سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (1-2)

 

صفحو :3

گيت

سليم ڳاڙهوي

 

هيءَ ڳلي، هُو چوواٽو

هيءَ ڳلي، هو چو واٽو، خاموش حڪايت جا شاهد:

هي منهنجي محبت جا شاهد!

ڪارا ڪارا مست ڪڪر، هي ساوا ساوا کيت سڄر،

جهنگ جبل، هو بحر ۽ بر، سڪ جا ۽ صداقت جا شاهد:

هي منهنجي محبت جا شاهد!

روشن تارا، شمس و قمر، هو باغ، هو گل، هو شاخ و شجر،

ماڻڪ موتي، لعل گهر، سڀ تنهنجي نزاڪت جا شاهد:

هي منهنجي محبت جا شاهد!

پَنسِي، بين ۽ چنگ چڙا، ڪوئل ۽ ڪونج آلاپ ڪيا،

گيت، غزل ۾ سوز صدا، دک درد جي حالت جا شاهد:

هي منهنجي محبت جا شاهد!

عهد اُمنگ ۽ مُند مِٺي، سنڌوءَ جا ڪنارا، پرت پڪي،

ناکو، ڇوليون، ناءُ، ندي، الفت جي عدالت جا شاهد:

هي منهنجي محبت جا شاهد!

ڪُهنو بڙ ۽ جهونا پَنَ، هي چپ چپ ۾ ڇا ڇا ٿا چون،

هي گهيڙَ هي گهَٽَ، هي پاڪ وطن، ماضيءَ جي حقيقت جا شاهد:

۽ منهنجي محبت جا شاهد!

ـــــ هيءَ ڳلي، هو چوواٽو....

 

قيوم ’طراز‘

 

مون کي تنهنجي آس

پياسي من ۾ پريت جو ساگر، ڪين ٻُجهائي تاس،

مون کي تنهنجي آس.

ڌوپ جلائي تنهنجي دواري، ويهي ڏنا مون واس،

مون کي تنهنجي آس.

پتجهڙ جي رُت آئي، پريتم، دل جي حالت ساڳي،

راهه نهاريان تنهنجي پلپل، رات سموري جاڳي،

چانڊوڪيءَ جي رات لڳي جيئن ڪاري رَين اوماس:

مون کي تنهنجي آس.

آهٽ تي ڪَن تنهنجي رکيو، اکيون درشن پياسي،

برکا لئه جي چونڊي رکيا، ڦول ٿيا سڀ باسي،

اچ کڻي اڄ، تو بِن منهنجا ساجن! نيڻ نراس:

مون کي تنهنجي آس.

جوڳڻ ويٺي سانجھيءَ ٽاڻي دل جا ديپ جلائي،

منَ وِينا کي ڇيڙي، برهن سُر سان ’ايمن‘ ڳائي:

”پريت نه ڪرييو ڪوئي جڳ ۾، هر دم هوءِ اُداس!“

مون کي تنهنجي آس.

 

احمد خان ’اختر‘

مون لئه سور سوايا

 

ڪڪرن ڪيڙو ويس وسڻ جو، نيڻن نير وهايا، وي،

اکين اوتيو آب ايئن، جيئن بادل برسڻ آيا، وي.

 

سانوڻ آيو، سڀ ٿيا سرها، من منهنجي ۾ مونجهارو، وي،

خوش ٿي، خوب ٿا ڳائن ڳوٺي، مون ڳچ ڳاري ڳارو، وي،

ڪُٺل تي ڪاوڙ ڪانڌ ڪري ڪوه، وصل جا ورق ورايا، وي.

 

خوب وهن ٿا نديون نالا، محبت ۾ متوالا، وي،

عرش ۽ فرش رنگين ويسن ۾، ڪيڙا رنگ نرالا، وي،

اندر آسڙڪي، اکيون آليون، مون مِڙ وقت وڃايا، وي.

 

خوب خوشيءَ ۾ خلق ٿي خوش، ۽ منهنجو اندر اُداسي، وي،

وِيَلَ وٿاڻين وريا، وَسَ ٿي، پريتم! آءُ پياسي، وي،

پرتا پکي پر پنهنجا پکيڙي، مون لئه سور سوايا، وي.

 

ڇوري ڇانگي ڇڏيئه جا ڇپر ۾، گهايل گهاري گهڙيون گهنگهر ۾،

ڪاڻيتي ڪُهه ڪيڙءِ، ڪامل! ويڳاڻي ٿي ويئي جا وڳر ۾،

اچ ته چون سڀ، اڱڻ تي ’اختر‘ محبت مينهن وسايا وي.

 

’گل‘ نصرپوري

پهچون هلي هن پار

ساٿ ڇڏي سنسار، پيارا، پل ۾ پهچون پار.

بادل برسي لائي بهاري،

مينهنِ موٽي ڪئي ملهاري،

سنهڙي ٿڌڙي بوند وسي ٿي، لهرن ۾ سا ڪئن لڪي ٿي،

گوڙين کنوڻين کيل ڪيا، ۽

ڪڪرن ڪارونڀار:

پيارا،

پهچون هلي هُن پار.

ڪڪرن مان چنڊ ليئا پائي،

وريو جلدي پاڻ لڪائي،

لهرن ۾ پيو غوطا کائي، پاڻيءَ ۾ پيو پاڻ پَسائي،

راند ڪندي ٿو رات وهائي،

ٻارن جهڙو ٻار:

پيارا،

پهچون هلي هُن پار.

 

واءُ سڻائو، دريا ماٺو،

صاف سهائي، سانت سناٽو،

رات به پنهنجي تات به پنهنجي، برهه به پنهنجو بات به پنهنجي،

ٻيڙيءَ ۾ ٻئي ٻيلهه چڙهي، ۽

ترون توڪل تار:

پيارا،

پهچون هلي هُن پار.

 

تون ۽ مان ٻئي سهڻا سامهون،

ويهي عجيبا اوڏا آمهون،

هوريان هوريان ونجھ به واريون، مٺڙا مٺڙا گيت جهونگاريون،

تند رُبابي ڇيڙيون، ڳايون،

سارنگ سر ملهار:

پيارا،

پهچون هلي هُن پار.

 

ٻئي ڀر آ ماحول حسين پڻ،

نوع نئون ۽ دنيا نئين پڻ،

باغ بهاريون گلشن گل ڦل، پکي پرندا چيها بلبل،

خوف خزان جو ناهي هرگز،

آهه سدائين بهار:

پيارا،

پهچون هلي هُن پار.

 

جتي اسان کي طعنا تنڪا،

مِهڻا مهميزون مور نه ملندا،

اهڙي دنيا هلي وسايون، آجا اڪيلا نينهن نڀايون،

رنگ رنگيلا ’گل‘ ڇني، ۽

وجهون ڳلي ۾ هار:

پيارا،

پهچون هلي هُن پار.

 

 *------------*----------*

 

نظم

مرحوم حاجي محمود ’خادم‘

 

سنڌ کي خطاب

 

منهنجي وطن جو نقشو آ جنت جي باغ جو،

طوطن کان مانُ ان جي زياده آ زاغ جو.

 

آهي انهيءَ جو آب عجب آبِ زندگي،

ان جي اسان گل ٿو ٽڙي دل جي داغ جو.

 

اي سنڌ ديس، تنهنجون سدا سبز ماٿريون،

ڪشمير کان وڌيڪ سنءِ رُتبو راغ جو.

 

سرسون ٿيون ته سرس ۽ ڄانڀا ڦُليل خوب،

مشهور نالو آهه ٿيو تنهنجي باغ جو.

 

جمشيد جو پيالو گهڻو ئي هو دلپسند،

ليڪن دوبالا شان آهه تنهنجي باغ جو.

 

خورشيد کان مزيد ٿيو مرتبو سدا،

اي سنڌ ديس، تنهنجي مٽيءَ جي چراغ جو.

 

عاشق ٿيس مان توتي، تڏهن ٿا چون چريو،

تنهنجو چون ٿا عشق خلل آ دماغ جو.

 

ليڪن يقين ڄاڻ تون، اي مادر وطن،

تنهنجي ٿي سڪ چراغ آ گهر بي چراغ جو.

 

تو تي مان شعر خوب لکان هوند، اي وطن،

موقعو ڪڏهن ملي جي وڃي ڪجهه فراغ جو.

 

منهنجا پيارا ديس، هي ’خادم‘ سدائين آهه،

بلبل غريب بي پر، تنهنجي ته باغ جو.

 

مرحوم مراد علي ’ڪاظم‘

سنيهو

بادِ صبا جلد ڪر، سست نه ٿي چست ڪار،

کولي ٻڌ تون گوش هوش، دل تي سنيهو اُڪار:

جيڪو به توسان ملي، راهه ۾ دشمن ڪ يار،

يا ڪ مقيم الوطن، يا ڪ غريب الدّيار؛

مُفلس زار و نزار، منعم وسرمايه دار،

زاهدِ نيڪو عمل، مستِ گنهه، باده خوار؛

شاهدِ بدمستِ حسن، عاشقِ شيدا و خوار،

ياد تان لاهج نه پڻ، دشت بر و ڪوهسار؛

دشت ۾ هر مور و مار، ڪوهه ۾ هر آبشار،

سبزه هر سبزه زار، لالهء هر لاله زار؛

صحنِ چمن ۾ هزار، غنچه و گل صد هزار؛

منهنجا تون ڏج بيشمار، منهنجا تون ڏج بار بار،

عيد مبارڪ هزار،

عيد مبارڪ هزار.

 

’نياز‘ همايوني

نئون هنگلاج

(مڪليءَ جي منظر کان متاثر ٿي لکيل)

 

مڪلي! منهنجي جيجل مڪلي! تو ۾ مون هنگلاج ڏٺو؛

محل ڏٺو مون تخت بنا، ۽ تاج بنا سرتاج ڏٺو؛

آيل! تنهنجي قسمت ۾ مون ڏونگر چو ڏيپاج ڏٺو.

 

ووڙيندي وندر کي تو ۾، پهتس دور خلائن ۾؛

وقت ورائي ڄڻ ڪي پاسا، ڦوڪيو روح فنائن ۾؛

جُوڻ ڦري نروار ٿي ايئن، ڄڻ سهڙيا ڪنگ تلائن ۾.

 

جُهور، جَڏي تاريخ اچي وئي بادل وانگي هستيءَ ۾؛

منظر آيا جوت ۾ ايئن، ڄڻ  مور اچي ويا مستيءَ ۾؛

فطرت ٿي شاداب ايئن، ڄڻ عيد اچي وئي وستيءَ ۾.

 

اکڇنڀ ۾ پهتس مان سنڌ جي ڄام فيروز جي محفل ۾؛

محفل ڇا هئي، ڄڻ ته هئو ڪو منگل لاتل جهنگل ۾؛

رنگ رتل هئا، موج مٿل هئي، ننڍو وڏو هو هلچل ۾.

 

محل جي اڱڻ ۾ نَرَ ۽ ناريون ايئن ٽليا ٿي نخرن سان؛

مور ٽلن جيئن ڊيلن سان، ۽ چنڊ گهمي جيئن ڪڪرن سان؛

رنگ برنگي ويس ايئن، ڄڻ پوپٽ نڪتا چڪرن سان.

 

چانڊاڻن ۽ مانڊاڻن سان سينگاريل ويرانڊا هئا؛

ڳاڌيءَ ڳاڌيءَ ڳڀرو ويٺل، مڻيادار مهانڊا هئا؛

ايئن ٿي مهڪيا، چهڪيا، ڄڻ ڪي اونداهيءَ ۾ ٽانڊا هئا.

 

ڳڀرو، جن جو روپ ايئن، ڄڻ پگهريل سون ڪوٺاريءَ ۾؛

ڳڀرو، جن جو جسم ايئن، ڄڻ لسڙا پٿر اوساريءَ ۾؛

ڳڀرو، جن جي وهي ايئن، ڄڻ ڪيلي جا وڻ ٻاريءَ ۾.

 

ڳڀرو، جن جي ڳالهه ايئن، ڄڻ گَجَ ۾ ٽاڪيل ڪاوا، هو؛

ڳڀرو، جن جي مُرڪ ايئن، ڄڻ گيان مان جاڳيا ٻاوا، هو؛

ڳڀرو، جن جي ٽورَ ايئن، ڄڻ ڊيل ڪيا ٿي جاوا، هو.

 

ٻانهيون، ٻانها، اوسي پاسي هئا ايئن اُن راوڪ ۾؛

نيلوفر جا گل ڦل هئا ڄڻ ڍنڍ جي ٿڌڙيءَ ساوڪ ۾؛

چيلهه کي موڙا ڏيئي هليا ٿي ايئن، لچڪ جئن چابڪ ۾.

 

ٻانهيون، جن جا ڳل نه هئا، ڄڻ ماکيءَ جا مانارا هئا؛

ٻانهيون، جن جا هٿ نه هئا، ڄڻ اِلهامي سيپارا هئا،

ٻانهيون، جن جا چپ نه هئا، ڄڻ شهتوتن جا لارا هئا.

 

ٻانهيون، جن جي جوڀن جبري جيءَ وڌا ٿي جوکن ۾؛

باغن ۾ انجير جيئن، ڄڻ پست جون ڏوڏيون پوکن ۾؛

ڏسي انهن کي اچرج مان، ٿي اکيون آيون دوکن ۾.

 

ٻانهيون، جن جي هٿ ۾ پيالا ايئن ٿي لڳا جنساريءَ تي؛

نِيل هئا ڄڻ گنبذ تي، ڄڻ سورج مکي ٽاريءَ تي؛

پيالا هئا متوالا ايئن، ڄڻ ننگا نيڻ بهاريءَ تي.

 

دور هليو، ۽ جام ڀريا، ايئن دارونءَ جي سُرهاڻ کُلي؛

شرم وچان ڄڻ ڪنواريءَ نار جي چهري تي لالاڻ کُلي؛

رُخ تي آئي رونق ايئن، ڄڻ ڪڪرن مان چانڊاڻ کُلي.

 

هوريان ڏاڍيان ساز چُريا، ۽ سُري پيا سُرَ موجن ۾؛

سڌا ڪيا ڄڻ ٻيڙين سِڙهه، ڄڻ انڊلٺ آئي اوجن ۾؛

اُڌمن کاڌي اُٿل ايئن، ڄڻ ٽاڪوڙا پيا فوجن ۾.

 

ڀونئر ڀريا ايئن ڀونءِ مٿان، ڄڻ جهار جوئر جي سنگن تي؛

خوشبويون ٿيون خون، متا راتاها رس جي رنگن تي؛

رنگيلن جا رنگ ايئن، ڄڻ ڪانگن ڪيا ڪُڏ ڪنگن تي.

 

رنگ ولايت منجهه رَسي، ڪئي روحن رم جهم کنوڻين سان؛

سونهن سان سهڙيو نينهن ايئن، ڄڻ باهه ڪپهه جي پوڻين سان؛

آخر ٿي ساڪار، ڪري جا پاڻي لوڻ جي ڳوڻين سان.

*------------*------------*

اوچتو گهوڙيسوار اچي ويا، پگهرن هاڻا جسم کڻي؛

”ارغون آيا!“ ”ارغون آيا!“ ڳالهه ڪيائون قسم کڻي؛

”واويلا، او ڄام سگهارا، ڌاريا آيا ستم کڻي!“

 

محفل ٿي وئي ماٺ، اُڏاڻا ڄام جا نشا آڙين جان؛

درٻارين جا ڪنڌ جُهڪي پيا، ڪرندڙ جُهرندڙ ماڙين جان؛

هڪل ڪيائين درٻارين کي، مڇريل شينهن جي راڙين جان.

 

”ڀير تي ڏونڪو هڻو جو جُنبي جنگ ڪنداسين ڌارين سان!

”سائينءَ جو سُنهن، تعدي اهڙي ٿيندي هيل ڏڪارين سان،

”عام چواڻي تعدي، جهڙي ٻُرڙي ڪئي هئي ٻارن سان!“

 

هڪل ٻڌي هشيار ٿيا سڀ درٻاري، گجگوڙ ڪري؛

عهد ڪيائون، ’لڙنداسين اڄ ڌارين سان مهلوڙ ڪري؛

آنت اُنهن سان ايئن ڪبو، جيئن ڌرتيءَ سان ڀونَ ڦوڙ ڪري!.

 

درٻاري، جي رينهن جوان ۽ شيرن جيئن زور آور هئا؛

درٻاري، جي ناريلن جي هاٺيءَ وانگ قداور هئا؛

درٻاري، جي مهت جا مانجهي، جوڌا جُنگ بهادر هئا.

 

درٻارين مان سڀئي هئا، پر هئو نه حاضر درياءَ خان؛

جھامَ ڪيو هو جنهن کي ڏمرجي شهر مسافر، درياءَ خان؛

پنهنجي اڪيلي سر ئي جيڪو پاڻ هو لشڪر، درياءَ خان.

 

ڀير تي ڏونڪو لڳو ته سڀڪنهن هٿ ۾ کڻي هٿيار ڪيا؛

جوڌا جوان ٿيا نروار ۽ ڪرڳل ڪارونڀار ڪيا؛

صفون صفن ڏي ڌوڪي آيون، ڌُوڙين انڌوڪار ڪيا.

 

تلوارون، ٿي اُڀيون هوا ۾، پهتيون خون خرابن ۾؛

رت سان ڌرتي رنڱجي ويئي، تڙڦيا جسم عذابن ۾؛

ڪُڪڙن ۾ ڄڻ پيون تڪبيرون، ڀٽڪيا روح سرابن ۾.

 

سرڻين جان ٿي لامارا ڏئي، هر ڪنهن پنهنجا وار ڪيا؛

ڪن ٿي باز ڳچ کان لاٿا، ڪن ٿي ڌڙون سر ڌار ڪيا؛

موت جي ڪونتل ڪُڏي ڪُڏي ٿي ڇاتين تي هڻڪار ڪيا.

 

تيرن جي وسڪار ايئن، ڦڙڦوٽ پئي ڄڻ ماٺين ۾؛

خنجر ڀالا بيدرديءَ سان ايئن وڙها ٿي هاٺين ۾؛

ڇُريون پيون ڄڻ ڇيلن ۾، ڄڻ ڪرٽ ڪُهاڙا ڪاٺين ۾.

 

دانهون دهشتناڪ ايئن، ڄڻ زخمي شينهن شڪاريءَ سان؛

هڪلون هيبتناڪ ايئن، ڄڻ مرُن ڏنو منهن ماريءَ سان؛

هڻ کِڻ واري هوڏ ايئن، ڄڻ وَٺ وَٺ ٿي رن ڪاريءَ سان.

 

جنگ ايئن رڻ ٻاريو، ڄڻڪي باهه لڳي وئي جهنگل ۾؛

وڙهندي جهڙندي مري کپي ويا ڪونڌر ڪيئي ڪرڳل ۾؛

هڪڙن جي آسان ٿي مشڪل، ۽ ٻيا آيا مشڪل ۾.

 

ارغونن جو زور وڌي ويو، ڄام جو بازو ٽٽي پيو،؛

ڌارين ڌاڪ ڄمائي، هن جو هر هڪ حيلو کُٽي پيو؛

ڄامَ ڪلر جان ڪانه ڪئي هئي، نيٺ سو ڀانڊو ڦُٽي پيو.

 

کڙڪ پئي جو ڄام فيروز کي، اُٿلي چيائين، گهوڙا ڙي!“

گوڏن تي هٿ هڻندي هڻندي، روڄ وڌائين، گهوڙا ڙي!“

”ملڪ ته ويندو، جان به ويندي، رس او سائين، ”گهوڙا ڙي!“

 

جڏهن ڏٺائين واهه نه ڪائي، دانهيائين، ”او درياءَ خان!

”ڏمر ڪري جو ڌار ڪيو هو پاڻ کان مون، سو درياءَ خان!

”سنڌ جو سورهيه، سنڌ  جو وارث، سنڌ جو بابو، درياءَ خان!

 

”ڪوٺيو اُن کي، چئوس، ’توکي سنڌ سڳوري سڏي پئي؛

وارو ڪر ڪو هاڻي، ورنه لَڄَ اسان جي لَڏي پئي؛

ههڙي جئڻ کان موت ڀلو آ، سُرت اسان کي ڇڏي پئي‘!.

 

درياءَ خان اچي ويو، ليڪن درياءَ خان وياڪل هو؛

هن ايندي ئي ادب سان آکيو، ”مون کي اڳي ئي ڪُکيل هو!“

ڄام چيو، ”ڇا، درياءَ خان، هي به ڪرم جو لکيل هو!“

 

درياءَ خان وراڻيو، ”سائين، ڪرم ٻرم جي ڳالهه نه آهه؛

”ملڪ کَسايئه پنهنجن ئي پرڪان کان، ٻي ڳالهه نه آهه!“

ڄام چيو، ”او سورهيه، کسجڻ جي ته اڃا ٿي ڳالهه نه آهه.

 

”تنهنجي همت گهرجي هاڻي، هاڻي تنهنجو داءُ کپي؛

”موت اسان جي ماڳ تي ڪڙڪيو، مئلن کي ڪو ساءُ کپي؛

يعني، اي سورهيه درياءَ خان، تنهنجو تڪڙو تاءُ کپي!.

 

درياءَ خان

”ڄام فيروز، ڇپر ڌڻي، مون اڳ ئي توکي چتايو هو؛

”تنهنجي آنڌ اڙانگوڙن کان عام جڏهن تنگ آيو هو،

”تنهنجي شامت اچڻي آهي، سڀ جو سوئي رايو هو.“

 

”تو نه سنڀاريو پاڻ کي، سائين، رکيئه خصومت سنڌڙيءَ سان،

”ايئن، جيئن ڪو جاڙ ڪري، ٿي ظالم پنهنجي جندڙيءَ سان؛

”مست رهين ٿون گينوارپ ۾، اوٿر وچڙيو مڪڙيءَ مان.“

 

”ڳهڻا پائي بغاوت جا، ايئن سازش پاڻ سنواريو، پئي؛

”ڄڻ ته طوائف ٺهي ٺڪي ڪنهن ايندڙ ڏانهن نهاريو پئي،

”انت اُهائي ويل اچي وئي، ڳڻتيءَ جنهن جي ڳاريو پئي!.

”تنهنجي ٻيڙي تن ئي ٻوڙي، جن کي تو پڳدار ڪيو؛

”هئي نه جن ۾ ٿوم به ڪائي، تن کي تو مهندار ڪيو؛

”تڏهن ته ڌارين ڌوڙيا لائِ ملڪ جو ٻوٽو گار ڪيو!“

 

درياءَ خان ٿي گُڙيو ايئنَ، ڄڻ کوهه جو پاڻي نيسر کان؛

ايئن ٿي ڇوهه ڇنڊيائين، ڄڻ تي ڪاڙهو نڪتو اوڀر کان؛

ڄام ايئن ٿي ڳچَ ڳاڙيا، ڄڻ لُڙڪ وڙها ٿي مانگر کان.

 

ڄام چيو: ”ها، دريا خان، تو اڳ هو رخ ڏيکاري ڇڏيو.“

”مون نه مڃي پر ڳالهه ڪا تنهنجي، تنهنجو سبق ويساري ڇڏيو،

”هاڻ ڀلا ڇا ٿي سگهندو؟ ڪجهه فيصل ڪو، غم ڳاري ڇڏيو!“

 

درياءَ خان

”ڄام فيروز، مان تنهنجو خادم، سنڌ جو خدمتگار آهيان؛

”جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو، آءُ هينئر لاچار آهيان؛

”وقت جون ڳالهيون آهن، هاڻي سمجهه ته مان بيڪار آهيان.

 

”ڄام اُٿيو ۽ درياءَ خان کي آندئين پنهنجي ڀاڪر ۾؛

”کاڏيءَ تي هٿ رکندي، ان کي آکيائين هيئن آدر ۾.

””ميٽ مدايون، دريلَ! ايئن جئن ميٽجي ٿي مَرُ ساگر ۾!“

 

”درياءَ خان کي آئي ڇٻي، ۽ جوان جهٻين ۾ جهري ويو؛

”آه ڪڍيائين اندر مان، چئي ”ڄام، سو دريل مري ويو“

”جنهن جي دهشتناڪ هڪل سان ڏونگر ڀي ٿي ڏري ويو.

 

”هاءِ هي منهنجي سنڌ، هي منهنجي جند تو مون کان جدا ڪئي!

سارو پڙ ويو پالهو ٿي، تو پيدا اهڙي هچا ڪئي؛

هاڻ ته ان جو بِلو نه ٿيندو، تو يا مون جا خطا ڪئي“.

 

ڄام فيروز

”درياءَ خان، چوين ٿو ڇا، ڪجهه سوچ، اسان جو مرم ته رک؛

”وطن اهو جو ماءُ برابر، ان جو ڪوئي شرم ته رک؛

”ٻيو جي ڪين ته ڀي تون پنهنجي سورهيائيءَ جو ڀرم ته رک!.“

 

درياءَ خان کي جوش اچي ويو، جلدي جوانَ تياري ڪئي؛

ڀالو هڪڙي هٿ ۾ ۽ ٻئي هٿ ۾ خان ڪٽاري ڪئي،

سندرو ٺاهي، سيني ساهي، گهوڙي تي هسواري ڪئي.

 

ڌوڪي ويو ميدان طرف، ڄڻ شينهن لنگهي ويو ٻيلي ۾؛

ڌارين ۾ ڦڙڦوٽ پئي، ڄڻ مينهن وسي پيو ميلي ۾؛

ڀاڱن ۾ پيا بدن انهن جا، پئجي ويو رت ريلي ۾.

 

دريا خان جو انت اچي ويو، ڀاڳ ڀڄي بيزار ٿيو؛

موت منافق جهڙ جي ڌُپ جيان نڪري ۽ نروار ٿيو؛

هي ته وطن جو عاشق هو، پر وقت نه هن جو يار ٿيو.

 

درياءَ خان، دلاور، دلبر، هليو ويو ايئن هاريءَ مان؛

ٽٽي پيو ڄڻ اُڀ مان تارو، ڇڻي پيو گل ٽاريءَ مان؛

رَمي وئي ڄڻ راند مان رونق، مزو ويو چو ياريءَ مان.

 

درياءَ خان پُڄاڻي ڪئي، ۽ ڄام ويو ايئن گوئن ٿي،

پکي ويو ڄڻ آکيري مان، آکيرو ويو ڪک پن ٿي،

ڀت لڳا ڄڻ ٻيرين کي، وئي ٽائري ٽاري پن پن ٿي.

*---------*-------*

آلا، او سنڌڙي! تنهنجا سورهيه ويڳاڻا ٿي منجهي پيا؛

سَڌڙين تنهنجو ساٿ لُٽايو، هاڙهين جا هڏ ٽٽي پيا؛
چنڊ جيان تو گهاوَ پرايا، تارن جا ڇهه ڇڄي پيا.

 

درياءَ خان ته ڪيئي تنهنجا سودائي ٿي دنگ ٿيا؛

پر ٿي جن کان تنهنجي تباهي، سي فيروز جا رنگ ٿيا؛

جن کي پُٽن جيان پاليو تو، سي ڦري نسوارا ننگ ٿيا.

 

اُتر توکي اهنج ڏنا، ۽ ڏکڻ توکي ڏکويو، هوءِ!

اولهه تنهنجا انگ لتاڙيا، اوڀر توکي لويو، هوءِ!

لهندي چڙهندي سجَّ، ڏجها ڏئي، توکي رُڃ ۾ روليو، هوءِ!

 

گهڙيءَ سندي گهڙيال ٿي جاٿي گلزاريون ڪيون لک، الا،

هيج ڪري هُل، سڀ کي وڌا ٿي ٻارن وانگي، ٻک، الا،

کن پل ۾ اُت آيا ڏسڻ ۾ ڪاريءَ وارا ڪک، الا!

 

آڊڪن جا ٿا هانو ۾ ڪيئي گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ ٻاڻ لڳن!

آيل تنهنجي سورن جا ٿا، هاءِ، ايئن اهڃاڻ لڳن؛

ننڊ مان ڇرڪي ٻار جيئن ٿا ماءُ جي ڇاتيءَ ساڻ لڳن!

ــــــــ مڪلي!..... منهنجي جيجل مڪلي!.....

 

اياز قادري

سنڌڙي منهنجو وطن

 

جنهن جو ذرو ذرو آهي ماهتاب، آ پشيمان جنهن جي اڳيان آفتاب،

جنهن اڳيان آ سونهن زهره جي خراب، جنهن اڳيان پيلو آ بجليءَ جو ڀي تاب،

سنڌڙي آهي اهو منهنجو وطن.

آ جتان جو آب بس آبِ حيات، آ سمايل جنهن ۾ ڄڻ شهد و نبات،

جنهن ڪيو آ زمزم و ڪوثر کي مات، هندو جنهن کي پوڄي ٿو پيو ڏينهن رات،

سنڌڙي آهي اهو منهنجو وطن.

آ صبا جنهن جي سدائين مشڪبار، عطر ريز و عطربيز و عطردار،

جنهن کان خوشبو ٿو پني مشڪ تِتَار، جنهن جا گل طالب رهن ٿا ڌار ڌار،

سنڌڙي آهي اهو منهنجو وطن.

گل کان بهتر جنهن جو هر هڪ آهه خار، سنبل و سوسن ٿئي جنهن تان نثار،

عشق جنهن جي ۾ آ نرگس اشڪبار، پيچ پيچان کائي بيٺي پئي ڌار،

سنڌڙي آهي اهو منهنجو وطن.

سج جا ڪرڻا اڳ ۾ جنهن کي ٿا چمن، ٿا ستارا جنهن وٽان روشن ٿين،

ابر ڳوڙهن ساڻ ٿا جنهن کي ڌوئن، باب ٿا اسلام جو جنهن کي چون،

سنڌڙي آهي اهو منهنجو وطن.

ٿا پکي جِتڙي رهن پيا نغمه خوان، نغمهء شادي سان کولن ٿا دهان،

دل جو جذبو ٿو ٿئي جنهن سان جواب، جنهن جا آهن بلبل و گل مدح خوان،

سنڌڙي آهي اهو منهنجو وطن.

مشڪ جنهن جي خاڪ ۾ آهي گٺل، آهه جنهن ۾ عود ۽ عنبر پيل،

جنهن جو هر ذرو آ مستيءَ ۾ سُتل، آ حسين ڄڻ رنگ هوليءَ ۾ رَتل،

سنڌڙي آهي اهو منهنجو وطن.

ٿو اچي مستيءَ ۾ نچندو جت سحاب، آهه پيتل ڄڻ ته شيرازي شراب،

ٿو وسائي پنهنجا گوهر بيحساب، ڄڻ لُٽائي ٿو خزانو ڪو جناب،

سنڌڙي آهي اهو منهنجو وطن.

جنهن جو دسترخوان آ بيحد دراز، آدمي آهن جتي مهمان نواز،

جت سدائين آهه نوڙت ۽ نياز، آهه ڪو ’محمود‘ ۽ آ ڪو ’اياز‘،

سنڌڙي آهي اهو منهنجو وطن.

 

احمد خان ’آصف‘

حب وطن

جنت مثال جڳ ۾، پنهنجو وطن ٿو سمجهان،

غلمان و حُر وانگر، هر مرد و زن ٿو سمجهان.

 

واريءَ جو ذروُ ذرو، نُقري کان گهٽ نه آهي،

مَٽ خاڪ جي نه هرگز، مشڪ ختن ٿو سمجهان.

 

منهنجي وطن جي هر شيءِ قيمت وڏي رکي ٿي،

مڻڪا ۽ ڪوڏيون پڻ در عدن ٿو سمجهان.

 

مٺڙي وطن جا واهڻ، تن جون ڳليون ۽ گهٽيون،

باغ اِرم مثال ۽ رشڪِ چمن ٿو سمجهان.

 

ٻڍڙا ۽ ٻار پنهنجي قوت ۾ ڪم نه آهن،

ڪو آهه شيرافگن، ڪو ٽارزن ٿو سمجهان.

 

سڀ مرد ٿيا مجاهد، سرويچ عورتون پڻ،

هو آهه مثلِ رُستم، هي پيل تن ٿو سمجهان.

 

باهڻ، نمون، ٻٻر ۽ ڪنڊيون، ڪنوار ٻوٽي،

تن کي مثال سَرو ۽ برگِ سمن ٿو سمجهان.

 

ملت ۽ قوم تان جي قربان ٿيان ته بهتر،

پنهنجي وطن جو صدقو، تن من ۽ ڌن ٿو سمجهان.

 

آهيان سچو مسلمان، منهنجو خدا نگهبان،

مون کي ڀلا ڪندو ڇا چرخِ ڪُهن ٿو سمجهان.

 

ويساهه آهه، ’آصف‘ هر قولِ مصطفيٰ تي،

ايمان جو خاص شعبو حبِ وطن ٿو سمجهان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com