سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :5

”استاد“ بخاري

ٿُوھَر

نه ٽاريون، نه جھاڙيون، رڳو ڏار آھن،

نه ڪي پن، نه ڪي گُل، فقط خار آھن،

نه سھڻا نه خوشبوءِ بيڪار آھن،

اڃا ڀي کڻي چئجي آزار آھن؛

مگر پو به باغن ۾ ٿوھر ڏسون ٿا،

ڏسون ڇا ٿا، ھٿ ساڻ آڻي ھڻون ٿا!

 

ھي ڄڻ ڀُون منجھان نانگ نِڪري پيا آھن،

کڻي ڪَر، ڪڍي ڦڻ ۽ بگڙي پيا آھن،

ڪکڻ لاءِ ڪنھن جي ته سنبري پيا آھن،

چڱو ٿيو جو ھڪٻئي ۾ وچڙي پيا آھن؛

مگر پو به باغن ۾ ٿوھر ڏسون ٿا!

 

ڪنارن جا ڪنڊا، ڪنايون ته ڪن ٿا،

ڏسڻ سان ڏوران اکين ۾ چُڀن ٿا،

ھٿن کي ڇُھڻ ساڻ جھوري وجھن ٿا،

چُرن ٿا، ھُرن ٿا، ڪُرن ٿا، ڏُکن ٿا:

مگر پو به باغن ۾ ٿوھر ڏسون ٿا!

 

چنبيلي، گلابن جي وچ ۾ ھي ٿوھر!

کٽڻھار، سوسن جي وچ ۾ ھي ٿوھر!

رتن ۽ عقيقن جي وچ ۾ ھي ٿوھر!

عجب آ، حسنين جي وچ ۾ ھي ٿوھر!

مگر پو به باغن ۾ ٿوھر ڏسون ٿا!

ڏسڻ ساڻ ھن جي ٿئي ٿي حقارت،

سندس بي سُري شڪل، صورت کان نفرت،

ذرا پو به ھن کي ٿي چاھي طبيعت،

تڏھن باغ ۾ آھه ھن جي ضرورت:

مگر پو به باغن ۾ ٿوھر ڏسون ٿا،

 

ائين ڪي ته انسان به ٿوھر ٿين ٿا-

نه ميوو جھلين ٿا، نه خوشبو ڏين ٿا-

اڃا ڀي چُڀي خار ٿي ، رت پين ٿا،

آھيئين رھن ٿا، اجيايو جين ٿا:

مگر پو به باغن ۾ ٿوھر ڏسون ٿا!

 

انھن کان به ٿوھر جان ٿئي ٿي حقارت؟

انھن جي به ٿوھر جان آھي ضرورت!

امتياز حسين قاضي

فرار

منھنجي دنيا، شعلا، شعلا،

تنھنجي دنيا، شبنم قطرا !

منھنجي دنيا، جَوالا ، جَوالا

تنھنجي دنيا، بسنت برکا!

منھنجي دنيا ،ڏُک جا جُھولا،

تنھنجي دنيا، سُندر سپنا!

منھنجي دنيا، غم جا سايا،

تنھنجي دنيا، سُک جا پاڇا!

منھنجي دنيا، ڪک ۽ ڪانا،

تنھنجي دنيا، ماڙيون، بنگلا!

منھنجي دنيا، مڙھيون، دُوارا،

تنھنجي دنيا، عرش- ستارا!

منھنجي دنيا، پٿر – ڀورا،

تنھنجي دنيا، موتي، ھيرا!

منھنجي دنيا، رُڃَ جا جھلڪا،

تنھنجي دنيا، امرت – ڌارا!

منھنجي دنيا، راڻا ڪاڻا،

تنھنجي دنيا، مومل ماڻا!

منھنجي دنيا، سڏ – پڙاڏا،

تنھنجي دنيا، باجا،  طبلا!

توسان ڪيئن نباھيان ناتا،

مون کي ڪوٺِ نه منھنجا مٺڙا!

آزاد نظم

”راز“ ناٿن شاھي

نفاق

شھر جي ھڪ چونڪ تي،

ھڪ شام جو،

مانيءَ ڳڀي جي واسطي،

ٿي وڙھيا،

ڀائر ٻه پنھنجو پاڻ ۾!

ھڪٻئي جي سخت چوٽن سان ٻئي،

ڦٿڪي، لڇي، کرڙيون ھڻي،

ويندا رھيا:

پر سھي سگھيا نه مانيءَ جو ڳڀو !

ھڪڙي جي ھٿ:

ٿورڙي وقفي کان پوءِ،

ڏٻرو، ھيڻو، نيم جان،

ھڪڙو ڪُتو،

ويو کڻي مانيءَ  ڳڀو !

ولي محمد ”وفا“

تون، مان امر آھيون، پرين!

تون به ڪنھن جي آرزو ۽ مان به ڪنھنجو خواب ھان،

زندگيءَ جي باب ۾،

تون مان امر آھيون پرين،

تون به آھين ھڪ حقيقت، مان به افسانو نه ھان ،

ڪائنات ، رنگ وبو ۾ ،

ٻئي امر آھيون پرين!

تون سحر جو روپ آھين، مان سحر لئي سرگران،

ھر زماني ۾ سدا،

ٻئي امر آھيون پرين !

مان ڪيوپڊ تنھنجو آھيان، تون ئي منھنجي سائڪي

پنھنجي پنھنجي ذات ۾،

ٻئي امر آھيون پرين!

غزل

مخدوم محمد زمان ”طالب المولا“

ڪنھن جي سختين سھڻ واسطي اڄ وري، دل کي مغموم ۽ چشم پرنم ڪجي؟

ڪنھن جي قدمن تي ھر ھر ڏجن ڪي چميون، ڪنھن جي در تي وري پنھنجو سرخم ڪجي؟

راھه، الفت ۾ ثابت قدم جو ڏٺئين، تنھنڪري دلربا ڪابه پروا نه ڪئي،

مون کي منھنجي وفائن شڪستون ڏنيون، پنھنجي جاني جو ڪھڙو ڀلا غم ڪجي!

ھڪ تمنّا جي بربادي جيڪر ھجي، پو ته ان لاءِ سڀڪجھه ڪجي ھمنشين،

ھت ھزارين تمنّائون برباد ٿيون، ڪھڙي ڪھڙي تمنّا جو ماتم ڪجي!

پنھنجي زخم، جدائي کي لڙڪن سان اڄ، ڌوئي ڌوئي چڪائي چڪائي ڇڏيم ،

دل گھري ٿي ته اڄ ڪو نمڪ پاش ٿئي، سوزشِ غم جو ان لاءِ مرھم ڪجي!

دل جھلي عارضِ گل کي ويھي چمان، ھن جي اڄ سرد مھريءَ کي گرمائيان،

آرزوئن جي آھي تقاضا اھا، ھن جي جذبات کي خوب برھم ڪجي.

تون فرشتي مان انسان ٿي اچ وري، مان مَلڪ مان ڦري آدمي ٿو ٿيان،

اڄ محبّت جا ٻيئي گنھگار ٿيون، اڄ وري تازه تقليدِ آدم ڪجي.

اي جنونِ وِصال صنم ھن گھڙي، ھل ھلي بختِ خفته کي جاڳائيون،

ھاڻ حملي جوابي جو بس وقت ويو، پيش قدمي ڪري ڪو تصادم ڪجي.

پنھنجي ھستيءَ سان ئي آھه ھن جي بقا، ”طالب الموليٰ“ ان ۾ نه ٿيبو فنا،

پائي آغوش ھن ساڻ باھم ٿجي، پاڻُ ان ۾ ڪڏھن ڪين مدغم ڪجي!

]ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، جي شڪريه سان [

آغا عبدالنبي خان ”آغا“

 

ڪري تسبيح، مصلي سان مِٺا ميخانه آرائي،
ڪندس خون، جگر سان پو، پرين، پيمانه آرائي!

 

زبانَ ۽ گوش حيران ھِنَ، اتي اصحاب خلوت جا،

جتي ٿو ذڪر، دلبر سان ڪريان افسانه آرائي!

 

بلائون، خال خط آھن، اھي تنھنجا، عشاقن لئي،

ڪرين صياد ٿو تن سان، ھميشه دانه آرائي.

 

ويَل وَرُ جي وَري منھنجو، وَري منھنجي وٿاڻن تي،

دل و جانَ ۾ ڪيان مان ڇو نه، تنھن لئه خانه آرائي.

 

ڪڏھنِ ٿَنِ خاڪِ سَر ۾ ۽ ڪڏھن سنگِ درِ دلبر،

سونھي تنھنجي ٿي مستن کي، اھا ديوانه آرائي.

 

ڪري ويران جي ويندين، ستمگر، خانه دل کي،

ڪندس داغِ نھانَ سان مان وري ويرانه آرائي.

 

نه ٿي دل شاد تون ھرگز، بھارِ دھر ۾ ڪڏھين،

ڪرڻ آھي عبث ”آغا“ ھتي ڪاشانه آرائي. 

]ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪريه سان[

عبدالقيوم ”صائب“

 

ڪنھن سور ڏنا، ڪنھن پور ڏنا،

ڪٿ ڀيڄ ڀني، ڪٿ نيڻ ڀنا!

 

ڪنھن نيش ھنيو، ڪنھن نوش ڏنو،

ڪيئن ھاڻ سري پئي يار بنا.

 

ڪنھن واجھه وڌا، ڪنھن راھه ڏني،

زخمي نه ڪرين ھا ھيئن آنا.

 

ڪنھن ڌار ڪيو، ڪنھن پيار ڪيو،

ڪجھه شوخ ڀِنا، ڪجھه شوخ ڊنا.

 

ڪنھن باھه ڏني، ڪنھن ساھه ڏنو،

ڪو جيءُ جليو، ڪي تنگ ڇنا.

 

ڪنھن نانءُ کنيو، ڪنھن نانءُ رکيو،

ڪنھن ياد ڪري  ڪي گھاوَ ڏنا،

 

ڪنھن خون ڪري ھٿ آ رڱيو،

يا رنگ ڪڍيو اڄ آھه حنا.

 

ڪنھن جاڙ ڪئي، ڪنھن جيءُ چيو،

وڙ تن سي ڪيا، جي جن کان پنا،

 

ڪنھن رات ڏسي، پرڀات ڏٺي،

ڪن وار ڏسي، ڪي پار ڏنا.

ڪنھن سنگ ڇڏيو، ڪنھن ماڳ مٽيو،

ڪن ھار مڃي، ڪي يار ڊنا.

 

ڪٿ چنگ وڳا، ڪٿ ڪنڌ لٿا،

ڪي خوش ، ته لٿا ھا ڪن جا ڪنا.

 

ڪنھن ھار گھريو، ڪنھن ڪانڌ گھريو،

ڪي ڦيڻ ڦُريا، ڪي رمز ڇنا.

 

ڪنھن لاڳ لڳي، ڪنھن طمع ڇڏي،

ڪٿ حرص و ھوس، ڪٿ فقر و غنا.

 

”صائب“ کي رسيو ھو زخمِ جگر،

يا ھن جا اچي ھا ڏينھن پنا.

”عارف الموليٰ“

 

حُسن عالم پناھه ڇا چئجي،

پُرضيا جلوه گاھ ڇا چئجي.

 

ٿا فرشتا به ھُن جي در تي نِمن،

جانبن جو ته جاھه ڇا چئجي!

 

برق پرور نگاھه، ڇا چئجي؛

مھرو انجم يا ماھه ڇا چئجي!

 

دشمن، ھوش آھه عالم ۾،

تنھنجي جادو نگاھه ڇا چئجي!

 

عشق جو جرم بار بار ڪيم،

اھڙو رنگين گناھه ڇا چئجي!

 

غير سان گڏ، ۽ دور پنھنجن کان،

دوستيءَ جي ھي راھه ڇا چئجي!

 

ٿي رسي نيٺ عرش اعظم تي،

دلفگارن جي آھه ڇا چئجي!

 

ڪعبو خود جستجو ۾ محو آھي،

عشق جو سجده گاھه ڇا چئجي!

 

شعر ”عارف“ سڻي چيو سھڻن؛

ھي غزل! واھه واھه ڇا چئجي!

محمد خان ”غني“

 

پيدا ٿيو جنون ڏسي صورت بھار جي،

حالت دگر ٿي آھه گلن کان ھزار جي.

 

رھندي اھا انيس ٿي مون سان مزار ۾،

دل ۾ جا نقش آھه ٿي تصوير يار جي.

 

آيو خيال يار ته تنھن ساڻ لُڙڪ گڏ،

ڪھڙي نه راھه و رسم ٿي تن ۾ پيار جي.

 

آھي چراغ عشق کان روشن شبِ فراق،

محفل متي اچي وئي جي ياد يار جي.

 

مشڪڻ جو ذڪر تنھنجي ٿي نڪتو ڪٿي کڻي،

آئي نظر جھان کي صورت بھار جي.

 

ڏاڍا ٿيا خوشگوار محبت جا حادثا،

فرصت ملي ٿي ڪانه غِم روزگار جي.

 

مون سان رھي به تون نه سگھئين يار ھمسفر،

راه حيات ناھي سندم اختيار جي.

 

آيو، اجھو اچي ٿو ۽ ٽاريو ٽريو ائين،

ڪجھه ساک رک تون منھنجي انھيءَ اعتبار جي.

 

سازِ دل شڪسته ٽٽي پيو وڄي وڄي،

نغمه سرائي ڪانه ٿي سگھندي بھار جي.

دل داغ ٿي ته خال ٿي پيئي رخِ صنم،

ٿي ڪٿ رسائي آھي دلِ داغدار جي.

 

ميڙيو مون خاروخس کي وري بھرِ آشيان،

گھر جي نگاھه ھاڻ ٿي برق و شرار جي.

 

ڇا لاءِ مضطرب ٿو ڏسان شش جھات کي،

شايد ٽٽي ڪا تار پئي دل جي ستار جي.

 

ڇا جو پيار، ڇا جي محبت، خلوص ڇا،

رھجي فقط ھي رسم ويئي ھن ديار جي.

 

ڇا ھو اڃان به آھه سراپا خلوص ٿيو،

ڪجھه نگھه التفات اُٿي مون ڏي يار جي.

 

اي دوست جو ٻڌئي، سو حقيقت کان دور ناھه،

ناھي ”غني“ ڪئي ڳالھه ڪا خواب و خمار جي.

”سليم“ ڳاڙھوي

اي صداقت، تون بلاشڪ ٿي رھين دل جي قريب،

راھه جا راھي، مگر پھچاءِ منزل جي قريب!

 

بزم سُونھين نظم سان ۽ عشق سُونھين سوز سان،

عزم روڪڻ سان نه رُڪبو ڪنھن به مشڪل جي قريب!

 

سينئهِ سوزان ۾ اڄ ڀي حسرتن جو شور آھه،

ڪشتيء اميّد پھتي ڇو نه ساحل جي قريب؟

ساز جي آواز ۾ گم ٿي وئي بانگِ ضمير،

شمع جا آنسو ڪريا مدھوش محفل جي قريب!

 

نالئه مجنون ٿئي ھا نغمئهِ ذوقِ جنون،

شانِ محمل ٿي وڃي ھا جانِ محمل جي قريب!

 

ڪين ڪر دنيا جي زاري، زر ۽ زور کي قبول،

پنھنجي مقصد، پنھنجي منزل، پنھنجي حاصل جي قريب.

 

خاڪ ۾ موتي وڃائڻ جرم آھي ھڪ عظيم،

خون جي قطري پڪاريو تيغِ قاتل جي قريب!

 

دلربا جي ديد سان ٿي عيد جي اميد آھه،

نينھن جي نوبت وڳي دردن ڀريءَ دل جي قريب.

 

روح کي تفريح بخشي ٿو ڇڏي ذوقِ ”سليم“،
نڪتئه عاقل اجايو فردِ جاھل جي قريب!

”ذوالفقار“ راشدي

ذھن نئين سر زنجيرن ۾ اُلجھائي ٿي ڇا؟

مون کان منھنجي سوچ الائي سوچائي ٿي ڇا!

ھاءِ اُتر جي واءُ، وري اڄ واڪا ڪھڙا لايا!

منھنجي دل جون ٽِڙندڙ مکڙيون ڪومائي ٿي ڇا؟

ورھن کان پوءِ ياد اندر جون ڳڙکيون کولي آئي،

سيج پلنگ جون وسريل ڳالھيون ورجائي ٿي ڇا؟

ڪير نفير وڄائي ويٺو، روح ۾ آڌيءَ ٽاڻي؟

ڪنھن ماڻھوءَ کي لات اسان جي جاڳائي ٿي ڇا؟

ڀيڄ ڀنيءَ جي ڀاڪر جي ڪا سُرھي سُرھي بوءِ،
ماندي خيال کي ڇاتيءَ لائي ليٽائي ٿي ڇا؟

 

ڪھڙي تڙ تان آيو آھين، پيالو ھيءُ ڀري،

منھنجي جيءَ کي ڄر انھيءَ جي ڄرڪائي ٿي ڇا؟

 

ڪنھن جوڳيئڙي جاڳ مُنڊي ڇا، ننڊڙي اڏري ويئي،

اوسيئڙي جي اوٽ اندر کي تڙپائي ٿي ڇا؟

 

چوڌاري آ چپ الائي ٻاٽ ٻَٽي ٿي ويئي؟

رات نه ڄاڻان سانت ۾ مون کي سمجھائي ٿي ڇا!

عبدالڪريم پلي

ھر تمّنا  محال ٿي پيئي،

زندگاني وبال ٿي پيئي.

 

نذر موجن جي ٿي وئي ڪشتي،

جستجو نيڪ فال ٿي پيئي!

 

رفته رفته وڌي وڌي ڪنھن جي،

بي رخي بي مثال ٿي پيئي.

 

ڇا ڪبو ديد کي جڏھن دل خود،

جلوه گاھهِ جمال ٿي پيئي.

 

پاڻ پلجي ”ڪريم“ ڪيئن آخر؟

آرزو لا زوال ٿي پيئي.

”محسن“ ڪڪڙائي

عشق ۾ ظاھري تباھي آھه،

ورنه دراصل بادشاھي آھه!

 

ڪار زارِ حيات ۾، ڍولڻ!

ھر زن و مرد ھڪ سپاھي آهه،

 

ڇا، اِھو ڪو گناھه گھٽ آھي؟

مون تي الزامِ بي گناھي آھه!

 

حسرت و ياس جي ئي برڪت سان،

زندگي مون به پنھنجي ٺاھي آھه.

 

تون نباھين نه ٿو، ته تُنھنجي دل،

توسان ”محسن“ چڱي نباھي آھه!

جئسنگھاڻي ”سام“

نه رنج و غم ڪو دل اندر نه من ۾ ڪو ملال آ،

ھي حسن پخته ڪار آ يا عشق جو ڪمال آ؟

 

نه دک گھٽائي پياس کي، نه سُک ڀُلائي ياد کي،

نه بي دلي، نه بي حِسي، ھي عاشقن جو حال آ!

 

نه ويھي واٽ مان تڪيان، نه حيلو ڪو پڄي مون کان،

نه ڪاھليءَ جو، پر ھي دل جي صدق جو مثال آ.

 

پتنگ و شمع جي مِلڻ جَلڻ ۾ فرق ناھه ڪو،

مَرڻ جِئڻ جو ڪين، پر ھي سڪ جو ھڪ سوال آ.

تلاش دار ۽ رسن جي عاشقن کي ٿي رھي،

جو ڪثرتِ خوشي ڀي ھڪ علامت زوال آ.

 

سپاه عيش سان ڀلي ته نفس ڪاھَه پيو ڪري،

الم ئي منھنجي تيغ ۽ الم ئي منھنجي ڍال آ.

 

جئڻ مَرڻ نا وس سندم، نه آ ھلڻ چَلڻ کلڻ،

ڪُڇڻ جي ڪجھه ڀي پيشِ يار مون کي ڇا مجال آ.

 

خودي ڇڏي خيال سان وَتِيسي شاھي شوق جي،

صفا و صدق و اِنڪسار اسان جي زر ۽ مال آ.

 

مسافرن سان حال ھي ڏيڻ وٺڻ وڻيم ٿو،

جو تاتِ يار جي سَوا، ھي زندگي وبال آ.

 

ھي ماٺ خود ورونھن ٿي ۽ نيستي مرادِ زيست،

جو دارِ غم ئي ’سام‘ لاءِ منظرِ، وصال آ.

 

خوشيءَ جي رِيت تي نه ’سام‘ آس جو اڏج مڪان،

الم جي پيڙھه بِن بِنائي زيست خال خال آ.

”استاد“ بخاري

پنھنجون، تنھنجون، ۽ ٻيون ڳڻتيون،

ٿي ويون ٻيڻيون، ٽيڻيون ڳڻتيون!

 

پنھنجي ڳڻتين لئه ڇا چئبو؟

پنھنجون آھن سھنجون ڳڻتيون.

 

تنھنجون ڳڻتيون، تنھنجي سانگي،

سمجھان ٿو سڀ سھڻيون ڳڻتيون.

 

مسڪينن جون لاءِ اجھي جي،

غارن کان وڌ اونھيون ڳڻتيون.

 

مسڪينن جون لاءِ لَٽي جي،

جبلن جيڏيون ڳوريون ڳڻتيون.

 

مسڪينن جون لاءِ ڳڀي جي،

قاتل وھُه کان ڪؤڙيون ڳڻتيون.

 

مسڪينن جون ٻيون پڻ ڪيئين،

بي حد آھن بڇڙيون ڳڻتيون.

 

عالم، انسان، بم ۽ باھيون،

جنسي دوزخ جھڙيون ڳڻتيون!

 

اوکيون، اوليون، اھنجيون، اُگريون،

جھوراڻا ۽ جھوريون ڳڻتيون.

 

ڳڻتين - ڳالھيون کٽڻيون ناھن-

ڪھڙيون ڪھڙيون ڳڻبيون ڳڻتيون!

 

انشاء الله، ’استاد‘ آخر،

نيٺ نڀاڳيون لھنديون ڳڻتيون!

”انور“ ھالائي

ڪري سينو سپر زلفِ دوتا کي آزمايان پيو،

سھي ظلم و ستم قدر و قضا کي آزمايان پيو!

محبّت ۾ صداقت آشنا کي آزمايان پيو،

وفا پنھنجي سندءِ جورو جفا کي آزمايان پيو.

نيازي سان صنم ناز و ادا کي آزمايان پيو،

خدا جو سنھن ته بختِ نارسا کي آزمايان پيو.

اکين جا لڙڪ ڇپرن کان ڇڄڻ لئه بيقرار آھن،

مگر مان ضبط ۽ صبر و رضا کي آزمايان پيو.

شبِ آخر ۾ ھن وعده شڪن کان نيٺ ٿي مايوس،

کڻي ھٿڙا مان تاثيرِ دعا کي آزمايان پيو.

چُڪو ٿورو ملي من ھن اڃايل کي عنايت سان،

لبِ مئخانه ساقيءَ جي سخا کي آزمايان پيو.

ڇڄي ڌاڳو ٻه اڌ ٿيندو اھو آھي يقين ليڪن،

بقا جي ذوق ۾ دورِ فنا کي آزمايان پيو.

سڪونِ دل ميسر ڪين ٿيو جڏھين، تڏھن ھاڻي،

جنون ۾ دوستو! دشت و بلا کي آزمايان پيو.

اوھان جو در ۽ منھنجو سر اوھان جي بي رخي تسليم،

جفائون سڀ سھي سر تي وفا کي آزمايان پيو!

رڳو صدما سھڻ کان مون به پوري آ ڪئي ليڪن،

اوھان طرفان ستم جي انتھا کي آزمايان پيو.

گريبان، وار، سر، پٿر، فغان، فرياد ۽ وحشت،

جنون ۾ اڄ الائي ڇا جو ڇا کي آزمايان پيو.

خدا ڄاڻي ته ٿيندي انتھا ڪھڙي، مگر”انور“،

محبت جي اڃا مان ابتدا کي آزمايان پيو!

”محبوب“ سروري

 

فلڪ منھنجي طفيل آھي، مہ ڪامل  به مان آھيان،

مان جنھن منزل کي ڳوليان ٿو، اھا منزل به مان آھيان!

 

مان آھيان بحر، الفت، آب، ھستي، عشق جو طوفان،

قدم جنھن جا چُمَن لھرون، اھو ساحل به مان آھيان.

 

مسلمان آھيان، پر منھنجي سھڻن سان به دل آھي،

کڻي چئجي، بُتن جي قرب جو قائل به مان آھيان.

 

مُحبّت جو پڙھي ڪلمون، ڀڳم ڪلفت جو بتخانو،

مان آھيان مظھرِ حق، دافعِ باطل به مان آھيان.

 

ڏنم سھڻن کي پنھنجي زندگي مھر و وفا ڪارڻ،

محبت جو سخي ۽ سونھن جو سائل به مان آھيان.

 

گلا منھنجيءَ سان اڄ ڏاڍي ٿي ٻھڪي محفلِ جانان،

اگر محفل ۾ ناھيان، رونقِ محفل به مان آھيان.

 

ٿو پنھنجي خواھشن کي سخت مشڪل سان ڪيان پورو،

مان پنھنجو آھيان مشڪلشا، مشڪل به مان آھيان.

 

ھزارن حسرتن جا خون، دل جو دل ۾ ڪريان ٿو،

وڏو بيدرد، ظالم، خوني ۽ قاتل به مان آھيان.

 

جھان ۾ پنھنجي مومل، پنھنجو راڻو سڀڪو پاڻ آھي،

مان خود ”محبوب“ پنھنجو عاشق بيدل به مان آھيان.

رحيم بخش ”قمر“

 

عمر! مون کي ايندو اباڻن ۾ سک،

ڀلا ڪئن اچي تنھنجي ٿاڻن ۾ سک؟

 

سمھان تان لنگھي سيلھه بت ۾ پون،

اچي ريشمي ڪئن وڇاڻن ۾ سک.

 

کڻي کوھهَ تان آئين زوري ڪري،

نه ھوندو ھينئر ھُت نماڻن ۾ سک.

 

وسن مينھن منھنجي وطن پاڪ ۾،

ٿئي شال سانگين سياڻن ۾ سک.

 

ٿڌي ھير دل کي اٺي جي لڳي،

اُٺا مينھن آھن، اياڻن ۾ سک!

 

سدا ساڳ سرتين سان چونڊيان وڃي،

اچي ٿو للر توڙي لاڻن ۾ سک!

 

مٽايان نه محلن سان ھو جھوپڙيون،

لھان پنھنجي پکڙن پراڻن ۾ سک.

 

اسين جھنگ- ڇيڙو، ادا ڙي عمر!

اچي ٿو نه شاھي گھراڻن ۾ سک !

 

ھِتي قيد قسمت رھايو ”قمر“،

ھُتي جي ٿي ڀانيان، مان ڀاڻن ۾ سک!

”ممتاز“ دراني

 

ڪونه نالي ڪاڻ رھيو وينجھار تنھنجي شھر ۾،

ڪُٽ ڪُٽيندڙ بس بچيا لوھار تنھنجي شھر ۾.

 

دوستي، اِخلاص، قرباني، مروّت ۽ وفا،

سڀ غلط عملاً ٿيا سرڪار تنھنجي شھر ۾.

حال ڀائي، راز محرم، جو ٻُڌائي ۽ ٻُڌي،

ڪوبه ڪونھي مُونس ۽ غمخوار تنھنجي شھر ۾.

پَرچجڻ چاھي رڳو ھر ڪو ٿو، پرچائڻ نه پَرَ،

مخلصيءَ جو آھه ھِي معيار تنھنجي شھر ۾.

موسمِ گرما جي بي مِھِري، ٻپھَريءَ جو سمو،

۽ نه ڪو آ سايهء ديوار تنھنجي شھر ۾.

ڪين ڪو منصور ھڪ ڀي، شھر تنھنجي ۾ ڏِٺم،

ھر ڳلي ۾ پر اَڏيل ھئي دار تنھنجي شھر ۾.

لوھه جا اعصاب ڀي لرزش ۾ ٿا ھيڪر اچن،

ڪيترو آخر سھي ڪو بار تنھنجي شھر ۾.

طلعتِ زيبا، دائي دلبري ۽ اعتماد،

ھي حسنين جا نه ھِنِ، اطوار تنھنجي شھر ۾.

دل گُھريو ساٿي، اڪيلائي ۽ بارش جي جَھڙي،

ٿين ميسر ڪاش ! جي ھڪوار تنھنجي شھر ۾.

حيف اي پيرِ مغان جو قطرهء مئي لئه سِڪن،

ھن ڀريءَ برسات ۾ ميخوار تنھنجي شھر ۾.

ماجرائي زندگي ڪنھن پر نه پڇ ”ممتاز“ کان،

زيست ھر عنوان ٿي دشوار تنھنجي شھر ۾.

”غازي“ ٽکڙائي.

 

نگاھه ڦيري ڀلا ڇو ٿو سوگوار ڪرين،

الائي ڇو نٿو اکڙين کي پرخمار ڪرين.

 

اداس ڇو ٿو ڪرين، ڇو ٿو اشڪبار ڪرين،

ھرڀرو به اسان کي ٿو بيقرار ڪرين.

 

سِڪائين ڇو ٿو سڪايل، ستيءَ ڪنان ساقي،

کلي کلي ڪو پياڪن سان پيار پيار ڪرين.

 

ھليا ته چنگ وڄايون، ھليا ستار کڻون،

اچين ته رنگ رچن، راڳڻيون بھار ڪرين.

 

نظر نظر سان پياري ٿو ميگسار ڪرين،

کلي ڏسين ته ھزارن کي ھوشيار ڪرين.

 

اڃا ته چمڪي پئي چنڊ ساڻ رات جي سينڌ،

اڃا خمار ڪرين ھا، اڃا خمار ڪرين!

 

اڃا ته دل به جوان ، مان جوان ۽ تون به جوان،

اڃا پيار ڪرين ھا، اڃا پيار ڪرين!

 

اسان جي جيئري ته نفرت به تون ڪري نه سگھئين،

شل اعتراف محبت سر مزار ڪرين!

 

اھو به چنڊ چڙھي شل اھو به چنڊ چڙھي،

شراب ناز سان ”غازي“ گناھه گار ڪرين.

”نشتر“ ناٿنشاھي

 

غم ۾ ذڪرِ، بھار ڪير ڪري،

دل کي اڄ سوگوار ڪير ڪري؟

 

اي زمانا، ستم ظريفي نه ڏس،

بي شعاري شعار ڪير ڪري؟

 

ضبطِ گريه جو حڪم آھه ٿيو،

ھاڻي اک اشڪبار ڪير ڪري!

 

ھر خوشي اضطراب آھه ڏٺو،

چئو، خوشيءَ سان پيار ڪير ڪري؟

 

جت خرد ئي فقط عروج ۾ آ،

ات جنون اختيار ڪير ڪري؟

 

ھت فقط ئي خوشي خوشي ٿو ڏسان،

چشم کي آبدار ڪير ڪري؟

 

گرچه شب باعثِ وصال ٿئي،

صبح جو انتظار ڪير ڪري؟

 

دل ئي ”نشتر“ کي آ قبول ڪيو،

ورنه دل تي ٿو وار ڪير ڪري؟

”آثم“ ناٿنشاھي

 

اڄ وفا جو ته اَنگُ ئي ڪونھي،
دوستيءَ جو ڪو ننگُ ئي ڪونھي!
 

حُسن جي شمع تي جَلي جيڪو،
اھڙو اڄڪلھه پتنگ ئي ڪونھي!
 

عرش ڀي آه سان ڏَڪي، ليڪن،
آهَ جو ڪنھن کي ڍنگُ ئي ڪونھي.
 

فرقتِ يار ڀي ته احسان آھه،
مھربانين جو رنگُ ئي ڪونھي!
 

ڇو خِزان جي ھتي رھي پروا؟
منھنجي کيتيءَ ۾ سنگُ ئي ڪونھي!
 

داغ ٿيندو ته تنھنجي دامن تي،
خون منھنجي ۾ رنگُ ئي ڪونھي.
 

تنھنجو ايڏو ڏمر ڇو ”آثم“ تي،
منھنجي دل ۾ ته رنگُ ئي ڪونھي!

”وفا“ ناٿنشاھي

 

جوش آھي نه ڪو خروش آھي،

نوجواني زوال ڪوش آھي.

 

ڪو پئي ٿو شراب، ڪو ڳوڙھا

ساري دنيا شراب نوش آھي.

 

چنڊ، تارا ھجن يا فصلِ بھار،

ھر نظارو خزان بدوش آھي.

 

ڪالھه مالھيءَ مٿان ھنيون الزام،

اڄ چمن پاڻ گل فروش آھي.

 

ڪيئن ڳائي ڪو نغمئهِ تھذيب،

ساز انسانيت خموش آھي.

 

ڪير ڏيندو ”وفا“ حسين الزام،

حُسن بيباڪ پرده پوش آھي!

”راز“ ناٿنشاھي

سيني سيني درد جون ويرون،

اک اک پاڻي، من من جھيرون.

 

گھر گھر اوندھه، در در ٺوڪر،

ڇوري ٻار جيان تقديرون.

 

ھٿ ھٿ ڪشتو، ويران رستا،

ڪوڙي خوابن جون تعبيرون.

 

ڪير ڏسي ٿو، ڪير پڙھي ٿو،

ڳاڙھي رت جون ھي تحريرون.

 

عريان عريان، بي جان بي جان،

منھنجي سوچڻ جون تصويرون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com