سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (1-2)

 

صفحو :11

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(ڊائريڪٽر، لوڪ ادب اسڪيم، ’سنڌي ادبي بورڊ‘)

لوڪ ڪهاڻين جي علمي اهميت

 

]سنڌ جي مشهور معروف عالم ۽ محقق، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جنهن عـ قريزيءَ ۽ جدوجهد سان سنڌ جي عوامي ادب جي خدمت ڪئي آهي، ان کان هر علم دوست چڱيءَ طرح واقف آهي.

’لوڪ ڪهاڻي‘ هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي دنيا جي سڀني علمي ۽ ادبي، تهذيبي ۽ ثقافيت زبانن ۾ محققا نه ۽ ناقدانه نموني ۾ بحث ڪيو ويو آهي، ۽ ان متعلق مختلف زبانن ۾ ضخيم مجلدات ڇپجي چڪا آهن. محترمي ڊاڪٽر صاحب جن سنڌي ادب ۾ لوڪ ڪهاڻيءَ جي فني ۽ لغوي، تهذيبي ۽ معاشرتي، سماجي ۽ اصلاحي، اخلاق ۽ ادبي حيثيت تي سير حاصل معلومات پيش ڪري، جنهن جامعيت سان بحث ڪيو آهي ، اهو داد ۽ تحسين جي لائق آهي. هيءَ تحرير سنڌي ادب ۾ پنهنجي افادي ۽ فڪري زاويه نگاهه سان نه قفط انوکي آهي. پرانفرادي تحقيق جو پيش بها شاهڪار پڻ. ڊاڪٽر صاحب جن هن موضوع تي انساني جذبات ۽ توهمات جي لاشعوري حيثيت ۽ ان مان پيدا ٿيل اعتقادات جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، انساني ذهن ۽ شعور جي تشڪيل ۽ تخليق جي گويا تاريخ ترتيب ڏني آهي، ۽ ’عام النفس‘ جي هڪ نهايت اهم گوشي جي نقاب ڪشائي ڪئي آهي، جا جدي دور ۾ پيدا ٿي چڪي آهي.

”لوڪ هاڻي“ انسان جي تدرجي ارتقاءَ جو هڪ اهو داستان پارينه آهي، جنهن جي مستعار ورتل ۽ منڊيل مواد ۾ زندگيءَ جون جيئريون ۽ جاڳنديون حقيقتون، ڳالهائيندي ۽ چرندي پرندي نظر اينديون. انهن جي اخلاقي ۽ تهذيبي، ذهني ۽ شعوري، مذهبي ۽ سماجي اڌمن ۽ ارادن، فيصلن ۽ نتيجن جو نقش پنهنجي نفسياتي لاڙن سميت چٽو پٽو ڏسڻ ۾ ايندو، ۽ ان جا دور رس نتيجا اهل ذوق لاءِ عبرت انگيز ثابت ٿيندا.

انسان جي مطالعي لاءِ سندس ذهني نشو و نما سان پيدا ٿيل روايتون ۽ ڳالهيون، قصا ۽ ڪهاڻيون، لطيفا ۽ ٽوٽڪا وڏي اهميت رکن ٿا. انسان ويچاري جي خيال، زندگيءَ جي مختلف ۽ اڙانگن مسئلن ۾، ذهني تسڪين جي لاءِ جا فرضي ۽ افسانو خيال آرائيِ ڪئي آهي، ان جو دستاويزي ثبوت لوڪ ڪهاڻين ۾ موجود آهي.

جناب ڊاڪٽر صاحب جو هي تحقيقي مقالو جنن پرين، ديون ۽ ڏائڻين جي ڪردارن ۾ بوشيده حقيقتن کي سمجهڻ لاءِ هڪ دانشمندانه تمهيد آهي، ۽ هي اهووکر آهي جو ڪڏهن به ’پراڻو‘ نٿو ٿئي ـــــــــ غ. م. گ[

لوڪ ڪهاڻي جي علمي اهيمت

’لوڪ ڪهاڻيون‘ لوڪ ادب جو نهايت ئي اهم ڀاڱو آهن، ڇاڪاڻ جو نه رڳو اهي لکو ادب جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو آهن، پر اهي انساني نفسيات، توهمات ۽ ابتدائي اعتقادات جي آثارن جو آئينو آهن. هر انساني گروهه جون ’لوڪ ڪهاڻيون‘ ان گروهه جي ننڍپڻ جون وسريل يادگيريون آهن، ۽ مجموعي طور سان مڙني قومن جون ‘لوڪ ڪهاڻيون‘ ڄڻ انسان ذات جي ننڍ پڻ واري دور جا داستان ۽ دستاويز  آهن. ’علم الانسان‘ جي ماهرن وٽ ’لوڪ ادب، جي هن قديم ذخيري يعني ته ’لوڪ ڪهاڻين‘  جي وڏي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي گهَري مطالعي مان قدري انسان جي نفسياتي ۽ ذهني ارتقاء جي تاريخ تي روشني پوي ٿي.

’لوڪ ڪهاڻين‘ ۾ انسان ذات جي ٻالاپڻ جا اهڃاڻ موجود آهن عقل جي بلوغت ۽ جوانيءَ کان اڳ واري دور ۾، وهم ۽ وسوسا  سوڻ ۽ سنسا، منڊ ۽ متر، سڳا ۽ ڌاڳا، ديو ۽ پريون، جن ۽ ڏائڻيون انسان جي ڪائنات جا اهم اسباب هئا ۽ انهن کي سندن عملي زندگيءَ ۾ وڏو دخل هو. جهڙيءَ طرح جهولن دڙن ۽ ڀِڙن ۾ آڳاٽين تهذيبن ۽ تمندن جا آثار محفوظ آهن. ’لوڪ ڪهاڻين‘ ڄڻ لفظن ۽ بيانن جي صورت ۾ جهونا کنڊر آهن جن کي ولڻ ۽ ويچارڻ سان انسان جي آڳاٽن وهمن ۽ ويچارن، خوشين ۽ خوفن، مرادن ۽ مقصدن حڪمتن ۽ حيلن، ڪاميابين جي نوعن ۽ نمونن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

مجموعي طور سان، انسان ذات جي قديم نفسياتي تاثرات ۽  توهمات جي اهڃاڻن کان سواءِ، هر انساني گروهه جي ’لوڪ ڪهاڻين‘ ۾ ان گروهه جي مخصوص ڀرمن ۽ وسوسن، رسمن ۽ ريتين، نفسياتي لاڙن ۽ سماجي رجحانن جا آڳاٽي ۾ آڳاٽا آثار ملن ٿا. اهي ڪُهنيون ڪهاڻيون ڄڻ آڳاٽا کنڊر ۽ ڀڙا، دَنبَ ۽ دڙا آهن جن جي پهڻ ۽ پچارڻ سان ان گروهه جي ذهني نشونما جا نشان نظر اچن ٿا.

لوڪ ڪهاڻيءَ جي ابتدا

’لوڪ ڪهاڻيون‘ ڪڏهن ٺهيون ۽ ڪنهن ٺاهيون، اهو ڪنهن کي معلوم ڪونهي. البت ايترو چئي سگهجي ٿو ته اهي انساني تاريخ واري ساري گذريل دور ۾ ئي سِرجيون ۽ سامايون آهن ۽ عوام انهن جي سٽاء ۽ سڄي ڪرڻ ۾ حصو ورتو  آهي.

جڏهن مينهن پوي ٿو ته ڪنهن ٽڪر جي چوٽيءَ تي هڪ ننڍڙو گهارو ٿئي ٿو، جنهن مان پاڻي هيٺ وهڻ شروع ٿئي ٿو: پوءِ جيئن هيٺ تيئن اهو گهارو وڏو ۽ ويڪرو ٿيندو وڃي ٿو، ۽ ٻوٽن کي اکوڙيندو، پٿرن کي لوڙهيندو، هيٺ ميدان ۾ هڪ ننڍڙي نئن بنجي وهي ٿو. سال بسال اها ننڍڙي نئن پيئي وڏي ٿئي؛ ۽ وڻ اکوڙي، پٿر ريڙهي، ڪپر ڪيرائي، واريءَ کي وهائي، ۽ پئي پنهنجي ويڪر وڌائي ۽ عمق کي اونهو ڪري.

ساڳيو حال ’لوڪ ڪهاڻي‘ جو آهي. اتفاق سان ڪنهن وهم ۽ وسوسي، سماجي سلسلي، ذاتي ڪارنامي يا ڪنهن خاص واقعي سببان ڳالهه جو ٻج پيو، ٿڏو لڳو ۽ سلو انگوريو. پوءِ ڪنهن هڪڙي ان جي چوڌاري صفائي ڪري ان سلي کي نروار ڪيو؛ ڪنهن پاڻ جي ٻُڪي ڏني، ته ڪنهن ان کي پاڻي ڏنو؛ اهڙيءَ طرح مختلف ماڻهن جي مدد سان اهو سلو ويو ڏينهون ڏينهن وڌندو وڻ ٿيندو. انهيءَ عرصي ۾ ڪنهن ان جو ڪو ڏار ڪپيو ته وري پيا نوان گونچ ڦٽا ۽ نوان ڏار نڪتا. اڃا به پيا مثال ڏجن ته چئجي ته ’لوڪ ڪهاڻي‘ هڪ فقير جي گودڙي آهي، جنهن ۾ پنج ڪڻي پئي پوي ۽ هر قسم جي اناج توڙي مانيءَ جا ڀور پڻ پيا گڏ ٿين؛ يا لنگر جي ديڳ آهي جا چڙهي پئي آهي  جنهن ۾ جنهن کان جيڪي پڄي سو اچيو وجهي: جوئر ٻاجهري، مڱ مٽر، ڪڻڪ تر، چانور چڀڙ، دال بصر ۽ کاڌي جي ٻي هر ڪچي جنس، جنهن جيتري ان ۾ وڏي اوتري پئي پچي: ڪنهن پاڻي وڌو، ڪنهن ڪاٺيون سيريون، ڪنهن ڳن ڏنو ته ڪن ونڊيو ۽ ورهايو. اهڙيءَ قندوري قائم آهي، پر اهو ڪنهن کي معلوم نه آهي ته ديڳ ڪنهن چارهي، ڪڏهن چڙهي، ۽ ان ۾ هر جنس ڪيتري پڻي آ۽ ڪنهن ملائي.

لوڪ ڪهاڻين ۾ ڪي ڪردار البت اهڙا اهن جن جي تخليل جي ابتداء کي دورن وار تقسيم ڪري سگهجي ٿو. ديو، پريون، جن وغيره ڪردار ، انساني تاريخ جي نسبتاً  اوائلي دور جو يادگار آهن. اهو انسان جي محدود علم ۽ تجربي وارو دور هو، جڏهن اڃان هو فطرت جي طبعي واقعن ۽ فطري مشاهدن جي ماهيت کان بيخبر هو. سج، چنڊ، باهه، ۽ پاڻي سندس واسطي ديوتا هئا. گوڙ، مينهن ۽ طوفان کي ديون جي اچڻ سان تعبير ٿي ڪيائين، ۽ سهڻي سهائي ات کي پرين جي آمد جي تياري تصور ٿي ڪيائين.

انسان پنهنجي نڍڙائپ ۾ پهريائين خارجي طاقتن کي محسوس ڪيو ۽ انهن کان متاثر ٿيو، بعد ۾ هن کي پنهنجي هستيءَ ۽ طاقت جو شعور پيدا ٿيو ۽ هن خارجي طاقتن  جي مقابلي لاءِ تجويزوون سٽيون. انسان تي اول طبعي طاقتن جي هيبت طاري ٿي؛ گوڙ طوفان، مينهن، جانور، نانگ بلائون وغيره، سندس واسطي ڄڻ آفتون هيون. آهستي آهستي هٿيارن ۽ هنرمنديءَ ذريعي ماڻهن جانورن، نانگن ۽ بلائن کي ماريو؛ اهڙن زياده همت واران شخصن ۾ ٻين جو ويساهه پيدا ٿيو ۽ منجهن پڻ خود اعتمادي آئي. پنهنجي خودي اعتمادي ۽ ٻين جي ويساهه جو شعور، انسان جي ذهني فرحت ۽ هنرمنديءَ لاءِ هڪ اهم پيش خيمو هو. انهيءَ شعور، زياده، عاقل ۽ هنرمند شخصن کي آماده ڪيو ته جسماني طاقت جي علاوه ٽوڻا ڦيڻا، منڊ ۽ منتر جوڙين ۽ ڪرشما ڪن ته جيئن  منجهن عوام جو ويساهه وڌي. هو پوءِ جسماني طاقت سان جانورن کي مارڻ جي ڀيٽ ۾ پنهنجن منڊن ۽ منترن سان طبعي قوتن ۽ جاندارن توڙي وهمي ڀورتن کي ٽارڻ جو دم ڀرڻ لڳا. عوام پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت خاطر جهڙي طرح جسماني طاقتور شخص کي تسليم ڪيو، اهڙيءَ طرح اُنهن عاقل حرفتين کي پڻ مڃيو. سندن انهيءَ مڃوتيءَ کين ويتر وڌيڪ ڪرشمن ڪرڻ تي آماده ڪيو ۽ هنن عجب قسم جي هٿ ناٽن ۽ ٽڪساٽن سان عام ماڻهن جو عقل حيران ڪري، پاڻ ۾ سندن ويساهه وڌائڻ شروع ڪيو. جڏهن اهي هٿ ناٽ ۽ ٽڪساٽ هڪ فن جي درجي کي وڃي پهتا تڏهن انهيءَ فن کي ’جادو‘ سڏيو ويو. جئين جيئن انسان پنهنجي ننڍڙائپ مان نڪري بالغ ٿيڻ لڳو تيئن جادوءَ جي ڪرشمن کي پڻ عام فهم کان اُتم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڳالهه اتي وڃي پهتي ته ساڳئي دور ۾ ڪيئن ماڻهوءَ جو عقل چرخ ڪجي؛ ڪيئن انسان کي متاثر ڪجي بلڪه زير اثر ڪجي.اهڙيءَ طرح انسان جو خارجي طاقتن جي مدافعت سان گڏ، ان جي طلسم ۽ منڊن منترن جي رعب سان خود انسان کي مطيع ڪرڻ طرف رخ ٿيو.

بهرحال، جادوگرن، جادو گرياڻين ۽ ڏائڻين وغيره جو تخيل نسبتاً پوءِ واري انهيءَ ٻئي دور جو آهي. جڏهن انساني دماغ ترقي ڪئي ته هنرمند انسانن پنهنجون تجويزون سٽيون ۽ انوکيون اٽڪلون رٿيون. اهي تجويزون ۽ اٽڪلون عام سمجهه کان اوچيون هيون، ۽ انهيءَ ڪري اهو ويساهه پيدا ٿيو ته انهن انوکين اٽڪلن ۽ تجويزن ذريعي انسان ديون، پرين، جنن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا، بلڪه انهن کي مطيع ڪري سگهن  ٿا. اهي نيون اٽڪلون ۽  تجويزون، جن ۾ منڊ ۽ منتر، ڇنڊا ۽ ڦيڻا، ڌوپ ۽ واس ۽ ٻيا انوکا سوڻ ۽ ساٺ توڙي ڪرتب ۽ هٿ ناٽ شامل هئا، تن کي ’جادوءَ‘ جي نالي سان سڏيو ويو، ۽ اهو جادو انسان لاءِ مدافعت توڙي مقابلي جو هڪ اهم اوزار بنيو.

بادشاهه ۽ وزير، شهزادا ۽ راڻيون نسبتاً انساني تاريخ جي هن بالڪل پوئين دور جا ڪردار آهن، جڏهن انسانن جا گروهن آباديون ڪري، بستيون بنائي سڪونت پذير ٿيا، سندن سماجي نظام ڳوٺڻ ۽ تڪن جي دائري کان وڌيڪ وسيع ٿيو ۽ خانداني ابن ڏاڏن يا مخصوص مقامي سردارن جي اختيار کان ٻاهر  نڪري ويو. انهيءَ ڪري وڌيڪ منتظم ۽ طاقتور سردار ’راجا‘ يا ’بادشاهه‘ تسليم ٿيو، ۽ ان جي وجود سان وزير، راڻيون ۽ شهزادا وجود ۾ آيا. اهو اندازاً گذريل پنجن هزارن ورهين وارو دور آهي، جنهن جي ابتدا جي چٽي خبر نه آهي؛ البت مصر جي فرعونن ۾ ’بادشاهي تجمل‘ پنهجي پوري ٺاٺ سان نظر اچي ٿو. موجوده رجحانن ۽ آثارن جي بانء تي چئي سگهجي ٿو ته هيءَ صدي انهيءَ دور جي خاتمي جي صدي آهي، ۽ جيڪڏهن تاريخ وري پنهنجو پاڻ نه دهرايو ته اڄ کان پنج سـﺂ سال پوءِ بادشاهن ۽ راڻين جو تخيل به اهڙو ئي انوکو پيو لڳندو، جهڙو هن وقت ديون ۽ پرين جو آهي.

لوڪ ڪهاڻين جا ڪُهنا ڪردار

لوڪ ڪهاڻين ۾ ديون ۽ پرين، جنن ۽ جادوگرن، ڏائڻين ۽ ڌوتين وارا تخيل انسان جي وهمن ۽ وسوسن جا آڳاٽا عنصر آهن ۽ انهيءَ لحاظ سان اُهي ڪهاڻين جا قديم يا ڪهنا ڪردار آهن. البت ڪهاڻين ۾ انهن جو جيڪو ڪردار سٽيل يا سمايل آهي ان جا ٻه رخ آهن: اول ته اهي ڇا آهن ۽ ڇا ڪري سگهن ٿا، يعني ته انهن جي ذاتي ڪيفيت توڙي هيئت بابت اهي تخيل پيش ڪيل آهن جي انهن متعلق انسان جي نسبتاً آڳاٽن وهمن ۽ وسوسن جي يادگيرين جا اهڃاڻ آهن. ٻيو ته هو ڇا چون ٿا ۽ انسان سان ڪهڙو برتاء ڪن ٿا يعني ته  سندن سماجي شخصيت ڪهڙي آهي؛ ان بابت جو مواد لوڪ ڪهاڻين ۾ آهي سو گهڻو ڪري انهيءَ مقامي سماج جو عڪس آهي، جنهن ۾اهي ’لوڪ ڪهاڻيون‘ رائج آهن.

هر گروهه جي ’لوڪ ڪهاڻين‘ ۾ انسان جي قديم وهمن ۽ وسوسن مٿان ان گروهه جي سماجي ويچارن ۽ قدرن، ريتن ۽ رسمن جو رنگ چڙهيل آهي. ديون، پرين، جنن، جادوگرن ۽ ڏائڻين جون ڪي خاص خصويات (صورتون بدلائڻ، اڏامڻ، غائب ٿيڻ وغيره) انسان جي وهمن ۽ وسوسن جون آڳاٽيون يادگيريون آهن، پر انهن ڪردارن جون ڳالهيون ٻولهيون، ٿورا ۽ مهربانيون، ضد ۽ عداوتون، سوال ۽ جواب، لڇن ۽ لَکڻ اڪثر آهي ئي آهن جيڪي انساني سماج ۾ ڪن شخصيتن بابت ٻڌل سڌل يا معلوم ۽ مشهور آهن. [1]

ٻيو ته انهن ڪردارن جي عملي تصوير تي انساني سماج جو رنگ چڙهيل آهي. مثلاً سنڌ ۾ عوام جي نظريي موجب ديو ۽ جن حضرت سليمان جي هٿ ۾ هئا ۽ ان جا تابع هئا. انهيءَ آڳاٽي نظريي جو عڪس سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين ۾ نظر اچي ٿو جو ظاهر آهي ته سنڌي سماج جو ا ثر آهي. مثلاً ”گل بادشاهه شوق شهزادي“ جي ڳالهه ۾ ڄاڻايل آهي ته ديون ڳالهايو ۽ حضرت سليمان جو قسم کنيو (38). ديون جي هلت چلت بابت جيڪي اهڃاڻ ڏنل آهن، اهي سماجي قدرن مطابق انساني ڪردار جا برا يا ڀلا پهلو آهن. جيئن ته ديو ماڻهن سان ڳالهائيندا ٻولهائيندا آهن (450, 126, 38)، ديو نهايت سگها ۽ طاقت وارا آهن(20)، ديون جو لشڪر شهرن جا شهر تباهه ڪري سگهي ٿو (632، 236) طاقت وارو ماڻهو ديو سن مقابلو ڪري ان کي شڪست ڏيئي سگهي ٿو، ۽ عجو ماڻهو ديو تي غالب پيو ۽ ان سان مهرباني ڪيائين ته ديو به هميشه لاءِ سندس دوست ۽ مددگار بنجي سگهي ٿو (162، 121)، ديو به ماڻهوءَ کان مدد گهري ٿو. (160، 120)، ۽ جيڪڏهن ڪو شخص بيوسيءَ واري حالت ۾ ’چاچا، چاچا‘ يا ’ماما، ماما‘ چئي وڃي ديو آڏو پيش پوي ٿو ته ديو مٿس مهربان ٿئي ٿو ۽ مدد ڪري ٿو (393, 396)؛ بلڪ ديو دوستيءَ جو قدر ڄاڻي ٿو ۽ انسان جي ٻچڙي کي ٻڌائي ٿو ته ”ياريءَ جا پنڌ اڃا پري آهن“ (451)، ديون بابت انهيءَ قسم جا خيالات انساني سماج جي پيداوار آهن ۽ انساني ڪردار جي قدرن موجب ديون جي ڪردار کي پڻ تصور ڪيو ويو آهي.(2)

پَريُون:

ديون جي ڀيٽ ۾ پرين جي ڪائنات پنهنجي آهي. پريون خود خيال، بي پرواهه ۽ چلوليون آهن. ديون کان زيادهه هوشيار ۽ حرفتي آهن. سندن گڏيل طاقت ديون کان گهڻي آهي، ۽ ڄڻ ديو سندن مطيع آهن. انهيءَ ڪري ديون جا لشڪر پرين جي حڪم هيٺ آهن  (23، 24، 70) پر اڪيلي سر، پَري اڪثر ديو جي طاقت آڏو عاجز آهي (40)؛ طاقتور ديو، اڪيلين پرين کي پاڻ وٽ آڻي بند ڪن ٿا، ۽ ڪا پري ديو جي زال پڻ بنجي ٿي (469).

انسان لاءِ پرين جي دنيا عجائبات جي دنيا آهي، بلڪ ڪرشمن ۽ طلسمات جي دنيا آهي. پريون اڪثر ٽولا ڪري اُڏامن ٿيون، ٽولن جي صورت ۾ تلائن تي اچي وهنجن ٿيون، ۽ باغن ۾ اچي سير ڪن ٿيون يا ڪن بستين ۾ رهن ٿيون، مثلاً پرين جي هڪ بستي ’ننڊ ولايت‘ آهي، جتي سڀڪو ننڊ ۾ آهي؛ پريون محلات ۾ گهَري ننڊ ۾ آهن ته چوڪيدار ديو دروازن تي اگهور ننڊ ۾ ستل آهن. پرين جو محلات سون، چاندي، هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل آهي (15، 16). پريون ڪئين ڪرشما ڪري سگهن ٿيون. پرين ۾ ڪنهن ٻي صورت اختيار ڪرڻ ۽ وري اصلوڪي صوررت ۾ اچڻ جي شڪتي  آهي. تلوار سان پريءَ جو سر ڏار ٿئي ٿو ته اها ’روپو ٿڙ‘ بنجي بيهي ٿي؛ ٻي وري سر لهڻ سان اُن ٿڙ جا سونا ڌار ٿي پوي ٿي، ٽين اُن جا جواهري پن ٿي بيهي ٿي ته چوٿين وري اُن تي لعلون بنجي لٽڪي ٿي (17). هر هڪ پريءَ جو ڪرشمو الڳ الڳ آهي: ”گلان پريءَ“ جو وڳو گلن ڦلن جو اهي (208)؛ ’موتي جان‘ پريءَ جا رت جا ڦڙا ڦري موتي ٿين ٿا (427)، ”گلزاري پري“ جي ڏنل ڏاڙهن اندر داڻڻ بدران هيرا آهن (443). [2]

اڪيلو انسان جيڪڏهن پرين جي ٽولي کي هٿ چڙهي وڃي ٿو ته اُن کي هڪ رانديڪو بنائي ساڻس کيڏن ٿيون؛ ڏينهن جو سندس ٽنگون ٻانهون جدا ڪير ڇڏين ٿيون ۽ رات جو وري کيس ساڳيون ٽنگون ٻانهون ڏئي، کانئس ساز وڄرائي پاڻ ناچ ڪن ٿيون (42). انسان کي پرين جي منڊ ۽ ڪرشمن کان بچڻ لاءِ خاص طرح ڪنهن ٻي پريءَ جي ڏنل تعويذ يا منتر جي ضرورت آهي؛ هو ڪنهن حيلي ۽ حرفت سان ئي انهن پرين جي پَچاڙ کان بچي سگهي ٿو، ۽ کانئن وچن وٺي پاڻ کي محفوظ ڪري سگهي ٿو(429). البت جيڪڏهن ڪا اڪيلي پري ڪهن ديو جي قيد ۾ قابو آهي يا ٻي ڪنهن مصيبت ۾ ڦاٿل آهي ۽ ڪو انسان اچي اُن کي ڇڏائي ٿوته اُهان سندس مشڪور ۽ مطيع بنجي ٿي، بلڪ ساڻس شادي ڪري ٿي ۽ عمر ڀر ساڻس وفادار رهي ٿي(31، 426، 4687). (2(

جِنّ:

جنن ۾ ديون وارو دٻدٻو ۽ دهشت يا پرين واري پُر اسرار طاقت ڪانه آهي. گهڻا جِن گڏجي پنهنجو لشڪر ٺاهي سگهن ٿا. اڪيلي سر جنّ ڪرشمان ڪري سگهن ٿا. جنّ جو ٻار، ڄمڻ سان ئي ڄام آهي، ۽ هو وڏن وانگر هلي چلي سگهي ٿو (210). جنن ۾ خاص خصوصيت مخفي بنجڻ جي آهي. مثلاً هڪ جنّ دِلٻي يا ڏيٻي ۾ پاڻ لڪائي ويهي ٿو ۽ اتان  ويهي ڳالهائي ٿو، ايئن جو ڄڻ دلو يا ڏيو پاڻ پيو ڳالهائي (13-212). جنن جا پنهنجا مرشد  آهن، جن جي هو عزت ڪن ٿا ۽ سندن حڪم مڃين ٿا(386). ڪي جنّ انسانن وانگر لچ ۽ حرڪتي آهن ۽ موچڙن سان ئي سڌا ٿين ٿا. اهو هڪ عام تسليم ٿيل خيال آهي ته ”موچڙن کان جن“ به ڀڄي وڃن“ (8).  (1)

غير بشر مخلوقات مان ديو، پريون ۽ جِن لوڪ ڪهاڻين جا ڪهنا ڪريدار آهن؛ اهي انسان جي وَهمن ۽ وسوسن جا پڻ آڳاٽا يادگار آهن. انهن سان گڏ جادوگرياڻيون، ڏائڻيون ۽ ڌوتيون پڻ ڪهاڻين جا مکيه ڪردار آهن، مگر اهي مڙيئي ڪردار نسلِ انساني سان تعلق رکن ٿا، ۽ تاريخي لحاظ مان انهن جو وجود پوءِ جو آهي.

عام ويساهه موجب جادوگر ۽ جادوگرياڻيون ڇا ڇا ٿي ڪري سگهيا، انهن جا آثار لوڪ ڪهاڻين ۾ ملن ٿا . هڪ صورت مان ٻي صورت بدلائڻ ، خود غائب ٿي وڃڻ، ڪنهن ٻي شيءَ کي غائب ڪرڻ، انسان کي جانور بنائي قبضي ۾ ڪرڻ يا انسان کي ڪا غيرجاندار شيءَ بنائي ڇڏڻ، يا هيبتناڪ مصنوعي منظر پيدا ڪرڻ جادوءَ جي طلسم جا مکيه ڪرشما آهن، جن جو ذڪر لوڪ ڪهاڻين ۾ ملي ٿو. سونن سڱن سان هرڻ جو ڏيکاءُ ڏيڻ ۽ غائب ٿيڻ (288)، جادوگر جو برپٽ ۾ سڄي ڄڃ غائب ڪري ڇڏڻ (10)، جادو جي زور تي سئي هئي يا سڳو ٻڌي گهيٽو بنائڻ (286-384)، انهي قسم جي ڪرشمن جا ڪي مثال آهن. جادو جي اثر کان بچڻ لا پڻ جادو جي طاقت ضروري آهي. هن مجموعي ۾ ٻن ڪهاڻين ”شهزادو ۽ فقير“ (260-292) ۽ ”فقير ۽ شهزادو“(298-302) جو بنيادي سٽاء ئي جادو جي ڪرشمن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ جادوءَ جي حملي ۽ ان کان بچاءُ جا ڪرتب بيان ڪيل آهن. ڪي وَٿون جادوءَ جي عمل پيدا ڪرڻ لاءِ يا اُن عمل کي زائل ڪرڻ لاءِ خاص ذريعا بنجن ٿيون. ٽوپي پائڻ سان ٻيا ماڻهو ڏسي نٿا سگهن (465)؛ رومال ڇنڊڻ سان هيرا جواهر ٿا ڪرن (464)؛ هڪ ميوي کائڻ سان ماڻهو جانور ٿو بنجي پوي، ۽ وري ٻئي ميوي کائڻ سان اصلوڪي انساني صورت ٿو وٺي (425)؛ ٽن خاص گلن سان جادوءَ جو اثر زائل ٿو ٿئي ۽ جادوگر مطيع ٿو بنجي (11)، منڊي جي زور سان پرين جو جادو به اثر نٿو ڪري (431)؛ ڀري ڏنل ويندي. سان قبي جو دروازو کلي ٿو پوي (434). ازانسواءِ سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ سيلهي ڏنڊو مقابلي لاءِ اڏند کٽولي چڙهي اڏامڻ لاءِ مکيه وٿن طور آيل آهن، ”شهزادي ساعت ملوڪ“ جي ڪهاڻي (18- 437) ۾ منڊي ۽ وينڊو، اُڏندو کٽولي ۽ سيلهي ڏنڊو مکيه وٿون آهن (6). ڪن جزوي ڪهاڻين ۾ انسان جو ٿري ”پنڊ پهڻ“ ٿيڻ (يعني خود پٿر بنجڻ) پڻ هڪ جادوءَ جو ڪرشمو ڪري بيان ڪيو ويو آهي، پر اڪثر ڳالهين ۾ اهو عمل عموماً انسان جي پنهنجي ڪَئيءَ جي ڦل سان وابسته ٿيل آهي؛ يعني ڪنهن درويش جي پِٽ سببان يا ڪنهن راز ظاهر ڪرڻ سببان ماڻهو پنڊ پهڻ ٿي پوي ٿو ۽ انساني رت جي ڦڙن لڳڻ سان وري ساڳيو انساني روپ وٺي ٿو.

ڏائڻيون:

انسانن جي گروهه ۾ شامل آهن. اهي آدمخور عورتون آهن، جي خاص طرح ماڻهن جا هيانوَ کائين ٿيون. هو منڊ ۽ طلسم پڻ ڄاڻن عام وهم موجب ڏائڻيون رات جو سُتي لوڪ ٻين ڀاتين جي ننڊ مُنڊي پنهنجا گهر ڇڏين؛ چراخ جانور سندن سڳي ۾ آهي جنهن تي سواري ڪن، ۽ قبرستانن ۾ وڃي مُردن جا هيانوَ کائين. لوڪ ڪهاڻين ۾ سندن ڪردار جي اها ڪڌائي بيان ٿيل آهي: ڏائڻ مُردن جا هيانوَ ٿي کائي (79) ۽ ڏائڻ شهزادي جي لاش کائڻ لاءِ اچي ٿي (135). ست ڏائڻيون ڪنهن بر ۾ محلات بنائي، شهزاديون بنجي ويهن ٿيون ۽ وٽن ايندڙ انسانن کي ماري کائين ٿيون. وٽن سامونڊي گهوڙا آهن، ۽ سندن ڪرشمي ۽ عمل جو دائرو مقرر ٿيل آهي؛ ان دائري اندر هو انسان تي قابض آهن پر جيڪو دنگ ٽپي وڃي ٿو سو سلامت بچي ٿو (445- 448) (1)

ڌوتيون:

’ڌوتي‘ بالڪل انسان آهي، ۽ وٽس ڪنهن جادوءَ يا ڪرشمي جو هجڻ لازمي نه آهي، حالانڪه ڪي ڌوتيون جادو پڻ ڪري سگهن ٿيون. ڌوتي عموماً هڪ پوڙهي ۽ مڪار عورت آهي، جا ڊوهه ۽ دولاب ۾ ماهر آهي. منجهس رحم جي رتي نه آ هي؛ لالچ ڏيڻ سان هوءَ هر ڪڌي ڪم ڪرڻ لا تيار ٿئي ٿي. اٽڪل ۽ حرفت ۾ هوشيار آهي، ۽ جتي ڪو ٻيو نه پهچي سگهي اتي پهچي ٿي. نوجوان عورتن کي ريهي ريبي برغلائڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل آهي. هوءَ هر حيلي سان راز معلوم ڪري ٿي، ۽ پنهنجي دغا ۽ دولاب سان مردن جي ڪاميابن تي پاڻي ڦيرائي ٿي ۽ سهاڳڻين جا سهاڳ رولي ٿي.

لوڪ ڪهاڻين ۾ سمايل ڪردار مطابق، ڌوتي هڪ پوڙهي عورت آهي (127). ڌوتي اها عورت آهي جا پنهنجي ناڪاميابيءَ سببان ٻن ٻين ساٿين کي ڏسي سڙي، ۽ سندن محبت کي ٽوڙن جا منصوبا سٽي (393). ڌوتي حرفت ۽ دغا کان ڪم وٺي ٿي، حالانڪه ڌوتي جادو به ڄاڻي سگهي ٿي (276) ۽ جادوگرڻ عورت پڻ ڌوتپڻو ڪري سگهي ٿي (384). ڌوتي مڪر ۽ فريب سان زالن (راڻين ۽ شهزادين) کي برغلائي ڳجها راز هٿ ڪري ٿي (89، 474، 397، 413). ڌوتي دولاب ۽ ڌوڪي سان ڪنهن به ڪڌي ڪم ڪرڻ کان ڪين گسي ٿي: مثلاً شهزاديءَ کي کڻي وڃي ٿي (90)، ’لال ملوڪ‘ جي ساهه واري تلوار درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏي ٿي (106)، ۽ ڌوڪو ڏيئي شهزادين ۽ راڻين کي وٺي وڃي ٿي ۽ ساڻن دولاب ڪري ٿي (160، 130، 414) (1)

مٿيان ڇهه ڪردار سنڌي لوڪ ڪهاڻِن جي سٽاء جا مکيه جزا ۽ آڳاٽا عنصر آهن. انهن مان ديو، پَريوُن ۽ جن ٽيئي غير انساني هيئتون آهن، ۽ جادوگر ۽ جادوگرياڻيون، ڏائڻيون ۽ ڌوتيون انساني گروهه مان آهن. منجهائن ٻين سڀني ۾ بديءَ سان گڏ ڀلائي جي وصف پڻ موجود آهي، مگر ڏائڻيون ۽ ڌوتيون محض بديءَ جا ڪردار آهن، جن ۾ ڀلائي بنهه آهي ئي ڪانه. جيئن مٿي چئي آيا آهيون، اهي مڙيئي ڪردار انسان جي آڳاٽي زندگيءَ جي وهمن ۽ وسوسن جا يادگار آهن. هن وقت ديون ۽ پيرن کي انسان جي عملي زندگي ۾ ڪوبه دخل ڪونهي؛ البت جنن جو وسوسو اڃا تائين سڌريل سوسائٽين ۾ پڻ رائج آهي هن دور ۾ جادوءَ کي انساني ڪرتب ۽ هٿ ناٽ جو هڪ علمي فن تسليم ڪيو وڃي ٿو، ۽ سواءِ ڪن اٻوجهه انساني گروهن جي، اهو ڪٿي به ڌوڪي ۽ طلسم طور استعمال نٿو ڪيو وڃي. ڏائڻين کي پڻ عام انساني زندگيءَ ۾ دخل نه رهيو آهي، جيتوڻيڪ دنيا جي ڪن ٿورن پوئتي پيل ۽ غير ترقي يافته انساني گروهن ۾ جيئرن توڙي مئل انسانن جي گوشت کائڻ جي قديم رسم باقي آهي ۽ اهڙن گورهن ۾ مرد توڙي عورتون آدمخور آهن. لوڪ ڪهاڻين ۾ ’ڏائڻ‘ جو تخلي هڪ حقيقي آدمخور عورت جو نه آهي، بلڪ اهو زياده تر وهمي ۽ خيالي آهي؛ ڇاڪاڻ ته ’ڏائڻ‘ ڪنهن انساني گروهه جي عام رسم موجب ٻين وانگر مردا نٿي کائي، مگر هو جادو ۽ ڪرشما ڄاڻي ٿي ۽ ٻين کان لڪي جدا ٿي مردن جا هيانوَ کائي ٿي؛ پڻ اڪيلن انسانن خصوصاً مَردن کي بند ڪري، ماري انهن جا هيانوَ کائي ٿي. ڌوتي، مٿين سڀني ڪردارن جي ڀيٽ ۾، انساني گروهه جو ئي فرد آهي. هو اڪثر هڪ تجربيڪار پوڙهي عورت آهي، جا لالچ يا حسد وچان ڊوهه ۽ دولاب ڪري ٿي. هوءَ نفسياتي طور نڪار آهي؛ رحم جي منجهس رتي نه آهي ۽ ٻين جي خوشين کي خاڪ ڪرڻ سندس پيشو آهي. نفسياتي طور اهڙا نڪار انسان اڄ به انساني سماج ۾ موجود آهن، پر بلڪل ٿورا آهن؛ انهيءَ نڪته نظر کان ’ڌوتين‘ جو ڪردار پڻ ٻين ڪردارن وانگر انوکو ۽ انساني سماج جي آڳاٽي دور جو يادگار آهي. مجموعي طوير سان لوڪ ڪهاڻين وارا اهي مڙيئي ڪردار انسان جي آڳاٽي زندگيءَ جي وسوسن ۽ وهمن جا قديم آثار آهن.

جانور: لوڪ ڪهاڻين جي مکيه ڪردارن ۾ جانور پڻ شامل آهن. جانورن جا ڪردار انهيءَ آڳاٽي دور جو يادگار آهن، جڏهن انسان ٻيءَ مخلوق وانگر صحيح معنيٰ ۾ اڃا ڌرتي ماتا جو نيپاج هو، ۽ ان ماءُ جي ٻين ٻارڙن- يعني ته جيتن، جانورن ۽ پکين سان گڏ پنهنجو قوت گذر پئي ڪيائين، بلڪه انهن سان ڳالهيون ٻولهيون پئي ڪيائين. عام ويساهه موجب، ويندي حضرت سليمان جي وقت تائين جيت جناور ۽ پکي پکڻ ڳالهائيندا هئا.(1) مشهور آهي هت هڪ ماڪوڙي پنهنجي ساٿي سهيلين کي چيو ته سليمان ۽ سندس لشڪر پيو اچي، سندن اکيون مٿي آهن، واٽ ڇڏي ڀڄي پري ٿيو، مٿان لتاڙي نه مارين، خود لوڪ ڪهاڻين جي اسرڻ واري وقت بابت پڻ چوندا آهن ته ان زماني ۾ ”هر ڪا شيءِ ڳالهائيندي هئي“ (46): پکين پاڻ ۾ پئي ڳالهايو (51، 245)، هرڻي ۽ هرڻن پئي ڳالهايو (46، 404)، گرڙ پکي گل انداز ساڻ پئي ڳالهايو (14)، ۽ مٽنا بادشاهه کي ٿي آکاڻي ٻڌائي (272)؛ جانورن مان هڪ شينهن ۽ شينهڻ، پيءُ ماءُ کان ڇڄي ويل هڪ ڇوڪرڙي کي ٿي نپايو (95-110) ته ٻلي ۽ ڪتي نياپا پئي پهچايا. (130) (1)

سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ جانورن ۽ جاندارن مان خاص طرح نانگ هيبت توڙي اشرافت جو نشان آهي. اوائلي زماني ۾ انسان لاءِ نانگ به هڪ آفت هو، ۽ انهيءَ ڪري ان کي ديو توڙي ديوتا ڪري مڃيو ويو، ديو جي حيثيت ۾ نانگ صورتون بدلائي ٿي سگهيو. نانگ جي هيبت جو اهڃاڻ انهيءَ مان ملي ٿو جو ”امير حمزي ۽ ڪڻڪ راڻي“ واري ڪهاڻي ۾ خود ديو نانگ بڻجي امير حمزي جي زال روڪي ٿو (114)، ٻئي طرف آڳاٽي وقت کان اهو وهم ويٺل آهي ته ڪارو نانگ هڪ اصيل ۽ اشراف جانور آهي، سندس مٿي ۾ مڻيا (مڻ) آهي، ۽ هو پنهنجي اصليپ سببان دوستن جو دوست آهي ۽ مهل جو مڙس آهي:

ونءُ تون واسينگن وٽ، ترت لهي ترڀاءُ،

مڻ جنين جي مٿي ۾، آهي شم جهڙي شعاع،

سي سُر سڻي سِر ڏيندا، آڻي تان ارواح.

انهيءَ لحاظ سان نانگ بادشاهه جو دوست بڻجي ٿو، ساڻس ڳالهائي ٿو ۽ کيس مڻ ڏئي ٿو (287-243) نانگ صورت بدلائي ڳاڙهي لعل ٿي پوي ٿو (360)، نوَ لکو هار ٿي پوي ٿو (371)، بلڪه انساني صورت وٺي شهزادو ”لال ملوڪ“ ٿي پوي ٿو (386) (1)

گرڙ پکي ڄڻ پکين ۾ ديو آهي، ۽ انسان جي ٻچڙي کي چنبي ۾ کڻي اُڏامي سگهي ٿو، اڪثر ڪري هو انسان سان ڀلائي ڪري ٿو. انسان کي مشڪل مان ڇڏائي ٿو ۽ اُڏائي منزل تي پهچائي ٿو، جيئن ته گل انداز کي گرڙ پکي اُڏائي کڻي وڃي ننڊ ولايت ۾ پهچايو (14). لوڪ ڪهاڻين جي آڳاٽين يادگيرين موجب گرڙ پکي (14) ۽ اڏند کٽولي (432) انسان جي فضا ۾ اُڏامڻ جا اوائلي وسيلا بڻيا.(2)

جانورن مان هرڻ ۽ هرڻيون پڻ ’لوڪ ڪهاڻين‘ ۾ وڏو ڪم ڪن ٿا. هرڻيون ٻارڙن کي کير پيارين ٿيون ۽ هرڻ جي اکين جي بدلي شهزادن جون اکيون بلڪه حياتيون بچن ٿيون (404) البت سونن يا روپن سڱن وارو هرڻ طلسم جو نشان آهي، جو شهزادن کي لالچائي، بيراهه ڪري ڀٽڪائي ٿو (60-71،  161-167، 238).(3) پکين مان  چتون کي پڻ ’لوڪ ڪهاڻين‘ جي سٽاءءَ ۾ وڏو دخل آهي. چتون وندر ۽ ورونهه خاطر ساٿي آهي، ۽ ٻيءَ حالت ۾ چاري ۽ چوڪيدار آهي، جو هڪڙن جون ڳالهيون ٻڌي ٻين سان ڪري ٿو، مٺو پنهنجي مالڪن (بادشاهن ۽ راڻين، شهزادن ۽ شهزادين) کي سچ چوي ٿو ۽ بعضي ڏوراهان ڏس ڏيئي کين ڪشالا ڪڍائي ٿو، اڪثر هو مشڪلاتن ۾ مالڪن سان وفادار آهي، پاڻ سندن مدد خاطر پري پري وڃي پيغام پهچائي ٿو ۽ ڪشالا ڪچي ٿو.(4)

ڪهاڻين جي اوسر جو تاريخي پسمنظر:

اهو معلوم نه آهي ته انهن ڪهنين ڪهاڻين جا تر (Plots) ڪنهن ٻڌا، ڪڏهن ٻڌا ۽ ڪيئن ٻڌا. البت ايترو چئي سگهجي ٿو ته هر بالغ انساني گروهه اندر اڳوڻن وهمن ويچارن جي صورت ۾ ڪُهنن ڪردارن جو تخيل موجود هو؛ از انسواءِ جادو ۽ ٽڪساٽن ۽ انوکن ڪرشمن جون يادگيريون اَبن ڏاڏن کان هلنديون پئي آيون؛ انهن آڳاٽن عنصرن سان، بادشاهن ۽ راڻين شهزادن ۽ شهزادين، وزيرن ۽ سوداگرن ۽ ٻين انساني ڪردارن جي ڪارنامن ۽ ڪرتوتن جا جزا ملائي، ڪهاڻين جا تر ٻڌا ويا.

ڪهاڻيءَ جي سٽيءَ جي شروعات غالباً  پهريائين ڪنهن گهر جي ڀاتيءَ يا سورهيه اڳواڻ جي ڪارنامن يا ڪنهن وڇڙي ويل شخص جي ڪشالن جي حقيقي بيان سان ٿي، جنهن کي وقت گذرڻ بعد وڌائي ويجهائي وڏو ڪيو ويو. اوائلي ڪهاڻيون سڀ حقيقي ڳالهيون هيون جن تي پوءِ حڪايتي رنگ چڙهيو. اهو ڪهاڻين جي اُسرڻ جو اوائلي دور هو. ان بعد عالمن ۽ دانائن، نصيحت خاطر بادشاهن ۽ سردارن يا پنهنجن پٽن ۽ پوئلڳن واسطي عمدا ۽ ارادتن ڳالهيون جوڙيون، جن ۾ جانورن جي زباني حڪايتون بيان ڪري، حڪمت عملي (Practical Wisdom) جا گُر سمجهايا، انهيءَ قسم جي معنيَ خيز ۽ نصيحت آميز ڳالهين جا آڳاٽي ۾ آڳاٽا مجموعا ڪتاب ”ڪَلِيلہ و دمنہ“، ڪٿا سريت ساگر“، ”هتو پديش“ ۽ ”پنج تنتر“ آهن، جن جي ابتدا اوهام پرستي ڏانهن مائل ايراني ذهن، حرفت ۽ حيلي ڏانهن مائل برهمڻي ذهن، ۽ نصيحت ۽ تبليغ ڏانهن مائل سمني (ٻڌ وارن) ذهن جي اختراعن سان ٿي. اهو ڪهاڻين جي اوسر ۽ ارتقاءَ جو ٻيو دور هو، جنهن ۾ اوهام ۽ خرافات، حرفت ۽ حڪمت عملي، مت ۽ نصيحت ڪهاڻين جوڙڻ لاءِ مکيه محرڪات هئا. انهيءَ قسم جون ڪهاڻين هند ۽ ايران جي وچ وارن علائقن (موجوده مغربي پاڪستان، افغانستان ۽ اوڀر-ڏکڻ ايران) ۾ اُسريون ۽ اتان پوءِ ٻين ڀاڱن ۽ ملڪن ۾ رائج ٿيون.*

ان دور کان پوءِ خاص وندر ۽ ورونهه خاطر ڪهاڻيون ۽ قصا بحيثيت هڪ ادبي فن جي اُسريا، ڪتاب ”الف ليليٰ“ (الف ليلا وليلته = هڪ هزار ۽ هڪ راتيون) ۾ هيءُ فن بنيادي طور ڪمال کي پهتو ۽ هن شاهڪار ذريعي دنيا ۾ قصن ڪهاڻين واري ادبي فن (Fiction) جو بنياد پيو. اهو قصن ۽ ڪهاڻين جي ارتقاء جو ٽيون دور هو. جنهن جي شروعات اندازن ڏهين صدي عيسويءَ کان ٿي.

سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ ماضيءَ جي انهيءَ ارتقائي تاريخ جا آثار ملن ٿا. انهن جي سِٽاءَ ۾ انساني گروهه جي اوائلي وهمن ۽ ويچارن جا مجسما ۽ ڪردار (ديوَ، پريون، جن) جادوءَ جي ڪرشمن ۽ هٿناٽن جا يادگار ۽ انساني گروهه جا اداڪار (بادشاهه، راڻيون، شهزادا، شهزاديون، وزير، سوداگر) موجود آهن. ٻئي طرف انهن ڪهاڻين جي تَر ۽ بَر، تاڃي ۽ پيٽي ۾ ايراني، هندي ۽ عربي قصن ۽ ڪهاڻين جا نشان ملن ٿا. شڪار ڪندي ڪنهن جانور جي پويان لڳڻ، ساٿين کان پري نڪري وڃڻ، راهه وڃائڻ ۽ ڪشالا ڪڍڻ هڪ اهڙو تجربو آهي جو انسان کي سندس آڳاٽي خانه بدوش ۽ شڪار تي گذران واري زندگيءَ جي دور ۾ پيش آيو هوندو، ۽ انهيءَ ڪري مختلف قومن جي لوڪ ڪهاڻين ۾ اهو تجربو ڳالهين جي تر جو هڪ بنيادي جز آهي. ايراني بادشاهه بهرام گور جو جهنگلي گورخر کي مارڻ واري ڪهاڻيءَ ۾ انهيءَ واقعي هڪ آفاقي صورت اختيار ڪئي. سنڌيءَ ۾ آڳاٽو رائج ٿيل ’بانڪي شاهه بهرام جو قصو‘ انهيءَ بهرام گور واري ڪهاڻيءَ جو عڪس آهي. هن مجموعي جي ڏهين ڪهاڻي (ڀاڳوند بادشاهه 161) ۾ پڻ بادشاهه شڪار ڪندي هرڻ جي پويان پوي ٿو ۽ سندس ڪشالا شروع ٿين ٿا. شڪار جو واقعو لوڪ ڪهاڻين جو آفاقي جز آهي ۽ ڪيتريون سنڌي ڪهاڻيون اڪثر شڪار جي بيان سان شروع ٿين ٿيون (60). ماڻهن، جانورن ۽ ٻين شين جون صورتون بدلائڻ وارو خيال انسان جي آڳاٽن وهمن جو يادگار آهي ۽ انهيءَ ڪري لوڪ ڪهاڻين جي تر جو هڪ آفاقي جز آهي. البت مرڻ کانپوءِ ٻيءَ جوڻ ۾ اچڻ هندو عقيدي جو جُز آهي، ۽ انهيءَ ڪري جوڻ بدلائڻ واري خيال جو بنياد هند جي پيداوار آهي، هن مجموعي جي ٻارهين ڪهاڻي (180) ۾ ”نينان“ مختلف صورتن ۾ نمودار ٿئي ٿي ۽ تيرهين ڪهاڻي (192) ۾ شهزادو جدا جدا صورتون اختيار ڪري ٿو. چوڏهين ڪهاڻي (205) ۾ مادي چَڪوي پکي، ٻيءَ جوڻ ۾ ”ڪسونبا ٻائي“ جي انساني صورت وٺي ٿي. انهيءَ ڪهاڻيءَ جو ترُ ’جوڻ‘، واري اعتقاد تي ٻڌل آهي ۽ اها ڪهاڻي پڻ ٿرپارڪر جي سنڌي هندو گروهه ۾ عام مروج آهي ۽ اتان ئي مليل آهي. ٻين ڀائرن جو گڏجي پنهنجي هڪ ڀاءُ کي تڪليف ڏيڻ وارو برتاءُ حضرت يوسف ۽ سندس ڀائرن واري ڳالهه ذريعي آڳاٽي وقت کان ملڪان ملڪ مشهور ٿيو ۽ پڻ لوڪ ڪهاڻين ۽ قصن جو آفاقي جُز بڻيو. هن مجموعي ۾ پهرين ۽ ٻيءَ ڪهاڻيءَ (33) جي سٽاءَ ۾ ڀائرن وارو اهو برتاءُ مکيه جُز آهي. اٺٽيهين ڪهاڻي (368)  ۾ شهزادو لعل پنهنجي محبوب شهزادي لعلان سان مدرسي ۾ گڏجي پڙهي ٿو جو ’ليليٰ مجنون‘ جي عشقيه داستان جو عڪس آهي.(1)

ڪتاب ”ڪليلہ و دمنہ“ جي آڳاٽي مجموعي ذريعي ڳالهين جي اندروني سٽاءَ ۾ ڳالهه مان ڳالهه نڪرڻ جو نڪتو نروار ٿيو، جنهن کي ’الف ليليٰ‘ جي شاهڪار ۾ هڪ فن جي درجي تي پهچايو ويو. ڳالهين جي انهيءَ اندروني دلچسپ سلسلي جو اثر ملڪان ملڪ پي ۽ عام ڪهاڻين پڻ اهو اثر قبول ڪيو، هن مجموعي ۾ پنجٽيهين ڪهاڻي (445) ۾ ديو پنهنجي طرفان چاڪي ۽ سوداگر جي ڳالهه ڪري ٻڌائي ٿو؛ ارڙهين ڪهاڻي (265) ۾ طوطا ۽ مثنا هر هڪ رات ڳالهه کڻن ٿا؛ ۽ پندرهين ڪهاڻي (217) ۾ ڳالهه مان ڳالهيون نڪرن ٿيون تان  جو ڏهه ڳالهيون انهيءَ هڪ ڳالهه ۾ سمايل آهن. انهن سلسلن ۾ ’الف ليليٰ‘ جو اثر نمايان آهي. ڇويهين (317) ۽ ستاويهين (343) ڪهاڻي جا تر ’الف ليليٰ‘ جي ’بغداد جو چور‘ واري ڳالهه تي ٻڌل آهن. ستين ڪهاڻيءَ جو سورمو امير حمزو آهي، جنهن جو نالو ’امير حمزي جي داستان‘ تان ورتل آهي، جيتوڻيڪ ڳالهه جو تر مختلف آهي ۽ غالبن مقامي طور ٻڌل آهي.(1)

ڪهاڻين جا تَر ۽ بَر:

لوڪ ڪهاڻي جي سٽاء آزاد ۽ غير منطقي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي تَر ٻڌڻ يا سلسلي قائم ڪرڻ ۾ ڪنهن عالم يا ديب جي مخصوص ارادي يا عقل کي دخل ڪونهي. البت انهيءَ جي اها معنيٰ ڪانهي ته لوڪ ڪهاڻي جو تَر ٻڌل ئي ڪونهي يا بَر ڪَڇيل ئي ڪونهي. هر لوڪ ڪهاڻيءَ جو شروع کان آخر تائين هڪ سلسلو آهي ۽ اُن سلسلي جون جدا جدا ڪڙيون آهن، پر نڪي هر ڪڙي هڪجيڏي يا هڪجهڙي آهي ته نڪي وري هر ڪڙي ٻيءَ ڪڙيءَ سان ڪنهن خاص رٿيل نموني ۾ ڀچايل آهي. معنوي لحاظ سان پڻ نڪي مرڪزي مضمون ڪنهن خاص رٿا موجب بيهاريل آهي ته نڪي سورمي جو ڪردا ڪنهن خاص سماجي يا نفسياتي نظريي موجب سٽيل آهي، لوڪ ڪهاڻي جي سٽاءَ فني ناهي بلڪه فطري آهي ڇاڪاڻ ته لوڪ ڪهاڻي عوام جي سادي ذهن ۽ طبع جو عڪس آهي ۽ سندن وندر ۽ ورونهه جي ضرورت کي آسان ۾  آسان نموني ۾ پورو ڪندڙ آهي.

سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي تَر ۽ بَر جون مجموعي طور سان هيٺيون خاص خصوصيتون آهن:

(الف) تَر ۽ بَر جي سٽاءَ: ڪهاڻي هڪ ڳالهه آهي، ۽ انهيءَ ڪري هر ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڳالهه جو هئڻ ضروري آهي. ان کان سواءِ ڪو به ذڪر هڪ ’بيان‘ ٿي سگهي ٿو پر ان کي ’ڪهاڻي‘ نه چئبو. سادي سٽاء واري ڪهاڻيءَ ۾ اڪيلي ڳالهه منڍ کان شروع ٿي توڙ تي پهچي ٿي. ڪهاڻيءَ جي سادي سٽاءَ جا ٻه قسم آهن، هڪ اهو جنهن ۾ ڳالهه جي چپي چپي تي پيش ايندڙ واقعي جي عمل جو دائرو ننڍو آهي، مثال طور بادشاهه شڪار ٿي ويو ۽ هرڻ ڏٺائين جو ماريائين. اڳتي ويو ته چشمو ڏٺائين، جتي هرڻ ويهي پچايائين ۽ ماني کاڌائين. هن بيان ۾ هرڻ مارڻ ۽ ان بعد چشمي تي اچي هرڻ پچائڻ، انهن ٻنهي واقعن جو دائرو ننڍو آهي. اهڙي ڳالهه کي اسان ”ماهِنڊ ڳالهه“ چونداسون. ’ماهنڊ‘* اهو سهڻو وٽيل سڳو آهي، جنهن منجهه سٽاء سان سهڻيون ننڍيون ڳنڍيون ڏنل هجن. عام ننڍين آکاڻين يا ڳالهين جي سٽاء اڪثر انهيءَ قسم جي آهي. هن مجموعي ۾ پڻ ڇهين، نائين (160)، ڏهين (161)، ٽيويهين (304) ۽ چوويهين (306) ڪهاڻي انهيءَ سادي سٽاء واريون ڳالهيون آهن، ڇاڪاڻ جو سڀني ۾ منڍ کان آخر تائين هڪ اڪيلي ڳالهه مختصر واقعن سان بيان ٿيل آهي.

سادي سٽاءَ واري ڳالهه جو ٻيو قسم اهو آهي جنهن ۾ ڳالهه جي چپي چپي تي پيش ايندڙ واقعي جي عمل جو دائرو ڪشادو هجي، ايتري قدر جو اهو بذات خود هڪ ننڍڙي ڳالهه بنجي پوي. مثلاً طور بادشاهه نه فقط رڳو هرڻ ڏسي ۽ ان کي ماري، پر هرڻ مرڻ وقت ڳالهائي يا ان وقت ڪو آواز ٿئي ۽ انهيءَ واقعي جو دائرو وڌي وڃي. ساڳيءَ طرح چشمي تي پهچڻ وقت بادشاهه پريون ڏسي يا وڌيڪ ٻيو ڪي ٿئي. اهڙي ڳالهه کي ”لڙهي ڳالهه“ يا ’ڪنڍي ڳالهه‘ چئبو، ڇاڪاڻ ته لڙهي يا ڪنڍيءَ ۾ پوتل مڻين جو گهيرو ۽ مقدار وڏو آهي، هن مجموعي ۾ ڪهاڻين جو وڏو تعداد انهيءَ قسم جي سٽاءَ وارو آهي.

 ڳوڙهي سٽاءَ واري ڳالهه اُها آهي جنهن ۾ نه فقط هڪ اصلي يا تَر واري ڳالهه هجي پر ٻيون پاسي يا بَر واريون ڳالهيون پڻ هجن. يعني ته بنيادي ٿُڙ واري مکيه ڳالهه مان فروعي ڳالهين جا ٻيا ننڍا ڏار نڪرن. تر واري مکيه ڳالهه ڄڻ تاڃيءَ مثل آهي، جنهن جو سلسلو شروع کان آخر تائين هليو اچي ۽ ٻيون بَر واريون فروعي ڳالهيون ان جي پيٽي ۾ آڻيل هجن. اهڙي ڪهاڻيءَ کي اسين ”ٿُڙ-ڏار ڪهاڻي“ يا ”تاڃي-پيٽو ڪهاڻي“ چونداسون. هن مجموعي ۾ پندرهين (217)، ارڙهين (265) ۽ پنجٽيهين ڪهاڻي (445) انهي قسم جي ڳوڙهي سٽاءَ واريون ”تاڃي-پيٽو“ يا ”ٿُڙپيٽو“ يا ”ٿُڙ-ڏار“ ڪهاڻيون آهن. پندرهين ڪهاڻيءَ ۾ تَر واري اصلي ڳالهه جي ٿُڙ مان ٻينري اصلي ڳالهه جي ٿُڙ مان ٻين نوَن ڳالهين جا ڏار ڦٽن ٿا.

(ب) شروعاتي ۽ مرڪزي ڳالهه: سنڌ ۾ رائج ڊگهيون ڪهاڻيون عام طرح سان ’بادشاهن جون ڳالهيون‘ سڏيون وڃن ٿيون، ڇاڪاڻ جو گهڻو ڪري انهن جي شروعات ڪنهن بادشاهه جي ذڪر سان ٿئي ٿي. بالڪل سادي سِٽاءَ وارين ڪهاڻين ۾ منڍ کان آخر تائين انهي بادشاهه ۽ سندس ڪمن ۽ ڪارنامن جو ذڪر هوندو آهي جيئن ته هن مجموعي جي ”ڀاڳوند بادشاهه“ (161) جي ڪهاڻيءَ ۾ آهي. عام مروج ڊگهين ڪهاڻين ۾ بالڪل سادي سِٽاءَ واريون ڪهاڻيون ڪي ٿوريون آهن، اڪثر ’لڙهي يا ڪَنڍي ڳالهه‘ يا ’ٿڙ-ڏار ڪهاڻين‘ واري دفعي ۾ شامل آهن، جن ۾ منڍ وارو بادشاهه جو ذڪر محض ڳالهه جي ’شروعات‘ يا ’شروعاتي ڳالهه‘ آهي ۽ اصلي يا مرڪزي ڳالهه ان کان پوءِ هلي ٿي.

شروعاتي ۽ مرڪزي ڳالهه ۾ قدري سبب ۽ نتيجي جو واسطو آهي ۽ اهي ٻئي ڪهاڻيءَ جو منڍ، پيڙهه، يا بنياد آهي. عام اصطلاح ۾ ان کي ڳالهه جو ٿل چئبو. چوندا آهن ته ڳالهه جو ٿل ٻڌڻ ضروري آهي. اهو منڍ وارو بادشاهه جو ذڪر (يا ٻيو ڪو ذڪر) ڄڻ ڳالهه جو ٿل آهي، جنهن جون مصراعون اڳتي ايندڙ حصو آهي، يا ايئن چئجي ته اهو ’بيرم‘ جنهن سان ڳالهه کي کڻجي ٿو، يا کانڀاڻي آهي جنهن سان ڳالهه جو ڳوڙهو اُڇلائجي ٿو. مکيه مرڪزي ڳالهه ڄڻ ٿل جون مصراعون آهن، بيرم جو بار آهي ۽ کانڀاڻيءَ جو ڳوڙهو آهي. مرڪزي ڳالهه مان وري ٻيا ڏار ڦٽن ٿا جيڪي ’بَر‘ يا ’پٻيٽي‘ واريون ڳالهيون آهن. ڪهاڻيءَ جي سِٽاءَ ۾ شروعاتي ڳالهه ۽ مرڪزي ڳالهه وڌيڪ اهم آهن ۽ انهيءَ ڪري انهن جي اندروني مکيه محرڪ جزن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي.

منڍ واري ڳالهه ڪنهن بادشاهه يا ٻئي ڪنهن شخص جي ذڪر سان شروع ٿئي ٿي. اڪثر اولاد جي سِڪَ، شڪار ته وڃڻ، يا نئين شادي ڪرڻ هن ڳالهه جي کڻڻي جا ابتدائي اهڃاڻ آهن. ڪنهن فقير جي دُعا، ڪنهن درويش طرفان ڏنل دُعا جون شيون کائڻ، يا ٻيو ڪو سَوڻ انهيءَ ابتدائي مراد جي پورائيءَ جو سبب بڻجي ٿو. شاديءَ بعد ننڍي زال جي خوبين يا ان کي پٽ ڄمڻ سببان ساڻس ٻين پهرين زالن جي ريس ۽ رقابت شروع ٿئي ٿي. پهاڄڻ جي منصوبي سان هن ننڍي زال تي بهتان لڳن ٿا ۽ کيس ملڪ نيڪالي ملي ٿي. بعضي هو پيٽ سان آهي ۽ بعضي ننڍڙو پٽ اٿس، کيس محلات مان ڪڍيو وڃي ٿو. بعضي هن زال جو پٽ اڃا ننڍو آهي جو سندس ماءُ مري وڃي ٿي. جڏهن هو وڏو ٿئي ٿو ته ماٽيجن مائن جي منصوبي سببان مٿس بهتان لڳن ٿا ۽ بادشاهه کيس ملڪ نيڪالي ڏئي ٿو يا ڪنهن آزمائش پٺيان موڪلي ٿو. بعضي شروعاتي ڳالهه وارو بادشاهه يا ٻيو ڪو ڪردار پاڻ ڪنهن آزمائش پويان وڃي ٿو. شروعاتي ڳالهه جي منزل اتي ختم ٿئي ٿي. ان بعد ننڍي زال جا ڪشالا، ننڍي زال ۽ سندس پٽ جا گڏ ڪشالا، يا شهزادي يا بادشاهه يا ٻئي ڪنهن ڪردار جا ڪشالا مرڪزي ڳالهه جو مکيه حصو بنجن ٿا. هن مجموعي ۾ نائين (150) ۽ يارهين (168) ڪهاڻي جي منڍ واري ڳالهه  اولاد جي سڪ سان شروع ٿئي ٿي. چوٿين (60) ۽ ڏهين (161) ڪهاڻي شروعاتي شڪار تي وڃڻ ۽ راهه وڃائڻ سان ٿئي ٿي. پهرين، ٻين (2) ۽ ٽئين (33) ڪهاڻي جي شروعات ۾ پهاڄن جي رقابت جو پهلو نمايان آهي. تيرهين (92) ايڪٽيهين (395) ۽ چوٽيهين (438) ڪهاڻي ۾ پهاڄن جي منصوبي ۽ ستم جو نقطو نروار ٿيل آهي جو پهاڄون ننڍي زال جي ٻارن کي مارڻ ۽ مارائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. سترهين (256) ۽ چوويهين (317) ڪهاڻي ۾ ماٽيجي ماءُ جو برو ورتاءُ بيان ٿيل آهي.

شروعاتي ڳالهه جي ڀيٽ ۾ مرڪزي ڳالهه ’ڪهاڻيءَ‘ جي جان آهي. سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ عام طرح مرڪزي ڳالهه جو مانجهي يا سورمو شروعاتي ڳالهه جي ڪردار کان الڳ آهي. مرڪزي ڳالهه جي رِٿا ۾ شرط ۽ آزمائشون، ڪي خاص سهارا ۽ وَٿون، ڪشالا ۽ ڪوششون ۽ آخر ۾ مانجهي يا سورمر جي فتح اهميت رکن ٿا. هن مجموعي ۾ هيٺيون آزمائشون ڪن ڪهاڻين جي مرڪزي ڳالهين جو بنياد آهن: خواب جو تعبير معلوم ڪرڻ (پهري ڪهاڻي)، سامونڊي گهوڙي جو رت آڻڻ (ٻي ڪهاڻي)، ٻه ڍارا آڻڻ (ٽئين ڪهاڻي)، ڳوڙهو يا معما حل ڪرڻ (يارهين ڪهاڻي)، ست ڍارا آڻڻ (پنجويهين ڪهاڻي)، ڍاري راند کٽڻ (ارڙهين ۽ اوڻويهين)، سوني سر ۽ چندن جي پني چورائڻ (چوويهين ڪهاڻي). بادشاهه جي ڌيءَ لاءِ ماڻڪ آڻڻ ۽ گل ڦل جو وڳو هٿ ڪرڻ (ٻٽيهين ڪهاڻي). انهن شرطن ۽ آزمائشن جي پوري ڪرڻ لاءِ مانجهي يا مکيه ڪردار جو ڪشالو شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ کيس ڪي خاص سهارا ۽ وَٿُون ملن ٿيون جن جي مدد سان هو ڪاميابيءَ جي منزل کي پهچي ٿو. هن مجموعي جي ڪهاڻين ۾ هيٺيان بچائيندڙ سهارا ۽ خاص وٿون، سورمي جون مشڪلون آسان ڪن ٿا: فقير جو سڳو (پهرين ڪهاڻي)، پير مرد جو تعويذ، گرڙ پک جي سواري، ۽ پرين جي وارن جي ڪمان (ٻي ڪهاڻي)، درويش جون ڏنل ٻه دٻليون، جن جي سنگهڻ سان پوڙهو يا جوان ٿيڻ (ٽئين ڪهاڻي)، جوڳيسر جي ڏنل نانگ جي مڻ (چوٿين ڪهاڻي)، جانور، ٻلي ۽ ڪتو، جي وقت سر پيغام پهچائين ٿا (ڇهين ڪهاڻي)، نانگ جي مڻ جنهن سان پاڻي جاءِ ڏئي ٿو (اٺين ڪهاڻي. ٻلي ۽ پونگڙا جن جي مدد سان ڍاري راند کٽجي ٿي (ارڙهين ۽ ويهين ڪهاڻي). منڊي، وينڊو. سبلهي ڏنڊو ۽ اُڏند کٽولي (ٽيٽيهين ڪهاڻي). رومال جنهن مان هيرا جواهر ڪرن ٿا، ٽوپي جنهن جي پائڻ سان ٻيو نه ڏسي، ٻه ميوا جن مان ماڻهو هڪ کائي ته بدلجي ٻڪري ٿئي ۽ ٻيو کائي ته وري اصلوڪي صورت ۾ اچي (ستٽيهين ڪهاڻي). انهن بچائيندڙ سهارن ۽ ڪرشمي جي خاص وٿن کان سواءِ، مرڪزي ڳالهه جي رٿا ۾ سورمي يا سندس ساٿين طرفان ڏنل ذاتي نشانيون پڻ اهميت رکن ٿيون. اهي ذاتي نشانيون اڪثر تير، منڊيون وغيره آهن. جن جو ڪٽجڻ يا رنگ بدلجڻ، سورمي جي مصيبت ۾ مبتلا ٿيڻ جو خاص اُهڃاڻ آهي. مثلاً شهزور بادشاهه ساٿي ڪونج واري پهلوان کي خنجر ڏنو ۽ ٻئي ساٿي هرڻي واري پهلوان کي ڪپ، ۽ چيائين ته جيڪڏهن خنجر يا ڪپ ڪارو ٿئي ته سمجهو ته خير ناهي(80، 72) لال ملوڪ پنهنجي دوستن مان هر هڪ کي گل نشاني طور ڏنو ۽ چيائين ته ”مون تي جڏهن به ڪا آفت آئي ته هي گل ڪومائجي ويندو“ (104)؛ امير حمزي پنهنجي ساٿي ٻڪرار کي تير ڏنو ۽ چيائينس ته ”جڏهن ڏسين ته تير ڪٽجي ويو آهي، تڏهن پڪ ڄاڻجانءِ ته منهنجي سر ڏي خير ڪونهي“(123)؛ ۽ ’چنڊ‘ شهزادي پنهنجي ڀاءُ ’سج‘ شهزادي کي منڊي ڏئي چيو ته ”جنهن وقت هن جي ٽڪ ڪاري ٿئي، تنهن وقت سمجهجانءِ ته مون ڏانهن خير ڪونهي“ (786).

مرڪزي ڳالهه جو مانجهي يا سورمو هڪ خاص حيثيت رکي ٿو. هو انسان آهي، پر همت ۽ طاقت ۾ انسان کان گهڻو وڌيڪ آهي، ايترو جو هو ديوَن کي دَسي ٿو ۽ اڪيلي سر انساني لشڪرن جا مقابلا ڪري ٿو. ڪن ڪهاڻين ۾ ديون وانگر سورمي جو ساهه پڻ ڪن خارجي وٿن ۾ محفوظ آهي،


 


[1]  انهيءَ لحاظ سان، ڪهاڻين جي پهرئين مجموعي ۾ ديون، پرين، جنن ڌائڻين ۽ جادوگرين جي جيڪا تصوير ملي ٿي ان جا ٻه پهلو آهن: هڪڙو انهن ڪردارن بابت قديم وهمن ۽ وسوسن وارو تخيل آهي.  مثلاً ديو ماڻهوءَ کي اڪيلو ڏسي کڻي ويندا آهن. (469)، ديو انسان کي ماري کائي ڇڏيندا آهن (37)، ديو اڏامندا آهن )(40) ديو پنهنجي صورت بدلائي ٻي ڪابه صورت انسان، نانگ، طوطو، وغيره. جي وٺي سگهندا آهن.  (132, 131, 114, 86, 27)، ديون جو ساهه ڪن خاص جاندارن يا وَٿن ۾ هوندو آهي، جئن ته چتونءَ ۾(37)، پراڻي سمٽ ۾ پيل ميڻ ۾ (313)، ڀوُنر ۾ (442) يا دهل ۾ (423)، ۽ ديو ڇهه يا ٻارنهن مهينا جاڳن (89،37) . اهي ديون بابت قديم وهمن ۽ وسوسن واريون يادگيريون آهن. جي انهن ڪهنين ڪهاڻين ۾ آثار قديمہ مثل محفوظ رهجي ويون آهن. لوڪ ڪهاڻيون جلد پهريون (2) جنهن جا حوالا، ڏسو لوڪ ڪهاڻيون جلد اول.

(2-1) جنهن جا اصل حوالا، ڏسو لوڪ ڪهاڻيون جلد اول.

(1)   صفحن جا اصل حوالا، ڏسو لوڪ ڪهاڻيون جلد اول

(1)  صفحن جا اصل حوالا، ڏسو لوڪ ڪهاڻيون جلد اول.

(1)  قرآن ۾ ان جي تصديق موجدو آهي ته حضرت سليمان عليه السلام مان ماڪوڙين ڳالهايو ۽ پاڻ  ”منطق الطير“ به ڄاڻندا هئا ۽ جنن جي موجودگيءَ جو ذڪر پڻ آيل آهي. ع.م.گ

(1)  جا اصل حوالا ڏسو لوڪ ڪهاڻيون جلد اول.

(1) ، (2)، (3) جا اصل حوالا ڌڏسو لوڪ ڪهاڻيون جدل اول.

(4)   هنن ڪهاڻين ۾ چتون جي مختلف ڪمن ۽ ڪارنامن لاءِ ڏسو ص ص 144، 180، 226، 366، 379، 383 ۽ 424

*  اسان پنهنجي انگيرزي مضمون بعنوان ”ڪتاب ڪليلہ و دمنہ جي اصليت“ ۾ بحث ڪيو آهي ته ”ليلہ و دمنہ) جو خاڪو غالبن ايراني خطيءَ ۾ بنيو ۽ بعد ۾ ”پنج تنتر“ مجموعو بند ۾ رائج ٿيو. ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته ”پنج تنتر“ جي تشڪيل موجود، مغربي پاڪستان جي اتر وارين ايراضين ۾ ٿي. تفصيل لاءِ ڏسو:

The Origin of >Kaliah-Wa-Dimnah Sind University Research Joirnal Arts Sereis (Series Humanites & Social Science0 Vol I 1961.

مٿئين انگريزي مضمون جو ترجمو مهراڻ جي ايندڙ اشاعت ۾ شايع ٿي رهيو آهي.

(1)  جا اصل حوالا ڏسو لوڪ ڪهاڻيون جلد اول.

(1)  جا اصل حوالا ڏسو لوڪ ڪهاڻيون جلد اول.

*  ”ماهنڊ“ سهڻين ڳنڍين سان هڪ سهڻو وٽيل سٽ جو سڳو آهي، جو ڌراڙ سينگار جي ڳانيءَ طور مال جي (ڦرن جي) ڳچيءَ ۾ ٻڌن. اصطلاحاً ، ”ماهنڊ“ صفت طور استعمال ٿيندو آهي، يعني ته ”سهڻو“ يا ”سهڻي“ سٽاءَ وارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com