سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (1-2)

 

صفحو :2

 مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

حب وطن

 

خوشيءَ ۾ نه ماپي ٿو منهنجو قلم اڄ،

هڻي شاخ طوبيٰ هجڻ جو ٿو دم اڄ،

کڻي ناز انداز سان ٿو قدم اڄ،

ٿي ڄڻ عيد ان لئي خدا جو قسم اڄ،

مليو آهه مضمون حب وطن جو،

مليو موقعو آهه سير چمن جو.

 

ٿيو صحن ڪاغذ جو اڄ خوب رنگين،

بهشت برين جو ٿيو فرش زرين،

ٿي مس منهنجي مشڪ ختنِ نافءَ چين،

لکان لفظ جنهن مان معطر ۽ مشڪين،

وطن جي محبت جو هي داستان ٿيو،

وطن منهنجو دنيا ۾ جنت نشان ٿيو.

 

وطن جا وڻن وڻ، وڻي ٽاري ٽاري،

خزان وطن ۾ به آهي بهاري،

ٿي ڄڻ روز روشن سنديس رات ڪاري،

منجهس مثل جنت ٿيون نهرون جاري،

وطن منهنجو هڪ جنت آباد آهي،

وطن سان ئي بس منهنجي دلشاد آهي.

 

جا آب و هوا ٿي اسان جي وطن جي،

ٿي خوشبو اچي ياسمين و سمن جي،

منجهس سونهن ٿي نرگس ونسترن جي،

ڪريان ڳالهه ڪهڙي وطن جي چمن جي،

وطن ۾ ڇا چوطرف چانڊاڻ آهي،

وطن منهنجو بس پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

 

هوا جنهن جي سرهي مٺو جنهن جو پاڻي،

ندي جنهن جي سڀني ندين جي ٿي راڻي،

ڪڏهن شمع روشن نه جنهن جي وساڻي،

ٿئي سک ۾ ساٿي ٿئي ڏک ۾ ساڻي،

جي دنيا ۾ ڪو ديس مثل چمن ٿيو،

ته منهنجو مٺو ۽ پيارو وطن ٿيو.

 

وطن منهنجو سچ پچ ته گلزار آهي،

گلن جهڙو ان جو خس و خار آهي،

هنئين لاءِ منهنجي سو هڪ هار آهي،

اکين لاءِ ٺنڊڪ ۽ من ٺار آهي،

نه منهنجي وطن جو ڪو دنيا ۾ ثاني،

نه جهڙس ڪو سنسار ۾ جوڙ جاني.

 

وطن منهنجو جڳ جو مددگار آهي،

غريبن جو غمخوار غمٽار آهي،

اَجهو عاجزن جو ۽ آڌار آهي،

نڌڻڪن يتيمن سندو يار آهي،

وطن منهنجو داتا ۽ جڳ پال آهي،

وڏو اوج ان جو ۽ اقبال آهي.

 

وطن آهه منهنجو وڏي شان وارو،

وطن منهنجو داتا سدا دان وارو،

جو ڏئي مانُ ان کي، سو ٿئي مانَ وارو،

وساري وطن کي نه ايمانَ وارو،

ٿيو حب وطن آهه ايمان منهنجو،

اتي ماني منهنجي، اتي مانُ منهنجو.

 

وطن جي ڇا سهڻي نه ٿي سبزه زاري،

اچي بوءِ جنهن مان سدا ٿي بهاري،

وڻي خاڪ ان جي وڻي ان جي واري،

وطن لئي رهي ٿي سدا بيقراري،

نه منهنجي وطن جو ڪو مٽ مور آهي،

ڀلاين سان ڀرپور پُر نُور آهي.

 

وطن جي محبت ٿي آهي اهائي،

رکون هڪٻئي سان سچائي صفائي،

نه هرگز رکون ڪا جدائي ٻيائي،

ٿيون هڪٻئي تي سدائي فدائي،

اهائي وطن جي محبت ٿي سڏجي،

انهيءَ طرح ٿو پاڻ ۾ ملڪ گڏجي.

 

وطن جي رهاڪن کي ٿو ڀاءُ ڀانيان،

وطن کي ٿو پنهنجي مٺي ماءُ ڀانيان،

نه ڪنهن ۾ به ڪو ڀيد ۽ ڀاءُ ڀانيان،

انهي ۾ ئي ٿو ساز ۽ ساءُ ڀانيان،

وطن جي محبت جي آهي تقاضا،

رهون پاڻ ۾ گڏجي سڀ ڄڻ سڀاڳا.

 

نه ڪي اوچ ۽ نيچ، اعليٰ نه ادنيٰ،

نه شودر برهمڻ، نه سيد، نه ڪي ٻيا،

جدائي نه هندو ۽ مسلم ۾ ٿي ڪا،

سڀئي پٽ ٿيا، ڀارت جا ڀارت ٿي ماتا،

سڀئي هم وطن هڪڙي ٿڙ جيون ٿيون ٽاريون،

کڻون ڇو پو ڪاتيون ڪهاڙيون ڪٽاريون.

 

وطن جي محبت جي آهي نشاني،

ته ڪنهن کي نه سمجهون سندس مٽ ۽ ثاني،

پنهنجي لاءِ سمجهونس جانب ۽ جاني،

مٿس جان صدقي ڪريون ۽ جواني،

پنهنجي ديس جو ويس پوشاڪ پهريون،

نه ديسي شين جهڙيون ڀانيون ڪي ٻهريون.

 

منهنجي ديس جي ملڪ ۾ هاڪ آهي،

سندس حسن جي جابجا هاڪ آهي،

وطن جهڙي خوش ڪٿ نه خوراڪ آهي،

وطن جي ڇا پياري نه پوشاڪ آهي،

وطن جي کٿي سان نه مٽ پٽ کي ڄاڻان،

وطن کان سواءِ آءُ نه ڪنهن کي سڃاڻان.

 

وطن جيون اچو تا شيون واپرايون،

نه ڪم اينديون هرگز شيون ڪي پرايون،

ٻين کان ئي اهڙو سبق ڀل پرايون،

ڪي سوچو ته ڇو پاڻ کي ٿا ڦُرايون،

وطن جي محبت جي آهي علامت،

ته ان ۾ سڌارو ڪريون ساڻ صنعت.

 

محبت ۾ هرگز نه گمراهه آهيون،

جو ٻئي ملڪ جا پڻ نه بدخواهه آهيون،

مگر ڇا ڪريون، بک ۾ ٿيا پاهه آهيون،

جيتوڻيڪ پنهنجي ملڪ جا شاهه آهيون،

اسان کي به حق آهي جڳ ۾ جيئڻ جو،

اسان کي به حق آهي کائڻ پيئڻ جو.

 

وطن جو ئي چوڙيون، وطن جو ئي ماڻيون،

وطن جو هنڊايون، وطن جو ڪم آڻيون،

ڪپهه کي ڪُتيون ۽ ڦٽيون آڻيون ٽاڻيون،

ٿيون بسڪٽ کان بهتر پنهنجي ڳڙ جون ڌاڻيون،

پنهنجي ملڪ جي ٿي وئي خشڪ روٽي،

وڻي ٿي وطن جي به ڦاٽل لنگوٽي.

 

ٿيو هيڻو آ حال اهلِ وطن جو،

ويو ملڪ مان مال، اهلِ وطن جو،

ٿيو اونڌو اقبال اهلِ وطن جو،

ويو بيهي گهڙيال اهلِ وطن جو،

وري تن کي خوشحال ڪر تون خدايا،

دُعا لاءِ در تنهنجي تي آهيون آيا.

 

خدا رک تون آباد، منهنجي وطن کي،

۽ شفقت سان ڪر شاد، منهنجي وطن کي،

ڪجئين ڏک کان آزاد، منهنجي وطن کي،

نه ڦاسائي صياد، منهنجي وطن کي،

بڻائج گلستان، هندوستان کي،

سدا سبز رک سائين، هن بوستان کي.

 

(هي نظم تقسيم هند کان اڳ چيل آهي. ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادگيءَ جي موقعي تي ڇپيل آهي.

 

 

ايءَ نه مارُن رِيت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي،

اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،

پَکَن جي پريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.

-------

عمر! اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪئن ڪنّ،

جنين جا ٿَرَن ۾، وَرَ ٿا ويڻَ سَهَنّ،

هوءِ جي حق ڀَڃنّ، سي ڪئن سَتيون، سومرا!

___ لطيف

 

 

”جنهن قوم ۾ غلط معيار رائج ٿين ٿا، پوءِ کڻي ان قوم جي زبان انهن غلط معيارن کي ڀلي ته بهترين نموني سان جهڙوڪ شعر ۽ موسيقيءَ ۾ ــــــ  زياده کان زياده متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي، تڏهن به اهڙيءَ زبان جو نه فنا ٿيڻ هڪ معجزو چئبو. اهو ئي سبب آهي جو پراڻين طرزن جي شعر گوئيءَ ۽ عام موسيقيءَ تي بندش وڌي وئي ۽ مٿن ملامت ڪئي وئي. اها ملامت خود شعر خواهه موسيقيءَ تي نه هئي، پر انهن جي غلط استعمال تي هئي.“

___- علامه آءِ. آءِ قاضي

 

بيت

شيخ اياز

 

ڪنهن جي لاءِ ڪُماچ، صديون رهيو سالت ۾،

سارو ڏيهه ڏياچ، مڱڻو ڳوليو، ماڻهو!

آڌيءَ رات اُداس، اُن تي آرتيون آڱريون،

ماڻهوءَ ماڻهوءَ ماس، ڪوري آيو ڪِينرو.

ساڳي ساڃهه آڱريون، ساڳي ساڃهه ساز،

مان، منهنجو آواز، ڪنهن جون ٿو ڪارون ڪري!

چانئٺ چائنٺ چَنگ، چوريم چوڏهينءَ رات جو،

لوُٺيون ڪيئي لوڪ جون، نڪتيون اوڙهي ننگ،

چي، ”هي ٿيندو ڪير آ، اَڻ ڪوٺيو اڙٻنگ،

ڏاهپ ڏاهپ ڏنگ، پهتو جنهن جي ڏات مان!“

پرينءَ کي پهچاءِ ڪانگا، منهنجون ماڻڪيون،

جنهن جي سونهن سواءِ، ڏسان ته ڏوهي ٿيان.

اُڀري اُلري آءُ، بڻجي واگهه وجود تي،

ساري سُرت سَماءُ، جهونجهاڙي وڃ جيءَ مان.

پٿر ۾ پيهي، گهَڙيم تنهنجي گهُورَ کي،

پرين پرڏيهي، ويجهو آنهه وجود کان.

مان ريکون، تون رنگ، مايا ساريون مورتون،

تنهنجو منهنجو سنگ، آهي آد جڳاد کان.

سِڙهه تي آيو چنڊ، چمڪي اُٿيون وانئٽيون،

ڪنهن مانڊيءَ جو منڊ، موهي ويو منجهڌار کي.

مان ڊونڊيءَ جي ڍارَ، سڙهه سان چنڊ چري پيو،

تک سان وهندي تارَ، ڪِٿ آهي منهنجي ڪنڌي!

پورنما، پرڏيهه، نَو ڪا ٿڌي نير تي،

ساريو مون ساڻيهه، ڀِنيءَ ۾ ڀُڻ جهُڻ ڪري.

اڃا اوري آءُ، سُري منهنجي ساهه ۾،

رَچي منهنجي راڳ ۾، سَرتي! تنهنجو ساءُ،

مُئي پڄاڙاءُ، گيتن ۾ گڏجي رهون.

او ڪنهن جي سَرهاڻ، ڪا مهڦ آندي، ڪانڌيو!

ترسو ترسو هاڻ، آءُ نه هلندي هوت رِيءَ.

اُن جي گود سواءِ، آٿت ناهه، اُتامرا،

لوليون ڏي تولاءِ، آيل آد جڳاد جي.

اوهيري ڪئي اوڪَ، تنهنجو جيءُ جهُري پيو،

لَکَّ نه پيئي لوڪ، تاڙا! تنهنجي تانگ جي.

تون ٿو چونڊين ڪکَّ، مان اُڏران آڪاس ۾،

تون ڇا ڄاڻين آهه جا، لُونءَ لُونءَ منهنجي لَکَّ،

پوياڙيءَ جا پَکَّ، آکيري اوٽائتا!

ڪنڌيءَ مٿان ڪنڌُ، نائي رُنو ناکئون،

سائين تو سوڳنڌُ، ڪشتيون سڀ ڪاڏي ويون.

ڪنهن جي ڪشتيءَ ڪاڻ، واجهائين ٿو ويسرا،

ڪو به نه ايندو هاڻ، مانجهي سڀ مري ويا!

رڱي ڪير رَتُول جي، چنگ کڻي، چوڪٺ،

سنڌڙي، او سورٺ! ٻيجل سڀ ٻُجهي ويا.

آڌيءَ رات آروڙ، ٿڌو ساهه ڀري چيو،

مورک هاڻي موڙ، پٺتي واڳ وجود جي.

هاءِ، ڀوانيءَ ڀونءِ ۾، روڪي ڪو رتڇاڻ،

ماڻهو، ماڻهوءَ ساڻ، ڪيڏا ڪيس ڪري چڪو!

آيل هاريان آءُ، هَنجون ڪنهن جي هنج ۾،

دُکي سارو ديس آ، هر ڪنهن هيڻو هانءُ،

جنهن کي ڏڍَّ نه ڏانءُ، سا ڪيئن ڪاٽي ڏينهڙا.

موٽي ملندو شال، منهنجا سَرتا سانگيو!

ميڙو ڪندو ماڳ تي، اوريندو احوال،

جيءءُ سوين جنجال، سِڪ اها ئي ساهه ۾.

وڃو نه ويراڳيو، هِت به ٿيندو سوجهرو،

منهنجو جِيءُ جَڏو، الا، تنهن سان ساٿ ڏيو،

اِجهو ڏينهن ٿيو، ڪيسين رهندي راتڙي!

ڪاڏي هليو ڪاپڙي، ههڙي ڪاڪ ڇڏي،

وهاڻيءَ جو ٿا وڃو، ڪهڙيءَ لوءِ لَڏي،

آڌيءَ رات اَڏي، اوڏا منهنجي پکڙا!

ووڙيندي وَت، ووءِ، هاڻي پير پُنهونءَ جا،

وِهاڻيءَ ويا، ويسري! پتو ڪو نه پيوءِ،

شال لڀيئي لوءِ، آريءَ کي اوڏي ٿئين!

ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو،

پڇان وڏي واڪ، سڏ به ڏئي ڪو سنڌ ۾!

ڪڏهن ايندي ڪانگ، کڻي ڪانگون قرب جون،

سٽبا ڪڏهن سانگ، ماروئڙن جي ميڙ جا.

آءُ، کنياتا! آءُ، ڏي ڪا سُڌ ساڻيهه جي،

ڪوئي واءُ سئاءُ، سانگين جي سَرچاوَ جو.

 

عبدالجبار ’شام‘

جانبُ ساري جڳ کان، آهي نرالو،

پياريائين پِرت جو، پُرڪش پيالو،

هي قُرب ڪَشالو، ڪيوسين قريب لئه.

 

پرچي پيارو لڳي، رُسي رَسيلو،

چنڊ جي چانڊاڻ جئن، ساجن سَجيلو،

هو تن سان حيلو، حجت ناهه حقير جي.

 

مون کي ٿيون ساهينِ، اکيون آب ڀريون،

اصل کان انهن ۾ اَرڏايون آهينِ،

سڄڻ سمجهائينِ، سانگ نه ڪن ڪو ٻيو.

 

الله، آس نه ڇڏيان، رهان نه ويهي،

ڏورڻ واريون ڏسنديون، سرتيون سڀيئي،

اينديون اُتي ئي، جِتِ حاجت ناهي هاج جي.

 

”فردا تون ڦِٽي ڪر“، ڪا تو ڪَنُ پَئي،

آهي ”عبداللطيف“ سا، چيتاري چئي،

اها ’عبدالجبار‘ چئي، سگهو ڪر سهي،

ڪاملَ جا ڪئي، سا ڳالهه ڳڻڻ جهڙي.

 

 

نعيم ’صوفي‘

 

اڄ پڻ اکڙيون، رُنيون ساري رات،

پرين پرڏيهيءَ جي، تَنَ اندر ۾ تات،

پِرهه ڦُٽي پِرڀات، نِيرَ نه بيهن ’نعيم‘ جا.

 

پَسين ٿو پرينءَ کي، پر مون مَ مِليام،

لَکَ وڃي لالن کي، چئج چنڊَ سلام،

ڳَلين ڳاڙيندي ڳوڙها، سَنجهي سيڻ ساريام،

عجيب توريءَ ايام، ڏکيا گذرن ڏيهه ۾.

 

ڪانگلَ، چئج قريب کي، سدائين آ سِڪَ،

تو سِوا، منهنجا طبيب، ڦَڪين ناهي فرق،

ڪڏهن نه آئي مُرڪَ، جڏهن کان جُدا ٿئين.

 

برههَ سندي برسات، وسائيندي ورهيه ٿين،

نيڻ جي ’نعيم‘ جا، سِڪن منجهه سڪرات،

طبيبن جي تات، اصل کان عليل کي.

 

اوري اچ، عجيبَ، جيءَ ۾ ڏيانءِ جاءِ،

ڏک ڀريو ڏيهه ٿيو، تنهن کي وَرَ وَساءِ،

پنهنجي کي پرچاءِ، ته تڙڦڻ ترڪ ڪيان.

 

دوها

حيدر علي ٽالپر

 

منهنجو روح ڦري دنيا ۾، جيئن اُڏامي ڪونج،

ڦڙڪي ڦڙڪي آڪاشن ۾، منهنجي منَ جي مونجهه.

مان شاعر هان، روح ٿو تڙپي منهنجو جهانن لاءِ،

تڙپ، جا آهي جُڳَ پُراڻي، رهندي زمانن لاءِ.

منهنجي وادي شاهي، منهنجي دنيا آهه اکنڊ،

هر ڪنهن جو ڳُجهه مان ٿو ڄاڻان، ڌرتي ڇا سج چنڊ.

مان ڌرتيءَ جو پٽ ۽ ڌرتي ماتا منهنجو ديس،

جنم جنم ۾ آءُ گذاريان، پايان هرڪو ويس.

سڀ ڪنهن جو رکوالو ’حيدر‘، هر ڪنهن دل جي اُمنگ،

ديسي منهنجا سڀ دنيا جا، سڀ سان منهنجو سڱ.

 

’معمور‘ يوسفاڻي

 

گهاٽا وڻ ۽ واءَ جا سٽڪا، رات انڌاري ۽ تنهائي،

راهه اڙانگي، پير اگهاڙا، منزل جي آ خبر نه ڪائي.

مان به مسافر، تون به مسافر، هو به مسافر آهي،

پنهنجيءَ پنهنجيءَ راهه تي سڀڪو ڪيئن به ڪريو پيو ڪاهي.

منزل هڪڙي، واٽون گهڻيون، آهي ڏاڍو مونجهارو،

ڪيئن ڪري ۽ ڪيڏانهن ڪاهي راهه مسافر ويچارو.

سڀ ڪنهن واٽ تي خوف ۽ خطرو، سڀ ڪا مشڪل واٽ،

لاهيون چاڙهيون، ريٽ ۽ رائو، گهويون، گهيڙ ۽ گهاٽ.

اُڀ تان بجليءَ جون اُلرون ۽ زهريلي آ زمين،

ڪيئن به هجي پر راهه مسافر رهندا هرگز ڪين.

 

ڪافيون

مرحوم خير محمد هيسباڻي

 

سارو سير ٿيو تن کي عيان، جيڪي ڏسن جيئري مري،

طالبن توحيد جي آندي خبر خاصي کري.

طالبن کي توڙ کان دلبر سندي آهي دلبري،

اُت خاص خدمتگار ٿيو ديو و ملڪ، حور و پري.

’نصرُ مِّنَ الله‘ چئي، چڙهيا حملو ڪري هُو حيدري،

محبت جي ميدان ۾ کَٽي عاشقن جنگ اڪبري.

قاضي مفتي پاڻ ۾، کولي ڏسو دم جي دري،

هو پيا پروڙين پاڻ ۾، فرقان جي هٿ ۾ فرحي.

’خير محمد‘ خيال سان وحدت منجھان ڪثرت بڻي،

پير مغان هن پنڌ مان ڏني راههِ حق جي رهبري.

 

مرحوم مصري شاهه

 

ماءُ ڏٺم اڄ ماٺ مڙني ۾،

جوڳي جيڪس يا جبروت.

لوڪون پاڻ لڪائي لاشڪ، لانگوٽيا ٿيا لايموت،

سوجھي سڃ ۾ سمهي سنياسين، صاحب هٿ ڪيو صبر سڪوت.

آڌيءَ رات اٿي ويا اوڏانهن، جيڏانهن سمن هُئن ثابوت،

ڪيز ڪاپڙين جا ڪينهن، قلب قراريو جن جي قوت.

نانهن ٿا، تڏهن نماٿ نوازيا، نانگا نڪري ويا ناسوت،

لالچ لوڀ ڇڏي ٿيا لاغم، لالڦ لنگهي پيا کۇن لاهوت.

پاڻ وڃائي پورب هليا، ڀاڻ ڀڃايئون ڀولا ڀوت،

من جون ڪل مَٽي ممتائون، ’مصري‘ ماڻيائون ملڪوت.

 

ميران محمد شاهه ’مير‘

 

تنهنجي جوهر جوت جمال، ميان،

ڪيا جھلڪا منجھ جهان، ڙي يار!

’ح‘ جي حسن تي هلال کي حيرت، سيرت تنهنجيءَ سال، ميان،

ماري مُئيءَ کي ڪيو مستان، ڙي يار!

’الف‘ کي اعليَ عزت عالي، جھرڪي جئن ۾ جلال، ميان،

ڄڻ بلبل منجھ بستان، ڙي يار!

’ت‘ جي تلاوت توحيد آهي، روزمره جو دلال، ميان،

آهيان جنهن جي مان ته امان، ڙي يار!

’م‘ جي محبت ميم سان لاتي، ميم ’ميران شاهه‘ جو نال، ميان،

جھوري تنهنجي جُدائيءَ جان، ڙي يار!

 

محمد خان ’غني‘

 

ڪونهي ڏيرن جو ڏوهه، منهنجو انگ ازل ايئن لکيو.

پرت پڻايم پنڌ پٿر جا،

قاف ڪٽيان ها ڪوهه، الا، منهنجو انگ زل ايئن لکيو.

هيڪل هليس يار ٻروچا،

رڻ ۽ اڳيان روهه، الا، منهنجو انگ ازل ايئن لکيو.

باهه ڀنڀور کي سي ئي ڏينديون،

جن کي محبن موهه، الا، منهنجو انگ ازل ايئن لکيو.

آهم آريءَ ڄام تي اصلي،

ڀينر تڪيو توهه، الا، منهنجو انگ ازل ايئن لکيو.

سُڃ ۾ ساٿي آهي ’غنيءَ‘ جو،

پريَن جو پاٻوهه، الا، منهنجو انگ ازل ايئن لکيو.

 

’خادم‘ سروري

 

ڏاڍيون ڏکيون گهڙيون مان گذاريان پئي، رويو راهون روز نهاريان پئي.

 

مِٺا، سج سورن جو اُڀري ٿو، تنهنجو نينهن نئين سر نسري ٿو،

ڏاڍو ڏينهن ڏکن ۾ گذري ٿو، توکي ساريو ساريو ساريان پئي.

 

ٻن پهرن جو ڪيئن ننڊ ڪريان، دل ڌڙڪي پئي، سک ڪيئن سمهان،

رويو رويو اٿان، ڪنهن سان سور سليان، لوڪان لڪيو لڪيو هنجون هاريان پئي.

 

ٿئي شام ته ماڻهو گهمڻ وڃن، مان گهر ۾ روئان، تنهنجا پُور پون،

تنهنجا درد اچيو مون سان خبرون ڪن، تنهنجون ڳالهيون ڳڻيو دل ڳاريان پئي.

 

مون سان رات اچيو ٿي رويو ملي، ماڻهو خوش ٿي ڏسان، منهنجو جيءُ جلي،

جنهن جو جيءُ جلي، سا ڪيئن کِلي، پنهنجي پَر ۾ يار پڪاريان پئي.

 

آڌي رات اچي، ٿئي اُداس گهڻي، اٿيو پاڻي پيان، ٿئي پياس گهڻي،

تنهنجي طلب جي تن ۾ آ تاس گهڻي، پاڻهي پاڻ کي پاڻ آزاريان پئي.

 

مٺا، آسر آيو تنهنجا پيار کڻي، ٿي محبت ملڻ جي اميد گهڻي،

جيڪا توکي وڻي، ’خادم‘ کي سا وڻي، تو سان قول ڪيل پرين پاريان پئي.

 

حافظ محمد احسن چنا

 

عشق ٿيو اظهار، سرتيون، لٿيون لوڪ ميارون.

ورد وظيفا ويا ڪُل وسري،     دل تي هڪ دلدار ــــــــ سرتيون...

ننگون نڪري نانگو ٿيڙس،   نينهن ڪيو نروار ــــــــ سرتيون...

پرهه بهادر آيو برسي،    ويو عقل جو اختيار ــــــــ سرتيون...

دور ٿيا سڀ پردا حجابي،      درس ٿيو ديدار ــــــــ سرتيون...

لوڪ لاڳاپا سڀئي لاهي،      سڀ سَٽيم سينگار ــــــــ سرتيون...

عشق الستي چشمين چايم،   تَرڪ ڪيم ڪم ڪار ــــــــ سرتيون...

الف اندر ۾ اوريان اوريان،      ميم ٿيو مهندار ــــــــ سرتيون...

عشق اسان وٽ آيو، ’احسن‘،  شڪر ڪريان صد بار ــــــــ سرتيون...

 

نثار ’بزمي‘

اڙائي اکيون، ٿي الستي وياسين،

پائي شير جامو، نسِنگ ٿي پياسين.

 

گلا هاب ٿياسين، ڇڏي شان شاهي،

محبت سندا ماڻَ ويهي مَياسين.

اچي عشق ننڊ مان اسان کي اٿاريو،

ڦِٽا ڦَندَ پنهنجا سمورا ڪياسين.

کڻي ساز سُرندا، ڀري نيڻ، ’بزمي‘،

ٻه_ٽي ٻول ويهي چپن ۾ چياسين.

 

’معمور‘ يوسفاڻي

 

ٿيون سُنهنِ سامهون سدائين ديد جون دونالڙيون،

صبر ۽ صدما سهڻ آ تن جون چوکيون چالڙيون.

 

روز شب راهون ڏسن ۽ جر وهائن جالڙيون،

انتظاريءَ ۾ اڙي، لالا کان وڌ ٿيون لالڙيون.

 

سُک، سراهيءَ جون پڇين ٿو، ان جون ڪهڙيون ڳالهڙيون،

برهه جي بارش وسائي جي بنيون بيحالڙيون.

 

عشق آگم لائيا، برسن ڀڻيون بي تالڙيون،

ايئن وهن ٿيون وهڪري سان، جيئن نيون ۽ نالڙيون.

 

ياد ۾ جن جي سدا اکڙيون رهن ٿيون آلڙيون،

من ملن ’معمور‘ سي، پايان بُڻي نت فالڙيون.

 

ولي محمد ’وفا‘

منهنجا سهڻا اچ تون اوتاري، دل ٿي ڏاڍو توکي ساري.

پنهنجن کان تون منهن ٿو مٽائين،        غيرن سان ٿو ناتا وڌائين:

تنهنجين جفائن ڇڏيس ماري.

تو سان ڪهڙو سينو سهايان،        تنهنجي جُتيءَ جي جوڙ نه آهيان:

دور سگهان ڪيئن توکان گهاري.

برهه جي ماري دلڙي ويچاري،        راهون نهاري آخر هاري:

ڪنهن جي جئي هيءَ هاڻي سهاري.

قرب ڪهاڻيون ياد اچن ٿيون،      تنهنجون رهاڻيون ياد اچن ٿيون:

محب نه ويهه تون مون کي وساري.

ميڙون منٿون مڃ ’وفا‘ جون،      وايون وساري جور و جفا جون:

مون ڏي آ تون واڳون واري.

 

عبدالڪريم پلي

پيچ پرين مون سان پائي ويو،

لُونءَ لُونءَ ۾ عشق سمائي ويو.

 

وحدت وارا ورق ورائي، وهم ڌوئيءَ جا وڃائي ويو...

روز ازل جا راز سمورا، مون کي يار ٻڌائي ويو...

”فاذ ڪروني اَذ ڪُرڪُم“ جا، سهڻا ٻول سڻائي ويو...

سبق سِڪڻ جا سڀيئي ساري، سُهڻو مون کي سيکائي ويو...

مچ محبت جو من ۾ منهنجي، ملي محب مچائي ويو...

ڪرم ’ڪريم‘ ڪري اڄ ڏاڍا، پاڻ ’پليءَ‘ کي پَسائي ويو...

 

مرحوم عزيز الله ’مجروح‘

اچ، منهنجي اکين جا ٺار، تنهنجي اچڻ کي عيد ٿو ڀانيان.

توسان پرين مون پريت جو ناتو، روز ازل کان آهي لاتو،

دل توکي ڏنم دلدار، تنهنجي وفا جا گيت ٿو ڳايان.

 

تنهنجي محبَّت مست بنايو، حسن تنهنجي سڀ هوش وڃايو،

خود نينهن ڪيو نروار، لوڪ کان ڪهڙو پاڻ لڪايان.

 

حُجَّت تو سان ڪيئن هلان ٿو، ٻانهون ٻڌي هڪ عرض ڪيان ٿو،

بيڏوهه نه ٿي بيزار، سينو ته توسان ڪين ٿو ساهيان.

 

درد منجهان دل دانهون ڪري ٿي، تو کان سوا ساعت نه سري ٿي،

محب نه ٿي ’مجروح‘ کان ڌار، ويهه ته توکي حال ٻڌايان.

 

علي بخش ’رضا‘

راڻا ڪارڻ رب، سار لهج مون، سپرين!

موٽ، مران ٿي، مينڌرا!

راتيان ڏينهان روح ۾، آهيم تات طلب،

ڪانگ اُڏايان ڪيترا.

راڻا، ڄاڻان ڪينڪي، رُٺين ڪهڙي سبب،

پرت پَسايا پيچرا.

آسروندي آهيان، ڪري شال ادب،

نيهن نڀايان ڏينهڙا.

’رضا‘ ساري سي پرين، جن جو عشق عجب،

پِرت ڀَريا پيرڙا.

 

وايون

’معمور‘ يوسفاڻي

توريءَ ناهه تڳاءُ، اوري آءُ ـــــــــ آءُ ته ڪريون روح رهاڻيون...

سورن آهي سينو ساڙيو، درد لڳو آ داءُ ــــــــ اوري آءُ .....

ڪين مليو سنسار سڄي ۾، ساجن تنهنجو ساءُ ــــــــ اوري آءُ .....

پاڻ ڀلائي، ٿورو لائي، لالڻَ ڪا لقاءُ ــــــــ اوري آءُ .....

مهر ڪري ’معمور‘ تي مشفق، وار وصال جو واءُ ــــــــ اوري آءُ .....

 

احمد خان ’اختر‘

ڪيئن ڪنڌڙو کڻان، ڪوهيارَ! مَرَمَ ميارَ ماري مون کي، مون پرين!

سيني سنگهرون سور جون، الا، ڏِيلَ ڏُکن جا ڏارَ:

مَرَمَ ميارَ ماري مون کي .....

ميري مانيتي ڪرين، الا، تون ئي، سخي سردارَ:

مَرَمَ ميارَ ماري مون کي .....

آهين تون مون آسرو، الا، لهندين ساجنَ سارَ:

مرم ميار ماري مون کي .....

’اختر‘ عاجز آهه ئي، الا، اوهان جي آڌارَ:

مرم ميار ماري مون کي .....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com