سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :9

مسٽر ”بيبلر“، يوگوسلاويا جو ھندستان جو عيوضي ”ھندي فرينچ“ ڊڪشنري کڻي ويھندو ھو  ۽ ڏاڍي دلچسپي وٺندو ھو. ۽ ننگر پارڪر ۽ ويرا واھه، گھاڙ، نارو وغيره اکرن جون معنائون پڇندو ھو. ھڪڙي دستي نقشي جي حدن تي لکيل ھو: ”سرحد ڪڇ موجب برابر آھي“. اکر ڪڇ کي ڪڇ رياست ڄاڻي ھندستان وارن نقشي کي پاڻ لاءِ فائدي وارو ڄاتو. منھنجي سمجھائڻ تي ته اکر ڪڇ جي معني اتي ”ماپ“ آھي. ان تي تمام گھڻو بحث ٿيو پر آخر نقشي جي مٿان اکر لکيل ھئا (نقشو جوڙيندڙ آوتراءِ سروير ۽ ڪڇيندڙ حشمت مل) تڏھن وڃي بحث پورو ٿيو ۽ نقشو اسان جي فائدي ۾ ثابت ٿيو. اھو نقشو اُھو ھو جنھنجي ھيٺان رحمڪيءَ جي ڏکڻ وارو ٽڪرو ھاڻي اسان کي مليو آھي.

ٻين ثابتين سان يعني جاگرافي، تاريخي ۽ سياسي ثابتين کان سواءِ طبقات الارض جي آڌار تي به ٻڌايو ويو ته رڻ اصل سمنڊ ھو، جو چوٿين صديءَ ڌاري زمين جي زلزلي سبب رڻ جي صورت ۾ اچي ويو. رڻ جي اندر،جي مٿاھان ٽڪر آھن، انھن کي ٻيٽ سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻيٽ پاڻيءَ ۽ سمنڊ جي وچ ۾ ئي ٿي سگھندا ۽ نه زمين تي.

ننگر، ڏيپلي، مٺي ۽ بدين تعلقن جي ڏکڻ وارو ڪنارو نقشي تي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته ڪارائيءَ ڏندن وانگر آھي، جا حالت فقط سمنڊ جي ڪناري واري زمين سان ھوندي آھي. ننگر پارڪر لفظ معنيٰ کاري (سمنڊ) جي ٻئي پاسي وارو ننگر (بندر) ننگر، لنگر مان نڪتل آھي، يعني جتي ٻيڙيون ۽ جھاز لنگر اچي ھڻن. لفظ وير آوا جو تعلق وير (سمنڊ جي وير) جي اچڻ سان آھي. اھو شھر به ننگر تعلقي ۾ آھي.

 ساڳيءَ طرح ٿرپارڪر معنيٰ کاري جي ٻئي طرف ٿر. رڻ جي ڪل ايراضي ست ھزار ميل آھي. اسان جي دعويٰ ٽي ھزار پنج سؤ ميلن تي ھئي يعني پوري اڌ تي ۽ ھندستان جي دعويٰ ست ھزار ميلن تي ھئي. ججن جي فيصلي موجب اسان کي اسان جي دعويٰ مان رڳو 350 ٽي سو پنجاهه کن ميل مليا، يعني ڇاڙ ٻيٽ سارو بدين کان ڏکڻ طرف ٿورو ٽڪر ھيٺ، جنھن ۾ ڪانجھي ڪوٽ اچي وڃي ٿو ۽ ننگر تعلقي جي اولھه ۽ اوڀر واري حد ۾ اندر گھڙي ويل ناريون.

منھنجي سمجھه موجب اسان کي بلڪل ٿورو ٽڪر مليو آھي، جو ثابتيءَ جي آڌار موجب اسان کي اميد ھئي ته ٽي ھزار پنج سؤ ميل اسان کي ملندو، مگر جيئن ته لکيت موجب ٻنھي ڌُرين لکي ڏنو ھو ته ججن جو فيصلو قبول ڪرڻو پوندو، ان ڪري فيصلو قبول ڪرڻو پيو ۽ ھاڻي سروي ٿي رھي آھي، ۽ 31 مئي 1969 تي پوري ٿيندي ۽ ان بعد درست ٿيل نقشا ٺاھيا ويندا.

اھو ڪيس جنھن جو جهڳڙو صدين کان ھلندو ٿي آيو ۽ سال ۽ مھينا ھن جي ٺاھڻ ۾ لڳا ۽ جنھن جي سمجھڻ لاءِ سوين ڪتاب ۽ نقشا جاچڻا پيا، ان جو بلڪل مختصر لفظن ۾ پڙھندڙن جي دلچسپيءَ خاطر ھيءُ سلسليوار مضمون عرض رکيو ويو آھي. جيڪڏھن پڙھندڙن لاءِ سچ پچ مضمون ۾ ڪا دلچسپي ھوندي ته مان ڄاڻندس ته منھنجي لکڻ جو عيوضو مون کي ملي چڪو.

لطف الله بدوي

شاھ شجاع الملڪ

(قسط 3)

]ڄمڻ جي تاريخ: 4 جولاءِ 1904ع

والد جو نالو: حاجي امام بخش بدوي،

خانداني تعلق، آل احمد سان آھي، جنھن جي مزار مصر ۾ آھي. بدوي صاحب جو ڏاڏو بزرگ ميان محمد بچل، ملتان کان اول حيدرآباد ۽ پوءِ شڪارپور ۾ مستقل طرح سان اچي رھيو ھو. حاجي ميان امام بخش بدوي، پنھنجي دؤر جو وڏو شاعر ھو ۽ سندس تخلص ’خادم‘ ھو. سندس ڪليات (بورڊ پاران) ڇپجي چڪو آھي. سندس شعر ۾ سادگي ۽ رواني آھي.

تعليم: اوائل ۾ فارسي ۽ سنڌي، والد مرحوم کان پڙھيا، پوءِ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول شڪارپور ۾ ڇھه درجا پڙھيا ۽ والد مرحوم جي وفات ڪري تعليم کي ترڪ ڪيائون. 1920ع ۾ فائنل ڏئي پھريون نمبر کنيائون. 1921ع ۾ تپيداري چونڊ ۾ ڪامياب ٿيا. پر تنگدستي جي ڪري حيدرآباد نه اچي سگھيا ۽ ٽريننگ ڪاليج شڪارپور ۾ داخلا ورتائون، ان وقت جي ڊائريڪٽر مسٽر گريو، کين ٺل جي اسڪول ۾ انگريزي ماستر ڪري رکيو. جتان لائلپور جي ايگريڪلچرل ڪاليج ۾ ماسترن جي ڊپلومه حاصل ڪيائون. ان کان پوءِ ايگريڪلچرل ماستر ۽ ڪجھه وقت اردو گشتي ماستر رھيا. نيٺ 1949ع ۾ سکر ضلعي جي ميونسپل اسڪولن لاءِ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيا، جتان ڊسمبر 1949ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور ۾ سنڌيءَ لاءِ ليڪچرار ٿيا، جتان ڪلاس دوم ۾ پينش تي لٿا.

مئٽرڪ، انٽر، منشي فاضل ۽ بي- اي پنجاب يونيورسٽيءَ مان خانگي طرح سان پاس ڪيائون. عربيءَ جي ابتدائي تعليم علامه عبدالرحمان ميمڻ مرحوم کان حاصل ڪيائون.

شاعري: شعر و شاعريءَ جو ذوق کين ورثي ۾ مليو آھي. سندن حساس طبع تي زماني جي حادثن، خاص طرح سان والد،والده ۽ ھمشيرگان جي بيوقت وفات ڏاڍو اثر ڪيو. سندن شاعري، مختلف اصناف سخن تي نھايت پختي ۽ استادانه آھي. سندن مجموعه ڪلام شايع نه ٿيو آھي. سندن سنڌي ڪلام، سنڌوءَ (جڏھن سنڌ مان نڪرندو ھو)، مھراڻ، نئين زندگيءَ ۾؛ سندن اردو ڪلام اردو رسالن ۾ ڪافي شايع ٿي چڪو آھي. ان طرح سندن علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي مضمونن جو ڪافي ذخيرو شايع ٿي چڪو آھي.

تاليفات: سندن تاليفات ۾، تذڪره لطفي ٽي جلد، گيتانجلي، علامه اقبال جي شعر جي ڪتابن جا منظوم ترجما، ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام، ڪليات خادم، نھايت مشھور ڪتاب آھن. سندن اڄ تائين پنجويهه 25 کن ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. پاڻ صوم  و صلواة جا پابند آھن. خاص طرح سان ’احسان‘ بدوي جھڙي نوجوان فرزند جي اوچتي وفات کان پوءِ، بلڪل گوشه نشين ٿي چڪا آھن. ھيچ آفت نه رسد گوشه تنھائي را.       - ادارو.[

شاھه شجاع، سنڌ ۾ ڪو ھميشه رھڻ لاءِ نه آيو ھو. ھن جي دل ۽ دماغ تي افغانستان سوار ھو ۽ ڪابل جو فردوس منظر شھر ٿي اکين ۾ ڦريو. بھار جو مختصر عرصو جڏھن شڪارپور ۾ گذريو ۽ لڪون ۽ جھولا شروع ٿيا تڏھن ھي سرد ملڪ جو ھيراڪ شاھه، شڪارپور ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيو. شڪارپور ۾ جو ھن مختصر توقف ڪيو ھو، ان دوران ۾ ھن فقط دولت کي سميٽڻ ٿي گھريو ۽ پاڻ کي منظم ڪرڻ ٿي گھريو. ھن پُرآشوب گھڙين ۾ به ھُو پنھنجي عياشين کان باز نه آيو ۽ ھڪ حسين ۽ جميل ھندو ڇوڪريءَ کي پنھنجي حرم ۾ داخل ڪيائين. اھي شھزوريون، شڪارپور جي ماڻھن جي دلين ۾ ھميشه کٽڪنديون رھيون. تاريخ مان ھن ھندو نينگر جي بابت ڪابه ٻي خبر نه ٿي ملي، ته حرم شاھيءَ ۾ مٿس ڇا گذريو.  انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي ته ھن سنڌ ۾ گھڻو وقت قيام ڪرڻ نه گھريو، پر جي ھُو سنڌ ۾ پنھنجي حڪومت جو بنياد رکي ھا ته ٽالپرن جي حڪومت جوخاتمو ٿي وڃي ھا ۽ کيس افغانستان جي پيچ در پيچ صعوبتن کان به نجات حاصل ڪرڻي پوي ھا. پر خدا کي ائين منظور نه ھو. خدا جي حڪمتن مان ڪي اھڙيون به حڪمتون ھونديون آھن جن لاءِ چوڻ ۾ ايندو آھي ته ”خدا شري برانگيزد که خير ما در آن باشد.“ بھرحال شاھه شجاع جو ھيءُ اھو شر ھو جنھن کان پوءِ وري کيس سنڌ ۾ اچي حڪومت ڪرڻ جو موقعو نه مليو ۽ ميرن اطمينان جو ساھه کنيو. ميرن کان موڪلائيندي ھن کين قرآن پاڪ تي لکي ڏنو ته(1)

”ھو، شڪارپور ميرن جي حوالي ڪري ڇڏيندو ۽ ھو کيس ساليانه ڇھه لک روپيا خراج ادا ڪندا رھندا. شرط اھو ھوندو ته جيڪڏھن ھن افغانستان فتح ڪيو ته اھي ڇھه لک جاري رھندا.  پر جيڪڏھن ھو ان مھم ۾ ناڪامياب ٿيو ته پھريان ڏنل ڇھه لک تحفي طور شامل ھوندا ۽ وري کين ھڪ پائي به نه ڏيڻي پوندي.“

پر اڳتي ھلي جيئن معلوم ٿيندو، ھنن ڇھن لکن جي طلب ميرن کي ڪافي تڪليف ڏني. شاھ جي وڃڻ کان پوءِ مير صاحبن وري شڪارپور تي قبضو حاصل ڪيو. حقيقت ۾ شڪارپور، ميرن کي ڏاڍي مھانگي پئي ھئي. بقول مصنف ’تاريخ تازه نوائي معارڪ‘ جڏھن کان ميرن جو دامن شڪارپور سان لڳو ھو، مٿن ھڪ نه ٻئي بلا سوار ٿي رھي. بھرحال، شاهه سن 1249ھه جي سفر مھيني ۾ قلات ۾ وڃي پھتو، جتان جي حاڪم مير محراب خان بروھي سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ شاھ اتان خير خوبي سان اڳتي وڌيو. محراب خان شالڪوٽ (موجوده ڪوئٽه) تائين سندن ھمرڪاب رھيو. شاھ جي آمد جي خبر ٻڌي ڪئي افغان قوم جا فرد گروه در گروه، شاھ جي فوج ۾ شامل ٿيندا رھيا، تان جو فوج جو انداز پنجاھه ھزارن تائين وڃي پھتو. شالڪوٽ کان ھاڻي شاھه قنڌار جي طرف رخ ڪيو.

قنڌار جي مھم ۽ شجاع جي ناڪاميابي:

قنڌار ۾ ھن وقت امير دوست محمد خان جا ڀائر سردار ڪھندل خان، رحمدل خان ۽ مھردل خان حڪومت ڪري رھيا ھئا. شاھ شجاع جي حملي وقت وٽن ڪا ايڏي فوج به موجود نه ھئي، فقط ٽي ھزار فوجي مگر ھنن وڏي ھمت سان شجاع سان مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو. ھو خدا تي توڪل ڪري قلعبند ٿي ويٺا- شاھه شجاع جڏھن قنڌار جي ٻاھران پھتو ته وٽس ستر -اسي ھزار فوج اچي گڏ ٿي ھئي ۽ ھيءَ وڏي جمعيت ھئي. ھوڏانھن بارڪزئي امير، مختصر جمعيت سان شاھ جي مقابلي ۾، قلعي جي برجن ۾ محڪم ٿي ويھي رھيا ۽ روزانو شاھ جي فوج تي قلعي مان گولي باري ڪندا رھيا. تان جو گھيرو طويل ٿي ويو ۽ ٻن مھينن تي وڃي پھتو. قنڌار جا محصور امير ھر وقت امير دوست محمد خان جي آمد جا منتظر ٿي رھيا. جيئن امير دوست محمد جي آمد ۾ دير پئي ھئي، ان ڪري سندس ڀائر نھايت چالاڪي سان شاھه سان ٺاھه جون ڳالھيون ڪندا رھيا. تان جو امير موصوف پنھنجي فوج سان قنڌار جي نزديڪ اچي پھتو. ’تاريخ تازه نوائي معارڪ‘ جي مصنف، شاھ شجاع جي قنڌار جي گھيري جي متعلق ھڪ عجيب واقعو لکيو آھي، جنھن کي ھتي مختصر نموني ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. (2)

”ھڪ ڏينھن شاھ قنڌار جي قلعي تي قبضي ڪرڻ لاءِ مصمم ارادي سان پنھنجي فوج مان چونڊيل سپاھين کي حڪم ڏنو ته ھو رات جي اونداھي ۾ ڏاڪڻين وسيلي قلعي جي ديوار تي چڙھي وڃن ۽ اندر داخل ٿي قلعي جو دروازو کولين. دروازي جي کلڻ سان بعد ۾ ھڪ ڀرپور حملو ڪري قلعي تي قبضو ڪيو وڃي. حڪم موجب ھي شبخون ھڻڻ واري مسلح فوج قلعي جي ديوار جي ھيٺان پھچي وئي، قلعي ۾ خاموشي ھئي ۽ معلوم پئي ٿيو ته محصور ٿڪجي وڃي سمھي پيا آھن. موقعو نھايت عمدو ھو مگر ھيءَ آيل فوج ديوارن تي چڙھڻ بدران ديوارن جي سايي ۾ سمھي پئي، کين ايڏي ته گَھري ننڍ وٺي وئي جو مٿان اچي صبح صادق ٿيو. شاھ جڏھن ڪوبه غوغا ۽ ھنگامو نه ٻڌو ته کيس تشويش پيدا ٿي ته سندس حمله آور فوج ڪيڏانھن گم ٿي وئي. ھن توب کي ڇوڙڻ جو حڪم ڪيو، جنھن جي ٺڪاءُ تي سندس فوجي ته سجاڳ ٿيا پر قلعي جي اندر فوج به جاڳي پئي. ھنن دشمنن کي ديوارن جي ھيٺان ڏٺو، هنن مٿن ايڏي ته سختي سان گولي باري ڪئي جو شاھه جي فوج جو وڏو حصو قلعي جي ديوارن جي ھيٺان مارجي ويو.“

شاھ شجاع جي فوج جي ھيءَ بيترتيبي ۽ غفلت، اُن جي ناڪامي جو باعث بڻي. ھاڻي دوست محمد پنھنجي فوج کي وٺي قنڌار کان ھڪ- ٻن ميلن تي اچي پھتو. دوست محمد جي قريب اچڻ جي خبر ٻڌي، شاھ شجاع پريشان ٿي ويو. کيس خوف ٿيو ته متان دوست محمد پاڻيءَ تي قبضو نه ڪري وٺي اُن ڪري ھن پراڻي قنڌار مان پاڻ کي باغن ۽ نھرن جي طرف منتقل ڪيو، جا سندس عظيم غلطي ھئي. سندس فوج باغن ۾ آرام سان رھي پئي. ھوڏانھن دوست محمد شاھ شجاع جي ھن تبديلي کان خوش ته ٿيو پر کيس خوف پئي ٿيو ته سندس فوج شاھ شجاع جي مقابلي کان انڪار نه ڪري ويھي، اُن ڪري ھن تيزيءَ کان ڪم ورتو. سندس ڀائرن سندس اچڻ کي غنيمت سمجھيو، ھو به پنھنجي فوج وٺي اچي ساڻس شامل ٿيا. اُن وقت جڏھن شاھه جي فوج آرام ۾ ھئي، دوست محمد مٿن بيخبريءَ ۾ حملو ڪري ڏنو. شاھ جي فوج به پاڻ سنڀالي ورتو خصوصاً سندس توب خاني جو ھڪ انگريز ڪپتان ڪيمبل جي ھٿ ھيٺ وڙھي رھيو ھو، دوست محمد جي لشڪر جي مٿان باھه وسائي ڏني. شام جي وقت ائين معلوم پئي ٿيو ته فتح شاھه جي آھي مگر اوچتو ھڪ سپاھي رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته شاھ ڀڄي ويو! ھن اوچتي آواز تي شاھ جي فوجين ۾ بددلي پيدا ٿي پئي. ھوڏانھن شاھ جنگ جي ميدان ۾ مردانگيءَ سان وڙھي رھيو ھو. سندس سپھه سالار سمندر خان دوست محمد جي فوجين جي وچ ۾ گھڙي ويو ھو ۽ اُھا فوج ڇڙوڇڙ ٿي چڪي ھئي. دوست محمد جي ڪن فوجين ھن آواز جو فائدو وٺي خود شاھه جي تنبوءَ تي حملو ڪري ڏنو. ھيءَ حالت ڏسي شجاع جي سپاھين کي سندس ڀڄي وڃڻ جو يقين  ٿي ويو. ھو آھستي آھستي ميدان جنگ مان ڀڄڻ لڳا. دوست محمد پنھنجي فتح کي قريب سمجھي توب خاني تي سخت حملو ڪيو ۽ ڪيمبل قيد ٿي ويو . ھن پريشانيءَ ۾ سمندر خان به پوئتي ھٽيو. بدقسمتيءَ جو ڪھڙو علاج! افسوس جو شاھ شجاع پنھنجي کٽيل جنگ ھارائي! پھريائين ھوباسيان ۾ پھتو. رحمدل خان سندس پٺ ورتي پاڻ کي اتي سلامت نه سمجھي ھو سالو خان جي قلعي ڏانھن ھليو ويو. شاھه کي اگرچ سالو خان جي قلعدار ۾ وفا جي اميد گھٽ ھئي مگر ھو مجبور ٿي  سندس پناھ ھيٺ آيو. ھن وچ ۾ شاھ کي سندس ڀائٽي ڪامران جو خط ھراج کان پھتو ته ھو سندس معذرت ۽ مدد لاءِ اچي رھيو آھي. شاھ خط کي پَڙھندي پاڻ کي خطري ۾ سمجھيو ۽ نھايت جلدي سالو خان جي قلعي مان نڪري قلات روانو ٿيو.

شاھ شجاع جي آمد جي خبر ٻڌي، مير محراب خان، جو ان وقت قلات جو حاڪم ھو، سندس پيشوائي لاءِ آيو ۽ وڏي مرحبا سان کيس قلات وٺي آيو. ھن وچ ۾ رحمدل خان به شاھ جي تعاقب ۾ ٽين ڏينھن قلات جي سامھون ظاھر ٿيو ۽ مير محراب خان کان شاھ جو بازو طلب ڪيائين مگر مير موصوف پنھنجي بلوچي روايت کي مد نظر رکندي کيس پيغام جو جواب موڪلي ڏنو ته (3)

”ڪافر به شايد پنھجي قلب جي ڪارنھن ھوندي، ڪنھن مھمان ۽ امان وٺندڙن کي دشمنن جي حوالي نه ڪندا ھوندا-. مان ته مسلمان آھيان ۽ ھو وقت جو بادشاھه! مون ۾ اھا اميد ڪيئن ٿي رکي وڃي. بلوچن جي فقيراڻي گودڙيءَ مان ھڪ بادشاھ جو بازو ڪڍي، اوھان جي سپرد ڪريان اُھو منھنجي خاندان لاءِ شرمندگي جو باعث ٿيندو. اھو خام خيال سردار صاحب کي ڪڍي ڇڏڻ کپي.“

ھن دليرانه جواب کان پوءِ سردار رحمدل خان مقابلي کان خائف ٿي بنا ڪنھن مقصد حاصل ڪرڻ جي پوئتي موٽي ويو. سردار رحمدل خان جي موٽي وڃڻ کان پوءِ شجاع قلات ۾ ڪجھه وقت توقف ڪرڻ کان پوءِ گنجابه جي راھه کان سبيءَ پھتو، جتي سندس فوج جو سپھه سالار سمندر خان اچي گڏيو. سمندر خان جي اچڻ سان شاھ جي دل وري قوي ٿي وئي ۽ سمندر خان به پنھنجي ولي نعمت جي اقتدار کي وري قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ورتي. مگر اجل سندس تاڙ ۾ ھو. ھو شاھه کان موڪلائي جيئن پنھنجي وطن ۾ پھتو ته بيمار ٿي پيو ۽ مختصر علالت کان پوءِ آئينده جون سڀئي اُميدون پاڻ سان کڻي موت جي آغوش ۾ وڃي پھتو. سندس موت جي خبر جڏھن شاھ کي پھتي، تڏھن ھو بيحد مايوس ٿي ويو. اُن ھوندي به خدا تي توڪل ڪري، سنڌ ڏانھن روانو ٿيو ۽ روجھاڻ ۾ اچي منزل ڪيائين.

شاھ شجاع وري سنڌ ۾:

شاھ شجاع سن 1249ھه، ۾ روجھاڻ ۾ جنھن وقت منزل انداز ھو، اُن وقت شڪارپور۾ سيّد ڪاظم شاھ (جو کرڙي جي جنگ ۾ شھيد ٿيو ھو)، جو ڀاءُ سيد تقي شاھه گورنر ھو. کيس جڏھن خبر پئي ته شاھ بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ روجھاڻ ۾ مقيم آھي، تڏھن سندس اندر ۾ جا انتقام جي باھه ھئي سا جاڳي پئي. ھو شڪارپور مان فوج وٺي شاھ کان انتقام وٺڻ لاءِ روجھاڻ روانو ٿيو؛ مگر اُن وچ ۾ شاھ روجھاڻ کان ڪوچ ڪري چڪو ھو ۽ خانڳڙھ جي راھه کان لاڙڪاڻي جي قريب وڃي پھتو، جتي سيد اسماعيل شاھ (مير ڪاظم ۽ تقي شاھ جو والد) مختيارڪار ھو. تقي شاھ ته شاھ تائين پھچي نه سگھيو مگر سيّد اسماعيل شاھ سندس دشمن لاڙڪاڻي ۾ موجود ھو مگر ھو نھايت دانشمند انسان ھو ۽ زماني جي سرد ۽ گرم ڏسي چڪو ھو. شاھه جي پھچڻ تي ھن حيدرآباد مير صاحبن ڏي سڄي ڪيفيت لکي موڪلي. مير نور محمد خان سيّد اسماعيل شاھ جي وڏي فرزند سيّد ابراھيم شاھه کي شاھه جي پيشوائيءَ لاءِ موڪليو جو کيس وڏي عزت ۽ احترام سان وٺي حيدرآباد پھتو ۽ مير زين العابدين جي باغ ۾ منزل انداز ٿيو.

ميرن پوري تن دھيءَ سان شاھ جي خدمت ڪئي. اگرچ ھن مھمان سان کين اختلاف ھو پر مھمان نوازيءَ ۾ گھٽتائي نه آندائون. شاھ شجاع مير صاحبان کان شڪارپور ۽ بکر جي قلعن جي عملداري جي طلب ڪئي، مگر مير صاحبن کيس حڪمت عمليءَ سان ٽاري ڇڏيو ۽ سوکڙيون پاکڙيون ڏئي لڌياني روانو ڪري ڇڏيو. شاھ شجاع اھڙيءَ ريت جيسلمير جي بيڪانير جي راھه کان لڌياني ۾ انگريزن جي حفاظت ۾ وڃي پھتو. شاھ شجاع جي قنڌار جي ناڪاميءَ جو داستان جتي ختم ٿئي ٿو، اُتي دوست محمد جي ڪاميابيءَ جي داستان جي ابتدا ٿئي ٿي. درُانين جي باھمي نفاق جو ھيءُ نتيجو ھو، جو ھيءَ باوقار خاندان مصيبتن جي اندر اچي ويو ھو، ۽ اُن جا افراد ٺوڪرون کائي رھيا ھئا. احمد شاھ جي عظمت خواب بڻجي وئي ۽ تيمور شاھ جي شوڪت خيال کان وڌيڪ نه رھي ھئي. منھنجي نظر ۾ اُھو ملڪ جو نفاق کي دعوت ڏئي ٿو، اُھو پنھنجو استحقاق وڃائي ڇڏي ٿو ۽ پوءِ ان جي نتيجي ۾ سڪن سان گڏ آلا به سَڙيو وڃن ٿا. تاريخ جون اِھي حقيقتون ڪي افسانه نه آھن، پر پنھنجي اندر عملي نتيجا رکن ٿيون. مگر انھن کي ڪي اولي الابصار ئي سمجھي سگھن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com