سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :7

خانصاحب عبدالله چنا

رڻ ڪڇ جو ڪيس

]جناب خانصاحب عبداللھ خان چنا،رٽائرڊ ڊپٽي ڪمشنر، پاٽ جي مردم خيز  خطي ۾ پيدا ٿيو. روينيو کاتي ۾

ترقي ڪري، ڊپٽي ڪمشنر ٿي رٽائر ڪيائين. 1949ع ۾، سنڌ جو ڊئريڪٽر آف سيٽلمينٽ سروي ائنڊ لئنڊ رڪارڊس ھو. چنا صاحب، سنڌ ۽ جوڌپور جي سرحد جي فيصلي لاءِ، سر زمين تي ويل ھو. ان وقت، ھُن صاحب اوائلي رپورٽ سرڪار کي پيش ڪئي ته سنڌ جي ڏکڻ طرف، ڪڇ جي رڻ جو اَڌ پاڪستان جو آھي. ان بعد 1965ع ۾، ڪڇ جي مسئلي تان، پاڪ-ڀارت جنگ ٿي. ان وقت فيصلو ٿيو ته ان مسئلي لاءِ بين الاقوامي عدالت ۾ ڪيس پيش ڪجي. ڪيس تيار ڪرڻ لاءِ، پاڪستان سرڪار جي پرڏيھي معاملات جي وزارت ۾، چنا صاحب کي خاص عملدار ڪري مقرر ڪيو ويو، ۽ کيس بين الاقوامي ڪورٽ جنيوا ۾، پاڪستان جي وفد جي ٻين ميمبرن سان گڏ موڪليو ويو. چنا صاحب تاريخ، جاگرافي، سرڪاري دستاويزن ۽ فائيلن ۽ لغت جي ڪتابن مان ھزارين حوالا پيش ڪيا؛ جنھن جي بنياد تي ڪيس جي فتوا پاڪستان جي حق ۾ ڏني وئي. ھيءُ مضمون، ان بين الاقوامي ڪيس متعلق تاريخي معلومات تي مشتمل آھي، جو روزانه  ”عبرت“  حيدرآباد، جي شڪريي سان، ”مھراڻ“ ۾ پيش ڪجي ٿو              -  ادارو[

اپريل 1965ع جي آخر ڌاري، ڪڇ جي رڻ ۾ پاڪستان ۽ ھندستان جي لڙائي ٿي. لڙائيءَ ھلندي، برطانيه حڪومت وچ ۾ پئي، ٻنھي ڌرين کي آماد ڪيو ته لڙائي بند ڪئي وڃي ۽ لڙائيءَ کان اڳ وارن ھنڌن تي ھرڪا ڌر وڃي بيھي؛ ان بعد وزارتي سطح تي ٻئي ملڪ پاڻ ۾ ڳالھيون ھلائين ۽ جي ڳالھيون ڪامياب ٿين ته ان موجب پاڻ ۾ ٺھي وڃن، پر جي ٺاھ ٿي نه سگھي ته پوءِ ھر ھڪ ملڪ ھڪڙو ٽياڪڙ مقرر ڪري ۽ ھڪڙو ٽيون ٽياڪڙ اقوام متحده جو ادارو مقرر ڪري ۽ پوءِ انھن ٽنھي ڄڻن جي ھڪڙي بين الاقوامي عدالت مقرر ڪئي وڃي، جنھن جي آڏو ٻئي ملڪ پنھنجا عيوضي موڪلي، پنھنجوطرف پيش ڪن ۽ عدالت جي فيصلي سان ٻئي ملڪ ٻڌل رھن.

1965ع ۾ وزارتي سطح تي ڳالھين جي آخري تاريخ 30 جون رکيل ھئي ۽ ڳالھين ڪرڻ جو ھنڌ دھليءَ رکيل ھو. دھليءَ ۾ گڏجاڻيءَ لاءِ حالتون سازگار ٿي نه سگھيون، ان ڪري ڀارت پنھنجي طرفان يوگوسلاويه  ملڪ جي ھڪڙي ميمبر مسٽر بيبلر جو نالو ڏنو. پاڪستان طرفان ايران جي مسٽر نصرالله انتظام جو نالو پيش ڪيو ويو ۽ اقوام متحده جي اداري طرفان، سوئيڊن جي ھاءِ ڪورٽ جي چيف جج ”مسٽر ليگر گرين“ جو نالو ظاھر ڪيو ويو.

پاڪستان طرفان ڪيس ھلائڻ لاءِ، مسٽر منظور قادر (اڳوڻو وزير خارجه) مکيه وڪيل جي حيثيت سان مقرر ٿيو ۽ ان سان گڏ پاڪستان جو اٽارني جنرل مسٽر شريف الدين پيرزاده (يعني اڳوڻو وزير خارجه جو تازو مستعفي ٿي چڪو آھي.) مکيه صلاحڪار ھو. پاڪستان طرفان دعويٰ جا ڪاغذ پيش ڪرڻ لاءِ، مغربي پاڪستان جي بورڊ آف روينيو جو ميمبر مسٽر آءِ - يو - خان ، ايجنٽ جي حيثيت سان چونڊيو ويو ۽ دعويٰ جا سمورا ڪاغذ ان جي صحيح سان ڪورٽ ۾ پيش ٿيندا رھيا. ان سان گڏ ٻيا صلاحڪار به ھئا، جيئن ڪه پاڪستان سرڪار جي پرڏيھي کاتن جو خاص ڪم (رڻ ڪڇ جي ڪيس ٺاھڻ لاءِ) جو آفيسر خاڪسار (عبدالله چنا،-رٽائرڊ ڊپٽي ڪمشنر پرڏيھي کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان ھن ڪم لاءِ خاص  مقرر ڪيو ويو) کي رکيو ويو. قانوني کاتي طرفان وڪيل ۽ صلاحڪار مقرر ٿيا، يعني مسٽر منظور قادر ۽ اٽارني جنرل مسٽر پيرزادو ۽ ٻيا لاھور، ڪراچي ۽ ڊاڪا جا ڪي وڪيل، ۽ پاڪستان سروي طرفان سروير جنرل آف پاڪستان ۽ ڊئريڪٽر سروي. اھڙيءَ طرح ھندستان جي طرفان به قانون جو سيڪريٽري، اٽارني جنرل، سروي آفيسر ۽ ٻه ٻيا صلاحڪار ھئا.

ڪيس جي ڪارروائي شروع ٿيڻ کان اڳ اھو فيصلو ڪرڻو ھو ته ڪيس ڪٿي ھلائجي، ان لاءِ پاڪستان جي رٿ ھئي ته اھو لنڊن ۾ ھلائجي، جتي ڪيسن جي ثابتين پيش ڪرڻ لاءِ ٻنھي ڌرين کي سھوليت ھئي. ڇوته اتي انڊيا آفيس لئبرري ۽ برٽش ميوزم ۾ رکيل ڪتاب ، نقشا ۽ دستاويز ميسر ھئا، مگر ھندستان اھو ھنڌ قبول نه ڪيو ۽ جنيوا ۾ ڪيس ھلائڻ لاءِ تجويز ڏني، جا قبول ٿي. ڪيس ھلائڻ کان اڳ، ھندستان ۽ پاڪستان جا ڪي ٿورا عيوضي ۽ جج جنيوا ۾ گڏ ٿيا ، ته ڪيس ھلائڻ لاءِ ڪي طريقا مقرر ڪيا وڃن. ان ۾ ھڪ خاص ڳالهه، جا بحث ھيٺ آئي، سا ھئي ته ڪيس جي فتويٰ ۾ ڪورٽ طرفان اھو فيصلو ڏنو وڃي ته پاڪستان ۽ ھندستان جي سرحد ڪڇ جي رڻ ۾ ڪھڙي ھنڌ ٿيڻ گھرجي. پاڪستان زور ڏنو ته فتويٰ ان ڳالھ تي ڏني وڃي، مگر ھندستان مخالفت ڪئي ۽ زور ڏنو ته فيصلو ڪورٽ کي ان تي ڏيڻ گھرجي ته پاڪستان ۽ ھندستان جي حد ڪڇ جي رڻ ۾ ڪٿي آھي . آخر ھندستان جو رايو، ڪورٽ جي سڀني ميمبرن جي فيصلي موجب اھو ٿيو ته ڪورٽ فيصلو ڏيندي ته سرحد ڪٿي آھي. ٻيو مکيه فيصلو اھو ٿيو ته اول دعويٰ پيش ٿيندي، جنھن جو نقل ڌريون ھڪٻئي کي ڏينديون ۽ ان بعد مھيني ڏيڍ اندر دعويٰ جي نقلن ملڻ کان پوءِ ڌريون لکليل جواب ڪورٽ کي موڪلينديون، جنھن جا نقل به ڌريون ھڪٻئي کي ڏينديون ۽ ان بعد ھڪ مھيني اندر آخري لکيل جواب ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، جنھن جا نقل به ٻئي ملڪ ھڪٻئي کي موڪليندا ۽ ان بعد انھن لکيل دعوائن ۽ جوابن جي آڌار تي ڪيس جي ڪاروائي روبرو دستاويزن پيش ڪرڻ ۽ دليلبازيءَ سان ڪورٽ جي آڏو ٿيندي.

ھن ڪيس جي حقيقت سمجھڻ کان اڳ، ڪيس جو ٿورو تاريخي ۽ جاگرافي، سياسي ۽ ملڪي وغيره پس منظر سمجھڻ ضروري آھي، جو بلڪل مختصر لفظن ۾ پيش ڪجي ٿو.

ھونءَ ته ڪڇ جي رڻ ۽ سنڌ جي تاريخي ۽ جاگرافي حقيقت ھن ريت آھي. ڪڇ، مغل شھنشاھ جھانگير جي زماني تائين گجرات ۽ ڪاٺياواڙ سان مليل ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن سنڌ سان پڻ . پوءِ جھانگير، اتان جي ڪنھن وڏي دولتمند جاگيردار کي ھيءَ زمين رياست جي صورت ۾ عطا ڪئي، انھيءَ شرط سان ته حاجين جي جھازن جي نگھباني ۽ مدد ڪئي ويندي، ۽ ان جي عيوض دھلي سرڪار کيس خراج معاف ڪندي. ڪڇ ۾ جاڙيجا راجپوت حاڪم ھئا، جن جا عزيز خويش ٿر جي علائقي ۾ رھندا ھئا. رحمڪي بازار جا راھما راجپوت به جاڙيجا راجپوتن جي نسل مان آھن (جن جي نالي سان رحمڪي بازار ڳوٺ ٺھيل آھي) ڪڇ جي اھا حيثيت اورنگزيب جي زماني تائين رھي.

اورنگزيب جي وفات کان اٽڪل اڌ صدي پوءِ، يعني 1761ع ۾، احمد شاھه ابدالي، پاڻيءَ پٽ جي مشھور ٽين جنگ ۾ مرھٽن کي سخت شڪست ڏني. اھا حقيقت ڏسي، ان وقت جي سنڌ جي ڪلھوڙي بادشاھ ميان غلام شاھه (جنھن جو مقبرو حيدرآباد سينٽرل جيل جي ڀرسان آھي)، وري 1762ع ۾ ڪڇ تي ڪاھه ڪئي ۽ ڪڇ جي گاديءَ جي ھنڌ لڳ يعني ڀڄ جي ويجھو، جھارا جي جنگ ۾ ڪڇ جي رياست جي لشڪر کي تمام سخت شڪست ڏني، ايتري قدر جو جنگ جي ميدان ۾ ھڪ لک سپاھي ماريا ويا. لکپت جو بندر، بستو بندر ۽ ٻيا ڳوٺ ھٿ ڪيا ويا ۽ سنڌ جي فوج جي وڏي فتح ٿي. آخر ۾ صلح ٿيو ۽ راجا جي عزيز جي راجڪماريءَ سان غلام شاھه جي شادي ٿي ۽ کٽيل ڳوٺ ۽ بندر ڪڇ کي واپس ڪيا ويا، پر ميان غلام شاھه پنج ھزار سنڌ جو لشڪر ڪڇ ۾ رکيو ۽ ان طرح ڪڇ کي گويا پنھنجي ھٿ ھيٺ رکيو. ان کان سواءِ پراڻ جو پاڻي، جو آب ڪلانيءَ جي زماني ۾ رحمڪيءَ کان ھيٺ وھي وڃي سائرا جي ٽڪر کي ڪڇ رياست لڳ آباد ڪندو ھو، جتي سارين جو فصل تمام سٺو ۽ ڀلو ٿيندو ھو، ۽ ڪڇ رياست کي لکھا رپيا اپت ڏيندو ھو، ان کي وڳھه ڪوٽ کان اٽڪل 18 ميل ھيٺ بند ٻڌايو ته جيئن پراڻ (سنڌوءَ جي اڀرندي واري شاخ) جو پاڻي رڳو سنڌ جي زمين کي آباد ڪري ۽ ھيٺ نه وھي. ميان غلام شاھه کان پوءِ سندس پٽ ميان سرفراز (جنھن جو قبو سرفراز ڪالوني ۾ آھي) سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ جلد ئي ڪڇ تي ڪاھي ويو. انھيءَ وقت ڌاري پٺتي سنڌ ۾ گڙٻڙ ٿي پئي، جنھن ڪري ميان سرفراز جلد ئي واپس موٽي آيو ۽ ٿوري وقت بعد ڪڇ ۾ سنڌ جو رکيل لشڪر واپس گھرايو ويو ته سنڌ جي ٻئي لشڪر سان گڏجي ملڪ ۾ صلح سانت ڪرائي وڃي.

سنڌ ۾ ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ اڻبڻت سبب حالتون بگڙنديون ويون ۽ 1783ع ۾ ڪلھوڙن کي ھالاڻيءَ وٽ ميرن وٽان شڪست ملي.

ميرن سنڌ جي حدن کي وڌايو، جيئن ڪراچي ڏکڻ- اولھه ڪنڊ کان سنڌ ۾ ملائي وئي ۽ اتر ۾ ڪجھه ٽڪر رياست بھاولپور جو ۽ اوڀر ۾ جوڌپور رياست جو ٻاڪاسر جو ٽڪرو سنڌ ۾ گڏايو ويو.

کوسا قوم، جن جي ميرن سان البت اڻبڻت ھئي، سا ننگرپارڪر طرف گھڻي ڀاڱي ھلي وئي. ميرن ٿر طرف سرحدن کي مضبوط ڪرڻ خاطر ڪيترا قلعا ٺھرايا، جيئن نئون ڪوٽ، اسلام ڪوٽ، علي ڳڙھه، فتح ڳڙھه وغيره. انھن قلعن مان ڪيترا پوءِ ڌرتيءَ جي زلزلن سبب ڊھي پيا.

ننگرپارڪر جا کوسا، ڪڇ، پالنپور، راڌنپور ۽ ٻين ڀر وارين رياستن ۾ عام جام ڦريون ڪرڻ لڳا ۽ اٺن ۽ گھوڙن تي چڙھي 500- 600 ماڻھن جو ڪٽڪ وڃي رياستن جي ڳوٺن تي ڪڙڪندو ھو ۽ ڦريون ڪندو ھو.

ان وقت ڌاري ڪڇ جو راجا وفات ڪري ويو ۽ ننڍي راجڪمار جي وقت ۾ ويتر رياست جون حالتون خراب ٿيڻ لڳيون. انھن حالتن جو وجھه وٺي، انگريزن ڪڇ جي راجا کي عھدنامي جي آڇ ڪئي، جنھن موجب انگريزن ڪڇ جي راجا کي سندس رياست جي حدن برقرار رکڻ ۾ مدد ڏيڻ جو واعدو ڪيو. انگريزن کي سنڌ سرڪار تي سخت خار ھئا، جو انھن کي ٺٽي مان ڪلھوڙن ٽپڙ کڻائي ڇڏيا ھئا ۽ ان بعد ميرن وري واپار ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏني.

راجا سان صلح جي عيوض، انگريزن کي ڪڇ رياست ۾ انجار ۾ قلع ٺاھڻ ۽ ڇانوڻي رکڻ جي موڪل ملي. ان طرح راجا کي جو ھميشه ميرن کان ڊپ رھندو ھو، سو جھڪو ٿيو.

اھو عھدنامو 1809ع ۾ ٿيو، ان بعد وري ٻيو عھدنامه 1816ع ۾ انگريزن ۽ راجا جي وچ ۾ ٿيو، جنھن موجب نه رڳو رياست جي حدن جي برقراريءَ جو واعدو ڪيو ويو، پر ڌاري ڪاھه کان بچائڻ لاءِ مدد ڏيڻ جو اقرار پڻ ڪيو ويو.

1819ع ۾ رياست ۾ ڌرتيءَ جو ھڪڙو سخت زلزلو آيو. مئي ۽ جون مھيني ۾ ڇھه زلزلا ھڪ ٻئي پويان لاڳيتا پئي آيا. انھن زلزلن سبب سنڌڙيءَ جو قلعو به سارو ڊھي پيو ۽ اتي سمنڊ جي کاريءَ جي اٿل سبب ھڪ ڍنڍ ٺھي پئي. ٻيو ته انھيءَ زلزلي سبب انھيءَ ڍنڍ کان اتر طرف 3-4 ميلن تي ھڪڙو وڏو بند ٺھي پيو، جو 50 کان 60 ميل ڊگھو ھو ۽ 18 فٽ کن اوچو ھو، ماڻھن ان کي نالو الله بند ڏنو. اھو بند سنڌڙيءَ وٺ ٺھيو جتي غلام شاھه ڪلھوڙي پراڻ تي بند ٻڌرايو ھو ۽ جا جاءِ سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ مال جي آمدرفت تي محصول وصول ڪرڻ لاءِ مقرر ھئي. قلعي جي ڊھي پوڻ سبب، راجا ميرن کان اجازت گھري ته سنڌڙيءَ جي ڀرسان ٻيو قلعو محصول وصول ڪرڻ لاءِ ٺاھڻ ڏنو وڃي. مگر ميرن انڪار ڪيو. راجا انڪار ٻڌڻ کان پوءِ به پنھنجي انگريز دوستن کي ڪابه دانھن نه ڏني ۽ نڪا حجت اٿاري. ان جو سبب شايد اھو ھو، جو راجا ڄاتو ٿي ته اھا حد سندس نه آھي ۽ اھو برابر به ھو؛ ان ڪري ھن انھيءَ معاملي لاءِ وڌيڪ ڪجھه نه ڪيو، بلڪه پنھنجا ڪسٽم کاتي جا ماڻھو انھيءَ ھنڌ تان ھٽائي ويو ۽ انگريزن کان ان معاملي متعلق ڪابه مدد نه گھري شايد ان ڪري جو راجا سمجھيو ٿي ته انگريزن ته رڳو رياست جي حدن قائم رکڻ جو وعدو ڪيو آھي ۽ جيئن ته ھي ھنڌ رياست اندر نه ھو ان ڪري انگريز کيس عھدنامي ھيٺ ڪابه مدد نه ڏيندا. ھي ھنڌ رحمڪي بزار کان 24 ميل ھيٺ آھي، يعني 24 ويڪرائي ڦاڪ کان به ھيٺ. ننگر پارڪر جي کوسن جي ڦرن ۽ ڌاڙن کان ڪڇ جي رياست اچي تنگ ٿي ان ڪري انگريزن کان مدد گھريائون. انگريزن کي جو ڪنھن طرح وجھه گھربو ھو، سو کين مليو ۽ ھنن کوسن کي مات ڪرڻ لاءِ لشڪر موڪليو ۽ ميرن کي به لکيائون ته کوسن جي برخلاف کين مدد ڏني وڃي. ميرن به پنھنجو لشڪر موڪليو، مگر انگريزن مورڳو ميرن جي لشڪر جا ڪي ماڻھو ماري وڌا ميرن ڪاوڙ جي مورڳو ڪڇ تي ڪاھيو ۽ رياست جي اتر ۾ کاوڙو ۽ کرير ھٿ ڪيا. اھا حالت ڏسي انگريز ڏاڍا ششدر ٿيا. ۽ معافي گھريائون ان ڪري ميرن ڪجه وقت کان پوءِ اھي ٽڪر واپس ڪيا. ھن کان پوءِ کوسن جون ڦريون ۽ ڌاڙا ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ طرف ٿيندا رھيا. راجا وري انگريزن کي دانھن ڏني. ۽ انگريزن ميرن کي لکيو ته کوسن تي ضابطو رکو يا جيترا لک کوسن ڦرن ۽ ڌاڙن ۾ لٽيا آھن، سي ڀري ڏيو يا اسان کي اجازت ڏيو ته اسين کوسن تي نظرداري رکون. ميرن عيوض ڀري ڪونه ڏنو، باقي انگريزن کي کوسن تي نظرداري رکڻ جي اجازت ڏني. انگريزن ان ڪري 1832ع ۾ ننگرپارڪر ۾ اچي ڇانوڻي ڪئي ۽ پنھنجو لشڪر وھاريو. سنڌ کي فتح ڪرڻ جي سازش جو اھو پھريون قدم ھو، جو انگريزن پنھنجي سياسي چالبازين سان کنيو.

ان وقت ڌاري بمبئيءَ کان انگريزن جي طرف کان ھڪڙو وفد آيو، جنھن سان ڪرنل پائنجر آيو، جو پوءِ مدراس جو گورنر ٿيو. انگريزن جي وفد کي ميرن وٽان ڪو خاص مان ڪونه مليو، ان ڪري انگريز کي ڏاڍا خار ھئا مگر عادت موجب ظاھري طرح صبر ڪيائون ۽ وقت ۽ موقعي جي تاڙ ۾ رھيا.

سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ وٽ، يعني ننگر پارڪر ۾ انگريزن جي ڇانوڻي ”آئي ٽانڊي ڪاڻ…“ برابر ھئي.

ھاڻي انگريز موقعي جي تاڙ ۾ رھيا ته ڪيئن سنڌ ھٿ ڪجي. ان طرح ٻيو موقعو وري ھنن 1839ع ۾ ورتو، جڏھن انگريزن جو ھڪ جھاز منھوڙي وٽ پھتو ، تڏھن انگريزن اھو عذر ٺاھيو ته ميرن جي ماڻھن منھوڙي جي قلعي مان اسان جي جھاز ڏانھن ھڪ گولو ڇوڙيو ھو. انھيءَ عذر ھيٺ ھنن ڪراچيءَ جو بندر ورتو، جنھن جي اھميت کان واقف ھئا. ان وقت ڪراچي ھڪڙو ننڍڙو شھر ھو، جنھن جي آدم شماري حيدرآباد جي اڌ جيتري مس ھئي، ڏهه –ٻارھن ھزار، جڏھن ته حيدرآباد جي آدم شماري پنجويهه ھزارن کان مٿي ھئي. ڪراچي خان قلات کان، ميرن پنجھتر ھزار روپين ۾ خريد ڪئي ھئي، جنھن کي ڪلھوڙن پنھنجي ايام ڪاريءَ ۾ خان جي حوالي ڪيو ھو.

ڪراچيءَ جي وٺڻ بعد، انگريزن اتي پنھنجو ايجنٽ رکيو ۽ سيٺ نائون مل ڀوڄراج کي ڪراچيءَ جو ھيڊ مختيارڪار مقرر ڪيو. سيٺ نائون مل جو پيءُ ڪراچيءَ ۾ وڏو واپاري ھو ۽ انگريزن جو گماشتو ھو ۽ ميرن جي خلاف انگريزن سان مليل ھو. ڪراچيءَ وٺڻ بعد، سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ (ننگرپارڪر) کان پوءِ ھي ٻيو ھنڌ يعني ڏکڻ اولھه ڪنڊ (ڪراچي) جو سامونڊي بندر به ھو، سو انگريزن ھٿ ڪيو. ھن بعد انگريزن پنھنجي فتني جو ڄار تيز ڪيو ۽ خيرپور وارن ميرن ۾ نفاق وجھڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ۽ اھو ئي ھٿيارھوندو ھو جو انگريز جتي ڪٿي ھندستان ۾ ڪم آڻيندا ھئا. خيرپور وارن ميرن جي نفاق جو اثر حيدرآباد وارن ميرن تي به پيو. انگريزن جا ڪيترائي فوجي سپاھي جاسوسن جي فرض بجا آوريءَ ۾ سنڌ ۾ گھمندا رھيا. ڪي پاڻ کي پٺاڻ سڏائيندا رھيا ۽ ڪي ايراني ۽ اھي فارسي ڄاڻندا ھئا، اھڙيءَ طرح سنڌ جا اندورني حالات گڏ ڪندا رھيا ۽ ان کان واقف ٿيندا رھيا. نيٺ انگريزن جي چالبازين ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو. ۽ 17 فيبروري 1843ع تي ٽن چئن ڪلاڪن جي معمولي لڙائيءَ بعد انگريزن ميرن تي فتح حاصل ڪئي ۽ ميرن کي قيد ڪيو. البت ميرپورخاص جي مير، مير شير محمد، آڻ ڪانه مڃي ۽ جلد ئي ٿورن ھفتن بعد ٻي لڙائي ٿي، جنھن ۾ مير شير محمد کي شڪست ٿي. ھنن لڙائين جو اطلاع، جنرل نيپئر، ڪلڪتي ۾ لارڊ ايلنبرو کي موڪليو ۽ 6 اپريل 1843ع ۾ سرڪاري گزيٽ ذريعي سنڌ جي فتح جو باقاعده اعلان ڪيو ويو. ان کان اڳ، مياڻيءَ جي لڙائي بعد نيپئر، لارڊ ايلنبرو کي ڪلڪتي ۾ مخفي طرح تار رستي لاطيني زبان ۾ اطلاع ڏنو ھو ۽ تار جا اکر لاطيني زبان ۾ ھئا، پڪاوي (Peccavi)، انگريزي زبان ۾ انھيءَ جو ترجمو ٿيندو  I have (Sinned) Sind (مون گناھه ڪيو آھي) ۽ لفظن جي ذومعنيٰ سبب ٻيو ترجمو ٿيندو مون سنڌ ورتي آھي! گناھه انھيءَ ڪري جو جنگ کان اڳ انگريزن ميرن سان عھدنامو ڪيو ھو ته جنگ وغيره نه ڪنداسين ۽ پوءِ به جنگ ڪئي وئي. لارڊ ايلنبرو ان وقت جي وائسراءِ، نيپيئر کي مبارڪ جي تار موڪلي ۽ کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. ٿوري وقت بعد حيدرآباد مان گادي کڄي ڪراچي وئي ۽ نيپئر کي ملڪي انتظام سونپيو ويو.

سنڌ کي ٽن ضلعن ۾ ورھايو ويو، يعني سنڌو درياءَ جي اولھه طرف ٻه ضلعا يعني شڪارپور ۽ ڪراچي. ڪراچي ضلعي جي اترين حد موجوده دادو ضلعي جي اترين حد تائين ھئي ۽ ان کان مٿي شڪارپور ضلعو درياءَ جي ٻنھي طرف ھو. کاٻي طرف رياست خيرپور ۽ حيدرآباد ضلعو ھو، جنھن ۾ ھاڻوڪو نوابشاھه، سانگھڙ، ٿرپارڪر، حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعي جي شاھبندر ڊويزن ھو. ٿر جي ڊويزن (سواءِ تعلقي ڇاڇري جي) يعني ننگر پارڪر، مٺي ۽ ڏيپلو تعلقو ، جي ھڪڙي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ جي حوالي ڪيا ويا، جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ جو ڪم ٿر جي ٽنھي تعلقن جو ڪندو رھيو. انھن ٽن تعلقن کان حيدرآباد بلڪل دور ھو، ان ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر ٿر جو ھيڊڪوارٽر ڪڇ رياست جي شھر ڀڄ ۾ رکيو ويو، جو اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ، ڀڄ ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ جو به اسسٽنٽ ھو. ان وقت ڪڇ رياست سنڌ علاقي سان اھڙيءَ حيثيت ۾ ھئي، جيئن خيرپور رياست سنڌ جي گورنر جي ھٿ ھيٺ ھئي. ان ڪري اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ، سنڌ سرڪار جي ھٿ ھيٺ ھو ۽ لکپڙھه به سنڌ سرڪار سان ڪندو رھيو ۽ حڪم احڪام به سنڌ سرڪار کان وٺندو رھيو ۽ سندس پگھار ۽ سندس عملي جو پگھار به سنڌ سرڪار ڏيندي رھي.

سنڌ علائقي کي چئني طرفن کان رياستون ھيون، يعني اتر ۾ بھاولپور، اوڀر ۾ جوڌپور ۽ جيسلمير، ڏکڻ ۾ رڻ کان ھيٺ ڪڇ ۽ اولھه ۾ قلات.

انگريزن سنڌ ورتي ته انھن رياستن سان حد نرواري ڪرڻ جو سوال اٿيو. ڏکڻ طرف يعني رڻ ۾ الھه بند وٽ (رحمڪيءَ کان 24 ميل کن ھيٺ) ھڪڙو لوڻياٺو ٽڪرو ھو، جو ”مياڻ جي سري“ سان سڏبو ھو. اھا ان وقت سنڌ جي حد ليکبي ھئي ۽ اتان لوڻ سنڌ جي سرڪار، ملبار جي ڪناري تائين ٻيڙين رستي روانو ڪندي ھئي ۽ سنڌ جي ٻيڙين ۽ غورابن کان ڪڇ جي مانڊوي، مڏئي ۽ پور بندرن تي اتان جي سرڪار لنگر اندازيءَ جو محصول وٺندي ھئي. پر ڪڏھن به ڪڇ  رياست اعتراض ڪونه ورتو ته اھو لوڻ سندس حدن مان نڪري رھيو آھي. انھيءَ لوڻ جو واپار سرڪاري طرح ٿيو. ان کان اڳ ان وقت جي آفيسر، مسٽر پيڪر کي ان لوڻ جي نموني آڻڻ لاءِ موڪليو ويو، جو کڻي آيو ۽ اچي حيدرآباد جي ڪليڪٽر وٽ پيش ڪيائين، جو تپاسيو ويو ۽ کائڻ ۽ واپار لائق ٺھرايو ويو.

سنڌ انگريزن فتح ڪئي، مگر بمبئيءَ ۾، بمبئي ٽائيمس اخبار جي ذريعي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سرڪار تي سخت نڪته چيني ٿي ۽ ڪمپنيءَ جي ڊئريڪٽرن کي به ان وقت ملڪ ڪونه گھربو ھو، مگر دولت گھربي ھئي. ھنن ڄاتو ٿي ته سنڌ مان کين شايد گھڻي اپت نه ٿئي، ان ڪري اھو ملڪ وٺڻ نه گھربو ھو. برطانيه سرڪار جي پارليامنٽ ۾ وڏا وڏا بحث ٿيا ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۽ ان جي عھديدارن ۽ خاص طرح نيپئر تي ڇوهه ڇنڊيا ويا. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊئريڪٽرن ھڪڙي ڪميشن مقرر ڪئي، جنھن کي سيڪريٽ (مخفي) ڪميشن جي نالي سان سڏيو ويو. ان ڪميشن جو ڪم ھو ته سنڌ جي حالات جو جائزو وٺي رپورٽ موڪلي. 1846ع ڌاري مخفي ڪميشن رپورٽ موڪلي ته خرچ جي بچاءُ خاطر ۽ ٻين سبب ڪري، سنڌ جي علاقي جي حيثيت گورنري علاقي واري ختم ڪري، ان کي بمبئيءَ سان ملايو وڃي ۽ سنڌ ھڪڙي ڪمشنر جي ھٿ ھيٺ رھي؛ مگر ڪمشنر جي حيثيت گورنر کان البت گھٽ ۽ ڪمشنر کان مٿي رکي وڃي. ان ڪري سنڌ جي ڪمشنر کي گورنر ان سنڌ جي بدران ڪمشنر ان سنڌ سڏيو ويو ۽ کيس سيڪريٽري به ڏنو ويو. سندس رھائش جي جاءِ کي گورنمنٽ ھائوس چيو ويندو ھو. نيپئر کي استعيفا ڏيڻي پئي ۽ وطن ھليو ويو.

1847ع کان جڏھن ڪمشنر ان سنڌ مقرر ٿيو تڏھن زياده توجھه بمبئي سرڪار جي ھدايت موجب ملڪي معاملات ڏانھن ڏنو ويو.

ڀروارين رياستن يعني بھالپور، جيسلمير، جوڌپور ۽ قلات کان پڇيو ويو ته سنڌ جي ڪنھن به ٽڪر تي ڪو سندن حق آھي ڇا؟ جي ھائو ته ان جي ثابتي پيش ڪئي وڃي ته حدبندي مقرر ٿئي. مھاراجا جوڌپور، اوڀر سنڌ ۾ عمرڪوٽ ۽ ٻاڪاسر جي مڪان تي دعويٰ وڌي. عمرڪوٽ جي دعويٰ ته وائسراءِ رد ڪئي، باقي ٻاڪاسر، جو ننگر ۽ ڇاڇري جي اوڀر طرف مڪان ھو، مھاراجا کي راضي رکڻ خاطر ڏنو ويو؛ حالانڪه ٻاڪاسر جي مڪان مان ڍل به ميرن کي ملندي ھئي، اگرچ اھا ڍل نقدي جي صورت ۾ ڪانه ھوندي ھئي.

بھاولپور رياست سان سنڌ جي اتر ۾ حدبندي مقرر ٿي ۽ اولھ طرف کان خان قلات جي رياست سان به حدبندي ٿي. اوڀر طرف بائونڊري ڪميشن (سرحد ڪميشن) جي ٻن ميمبرن بيچر ۽ جئڪسن، 50-1849ع ۾ رپورٽ ڏني، جنھن موجب اوڀر طرف به حدبندي ٿي ۽ پٿر لڳايا ويا ۽ انھن پٿرن جي موجودگيءَ جي رپورٽ روينيو کاتي کي ڪرڻي ھوندي ھئي. انھن حدبندين موجب، سنڌ جي ٽن طرفن کان حدبندي ٿي ۽ نقشا ان موجب ٺھيا ۽ سروي قائدن ھيٺ سنڌ جي نقشي تي انھن ٽن طرفن تي حدبنديءَ جو نشان ۽ پٿر لڳايا ويا. خيرپور رياست سنڌ سان لاڳو ھئي، ان ڪري ان جي اوڀر طرف واري حد ته مقرر ٿي، باقي اولھ طرف واري حد دير سان مقرر ٿي، يعني 1899ع ۾، سنڌو درياءَ جي وچ سير حد مقرر ڪئي وئي. ڏکڻ طرف اول ڪنڊيارو ۽ نوشھرو تعلقه رياست سان گڏ ھئا، پوءِ انگريزن اعتراض اٿاريو ته مير علي مراد سان جيڪو اصلوڪو عھدنامو ھو، سو ٻيو ھو، جنھن موجب ڪنڊياري ۽ نوشھري جا تعلقا سنڌ ۾ داخل ٿيندا ۽ نه رياست خيرپور ۾. قرآن شريف، جنھن تي اھو اصلوڪو عھدنامو لکيل ھو، سو اڄ تائين خيرپور جي لائبريريءَ ۾ رکيل آھي. مير علي مراد ھن لاءِ اپيل داخل ڪئي ۽ پاڻ لنڊن ويو، مگر سندس اپيل بحال نه ٿي. ڏکڻ ۾ رڻ جي پريان ڪڇ رياست ھئي، مگر راجا ڪا به حجت يا دعويٰ ڪانه ورتي ۽ ھونءَ به سندس رياست جي اترين حد رڻ جي ڏکڻ واري حد سان ٿي ملي ۽ اولھ طرف کاري، سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ قدرتي حد ھئي، جئن ته رڻ، سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ ھڪ قدرتي جاگرافي ٽڪرو ھو، جنھن ھنن ٻنھي ملڪن کي جدا ٿي ڪيو، اھوئي سبب ھو جو سڀني جاگرافي ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ رڻ ۽ ڪڇ جي پکيڙ جدا جدا ڏيکاريل آھي ۽ حدون به جدا جدا بيان ڪيل آھن. انھن سببن ڪري، سنڌ جي ڏکڻ طرف جڏھن به روينيو سروي ٿي ۽ ڏکڻ طرف وارن تعلقن جي ماپ ٿي تڏھن ڏاکڻي حد جو علاقائي نشان، ڪنھن به نقشي تي ڪونه لڳايو ويو. بلڪه ھڪ ليڪ جي صورت ۾ ڏکڻ طرف نقشي تي اڻڀڳل ليڪ ڪڍي وئي. جڏھن ته ٻين ٽن طرفن کان سنڌ جي نقشي تي (........) ان قسم جي ڀڳل ليڪ ڪڍي وئي، تڏھن ان جي معني اھا ھئي ته، علاقائي حد آھي ۽ حدبندي ٿيل آھي ۽ پٿر لڳايل آھن.

ھتي وضاحت خاطر ٻڌائڻ ضروري آھي ته سروي جا ڪيترائي قسم آھن. جيئن ڪ ٽويو گرافي سروي، ٽرگنا سينٽريڪل سروي، روينيو سروي وغيره. سروي جو ڪم مختلف قسم جي اوزارن سان ڪيو ويندو آھي ۽ ھاڻ ته ھن لاءِ جديد طريقا استعمال ٿين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com