سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (1-2)

 

صفحو :8

 او- هينري      

  سنڌيڪار: مراد علي مرزا

مڪتب

 

او – هينري (1862-1910ع)، جنهن جو اصلي نالو وليم سڊني پوٽر هو، ڏکڻ آمريڪا جي ڪارولينا رياست جو رهاڪو هو. هن ان وقت افسانا لکڻ شروع ڪيا، جڏهن پاڻ ويساهه گهاتيءَ جي الزام ۾ قيد جي سزا ڪاٽي رهيو هو. جڏهن آزاد ٿيو، تڏهن سندس افسانن کي ويتر شهرت حاصل ٿي، ۽ زندگيءَ جو پويون دور ڏاڍي اطمينان سان گذاريائين. آمريڪي افساني نگارن ۾ او – هينري چوٽيءَ جو افسانه نگارليکيو وڃي ٿو. ذهانت، مزاح، عام ماڻهن جي گَهري ڄاڻ ۽ پنهنجن افسانن جي آخري ۾ اوچتو ڦيرو آڻڻ، سندس خاص خوبيون آهن.

پوڙهو جيرومي وارن، آُڀرندي طرف، 35 – گهٽيءَ جي هڪڙي لک ڊالرن واريءَ جاءِ ۾ رهندو هو. هو شهر جو دلال هو، ۽ ايترو ته شاهوڪار هو جو پنهنجي صحت سلامت رکڻ خاطر هر روز صبح جو آفيس ڏانهن پنڌ ويندو هو، پر ويهن – پونجويهن قدمن کڻڻ کان پوءِ گاڏي ڪرڻي پوندي هيس. کيس ڪو به اولاد ڪونه هو، تنهنڪري پنهنجي هڪڙي پوڙهيدوست، گلبرٽ، جي پٽ کي پنهنجو پٽ ڪري نپايو هئائين، جيڪو اهڙي تيزيءَ سان هڪ ڪامياب مصور ٿي رهيو هو، جهڙيءَ تيزيءَ سان هو رنگِي نلين مان رنگ نپوڙي ڪڍندو هو. گهر جو ٻيو ڀاتي، پوڙهي جيروميءَ جي ماٽي جي ڀاڻيجي، باربرا وراس هئي. انسان ڏکن ڏسڻ لاءِ ئي ڄائو آهي؛ سو، جئن ته پوڙهي جيروميءَ کي ڪو اهل اولاد ڪونه هو، تنهنڪري هن ٻين جو ٻار کڻي پنهنجن ڪلهن تي رکيو.

ٽيهه ورهيه اڳ، جڏهن پوڙهو جيرومي اڃا جوان جيرومي هو، ڊڪ نالي سندس هڪڙو ڀاءُ هوندو هو. ڊڪ الهندي ملڪن ڏانهن پنهنجي يا ٻئي ڪنهن جي قسمت آزمائڻ لاءِ ويو هو، پر پوءِ هن بابت ڪجهه به ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو. نيٺ هڪڙي ڏينهن پوڙهي جيروميءَ کي هڪ خط پهتو، جيڪو ڀاڻس لکيو هو. اهو خط هڪڙي ليڪيل ڪاغذ تي ڏاڍن خراب اکرن ۾ لکيل هو، ۽ ڪاغذ مان سوئر جي لوڻيل گوشت ۽ ڪافيءَ جي بوءِ پئي آئي. خط جي لکڻيءَ مان ظاهر پئي ٿيو ته لکندڙ ڪو دَم جو مريض هو، ۽ صورتخطي به غلط لکيل هئي.

ايئن پئي لڳو ته ڊڪ قسمت کي زوريءَ جهلڻ ۽ پنهنجي بدران خود پاڻ کي وڃي ٻَک وڌا هئا، ۽ دشمن کي پنهنجو پاڻ سونپيو هئائين. يعني، جئن سندس خط مان ظاهر پئي ٿيو، هو بي ترتيبيءَ ۽ گڙٻڙ کان تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي ويو هو – هڪ اهڙي بي ترتيبي ۽ گڙٻڙ، جنهن کي وسڪي به ختم ڪري نٿي سگهي. انهن ٽيهن سالن جي محنت ۽ ڪشالي جو ڦل اُڻويهن ورهين جي ڌيءَ هيس، جنهن کي اڳواٽ ڀاڙو ڏيئي، هو اڀرندي ملڪ ڏانهن جيروميءَ وٽ پالڻ، کائڻ، پڙهڻ، سک ڏسڻ ۽ خوش گذارڻ لاءِ ، طبعي حياتيءَ تائين يا جيستائين هوءَ پاڻ شادي ڪري الڳ نه ٿئي، اُماڻي رهيو هو.

پوڙهو جيرومي هڪ تختي مثل هو. سڀڪو ڄاڻي ٿو ته دنيا ائٽلس ديوتا جي ڪلهن تي رکيل آهي؛ ۽ ائٽلس ديوتا هڪ ڪٽهڙي ۾ بيٺل آهي؛ ۽ اهو ڪٽهڙو وري ڪڇونءَ تي رکيل آهي: هاڻي، ڪڇونءَ جو ڪنهن تختي تي بيٺل هجڻ لازمي آهي، ــــــــ ۽ اهو تختو اُهو آهي، جيڪو پوڙهي جيروميءَ جهڙن ماڻهن مان ٺهيل هوندو آهي.

آءٌ چئي نٿو سگهان ته ابديت مان ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو فائدو پهچندو؛ پر جيڪڏهن ايئن ڪونهي ته پوءِ آءٌ ڄاڻڻ گهران ٿو ته پوڙهي جيروميءَ جهڙن ماڻهن کي پنهنجو حق ڪڏهن پلئه پوندو؟

هو نويدا وارن سان اسٽيشن تي مليا. هوءَ ننڍڙي ڇوڪري پئي معلوم ٿي. سندس چمڙي سج جي تپش کان لوساٽيل هئي، تنهن هوندي به سراسري طرح هوءَ وڻندڙ پئي لڳي. سندس چال چلت مان ناتجربيڪار ۽ ٻالپڻو ظاهر هو، پر وڏن وڏن گهاگهن به سندس ويجهو وڃڻ کان لهرايو ٿي. سندس سگهارو هجڻ ان مان ظاهر هو ته هن پنهنجي پُٺن تي هڪ وڏي پٺارڪ کنئي هئي، جنهن جي کڻڻ لاءِ مزورن اجائي ڪوشش پئي ڪئي.

”مون کي پڪ آهي ته پاڻ ٻئي سٺيون سهيلون ٿي رهنديون سين“، باربرا پنهنجي لوساٽيل ۽ مضبوط ڳٽن کي مهٽيندي چي.

”آءٌ پڻ اهائي اميد رکان ٿي “، نويدا جواب ڏنو.

”منهنجي مٺڙي ننڍڙي ڀائٽي!“ پوڙهي جيروميءَ چيو، ”تون ڀلي آئينءَ؛ منهنجي گهر جي ڌاريو گهر نه ڪري سمجهجانءَ، بلڪ پنهنجي پيءُ جو“.

”اوهان جي مهرباني“، نويدا چيو.

”۽ آءٌ توکي ’سَوٽ‘ ڪري سڏيندس“، گلبرٽ موهيندڙ مرڪ سان چيو.

”هيءَ هَڙ ته وٺجانءِ“، نويدا چيو، ”هن ۾ هڪ لک ڀائونڊن جيترو بار آهي. هن ۾ بابا جي ڇهن کاڻين جون جنسون پيل آهن.“ هن وضاحت ڪندي، باربرا کي ٻڌايو: ”مون حساب لڳايو ته ڪوشش کان پوءِ به هزارن مڻن جي پٺيان هن کي نو آنا کن مس بچندا هئا، پر مون هن سان انجام ڪيو ته آءٌ هيءَ کڻي وينديس.“

اهو عام دستور آهي ته هميشه رواجي تڪليفن تي ڳالهه ٻولهه تڏهن نڪرندي آهي، جڏهن ڪو مرد ۽ به عورتون، يا ٻه عورتون ۽ ڪو مرد، يا ڪا خاتون، ڪو مرد ۽ ڪو ماڻهو پاڻ ۾ گڏبا آهن. اهي گڏجي هڪ ٽڪنڊو ٺاهيندا آهن، جيڪو ٽڪنڊو هوندي به ٽپور پاسو ڪونه هوندو آهي، تنهن ڪري نويداوارن جي اچڻ تي، نويدا ۽ گلبرٽ ۽ باربرا رس هڪ مثالي ٽڪنڊو ٺاهي بيٺا، جنهن جا ٽيئي پاسا برابر هئا ۽ باربرا ان جو وڏو پاسو هئي.

هڪڙي ڏينهن صبح جو، نيرن کانئڻ کان پوءِ، پوڙهو جيرومي شهر جي هڪ بيڪار اخبار پڙهڻ ۾ پنهنجو ڪيترو ئي وقت اجايو وڃائيندو رهيو. نويدا جي طبيعت ۾ پنهنجي مرحوم ڀاءُ جي آزاد طبع ۽ بي تڪلفيءَ کي ڏسي، هو هاڻي کيس گهڻوچاهڻ لڳو هو.

نوڪرياڻي، مس نويدا وارن لاءِ چٺي کڻي آئي،

”هيءَ چٺي هڪڙو ڇوڪرو کڻي آيو آهي“، هن ٻڌايو، ”هو جواب لاءِ دروازي تي بيٺو آهي.“

نويدا، جنهن سيٽي وڄائي، چپن ۾ اسپيني ’والز‘ پئي ڳايو ۽ گهٽيءَ مان گاڏين ۽ موٽرن کي گذرندي پئي ڏٺو، اڳتي وڌي خط ورتو. خط کولڻ کان اڳ لفافي جي کاٻي پاسي، مٿي،. ڪنڊ تي، ننڍڙي سونهري مهر ڏسي، هوءَ سمجهي ويئي ته اهو گلبرٽ وٽان آيو آهي. هوءَ لفافو ڦاڙي، خط ڪڍي، مضمون کي غور سان پڙهڻ لڳي. پوءِ چهري تي گنڀبيرتا آڻي، هوءَ چاچس وٽ ويئي، ۽ هن جي ڀرسان ٿي بيٺي.

”چاچا جيرومي، گلبرٽ ڏاڍو چڱو ڇوڪرو آهي، آهي نه؟“

”ڇو، نينگر، خير ته آهي!“ پوڙهي جيروميءَ اخبار کي وٽيندي چيو، ”بيشڪ، هو چڱو ڇوڪرو آهي. مون خود هن کي اهڙي سکيا ڏني آهي.“

”آءٌ ته هن کي اها ڪوشش ڪندي ڏسڻ پسند ڪندس،“

چاچي اخبار جو ڳپل حصو ڦاڙيندي چيو: ”ڇو، ڇا_“

”هو ڪڏهن به ڪا غلط ڳالهه ڪنهن کي ڪانه لکندو ــــــــ منهنجو مطلب آهي ته هرڪو سمجهي ۽ پڙهي ڪونه سگهندو.“

”چاچا، هيءَ چٺي پڙهي ڏس، جيڪا هن موڏانهن هينئر موڪلي آهي. ڏسو ته هن جيڪي لکيو آهي، سو مناسب آهي نه. اوهان کي خبر هجي ته آءٌ شهرين جي ريتن رسمن کان پوريءَ طرح واقف ڪو نه آهيان.“

پوڙهي جيروميءَ اخبار کڻي هيٺ ڦٽي ڪئي، ۽ ان تي ٻئي پير رکي ويٺو. هن گلبرٽ جو خط ورتو، ۽ اهو ٻه ڀيرا تڪڙو تڪڙو پڙهي، ٽيو دفعو پڙهڻ لڳو.

”ڇو نينگر،“ هن چيو، ”تو ته مونکي ڪاوڙائي ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ مون کي پڪ هئي ته هو سٺو ڇوڪرو آهي. هو پنهنجي پيءُ جو نقل آهي، جيڪو هڪ وضعدار شخص هو. هو فقط هيءُ چوي ٿو ته جيڪڏهن تون ۽ باربرا اڄ شام جو چئين بجي تيار ٿي سگهو ته موٽر تي چڙهي هلي ٻيٽ جو سير ڪريون. آءٌ ته هن ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانه ٿو ڏسان، جيڪا اعتراض جوڳي هجي، سواءِ هن ڪاغذ جي. مون کي نيري رنگ کان نفرت هوندي آهي.“

”ته پوءِ وڃڻ ۾ ڪا حرڪت ته ڪانه آهي؟“ نويدا بيقراريءَ مان پڇيو.

”نه نه، ڀلي وڃو. پاڻ مون کي اهو ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته تون خبردار ۽ سچار آهين. وڃ، ۽ بيشڪ وڃ.“

”مون کي خبر ڪانه هئي،“ نويدا سنجيدگيءَ سان چيو. ”مون خيال ڪيو ته اوهان کان پڇان. چاچا، تون اسان سان ڪونه هلندين؟“

”آءٌ؟ نه نه، اُنهو! هڪڙي ڀيري آءٌ موٽر ۾ چڙهيو هوس، جيڪا ناهيءَ ڇوڪر هلائي هئي. آءٌ وري ڪڏهن به موٽر ۾ ڪونه چڙهندس! پر تنهنجو ۽ باربرا جو وڃڻ مناسب ٿيندو. هائو، هائو، پر آءٌ ڪون هلندس. نه نه نه نه .... !

نويدا ڊوڙ پائي دروازي ٿي پهتي، ۽ نوڪرياڻي کي چيائين.

”شرط رک، اسين وينداسين مس باربرا جي پاران آءٌ جواب ڏيان ٿي؛ ڇوڪري کي چئو ته وڃي مسٽر وارن کي ايئن چوي.“

”نويدا!“ پوڙهي جيروميءَ سڏ ڪيو، ”منهنجي مٺڙي، مون کي معاف ڪر، پر اهو چڱو نه ٿيندو ته جواب ۾ ٻه – ٽي لفظ لکي موڪلين؟ هڪ – ٻه سٽون ڪافي ٿينديون.“

”نه، آءٌ انهي کٽراڳ ۾ ڪانه پونديس،“ نويدا سهڻائيءَ سان جواب ڏنو. ”گلبرٽ سمجهي ويندو ــــــــ هو هميشه سمجهي ويندو آهي. آءٌ پنهنجيءَ سانڀر ۾ ڪڏهن موٽر ۾ ڪانه چڙهي آهيان؛ پر مون ننڍڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ پڻ چڙهي درياءُ جو سير ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن موٽر جي سواري انهيءَ کان به مزيدار آهي ته پوءِ آءٌ ضرور ان ۾ چڙهنديس!“

ــــــــ سمجهيو ته ٻه مهينا گذري ويا آهن.

باربرا هڪ لک ڊالرن واريءَ جاءِ جي ڪتبخاني ۾ ويٺي هئي. هن کي اها جاءِ ڏاڍي پسند هئي. دنيا ۾ ڪيتريون ئي جايون هونديون آهن، جتي زلاون ۽ مرد مختلف پريشانين کان پاڻ ڇڏائڻ لاءِ وڃي تدبيرون سوچيندا آهن. ڪٿي خانقاهون هونديون آهن، ڪٿي ماتم – گهر هوندا آهن، ڪٿي دريائن ۽ چشم جا گهاٽ هوندا آهن، ڪٿي خوبصورتيءَ جا مرڪز هوندا آهن، ڪٿي هوائي جهازن جا اڏا هوندا آهن، ۽ڪٿي وري ڪتبخانا: ۽  انهن سڀني ۾ ڪتبخانن کي وڏي اهيمت آهي.

هميشه ايئن ٿيندو آهي جو ٽڪنڊي جي وڏي پاسي کي اهو ڳولڻ ۾ وقت لڳندو آهي ته پاڻ ٽڪندي جو واقعي وڏو پاسو آهي. پر اها هڪ ڊگهي ليڪ هوندي آهي، جنهن ۾ ڪوبه وروڪڙ ڪونه هوندو آهي.

بابرا اڪيلي هئي. چاچو جيرومي ۽ نويدا ناٽڪ ڏسڻ ويا هئا. بابرا کي ناتڪ ڏسن جي پرواهه ئي ڪانه هئي. هن جي مرضي گهر ۾ رهي، ڪتبخاني ۾ ويهي پڙهڻ تي هئي. متحرمه، جيڪڏهن اوهين نيويارڪ جي ڪا شاندار ڇوڪري هجو ها، ۽ اوهين هروز ڏسو ها ته هڪ ڳاڙهي چالاڪ ڏائڻ اوهان جي پسن پيل ڪنهن نوجوان کي پنهنجي دام ۾ ڦاسائيندي ٿي وتي، ته هوند اوهين به پنهنجي موسيقيءَ واري طربيي جي چلڪيدار ذوق کي وڃائي ويهو ها.

ڪتبخاني ۾ باربرا اَنبوس جي چورس ميز جي ڀرسان ويٺي هئي. سندس ساڄي ٻانهن ميز تي رکي هئي، ۽ سندس ڦُڙتيلين آڱرين هڪڙي مهر ٿيل لفافي کي پئي اٿلايو پٿلايو، جو ’نويدا وارن‘ جي نالي تي هو لفافي جي کاٻي پاسي، مٿي ڪنڊ تي، گلبرٽ جي رنگي تختيءَ جي سونهري مهر لڳل هئي. خط نويدا جي وڃن کان پوءِ نوين بجي پهتو هو.

انهيءَ خط جي مضمون پڙهڻ لاءِ باربرا پنهنجو موتين جو هار به قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ها. پر هوءَ خط کي ڪنهن به ممڪن طريقي، مثلاً قلم جي ڇيڙي يا وارن جي ڪانٽي غيره سان کولي، پڙهي نٿي سگهي، ڇو جو سندس سماجي حيثيت کيس اها اجازت ڪانه ٿي ڏني. هن لفافو تيز روشنيءَ جي اڳيان جهلي، ان ۾ پيل خط جي ٻن – ٽن سٽن کي پڙهڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر بيڪار. گلبرٽ کي خطن لاءِ عمدي ڪاغذ استعمال ڪرڻ جو سٺو ذوق هو.

ساڍي يارهين بجي ناٽڪ جا شوقين واپس موٽيا. سياري جي هڪ خوشگوار رات هئي. گاڏيءَ کان وٺي گهر جي دروازي تائين پهچندي ئي، هو اوڀر ڪنڊ کان پوندڙ برف جي ڦوندن ۾ ڍڪجي ويا هئا. پوڙهو جيرومي، گاڏيءَ جي گهيچڪن ۽ بند ٿيل گهٽين جي باري ۾ همدرديءَ سان گفتگو ڪرڻ لڳو، ۽ نويدا ــــــــ سرخ گلاب جهڙي ۽ نيرين اکين واري نويدا ــــــــ وري جبلن تي پڻٻس جي ننڍڙيءَ جاءِ جي آسپاس طوفاني راتين بابت بڪواس ڪرڻ لڳي. سياري جي ههڙي سرد عالم ۾، سرد دل باربرا پهه پهچائيندي رهي ــــــــ ۽ اهو ئي هڪ موزون ڪم هو، جنهن بابت هوءَ سوچي سگهي ٿي.

 پوڙهو جيرومي هڪدم ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويو، ۽ وڃي گرم پاڻي  ۽ ڪوئنين کنيائين. نويدا رڦندي ڦڙڪندي ڪتبخاني ۾ گهڙي، جتي روشنيءَ رونق لائي ڏني هئي. هوءَ آرام ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي، ۽ ٺوٺين تائين چڙهيل دستانن کي لاهيندي، ناٽڪ جي ڪوتاهين تي ڳالهائڻ لڳي.

”هائو، آءٌ سمجهان ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن مسٽر فيلڊ سچ پچ مزيدار ٿي پوندو آهي.“ باربرا چيو. ”مٺڙي، هيءُ وٺ پنهنجو خط. تنهنجي وڄڻ کان پوءِ خاص قاصد پهچائي ويو هو.“

”ڪٿان آيو آهي؟“ نويدا دستانن جا بٽڻ لاهيندي پڇيو.

”خير،“ باربرا مرڪندي چيو، ”آءٌ ته اندازو لڳائي سگهان ٿي. لفافي جي ڪنڊ تي اها عجيب شيءَ آهي، جنهن کي گلبرٽ ’رنگتي تختي‘ سڏيندو آهي. پر مون کي اها ايئن لڳندي آهي، ڄڻ ته اسڪول جي ڪنهن ڇوڪريءَ جي عشقيه خط تي ملمعو ڪيل دل هجي.“

”آءٌ حيران آهيان ته هن مون کي ڇا لاءِ خط لکيو آهي!“ نويدا بيپر واهيءَ سان جواب ڏنو.

”اسين سڀئي هڪجهڙيون آهيون ــــــــ سڀئي زالون.“ باربرا چيو. ”ايسن پوسٽ جي مهر ڏسي، اها ڪوشش ڪنديون آحيون ته خط ۾ ڇا لکيل هوندو. ۽ اسان جي تدبير هيءَ هوندي آهي جو اسين ڪئنچي استعمال ڪنديون آهيون، ۽ پوءِ خط کي آخر کان وٺي شروع تائين پڙهي وينديون آهيون. هيءُ وٺ خط.“

هن اهڙي طرح حرڪت ڪئي، ڄڻ ته ميز تان خط اُڇائي نويدا کي ٿي ڏنائين.

”وڏو جهنجهٽ آهي!“ نويدا رڙ ڪئي. ”هي بٽڻ ته ڏاڍا تڪليف وارا آهن، مون هنن جي استعمال کان ته مرڳو توبهه ڪئي. اڙي باربرا، تون ئي کڻي خط کولي پڙهه ته منجهس ڇا لکيل آهي، مون کي ته هي دستانا لاهيندي آڌي ٿي ويندي“.

”ڇو مٺڙي، تون اهو چاهيندينءَ ته گلبرٽ وٽان تنهنجي نالي آيل خط آءُ کولي پڙهان؟ خط تنهنجي نالي آهي ۽ يقينن تنهنجي اها مرضي ڪانه هوندي ته اهو ڪير ٻيو پڙهي“.

نويدا پنهنجون مضبوط، سانتيڪيون ۽ نيريون اکيون دستانن تان کنيون.

”ڪو به مون کي اهڙي ڳالهه ڪونه لکندو، جيڪا ٻيو ڪير نه پڙهي سگهي“، هن چيو. ”شروع ڪر، باربرا، ممڪن آهي ته گلبرٽ وري سڀاڻي موٽر ۾ سير ڪرڻ جي دعوت موڪلي هجي“.

سونجهڻائپ، ٻليءَ مارڻ کان به وڌيڪ ڪجهه ڪري سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن عورتن جهڙا تسليم ڪيل جذبات ٻين جي وجود جا دشمن هجن ته هوند حسد سڄيءَ دنيا ۾ هڪڙي ٻلي به سلامت ڪانه ڇڏي، باربرا ٿورو پريشان ٿيندي اهڙيءَ طرح خط کوليو، ڄڻ ته مهرباني ٿي ڪيائين.

”خير، مٺڙي“، هن چيو، ”جيڪڏهن تنهنجي اها ئي مرضي آهي ته آءُ خط پڙهان ٿي“.

هن خط کوليو، ۽ تيز ڦرندڙن نظرن سان پڙهڻ لڳي، هن خط وري وري پڙهيو، ۽ نويدا ڏانهن شرارت ڀريل نظرن سان چتائي ڏٺائين، جنهن لاءِ ڪجهه وقت تائين دستانا ڄڻ ته ڪو تماشو هئا ۽ هڪ ترقي ڪندڙ فنڪار جو خط مريخ تان آيل پيغام مثل هو.

گهڙ کن لاءِ باربرا، نويدا ڏانهن عجيب پختگيءَ سان ڏٺو ۽ پوءِ اهڙيءَ طرح مرڪي ڏنائي جو سندس وات هڪ انچ جي سورهين حصي جيترو کُلي پيو ۽ سندس اکيون ايئن سُسي ويون، ڄڻ ته کيس ڪو اوچتو خيال آيو هجي.

شروع کان ئي ڪا به عورت ٻيءَ عورت لاءِ ڪو اسرار ٿي ڪانه رهي آهي، بجليءَ جهڙيءَ تيز رفتاريءَ سان ٻئي هڪٻئي جي اندر جي حال کي سمجهي ويون، نويدا پنهنجيءَ ڀيڻ جي شرارت ڀريل لفظن کي سندن اصلي روپ ۾ ڏسي ورتو ۽ سندس بيحد پوشيده خواهشن کي پڙهي ورتو، هن سندس گفتگوءَ مان اجائي حجت کي اهڙيءَ طرح پٽي ورتو، ڄڻ ته ڪنهن ڦڻيءَ مان وارَ ڪڍي انهن کي بنيادي شڪن شبهن جي ٿڌيءَ هوا تي اڏائڻ کان اڳ پنهنجي آڱوٺي ۽ آڱر جي وچ ۾ پئي مهٽيو.

گهڻو وقت اڳ بهشت برين ۾ ’حوا جي فرزند ارجمند پنهنجي گهر جو دروازو اچي کڙڪايو. هن سان گڏ هڪ عجيب خاتون هئي، جنهن جو هن پنهنجيءَ ماءُ سان تعارف ڪرايو. حوا نُنهن کي ڀاڪر پائي پنهنجي ڀرسان بيهاريو، ۽ کيس پُر معنيَ نگاهن سان ڏسڻ لڳي.

’ننڊ جي حالت ـــــ‘ ڪنوار کجور جو پتو آهستگيءَ سان اُڇلائيندي چيو. ”آءُ سمجهان ٿي ته تون اُتان ٿي آئي آهين؟“.

’گهڻو عرصو ٿيندو‘، حوا بدحواس ٿيڻ کانسواءِ، مضبوطيءَ سان چيو. ’اُتي جيڪا صوفن جي چٽڻي کارائي وڃي ٿي، تنهن جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ آءُ ته تُوتن کي وڌيڪ پسند ڪريان ٿي، پر مٺڙي، خالص انجير اتي به ڪونه ملي سگهندا. چڱو، اڇن گلن جي هن وڻ جي پٺيان ٿي بيهه ته معزز مرد تو تي جاڻ جو مقوي پاڻي نائين. آءُ سمجهان ٿي ته تنهنجي گڳي جو پٺيون پاسو سوراخن جي ڪري ٿورو کُلي پيو آهي“.

سو، تڏهن ۽ اُتي_ جيئن ڪتابن ۾ لکيل آهي_ دنيا جي هنن فقط ٻن مشاهير عورتن جي وچ ۾ اتحاد ٿيو، ۽ اهو فيصلو ٿيو ته آئيندي عورتن کي هڪٻئي لاءِ اهڙيءَ طرح صاف ۽ شفاف رهڻ گهرجي، جهڙو شيشو_ جيتوڻيڪ شيشي جي اڃا ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي. پر مردن لاءِ هنن کي هڪ اسرار ٿي رهڻ کپي.

ايئن معلوم ٿيو ته باربرا نٽايو ٿي.

”سچ پچ، نويدا“، هن ٿوري پريشاني ڏيکاريندي چيو، ”مون کي خط پڙهڻ لاءِ توتي ايترو زور نه رکڻ کپندو هو. مون کي ..... مون کي پڪ آهي ته هيءُ خط ٻين جي پڙهڻ لائق ڪونهي“.

ٿوري وقت لاءِ نويدا پنهنجن دستانن کي به وساري ويٺي.

”ته پوءِ اهو وڌي آواز سان پڙهه“، هن چيو. ”جئن ته تو خط پڙهيو آهي، تنهنڪري هاڻي ڇا ٿيندو. جيڪڏهن مسٽر وارن مون کي اهڙي ڳالهه لکي آهي جيڪا ٻين کي ڄاڻڻ نه گهرجي، ته پوءِ اهو ته پاڻ وڌيڪ سبب آهي ته هر ڪوئي ان کي ڄاڻي“.

“خير“، باربرا چيو، ”خط ۾ لکيل آهي: مُنهنجي مٺڙي نويدا، اڄ رات ٻارهين بجي منهنجي مصورخاني ۾ اچ. ڏس، وسارجانءِ نه!“ باربرا اُٿي بيٺي ۽ خط نويدا جي جهليءَ ۾ کڻي ڦٽو ڪيائين. ”مون کي ڏاڍو افسوس آهي“، هن چيو، ”جو مون هيءُ خط پڙهيو. گلبرٽ ته اهڙو ڪونهي. ضرور ڪا غلطي ٿي آهي. سمجهه ته مون کي ان جي ڪا به ڄاڻ ڪانهي_ ايئن، مٺڙي! آءُ هاڻي مٿي وڃان ٿي، مون کي مٿي ۾ ڏاڍو سور آهي. مون کي پڪ آهي ته آءُ اهو نياپو ڪونه سمجهنديس. شايد گلبرٽ اڄڪلهه گهڻو کاڌو کائي ٿو ۽ هو پاڻ ئي وضاحت ڪندو. چڱو، موڪلاڻي!“.

نويدا ڪمري ۾ پيرن جي پٻن تي هلڻ لڳي. هن ٻڌو ته باربرا مٿي وڃي ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيو. ڪتبخاني ۾ رکيل ٽامي جي وڏي گهڙيال ٻڌايو ته ٻارهن ۾ باقي پندرهن منٽ آهن. نويدا تيزيءَ سان سامهون دروازي ڏانهن ڀڳي، ۽ ٻاهر برف جي طوفان ۾ ڪاهي پئي. گلبرٽ وارن جو مصورخانو ڪو گهڻو پري ڪونه هو.

اُڀرندي طرف وهندڙ جوشيلي درياءَ وٽان طوفان جي سفيد ۽ خاموش طاقت شهر تي حملو ڪري رهي هئي. اڳي ئي رستي تي فٽ کن جيتري برف ڄميل هئي، جنهن تي وهڪري جا نشان فتح ٿيل شهر جي ويران ديوارن تي لڙڪيل رسن وانگ پئي نر آيا. سڄو رستو ايترو ته خاموش هو، ڄڻ پومپياڻيءَ جي ڪا گهٽي هجي. ڪنهن ڪنهن وقت ڪا گهوڙي گاڏي اهڙيءَ تيزيءَ سان گذري ٿي وئي، جيئن ڪو ڪينو پکي چلڪندڙ سمونڊ جي مٿان چانڊوڪيءَ ۾ اڏامندو آهي. ۽ ورلي موٽرون _ تشبيهه کي قائم رکندي_ ڪنهن آبدوز ڪشتيءَ وانگر، گجيءَ سان ڀرپور لهرن مان پنهنجو خطرناڪ ۽ مزيدار سفر تيزيءَ سان طئي ڪنديون پئي ويون.

نويدا پنهنجيءَ راهه تي، طوفان جي اُڏايل هڪ سامونڊي پکيءَ جيان تڪڙي تڪڙي پئي وئي. هن پراڻين ۽ برف سان ڍڪيل چوٽين وارين ڏنگين ڦڏين عمارتن کي ڏٺو، جيڪي گهٽين ۾ ڪر کنيو بيٺيون هيون، ۽ جيڪي رات جي روشنيءَ ۽ ڌنڌ ۾ ڪيترائي رنگ ظاهر ڪري رهيون هيون. اهي اولهه جي برفاني جبلن سان ايترو ته مشابهه هيون جو انهن کي ڏسي نويدا کي فرحت محسوس ٿيڻ لڳي، اهڙي فرحت، جا هڪ لک ڊالرن وارو گهر به کيس ڪونه ٿي ڏئي سگهيو.

رستي جي ور وٽ هڪڙي پوليس واري جون ڪرڙيون اکيون ۽ ڀريل بُت ڏسي هن جي رفتار گهٽجي وئي.

”محترمه“، هن پڇيو، ”ههڙي بيگاهه وقت ۾ تون ڪيئن ٻاهر نڪتي آهين؟“

”آءُ... آءُ دوائن جي دڪان تي وڃان پئي“، نويدا پوليس واري جي ڀرسان تڪڙو گذرندي چيو.

اهو عذر ڄڻ ته پاسپورٽ هو. ڇا، انهيءَ مان ثابٿ ٿئي ٿو ته عورت ڪڏهن به ترقي نٿي ڪري، ۽ هوءَ مڪر ۽ فريب ۽ دانائيءَ ۾ ڄمندي ئي ڄام آهي؟

اڀرندي ڏانهن مڙندي، سامهون ايندڙ تيز هوا جي رڪاوٽ کان نويدا جي رفتار گهٽجي وئي. هوءَ برف تي پيرن جا اڏا اُبتا نشان ڇڏيندي اڳتي وڌيندي وئي. اوچتو مصورخاني واري عمارت، ڪنهن يادگار توب جي چوٽيءَ وانگيان کيس ڏسڻ ۾ آئي. واپار ۽ ان جي دشمن پاڙيسري فن جو آڏو تاريڪ ۽ خاموش هو. لفٽ ڏهينءَ منزل تي هلي بيٺي.

نويدا خوفناڪ ۽ اونداهيءَ واري ڏاڪڻ جا ڏهه ڏاڪا چڙهي، ”89“ نمبر وارو دروازو کڙڪائڻ لڳي. اڳي به ڪيترائي ڀيرا باربرا ۽ پوڙهي جيروميءَ سان گڏ هوءَ هتي آئي هئي.

گلبرٽ دروازو کولينوهن جي هڪڙي هٿ ۾ رنگين پينسل هئي، اکين تي عينڪ ۽ وات ۾ پائيپ پيل هوس. پائيپ فرش تي ڪري پيو.

”آءٌ دير سان ته ڪانه پهتي آهيان؟“ نويدا پڇيو. ”مون جلد پهچڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. اڄ شام جو آءٌ ۽ چاچا ناٽڪ گهمڻ ويا هئاسين. آءٌ پهچي ويئي آهيان، گلبرٽ!“

گلبرٽ عجيب غريب حرڪت ڪئي. هن هڪ بدحواس بوتي مان ڦري، هجڪ نوجوان جو روپ ورتو، ڇاڪاڻ ته کيس هڪ اهم مسئلو حل ڪرڻو هو. هو نويدا کي ڪمري ۾ وٺي آيو، ۽ برش کڻي، هُڻ جي ڪپڙن تان برف ڇنڊڻ لڳو. جنهن تصوير تي هن رنگين پينسل سان رنگ پئي ڀريا، ان جي فريم مٿان سائي ڍڪ وارو گولو پئي ٻريو.

”مون کي تو سڏايو آهي،“

”تومنهنجو خط پڙهيو هو؟“ گلبرٽ هوا کان بچائيندي پڇيو.

”مون کي باربرا پڙهي ٻڌايو. مون اهو پوءِ ڏٺو. ان ۾ لکيل هو: ’اڄ رات ٻارهين بجي منهنجي مصوّر خالي به ۾ اچ. ڏس، وسارجانءِ نه.‘ مون سمجهيو، شايد تون بيمار اهين، پر تون ڏسڻ ۾ ته چڱو ڀلو ٿو اچين.“

”ها ها!“ گلبرٽ بيپرواهيءَ سان چيو. ”آءٌ توکي ٻڌائيندس، نويدا، ته مون توکي ڇالاءِ سڏايو آهي. آءٌ چاهيان ٿو ته تون مون سا شادي ڪرين ـــــــ اڄ رات ئي! هي برفاني طوفان ڪو گهڻو ڪونهي. تون تيار آهين؟“

”توکي ته اهو اڳ ۾ ئي سمجهڻ گهرجي ها ته آءٌ انهيءَ لاءِ گهڻو اڳ تيار هيس.“ نويدا چيو. ”برفاي طوفان لاءِ منهنجي راءِ به ساڳي آهي. آءٌ به يقيناً ڏينهن جي رنگين شادين کان نفرت ڪريان ٿي. گلبرٽ، مون کي اها سڌ ڪانه هئي ته هن ڳالهه کي ههڙي نموني ۾ پيش ڪرڻ جي تو ۾ ايتري ه مت آهي. خير، انهن ڳالهين کي ذهن مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي.“

”شرط رک!“ گلبرٽ چيو. ”مون اها ڳالهه ڪٿي ٻڌي هئي؟“ هن چپن ۾ چيو. ”هڪڙو منٽ ترس، نويدا، آءٌ ٿورو فون ڪري وٺان.“

هو ڪپڙن بدلائڻ واري ننڍڙي ڪمري ۾ گهڙي ويو، ۽ نمبرن جي غير روماني ڄار ۾ ڦاسي پيو.

”اڙي، تون آهين، جئڪ؟ توکي ته رڳو ننڊ گهرجي! هائو، اُٿي کڙو ٿيءُ. اهو آءٌ آهيان، يا مان، انهيءَ نحوي غلطيءَ کي کڻي ڦٽو ڪر! آءٌ هينئر جو هينئر شادي ڪريان ٿو. هائو! پنهنجي ڀيڻ کي سجاڳ ڪر. مون کي جواب نه ڏي؛ هن کي به پاڻ سان وٺي اچ ـــــــ ضرور وٺي اچ! آئگنيس کي اهو وقت ياد ڏيار، جڏهن مون هن کي رونڪونڪوما ڍنڍ ۾ ٻڏڻ کان بچايو هو. آءٌ سمجها ٿو ته اها منهنجي هلڪڙائي چئبي جو اهڙي ڳالهه چئي اٿم، پر تو سان گڏ هن کي ضرور اچڻ گهرجي. هائو! نويدا هتي اوهان جي انتظار ۾ ويٺي آهي. ٿورو اڳ اسان مڱڻو ڪيو آهي، ڪي مائٽ اسان جي شادي جي برخلاف آهن. توکي ته اڳي ئي سڌ آهي اسين هيءُ معاملو ههڙيءَ طرح نبيري ٿا ڇڏيون. اسين اوهان جو انتظار ڪريون ٿا. ائگنيس کي گهڻوڳالهائڻ نه ڏجاءِ؛ کيس وٺي اچ. ايندين نه؟ ڇورا، موٽندي آءٌ اوهان کي گاڏي ڪري ڏيندس. حيران نه ٿيءُ، جئڪ! خوش ته آهين نه؟“

گلبرٽ انهيءَ ڪمري ۾ آيو، جتي نويدا منتظر ويٺي هئي.

”منهنجو پراڻو دوست جئڪ پيٽن ۽ سندس ڀيڻ پوڻي ٻارهين بجي هت پهچڻ وارا هئا،“ هن ٻڌايو، ”پر جئڪ ته بنهه سست آهي. مون هينئر کين فون ڪيو آهي ته جهٽ پٽ پهچي وڃن. هو ٿوري وقت ۾ ئي هت پهچي ويندا. آءٌ دنيا جو هڪ خوش قسمت انسان آهيان، نويدا! اڄ مون توڏانهن جيڪو خط موڪليو، سو ڪٿي آهي؟“

”اهوته مون وٽ ئي آهي“، نويدا پنهنجي فراڪ مان خط ڪڍندي چيو.

گلبرٽ لفافي مان خط ڪڍي، ان کي خبرداريءَ سان ڏسڻ لڳو. پوءِ هن نويدا ڏانهن غور سان نهاريو.

”مون توکي پنهنجي مصورخاني ۾ رات جو ٻارهين بجي اچڻ لاءِ لکيو هو، ۽ توکي اهو پڙهي ڪو تعجب به ڪونه ٿيو؟“ هن پڇيو.

”نه،“ نويدا پنهنجيون اکيون گول ڦيرائيندي چيو، ”جڏهن ته توي منهنجي ضرورت هئي. جيڪڏهن تنهنجو ڪو دوست توکي تڪڙو گهرائي ته پوءِ، ـــــــ ساڳي ڳالهه هتي به آهي. پهرين ته پاڻ هُتي پهچي، هن خرخسي مان جند ڇڏايون؛ پوءِ اهي ڳالهيون پيون ٿينديون. ههڙن موقعن تي وري برف به ضرور پوندي آهي. مون ته ڪو ويچار ئي ڪونه ڪيو.“

گلبرٽ ڊوڙي ٻئي ڪمري ۾ ويو، ۽ ڪوٽن جو هڪڙو ٿهو کڻي آيو، جيڪي ها، مينهن يا برف کان بچائي سگهن.

”هيءَ برساتي پاءِ“، هن نويدا ڏانهن هڪڙو ڪوٽ وڌائيندي چيو. ”اسان کي ٻه فرلانگ پنڌ ڪرڻو آهي. پوڙهو جئڪ ۽ سندس ڀيڻ ڄاڻ ته پهتا.“ هو هڪڙي ٿلهي ۽ ڳري ڪوٽ پائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ”اڙي نويدا،“ هن چيو، ”ميز تي پيل شام واريءَ اخبار جي پهرئين صفحي جي سُرخي ته پڙهي ڏس. اها مغربي ملڪ بابت آهي، ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته تنهنجي دلچسپيءَ جي هوندي.“

اوورڪوٽ پائڻ جي بهاني سان هو پوري هڪ منٽ لاءِ ترسيو. ۽ پوءِ پُٺ ڏيئي بيٺو. نويدا چُري به ڪانه. هوءَ هن ڏانهن تعجب ۽ پريشانيءَ مان سڌو ڏسڻ لڳي.سندس ڳٽا سُرخ ٿي ويا هئا، پر سندس نگهان ۾ پختگي هئي.

”آءٌ تويک ٻڌائڻ واري هُيس“، هن چيو، ”بهرحال، پهرين تون ... پهرين اسين .... پهرين .. خير، هر ڳالهه کان پهرين، ... بابي مون کي هڪ ڏينهن به اسڪول ڪونه اُماڻيو هو. آءٌ ڪڏهن به ڪو لفظ پڙهڻ يا لکڻ ڪانه سکيس. هاڻي جيڪڏهن ـــــــ“

ننڍاکري جئڪ ۽ شڪر گذار ائگنيس جا قسم اونداهيءَ ڏاڪڻ تي ڌم – ڌم ڪندا ٻڌڻ ۾ آيا.

شادي ٿيڻ کان پوءِ جڏهن مسٽر ۽ مسز گلبرٽ وارن، بند گاڏيءَ ۾ لڏندا لمندا، تيزيءَ سان گهر ڏانهن آيا، ته گلبرٽ چيو:

”نويدا، تون ڄاڻڻ چاهيندينءَ ته اڄ رات جيڪو توکي خط مليو، تنهن ۾ مون ڇا لکيو هو؟“

”ٻُڌاءِ!“ ڪنوار چيو.

”لفظ بلفظ“، گلبرٽ چيو، ”هي هو ته ’منهنجي پياري مس وارن، گُلن جي باري ۾ تنهنجو چوڻ درست هو: اهو نيري رنگ جو گُل هو، ۽ نه اڇي رنگ جو‘!“

”ٺيڪ“، نويدا جواب  ڏنو،” پر اسان کي اهو وساري ڇڏڻ گهرجي! اهو چرچو بهرحال باربرا تي آهي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com