سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (1-2)

 

صفحو :4

امداد حسيني

واپسي

 

مون نڀاڳي جي اها حالت زار آهه، اي دوست،

جيئن مسافر ڪو ٿڪي، واٽ تي ويهي ڪجهه دير،

دم پٽي، منزل مقصد جا ڏسي خواب حسين_

راهه ويران جي صعوبت کي وسارڻ خاطر،

دل مايوس جي جذبن کي جيارڻ خاطر.

ها، انهيءَ منزل مقصد جا حسين  خواب اي دوست،

جت سندس ڳوٺ هجي، ماءُ هجي، پيءُ هجي،

ساڳيا دوست هجن، ساڳيو ماحول هجي،

جت سندس ’ناز‘ هجي، پيار جا افسانا هجن.

ها، اُها ماءُ جا هن لاءِ وساڻل اکيون،

بس، انهيءَ آس تي ٻاريندي رهي صبح و شام،

ته سندس نورِ نظر جنگ تان موٽي ايندو،

۽ اچي هن جي ٻڍاپي کي جواني ڏيندو،

۽ اهو پيءُ جو هر درد وساري دل تان،

پنهنجي ڪمزوري کي بلڪل نظرانداز ڪري،

آسرو لٺ جو ڇڏي، جوش ۾ ڏڪندو ڏڪندو،

هن جي ڇاتيءَ سان لڳي، ڪجهه به نه ڪُڇندي، هن جي،

زخميل چهري کي چمندو ۽ پٺي ٺپريندو؛

۽ اُهي دوست، جي ڄاتل ۽ سڃاتل هوندا،

سانولا سانولا، مغرور، بهادر، سرڪش،

هن جو دهلن ۽ ڌمانن سان ڪندا استقبال،

’هو جمالو‘ چئي ۽ مست ٿي هڻندا جهمريون؛

۽ اُها ’ناز‘ جا سرتاپا آهي ناز ئي ناز،

جنهن تي قدرت کي به ناز آهه ۽ هر دل کي به ناز،

جنهن جو چهرو سحرِ فصلِ بهاران کان حسين،

جنهن جا گيسُوي معطر شبِ هجران کان دراز،

شوخ، شرميلي، آلڙ، روپ وتي، البيلي،

مرمرين جسم، وڏيون مست اکيون، سينو گداز،

ڪيف و مستي جو طرب، رنگ ۽ خوشبو جو چمن،

جنهن جو شاداب بدن حسن و محبت جو وطن،

جنهن جي ٻانهن ۾ اچڻ لاءِ ٿي قدرت تڙپي،

جنهن جي قدمن کي چمڻ لاءِ فرشتا ٿا سڪن،

جيڪا ڳالهائي ته قدرت به ٿئي همه تن گوش،

جنهن جي هڪ مرڪ جي لئه روئي ٿو عالم سارو،

ها، اُها ’ناز‘، جا سرتاپا تبسم آهي،

پنهنجي لڙڪن کي لڪائڻ ۾ ٿي هوندي ناڪام،

ها، اُها ’ناز‘، جا سرتاپا ترنم آهي،

هن جي اوسيئڙي ۾ ٿي هوندي سراپا سڏڪو،

هن جي آمد جو ٻڌي گيت حسين ڳائيندي،

۽ سندس ڪنواريون تمنائون وري ڪَرَ موڙي،

ڪنهن نئينءَ ڪنوار جيان پاڻ کي سينگتارينديون،

رات ايندي ته اڪيلي ئي اڪيلي، بيخوف،

سورهن سينگار ڪري، هن سان ملڻ ايندي جڏهن،

هن جي اکين تي، لڪي، پنهنجي وڃي هٿ رکندو،

يا لڪي ’هائُو‘، ڪندس، يا لڪي ڀاڪر وجهندس،

ته سندس منهن تي اچي ويندو سجھي جسم جو خون،

پوءِ، دهلن جو ۽ شرنائيءَ جو هلڪو آواز،

ماٺ کي چيري، ڪنن ۾ اچي رس پائيندو،

هر طرف ڳيچ سُهاڳن جا ٻڌڻ ۾ ايندا،

نغمه و رقص جو هڪ عالم دلڪش هوندو،

هر طرف ميندي جي خوشبو جون بهارون هونديون،

پوءِ جڏهن منزلِ مقصود تي، شادان شادان،

مرڪندي، ڳائيندي، کلندي، اچي پهچي ته ڏسي،

_ نه اُهو ڳوٺ، نه سا ’ماءُ‘، نه سو ’پيءُ‘، نه ’دوست‘،

نه اُها ’ناز‘، نه الفت جا اُهي افسانا،

نه ڪو دهلن نه ڪو ڳيچن جو سريلو آواز!

هر طرف موت جي ڏائڻ جو هجي اوج تي رقص،

هر طرف سهري جي لڙين جعو هجي رت هاريل،

هر طرف زيست جي بدلي ۾ هجي موت ئي موت،

دشت ئي دشت، ۽ تاحدِ نظر دونهن ۽ باهه،

ميندي جي رنگ جي بدلي ۾ رڳو خون ئي خون،

پاڪ ۽ سُرهي هوا ۾ رُڳي بارود جي بوءِ،

هر طرف لاش ۽ لاشن تي ڪتا، ڪانگ، ڳجهون!

_ پوءِ، هر لاش اکيون ڦاڙيندو، ڏسندو ڏسندو،

رائيفل ساهه سان گهليندو ۽ تڙندو تڙندو،

پوري قوت سان اُتي پهچي، جتي پاڻ ۽ ’ناز‘

رات اکين ئي اکين منجهه وِهائيندا هئا،

... ۽ اتي پهچي، ڏسي رت ۾ ٻڏل ’ناز‘ جو لاش!

پوءِ هو ڪجهه به نه سوچي ۽ ڏسي ڪجهه نه سگهي،

... اوچتو، دشت جي خاموشي جو سينو چيري،

هڪ ٿري _ناٽ_ ٿري گوليءَ جو سڏڪو اُڀري،

ـــــــ مون نڀاڳي جي اها حالت زار آهه، اي دوست!

 

 

عبدالقيوم ’صائب‘

ايندي باغن منجهه بهار

مکڙي کڙندي، گل ٽڙندو،

ايندي باغن منجهه بهار!

نيرو نيرو برسيو گگن،

ڦوڪيا آهن گنگ و جمن،

ڌيمي ڌيمي آهه پَوَن،

اُڀري جواني بوند بهار.

 

سنهڙي سنهڙي پاڻيءَ ڇاٽَ،

سِپڙين ڪيڙا اُچا ڳاٽ،

قطرن ورتي موتين واٽ،

وڌندا آيا هنج هزار.

 

لهرن ۾ آواز هئا،

پاڻيءَ ۾ پئي ساز وڳا،

نازڪ هٿڙن ناز ڪيا،

مينديءَ رتڙا لعل نگار.

 

ڪوئل ڪوڪي، ساز وڄي،

پيار تان پردو ڄاڻ کڄي،

پاڻمرادو عشق هجي،

اکڙيون رئنديون زاروزار.

 

ديوانن جي بستيءَ ۾،

پاڳل، پيالا مستيءَ ۾،

آهه بلندي پستيءَ ۾،

نائي سندر نيڻ نهار.

 

ايڏو آيو، ٿوري ڄاڻ،

ڪير ڪڍي ٿو ڪنهن جي ڪاڻ،

پنهنجي هستي پاڻ سڃاڻ،

مستن تي ڪا ناهه ميار.

 

صبح بهاران، رنگِ شباب،

لائو غنچن آهه نقاب،

دور ڪيائون هاڻ حجاب،

نڪتا هر هڪ دل جا بخار.

 

هڪٻئي کي لاچار ڏسي،

مالهيءَ کان بيزار ڏسي،

اهلِ چمن بيذار ڏسي،

ٿيا بند ڀڃڻ جي لاءِ تيار.

 

تنهن تي هڪڙي راءِ ڏني،

سڀني جيءَ ۾ جاءِ ڏني،

سر جي بازي لاءِ ڏني،

ٽٽندو نرگس جو به خمار.

 

موتئي مُکڙي پاڻ چيو،

خيري، لا لا، ساڻ چيو،

هر هڪ گل جي داڻ چيو،

نيٺ ته ٿيندي گرم بزار!

 

دونهون دکائڻ منهنجو ڪم،

رستو ٻڌائڻ منهنجو ڪم،

پير وڌائڻ منهنجو ڪم،

سڀني کي هيءَ آهه پچار.

 

مکڙي کڙندي، گل ٽڙندو،

ايندي باغن منجهه بهار!

  

محمد خان ’غين‘

محبوباڻي مجلس

 

ڪئي محبوب اڄ مجلس، تماشا واه جا هوندا!

اُتي ڏاڍا مزا هوندا، اُتي ڏاڍا مزا هوندا!

ڪئي نئين سر چمندي چمن جي باغبان هوندي،

جي ڏسبو سبزه زارن کي ته سي جنت نما هوندا.

ڌري دل تي جي لالا داغ آيو درد فرق جو،

ته نخوت کان اُتي نرگس جا چشمِ نيموا هوندا.

ڪَليءَ کي گل ٿيڻ جو شوق ۽ بيتابيون، توبهه،

ڀري ڪجهه ڀونئر آيا اُت، ڪندا سر کي فدا هوندا.

گل و بلبل جي هوندي گفتگو ٿيندي ڪنهن گوشي ۾،

طيورِ خوشنوا هوندا، چمن ۾ چهچٽا هوندا.

گلن جي سڀ لطافت خار ۾ محسوس ٿي تن کي،

نظر ۾ جن جي رعنائي ۽ جي فڪرِ رسا هوندا.

پيارن جي پسيني جي مڙيئي مهڪ موتئي ۾،

اڳيان رخسار رانجهن جي گلابي گل جهڪا هوندا.

ملائي مشڪ عنبر آب ۾ ڇڻڪار ٿي هوندي،

هزارين فرش مخمل جا وڇائجي ويا هوندا.

اچڻ تن جي کان اڳ ۾ نِمون بيٺيون نيازن ۾،

سر و شمشاد سهڻن جي سلاميءَ لئه سڌا هوندا.

ڪڍيو جن ڪين هو ڪڏهين به ٻاهر پير پردي کان،

اُهي اڄ عام جي آڏو ٿيا جلوه نما هوندا.

اڳي هڪڙو دفعو آيا، اچي انجام جن ورتا،

وري آيا ته اڄ آهن، ڪرڻ پوئوار ڪا هوندا.

نه مٽ جنهن ساڻ عنبر، مشڪ يا عطرِ گلاب آهي،

اُتي خوشبو اُها هوندي، جتان آيا ويا هوندا.

حياتِ جاودان جو مسئلو حل ٿي ويو هوندو،

هوا ۾ زلف مشڪين يار بي لهرائيا هوندا.

حسينانِ جهان جون ٽولين تي ٽوليون آيون،

جمالِ نور جا جلوا به ڏسبا جابجا هوندا.

رُباب و چنگ، مطرب، ساقي و ساغر، صراحي، سڀ،

سرود و ساز جي محفل ۾ ڪي نغمه سرا هوندا.

نوان انداز هوندا اڄ اُنهن جي دلفريبيءَ جا،

پڇڻ، پاٻوهه، پرڀائڻ ۾ دلبر دادلا هوندا.

اُهي جي بي سرو سامان زادِ راه ۾ مشڪل،

اشارو هڪ اُتان آيو ته منزل تي رسيا هوندا.

رکي رُخسار تي رُخسار، هونديون راز جون ڳالهيون،

ڪندا يا درد فرقت جي بيان ڪا ماجرا هوندا.

کُليا هوندا هينئر دفتر سوين شڪوه و شڪايت جا،

ڪنهن کي دڙ دلاسي جي ڏيڻ ويٺا دوا هوندا.

فراقن جا ڦٽيل جيڪي ڪري ڪيهون اُتي آيا،

محبت جي ملم سان چاڪَ تن جا چيٺبا هوندا.

نڪو خوابِ گران هوندو، نه هونديون منتظر اکيون،

نگاهن ئي نگاهن ۾ سي پڇندا مدُعا هوندا.

وڇايل لطف جون سيجون، انهن تي وصل جا موتي،

جي هاريا حسن هوندا، عشق سي اُت ميڙيا هوندا.

وفورِ شوق جون بيتابيون هونديون ڏسڻ جهڙيون،

ڪنهن جا جوش، ڪنهن جا ولولا ٽڪرائبا هوندا.

ڀلي سا شمع پئي ڳوڙها ندامت جا سدا ڳاڙي،

سڙي هوءَ پر نه پروانن سندا پر جت پڪا هوندا.

پلوَ ڪي پائيندا هوندا ته ڪنهن پر من پرين پرچن،

ڪندا ڪي باادب آزي، عرض ۽ التجا هوندا.

ڪري هو قرب جي پنهنجو، وڃي نڪري وچان ويڇو،

سڪياسون سال صحبت کي، اُتي اڄ آسرا هوندا.

گهڻا ڏينهن ٿيا انهيءَ ميدان ۾ هو ڪونه ڪو آيو،

مگر اڄ عاشقن جا اُت اچي ميڙا متا هوندا.

پري وارا پڪاريندا ته هڪڙو ٿئي نظر هيڏانهن،

اُنهن دامن جهلي هوندي، جي ويٺل ويجهڙا هوندا.

ڪُسڻ لئه ڪيترائي سي ڪندا پيا ڪير تون ڪارون،

آڏيءَ کي ري اشاري جي اچي ٿيا اوڏڙا هوندا.

بلي! اڄ، عشقَ، تنهنجو مرتبو پهتو ڪٿي هوندو،

نيون عشوه گريون هونديون، نوان ناز و ادا هوندا.

برابر نعمتِ دنيا اُنهن جو راضپو آهي،

عنايت عين ٿي جن تي اُهي سوريءَ چڙهيا هوندا.

وٺو هن کي، جهليو هن کي، ڪُهو هن کي، متان ڇڏيو،

ٻيا احڪام دلبر جا خبر ناهي ته ڇا هوندا.

اُتي اڄ ڪو ڏسي، ننگيون نچن ڪيئن تيز تلوارون،

هزارين تڙپندا هوندا، سوين لاشا پيا هوندا.

نظارو هوندو اُت، وه واهه، هڪ رنگين بارش جو،

منجهان مخمور اکين جي پيالا اوتبا هوندا.

ڪبابن لئه ڪٽيندا ڪيترائي ماس پنهنجي کي،

سوين سڙيل دليون هونديون، جگر جيرا جدا هوندا.

سُبحَانَ الله، ڇا سر سان ڪندا اُت التجائون ڪي،

ڳلن تي ڪن جي ڳوڙها، ڪي ڪندا آه و بَڪا هوندا.

مصور جو جتي موي قلم حيرت زده هوندو،

در و ديوار مقتل تي اُهي نقشا چٽا هوندا.

ڪنهين کي پنهنجي دامن ۾ پناهي پاڻ وٽ ويٺا،

ڪنهين کي ورتي دربانن ڏنا ڏاڍا ڌڪا هوندا.

ڪروڙين سنگِ در سان پنهنجي سر کي اَڄُ سٽيندا پيا،

پٽيندا منهن پيا پنهنجو اُهي بي انتها هوندا.

اُهي مقبول اڄ هوندا، جهليو سر کي نمائي جن،

جبين عاشقان ۽ مهوشن جا نقش پا هوندا.

پئي پرين جي پيرن جي نظر ۾ نور جو باعث،

اُهي اسرار سڀ ڏسبا، اڃا جي اخفيا هوندا.

جفا تي مسڪرائڻ ۽ وفا تي سر جهڪائڻ جا،

انهيءَ ميدان ۾ قانون ٻيا اهڙا روا هوندا.

اگهامي ويو اُتي هوندو، ڪنهين جو ڪچ بنا ڪيرت،

پسند آيا نه پيارن کي ته ماڻڪ موٽيا هوندا.

انهن سان ڇا ٿيو، ڪيڏانهن ويا، تن جو پتو ناهي،

بزعم خود، زماني ۾ رهيا جي پارسا هوندا.

گنهگارن سندو احوال سڀ معلوم ٿيو مون کي،

اُنهن تي ٿي عطا هوندي، اُهي بخشيا ويا هوندا،

”غني“ آيو اڃا ناهي، الاجي دير ڇو لاتئين،

پيارا سي پرين منهنجي ڪندا پلپل پڇا هوندا.

اُنهن کي چئو، اچن ٿا گڏ ’گرامي‘، ’طالب المولا‘،

۽ ’احسن هاشمي‘، ’مهجور‘، ’سرشار‘ ۽ ’ضيا‘ هوندا.

’خليل‘ ۽ ’خالدي‘ ۽ ’خواب‘، ’خادم‘ پڻ تيار آهن،

’سيد منظور‘، ’آصف‘، ’جوش‘، ’اختر‘ همنوا هوندا.

اجهو ٿا پاڻ سان آڻيو وٺي ’شمشير‘ و ’سائل‘ کي،

شناسا راهه جي هوندا، اُهي ئي، گڏ پيا هوندا.

 

*-----------*--------------*

 

شبير ’هاتف‘

وڇوڙي جو ورق

 

فضائون اڄ وري آهن خماريون،

نئين انداز سان آيون بهاريون،

پيارڻ ۽ پيئڻ جا ڏينهن آيا،

هلي آءُ پاڻ هڪٻئي کي پياريون.

وري رنگين آهي بزمِ گلشن،

وري گردش ۾ آيو ساغرِ گل،

وري جهومڻ لڳيون مستيءَ ۾ شاخون،

وري ڇيڙيا سُريلا گيت بلبل.

وري گردش ۾ آيو ابرِ رحمت،

وري هردشت ٿيو رشڪِ گلستان،

وري ويرانين جو موت آيو،

وري ٿيا غيرتِ جنت بيابان.

وري ڪئي مشڪ بيزي زلفِ سنبل،

وري نرگس کي بينائي ملي وئي،

وري مُرڪڻ سکيو ريحان وسوسن،

وري ڪَلين کي رعنائي ملي وئي.

اجھو بادِ صبا پيغام آندو،

وري مُرڪي ملڻ جا ڏينهن آيا،

اجهو قمرين وري ڇيڙيا ترانا،

وڇوڙي جي وڃڻ جا ڏينهن آيا.

چمن وارن ته سيني سان لڳايون،

گلن جي ويس ۾ ڳاڙهيون ڪنواريون،

رڳو مان نامراد آهان اڪيلو،

اوهان واڳون ورڻ واريون نه واريون.

گهڻئي بزمِ چمن رنگين آهي،

سڄڻ، تو کانسواءِ بي رنگ بي ڪيف،

زمانو وصل جا پيو گيت ڳائي،

مگر حيف آهه منهنجي بخت کي، حيف!

اتي زنده رهڻ جو لطف ڪهڙ،

جتي تنهنجو رُخِ خندان نه آهي،

بهارن جو تبسم ڪهڙي ڪم جو،

بهارن ۾ به دل شادان نه آهي!

هلي آ، گهوٽ، هي گوندر جون گهڙيون،

عروسِ دل الائي ڪيئن گذاريون،

وڇوڙي جو ورائي ورق، جاني،

پيارا، اچ، پراڻا قول پاريون.

نظر جي مَي هجي ۽ دل جو ساغر،

پو، سهڻا سائين، ٻي دنيا وساريون،

وري اڄ قرب جون ڪي چار گهڙيون،

زماني کان ٿي بيگانا گذاريون.

 

 

”پروانه“ ڀٽي

 

سياسي ليڊر جي نالي

 

هي منهنجي خدا جو ڪرم ٿيو، ٽي چار ڪليون رهجي به ويون،

نه ته تنهنجي هٿن هن گلشن کي تاراج ڪرڻ لاءِ ڇا نه ڪيو.

 

شرماءِ نه، تون خود کولي ٻڌاءِ، ورنه هيءَ حقيقت ڄاڻو ٿا،

تو پنهنجي دور ۾ پٿر کي پُکراج ڪرڻ لاءِ ڇا نه ڪيو.

 

هيءَ تنهنجي سياست هئي هر ملڪ اڳيان هٿ ٽنگڻو پيو،

تو قوم جي ٻچي ٻچي کي محتاج ڪرڻ لئه ڇا نه ڪيو.

 

بي روح سندءِ تقريرون ٻڌي پر ’زنده آباد‘ جا نعرا چئي،

هن ملڪ جي ساده دل ماڻهن سرتاج ڪرڻ لاءِ ڇا نه ڪيو.

 

سڀ سور ۽ سختيون ظلم سٺا، پر ڪڏهن زبان سان اُف نه ڪئي،

هن دور جي انسان مقصد جي معراج ڪرڻ لاءِ ڇا نه ڪيو.

 

’انصاف وٺو، انصاف وٺو‘ مزدور جي ڪن ۾ ڦوڪ ڏني،

او سائين، تو مسڪينن کي بي هاج ڪرڻ لاءِ ڇا نه ڪيو.

 

 شمشيرالحيدري

ردِ عمل

 

(لوممبا ۽ سندس ساٿين جي شهادت کانپوءِ)

عشق جي سنسان واديءَ جي قريب،

درد جي درياءَ جون طُغيانيون،

رفتي رفتي بيڪران بڻجي ويون،

قطري قطري ۾ محبت جو شعور،

قطرو قطرو ڄڻ زماني جو ضمير!

فاصلن جون وسعتون ڪنهن جي لئي؟

وقت جون پيمائشون ڪنهن جي لئي؟

فڪر ڪڏهين ٿي سگهيو آهي اسير؟

 

قطعا

’ماعر‘ نوآبادي

 

ساقيا! مون کي صاف ساغر ڏي،

ڪيف آور ۽ روح پرور ڏي،

دخترِ رز ڪنوار آهي، حسين،

تنهن کي ڪو باده نوار شوهر ڏي،

جامِ ديروز هو چڱو، ليڪن،

جامِ امروز ان کان بهتر ڏي.

ڪ دفعي مان نه ٿيندي هڙَ حاصل،

از رهِ مهر، مَي مُڪرر ڏي.

زاهدِ خشڪ کي نه ڏي هڪ بوند،

بلڪ ان کي ته لاهي پادر ڏي.

واه، ڪهڙو نه آهي مَي ۾ مزو،

قيمتِ مَي ۾ زيور و زر ڏي!

محتسب جي ڀلي نه آهي ڀون،

ساقيا! تنهن کي هر نڪو تر ڏي،

زاهدِ خشڪ آهي مارِ سياه،

تنهن کي، اي مير! لٺ ۽ پٿر ڏي.،

جو وڏو مَي پرست آ، تنهن کي،

مَي باندازِ حوضِ ڪوثر ڏي،

نيز، ’ماعر‘ کي، معرگوئيءَ لئه،

جيڪڏهن ٿي سگهي ته دفتر ڏي!

(2)

ساقيا! مون کي جام ٿو گهرجي،

جام هر صبح و شام ٿو گهرجي،

هڪ پيالي مان پُر نه ٿيندو پيٽ،

مون کي مي جو گدام ٿو گهرجي!

ميڪدي جو نظام آهي خراب،

ميڪدي ۾ نظام ٿو گهرجي،

نينهن جي مون کي پڙهڻي آهي نماز،

پر ڪو لائق امام ٿو گهرجي،

سرڪشي منهنجي ختم ٿيندي، پر

تنهنجي گيسو جو دام ٿو گهرجي.

 

حافظ محمد احسن

(1)

حال مضطر تنهنجي فرقت ۾ ٿيو، اي دلربا،

حال محرم اچ، مسيحا، لهه اچي منهنجي خبر.

نام تنهنجو مون کي آهي روز شب وردِ زبان،

ياد تنهنجي ۾ ٿئي ٿو منهنجو هر هڪ دم بسر.

(2)

عشق کي اول ۾ مون ڀانيو ته آهي راند ڪا،

ليڪ سختيون سور سڀ سر پنهنجي تي سهڻا پيم.

حسن جي آڏو نه، ’احسن‘ ڪا به ڪنهن جي ٿي چلي،

دل اڙائي دوست سان پوءِ آزمودو هي ڪيم.

 

آزاد نظم

امداد حسيني

ترياق

اي صبا،

ديس وارن کي ڏجئين منهنجا سلام:

وڏا ڀاڪر وجهي ۽ عرض ڪجئين ڏاڍا نياز،

۽ اهو پيار مان پيغام ڏجئين،

ته ’متان ٿين ملور‘،

ته ’متان ٿين اداس‘،

ته ’متان همتون هارين ۽ ڳوڙها ڳاڙهين‘،

’نه گريبان ئي ڦاڙين‘،

۽ نڪي رون رڙن.

اهو چئجين ته ’بس ڄاڻ ٿي زنجير ٽٽي،

درِ زندان ٿو کُلي،

’ڄاڻ ٿي باک ڦٽي ۽ ٿئي سُرهاڻ سجاڳ؛

ڄاڻ ٿي رات کُٽي،

۽ اجهو رنگ جو مُرڪي ٿو سهاڳ،

’مسڪرائيندو سحر جهومندو ڳائيندو اچي،

جنهن جي پيشاني مٿي سج جو جهومر پيو جهرڪاٽ ڪري‘

اهو چئجين،

ته هن صبح مقدس جي سواگت خاطر،

جلد از جلد اُٿي، هار گلابن جا کڻي،

’شاهي رستي تي اچي جمع ٿين،

گيت ڳائن ۽ نچن،

’ڇو ته هي صبحِ درخشان و حسين

پنهنجي دلدار اميدن جو ثمر ئي آهي!

”پنهنجي محبوب تمنا جي حسين ڪنوار جو خواب دلڪش،

سرڪشانِ و طنيت جي دل افروز فساني جو روح،

جان نثاري جو پيارو تحفو،

جگر و جان جو حاصل آهي!.

 

 غزل

’فيض‘ بخشاپوري

 

علي الصباح ڪرن ٿا طوافِ ميخانه،

خراب باده پرستي ۾ خوب مستانه.

 

ويا نه خوفِ جنون کان قريب فرزانه،

حضورِ يار ۾ آيا بهوش ديوانه.

 

جڏهن به خانهء دل کان رهين ٿو بيگانه،

خراب ٿي ويو خانو، خداي بي خانه.

 

نه ڏي شراب، نه ڏي، دردِ مي نه ڏي، ساقي،

هڻي ٿي تشنه لبي جا عيد ڀي طعنا.

 

خداي برتر و غفار جو قسم، واعظ،

قسم کڻڻ جي آ قابل سلوڪِ رندانه.

 

خوشا جبين، جو سنگِ درِ صنم ۾ مٽي،

خوشا وجود، جو آ گردِ راهِ جانانه.

 

هوس پرست کي تشبيهه سوخته جان سا نه ڏئي،

ڪٿي نصيب مگس کي سرشتِ پروانه.

 

گناهِ ترڪِ گهه ڀي ڪيان، اي شيخ، اگر

ڪريم ترڪ ڪري شيوه ڪريمانه.

 

حديثِ خاڪ نشينيء ميڪده تي نه وڃ،

به بامِ عرش، بساطِ نشاطِ رندانه.

 

سرورِ سجده ڪٿي، خاڪِ عيدگاهه ڪٿي،

نمازِ عيد ادا ڪر به ڪنبجِ ميخانه.

 

ڪيم خلوص سان قربان نفسِ اَماره،

نظر ۾ هن کان نه آيا عزيز، نذرانه.

 

فلڪ کي ذوقِ خرابي، ۽ مان خراباتي،

شرابِ رنج و الم جا پيان ٿو پيمانه.

 

حسين فريبِ جهان کي قلندريءَ ۾ ڏٺم،

تن فقير تي آهي لباسِ شاهانه.

 

معاشِ ’فيض‘ قلندر آوردِ لا اِلله،

نه فڪرِ، نانِ شبينه، نه روزه روزانه!.

 

 

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘

 

اگر ذوقِ تڪميلِ عصيان نه آهي،

ته انسان، حقيقت ۾ انسان نه آهي.

اگر داغِ الفت درخشان نه آهي،

ته پوءِ حسن پڻ حسنِ خندان نه آهي.

حقيقت کي چشمِ حقيقت سان ڏسجي،

هو هر شيءِ ۾ آهي، ڪو پنهان نه آهي.

محبت ڇو آهي؟ محبت ٻڌائج،

هي افسانو محتاجِ عنوان نه آهي.

امانت ٿو سمجهان مان جوشِ جنون جي،

گريبان به منهنجو گريبان نه آهي.

محبت ٿئي آدميءَ لئه ٿي شايان،

محبت جي هر شخص شايان نه آهي.

خوشيءَ سان کِلي ڪر ٻه_ ٽي وار، قاتل،

اڃا منهنجو ڪو زخم خندان نه آهي.

ڪريان نذر ڇا فصلِ گل جي ڀلا مان،

گريبان به هاڻي گريبان نه آهي.

جنونِ محبت جي قربان وڃان مان،

بيابان به مون کي بيابان نه آهي.

اسان دردِ دل لئه ته پيدا ٿياسين،

ته درد آهه جنهن ۾، سو انسان نه آهي.

ڪريان دردِ دل جي ڀلا ڳالهه ڪنهن سان،

’خليل‘، اڄ هتي ڪو به پُرسان نه آهي.

 

ليکراج ’عزيز‘

 

سويءَ تي سر ڏيڻ ٿو ڪو آسفته سر اچي،

سڏ آهه مُلڪ جو ٿيو، منصور نر اچي!

گهوريان اوهان تان ڇو نه، شهيدانِ قوم، پاڻ،

ٿي خون مان اوهان جي ته بوي ظفر اچي.

مقتل هي آهه، مجلسِ ملت فروش ناهه،

جيڪو اچي، سو هتِ ڪري سينو سپَر اچي.

همت بلند، وقتِ سحر، شوقِ جستجو،

پروا نه آهه، راهه اگر پُر خطر اچي.

زنجير هر قدم تي ٿيا سنگِ فاصله،

منزل جي دۇر، راهه ٿي ويجهي نظر اچي.

مستن جي لاءِ ابرۇي دلبر کان گهٽ نه آهه،

حُبِ وطن ۾ سر تي جي تيغ و تبر اچي.

خاڪِ شهيد آهه، وطن جي فلڪ جو سج،

اُن جي ٿو ذري ذري مان نڪري سحر اچي.

تئن تئن کُلي ٿو عرصهء آزادگي، ’عزيز‘،

جيئن جيئن ٿو شهسوار لهوءَ ۾ ٿي تر اچي.

  

هري ’دلگير‘

 

پيالا ڀريل ماڪ جا ڇلڪندا پيا،

سدا ڦول مستن جي لئه مشڪندا پيا.

بهاريءَ جا پيغام ايندا ئي رهندا،

مٺا گيت ڳائي پکي چهڪندا پيا.

انڌارو ته دنيا ۾ اچڻو ئي ناهي،

ستارا نه هوندا، ڏيا ٽمڪندا پيا.

گلن جا جي عاشق، سي خوشبو سنگهن ٿا،

جي ڪنڊن ۾ اٽڪڻ گهرن، اٽڪندا پيا.

نه مستن لئه مَي گهٽ، نه گهٽ مست مَي لئه،

سدا جام ڀريا، سدا کڙڪندا پيا.

حياتيءَ جي آهي سڌي راهه، ليڪن،

جي ڀٽڪڻ گهرن ٿا، اهي ڀٽڪندا پيا.

اُٿي چڻنگ جيڪا، فنا ڪانه ٿيندي،

سندس خاڪ مان پڻ ڀڀڙ ڀڙڪندا پيا.

چپن تي رکون مرڪ ’دلگير‘ توڙي،

اکين مان ڦڙا آب جا ٽپڪندا پيا.

 

’امداد‘ حسيني

 

هاءِ، ڪيئن سهندا هي زهريلي خزائن جا عذاب،

مهڪندڙ ڳاڙهن ڳلن جا مرڪندڙ تازا گلاب!

 

صبح جو تنهنجي ئي اکڙين مان ٿو اُڀري آفتاب،

رات جو تنهنجي ئي زلفن ۾ لهي ٿو ماهتاب.

 

خاموشي کي گيت، تنهائي کي چئو چنگ و رُباب،

تشنگيءَ جي زهر کي، اي ميڪشو، سمجهو شراب.

 

ٿي ويا ظلماتِ عياشي و مڪّاريءَ جي نذر،

ڪيترن معصوم چهرن جا مقدّس ماهتاب.

 

پاڻ عالي ظرف آهيون، پاڻ کي اکڙين مان پيار،

شل جواني ماڻين، اي ساقيء عالي جناب!

 

رات جا قاتل انڌيرا، شهر جا رستا طويل،

آءُ آهيان، منهنجو سايو ۽ دلِ ناڪامياب.

 

چند چانديءَ جي سِڪن تي پيا وڪامن عام جام،

چمڪندڙ چهرن جا مصحف، مرڪندڙ اکڙين جا خواب.

 

حسن هر بازي کٽڻ کانپوءِ به آهي هاريل،

عشق هر بازيءَ کي هارائي به آهي ڪامياب.

 

تنهنجي وارن جا وسيهر شل نه ڪو جوڳي ڏسي،

ورنه هت دونهيون دُکي وينديون، کُلي ويندا ڪتاب.

 

مرمرين ٻانهون، سيهه گيسو، تبسّم جا گلاب،

ڪيئن ٿا ڀانيو، دوستو، ’امداد‘ ديواني جا خواب!

 

 

ذوالفقار راشدي

 

محبوبَ، رُڳو ٿوري رعايت نه ڪندين ڇا؟

سچ پچ جي خطا ٿي ته شڪايت نه ڪندين ڇا؟

 

هي رمز، هي مرڪڻ، هي نگاهون، هي نوازش،

هي پيار نه آهي؟ ڪا وضاحت نه ڪندين ڇا؟

 

منهنجو آهي مشرب ئي رقيبن کان نرالو،

تون منهنجي ڪري، ڪنهن سان بغاوت نه ڪندين ڇا؟

 

مان بارگہ حسن ۾ سوالي به ۽ خالي،

سرڪار، ڪا دل کولي سخاوت نه ڪندين ڇا؟

 

بي لوث ۽ ڀرپور محبّت ٿو گهران مان،

تون مون تي، پرين، اهڙي عنايت نه ڪندين ڇا؟

 

مون حُسنِ خداداد کي مقبول ڪيو آهه،

تون روزِ جزا منهنجي وڪالت نه ڪندين ڇا؟

 

هُن قادر و عادل جي اڳيان، روزِ قيامت،

اي حسنِ ازل، منهنجي حمايت نه ڪندين ڇا؟

 

ڪنهن زاهدِ شب خيز جي ٿئي رات سجائي،

تون رات رهي تنهن سان عبادت نه ڪندين ڇا؟

 

رشيد ’ارشد‘

دنيا جو دستور، سڄڻ، مون کي نامنظور، سڄڻ!

مان بيشڪ مجبور، سڄڻ، پر تون ڇو مسرور، سڄڻ؟

فرصت ڪنهن کي، ڪير ڏسي، دلين جا ناسور، سڄڻ!

هاڻ متان آرام ڪرين، منزل ناهي دور، سڄڻ؟

تنهنجي خاطر سهندس مان، دنيا جا سڀ سور، سڄڻ!

ڄڀ جي هڪڙيءَ ضربت سان، شيشہء دل ٿيو چور، سڄڻ!

راهِ وفا ۾ ’ارشد‘ کي، موت آهي منظور، سڄڻ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com