سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (1-2)

 

صفحو :5

 محبوب ’سروري‘

تنهنجي انڪار ۾ اقرار به، سبحانَ الله!

تون دل آزار به، دلدار به، سبحانَ الله!

تنهنجي شوخيءَ ۾ لڪل پيار به، سبحانَ الله!

بيوفا آهين، وفادار به، سبحانَ الله!

دلڪشي تنهنجي عجب، سرڪشي تنهنجي ته غضب،

تون ڪڏهن گل ته ڪڏهن خار به، سبحانَ الله!

ڪنهن گهڙي راهون تڪين، ڪنهن گهڙي مون کان ٿو لڪين،

وصل لئه توکي تڙپ، عار به، سبحانَ الله!

منهنجي نغمن تي فدا، منهنجي محبت کان خفا،

مون لئه بيتاب ته بيزار به، سبحانَ الله!

تون ڪڏهين پين ٿو، ڪڏهن پيارين ٿو الفت جو شراب،

منهنجو ساقي به تون، ميخوار به، سبحانَ الله!

تنهنجي فرقت ۾ عذاب آهي، محبت ۾ ثواب،

منهنجي لئه غم به تون، غمخوار به، سبحانَ الله!

’تاج‘ بلوچ

 

جو منهنجي تخيل ۾ پنهان ٿيو، برنگ غزل سو نمايان ٿيو.

جڏهن جلوه گر روي تابان ٿيو، تڏهن شعر دل ۾ چراغان ٿيو.

هُتي غنچهء گل پريشان ٿيو، هِتي مست چاڪِ گريبان ٿيو.

ڪندو ڪين جلوه نمائي قمر، فروزان اگر داغِ هجران ٿيو.

پکيڙي ڇڏيا زلف ڪنهن دوش تي، نظامِ دو عالم پريشان ٿيو.

صراحيءَ ۽ ساغر تي سجدا ڏنا، جڏهن ذڪرِ چشمِ غزالان ٿيو.

ڇڏي ڏيو، ڪري ’تاج‘ ڀل عاشقي، اجايو نه، يارو، پريشان ٿيو.

 

قيوم ’طراز‘

جواني اگر حسن جو آهي باب،

اکيون هي اوهان جون مڪمل ڪتاب.

سوين ميڪدا ڪن اوهان کي طواف،

اکين مان اوهان جي ٿو ٽپڪي شراب.

وڃي گردشِ جام ُرڪجي، اگر،

ڏسي توکي ايندو اکين ۾ حجاب.

اسان جون اکيون، ڏس، سراپا سوال،

اوهان جون اکيون ڄڻ مسلسل جواب.

مٿي کڻ اکيون اڄ، اي حسنِ عجيب،

نظارن تي آيو عجب هڪ شباب.

رهي آهه قربت اکين جي عزيز،

اوهان کان جدا زندگي ٿي عذاب.

ڏنو رنگ ڌوڪو اکين جي، ’طراز‘،

چپن سان لڳل آهه هردم شراب.

 

شيخ ’راز‘

ڪري منهن اگهاڙو وري پاڻ اچجو،

تماشاي اهلِ نظر پوءِ ڏسجو.

اسان کان پڇو ٿا هي شانِ تبسم، نگاهن جون ڳالهيون نگاهن کان پڇجو.

وري ڇا ٿا سمجهو نه اينداسون ٻيهر، اڃا ويڻَ سائين بچائي ڪي رکجو!

ڪري ياد جورو جفا، پوءِ توبهه، جي روئي نه ڪريو، اسان کي نه مڃجو.

وڃڻ لاءِ اهڙو اٻهرو نه ٿيندا، هڙي کن گذاري وري پوءِ وڃجو.

اوهان آندو آهي، اوهان جي نوازش، هي مرهم ڦٽن تي ذرا پاڻ رکجو.

 

حافظ شاهه ’ناطق‘

منهنجي سيني ۾ دم رهي نه رهي،

آتشِ درد و غم رهي نه رهي.

دامنِ حسن صاف و پاڪ آهي، عشق جو ڀل ڀرم رهي نه رهي.

آهه اکين ۾ يار ويٺو لڪي، چشمِ گريان به نم رهي نه رهي.

عشق قربان ٿي ويو بيشڪ، هاڻ قام ستم رهي نه رهي.

دل جي دل سان ٿي راهه و رسم آهي، ڀل ته زلفن ۾ خم رهي نه رهي.

ڪو ته لمحو رقيب کي ٽاري، پوءِ هن جو ڪرم رهي نه رهي.

اشڪ ظاهر ڪيو جو لکڻو هو، نامه بر! ڀل قلم رهي نه رهي.

زندگي ڇو نه ياد ۾ گذري، يار گر دمبدم رهي نه رهي.

ڪين چانئٺ تان سر کڄي سگهندو، مون سان، ’ناطق‘، صنم رهي نه رهي.

 

نياز علي شاهه ’محسن‘

نازنينن طرف نهاريون ٿا،

زندگي موج ۾ گذاريون ٿا.

 

هر مصيبت ۾ مُسڪرايون ٿا،

دوستن جي خطا وساريون ٿا.

 

جُرم آهي ته به اهو ئي آهه،

ڪجهه خودي، ڪجهه شعر ڌاريون ٿا.

 

ڀل بغاوت يا ڪجهه ٻيو سمجهو،

شدتِ ياس کان پڪاريون ٿا.

 

ڇا نه پياري ٿي ڪائنات لڳي،

ڪنهن سُتل کي جڏهن اُٿاريون ٿا.

 

شُڪر آهي وري به، اي ’محسن‘،

اهلِ دانش جي دل ته ٺاريون ٿا.

 

ايم ڪمل

هن شمعِ حياتي جا، پروانا اسين آهيون،

آتش سان ڪُڏڻ وارا، ديوانا اسين آهيون.

ساقي به اسين آهيون، ۽ مَي به اسين آهيون،

ڪو اهلِ نظر جاچي، مئخانا اسين آهيون.

دنيا جي غمن جي آ، ڪيو نذر اسان خود کي،

بيقدر جي قدمن ۾، نذرنا اسين آهين.

سچ منهن تي چئي ٿا ڏيون، مهل ۽ نه ڏسون ماڻهو،

يارو نه ڪجو دل ۾، ديوانا اسين آهيون.

هر آهَ ’ڪمل‘ پنهنجي، دانهن آهه جهُريل جيءَ جي،

هر درد ڀريل دل جا، افسانا اسين آهيون.

هو ناز، ’ڪمل‘، ڏاڍو جنهن درد تي هن دل کي،

تنهن درد کان ڀي اڄڪلهه، بيگانا اسين آهيون.

 

نثار بزمي

دل منجهان غم اڃا نٿو نڪري،

روڄ مان ڪم اڃا نٿو نڪري.

آرزو زيست جي رهي ناهي،

پر مُٺو دم اڃا نٿو نڪري.

همنشين، تون مون کان پڇين ڇو ٿو،

مَنَ مان ماتم اڃا نٿو نڪري.

ديدَ دَرَ ۾ اها ئي آ قائم،

پاي ريشم اڃا نٿو نڪري.

ساز دل پيو ٽُٽي، اڙي ’بزمي‘،

تنهن مان سَرگم اڃا نٿو نڪري.

 

نعيم دريشالي

 

غمن جي رَٿ تي چڙهي انتظار آيو آ،

غريب درد ڀي بي اختيار آيو آ.

پنن جي زردگي ويئي، نه دل جي مايوسي،

الائي ڪنهن جي ڪري هي بهار آيو آ.

اسان جي دل جي ڦٽن تي پَهَا رکڻ جي لاءِ،

اوهان جو درد سدا بيقرار آيو آ.

ڇا زندگي جو آ مطلب ڳَهڻ ۽ ڪجهه نه ڪڇڻ؟

سڀن جو روح ڇا ايئن بيقرار آيو آ!

جڏهن به ذڪر ڇڙيو آ بهار جو، گل جو،

تڏهن ڪو ياد سدا بار بار آيو آ.

 

’راز‘ بلڙائي

کنيون جيڏانهن تو سهڻا نگاهون،

ويا ڀُلجي ستارا پنهنجون راهون.

غم ڪون و مڪان ٿيو دل ۾ رقصان،

مليون جڏهين سندءِ غم جون پناهون.

لنگهيو شايد ڪو آهي دل مان منهنجي،

رهن ٿيون سربسجنده هي نگاهون.

ٿيو ارزان آ خونِ غنچهء دل،

سنوارن پيا تڏهن اڄ جلوه گاهون.

ديارِ يار آ نزديڪ شايد،

اچن ٿيون ڊوڙنديون مون ڏانهن راهون.

لنگهين ٿو تون ڪري جئن زلف بردوش،

ٿين ٿيون فرشِ ره تو لئه نگاهون.

وفور درد ۾ اڪثر لبن تي،

تبسم بنجي ڇو آيون ٿي راهون.

لرزجي دل ويئي آهي سندم، ’راز‘،

خبر ناهي ويون ڇا چئي نگاهون.

 

عبدالڪريم پلي

 

ڇا عاشقي ۽ ڇا گلا؟، اي دلربا، اي مه لقا!

توکي روا آهي جفا، اي دلربا، اي مه لقا!

تنهنجا ڏنل درد و الم، سمجهي سڀئي لطف و ڪرم،

دل ساڻ سانڍيندس سدا، اي دلربا، اي مه لقا!

جور و ستم سر تي سَهي، راهِ وفا ۾ سر ڏئي،

ڪن فخر ٿا اهلِ وفا، اي دلربا، اي مه لقا!

تنهنجو تبسم گل فشان، تنهنجو تڪلم بي بيان،

جان بخش تنهنجي هر ادا، اي دلربا، اي مه لقا!

توکي ڏسي شمس و قمر، خود کان ٿي بلڪل بيخبر،

تنهنجا چُمن ٿا نقش پا، اي دلربا، اي مه لقا!

بخشي نئين سر زندگي، ڏئي ٿي نظر کي تازگي،

تنهنجي نگاهِ ڪيفزا، اي دلربا، اي مه لقا!

مفقود آهن فرحتون، ناهن ميسر لذتون،

توکان پري، تو کان سوا، اي دلربا، اي مه لقا!

ديوانہء ديدار لئه، فرقت سندي بيمار لئه،

جُز ديد ٻي ناهي دوا، اي دلربا، اي مه لقا!

خود دادگر ٿي، ۽ ڏسي، حالت ’ڪريم‘ آزرده جي،

واري ورق اچ وصل جا، اي دلربا، اي مه لقا!

 

نيون طرزون

هريڪانت                                                ترائيل

 

تنهنجي نظرن کان جڏهن دور هليو ويندس مان،

پڪ اٿم، روئي مون کي روز سنڀاريندئين ٿون:

توکي ور ور ڏئي پيو ياد تڏهن ايندس مان،

تنهنجي نظرن کان جڏهن دور هليو ويندس مان.

چنڊ تارن کان به جنهن وقت پري هوندس مان،

هنجون هاريندي گگن ڏانهن نهارينديئن تون:

تنهنجي نظرن کان جڏهن دور هليو ويندس مان،

پڪ اٿم، روئي مون کي روز سنڀارينديئن ٿون!

 

ارجن ’سِڪايل‘

ترائيل

 

وري ياد آيم اُهي ئي ڪهاڻيون،

لڪل آهه جن جي تهن ۾ وفائي:

رُئاڙيو ڇڏن يادگيريون پراڻيون،

وري ياد آيم اُهي ئي ڪهاڻيون.

اڃا ياد آهن اکيون سي نماڻيون،

وهيون واهه وانگر، جڏهن ٿي جدائي.

وري ياد آيم اُهي ئي ڪهاڻيون،

لڪل آهه جن جي تهن ۾ وفائي.

 

رُباعيون

نياز علي شاهه ’محسن‘

(1)

تعليم ۽ اخلاق، لياقت ڪانهي،

اخلاص، مروّت ۽ صداقت ڪانهي:

زندهه نه رهي، موت سڏي ٿو ان کي،

جنهن قوم جي فردن ۾ محبت ڪانهي.

(2)

تڪليف، اذيت ۽ مصيبت ايندي،

ان بعد حقيقت ۾ مسرت ايندي:

هرڪوئي وطن لا3 ڪري قرباني،

ان ريت زماني ۾ صداقت ايندي.

(3)

مغموم ۽ معذور ۽ عريان آهي،

مانيءَ جي ڳڀي لاءِ پريشان آهي:

هوڏانهن ستارن تي وڃي ڪي پهتا،

فٽپاٿ تي رهندڙ هي مسلمان آهي.

(4)

انسان کان انسان جي محبت ويندي،

اخلاص، محبت ۽ مروّت ويندي:

اُن وقت ٻڌون ٿا ته قيامت ٿيندي،

جنهن وقت زماني مان صداقت ويندي.

(5)

بهتان ۽ الزام اجايا آهن،

ظالم به ۽ مظلوم به پنهنجا آهن،

عورت کي غلط راهه تي آڻڻ وارا،

هي مرد نه آهن، ته فرشتا آهن؟

 

*-----------*-----------*

 

 

 

ادب لطيف

چترو ناگپال (بمبئي)

مرڪب روح

 

جڏهن بيشمار بادلن جون ٽوليون، آسمان ۾ ڇانئجي، پنهنجيءَ ڇايا سان ساريءَ ڪائنات کي ڍڪي ٿيون ڇڏين، تڏهن، سڀڪجهه ڇڏي، منهنجون اکيون انهن ۾ وڃي ٿيون اٽڪن،جڏهن هو مردنگ ٿا وڄائين، تڏهن منهنجو من بود ۾ ڀرجي نچڻ ٿو لڳي، جڏهن وڄ جا چمڪاٽ ٿا ٿين، ته ڀانيان ٿو ته ڪو دل ۾ برهه جا چير ٿو ڪري. جڏهن بوندن جي جهري ٿي لڳي، تڏهن انهن سان منهنجي سڌ ٻڌ وهي ٿي وڃي، ۽ اٿاهه آنند ۾ مدهوش ٿي ٿو وڃان. ان ڪري ٿو پڇانوَ، بادلو، ٻڌايو ته مان اڳلي جنم ۾ مور ته نه هوس؟

سهائيءَ رات ۾ جڏهن چنڊ فضا مٿان ڦڪي سائي رنگ جو سنهڙو ريشمي پردو ٿو کڻي وجهي، جل جي لهرن مٿان چنڊ جا ڪرڻا ٻارن جيان نچي ڪُڏي رانديون ٿا ڪنن ۽ زمين ڄڻ چانديءَ جي سرور مان سنان ڪري ٿي نڪري، تڏهن چنڊ ڏانهن اڏامڻ لاءِ دل بيتاب بڻجي ٿي پوي. چنڊَ، تون مون کي ڪنهن ڏينهن چريو نه ڪري ڇڏين! پر، ان کان اڳ ۾ اهو ته ٻڌاءِ: ڇا مان اڳلي جنم ۾ چڪور ته نه هوس؟

هي پنن سان پيار، هي گلن سان محبت، هي تلائن تي ڀٽڪڻ ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪَمَلن ۾ اکيون وجهي ويهڻ ۽ گنگنائڻ: ڪَمَلو، سچ ته ٻڌايو، ڇا مان اڳلي جنم ۾ ڀونئر هوس؟

پهاڙن جون چوٽيون ڏسي، دل ٿي چوي ته کنڀ کوليان. بس، هينئر اُٿان، اُڏامان. وڻن جي جهڳٽن ۾ لامن تي لُڏي، لڪي لڪي گيتٿ ڳايان. نيري اُڀ ۾، مٿي ئي مٿي پرواز ڪريان. اُشا ۽ سنڌيا جي لالائيءَ ۾ تران. اِهي امنگ ڏسي، سوچيان ٿو ته مان ڪو پرندو ته نه آهيان، جنهن جا کنڀ ڪٽيا ويا آهن!

هيءَ بنسريءَ جو آواز جو منهنجي من جي ڇلانگن کي بيهاري ٿو ڇڏي، سو صدين کان سڃاتل پيو لڳي. ڇا، مون ۾ ڪنهن هرڻ جو واسو ته نه آهي؟

ڪڏهن ڪڏهن روح ۾ اهڙي جلن ٿي ٿئي، جو سمجهان ٿو ته ڪو پتنگ ٿو سَڙي؛ ۽ بعضي دل اهڙي ڦٿڪي ٿي اُٿي، جو ڀانيان ٿو ته منجهس ڪا بلبل بند ٿيل آهي. جڏهن تنهنجي پريم جي خوشيءَ ۾ مخمور، منهنجا آتما جهلي ٿي، ۽ تنهنجي ورهه جي غم ۾ چُور چُور ٿي اُها جلي ٿي، تڏهن مان توکان ئي پڇڻ ٿو چاهيان ته پرين، ٻڌاءِ، ڇا مان تنهنجو ئي اڌ حصو ته نه آهيان، جو توسان مليل به آهيان ۽ وڇڙيل به؟

پرڀو، هي تو ڇا ڪيو آهي: مون کي هيترن روحن جو مرڪب ٺاهي، ان کي پنهنجي رَس ۾ رنڱي وري ان مٿان هيءُ شرير جو پوش کڻي چاڙهيو اٿيئي! مان ڀانيان ٿو ته تنهنجو اهو رَسُ ئي ڪنهن ڏينهن رَساين (ڪيميا) بڻجي، منهنجي ان مرڪب روح کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو: پوءِ مان عقاب بڻجي اڏامندس، مور بڻجي نچندس، هرڻ بڻجي ٽپا ڏيندس ۽ بلبل بڻجي ٻوليندس!


 

ڪهاڻي يا افساني جو معيار ادب ۾ ان ڪري بلند آهي جو ان جي مطالعي کان پوءِ هڪ پَلَ ۾، ڪنهن به پيچيدگيءَ ۽ پريشانيءَ کان سواءِ روح جي ڪنهن نه ڪنهن جذبي تائين پڙهندڙ جو ذهن پهچي وڃي ٿو، ان طرح سندس ذهن ۽ فڪر جو دائرو وسيع، ۽ انساني زندگيءَ جي مختلف حصن تائين رسائي عميق ٿي وڃي ٿي. کيس پنهنجي معلومات پوريءَ سماجي هلچل ۽ حرڪت ۾ ملي وڃي ٿي. ۽ پڙهندڙ پنهنجي باقي معاشري کي پنهنجو سمجهڻ لڳي ٿو“._  منشي پريمچند

 

 

غلام نبي مغل

واچوڙن ۾ لاٽ

 

زينب هر دفعي ايندي هئي، ۽ هر دفعي منهنجن خيالن جي سلسلي کي انهيءَ تي مجبور ڪري ويندي هئِي ته وري سندس باري ۾ ڪجهه وڌيڪ  سوچيان.

مُنجهي پيو آهيان ته کيس ڇا چوان. چنچل؟ چنچل ته ڇوڪريون ٿينديون آهن، جيڪي جُواڻيءَ جي زور کي چنچلتا ۽ حيا ۾ نهوڙِ، مرڪندي، اکيون ڇنڀندي ، هرڻين جيان ڇال پيون هڻنديون آهن؛ پر زينب ته عمرجي چڱي هوندي. هاٺي سٺي اٿس، نه ته اٺاويهه – اوڻٽيهه سال ته عمر ضرور هونديس؛ ٿي سگهي ٿو، اڃا به عمر وڏي هجيس.

جنهن ڏينهن گهر وارا پهرين جڳهه ڇڏي وڃي نئينءَ جاءِ ڀيڙا ٿيا هئا – تنهن کي شايد چار ياپنج ڏينهن ٿيا هجن – ته زينب مون وٽ آئي هئي. آءٌ اڃا امتحانن ڪاڻ اُت رهيل هوس. صبح جا ڏهه کن ٿيا هئا، اڃا هٿ – منهن به ڪونه ڌوتو هوم، رڳو سگڙي ٻاري چانهه ٺاهي هيم. چانهه جي ڪيٽلي لاهي، ويٺو ئي هوس ته ٻڪيڙيل در کليو. زينب مٿي تي ڇٻي رکيو اندر آئي.

”ميندي مُساڳ کپي؟“ مون هن ڏانهن ڏسي مرڪي ڏنو، ۽ هوءِ به مُرڪندي اچي کٽ تي ويٺي. اها سندس پراڻي عادت هئي. جڏهن گهر وارا هئا،  تڏهن به ائين بنا هٻڪ جي ايندي هئي.

”ڪجل وٺينس! مون وٽ تمام سٺو ڪجل آهي؛ پائڻ سان اک چمڪڻ لڳندو.“ هن ڇٻي مٿي تان لاهيندي چيو.

”جيئن تنهنجيون اکيون پيون چمڪن!“ مون سندس اکين ۾ ڏسندي چيو.

”تنهنجو ’زال‘ هن کي پائيندو ته ان جو اک مون کان به گهڻو چمڪندو.“ هن ترت جواب ڏنو.

”ڇو ٿي صبح ساڻ ڪوڙ ڳالهائين___“ مون چيو.

”ڇو؟“ هن ڪجهه تکائيءَ سان پڇيو.

”مون اڃا شادي ئي ڪانه ڪئي آهي.“

”ها ها، پر پڌري ته ٿي ويو آهي نه؟ مون کي جڻ خبر ئي ناهي!“

زينب کلندي چيو، ۽ ڇٻيءَ منجهان ڪجهه ڪجل جون سرايون ڪڍي ڏيکارڻ لڳي.

”اچي، هي ڪجل ڊِس. هي .....“

مون کي سندس مڪراني لهجي واري سنڌي ڏاڍي وڻندي هئي. چانهه جو ڪوپ اُڇيندي چيومانس، ”اچي، هي چانهه پي ڊس!“

”اصلي ڪجل آهي. نقلي ٻقلي ناهي.“

”چانهه به اصلي آهي. نقلي ٻقلي ناهي!“ چانهه جو ڪوپ ڏانهنس وڌائيندي، مون چيو.

هن مرڪي ڏنو. پوءِ هوءَ ڪجهه دير ويٺي، ۽ مون کي زوريءَ پنهنجيءَ ڪنوار لاءِ ٻه – ٽي سرائيون ڪجل جون وٺرائي ويئي.

زينب هونئن به اسان جي گهر ۾ ايندي ويندي هئي. مون سان جڏهن به ڳالهائيندي، ته منهنجيءَ ڪنوار جي باري ۾. کيس ڏاڍي ڪا وڻندي هئي. جڏهن به گهر اچي، اهو ئي چوي ته ”ڪڏهن ٿا هِن کي شادي ڪرايو؟“

”بس، سال_ ٻه اٿس، امتحان پاس ڪري ته پوءِ.“  امان کي چونديس. ”سال به! هوءَ مٿين چپ تي حيرت وچان آڱر کڻي رکندي، ”پڙهڻ پوءِ به ٿي سگهندو، پر هي عمر ته شادي جي آهي.“

کيس ڏاڍو عجب ٿيندو هو ته آءٌ هيڏو سارو اچي ٿيو آهيان ۽ شاديءَ لاءِ مائٽن کي ڪونه ٿو چوان. هڪ دفعي چئي به ڏنئين: ”هيڊو ڊِگ لگو پيو آهين، اڃا شادي نٿو ڪرين!“

زينب هونئن به ڏاڍي قرب وراي زال هئي، ۽ وري سندس مڪراني لهجي واري سنڌي ته ڪنن کي ڏاڍي چڱي ٿي لڳي.

هفتي کن کان پوءِ ٻيهر مون وٽ آئي.

”اڄ ته ڪو ڪامڻ وارو ڪجل آندو هوندءِ!“ مون کيس ڇيڙيو.

”اڄ ته ڪجهه ڀي ڪانهي.“ هن نڪ کي ڦونڊيندي چيو. ”هتان لنگِي، سوچيو مانس ته ٻه گهڙيون ساهي وٺي وڃان.“ ائين چئي، هوءَ کٽ تي ويهي رهي. گرمي به زور هئي. هوا مرڳوئي بند، ٻوساٽ ئي ٻوساٽ، سو سهڪي پئي.

”ٻه منٽ ساهي پٽ ته تنهنجي لاءِ ڪو ٿڌو آڻيان.“ آءٌ اٿس، ۽ چمپل پائي ٻاهر وڃڻ لڳس. مون کي ويندو ڏسي چوڻ لڳي، ”آرنج وٺجانس، بي باٽلي مون کي نٿو وڻي ـــــــ بَرَفُ مڙئي ٿورو سرس.“

اهو ٻڌي، چانئٺ تي ئي منهنجا پير ڄمي ويا. مون ڪنڌ ورائي کيس ڏٺو. ”آرينج؟“ سندس پگهريل منهن کي ڏسندي پڇيومانس.

”ها.“ هن پنهنجين ٻانهن تي پگهر جي چنبڙيل چولي کي کڻندي چيو.

”برف ٿورو سرس!“ مون سندس انداز ۾ مرڪندي چيو.

”گهڻو اڻڄاڻ نه ٿي.“ ائين چوندي، کانئس ٽهڪ نڪري ويو. ٽهڪ ايئن ڏنائين، ڄڻ سندس نڙيءَ مان اڇل کائي ٻاهر نڪتو هو؛ ۽ مون مُرڪي ڏنو.

هوٽل وارو ڇوڪر آرينج کڻي آيو. مون گلاس ڀري زينب کي ڏن، هوءِ ڍڪ به ڀرڻ لڳي، ۽ برف جا ٽڪر به ڪرٽيندي ويئي. مون کي سندس اهڙيءَ ريت برف ڪرٽن ڏاڍو عجيب لڳو.

”تون هيڏي ڳري زال، ڪيئن ٿي هن ڪاڙهي ۾ نڪرين!“ منهنجو اشارو سندس پيٽ ڏانهن هو، جو شايد پنجين ڇهين - مهيني جو هو. اهو ٻڌي، ٻه – ٽي ساعتون پنهنجي پيٽ ڏانهن اهڙي انداز سان ڏٺائين، ڄڻ انهيءَ جي کيس ڪا پر واهه ڪانه هئي.

”اسين آن ”زالن مان ڪو ناهيون جيڪو مڙس سان هندورن ۾ لُڊن ٿيون. اسين کي هِن پيٽ جي ڪو پرواهه ناهي . اسين کي هُن پيٽ جي دوزک جي ڳڻتي آهي!“

”ڀلا روز گهڻو ڪمايو وٺين؟“ مون ڳالهه بدلائي.

”ٽي - چار رپيا ـــــــ“

”تنهنجو مڙس ڇا ڪري؟ اُهو به ڪمائي؟

”جيل ۾ اندر آهي.“ هن جواب ڏنو.

”ڇو؟“ مون پڇيو.

”ڪراچي مان چَرَس آندو هوس.“

ڪجهه دير ٻئي چپ رهياسين.

”اڄ ڪجل ڪونه آندو اٿئي؟“ مون ڳالهه ڪئي، ”پهريون ته سٺو ئي ڪونه هو.“

”هل هل! سٺو ڪونه هوس!“ هن نڪ کي ڦونڊي، چپن جي ڪنڊن ۽ اکين جي ڪاراڻ منجه مرڪندي چيو. ”منهنجو ڪجل آهي مُلَڪ مُلَڪ مشهور!“

”ڀلا تون نوڪري هڪڙو ڪرين؟“ هن سامهون ڀت تي لڳل ڪئلينڊر کي ڏسندي پڇيو.

”آءٌ ته هٿ پڙهندو آهيان. نوڪري ڪونه ڪريان.“

”ٻيو ڇا ڪرين؟“

”ٻيو؟“

”هان.“ هن مرڪندي چيو.

”ٻيو سائين،“ مون سندس زبام ۾ ورجايو، ”بيو مان ڪهاڻيون لکندو آهيان“ مون ڄڻ فخر منجان اهو چيو.

”ڪهاڻيون؟ بادشاهه جون؟“ هن جلدي پڇيو.

”نڪو. آءٌ ڪهاڻيون لکندو آهيان اڄڪلهه جي زماني جون.“ هوءِ سمجهي نه سگهي. مونکيس سمجهائڻ ڪاڻ وري چيو: ”ماڻهن کي جيڪي ڏک سور هوندا آهن نه، آءٌ انهن جون ڪهاڻيون ٺاهيندو آهيان. ڪهاڻيون ٺاهي، واري ڪتابن ۾ ۽ اخبارن ۾ ڇپائيندو آهيان. پوءِ ٻيا سڀ ماڻهو اُهي پڙهندا آهن ـــــــ“

”پوءِ؟“

”پوءِ ماڻهن کي خبر پوندي آهي ته ڪنهن کي ڪهڙي تڪليف آهي. جيڪو ٻئي کي تڪليف ڏيندو آهي، انهن کان سڀ نفرت ڪندا آهن؛ ۽ جيڪو تڪليف ۾ هوندو، تنهن لاءِ سڀني جي دلين ۾ همدردي ٿيندي آهي. آءٌ ظالمن ۽ بدمعاشن جا پول پڌرا ڪندو آهيان، ۽ نيڪ ماڻهن جي تعريف ڪندو آهيان، ۽ غريبن ۽ بيواهن جا ڏک سور ماڻهن کي ٻڌائيندو آهيان، ۽ ـــــــ“

”اڙِي ته پو مانهنجي ڪهاڻي به لکينس!“

”ها، تو ۾ به هڪ شي آهي، جنهن تي ڪهاڻي لکي سگهجي ٿي.“

”ڪهڙي؟“ هن پڇيو.

”تنهنجي شوخي ۽ پنهنجائپ.“

”هون، مون بيو ڪجهه سمجهيو.“ هن ساهه کڻندي چيو.

”ڇا سمجهيو تو؟“ مون پڇيو.

”الائي ڇا سمجهيو،“ هن کلندي چيو،“ ”وسري ويو!“ سندس کل ۾ حيا جي جهلڪ هئي. حيا، جيڪو هڪ جوان عورت جي ڳلن تان ترڪڻ لڳندو آهي، جڏهن هوءِ ڪنهن مڙد جي اڳيان هوندي آهي.

هوءِ هڪ نه ٻئي ڏينهن ايندي ئي رهندي هئي. ڪڏهين پاڻي پيئڻ لاءِ، ڪڏهين ساهي پٽڻ لاءِ . الاجي ڇو، مون کي زينب سان ايتري همدردي ٿي ويئي هئي. جيتريقدر مون سندس ڳالهين مان پرکيو هو، ائين سمجهيم ته هوءَ  ڪافي تجربيڪار عورت هئي، ۽ وقت جي لاهن چاڙهن کيس انهيءَ قابل بنائي ڇڏيو هو جو هوءَ ننڍي عمر ۾ به اڪيلي سر پنهنجو پيٽ قوت پيدا ڪري رهي هئي.

هڪ ڏينهن ايندي شرط چيائين.

”تو مان تي ڪهاڻي لکي؟“

”ڪيئن لکان؟“ مون ٺهه ڦهه چيو.

”ڇو؟“ هن جي پيشانيءَ تي گهُنڊ  پئجي ويو.

”تنهنجي باري ۾ مون کي پوري خبر ڪانهي. رڳو اهو ٿو ڄاڻان ته تون ميندي، مساڳ ۽ ڪجل وڪڻڻ واري زينب آهين، تمام عقل واري آهي، ۽ ........... ۽ بس، ٻيو ڇا؟“ مون ڏانهس ڏٺو.

”بيو آءٌ توکي بدايان ٿي. پر ڊِس، منهنجو نالو هُن ۾ متان وجهينس!“

”ٺيڪ آهي، تون پنهنجي سڄي ڳالهه ٻڌاءِ.“

هوءِ مرڪي. ”هاڻي بد. پنج سال پيرين منهنجي شادي ٿي هئي. ننڍي هئي ته مان ڊاڍي کيچلي هئي. سڀ سان وڙهندي هئي. پر وڊي ٿي، ته وڙهندي ڪانه هئي، جو سڀڪو سمجهندو هو ته مان وڙهان رگو هن ڪري ٿي ته سڀ کي پنهنجي جواڻي جو زور ڊيکاريان. مان سچي، هينئر ڊاڍي گَري ويئي آهي. جواني ۾ تمام مجبوط هوندي هئي. هڪڙو هڪڙو هٿ، ههڙو ههڙو ٿلهو هوندو هو! جنهن کي هڻندي هئي، دانهون ڪندو هو. هيئرن ته بڇڙا ٿي ويا آهن.“ هوءَ پنهنجن هٿن کي ڏسڻ لڳي، جت نيريون نسون سندس ڪڻڪ رنگي هٿ تي اُڀري آيون هيون.

”مانهنجو مائٽ ڪوئي ناهي. رگو هڪ ماءُ آهي، سو ڀي هينئر اٿڻ – ويهڻ کان هلاک آهي. رگو وڙهي جاڻي.“

”پوءِ تنهنجو ڏوهه ڪونهي، تون ماڻهين تي ويئي آهين.“ مون چيو؛ ۽ ٻئي کلڻ لڳاسين.

”مان هروڀرو ته ڪنهن سان ڪونه وڙهي. پر هو ته گهر ۾ ويهي ويهي ڪڪ ٿئي ته هڪدم وڙهڻ جي ڳالهه سوچيندي. مانهنجي شادي ٿي ته مان مڙس سان گڊ ڪراچي هلي ويئي. مانهنجو مڙس اتي نوڪري ڪندو هونه. به سال کان پوءِ مون کي پٽ ٿيو پر جلدي مري ويو. آءٌ پنهنجي مڙس سان ڊاڍي خوش هئس. هڪ دفعي اسين حيدرآباد آياسين ٿي. منهنجو مڙس ٽيشن تي پڪڙجي پيو. منهنجو مڙس ٻه سير چرس جا حيدرآباد کني آيو ٿئي. اسان بئي ٿاڻي ۾ آياسين ۽ سڄي رات اتي رهياسين.“ انهي تي هوءَ کلڻ لڳي. انهي رات مون پنهنجي مڙس سان ڊاڍو پيار ڪيو ـــــــ پر ٻئي ڏينهن مون کيس ڊاڍيون گاريون ڏنيون. هو سوئر، شروع کان ئي چرس ۽ ڀنگ جو واپار ڪندو هو. مون کي خبر ڪانه هئي. مون کي چوندو هو، آءٌ ڪپڙي ميل ۾ نوڪر آهيان. ڪيس هليو ته ٻن ٽن بين ڊوهن ۾ به پڪڙجي پيو ۽ يڪا سارا ست سال جيل ۾ پيو هوندو. آءٌ پنهنجي ماءُ وٽ آيس ۽ به سال ماءُ جو کاڌم ته روز مهڻا ڊيندي هئي ــــــ مون کي خار لڳي، سچي آءٌ غصي جي خراب آهيان ۽ پو هي ڌنڏو ڪرڻ لڳيس. هيئنر روز ٻه ڪمايان، ٽي به ڪمايان. ڪنهن ڊينهن چار به ٿي وڃن ـــــــ“

آءٌ چپ سندس ڪهاڻي ٻڌنڌو رهيس.

”ڀلا هاڻ آءٌ وڃان ٿي، وري جلدي ايندس.“ هوءَ اٿي نه ڪهاڻي ضرور لکجئين ـــــــ “

”ها ها، تون فڪر نه ڪر ـــــــ“ مون وراڻيو.

 پر ڊس نالو منهنجو نه هجي.“

”تون دلجاءِ ڪر.“

زينب جي ڪهاڻي به عجيب هئي ۽ پاڻ به ته دلچسپ هئي. سوچيم ته هن تي افسانو ضرور لکندس. پر اوچتو منهنجي ذهن ۾ هڪ ٻي ڳالهه کُٽڪي. سا هئي زينب جو پيٽ! سندس مڙس اڍائي ٽن سالن کان جيل ۾ هو، پوءِ کيس پيٽ ڪيئن ٿيو. سندس لڇڻن ۾ مون کي جيڪي شڪ هو، سو يقين بنجي ويو. مون سمجهي ورتو ته زينب ڪهڙي قسم جي زال هئي.

جڏهين ٻئي دفعي آئي ته ڳالهين ڪندي پڇيائين.

”منهنجي ڪهاڻي ٺهي ويئي؟“

نڪو، باقي هڪ ڳالهه جي ڪسر رهجي ويئي آهي.“

”ڪهڙي ڳالهه؟“

آءٌ چپ رهيس. چئي نه پئي سگهيس. رڳو ڪن ساعتن لاءِ اکيون سندس پيٽ ڏانهن کڄي ويون.“

”هن جي معنيٰ اها آهي_“ هن ٿڌو ساهه کڻندي چيو؛ ”ته تون مون کي مٿي کان وٺي پير جي ننهن تائين، پنهنجي ڪهاڻي ۾ آڻڻ چاهين ٿو.

مون مرڪي ڏنو. مرڪ جنهن ۾ ٿوري شرمندگي پڻ هئي. هن جي منهن تي سنجيدگي هئي.

”منهنجي ماءَ چيو؛“ زينب آهستي آهستي چوڻ لڳي، ”ڪچو بار ڪيرائي ڇڏيان. حرام جو پيٽ آهي   نه ـــــــ منهنجي ماءُ مون سان تمام وڙهي ۽ چئي تو نڪ ڪپي ڇڊيو. پر مون کي پنهنجي گهر مان رات جو کنيو ويو ۽ اها پڪ اٿم ته هن ۾ منهنجي ماءُ جو هٿ هو. کيس پيسا مليا هئا. اسان ڊانهن، اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، اهڙا ڪم لڪ ڇپ ۾ ٿيندا رهندا آهن، مٿان سڀڪا ستي جتي ٿيو پئي گهمي. جتي مونکي کڻي ويا هئا اتي سيٺ رهندو آهي. اسان جي گهر کان گهڻو پري ڪونهي. هُو سيٺ ڦٽ ڦٽي تي، اسان جي پاڙي مان لنگهندو هو. پهريان به ڊينهن مون کي بار بار بيهوش ڪيو ويو هو، ڇو جو هن کي خبر هئي ته آءٌ ڪيڙي ڊنگي آهيان .......... پو، پو ، آءُ هتي ڇهه ڊينهن پورا رهيس. راضي خوشي.“ ايترو چوندي چوندي هن جي منهن جو پنو لهي ويو. مون کي پڻ افسوس ٿيڻ لڳو.

”تون حيران نه ٿي ـــــــ مون پنهنجي خوشي سان غير مڙد کي پيار ڪيو. ڇو جو جتي آءٌ رها ٿي اُتي اهو ئي ٿيندو رهندو آهي. جڊهين آءٌ گهر پهتس ته امان مون کي ڪجهه ڪو نه چيو. هُن پهرين بندوبست ڪري رکيو ته آءٌ ڪراچي مان سامان وٺڻ ويئي هوس، پر پوري پاڙي ۾ خبر هئي ته آءٌ ڪيڊانهن ويئي هَس. اهڙيون ڳالهيون هت لڪنديون ڪونه.“ ايترو چوندي زينب جو آواز ڀرجي ويو.

”توکي قسم خدا جو، جيئن مون چيو تيئن لکجان ـــــ ...“

”زينب، تون ماٺ ڪري ويهه، مان اهڙن شڪارين جواهڙو ته بڇڙو حال ڪندس، جو چڳ ڏسندن. سندن ظلم جا ناسور ڦاٽي پوندا – سچ پڇين ته تنهنجي قسمت واقعي خراب آهي.“

”پر تون سمجهين ٿو ته رڳو ٻار ڪري آءٌ دنيا کان ڊجي ويندس.“ زينب جي اکين ۾ آلا هئا؛ ”آءٌ سڀني کي ڊيکاريندس ڊسو مون حرامي ٻار جڻيو آهي!“

”نه زينب ائين ڪونه ٿيندو. گند گند سان ڪڏهين ڌوئبو آهي.“

”تون به ڊجي ٿو ـــــــ پر آءٌ .... “

”آءٌ ڊڄان ڪونه ٿو،“ مون سندس ڳالهه ڪپي. ”اهڙن حرامي ماڻهن کان نه ته آءٌ ڊڄان ٿو ۽ نه منهنجو قلم ..... تون رڳو اهو ڏسجئين ته آءٌ ڪيئن نه کين سڀني جي آڏو ٿو پڌرو ڪريان.“

زينب جواب نه ڏنو ۽ ٿوري دير ويهي ويئي هلي، پر انهي ڏينهن زينب جي اکين مان جهاتي پائيندڙ ڳوڙها ۽ وڄ جي چمڪاٽ وانگر ڪاوڙ جا آلا ڏسي، مون کي، پنهجين نرن اڳيان هڪ نئين زنيب نظر آئي؛ جنهن ۾ دليري سان گڏ زال جو وجود پڻ سمويل هو. پر هوءَ پنهنجي ضد جي ڪري هميشه پنهنجي عورتپڻي کان باغي هئي.

    ----    -----    ---- 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com