، مگر نه تن جو آ قدردان ڪو،

متاع فڪر و نظر تي پھرو، شعور جو ناھه پاسبان ڪو،

زبان دانش تي آھه تالو، نه درد دل جو آ داستان ڪو!

(3)

ڏٺم ٿي اوندھه جتي جتي ڀي، اتي اتي مون وھائي ڳوڙھا،

بصيرتن وارا جام اوتي، مون ڪور چشمن ۾ ديپ ٻاريا،

سندم ارادا اميد افزا ۽ عزم روشن، خيال پختا،

عروج منھنجو جھان ڏٺو آ، زوال مون کي نه آ گوارا!

(4)

رھن لڪل لعل گودڙيءَ ۾، صدف مان گوھر رھي نه ٻاھر،

دلين جون اکڙيون ڏسن ٻجھن ٿيون، فيوض برڪات جا مناظر؛

قلندرانه نظر سان روحانيت جون دلڙيون ٿين اجاگر؛

مگر جي ماده پرست آھن، جيا، مئا، ٿيا مڙئي برابر!

(5)

ڪري ٿي قبضو ملوڪيت جت، اتي ھلي حڪم کوٻلن جو،

بزور فتويٰ نه سر سلامت رھي ٿو ڪنھن پر قلندرن جو؛

فريب ملّت جو ڏيئي ڪن ٿا، شڪار ملّت جي مرد و زن جو،

سڏين مذھب کي دين فطرت، مُلن جو غلبو ڏسو غبن جو!

(6)

رڍون به ريجھن رباب سان ٿيون، عجوبه اھڙو ڏٺو ڪڏھن ڪنھن،

ڇو الٽي گنگا وھي ٿي وچ ۾، ھي راز ڳولھي لڌو ڪڏھن ڪنھن،

اسان جي سڀڪجھه لٽيندڙن کان، متاع واپس ڦريو ڪڏھن ڪنھن،

دفاع جوڳا قدم وڌائي، ڪو معرڪو سر ڪيو ڪڏھن ڪنھن.

(7)

حيات اھلِ ھنر ٿي مدفن، مئا جياپي جا فڪر ۽ فن،

عدل جي اوندھه ۽ ظلم روشن، وطن جا دشمن، اسان جا محسن،

جي زر جي خاطر ضمير وڪڻن، لباس مومن جو من برھمن،

سکي ڪو تن کان فريب جا فن، ’نه پائي ماندن، نه جائي رفتن!‘

(8)

مزاج ملڪ و فلڪ بدلبو، زمين وارن کي ٿيندي حيرت،

نصاب امن و عدل بدلبو، ڪتاب سنّت ڏي ٿيندي رغبت؛

۽ آل- عمران عروج ڏسندو، نه ھلندي ھامان جي ڪا حڪمت،

مزاج فرعون جاءِ ايندو، جھان ڏسندو غريقِ ذلت.

(9)

ڏني خدا جن  کي سوچ گَھري، سگھوئي جوڌا سي پوندا پھري،

انڌير نگري نه ھوندا دھري، نه ھوندا ظالم نه ڪوٽ قھري،

لڳائي جرّاح نوڪ گَھري، رڳن مان ڪڍندا مواد زھري،

نه رھندي ڪا ”خواب“ سرد مھري، نھال ڳوٺاڻا ٿيندا شھري!

حافظ ”احسن“ چنا

 

(1)

(2)

گفتگو شيرين ٻڌجي ڪانه اڄ
بدڪلامي بد زباني عام آھه
قرب ۽ الفت وئي دل مان ھلي
۽ حسد، ڪينو، خيالِ خام آھه

 

غير جي ڪھڙي شڪايت اڄ ڪجي،
ڏس ته اڄ پنھنجا پراوا ٿي پيا؛
ڪا رھي آھي نه ڪنھن ۾ ڀي شناس،
رنگ دنيا جا نرالا ٿي پيا.

 

(3)

(4)

ڪوبه اڄ ڪنھن جي چڱائي ۾ نه آھه،
ھرڪو چاھي ٿو پيو پنھنجو مفاد
پاڻ کي نقصان، ڏيڻ  ٻئي کي نفعو،
ائين ڪرڻ ٿيو نفس سان گويا جھاد

 

حال ۽ ماضي ۾ ڪيڏو فرق ٿيو،
جيڪي ڪلھه ھو، اڄ اھو ناھي رھيو؛
ٿيندو مستقل ۾ ڇا؟ ڄاڻي خدا،
انقلابي اڄ زمانو ٿي پيو.

 

(5)

(6)

ھرڪو ڏسجي اڄ پريشان حال ٿو،
ڪونه ڪنھن کي ڪو سڪون آرام آھه؛
دل کي اطمينان ناھي ڪا گھڙي،
حال ھن جو ٿيڻو ڇا انجام آھه

 

رات ڪاري جو نه آھي فڪر ڪو،
ڇو ته ٿيندو جلدئي ان جو سحر؛
غم الم ھوندا ھميشه ڪينڪي،
نيٺ ٿيندي زندگي سک ۾ بسر.

 

(7)

(8)

اڄ شرافت جو نه قدر آھي ڪٿي،
پر شرارت کي ٿا ھشياري چون؛
ڪھڙو ھيءُ الٽو زمانو ويو اچي،
جو شريفن کي حقارت سان ڏسن.

 

اي ستايل ظالمن جا غم نه ڪر،
ظلم ھوندو پر ظالم نٿو رھي؛
عرش تي مظلوم جي پھچي ٿي آه،
پاڙ ظالم جي سگھو پٽجي وڃي.

 

(9)

(10)

جيڪڏھن ٿي مارئي آ قيد ۾،
 فڪر ناھي جلد ٿيندا بند خلاص؛
مارئي جي ھمت ۽ عصمت ڏسي،
پوءِ عمر کي ڇو نه ٿئي احساس خاص.

 

ظلم ۽ انڌير ويندو ختم ٿي،
ٿيندو دنيا ۾ سگھو انصاف عام؛
جنگ جا ڪارا ڪڪر ويندا لھي،
امن ۽ آرام ئي ھوندو مدام.

 

(11)

ڪر بلنديءَ جي طرف پرواز تون،
۽ تنزل جو نه رک دل ۾ خيال؛
مرتبو توکي اھو حاصل ٿئي،
جنھن کي پھچڻ ناھه سڀڪنھن جي مجال.
 

 

”استاد“ بخاري

(1)

(2)

زندگيءَ جو ذائقو وه وا،
سُور آھن سرور ڀي آھي؛
دشمنن جو ھجوم ھي دنيا،
دوستن جي حضور ڀي آھي.

 

دوزخن جي عذاب سمجھايو، جنتّن ۾ سُرور ڪيڏو آ؛ دشمنن جي وجود سيکاريو، دوستن جو ضرور ڪيڏو آ.

 

(3)

ھار بنجي گھران ته نڪتاسين،
واٽ ويندي ترار ٿي وياسين،
دوستيءَ جي تلاش ۾ ھئاسين،
دشمنيءَ جو شڪار ٿي وياسين.

 

”آثم“ ناٿنشاھي

 (1)

(2)

تُنھنجي مايا ڊوھه – فريبُ،
مُنھنجا گيت زماني – زيبُ؛
وَڃُ ڙي! پاڄي، پنڻا، ڏاڍ،
تون ڇا ڏيندين مون کي ڏيبُ!

 

طعنا، مِھڻا، پَلٽان پَلٽَ،
ايڏي ڪاوڙ، ايڏي آرٽَ،
ماڻھو آھيان، ڪاٺُ ته ناھيان،
مون تي ڇو ٿا وھايو ڪَرٽَ!

 

(3)

(4)

ڇوڏو ڇوڏو سڏجي ڇِپَ،
رائي پنھنجي ليکي رِپ،َ
موتي سِرجَن ڇا ۾ آخر،
ساگر ۾ نه لَڀي ڪا سِپَ!

 

ماتم مَٽجي ٿيندو ڪاجُ،
ھاٿي مَرَندو، ٺھندو عاجُ،
ڏاڍَ جي سِرتان ڪِرندو پوندو، ڏُٻرن جي پيرن ۾ تاجُ!

 

(5)

(6)

پنڌ پَراھون، سامھون سُڃّ،
راھهَ – مسافرُ روليو رڃَّ،
ٻُڪَ ۾ ڳوڙھا، بوندون چار،
ساھهَ کي ھيڏي ساري اُڃّ!

 

لُڙڪن- موتي وٺُ تون خرچُ،
اَنگَلَ ڇڏ، او ساجن سَرچُ،
ماڻھوءَ ساڻ رُسامون ڇاجو؟
اچ ڙي ماڻھو، مون سان پرچُ!

 

 

”داغ“ ٽکڙائي

گل ھئاسين ۽ بھارون به ھيون گلشن ۾،

تون جي کلندي ئي رھئين، مان به ته کلندو ئي رھيس.

 

ٻه جوانيون ھيون ۽ رات جدائيءَ جي ھئي،

تون جي رُئندي ئي رھئين، مان به ته رُئندوئي رھيس.

 

تون ھئين شمع فروزان ۽ مان پروانو ھئس،

تون جي جلندي ئي رھئين، مان به ته جلندو ئي رھيس!

 

”ھڪ وڏو شاعر  عظيم به سڏجي ٿو ۽ پيغامبر به ڪري مڃجي ٿو، ڇو ته سندس پيغام، سندس روح، سندس واردات ۽ سندس ڪيفيات مان جنم وٺي ٻاھر اچي ٿو. ظاھر ۾ ته اھو عوام سان ئي رھي ٿو، پر باطن ۾ ھو عوام کان گھڻو مٿي ٿو وَسي ۽ رسي. عوام نه سندس زبان ٿا سمجھي سگھن ۽ نه سندس انداز بيان مان لذت اندوز ٿي ٿا سگهن، ۽ نڪو سندس پيغام کي ٿا پروڙي سگھن. اسان وٽ رومي ، عطار، غالب، ۽ اقبال جا مثال موجود آھن، اسان وٽ لطيف ۽ سچل جا مثال موجود آھن، جي پنھنجي دؤر جي ذھن ۽ فڪر کان گھڻو مٿي ھئا، تنھنڪري سندس ڪلام ۽ پيغام جي افاديت ۽ اھميت کان عام ماڻھو ايترو مستفيد ٿي نه سگھيا، جيترو ٿيڻ گھربو ھو.

پر جڏھن ماحول به بدلجي ويو، علم ۽ فن جي روشني آئي آھي، تڏھن انھن عظيم پيغامبرن جو فن ۽ فڪر به زندگيءَ ۽ روشنيءَ جي دنيا ۾ چمڪي رھيو آھي. انسان اڄ چنڊ ۽ تارن تي ڪمند وجھي رھيو آھي، ان ھوندي به عظيم شاعرن جي اخلاقي پيغام جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي. اھو آھي زندھه پيغام جي دائمي حيات ۽ افاديت جو زندھه مثال.“ 

1. سنڊن (Sindon)            - ڊاڪٽر نبي بخش قاضي

2. رڻ ڪڇ جو ڪيس                 - خانصاحب عبدالله چنا

3. شاھ شجاع الملڪ (قسط 3)     - لطف الله بدوي

4. سنڌي نثر جي اسلوب جو

ارتقائي خاڪو - شمس الدين عرساڻي ايم اي

5. ڇانڀي ۽ ان جو فن                 - شيخ عزيز

6. ٿر جو وسڪارو             - رائچند – راٺوڙ (چيلھار)

 

”ھينئر عام طور سان، ’ادب‘ جي معنيٰ ’ادب‘ نٿو سمجھيو وڃي. جيڪڏھن چئجي ٿو ته فلاڻو اديب آھي، ته انھيءَ سمجھڻ جي بجاءِ ته ھن ۾ لطف ۽ لطافت طبع، زيب ۽ زينت افعال موجود آھن، ائين ٿو سمجھڻ ۾ اچي ته ھو ڪنھن به قسم جي ڪتاب لکڻ تي حاوي ٿيو آھي. اھو ’ادب‘ لفظ جو سراسر غلط استعمال آھي.

”علم ادب جو لفظ جڏھن عربن پيدا ڪيو، ته يورپ انھيءَ جي معنيٰ پنھنجي لاءِ ’Elegant literature‘ يا ’ Literature Polite ‘ يا ’Belles letters‘ مقرر ڪئي؛ مطلب اھو ھو ته اھو علم يا اھا تحرير، جا ادب ، لطافت طبع، زيب ۽ زينت عمل ڏانھن اشارو ڪري ۽ انھن جي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري. اھو عربن جو ڪم ھو ته يورپ کي سيکارين ته نشاني تاديب جي اھا آھي ته انسان جي طبعيت ۾ لطف ۽ لطافت ، زينت ۽ نزاڪت پيدا ٿئي. انھيءَ  جو ھڪ تاريخي مثال توھان وٽ موجود آھي. ڊيوڪ آف چيسٽر فيلڊ کان سندس پُٽ، جو پئرس ۾ تعليم وٺڻ ويو آھي، سو ٿو پڇي ته ’خاص طرح ڇا سِکان؟‘ تنھن کي جواب ۾ لکي ٿو ته ’Learn Graces, Graces, Graces‘؛ ٽي دفعا ھڪڙي لفظ جو دھرائڻ سوئي عرب نموني ڏانھن نگشت نمائي ڪري ٿو، ۽ ’Graces‘ اکر جامع آھي، جنھن مان سموري علم ادب جي معنيٰ پيدا ٿئي ٿي!“

- علامه آءِ . آءِ . قاضي

[”مھراڻ“، بھار، 1955ع تان]

ڊاڪٽر نبي بخش قاضي

مترجم: مقبول احمد ڀٽي

سِنڊَن (Sindon)

[جناب ڊاڪٽر نبي بخش صاحب قاضي، 1923ع ۾، روھڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. ايم اي (فارسي، عربي) بمبئي

يونيورسٽيءَ مان، ۽ ايم. ايڊ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. مغربي جرمنيءَ جي گئٽنگن يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪري آيو. ھامبورگ يونيورسٽي، گُئٽنگن يونيورسٽي، ڪيمبرج يونيورسٽي، ميونڪ يونيورسٽي ۽ ڪِيل يونيورسٽيءَ ۾ داڪٽر صاحب علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو آھي، ان طرح فارسي ۽ تصوف جي مختلف موضوعن تي مقالا لکيائين. ستاويھين بين الاقوامي مستشرقين جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين، جا مشيگن يونيورسٽيءَ ۾ منعقد ٿي ھئي. ھن وقت، محترم قاضي صاحب، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ فارسي شعبي جو صدر ۽ پروفيسر ، ۽ جرمن زبان جو پروفيسر آھي.        – ادارو[

عيسوي سن کان اڳ، پنجين صديءَ جي يوناني تاريخ نويس، ھيروڊوٽس، ’سِنڊَن‘ نالي ھڪ ڪپڙي جو ذڪر ڪيو آھي، جو ھن جي قول مطابق، مصر بابل ۽ ڀونوچ سمنڊ جي اُڀرندي ڪناري وارن ملڪن ۾ استعمال ٿيندو ھو. انھيءَ ڪپڙي جو ذڪر، اشور بانيپال جي لائبريري لاءِ تيار ڪيل پراڻين بابلي الواح جي ڪاپين ۾ پڻ چار دفعا ڪيل آھي.

عھد نامہء جديد مطابق، يسوع مسيح کي صليب تي چاڙھڻ کان پوءِ ’سِنڊَن‘ ۾ ويڙھي، ھڪ پيتيءَ ۾ وڌو ويو ھو. جيئن ته ھي لفظ ’سِنڊَن‘ مختلف تعبيرات جو موضوع پئي رھيو آھي، انھيءَ ڪري، اسين ھن مضمون ۾ لغت ۽ ٻوليءَ جي نقطه نگاھ کان ان تي بحث ڪنداسون.

1 يوناني، جرمن ۽ بائبلي لغتون:

(الف) لڊل ۽ اسڪاٽ جي مشھور يوناني - انگريزي لغت (ڇاپو 1849، صفحو 1280) ۾ لفظ سِنڊَن بابت چيل آھي ته ”سنڊن ھڪ عمدو ڪپڙو ململ (جو غالبا ”سنڌ“ مان اخذ ڪيل آھي) خاص طور موميائي ميتن لاءِ ڪم ايندڙ ڪپڙو، عام طور عمدو سڻيءَ جو ڪپڙو، سرجن جون پٽيون، ان بعد، ان ڪپڙي مان تيار ڪيل ململ جو ڪُڙتو، ننڍو ٽوال، لاطيني ۾ ”مپولا“.

ھن لغت ۾ اھو اشارو ڏنل آھي ته لفظ ’سِنَڊن‘ غالبا انڊوس= ھنڊوس مان اخذ ڪيل ھوندو. جيئن ته ”هه“ ۽ ”س“ لسانيات مطابق ھڪٻئي سان بدلبا رھندا آھن، تنھنڪري انھيءَ جو امڪان غالب آھي ته انھيءَ لفظ جو تعلق لفظ ”سنڌ“ سان آھي.

(ب) ڊاڪٽر ھائن رش ليوي، پنھنجي جرمن ڪتاب ”يونانيءَ ۾ ڌاريا سامي لفظ“ ھيروڊوٽس ۽ ٿيوسي ڊائيڊس جو حوالو ڏيندي ۽ يوريپائيڊس جا حوالا شامل ڪندي، لئسن رٽر، وائزي ۽ پريل وٽز جا خيال ڏنا آھن، جن مطابق ’سِنڊَن‘ سنڌو (انڊس) مان نڪتل آھي. انھن ۾ شراڊر جي انھن لفظن جو اضافو ڪيو آھي ته انڊس ندي جي خبر يونانين کي فارسي لفظ ھندو مان پئي ”هه“ ۽ ”س“ جي ھڪٻئي سان بدلجڻ جو ذڪر اڳئي مٿي اچي چڪو آھي.)

(ج) ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ ثقافتي ڏي وٺ – ڪري؛ ’سنڊن‘ لفظ پنھنجي ھيئت بدلائيندو رھيو، جيئن يعقوب ۽ ولھيلم گِرمِ پنھنجي جرمن ڊڪشنري (ص 573 ) ۾ لکن ٿا ته جرمني ٻوليءَ ۾ اھو لفظ ”زينڊيل“ ٿي ظاھر ٿيو. ساڳئي لفظ ”زينڊيل“ جي جرمن انسائڪلو پيڊيا ۾ (ص 489 تي، جتي ’سنڊن‘ لفظ زينڊيل ۽ سنڊيل جي حوالي سان ڄاڻايل آھي) ھيٺين لفظن ۾ تشريح ڪئي ويئي آھي: (ترجمو) زنڊيل پڻ سينڊيل، سنڊل ۽ زينڊل، ھڪ ھلڪو ريشمي ڪپڙو، جو ٻارھين صديءَ کان مخصوص مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو پئي آيو، تيرھين صديءَ ۾ ھڪ پٽيءَ  جي نالي سان، ٽوپلي تي ويڙھي ويندي ھئي ۽ پندرھين صديءَ ۾ ڪنھن به مٿي ڍَڪَ طور، جنھن سان ٿڌ جو بچاءُ ڪيو وڃي. اھڙيون پٽيون ڪُلھَن ۽ ڇاتيءَ کان گوڏن تائين پيون لڙڪنديون ھيون (ص 336).

(د) پروفيسر رابنسن، عھدنامہء جديد جي يوناني ۽ انگريزي لغت (صفحن 719-720) ۾ سِنڊَن، جي ھيٺينءَ ريت وضاحت ڪئي آھي: ’سِنڊَن‘ يعني عمدو سڻيءَ جو ڪپڙو، انڊيا جي ململ يا ڪپھه، پڻ عموماً سڻيءَ جو ڪپڙو، جو احڪامات (سِگِنلَ) جاري ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو ھو.

’پئسؤ‘، ان ساڳئي يوناني لفظ کي سنڊوس يعني انڊوس مان اخذ ڪيل لکي ٿو، جيئن ھن اشتقاق جي ڪتاب ۾ شھر ”سنڌ“ مان، ٻين ان کي عبراني مان، جنھن جي معنيٰ اندران پائڻ وارو سڻيءَ جو ڪپڙو، ڄاڻايو آھي. فيشر پرولس  de Vit. Lex.   لغت ( ص 75) ۾ پولڪس ان لفظ کي دراصل مصري ٻوليءَ مان نڪتل ليکي ٿو. ’عھدنامہء جديد‘ ۾ ھڪ سڻيءَ جو ڪپڙو، چورس يا مستطيل شڪل ۾، جو مشرقي ماڻھو رات جو موجوده رائج ڪپڙن بجاءِ پھريندا ھئا، مرقس 14 : 51 ... جو ميتن تي لپيٽڻ لاءِ پڻ استعمال ٿيندو ھو، متي 27 : 59 مرقس 15: 46 لوقا 23 : 53…

مٿي ڄاڻايل لغتن جا لکندڙ، انھيءَ امڪان کي غالب ڄاڻائين ٿا ته لفظ ’سِنَڊن‘، ’سنڌو‘ يا ’سنڊو‘ مان اخذ ڪيل آھي. ائين چوڻ اجايو نه ٿيندو ته اصلي لفظ ’سنڌڻ‘ يا ’سنڊن‘ (سنڌ جو يعني سنڌ جي پيدائش) آھي. اھا ڳالھه مشھور معروف آھي ته ھن علائقي جا عربستان ۽ مصر سان تجارتي تعلقات ھوندا ھئا ۽ ڪپڙو، جنھن ۾ مصر جا موميائي جنازا ويڙھيا ويندا ھئا، سو سمجھجي ٿو ته سنڌ مان ويندو ھو (مٿي ڄاڻايل مضمون ۾)  ڪينيڊيءَ جي قول مطابق ’سِنڊَن‘ ڪپڙو، جو بابلي الواح ۾ ڄاڻايل آھي، ڀاڄين  جي مادي مان تيار ڪيو ويندو ھو، ۽ ”ڪُرُ“ ملڪ مان ايندو ھو. ۽ ھن انھيءَ ڳالھه تي زور ڏنو آھي ته عڪّادي ٻوليءَ ۾ ”ڪُرُ“ معنيٰ جبل آھي. پر ھن اھو نه ٻڌايو آھي ته اھو جبل آھي ڪٿي. سر وليم سمٿ جي ”يوناني ۽ رومي بايو گرافيءَ، مٿالاجيءَ ۽ جاگرافيءَ جي ڪلاسيڪي ڊڪشنري“ ۾ ھڪ حوالو (ص . 877) ڏيکاري ٿو ته سنڌي ھڪ قوم آھي، جا يوڪسين جي اڀرندي ڪناري تي ايشيائي سارميشيا تي، ڪوھه قاف جي تري ۾ رھندڙ آھي. اھي غالباً تامان جي اپٻيٽ (ازؤ جي سمنڊ ۽ ڪاري سمنڊ جي وچ ۾)  ۽ ھپانيز ندي ( ڪؤبان ) جي ڏکڻ ۾ رھندا ھئا. انھن جي گاديءَ جي ھنڌ جو نالو سنڌا (اناپا؟) سڏيو ويندو ھو.  جنھن کي ھڪ بندر ھو. انھن جي ملڪ کي يوناني ۾ ”سنڌو“ سڏجي ٿو. انھن جو ’سنڊونس‘ ۽ ’سندياني‘ جي نالن سان پڻ ذڪر ٿيل آھي.

اھو دليل ڏيئي سگھجي ٿو ته لفظ ’ڪُرُ‘ جبل جي معنيٰ ۾ بابلي الواح ۾ ڪوھه قاف جبل جي حوالي سان ڄاڻايل آھي ۽ ’سنڊن‘ لفظ جو حوالو ان ڪپڙي طور ڄاڻايل آھي جو ’سنڊيڪا‘ ۾ تيار ٿيندو ھو پر ان جو ڪوبه تاريخي ثبوت نٿو ملي ته ’سنڊن‘ جي پيداوار ڪوھه قاف جبل جي ڀروارن ملڪن ۾ ٿيندي ھئي. ان جي برعڪس ’انڊوس‘ جي ململ، قديم تجارتي تاريخي ۾ چڱيءَ طرح معروف آھي. بابلي الواح ۾ ’ڪُرُ‘ جو حوالو، انھن جبلن لاءِ ٿي سگھي ٿو، جي سنڌ جي الھندي سرحد سان لاڳو آھن، ۽ جي سنڌ ۽ قديم ايران کي الڳ ڪن ٿا.

2. عھدنامہء جديد (بائيبل) جا حوالا:

لفظ ’سِنڊَن‘ عھدنامہء جديد جي اصلي يوناني متن ۾ ٽن ھنڌن تي استعمال ٿيل آھي:

1. متي : 27: 59.

2. مرقس : 14 : 51.

3. لوقا : 23: 53.

انھن ٽڪرن جو انگريزي ترجمو دلچسپيءَ کان خالي نه رھندو.

(i) سنت متيءَ جي قول مطابق، انجيل مقدس ۾:

27: 57: جڏھن  ھڪجھڙائي قائم ڪندڙ آيو، تڏھن اريما ٿاڪا جو شاھوڪار شخص ’يوسف‘، نالي پڻ آيو، جو خود يسوع جو مريد ھو.

58: ھو پائليٽ وٽ ويو، ۽ وڃي يسوع جي ميت لاءِ گذارش ڪائين. پائليٽ حڪم ڪيو ته ميت ڏني وڃي. 

59: ۽ جڏھن يوسف ميت حاصل ڪئي، ھن ان کي صاف سڻيءَ جي ڪپڙي (يوناني ٻوليءَ ۾ ’سنڊوني‘ ۾) ويڙھيو.

60: ۽ ھن ان کي پنھنجي مقبري ۾ رکيو، جو ھن جبل ٽاڪي تيار ڪيو ھو:  ۽ ھن ھڪ وڏو پٿر ريڙھي، مقبري جي در تي رکيو، ۽ روانو ٿي ويو.

(ii) سنت مرقس جي قول مطابق انجيل مقدس ۾:

14 : 51: ۽ ان جي پويان ھڪ جوان مڙس آيو جنھن وٽ سڻيءَ جو ڪپڙو ھو، (يوناني ٻوليءَ ۾ سنڊونا) جنھن سان ان جو جسم ڍڪيو ويو ۽ جوان مڙس اھو ان تي وڌو.

52: ۽ ھن اھو سڻيءَ جو ڪپڙو ڇڏي ڏنو (يوناني ٻوليءَ ۾ ’سنڊونا‘) ۽ انھن وٽان ننگوئي نڪري ويو.“

(iii) سنت لوقا جي قول مطابق، انجيل مقدس ۾:

23: 53: ھي شخص پائليٽ وٽ ويو ۽ يسوع جي ميت لاءِ گذارش ڪيائين. ۽ ھو اھا وٺي ھيٺ آيو ۽ ان کي سڻيءَ جي ڪپڙي (يوناني ٻوليءَ ۾ ’سنڊوني‘) ۾ ويڙھيائين ۽ ان کي مقبري ۾ رکيائين، جو پٿر ٽاڪي تيار ڪيو ويو ھو، جتي ان کان اڳ ڪو به شخص نه رکيو ويو ھو.

آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنريءَ ۾ ڄاڻايل آھي ته سال 1582ع ۾ عھدنامہء جديد جي انگريزي ترجمي ۾ سڻيءَ جي ڪپڙي بجاءِ اصلي يوناني لفظ ’سِنڊَن‘ لفظ استعمال ڪيو ويو آھي.

1582ع – عھدنامه جديد (ريم) متي، 27: 59: يوسف ميت کڻي، صاف ’سنڊن‘ ۾ ويڙھي؛ ھڪ جوان مڙس، جو ان جي پويان ويو ’سنڊن‘ سان ان ننگي جسم کي ڍڪيو.

3. قرآن شريف ۾ سنڊن: سندس.

اسان چئي چڪا آھيون ته لفظ ’سنڊن‘ ممڪن آھي ته سنڌي لفظ سنڌڻ (سنڌ جو يا سنڌ جي پيدائش) يا سِنڊن جي ترجماني ڪندو ھجي. ائين ئي جيئن فارسي لفظ ’من‘، افغانستان ۾’مه‘ ۾ بدليو، تيئن سِنڊڻ يا سِندِهِ جو وچ مشرق جي ملڪن ڏانھن ويندي تبديل ٿيڻ عين ممڪن آھي. ’ھه‘ ۽ ’س‘ جا حرف ھڪٻئي سان بدلبا رھندا آھن، تنھنڪري سِندِهِ، سِنڊسِ ۽ بعد ۾ عربي ڳالھائيندڙ ملڪن ۾ سنُدِسِ بنجي پيو. اھو لفظ سنُدسُ قرآن شريف ۾ ٽن ھنڌن تي استعمال ڪيو ويو آھي:

اولٰئڪ لھم جنات عدن تجري من تحتھم الانھٰر يحلون فيھا من اساور من ذھب ويلبسون ثيابا خضرا من سندس و استبرق متڪئين فيھا علي الارائڪ نعم الثواب و حسنت مرتفقا. ( الڪھف: 31 )

                    18

”ھي اھي آھن، جن لاءِ باغ آھن عدن جا، جن جي ھيٺيان جاري آھن نھرون، انھن کي سينگاريو ويندو سون جي ڪنگڻن سان ۽ پھريندا عمدي ڪپڙي ( سندُس ) ۽ ساٽين جا ساوا ڪپڙا، ليٽيل ھوندا تختن تي آرام سان، ڪيڏو نه شاندار انعام ۽ ڪھڙي نه سھڻي آرام جي جاءِ“. (18: 31)

ان المتقين في مقام امين- في جنت وعيون- يلبسون من سندس و استبرق متقلبين. ( الدخان- 51؛ 54)

”بيشڪ پاڪباز سلامتيِءَ واري ھنڌ تي ھوندا، باغن ۾ ۽ چشمن وٽ. انھن کي (سندس) ۽ ساٽين جا ڪپڙا پھرايا ويندا ۽ ھڪٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا.“

و اذرايت نعيما و ملڪا ڪبيرا- عليھم ثبات سندس خضرو استبرق وحلاً اساور من فضته و سقھٰم ربھم شراباً طھورا (الدھر: 20-2). 76

”جڏين توھان ڏسندؤ، تڏھين توھان کي خدا جي نعمت ۽ ھڪ وسيع ملڪ ڏسڻ ۾ ايندو (انھيءَ ملڪ ۾ رھندڙ ماڻھن کي) پھريل ھوندا، ڪپڙا سائي سُندس ۽ ساٽين (يا ڀرت ڀريل) جا ۽ اھي سينگاريل ھوندا، چانديءَ جي ڪنگڻن سان انھن کي سندن رب طرفان پاڪ پاڻي پياريو ويندو.“

عرب جي علم اللغات جا ماھر ۽ زباندان، انھيءَ تي متفق آھن ته لفظ ’سُندُس‘، ’معرب‘ آھي (يعني ھڪ اھڙو ڌاريو لفظ جنھنکي عربي جامو پھرايو ويو ھجي.)

(i)  الفيروز آبادي پنھنجي مشھور لغت ”القاموس المحيط“ ۾ لکي ٿو ته:

السندس بالضم ضرب من بزيون او ضرب من رقيق الديباج معرب.

”سندس،“ بزيون (يوناني لفظ) جو ٽُڪر يا ھڪ عمدي ريشمي ڪپڙي جو ٽڪر، صاف ڏيکاري ٿو ته اھو ھڪ اھڙو لفظ آھي، جنھن کي عربي بنايو ويو آھي.

الخفاجي پڻ ساڳيءَ طرح لکيو آھي.

(ii) راغب اصفھاني، قران جي فرھنگ ’المفردات‘، ۾ لفظ سندس جي وضاحت ڪئي آھي:

والسندس : الرقيق من الديباج و الا ستبرق الغليظ منہ

معنيٰ: ” ’سندس‘ ھڪ عمدو ريشم ۽ استبرق اُن جو ھڪ کھرو (قسم) آھي.“

( iii)  ابن منظور، پنھنجي لسان العرب ۾، البزيون تي لکندي، ساڳيءَ ڳالھه ”عمدو ريشم“ چوي ٿو:

البزيون بالضم، السندس؛ قال ابن بري ھو رقيق الديباج.

(iv)  ’تاج العروس‘ ۾ ’الزبيدي‘ کي پڻ ڏسو:

البزيون ( و) في الصحاح مثل (عصفور) و مثله في اصلاح الڪاتب (السندس)  و قال ابن بري ھو رقيق الديباج.

(5) ’السيوطي‘: شيدله جو رايو لکيو آھي ته اھو (سندس) ھند (يعني سنڌ- ڇاڪاڻ ته ھند ۽ سنڌ لفظ ھڪٻئي ۾ بدلبا پئي رھيا آھن) مان نڪتل آھي:

سندس: قال الجواليقي ھو رقيق الديباج بالفارسيہ و قال الليث لم يختلف اھل اللغة والمفسرون في انہ معرب و قال شيدله ھو بالھنديہ.

(6) ’لين‘ پنھنجي ڊڪشنريءَ ۾ ڪيترا حوالا ڏنا آھن ته ان جي معنيٰ آھي عمدو ريشمي ڪپڙو، جنھن جو تعلق ’بزيون‘ سان آھي، سندس- ھڪ سنھو ۽ نفيس ديباج (يا ريشمي بروڪيڊ)… يا سنھو  ۽ نفيس حرير ... استبرق جي ابتڙ يا بزيون… بلا ترديد چئي سگھجي ٿو ته عربي ءَ ۾ آندل ھڪ ڌاريو لفظ آھي.

(7) اي. جيفري پنھنجي ”فران جي ڌارين لفظن جي لغت“ ۾ لکي ٿو: سندس: نفيس ريشم. ”اھو فقط استبرق سان گڏ اچي ٿو، جتي بھشت جي باشندن جي شاندار پوشاڪ جو ذڪر ٿئي ٿو ۽ انھيءَ ڪري يڪدم شڪ پئي ٿو ته اڳئي ڄاتل ھڪ ڌاريون، اڌارو ورتل لفظ آھي.“

الڪندي ’رسالہ‘، 85؛ الثعلبي فقھ 317؛ الجواليقي ’معرب‘ 79؛ الخفاجي، 104؛ السيوطي، 322؛ ھن کي ھڪ فارسي لفظ ڪري ڄاڻايو آھي. ٻين بھرحال، ان کي عربي سمجھيو آھي، جيئن محيط، ڄاڻايو آھي ۽ ڪن ٻين پڻ ائين سمجھيو. اھا ھڪ اھڙي صورت ھئي جنھن ۾ ٻئي ٻوليون ساڳيو لفظ استعمال ڪنديون ھيون.

’فرائٽاگ‘ پنھنجي لغت ۾ ان کي فارسي الاصل ڪري ڪوٺيو آھي: حالانڪ ’فرئنڪيل‘ ’Vocab‘ 4 ۾ ان تي شڪ جو اظھار ڪيو آھي ته سندس جھڙي لفظي ھيئت قديم توڙي جديد فارسيءَ  ۾ ٿئي ئي ڪانه – ’دوارڪ‘ ’Fremdw‘، 72 ۾ ڄاڻايو آھي ته اھا فارسي لفظ ’سندوقس‘ جي بگڙيل صورت ٿي سگھي ٿي، جيئن اھڙو سرياني لفظ، يوناني لفظ مان اخذ ڪيل آھي، اھو لفظ ’سانڊس‘ استعمال ڪندڙ ھئا.

ساڳئيءَ طرح ’اسٽرئبو‘ 11، 14، 9 ۾ چئي ٿو ته نفيس، شفاف، ڪڻڪ رنگو، زنانو پھراڻ، سڻيءَ مان ٺھيل.

’فرئنڪيل‘، ’Fremdw‘ 41 ۾ ان کي ھڪ يوناني لفظ سان ڀيٽيو آھي، جنھن جي معنيٰ ٿئي ٿي ”پھراڻ، جو باقوزي ڪريا ڪرم ۾ ڪم آندو ويندو ھو“. انھيءَ سان فلر،  ZDMG، جلد 51، ص 298، ڪنھن حد تائين اتفاق ڪري ٿو. بھرصورت ھي ھڪ اوائلي طور اڌارو ورتل لفظ آھي جيئن قديم شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل آھي،  مثلا مُتَلَمسّ جي شاعريءَ ۾.

مٿيان حوالا ڏيکارين ٿا ته ڪي عالم انھيءَ خيال جا آھن ته ’سُندس‘ ھڪ فارسي لفظ آھي، جيتوڻيڪ فارسيءَ ۾ اھڙي ڪابه قديم يا جديد ھيئت موجود ناھي. پر جيئن اسان مٿي واضح ڪري آيا آھيون ته ’هه‘ ۽ ’س‘ جا حرف ھڪٻئي ۾ بدلبا رھندا آھن (سنده < سندس) تنھنڪري ٿي سگھي ٿو ته فارسي ءَ ۾ به ائين ٿيو ھجي جيئن (ھور < سور) يعني سج، اڳيئي مروج آھي. ساڳيءَ طرح ھي ڪپڙو به تاريخ جي انھيءَ ريشمي رستي تان گذرندو آيو آھي.  جيفري، فرينڪيل جي (مٿي ڄاڻايل) ڪتاب جو حوالو ڏنو آھي، پر خود فرينڪيل جو به اھو فقط ”گمان“ ئي آھي ته لفظ سُندُسُ، ساڳيو مصري لفظ شينتي آھي.

فرينڪيل جو لفظ ’سُندُس‘ جي اصليت جي باري ۾ خيال آھي ته اڃا  ان جي پوري صفائي نه ٿي آھي، پر مٿئين مبحث مان ڏٺو ويندو ته، ’سُندُسُ‘ اھو ساڳيو يوناني لفظ آھي، جو دراصل ’سِنڊَن‘، ( سنڌ جو يا سنڌ جي پيدائش) مان نڪتل آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com