سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1968ع

مضمون

صفحو :2

ھن پرچي جا شاعر

مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“: جناب مخدوم صاحب جي ذات ستوده صفات، علم ۽ ادب جي دنيا ۾ تعارف جي محتاج ناھي. پاڻ غوث الحق مخدوم نوح رحه جا سجاده نشين آھن. ان کان سواءِ پاڪستان جي قومي اسميبليءَ جا ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمن، ۽ ٻين ڪيترن علمي ۽ ادبي، اصلاحي ۽ تعليمي ادارن جا سرپرست آھن. سندن شاعري، سوز ۽ ساز، رنگ ۽ آھنگ جي بلند معيارن تي آھي. پاڻ ڪلاسيڪي اصناف – بيت، وائي ۽ ڪافي کان سواءِ بھترين غزل گو شاعر آھن. پاڻ سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ فارسي زبانن ۾ ڪلام چيو اٿن. سندن ڪئي علمي ۽ ادبي ڪتاب شايع ٿيل آھن.’ڪافي‘ھڪ بلند مرتبه تحقيقي شاھڪار آھي. سندن شعر جا مجموعا شايع ٿيا آھن. ’ڪچڪول‘، ’بھار طالب‘، ’رباعيات نعتيه ڪلام،‘ وغيره. ’ڇپر ۾ ڇڙھيون‘، سندن تازي ڪلام ۾ مشتمل ڪتاب ڇپجي رھيو آھي. سندن علمي ۽ وطني خدمتن جي اعتراف طور، کين ”تمغئه پاڪستان“ جو اعزاز پڻ مليو آھي.

آغا عبدالنبي خان ”آغا“: آغا صاحب، پنھنجي علمي، ادبي ۽ وطني خدمتن جي ڪري، مشھور شخصيت جو مالڪ آھي. سندن علم ۽ فن، ادب ۽ شاعريءَ سان ڪافي دلي تعلق رھيو آھي. ان طرح ڊرامي جي فن تي کين وڏو عبور حاصل آھي. ڪيترا ڊراما سندن اسٽيج ڪيل آھن. سندن شعر جا ٻه چار مجموعا پڻ شايع ٿيل آھن. پاڻ رٽائرڊ ڪمشنر آھن ۽ سنڌي ادبي بورڊ جا اوائل کان ميمبر رھيا آھن.

لطف الله بدوي: سنڌ جي مشھور محقق ۽ اھل قلم، بدوي صاحب سڄي عمر سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪئي آھي. پاڻ تعليم کاتي ۾ ليڪچرر ٿي رٽائرڊ ڪيائون. سندن علمي ۽ ادبي ڪتابن ۽ علمي مضمونن جو معيار بلند آھي سندن ”تذڪره لطفي“ سنڌي ادب ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. علامه اقبال جو ڪافي ڪلام سنڌي شعر ۾ ترجمو ڪيو اٿن. تازو ’ديوان صنعت‘ (فارسي) بورڊ شايع ڪيو آھي.

”تنوير“ عباسي: سنڌي ادب جي جديد دور ۾ جي بلند پايه شاعر پيدا ٿيا آھن، تن ۾ تنوير عباسي وڏو مقام رکي ٿو. سندس ’’رڳون ٿيون رباب‛‛ شعري مجموعو شايع ٿيل آھي. سندس خيرپور ميرس ۾ ’سنڌ ھاسپيٽل‘ مشھور آھي.

عبدالڪريم ”گدائي“: سنڌي ادب ۾ ھڪ قادرالڪلام شاعر آھي. سندس مجموعه ڪلام ’’ساڻيھه جا سور‛‛ جي نالي سان شايع ٿيل آھي. سندس علمي خدمت جي صلي ۾، پاڪستان رائٽرس گلڊ پاران سالن کان ماھيانه وظيفو ڏنو وڃي ٿو. پاڻ جيڪب آباد ۾ رھي ٿو.

”ذوالفقار“ راشدي: مشھور راشديه خاندان جو ممتاز فرد آھي. شعر گوئي ۽ افسانه نگاريءَ جي دنيا ۾ وڏي مقبوليت رکي ٿو. ھن وقت زمينداري جي ڪم ۾ مشغول آھي. جرنلز ۾ ايم. اي آھي.

عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي: ٿرپارڪر جي مشھور پلي خاندان مان، خانصاحب عطا محمد مرحوم جو ٻيو نمبر فرزند آھي. سندس ڪلام مقبول عام ٿي چڪو آھي. بيت، ڪافي، وائي، غزل، سندس دلپسند اصناف آھن. ”وڻجارن وايون“، ٿر جي شاعرن جي سوانح ۽ انتخاب ڪلام تي مشتمل علمي شاھڪار آھي پاڻ ’اداره نوائي ادب‘ جو سرپرست آھي.

”خواب“ حيدرآبادي: محترم عبدالله خواب، ڪھنه مشق ۽ مشھور شاعر آھي. سندس ڪلام ۾ دلڪشي ۽ شيريني آھي. غزل ۽ نظم سندن مرغوب صنفون آھن. سنڌ جي سڀني معياري رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس ڪلام شايع ٿي چڪو آھي. سندس ”انتخاب ٽيلرس“ تلڪ چاڙھي، حيدرآباد تي مشھور آھي.

”عارف الموليٰ“: پير شاھنواز شاھ ’عارف المولا‘ جيلاني، ڊُٺڙي (شھداد پور) جي درگاھ جو سجاده نشين آھي. راڳ ۽ رنگ، شعر ۽ ڪلام جو وڏو ماھر آھي. سندس ڪلام ۾ غزل، بيت، وائي، ڪافي ۽ نظم کي ڪافي مقبوليت حاصل ٿي چڪي آھي.

محمد خان ”غني“: ٽکڙ جي مردم خيز زمين جي پيداوار آھي. ھڪ قادر الڪلام شاعر آھي. صحافي، اديب ۽ افسانه نگار جي حيثيت سان مشھور آھي. مرحوم ’مخلص‘ جو تربيت يافته آھي. سالن کان ’مسلمان‘ ھفتيوار اخبار جو ايڊيٽر رھندو آيو آھي. ھينئر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان وابسته آھي. سندس شاعري، ڪلاسيڪي اصناف مان بيت، وائي، ڪافي تي مشتمل آھي. ان کان سواءِ غزل ۽ نظم ۾ به سندس سھڻا تجربا ۽ مثال موجود آھن.

حافظ ”احسن“ چنا: سنڌي ادب ۾ ھڪ قديم دور کان قادر الڪلام، ڪھنه مشق ۽ استاد شاعر جي حيثيت ۾ مشھور آھي، سندس شعر، قومي اصلاحي ۽ عشقيه رنگ جو آھي. ’ديوان احسن‘، ’احسن الاخلاق‘، ۽ ’رباعيات‘، نظم ۾ معياري ڪتاب آھن. اڄڪلھه دادوءَ ۾ انجمن آفتاب ادب جو روح روان آھي.

جئسنگھاڻي ”سام“: ھڪ صوفي منش، محبتي شخصيت جو مالڪ آھي. لاڙڪاڻي ۾ صوفيانه محفل ’اڪبر آشرم‘ جو باني آھي. ھڪ قادر الڪلام شاعر جي حيثيت سان، سندس سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ڪلام، اھل ذوق کان داد حاصل ڪري چڪو آھي. سندس سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪتاب، تصوف تي ڇپجي چڪا آھن.

عبدالقيوم ”صائب“: ”صائب“ پنهنجي ڪلام ۽ ان جي پختگيءَ ۽ شيرينيءَ جي لحاظ سان استادان فن ۾ شمار ٿي چڪو آهي. ڪيئي ڪتاب ترجمو ڪيا اٿس ۽ ڇپايا اٿس. هن وقت حيدرآباد ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي.

”سليم“ سرھندي: پير سليم جان صاحب سرھندي، سرھندي حضرات جي خاندان مان فارسي ۽ سنڌيءَ جو قادر الڪلام شاعر آھي. سندس ڪلام ۾ استادانه پختگي ۽ دلڪشي آھي. ماتليءَ ۾ سندس سرھندي دواخانو مشھور آھي. سنڌ ۽ اجمير مان تعليم حاصل ڪئي اٿن.

”محسن“ ڪڪڙائي: نوجوان شاعرن ۾، ڪلام جي پختگيءَ، دلڪشيءَ ۽ سادگيءَ جي حيثيت سان وڏو مقام حاصل ڪري چڪو آھي. شعر جي سڀني صنفن تي برجستگيءَ ۽ چابڪدستيءَ سان طبع آزمائي ڪئي اٿس، ان سندس شھرت کي بام عروج تي پھچائي ڇڏيو آھي. سندس ھڪ مجموعه ڪلام ”امنگون“ ڇپيو آھي. ھن وقت، تعليم کاتي (ضلع دادو) ۾ ھيڊ ماستر آھي.

احمد خان ”آصف“: آصف پنھنجي سادي ۽ سٻاجھي سنڌيءَ ۽ ڪلاسيڪي رنگ واري شاعريءَ ۾ مقام حاصل ڪري چڪو آھي. بيت، ڪافي، ڏوھيڙو، وائي، طويل بيت، ڏِٺ ۽ ڏور سندس پسنديده اصناف آھن. سنڌيءَ ۾ ڪيترا علمي ۽ اخلاقي ڪتاب ترجمو ڪيا اٿس. ھن وقت تعليم کاتي ۾ ھيڊ ماستر آھي.

”استاد“ بخاري: بخاري صاحب، پنھنجي  ھمعصر شاعرن ۾، ٿوري ئي عرصي ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو آھي. پاڻ مختلف اصنافِ سخن تي نھايت پختگيءَ ۽ استادانه انداز ۾ طبع آزمائي ڪري، استادن کان داد تحسين حاصل ڪري چڪو آھي. پاڻ سنڌيءَ ۾ ايم اي آھي ۽ سانگھڙ گورنمينٽ ڪاليج ۾ ليڪچرار آھي.

ولي محمد ”وفا“: پلي خاندان جي مشھور شخصيت، خانصاحب عطا محمد مرحوم جو چوٿون نمبر فرزند آھي. شعر و شاعريءَ ۾ سندس منفرد انداز آھي سندس ھڪ مجموعو، ’لونءَ لونءَ منجھه لغار‘ ڇپجي چڪو آھي.

”آثم“ ناٿن شاھي: جديد قسم جي شاعريءَ ۾ آثم چڱو مقام حاصل ڪيو آھي. غزل ۽ نظم ۽ آزاد نظم تي ڪيئي بھترين شاھڪار پيش ڪري سگھيو آھي. اميد ته اڳتي ھلي اڃا به وڌيڪ معياري ڪلام پيش ڪندو.

”وفا“ ناٿن شاھي : نون شاعرن ۾، پنھنجي جدت پسند طبع ۽ خيالن جي ڪري چڱو نالو ڪڍيو اٿس. سندس شاعريءَ ۾ غزل، نظم ۽ آزاد نظم ۾ سھڻا تجربا موجود آھن.

”راز“ ناٿن شاھي: نون شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. رنگيني ۽ دلڪشيءَ سندس ڪلام جو لازمي جز آھي. غزل، نظم ۽ آزاد نظم تي ڪيئي چڱيون چيزون لکيون اٿس.

”نشتر“ ناٿن شاھي: نوجوان شاعرن ۾ پنھنجي تازه خيالات ۽ جدت پسند ڪلام جي ڪري پسنديده مقام حاصل ڪري چڪو آھي. ’’بزم طالب المولا سنڌ‛‛ سان وابسته آھي. اصلاحي ۽ علمي ڪمن سان گڏ، دادو ضلعي ۾ تعليم کاتي سان وابسته آھي.

”سليم“ ڳاڙھوي: سنڌي شعر و شاعريءَ ۾، استادانه ۽ منفرد ڪلام جي ڪري وڏو مقام حاصل ڪري چڪو آھي. ’سليم‘ جو انداِز بيان نھايت دلڪش، لذيذ ۽ جاذب نگاھه آھي. سندس ڪلام، ھر صنف تي ۽ ھر موضوع تي موجود آھي. ھڪ ڪھنه مشق ۽ قادر الڪلام شاعر جي حيثيت سان سليم، پنھنجو خاص ۽ ممتاز مقام حاصل ڪري چڪو آھي. اڄڪلھه پنھنجي ڳوٺ، ڳاڙھي موري ( ضلعو خيرپور ميرس) ۾ گوشه نشين آھي. سندس تربيت سان ڪيترا ٻيا به چڱا چڱا شاعر پيدا ٿي چڪا آھن.       

”انور“ ھالائي: ھالا جي مردم خيز زمين جي پيدائش آھي. شعر و شاعريءَ ۾ معيار ۽ پاڪيزه ذوق جو مالڪ آھي. ھر صنف تي سندس ڪلام داد ۽ تحسين حاصل ڪري چڪو ھو. ’فردوس‘ رساله ھالا جو ڳچ وقت معاون مدير رھيو آھي. ھالا جي ادبي زندگيءَ جو روح روان آھي. سندس ڪلام، غزل ۽ نظم تي مشتمل آھي.

رحيم بخش ”قمر“: مولوي صاحب، نھايت پاڪيزه خيال ۽ ذوق سليم جو مالڪ آھي. سندس شاعري، غزل، بيت، وائي ۽ ڪافي تي مشتمل آھي. سندس ٻه – ٽي شعري مجموعا شايع ٿي چڪا آھن. سندس قومي، مذھبي ۽ عشقيه ڪلام دلپذير آھي. نوابشاھه ۾ خطيب آھي ۽ پڻ ديني مدرسو به ھلائي رھيو آھي.

”محبوب“ سروري: جناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جو تربيت يافته، پخته گو شاعر آھي. سندس ڪلام ۾ شوخيءَ سان گڏ دلڪشي آھي. نوجوان شاعرن ۾ ھڪ منفرد ۽ امتيازي مقام پيدا ڪري چڪو آھي. ھن وقت سروري ڪاليج ھالا ۾ ليڪچرر ۽ اورنٽيئل ڪاليج ھالا جو پرنسيپل آھي. عشقيه ۽ اصلاحي موضوعن تي سندس ڪلام، معياري شاھڪار جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آھي.

”سرويچ“ سجاولي: لاڙ جي بھترين ۽ استاد شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس ڪلام جذبات انگيز آھي. سندس زبان ۾ لذت ۽ سلاست سان گڏ، انداز بيان ۾ رواني ۽ دلڪشي آھي. زياده تر قومي ۽ اصلاحي شاعري ڪئي اٿس. سندس ھر تجربو، سنڌي شاعريءَ ۾ قدر جي لائق اضافو چئي سگھجي ٿو. سجاول ۾ رھي ٿو ۽ اتي ناڪي منشي آھي.

قمر ”شھباز“: نوجوان طبقي ۾، رنگين خيالن ۽ جدت پسند موضوعن کي نباھڻ جي سلسلي ۾ وڏو مقام حاصل ڪري چڪو آھي. غزل، نظم، آزاد نظم کان سواءِ، ڪلاسيڪي اصناف تي به طبع آزمائي ڪئي اٿس. ايم اي آھي. ھن وقت ڪنڌ ڪوٽ آرٽس ڪاليج ۾ پرنسيپال آھي.

سروپچندر ”شاد“: نوجوان جدت پسند شاعرن ۾ انفرادي مقام حاصل ڪري چڪو آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ غزل، نظم، آزاد نظم کان سواءِ بيت ۽ ڏوھيڙا پڻ اوچي معيار تي شمار ڪيا ويا آھن. ٿري ۽ ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ پڻ بيت چيا اٿس. سندس زبان لذيذ ۽ انداز بيان دلڪش آھي. ايم اي آھي. ھن وقت سانگھڙ جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو  ليڪچرار آھي.

پرڀو ”ناشاد“: رساله ”مھراڻ“ سان وابسته آھي. ھن قريبي دؤر ۾ سندس ڪلام سڀني معاصر شاعرن ۾ وڏي مقبوليت ۽ شھرت حاصل ڪئي آھي. غزل ۽ آزاد نظم، نظم ۽ وائي ۾ ڪافي دلڪش تجربا پيش ڪيا اٿس. رواني ۽ شوخي، دلڪشي ۽ رنگيني، سندس ڪلام جي اھم خصوصيت شمار ڪري سگھجي ٿي. سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪري رھيو آھي. رساله ”مھراڻ“ جي علمي ۽ ادبي معيار ۽ سنڌي ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ سندس مخلصانه خدمتون تحسين جوڳيون آھن. مشھور اھل قلم رائچند جو پٽ آھي، ۽ چيلھار سندس وطن آھي.

محبت

”فن جو اصلي ۽ ابدي سر چشمو آھي ’محبت‘ شاعر، فيلسوف ۽ وطن دوست سڀئي محبت مان فيضياب ٿين ٿا.!

”ڪائنات جي اونداھيءَ فضا ۾ محبت ھڪڙي نوراني انڊلٺ آھي، جنھن جا رنگ صبح جي ستاري جيان روشن آھن. ھڪ ننڍڙي معصوم ٻارڙي جي ٻھڪندڙ چھري کي، ھڪ ضعيف ٻڍڙي جي ڏڪندڙ دل کي، ان کان ئي زندگيءَ جي حرڪت ۽ لذت حاصل ٿئي ٿي.

”گھرن جي چؤديواريءَ ۽ ميدانن جي وسعت ۾، پھاڙن جي اوچائيءَ ۽ ماٿرين جي لاھيءَ ۾، محبت جي ئي گونج ٻڌجي ٿي!

”’محبت‘ سان فضائن ۾ نغمن جو ناچ ٿئي ٿو. موسيقي ’محبت‘ جي زبان آھي.

”’محبت‘ اھو جادو آھي، جنھن سان دنيا جي ادنيٰ کان ادنيٰ شئي به بلند ٿي وڃي ٿي. مٽيءَ جون مورتون اڀري تقدس جو روپ وٺن ٿيون، جنھن مان انسان ۽ سندس ڪردار جا مثالي پيڪر بنجن ٿا!

”انسان جي دل ھڪ گل مثال آھي. محبت ان جي سرھاڻ: اندر ۾ ’محبت‘ جو جذبو نه ھجي ته پوءِ انسان ھوند حيوان بنجي وڃي!

”محبت سان ئي دنيا جي جنت آباد آھي: ابديت

”محبت“ جو حسين خواب آھي. ’محبت‘ عين انسانيت آھي ۽ فنڪار جو باطني جذبو ”محبت“ ئي آھي.!“

مخدوم محمد زمان ”طالب المولا“

جتيءَ جوڙ به جي ٿيان!

جيڪر جُتي ھجان، پنھنجي محب مجيب جي،

ته پيرن ۾ پرينءَ جي، پيئي روز پوان،

وک وک تي واه جا، چميو قدم چمان،

ٿانيڪي ٿيان، ’طالب مولا‘ تنھن سان.

 

ھئي ھئي منھنجو قسمتون، جيڪر جُتي ٿيانِ،

پل پل وجھن پير ۾، ته ڀاڪر وجھي بيھانِ،

چوڙن سدا چاھ مان، بيحد بار کڻانِ،

پيارا پير ته پري ٿيا، پرَ مٽِي مَرُ چمانِ،

پيئي پيرانديءَ ھجان، ته به سدائين سونھانِ،

’طالب مولا‘ تھ دليئون، ڏينھاڙي ڏسانِ،

پگھر پَئي پيان، عمر ڏيان عجيب وٽ.

 

جتي ٿيان جيڪر، پنھنجي محب مجيب جي،

ته ڪري پيار پيرن سان، ڀريو وجھانُ ڀاڪر،

پيئي ھجانس پير ۾، صدا منجھه سفر،

’طالب مولا‘ طلب جي، ھي خاصي آھهِ خبر،

ته نڌر به ٿيان سڌر، جي لالڻ وٽ لتاڙجان.

 

پنھنجي محب مجيبڙا، جيڪر جتُي ڪن،

ته پيرڻ کي نه پچڻ ڏيان، خراشون خارن،

قدمن کي قرب مان، ڏيان ڀريون ڀاڪرن،

مٽيءَ ھاڻا پير ٻئي، مون ۾ محب وجھن،

ته به منھنجو منھن مَٿي ٿئي، اچو الاھي اگھن،

ممڪن آھي مورڳو، مون کي چميون ڏين،

’طالب مولا‘ ائين ٿئي، ته قسمتون کُلن،

ڀلي ڏيھه ڏسن، پئي لالڻ وٽ لتاڙجان.

 

جيڪر آءٌ ٿي پوان، جتي جانيءَ يار،

پير نه ڏيکاريان پرينءَ جا، ڪوڙين ڏيان قرار،

مِٺن تي مِٺين جي، ڪريان وارو وار،

سيبايان سڀين پرئين، وڻان ھر ڪنھن وار،

چنبڙان اھڙي چاھه مان، جو ڪري نه پاڻان ڌار ،

ماڻي مون کي ئي فقط، نه ٻئي ڏي ڪري نھار،

لاھي کڻي ڦٽو ڪري، ته به سڌي ڪن سردار،

’طالب مولا‘، ائين ٿئي، ته ڪرم وڏا ڪلتار،

سھان پيو صدبار، لتون لالڻ يار جون.

 

جتي جانيءَ جي ٿيان، ھي لاکيڻي ٿم لوڙ،

’طالب مولا‘ طلب ۾، تھدل ڪئي توڙ،

وڻي ٿي وجود کي، پيارل جي پتوڙ،

ڪٿِ چلولن چوڙ، ڪٿي پائڻ پرينءَ جو.

 

وڪجي ته قيمت ڪانه ڪا، ۽ ھَلڪي مَٿي ھَٽ،

پوي پرينءَ جي پير ۾، ته جھڪن تاج منگھٽ،

جتي جانيءَ جي ٿيان، ته ڪي به نه منھنجا مَٽ،

مون تي مدامي ھجي، سِرن سندي سَٽ،

سوين صدقي ٿي وڃن، ڄام وڏا ۽ ڄَٽ،

’طالب مولا‘ وانگيان، ڪيئي ڀانَ ۽ پٽَ،

ھوءَ تخت لتاڙي تاب مان، چاھي ڇپر کٽَ،

ڪٿي  ڪلنگيون ڇٽ، ڪتي پيزار پرينءَ جا.

 

بلڪل بازارن ۾، جتيون ڍيران ڍير،

پئسن سان پيون ملن، ۽ ٿئي ڪانه نبير،

موڇن وٽ نه مھانگيون، پڻ سستيون جڙن سوير،

’طالب مولا‘ طلبئون، ھيئن ٿيون چوَن ھير،

ته جنھن ۾ جانيءَ پير، آءُ به جتي اھا ٿيان.

 

سوني جتي به پير ۾، آڻيو وجھن امير،

لُچ، لانبڙ، لوٺيا، ۽ پائن پير فقير،

اھي جتيون اصل کان، حيثيت ۾ ئي حقير،

پائي پرين جا پير ۾، ته سائي بي نظير،

’طالب مولا‘، ھن لاءِ، ٿا نڪرن اکيان نير،

ڪجي ڪا تدبير، ته جتي جانيءَ جي ٿيان.

 

جتيون ته شاھن جون به ٿيون، موتين ۾ مڙھجن،

ڪانھي ڳالھه سون جي، پر ھو ٿيون لَک لھن،

البت ٿيندو ايئن آھه، ته تخت تي به چڙھن،

ته پون اھي ئي پير  ۾، نه مَٿن تي رکجن،

سي به ته ڪنھن ڪنھن جاءِ تي، ٿيون لاھيڻون پون،

جي سر جھڪن ٿا تن کي ته به دليون ڪين جُھڪن،

’طالب مولا‘ طلب مان، ھي نُڪتا نھارجن،

ته تن کي مُھَت ملن، جي پون پرينءَجي پير ۾.

 

جتيءَ سنديءَ جوڙ کي، ڪلنگيون ڪين پڄن،

ات ڪئين ڪلاھون اچيو، ٿيون جذباتئون جھڪن،

جن کي اتان عار ٿئي، سي سِر ئي ڪسيو وڃن،

جيڪي اتي جھڪيا، ته تاج به ماڻيا تن،

محبوب جڏھن وڃي پڳا، مٿائين مقامن،

ڀانيئون ته جتي لاھيون، اھو اڃا خيال ھئن،

ته پين پڙلاءُ ڪَنَ تي ، ۽ حڪم ھيءُ ملين،

جانب جتي نه لاھجو، متان پير اگھاڙا ٿين،

وڃي پھتا توڙ تي، سان پيارا پيزارن،

ھاڻ ’طالب مولا‘، ڪيئن چوان، ٿيان جتي جانبن،

جُتي ٿيان ٻيو ڇا کپي، کٽان ٻنھين جھانن،

جو پھتي ساڻ پرين، جُتي عرش عظيم تي.

 

ڪٿي جانب جي جُتي، ڪٿي آءٌ غريب،

مون ۾ ته آھن مورڳو، وڏا عيب عجيب،

آءُ گدلو، ڪنڙو، ڪوجھڙو، ھو نرمل پاڻ نجيب،

وٽس ڪھڙي منھن وڃان، جو ٿيندس ڪيئن قريب،

پر اٿم اھو ئي آسرو، ته لالڻ آھه لبيب،

چڱو، چڱايون ئي ڪندو، حاڪم سائين حبيب،

’طالب مولا‘ آن ڪٿي، ڪٿي محب مجيب،

ھو ھميشه حسيب، آءٌ جتيءَ جوڙ به جي ٿيان!

 

ڪيم انصاف امين ٿي، ڳڻ ئي پئي ڳوليام،

ويھي پنھنجي پاڻ جا، ڦولا جو ڦوليام،

ته سچ پچ ’صديقي‘ چوي، رڳي عيب پسيام،

پنھنجي اوڻاين جا، جڏھن پتا پيام،

ته پنھنجي مرم مُسي ويس، سڄڻ جو سوچيام،

’طالب مولا‘ پاڻ کان، پو سوين سوال پڇيام،

جواب ھي جڙيام، ته ”جتيءَ جوڙ به جي ٿيان“!

ڪافي

صدقي صدقي ٿيان، جانيءَ جي جُتيءَ تان!

ھر ھر ھر ھر، ٿج ٻلھاري،
 

ھيڻي نه ٻولج ھنيان.

ڪلنگيون، تاج، سرير سڀئي،
 

گھوري گھوري ڏيان.

دز پڻ آھي، خاڪ شفا،
 

ڌوئي، ڌوئي پيان

’طالب مولا‘ دنيا عقبٰي،

ٻئي قربان ڪيان.

بيت

”سرويچ“ سجاولي

مارو ملڪ ملير جا، اڄ غمن ڪيا غمناڪ،

ڏکن ڏوٿيئڙن جي،  ڪيا چِت اندر ۾ چاڪ،

کسي کاھوڙين کان، ڪِن اباڻي املاڪ،

کائن ڪين کٿيرا، اڄ کاھوڙ ۾ خوراڪ،

پسند ناھي پائر ۾، سچ پھنوارن پوشاڪ،

لرزي لوئيارن جي، ويندا آھُن کان افلاڪ،

ھميراڻي ھاڪ، ھردم ھوندي ڪينڪي.

 

مارو ملڪ ملير جا، ھئا ھر دم اوچي ڳَاٽَ،

ماريو ماروئڙن، کي اڄ عمر جي اوراٽ،

حاڪم ھيڻن سان ڪئي، تو ٻڪر جيئن ٻوساٽ،

ٻڌئيِ ٻوڙا ڪينڪي، ڪي ٻاڪارون ٻٻراٽ،

مارئي تنھنجي محل ۾، بند عمر ھئي اڳواٽ،

وانگين ڪارڻ ويچاريءَ ڪيا لک ڪڻيئي لولاٽ،

مون کي ڪاٽي ڪاٽِ، مارن مارج ڪينڪي.

 

مارن مارج ڪينڪي، تون ھاديءَ لڳ ھَمير،

آءٌ تو وٽ آھيان، ھت عُمُر سڀ اسير،

توڻي جنم جيل ڏي، مون توڻي وجھه تڪبير ،

آف نه ڪنديس اي ادا، مان عمر ڄام امير،

زيور زينت ڀانيان، سندءِ زبر ذيل زنجير،

مگر منھنجي مارن جي، توکي پارت ڪارڻ پير،

ويجھو وَڃ نه وير، وانگين جي تون وار کي.

وانگين جي تون وار کي، نا حاڪم لائيج ھٿ،

توکي پوتيون پايو ڪريان، مارن ڪاڻ منٿ،

پرور ڪارڻ پرتي توکي، پھنوارن جي پٿ،

ڪين ستائي سومرا، ھو سانگياڻيون بنھه سٿ،

ھَر ھَر ٻَڌي ھَٿ، مارن ڪارڻ مارئي.

 

مَارن ڪارڻ مارئي، ٿي لائق ليلائي،

ڳل ڳراٽيون ڪيتريون، ٿي پاند عمر کي پائي،

وانگين ڪارڻ ويچاري ٿي، ورڏيو واجھائي،

آڻيو آب اکين ۾، سا آڌيءَ اونائي،

پوتيون ٿي پائي، شل پھنوارن پتِ رھي.

 

پاندن پوتين جو نه ٿيو، ڪو عمر کي احساس،

سو ڪيائين سانگين سان، جيئن رڍن ۾ راڪاس،

سڪي سنگھارن جو ويو، ساڻيھه اندر سَاسُ،

وايون ويچارن ويئون ۽ سُڪون ھڏن تي ماس،

ڏکن ڏيل ڏري ڇڏيو، ھو اٺيئي پھر اُداس،

ڇنن مٿان ڇائنجي ويو، اونداھو اُماس،

گونگن جيئن گھمن پيا، منجھه ويڙھيچا وِ سواس،

ڪيو ڪونه ڪياس، عمر اوراڄن مٿي.

 

عمر اوراڄن مٿي، نه ڏنو ڌيان ذات،

مار ي ماروئڙن کي، ڪيو ملڪ اندر مات،

ڪڇڻ پڇڻ ڪين ڏي، ۽ بند ھر ھڪ بات،

ساڙيو سنگھارن کي، ان سورن جي سڪرات،

راڻيون رتولن منجھه، ٿيون روئن ساري رات،

ونھين ويڙھيچن جا، پيا واريءَ اندر وات،

ڪڇڻ پڇڻ ڪين ڏئين، تان ڪنڌ وھائين ڪات،

ھوندين ڪين ھميشه، تون ھميرا حيات،

لطيفاڻي لات، عمر ڪوھه عدولئين.

 

عمر تنھنجي اھنج کان، ٿيون راڻيون رت روئن،

مارروئڙيون ته ملير ۾، ٿيون ڪاتي ريءَ ڪُسن،

سنگھاريون به ساڻيھه ۾، اڄ ويچاريون ونجھلن،

سانگي سارو ڏينھن ٿا، صدمن کان سڏ ڪن،

قابو پنھنجي ڪرت ۾، ھو ڪنھن سان ڪين ڪڇن،

مارن مٿي ماَمرا، ۽ مارو منجھه مچن،

جھانگي پنھنجي جوءِ ۾، ٿا اٺيئي پھر پچن،

اکيون اباڻن جون، اڄ ٽاڙو ٽاڙ ٽمن،

سورن ۽ صدمن، ساڙيو سانگيئڙن کي،

ساڙيو سانگيئڙن کي اڄ عمر جي ارمان.

 

دانھون ڪوڪون ڪوڙئين، پر سُئي نه ھڪ سلطان،

وڍي ويڙھيچن کي، پس ڳڀ ڪيائين ڳان،

مارئي اڳئينن محلن ۾، ھئي ظالم وٽ زِندان،

باقي وانگي ويڙھه ۾ ھئا، سي به ٻَڌي ڪئين ٻان،

جاڙ جفائون جھانگيئڙن تي جاکوڙا جرمان،

ڪلف ڪڙولا قابو ڪڙيون، تالو طاق زبان،

ويڙھه وطن جا وانگي پنھنجي، منجھه وطن مھمان،

عمر ڪر احسان، سانگين سٻاجھن مٿي.

سانگياڻيون ”سرويچ“ چئي، جي وھسن ويروتار،

تنگ ڪرئين ڇو تن کي جيڪي ٻولي ٻتڙ ٻار،

پرور پاڪ ستار، لاھي مارن مامرا.

قمر ”شھباز“

سورھيه سوين سورما، سُوريءَ تي چڙھندا،

پوءِ ڀي نه پڙھندا، ڪلمو ڪڏھن ڪُوڙ جو!

 

دَزَ اُٿي ڌڌڪا ٿيا، مَچي ويو مانڌاڻُ،

سي ڪينءَ سڏجن سورما سِرُ جنين کي ساڻُ،

مَٿو آھي ماڻُ، سوڍا، تنھنجي سوڀ جو!

 

سر اٿيو، سٽَڪو ٿيو، پري ڪِريو ڪَنڌُ،

ساٿي اھو سنڌُ لتاڙين ته لالُ ٿين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com