سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :3

حافظ  ”احسن“ چنا

پرينءَ جي پار ڏي، کنيو نيڻ ڏسان،

شل اھو پار پسان، جتي جانب جُوءِ ۾.

 

پرين پرائي ڏيھه ۾، تون ڪيئن گذارين،

ولھيءَ کي وسارين، متان منھنجا سپرين.

 

پرين لڳ پرور، ڪرڪو قرب ڪاھل تي،

ھيءَ نماڻي نڌر، آھي اوھان جي آسري.

 

پرين ھن پورھيت تي، ڪرڪا احساني،

ٻنڌڻن کان ٻانھي، آھيان خان ٻروچ جي.

پرين پرائي ڏيھه، تو ڏاڍا ڏينھن لائيا،

ويجھو اچي ويھه، ته ڪريون روح رچنديون.

 

دل جو حال ھلي اچي، ھوت تون سڻج ھاڻ،

مون تنھنجي ڪاڻ، سھسين سکائون باسيون.

 

مون باسون باسيون ڪيتريون، تنھنجي ڪارڻ ڪانڌ،

پرين ڏيئي پاند، ڪر پاسي ۾ پانھنجي.

 

ڪيئي قول ڪميڻيءَ سان، پارس اھي پار،

آءُ اڱڻُ ”احسن“ جي، مفت نه ان کي مار،

سھڻا سڄڻ سردار، مل ته ماندائي لھي.

ا .ح . جئسنگھاڻي ”سام“

اوريندس آريءَ سان، ويھي منجھه اوطاق،

پسائيندس پِر کي، جي ڦٽ ڪيا فراق،

عشق جا اتفاَق، عاقل سمجھن ڪينڪي.

 

ننڊ کي ڏوھه مَ ڏيو، مان نه پَري ھُيَس پرَ کان،

دور رکي جو ان کان سو جاڳڻ موت ٿيَو،

دل جو حال ٻيو، جنھن ۾ ننڊ نه جاڳ آ!

 

ننڊ نھ وڇوڙيون پِرَ کان، ڀانيان ڪين آڀاڳ،

منھنجو تِن سان لاڳ، سُتي رھيو ٿي سھنجو.

 

ننڊ سا ڀانيا ڀاڳ، جاڳڻ ڪوڙو سپنو،

وڇڙي تِن کان جاڳ ۾، ڏوريم ڏيھه ڏھاڳ،

سڪ ۾ پاءِ سھاڳ، ته جاڳ ننڊ ۾ گڏ رھين!

گھڙيون سپنن جون ھُيون، مون لءِ عين ثواب،

پڙھيو ٿي مون ننڊ ۾، برھه وارو باب،

ماڻھو چون خواب، اسين واصل ھئاسون وَرَ سان.

 

برھه سندي ھِن واھه ۾، تون راھه پؤ نه رھي،

ويھه نه اوٽ اَميد جي، ھَل پيرين پنڌ ڪھي،

ويندءِ وقت وھي، ويھڻ سان نه وصال ٿئي.

 

جنھن کي جڙيل لنوَ جي، آھي لڪل ڪڙي،

سا ڪئن گھاري گھر ۾، ويھي ھڪ گھڙي،

ڏوريندي ڏونگر سا، لڪن اندر لڙي،

اُڀي تڪيندي اُڀ ۾، کُڏڙن مٿان کڙي،

جبل لتاڙي جوش سان، بيھندي ڪين اڙي،

بُکون ڪڍندي بَر ۾، حاصل جت نه ڳڙي،

چاھهَ چانگي جي چِتَ ۾، وڄندي ٻُڌي چڙي،

ڪاھي پرَ ڏي قرب مان، جنھن سان جان جڙي،

ويندس پَلڪ پَڙي جي، سرِ ڏئي سرھي ٿئَي.

”استاد“ بخاري

ھيڏان گُھوري حُورَ، ھيڏان دوڏا دوزخي،

سونھن به آھي سونھن پر سور به آھن سور،

پيار به آھي پيار پر، پور به آھن پور،

مون پارا مجبور، ڪئين پيار ۽ پيٽ ۾.

 

ھيڏان پنھنجا پارَ، ھيڏان پار پرينءَ جو،

ھيڏان ور ور زندگي، ھيڏان ور ور وار،

ھيڏان سورن – سلسلو، ھيڏان ساجن – سار،

ھيڏان تات تنون جي، ھيڏان تن جي تار،

ھيڏان پنھنجا، برھه جا، ھيڏان باري بار،

”استاد“، آخرڪار، ڪيڏي ٿي ڪيڏي ٿجي!

 

ھوڏيَ کِلڪو کنڊ، ھيڏي سُڏڪا سنکيو،

ھوڏي ھلڪيون زندگيون، ھيڏي جنسي جنڊ،

ھوڏي بخشش، برڪتون، ھيڏي  ڏوھه ڏنڊ،

ھوڏي مرڪڻ منڊ، ھيڏي سِسِڪيون سور جون.

 

ڳاڙھا ڳوڙھا ھيڏھون، ھوڏهن ڳاڙھا ڳل،

ھيڏھن سادا- سُودڙا، ھوڏھن پير، پڙھيل،

ھيڏھن سورج- ساڙيا، ھوڏھن پينگھه - پليل.

 

ھيڏھن حامي ڪونه ٿئي، ھوڏھن دادا دَل،

ھيڏھن ڪڙا ڪوٽ جا، ھوڏھن جھل نه پل،

ڪھڙي ڀر ”استاد“ آ، ڪنھن کي ڪھڙي ڪل،

ھيڏھن گھوڙا گھل، ماريو ماريو، ھوڏھون

 

ھوڏي باغ بھار، ھيڏي اجڙيل آشيان،

ھوڏي ٽھڪن ٽاريون، ھيڏي ڏھڪن ڏار،

ھوڏي راڳ رباب تي، ھيڏي پيڙ- پڪار،

ھوڏي سرھي سيج ۽، ھيڏي ڪنڌ - ڪٽار،

ھوڏي سرھا سَو – سوين، ھيڏي ڏيہَ ڏڪار،

ھوڏي کنپ خمار، ھيڏي اکيون آڳ ۾.

احمد خان ”آصف“ مصراڻي

راڻل! منھنجي راڙ، ڪانڌ سڻي اچ ڪاڪ تي،

ڪرھو ڪاھي ڪوڏ مان، لالڻ مون ڏي لاڙ،

وچن وسارج ڪينڪي، پرِنَ سَڀيئي پاڙ،

سوڍا منھنجي ستر ٿي، عيبن کي نه اگھاڙ،

ڏسج منھنجي ڏيل ۾، ڦوڙائي ڪيا ڦاڙ،

پلنگ پراڻا ٿي پيا، سڃي ٿي ست ماڙ،

ڪُرڻ ڪين قرار ڏئي، ٻھڳڻ تنھنجي ٻاڙ،

توڏي حرف نه ھڪڙو، مون ڏي ڪل مُھاڙ،

مون تي ڪري ماڙ، ڍولڻ ڍڪ ڍلائيون.

حيدر علي ٽالپر

رَس رھاڻيون راند، تو سان آد جُڳاد کان،

مانَ منھنجو ھي پاند، ڇڪجي تنھنجي ڇيھه ڏي.

 

ساري توکي سپرين، نازڪ نسريا نيڻ،

تون ماکي مان ميڻ، جيئڻ تنھنجي جند سان.

 

ستي سانجھيءَ ياد پئين، ٿي ويئي ريجھه رھاڻ،

ڪاھيان تنھنجي ڪاڻ، ھن ڪُن مان ھوڙاڪ کي.

 

ڪئي چند اَڇاڻ، اوندھه تاري عالم تان،

تنبوري جي تار تي سَنگيِتِي  سُرھاڻ،

اوڏي آڱر آڻ، ته رچي رات سماع سان.

وڻ وڻ آ ويراڳ، ڪونھي جھانجھه جھان ۾َ،

جو رچائي روح کي، سو  ناھي رتل راڳ،

سورٺ، سريراڳ، ڪونھي پڻ ڪُماچ ڪو.

 

کنياتا نيئي خاص، ڪانگون ڏيج قريب کي،

من پريان جي پاس، ھڏا ماس ھِت رھيا.

 

ھڏَ ھڏَ منجھه ھُڳاءَ، آھي پرين جي پيار جو،

سرھاڻ اُٿي سرير مان، واسِي آ ھر جاءِ،

سِرڪِي ويو ساءَ، پُھتو وڃي پرين کي.

 

پرينءَ ڪيئن پھچن، آھون منھنجي عشق جون،

کٿوري خوشبوءِ جيئن، سرڪي شال وڃن،

الا ڪانگ لنون، لاتيون منھنجي لنؤنءِ جون.

 

ڇپرن ۾ آ ماڻڪي، جيئن سپ ۾ موتي صاف،

ڳوليان پيو صراف، قدر قيمت جو ڪري!

 

مومل ويٺي روءِ راڻو ڪالھه رُسي ويو،

ڪانگن ويٺي چُوءِ کنياتا خبرون آڻيو.

 

پنھون ويو پرديس ، سسئي سورن ۾ پئي،

ور وَر روئي ور کي، وڳا وڃايائين ويس،

ڪيئن ڇڏي ھا ديس، پرس  ناحق آھه ڀنڀور ۾.

دوھا

”استاد“ بخاري

 

تو ته لڪايا مون کان پنھنجا، ڳل ڳاڙھا دلدار،

مان به گلابي گلڙا ڏسندي ٽاريندس اوٽار.

 

تو جي نه مرڪيو منھنجي آڏو زور نه لائيندس،

شام وڃي موتئي – مکڙين سان دل وندرائيندس.

 

تنھنجي سُرھن سھڻن وارن تائين ڪيئن پھچان؟

مان به وڃين ٿو، سنبل سھڻا اکڙين تي مھٽيان.

 

تنھنجي ڳاڙھي ڳل تي سھڻا ماتا جا سنيارا،

شام – شفق جي رنگينيءَ تي سانجھيءَ جا تارا.

 

تنھنجو چھرو، تنھنجي شيءِ آ، مون کان ڍڪيو تو،

چنڊ اڀرندو، ان ڏي ڏسبو، ڪونه جھليندو ڪو.

 

تنھنجي راھه، جھليندي جو تون، ڪانه ڪِٿان تڪبي،

روئي روئي، سڏڪي سڏڪي، ڪاھڪشان ڏسبي.

 

مان نه ڪُڇان ھا، مان ڏيان نه ھا، اي مَن ڏوراپا،

ڪاش ڏسين ھا، نيڻ ڏين ھا، نيڻن کي نياپا.

 

تون نه پُڇين ٿو ۽ نه ٻڌين ٿو، ڪين مٺا ڪڇبو،

رات وڃي ڪنھن پاھڻ آڏو پار ڪڍي رئبو.

تنھنجي ڏسندي، توسان ملندي، ھرڪو آڪڙبو،

گل گھوريندي، چنڊ تڪيندي، ڪوبه نه ڪاوڙبو.

 

منھنجي ڏسندي، شايد تنھنجي صورت ٿي گھٽجي،

فطرت ڪنھن جي ڏسندي منھنجا مور نٿي ٿڪجي.

سروپجندر ”شاد“

ڍاٽڪي دوھا ۽ سنڌي ترجمو

چانڻيِئان رو پاليل تانھجو، رُوپ ڪري جگ مگ،

نانکَي سَرائيئا جاڻيَ بِيجلِي، چِلڪَي لاکِڻيو نگ.

 

لَچڪِيلي، شَرمِيلي تانھجي ڪنچَن وَرڻِي ڪايو،

نازُڪ نازُڪ ڦُولان تي جاڻَي چندر مارِي ڇايا.

 

ڏُوڌِي ڌويوڙو، اَجَول اَجول، تانُھجو مُک سُندَر،

سُورج رو ڪوئِي ٺُڪڙو آھيَ ڪا پُونَمَ رو چندر.

 

ڪُلِھي ڍلڪتا ڪِيس تانُھجا ايئن لھراءِ، وٽ کاءِ،

سو سو ناگ مارَي ڦُڻڪارا، بادل اُڏتا جاءِ.

 

گورو گورو، اُوجَول تانھجو، لانٻو لسو لِلاٽ،

چيھتر يِئَي آڀَي ۾ جاڻَي، تارا ڪرَي چلڪاٽ.

 

ٽِم ٽِم ڪرتان ڏِيوَ لان ڏاکَل، تانھجا نشيلا نيڻ،

ھيرا ڪڻيَ جاڻيَ چِلڪا ڏِيوَي، تجلا ڏِيوِي کِيڻ.

 

ڊِگھو نِه تِيکو تانجھو نڪ اِي، جاڻَي اَنٻَي رِي ڦار،

ٻَه سَروورَ آسَي پاسَي، بِيچ سونَي ري پار.

 

ڦُولان نان شرماتا تانھجا، اي گُلابِي گال،

نرم نرم بخمَل، ڪاجاڻي رِيشم را رُومال.

 

تانھجا پتلا ھُونٺ تو جاڻي لعلان جِڙ يوڙَي چار،

نِر کِي جِڪان رِي رنگَت مِيھه– را– ماما جاوَي ٻلھار.

عاج سمانَ سُرونکا تانھجا، موتي جڙيوڙا ڏانت،

چِگِيئا جاکَي، ڪا ٻُگلا تا ڪَري تلاءَ ۾ رانت.

 

پَتلِي پَتلِي پيارِي پيارِي، ڊگھي اِي تانھجِي نَس،

آڀَي ۾ جاڻي اُڏتي جائيَ ڪُونجھه ڪري ھِرَس.

 

تانجُھو جوڀنِيئو تو جاڻَي ندِيئيَ چڙھيو نِير،

اتر ۾ جاڻي ميھه اُوپِڙيو، چُولھَي اُڦڻِي کِير.

 

ڦُولان سان پڻ تانجھا ڦُوٽرا مينڌي رَتوڙا ھاٿ،

سونَي ٿالھان ۾ ٻَري ڏِيولا، رنگ ڀرِي پِرڀات.

 

تانھجا نِنڍڪا، پتلا، پيارا، پگلا پَدم سمانَ،

سنڌو جَل سِين جاڻَي نِڪلِيا چندَرڪرَي سِنانَ.

 

تانجِھي ھالِڻي او ھَرڻاڪِي، مست ھنس رِي چال،

رَمت ڪري جاڻَي ڍِيل ڍاٽ رِي، جُھومَي چنبيلي ڊال.

 

تانجِھي باتان چوکو چُورمو، رس -گُلان رو رَس،

تُون ٻولَي تو ھَسَي  موتيڙا، ڦُول پڙَي بَرس.

 

ڪِيسر، ڪَسُتورِي سان سُڳنڌِي، سُھامَڻو تانھجو ساٿ،

سَگا سِيڻ جاڻَي ھالَي پَڙيا، ڏِيئي ھاٿ ۾ ھاٿ.

 

رُوپ نان رُوپ ڏِيئَڻ واري تانھجِي ڪھڙِي ڪريجَي بات،

وار وکِيرَي رات پڙَي، تون وار ٺاھَي، پرڀات.

 

چانڊوڪين جو پاليل تُنھنجو روپ ڪري جڳ مڳ،

ڏي وراڪا پيئي وڄ، يا چم چم چھڪن نگ.

 

لچڪيلي، شرميلي تنھنجي ڪَنچن ورڻي ڪايا،

نازڪ نازڪ گلڙن تي ڄڻ چندرما جي ڇايا.

 

کير سان ڌوتل، روشن روشن، تُنھنجو مُک سندَر،

سورج جو ڪوئي ٽڪڙو آھه، يا پونم جو چندر.

 

ڪلھن مٿي لھرائيندڙ، وٽ کائيندڙ، ھي وار،

بادل آھن، يا پيا سؤ سؤ نانگ ھڻن ڦَڻڪار.

 

گورو گورو، روشن تُنھنجو ڊگھو، لسو للاٽ،

چيٽ جي اڀ ۾ ڄڻ ته ڪروڙين تارا ڪن چمڪاٽ.

 

ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم ٻرندڙ ڏيئا، تنھنجا نيڻ سڄڻ،

ھيريَ ڪڻيو پيون چمڪن، يا ٿيون کوڻيون کيج وِجھن.

 

ڊِگھو، تکو، سُندر نڪ تُنھنجو، ڄڻ انب جي ڦار،

ٻنھي پاسن کان آھن تالاءُ ٻه، وچ ۾ سوني ديوار.

 

گلڙن کي شرمائيندڙ ھي تنھنجي گلابي گل،

ريشم جا رومال آھن، يا نرم نرم مخمل.

 

تنھنجا سنھڙ ا پيارا چپڙا، لعلون جڙيل ڄڻ چار،

جن جي رنگت تان ھنڊوا پڻ وڃن ھاءِ، ٻلھار.

 

عاج کي شرمائيندڙ تنھنجا اڇا موتين جان ڏند،

ٻگھه -پکي ڄڻ رانديون ڪن پيا، وجھو ڪنڌ ۾ ڪنڌ.

تنھنجي سنھڙي، سھڻي ڳچي ڄڻ، ڪا اوچي مينار،

اُڀ ۾ ڪونج وڃي ٿي اُڏندي، ساريو ميگھه ملھار.

 

تنھنجو بي قابو جوڀن ڄڻ نديئين چڙھيو نير،

ڪڪرن چاھه ما ن چوٽيون ڪڍيون، چُلھه اُڀامي کير.

 

گلڙن کان وڌ، مينڌي رتل ھي، تنھنجا ھٿ حَسين،

سون – ٿالھن ۾ ٻرن ڏيئا پيا، پرھه ڦُٽي رنگين.

 

تُنھنجا ننڍڙا مينڌي رتل ھي پير پدم سمان،

سنڌو جل مان نڪتا ڄڻ ڪي چنڊ ڪري اشنان.

 

تنھنجي ھلڻي، چنچل ھرڻي، مست ھنس جي چال،

ڊُرڪي پيئي ڊيل ڍاٽ جي، جھولي چنبيلي ڊال.

 

تنھنجيون ڳالھيون، ڪُٽي قرب جي، رس – گلن جو رس،

تون ڳالھائين، مرڪن موتي، ٿئي گلن جي وَس.

 

ڪيسر، ڪستوري، کان سُرھو، تُنھنجو پيارو سَٿ،

سڳا سيڻ پيا واٽ وڃن، ڄڻ ڏيو ھٿ ۾ ھٿ.

 

روپ کي روپ ڏيڻ واري مان، تنھنجي ڪيان ڇا بات،

وار وکيرين، رات پوي، تون وار ٺاھين، پرڀات.

 

حيدر علي ٽالپر

 

اک اک ۾ِ آ اوسيئڙو، ۽ من من ۾ مانڌاڻ،

شال نه رَکَ بنائي جڳ کي پاپي ھي پرماڻ!

 

ڪير ڪري سورھيائي پيو ۽ ڪير ڪرائي بام،

ماڻھو ماڻھو سان وڙھي پيو، ڪيڏو ٿيو قتلام,

 

پئسي جا پوڄاري آيا، جنگ جو ٺاھي ڄار،

جنھن کي چاھن ھو ڦاسائِن، سارو جڳ شِڪار.

 

ڪيسين ٿيندي رھندي جڳ ۾ سَرمايي جي سوڀ.

پِرٿِي پاڪ ٿيڻ تي آهي، نِڪري ويندو لوڀ.

 

نگ اگھاڙي، پيٽ بُکي، ھي دنيا ھٿ وڌائي،

اڳڙي اڳڙي ڪاڻ سِڪي ۽ داڻي لئه ٻاڏائي.

 

جنگ نبيري، جھيڙو ٺاري، امن جا اوتيون جام،

اَن اپائي، پيٽ ڀري، تنھن پِرٿِي کي پرنام.

ڪافيون

عبدالڪريم پلي

آئي آئي مندَ ملھارَ-

ساوڻ سھڻا رنگَ رچايا!

 

چوڏس ڇانيا بادل ڪارا،
منڙو موھِن مست نظارا،
جوڙي جوڙَ- عجب جنسارَ-

پيارل پنھنجا ڀالَ ڀَلايا!
 

ھر جا ڏسجن ٿيون سَرھايون،
مينھن وَسِي لاٿيون آرھايون،
سائين ڪيڙ سھنَج سُڪار-

ٿيڙا سانگين سانگ سجايا!
 

ڪانه رھي ڪا آس آڌورِي،
ڪٽجي ويئي ھر ڪا دورِي،
موٽي مليا وڇڙيل ياَر-.

مولا اُجڙيل ماڳ وسايا!
 

ويس پَٽن اڄ پھريا ساوا،
ويڙا ڏيھه مان ڏک ، ڏولاوا،
ڳائن سُک جا گيت ڳنوارَ-

ڏينھن ”ڪريم“ سڀاڳا آيا!

احمد خان ”آصف“ مصراڻي

ڪونج وري اچ واھيري تي، موٽڻ جي مند آئي آھه،
ساٿ سمورو ساري توکي، تنھنجي وڻَ وڻَ وائِي آھه!
 

جام جبل ۾ پاڻي آيو، ترتئون موٽڻ جو ڪر سعيو،

رونق روھه مٽائي آھه !

 

تنھنجا ٻچڙا چُون چُون ڪن ٿا، تو ريءَ چوڳو ڪين چُڳن ٿا،

دير اڃان تولائي آھه !

 

شايد باز شڪاري جھٽيُئه، روھه کان منھنڙو تڏھين مٽيُئه،

قسمت ڪيڙي جُدائي آھه !

 

”آصف“ فاني ھي جڳ آھي، وٺڻو سڀڪنھن کي دڳ آھي،

مڃڻو حڪم خدائي آھه !

جئسنگھاڻي ”سام“

وسن شال وانڍيون، سدائين وطن جون،

سندم دل ۾ ياديون، ٿرن ۽ برَن جون.

 

نه ڪوثر نه زمزم جي آ پياس مَنَ ۾،

اڃون ھِن وطن جي، تڙاڳن تڙن جون.

 

نه بنگلا ھي تنھنجا نه جنت جون جايون،

وسن من ۾ شڪليون، اباڻن گھرن جون.

 

مِٽي مالڪ جي آھِه، زرکان مھانگي،

پَکن مَٽُ نه ڀانيان، ھي ماڙيون لکن جون.

 

پَکن ۾ پلي پياس، منھنجي سدائين،

جھٽي آس تازيون، ھوائون ٿرن جون.

 

سندم روح، دل، مَن جو واسو اتي ”سام“،

ھتي ماس ۽ ھِنِ ھڏيون صرف تن جون.

مھيسر ”خادم“ رفيقوي

سدا ياد آھين، پرين پرت وارا،

نه وسرين ٿو دل تان تون ڪيچي ڪوھيارا.

 

اوھان ريءَ ٿي گولي غمن ۾ گذاري،

کنيو نيڻ نرتئون ٿي راھون نھاري،

وري واڳ واري تون اچ جيءَ جيارا…

 

اداسي ڏسي منھن نه مون کان تون مٽجانءِ،

اڀاڳڻ کان ڀيرو پنھل ڪين ڀڃجانءِ،

نڌڻڪو نڌر کي نه ڪر ناز وارا…

 

اوھان جي عنايت جون ڪھڙيون ڪھاڻيون،

مون جھڙيون ڪميڻيون اوھان وٽ وڪاڻيون،

نظر ناز واري کڻي ڏس خدارا…

 

ڪبوتر کي قاصد ڪري ٿي اُڏاريان،

عجيبن اچڻ جون ٿي راھون نھاريان،

ائين من جا ”خادم“ ٿي لاھيان مونجھارا…

ڀرٽ قادر بخش ”محزون“

عِشق سندي آڙاھه ۾ پاڻُ سَٽي وڃي پَچُ الا
پاڻ سَٽي وڃي پَچُ الا، رنگ انھيءَ ۾ رَچُ الا!

 

برھ جا دل ۾ دودُ دکائي، سيني سختيون سور سَھائي.

رَڳ رَڳ ۾ نئون رنگ رچائي، نينھن ۾ نانگا نَچ الا!

 

مُحبن سان جي مِلڻو آھي، سِرَ جو سانگو سِٽڻو آھي،

پَتنگ جِيان اُت پَچڻِو آھي، سيرُ  رکي پنھنجو سَچُ الا!

 

ڪنھن جي مَتِيُن تي ڪين ڪي مُڙبو، پنھنجي پنھل کي ڳولي لَھبِو،

ٻاروچل لئي ٻاري ھلبو، مَحبتَ جو مَن مَچُ الا!

 

مَچَ متا ”مَحَزون“ اندر ۾، قُرب مليو قاتَل جي قھر ۾،

ڪَڙِ وٽِ ظاھر ناھي زھر ۾، پيالا پيندُس ڳچُ الا!

 

غلام سرور ٻگھيو

ڏينھن ڏکن جا ٿيندا ڏور، پرتئون پانڌي پيغام سُڻايو.

 

فرق فراق فنا ٿي ويندو، لھندو، لھندا درد ۽ سُور،

پرتئون پانڌي پيغام سڻايو.
 

من جنھن لئه ماندو آھي، سو ته اڱڻ اڄ ايندو ضرور،

پرتئون پانڌي پيغام سڻايو.
 

سڄڻ سدائين سامھون ھوندا، دشمن ٿيندا سڀئي دور،

پرتئون پانڌي پيغام سڻايو
 

محب مدايون معاف ڪندا سڀ، ڪامل ڏسندو ڪو نه قصور،

پرتئون پانڌي پيغام سڻايو
 

الفت ھوندي محبت رھندي، ڪٿبا قھر ڪلور،

پرتئون پانڌي پيغام سڻايو-
 

سرھو ھوندو سانگ سدائين، ھوندا سک ۽ سُرور،

پرتئون پانڌي پيغام سڻايو.
 

”سرور“ جا سڀ عرض اِرادا، محب ڪندو منظور،

پرتئون پانڌي پيغام سڻايو.

وايون

قمر ”شھباز“

چئني پاسي ڄَرُ جو ڄارُ،

آئون اڪيلو ٻارُ،

ڪھڙي واه وڃان:

مان ڪھڙي واھه وڃان_؟

 

ڪوھن تائين ڪيِھاٽنَ جو،

آھي ڪارو نڀار:

مان ڪھڙي واھه وڃان_؟

 

بَمَ جي باھُڙ گھر گھر ۾ آ،

سُوريءَ تي سنسارُ:

مان ڪھڙي واھه وڃان_؟

 

انسانن ۾ زھر ڀريل آ،

تارونءَ تائين تارُ:

مان ڪھڙي واھه وڃان_؟

 

ڀڀَ وڏا، ۽ ڄڀ تکي، سي،

ڌَرتيءَ تي ڀي بارُ:

مان ڪھڙي واھه وڃان_؟

 

جنھن جو سينو گھائل ناھي،

سو ڪيئنءَ منھنجو يارُ:

مان ڪھڙي واھه وڃان_؟

حيدر علي ٽالپر

ڪوڙ جو ڪوٽ ڪِرڻ تي يار، ڌرتي آھه ڌُٻڻ تي يار،

ڌرتي آ ڌُٻڻ تي يار.

 

اک اک ۾ اڄ جوت جَلي آ، سارو ڊوھه ڊھڻ تي يار،

ڌرتي آ ڌُٻڻ تي يار.

 

ڪيسين رھَندو زور ظلم جو، ڪامڻ ڪنڌ ڪِرڻ تي يار،

ڌرتي آ ڌُٻڻ تي يار.

 

نينھن نوان اڄ نسرن پيا، جھونو جَڳُ جُھرڻ تي يار،

ڌرتي آ ڌُٻڻ تي يار.

 

ڪيسين ترنِدي پئسي ناؤ، وھلوُ وير ورڻُ تي يار،

ڌرتي آ ڌُٻڻ تي يار.

 

سڀني ڄامن ھٿ ۾ ڄار، نُوريون سڀ نچڻ تي يار،

ڌرتي آ ڌُٻڻ تي يار.

 

ڪوُپا ساھي آيا ڪَر، زر جو زور ٽٽڻ تي يار،

ڌرتي آ ڌُٻڻ تي يار.

 

ماندو آ ’مھراڻ‘ سمورو، مِٽي سون ڏيڻ تي يار،

ڌرتي آ ڌُٻڻ تي يار.

 

پاپِي پاڙئون پٽجي ويندا، آنڌي آھه اچڻ تي يار،

ڌرتي آ ڌُٻڻ تي يار.

 

سائِي ٿي ڄڻ ساري سنڌڙي، مُند ٿي مينھن پوڻ تي يار،

ڌرتي آ ڌُٻڻ تي يار.

احمد خان ”آصف“ مصراڻي

عشق وڌِنُ آغوش-

علم عقل ٻئي ٻِلھُه ٿي ڪِريا!

 

نينھن ھنيو نروار ٿي نعرو،

ھوڏ ڇَڏي ويو ھوش- علم عقل ٻئي ٻلھه ٿي ڪِريا!

 

سڪ جي سرُڪي سرٽ نئين ٿي،

مست ڪري مدھوش- علم عقل ٻئي ٻلھه ٿي ڪِريا!

 

نينھن بلاشڪ شينھن شڪاري،

علم عقل خرگوش- علم عقل ٻئي ٻلھه ٿي ڪِريا!

 

”آصف“ آھن عشق جا تُحفا،

جذبو، جوش، خروش-  علم عقل ٻئي ٻلھه ٿي ڪريا!

منظور الله قريشي

جِيئڻ پڻ مون لاءِ اڻانگو، آءُ جيون کان اڻڄاڻ:

دل دردن جو مانڊاڻ!

 

پريت جي آءُ ريت نه ڄاڻان، پاڻ پرين تو ڄاڻ:

دل دردن جو مانڊاڻ!

 

ناھي ڪو ساٿي ۽ ساڻي، حال اوريان ڪنھن ساڻ:

دل دردن جو مانڊاڻ!

 

تنھنجي منزل آھي ڪاٿي، ڪونه مليو اهڃاڻ:

دل دردن جو مانڊاڻ!

گيت

لطف الله بدوي

ڪونج ھيءَ آئي ڪٿان؟

ڪونج ھيءَ آئي ڪٿان؟

 

ٿي وطن کان بيوطن، ڀلجي ھتي آئي متان،

حال کان بيحال ٿي، پنھنجو وڃائي خانمان،

بي سمي، بي آشيان؛

ڪونج ھيءَ آئي ڪٿان؟

 

يا وڇڙجي وئي ولر کان، غم بڻايس بي نشان،

قربدارن جو ٿي ڳولھي، آسمان ۾ ڪاروان،

سوگوار ۽ نوحه خوان؛
ڪونج ھيءَ آئي ڪٿان؟

 

درد جي آواز سان ڀرجي ويو آھي سَمان،

سوز دائودي سان ڇيڙي، تان ڪنھن جادو زبان،

نغمهء آتش بجان؛

ڪونج ھيءَ آئي ڪٿان؟

 

ھي وڇوڙي جي ڪھاڻي، درد جو آ داستان،

آ پکي ظاھر ۾ پر آ، روح عاشق درفغان،

ٿو تڏھن توکان پڇان،

ڪونج ھيءَ آئي ڪٿان؟

قمر ”شھباز“

چنڊ رات

چنڊ رات

چنڊ رات

اڄ کڻي تون ئي پاءِ،

منھنجي جيءَ ۾ به جھات،

چنڊ رات - !

 

منھنجي پيار جي پناھه،
تنھنجي لازوال لات،

چنڊ رات -!

 

تنھنجي روپ مان رڱي،

منھنجي بي پناھه ڏات،

چنڊ رات -!

 

تنھنجي مرڪ کي ڏسي،

موتئي مڃي آ مات،

چنڊ رات -!

 

منھنجي جيءَ کان ته پُڇُ،

ڇا نه آھي تنھنجي تات،

چنڊ رات -!

چنڊ رات -!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com