سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (1-2)

 

صفحو :16

حيدر علي لغاري، ايم_ اي

 

ادب ۽ فنون لطيفه

 

ادب ۽ فنون لطيفه، هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي هر دور ۾ عالمن ۽ فاقدن بحث ڪيو آهي. مستر حيدر علي لغاريءَ رقص، مصوريءَ ۽ شاعريءَ تي مختصر پر سهڻي نموني ۾ روشني وڌي آهي__ حالانڪ هر ’فن‘ مستقل بحث جو متقاضي آهي. اميد ته ناظرين، هن خالص علمي بحث کي غور سان مطالع ڪندا ۽ حظ حاصل ڪندا.غ،م،گ

اِنسان ذات جو هن دنيا ۾ جن شين سان دلي ۽ روحاني تعلق رهي ٿو، تن ۾ فُنون لطيفه جو مسرتبو ٻين مڙن ئي کان ممتاز آهي. لطيف فن اُها باريڪ ڪاريگري آهي جنهن وسيلي انساني جذبات ۽ ڪيفيات جا نقش چٽي، اهڙي دلڪش، دلسوز ۽ روح افزا انداز ۾ پيش ڪري سگهجن جو ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ جو روح ۽ دماغ به انهن ساڳين ئي جذبن ۽ امنگن سان آراسته ٿي، انهن جي گهراين ۽ پنهاين ۾ رچي رڃي ٿو. جڏهن ته اهو سڀڪجھ جذبات جي پيداوار آهي تنهنڪري اسان هر انهيءَ قوت ۽ اثر کي ”فُنون لطيفه“ ۾ شمار ڪنداسون جيڪو مٿئينءَ ۽ روح جي پاڪيزگيءَ کان سواءِ ’صالح جذبات‘ جو اڀرڻ ناممڪن آهي، تنهنڪري ڪنهن به لطيف فن کي انسان جي دل، روح ۽ جذبات کان جدا ڪري نه سگهبو. انهيءَ لحاظ سان رقص، ساز و موسيقي، مصوري، ادب ۽ شعر و شاعري کي فنون لطيفه ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن سان ئي ڪلي جذبات جو اظهار ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻين ۾ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

رقص ڇا آهي؟ انسان جي جذبي جو سندس جسم جي عضون ۾ تحرڪ، چُر پر ۽ هلچل رستي اظهار. اوهين جڏهن ڪنهن کي سلام ڪريو ٿا، يا هٿ ٻڌو ٿا، ته اوهين ائين ڪرڻ سان ان شخص لاءِ پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيل احترام، عزت ۽ محبت جي جذبي جو اظهار هٿ کي جسم جي ليول ۽ سڌائي کان مٿي کڻي، پيشانيءَ وٽ آڻڻ يا ٻنهي هٿن گڏائڻ واري تحرڪ سان ڪريو ٿا. ساڳيءَ طرح پنهنجي خالق جي عبادت ۽ بندگيءَ (نماز) وقت به جسماني چُرپُر يعني رڪوع، سجدو ۽با ادب اقامت ۽ قعود، يا حج ۾ والهانه انداز ۾ ڊوڙڻ، يا ديول ۾ خاص طريقي سان بادب ٿي ويهڻ ۽ خاموش انداز ۾ بتدريج حرڪت پيدا ڪرڻ، ۽ مندر ۾ راڳ ۽ ڀڄن وقت، بدن جو سرورآور انداز ۾ لڏڻ، سڀ انساني جذبات جي ماتحت آهي. ان مان ’رقص ۽ وجد‘ پيدا ٿين ٿا. اگر مختصر طور چئجي ته رقص جي مُراد آهي خيالات ۽ جذبات جو جسم ذريعي اظهار، ته اهو صحيح چئبو. اهڙيءَ طرح هر ڪنهن جسماني چُرپُر ۽ عمل ۾ ڪنهن نه ڪنهن خيال ۽ جذبي جو اظهار هوندو آهي. فني لحاظ کان فرق فقط اهو آهي جو جنهن کي اسين رقص سڏيون ٿا، سو هڪ بار ترتيب ۽ با اصول فن آهن، جنهن جا پنهنجا اصول ۽ قاعدا ٿين ٿا.

تازو سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ تقريب ۾ هڪ دلڪش رقص پيش ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ هاريءَ جي جذبات ۽ زندگيءَ جي پوري ڪهاڻي هن لطيف فن ذريعي عضون جي تحرڪ ۽ فنڪارانه انداز سان پيش ڪئي ويئي هئي. حقيقت ۾ رقاص جي هر تحرڪ ۽ چُرپُر ۾ ، عضون جي اشارن واري انداز ۾ امنگن جو اظهار پنهان رهي ٿو، جنهن کي فني صلاحيتن جا ڄاڻ رکندڙ ئي سمجھي سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح هر لطيف فن، مصوري هجي يا موسيقي رقص هجي يا سنگتراشي، سڀيئي زندگيءَ ۽ ان جي جذبات جي ترجمانيءَ جو لطيف ذريعو آهن.

ساڳيو حال ساز ۽ موسيقيءَ جو آهي قديم دور کان وٺي اڄ تائين لڙائين ۽ جنگن ۾ بگل ۽ باجي جي آواز سان قومي سپاهين ۾ قوت ۽ همت سان لڙڻ جي جذبي پيدا ڪرڻ لاءِ ساز ۽ موسيقيءَ جو استعمال موجود آهي. تاريخ مزيد ٻڌائي ٿي ته اڳين لڙائين ۾ لشڪر سان گڏ شاعرن کي پڻ وٺي هلڻ جو عام دستور هوندو هو. جيئن هو رزميہ شاعريءَ سان فوج ۾ جنگجوئي ۽ جان نثاريءَ جو جذبو جاڳائين. ان طرح صادق ۽ اهل دل صوفي درويشن جو راڳ ۽ ساز جي آواز تي بيخود ٿي وجد ۾ اچڻ هڪ معروف مسئلو آهي. جيڪڏهن ٿورو باريڪيءَ سان، ذهني سطح کي بلند ڪري ويچار ڪبو ته هيءَ ساري ڪائنات فطرتي طرح سان رقص ۽ مصوريءَ  ۽ موسيقيءَ سان لبريز آهي. اوهان سمنڊ جي ڇولين جي شور، هوا ۾ وڻن جي ٽارين جي رقص ۽ پنن جي جھومڻ سان انهن مان پيدا ٿيل مختلف الانواع آواز، آسمان ۾ اواره گهمندڙ ۽ گجندڙ بادلن جي گجگوڙ، ڳيرن ۽ ڪمرين جي دلڪش گهوُ گهوُ، بلبلن ۽ ٿاريلن جي پر ڪشش ٽِيڪڙُو ٽِيڪڙُو ۽ جھنگ  ڪُڪُڙ جي پُروقار ۽ رسيلي آواز کي فِطرت جو ساز نٿا سمجھو؟_ ڪڏهن ٻهراڙي طرف نڪري وڃو ۽ صبح سويري ڪنهن نهر جو ڪنارو ڏيئي جھنگ جو سير ڪريو ۽ خوش قسمتيءَ سان جيڪڏهن ڪنهن وڻ تي ويٺل ڪوئل جي ڪُوڪُو فضا جي حسين خاموشيءَ کي وڌيڪ حُسن بخشيندي، اوهان جي ڪنن تائين پهچي ته ان وقت اوهان پنهنجي امنگن ۽ اُڌمن جو اندازو لڳايو ۽ پسگردائيءَ جي قدرتي حُسن ۽ بي ربط نقش و نگار ۾ پاڻ سمائڻ جي ڪوشش ڪريو. ۽ جيڪڏهن اوهان پنهنجو پاڻ وسارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃو ته اوهان کي جلد اهو محسوس ٿيڻ لڳندو ته ڄڻڪ فطرت جي هر ادا ۽ ڪائنات جي هر نظاري ۾ مڙنئي فُنون لطيفه کي جمع ڪيو ويو آهي. هر شيءَ رقصان آهي، سڀ ذري ۾ ساز آهي، هر هنڌ مصوري آهي ۽ سڀ ڪا شيءَ فطرت جي زبان ۾ شاعري آهي. مطلب ته ڪائنات ۽ فطرت جو هر هڪ ذرو جذبئه ساز آهي پر جي ڪو پرکيندڙ ناساز آهي، ۽ ڪم مائيگيءَ، لاعلميءَ ۽ بد ذوقيءَ سبب ان مان محظوظ ۽ لطف اندوز ٿيڻ کان قاصر آهي، ته پوءِ اهو ڄڻ ته مرده ۽ بي روح آهي. ساز جي انتهائي سوزو تاثير جي جا تصوير شاهه لطيف چٽي آهي، تنهن جو مثال ملڻ محال آهي. هي آهي اُها تند جي تنوارم جنهن تان عاشق سوسِر به قربان ڪري ٿو ڇڏي:

سئو سِرن‏    پائي   جي   تند   برابر      توريان،

اُٽل اوڏاهين ٿئي جيڏهن ٻيجل ٻُرائي،

سکڻو هڏ آهي، سِر ۾ سڃڻ ناهي ڪِي.

اهڙيءَ طرح مصوري به مصور طرفان انساني جذبن جي ترجماني آهي ۽ ان سان گڏ سندس نڪتل تصوير ۾ جذبن جي خط و خال جي گهرائي ۽ باريڪيءَ جو اظهار آهي. انسان تي جڏهين سندس تخيل ۽ جذبن جي شدت جو اثر ٿئي ٿو تڏهين ان جي رُخ ۽ چهري جي خط و خال جي لطيف ۽ عميق تبديليون رونما ٿين ٿيون، تن کان متاثر ٿي جڏهين مصور يا آرٽسٽ پنهنجي تخيل جي تيزيءَ ۽ جذبن جي فراوانيءَ ۾ انهن جو ويهي نقش چٽي ٿو ۽ انهن ۾ رنگ ڀري ٿو، تڏهن ان کي آرٽ يا مصوري سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

اهڙيءَ طرح مصور نه رُڳو انساني جذبن ۽ ان جي تاثر جي نقش نگاري ڪري ٿو، پر ڪائنات جي قدرتي نظارن ۽ جانورن جي جذبن جو اظهار پڻ پنهنجين شاهڪار تصويرن ۾ ڪري ٿو، جن جي ڏسڻ سان ڏسندڙ جي اندر ۾ پڻ اهي ساڳيا جذبا ۽ ساڳيو تخيل پيدا ٿئي ٿو، جيڪو فنڪار پنهنجي فن ذريعي پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. بشرطيڪه ڏسندڙ فن جي اصول ۽ فروع مان ڪي قدر واقف هجي. مثال طور ڪو شخص ڪنهن نهايت ئي ضروري ڪم سانگي ريل رستي ڪنهن طرف وڃڻو آهي ۽ هو نهايت اطمينان سان ضروري سامان سميٽي تيار ٿي اسٽيشن تي پهچي، پنهنجي منزل مقصود جي ٽڪيٽ وٺي جنهن وقت مقرر ٽرين ۾ سوار ٿيڻ لاءِ پليٽفارم ڏانهن وکون وڌائي ٿو، تڏهين عين ان وقت گارڊ جي سيٽيءَ جي آواز ۽ سائي جهنڊيءَ جي پرواز فضا ۾ بلند ٿيڻ سان ريل گاڏي پنهنجي رفتار سان وڌڻ شروع ڪري ڏئي ٿي. اُن حالت ۾ هن همراهه طرفان، ان کي پهچڻ لاءِ سندس ”ڊبل مارچ“ واري ڪوشش به ناڪام ثابت ٿئي ٿي. بهرحال هو انهيءَ ڊوڙ ڊڪ ۽ ڪشمڪش کان پوءِ سهڪندو جڏهن پليٽفارم تي پهچي، پنهنجي واچ ۾ نهاري ٿو ته کي مقامي وقت کان ڏهه منٽ پوئتي ڏسي اچرج ۾ پوي ٿو. مگر بعد ۾ کيس معلوم ٿئي ٿو ته واچ تي چاٻي ڏيڻ وارو عمل وسري وڃڻ ڪري واچ به پنهنجو عمل وساري خاموشيءَ سان پنهنجي مالڪ جي حسرت پوري نه ٿيڻ جي نتيجي جو نظارو پسي رهي آهي. هاڻي اوهين اهڙيءَ حالت ۾ ان بختاور جي جذبن ۽ ڪيفيتن جو اندازو لڳائي سگهو ٿا ۽ ان وقت جيڪي به حسرت ۽ نفرت ۽ ذهني ڪوفت جا گڏيل جذبا سندس اندر ۾ متلاطم ٿين ٿا ۽ انهن جو اثر سندس پيشانيءَ تي صاف معلوم ٿئي ٿو، تن کي بخوبي سمجهي سگهو ٿا. هاڻي فرض ڪريو ته ان وقت خوشقسمتيءَ سان ڪو مصور، ان اجنبيءَ جي انهيءَ سڄي هلچل ۽ ڪشمڪش ۾ ناڪامي ڏسي، ان جي جذبن کان متاثر ٿي، اچي ان سڄي نظر جي تصوير چٽي ٿو، ته ڇا هو انساني جذبات جي ترجماني نٿو ڪري؟ اعتراض پيدا ٿئي ٿو ته اهڙي طرح ان انسان جي جذبي ۽ ڪيفيت جي سندس شڪل و صورت تي اثر جي تصوير ڪئميرا سان به ڪڍي سگهجي ٿي، پوءِ باقي مصور جي هيتري محنت جو ضرور ڪهڙو آهي. ان جي جواب ۾ هي ياد رکڻ گهرجي ته ڪئميرا سان نڪتل فوٽو اصل جو هوبهو نقل آهي، جنهن ۾ فنڪار جو پنهنجو تخيل، جذبو ۽ لطيف محنت ۽ ڪاريگري بلڪل شامل نه آهن. اصل جو بعينه، نقل فنون لطيفه جي تقاضا نه آهي، ڇاڪاڻ ته اصليت جي هوبهو نڪتل نقل جو دائرو بنهه تنگ ۽ بلڪل محدود آهي، جنهن ۾ اها لطافت ۽ نزاڪت ۽ عالمگير تعلق پيدا ٿي نٿو سگهي، جنهن کي لطيف فن جو فنڪار پنهنجن خيالن ۽ اُمنگن جي گڏيل اظهار رستي رنگن ۾ پيش ڪرڻ تي قادر آهي. جهڙي طرح تاريخ ۽ ادب ۾ فرق آهي، ساڳيو ئي فرق هوبهو نقل ڪيل ڪئميرا جي فوٽو ۾ مصوري رستي چٽيل تصوير ۾ آهي.

فنون لطيفه جا ماهر ڪائنات جي ڪنهن به منظر يا انسانذات جي ڪنهن جذباتي رو کان متاثر ٿي جڏهن پاڻ جذبي ۾ اچن ٿا، تڏهن هو ان کي پنهنجي فن ۾ سمائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح هو پنهنجن توڙي پراون جذبن کي پروڙي انهن کي پنهنجي فن ۾ محفوظ ڪري وٺن ٿا ۽ پوءِ ڪير به ڪنهن به وقت انهيءَ فن جو مطالعو ڪري اهي جذبا پاڻ ۾ پيدا ڪري يا محسوس ڪري سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح انسانذات جي سموري زندگي فنون لطيفه جي فنڪارن ۽ ماهرن وٽ قيد رهي ٿي ۽ جيڪو جنهن وقت چاهي زندگيءَ جي مختلف ڪيفيتن جو انهن وٽ وڃي يا انهن جي فنڪاريءَ جو ڪرشمو ڏسي پاڻ کي انهن ساڳين امنگن سان لبريز ڪري سگهي ٿو ۽ ان طرح انساني جذبن کي مطالع جو هڪ امر رڪارڊ محفوظ ٿئي ٿو. تنهن ڪري جيڪڏهن ايئن چئجي ته پوري دنيا فنڪارن وٽ قيد آهي ته اها ڪا انوکي ڳالهه نه سمجهڻ گهرجي. هونئن ته عاشق معشوق وٽ، زيردست بالادست وٽ ۽ غريب امير وٽ قيد آهي، پر اهو فرقيوراڻه قيد الڳ ۽ محدود آهي، اهو گروهه بنديءَ وارو قيد آهي. فنڪارن وٽ انسانذات جو هر گروهه ۽ هر طبقو گرفتار آهي، ڇاڪاڻ ته هنن وٽ سڀني جا جذبا قيد ۽ محفوظ آهن ۽ هو جنهن وقت به چاهين ته پنهنجي فن ذريعي اوهان کي روئاڙي، کلائي، خوش ڪري يا رنج ڪري سگهن ٿا ۽ اوهان ۾ ڪهڙي به ڪيفيت ۽ جذبو پيدا ڪري اوهان کان ان مطابق عمل ڪرائي سگهن ٿا. جيئن ته هر ڪنهن شيءِ جو ضد آهي ۽ خير و شر به ٻئي لازم ملزوم شيون آهن، تيئن جذبا ۽ انهن جي اظهار ۾ به خيروشر آهي. جذبن جي اظهار وقت ايترو ضرور خيال ڪجي ته ان سان ڪنهن ٻئي جا جذبا نه ڏکوئبا هجن ۽ پنهنجي جذبي جي اظهار سان ڪنهن کي نقصان نه پهچندو هجي يا ڪنهن جي حق تلفي نه ٿيندي هجي. جيڪڏهن جذبن جو اظهار ڪنهن کي اهڙيءَ طرح پريشان ڪري، ڪو جسماني، مالي، جاني يا روحاني نقصان پهچايو ته اهو جذبن جي اظهار جو غلط طريقو ۽ ناجائز استعمال آهي، جيڪو سَيئات ۽ گناهه ۾ شامل آهي. تنهن ڪري اهڙيءَ طرح جذبن جي غلط ۽ ناجائز اظهار ۽ استعمال تي بردباريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان قبضو رکڻ گهرجي. مگر لطيف فن جي ماهر کي ان جذبن سيئات جو به نقش چٽڻو آهي، پر هن شرط سان ته ان ۾ هڪ قسم جو اصلاحي روح ۽ جذبو به ڀري ڇڏي، جنهن جي اثر هيٺ ان فن جي مطالعي ڪندڙ کي ان سيئات واري جذبي ۽ عمل کان نفرت ۽ ان جي جاءِ تي اصلاحي جذبو پيدا ٿي وڃي. اهڙي طرح سان چئبو ته فنڪار زندگيءَ جي ان ناقص رُخ جو نقش چٽي، ان جي نقش ۽ اثر ي تشريح به ڪري ڇڏي ۽ ان جي خطرناڪ ۽ مضر اثرن کان خبردار به ڪري، ان تي هڪ اصلاحي سبق آميز تنقيد پڻ ڪري ٿو ۽ انهيءَ خاص خوبيءَ جو لطيف فن جي هر فنڪار بالخصوص اديب ۾ هجڻ لازمي آهي.

جيئن ته ڪائنات ۽ فطرت ۾ به خيروشر آهي، مگر عاشق، جو ڪائنات جي هر حسين و قبيح ذري ۾ خدائي جلوي ڏسڻ وارين باريڪين کان شناسا آهن، سي ڪائنات جي قباحتن مان به ڪي نه ڪي چڱا ۽ مفيد مقصد پرايو وٺن.

مثلاً جيئن ته ائين سمجهڻ ته چڱي ۽ بڇڙي جو خالق به خدا آهي، تنهن ڪري بڇڙي صدا مان اها شاهدي پئي اچي ته منهنجو خلقيندڙ واحد پروردگار ئي آهي، جنهن ڪائنات جي خوبروين ۽ حسين شين سان گڏ مون جهڙي بدرۇ ۽ قبيح شيءِ خلقي دنيا وارن لاءِ قدرت جي ڪمال ۽ زوال، حسن ۽ قبح، ضرورتن ۽ اٽل قانونن وارن مقصدن کان آگاهه ڪرڻ جو ذريعو پيدا ڪيو آهي. اهڙي باريڪ ۽ بلند وسيع ۽ عريض نظر سان ڏسڻ وارن لاءِ قدرت ۽ ڪائنات جي ڪابه مخلوق غير مفيد ۽ بي مقصد يا خوامخواهه پيدا ڪيل نه آهي. هو قدرت جي هر حسن ۽ قبح ۾ حسن ئي ڏسڻ جا عادي آهن ۽ اُها يقيني ۽ معراج واري منزل آهي. جتي ان انسان لاءِ دنيا جا هي رسمي ۽ روايتي قيد ۽ بند ڪابه وقعت ۽ اهميت نٿا رکن. مبارڪ آهي انهن جي زندگي، جو انهن پنهنجي حياتي جي اعليٰ مقصد جي مام پروڙي، مگر انسان بعض اوقات اهڙو ناقص الفهم واقع ٿيو آهي جو هڪڙي ئي وقت ڪائنات جي ڪنهن منظر جي سڀني باريڪين ۽ بلندين تي ڌيان ڌرڻ ۽ ان مان لطف اندوز ۽ محظوظ ٿي ڪنهن مقصد پائڻ کان قاصر آهي. جيڪڏهن آدمي اهڙن وقتن تي کيس عطا ڪيل سڀني ظاهري توڙي اندروني حواسن کي سندن مڪمل گرفت سان ڪم آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته ڪائنات ۽ فطرت جا اهي راز ۽ رموز مٿس منڪشف ٿين جي کيس اشرف المخلوقات واري مرتبي ماڻڻ واري راهه ۾ هوند مددگار ثابت ٿين. انسان ۾ انهن ئي ضروريات جي احساس جاڳائڻ خاطر پاڪ ڪتابن ۽ پيغمبرن جي پائدار پند و نصيحت ۾ قادر جي قدرت تي غور و فڪر ڪرڻ جي تاڪيد ۽ تنبيهه کي خاص وقعت ۽ اهميت مان بيان ڪيو ويو آهي ۽ فنون لطيفه جا ماهر فنڪار خاص ڪري فطري اديب ۽ شاعر ان ڏس ۾ پيغمبرن ۽ اوليائن کان پوءِ ثانوي حيثيت رکن ٿا، جي پنهنجي ادب ۽ شعرو و شاعريءَ جي ذريعي قدرت ۽ ڪائنات ۽ انسانذات جي تخليق جي نصب العين ۽ حقيقي مقصد ڏانهن پنهنجي لطيف فن ذريعي، عوام الناس کي رجوع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا.

هاڻ اسان کي ڏسڻو آهي ته جذبات جي ذريعي جو ڪهڙي نوع ادب ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو ۽ اهي ڪهڙا اُصول ۽ حقائق آهن جن جي وسيلي جذبن جي ترجمانيءَ وارا انواع ڪنهن جذباتي پيشڪش لاءِ معياري ادب جو مرتبو معين ڪن ٿا. جيئن ته ادبي پيشڪش ۾ هڪڙا هوندا آهن خيال ۽ جذبا، ٻيا ٿيندا آهن الفاظَ ۽ اهو ضروري آهي ته جيتريقدر هجي خيال بلند ۽ جذبو لطيف ۽ باريڪ، اوتريقدر ان جي پُر اثر اظهار لاءِ هجن لفظ سهڻا ۽ جاذب. لفظ ظاهري طرح سان رڳو لفظ ئي آهن پر انهن جو زبان جي خوبين ۽ خامين ۽ فني صلاحيتن موجب مناسب ۽ موزون استعمال انهن ۾ ڄڻ جان جاڳايو ۽ روح ڦوڪيو ڇڏي ۽ اهو لفظي مانڊاڻ ڪڏهن ته بلڪل بي ساخته ۽ بي اختيار منڊجي ويندو آهي ۽ ڪنهن وقت ڪوشش ۽ محنت سان پيدا ڪيو ويندو آهي، پر بي ساخته اڏجي ويل اڏاوت ۽ ڪوشش ڪري بڻايل ڀانڊي ۾ اصل ۽ نقل وارو ڦيرو ضرور بيهي ٿو، جنهن کان پاڻ بچائڻ ممڪنات کان بعيد آهي. انهيءَ ڪري اديب کي ٻوليءَ جي مڙني مسئلن تي مڪمل ضابطو هئڻ لازمي آهي. زبان جي هنن خاصيتن جي جنهن کي پروڙ ۽ ڄاڻ آهي، تنهن کي پنهنجي خيال ۽ جذبي کي حسين جامي پهرائڻ ۾ ڪابه دقت پيش نه ايندي. زباندانيءَ جون اهي خوبيون هي آهي: محاڪات، فصاحت ۽ بلاغت، سلاست ۽ رواني، تمثيل و تشبيهه جو استعمال، تجنيس و صنعت ۽ استعارن ۽ اصطلاحن جو برمحل استعمال. لفظن جي اهڙي صحيح استعمال جي ڪري بعض آدمي رڳو لفظن جي پر لطف اُچارن ۾ سمايل اعليٰ ۽ ارفع مفهوم ۽ مقصد جي بلنديءَ کان بي بهره بڻجي ويندو آهي، تنهن ڪري لطيف فن جي هن ڪاريگريءَ کي چڱيءَ پر پرکڻ لاءِ ان جي هر ادا، هر خوبي ۽ سڀني خاصيتن تي ڌيان ڌرڻ ضروري آحي، محاڪات مان مراد حڪايت ذريعي تصوير چٽڻ جي آهي، جنهن رستي اديب ۽ شاعر نقش نگاري، سيرت نگاري ۽ فطرت نگاري جا حسين ۽ دلڪش منظر ۽ نقش چٽي پڙهندڙ جي ذهن ۾ هڪ جيئري جاڳندي تصوير پيدا ڪرڻ جو ڪرشمو ڏيکاري. قارئين مثال ملاحظه فرمائين:

بر وُٺا، ٿر وُٺا وُٺيون ترايون،

پرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،

مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگهاريون سايون،

ساري ڏهن سامهيون، ٻولايون رايون،

ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سُنهن پنهنجي.

محاڪات جي مٿئين مثال جي مطالعي ڪرڻ شرط ٿر جي مارو ۽ سنگهار ماڻهن جي گهرو مشغول زندگيءَ جو نقش اکين آڏو اُڀريو اچي. جيڪڏهن ماڻهو فن شناس آهي ته پوءِ هن جي ذهن اندر برسات جي پلر جي پالوٽ سبب سبز ۽ سائي گاهه جاکوڙ، جنهن کي مال ۽ مينهون چري متاريون ٿيون آهن ۽ پنهنجا اوهه ڀري وٿاڻ تي سامهون اچي بيٺيون آهن، جن کي ”ٿر جي رواج موجب“ سنگهارن جون سکيون ستابيون زالون وڏي هيج مان ڏُهي منجهانئن سڄو کير ڪڍي رهيون آهن ۽ اُن کير کي ڄمائڻ کانپوءِ وري صبوح جو پرهه ڦٽي مهل اهو چاڏين ۽ ماٽين ۾ اوتيو، مانڌاڻين ۽ ولوڙڻ سان پنهنجي سادي گهر جي ويڪري ۽ کليل اڱڻ ۾ ويهي پيون ولوڙين ۽ جن جي ولوڙڻ جي واين جو آواز ڪنن تي پيو پوي ۽ پوءِ انهن مان مکڻ جا پنوڙا ٺاهيو، پنهنجا هٿ سڻڀا پيون ڪن ۽ اهڙيءَ ريت سڀيئي ٻايون توڙي ٻانهيون پنهنجن گهرن ۽ پراڻن پهن ۾ خوش ۽ سرهيون ٿيو پيون هلن. هت نه رڳو تصوير بلڪ ان تصوير ۾ هڪ قسم جي جان وڌي ويئي آهي جا اسان جي ذهن ۾ فلم جي رول جي عڪاسيءَ وانگر پنهنجي مڪمل رنگ روپ ۾ متحرڪ آهي، شاهه صاحب جو رسالو محاڪات جي اهڙن اڪيچار مثالن سان ڀرپور آهي.

هت هڪڙي ڳالهه قابل ذڪر آهي ته شاهه صاحب زبان جي خوبين جمع ڪرڻ جي ڪابه خارجي ڪوشش ڪانه ڪئي آهي، انهيءَ ڪري ئي سندس شعر هٿرادو نٿو لڳي ۽ تصنع ۽ بناوٽ جي سڀني آلودگين کان آجو آهي. ڇاڪاڻ ته شاهه فطري شاعر آهي، تنهن ڪري فطرت هن جي فطري جذبن جي اظهار لاءِ کانئس في البديهه اهو سڀڪجهه چَورايو. انهيءَ ڪري سندس سڄو شعر به فطري ۽ الهامي پيو لڳي.

هن دور جا مروج زباني اسلوب ۽ قانون به اهڙن ئي اديبن ۽ شاعرن جي ڪلام ۽ ادب کي جاچي بڻايا ويا آهن، نه ته اهڙن فطرت شناس مردن کي موجوده بناءَ ۽ سينگار تصنع ۽ تڪلف سان ڪهڙو واسطو؟

وري لطيف جو هي بيت پڙهو:

الا، ايئن مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بند ۾،

جثو زنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءِ،

پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا.

شاهه صاحب هت ته هن هڪڙي ئي بيت ۾ فن جي سڀني خوبين کي آڻي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو آهي، جيتريقدر آهي سندس بيان فصيح ۽ بليغ، اوتري قدر آهي سندس مفهوم ۽ مقصد اعليٰ. تشبيهه ۽ تمثيل جي باريڪي ته اها ڀريل اٿس جو ڄڻڪه ساگر کي هڪ ئي سرڪ ۾ سمايو اٿس. ادب جهڙي لطيف فن جي وسعت ۽ عظمت جي تقاضا به اهائي آهي، آهي ڪو هنن ٽن سٽن جو نعم البدل؟

پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،

نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،

پُنهون ٿيس پاڻ، سَسُئي تان سُور هئا.

ڪيترا اهڙا مثال ڏجن؟ رسالو کوليو ۽ مهراڻ جي موجن ۾ غرق ٿي وڃو ته اوهان کي اهڙا ڪيئي املهه ماڻڪ ملندا. انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ هر ڪنهن وقت ڪنهن نه ڪنهن جذبي ۽ ڪيفيت يا تخيل هيٺ رهي ٿو. پوءِ ڪڏهين سندس ڪيفيت شديد آهي، ڪڏهين خفيف، ڪڏهن لطيف ته ڪڏهن ڪثيف.

انسان زندگيءَ ۾ پيار به ڪري ٿو ۽ ڪاوڙ به ڪري ٿو، نفرت به اٿس ۽ رحم و ڪرم کان به روشناس آهي، زيادتيون به ڪري ٿو ۽ گهٽتايون به اٿس، پر ڪڏهن اعتدال تي به هلي ٿو. انسان جي انهن مڙني جذبن ۽ ڪردارن کان متاثر ٿي انهن جي موثر تصوير ڪڍڻ ۽ انهن جي ترجماني ڪرڻ جي دلڪش ڍنگ کي ادب چئجي ٿو. پوءِ چاهي اهو افساني جي صورت ۾ هجي يا ناول جي شڪل ۾، نظم هجي توڙي نثر ۾ بهرحال هر اهو تعلق ۽ لاڳاپو جو انسانذات ۽ ڪائنات جي وچ ۾ آهي، جنهن جو تاثير ۽ نتيجو سندس فڪر ۽ ڪردار ۽ جذبات ذريعي ظهور ۾ ٿو اچي، ان جو تحرير يا تصوير رستي اظهار، ’ادب‘ ۾ شامل آهي. انساني زندگي جي اهڙِن ڪيفيتن ۽ جذبن جي پيدا ٿيڻ جا سبب ۽ موقعا، جيڪڏهن ڪو اديب پنهنجي خداداد قابليت سان اهڙي دلڪش ۽ پُر ڪشش ڍنگ يا طرز ۾ اسان جي آڏو بيان ڪري جو اسان انهيءَ ۾ پنهنجي اجتماعي توڙي انفرادي زندگيءَ جو عڪس ڏسون، پنهنجي زندگيءَ جا مسئلا ۽ انهن جو حل، حياتيءَ جا لطيف راز ۽ رمزون پروڙيون، انهن جو زندگيءَ سان پُرسوز ۽ پُر مسرت تعلق معلوم ۽ محسوس ڪريون ته ان کي ادب چئجي. ادب جي نالي وٺڻ وقت جذبن کي ڪڏهين به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اديب جو ڪم ئي آهي انساني جذبات ۽ ڪيفيتن جي اهڙي نوع ۾ ترجماني ڪرڻ جيئن اهي ساڳيا جذبا ۽ ڪيفيتون ادب جي مطالعي ڪندڙ ۾ پيدا ٿي سگهن. جيڪڏهن اديب ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته چئبو ته هُن پنهنجي هِنَ لطيف فن سان انصاف مڪمل ڪيو ۽ ان جو ڪماحقه حق ادا ڪيو.

ناظرين ڪرام هن نثر جي ٽڪري کي پڙهي ۽ اندازو لڳائين ته جن جذبات کان متاثر ٿي اهو لکيو ويو آهي، اهي ئي جذبا اُڻ کي پڙهڻ وقت پيدا ٿي سگهن ٿا يا نه؟

”زندگي به عجيب نشيب و فراز سان ڀرپور آهي، جيئن ماڻهو عمر جو وڏو ٿيندو وڃي تيئن حياتيءَ مانڍي عمر وارين البيلاين ۽ بي باڪين کان به پَري ٿيندو وڃي، اُهي سنگت جا عجيب و غريب ۽ پر لفظ ميلا ۽ دوستن جون رنگين محفلون، سير و سياحت جون اڙٻنگ امنگون، هڪٻئي سان اُلجهڻ ۽ سُلجهڻ واريون لطيف لذتون ۽ رونقون، يارن جر بي فڪر ۽ ڀرپور مباحثا ۽ آزاديءَ سان آلاپيل دلربا نغما، هاڻ اهڙيءَ طرح ناياب ٿيندا ٿا وڃن، جو زندگي اداسي ۽ مايوسي جو مرڪز بنجي چڪي آهي. ۽ ماڻهو، سرڪاري ۽ غير سرڪاري، سماجي ۽ معاشرتي – جوابدارين ۽ بار بردارين ۾ گهيرجي ويو آهي. انهن اداس ۽ مسلسل هلچلن، حياتيءَ مان بهار ۽ خزان جي امتياز جو احساس ئي دفن ڪري ڇڏيو آهي“.

اسان کي هت ادب براءِ ادب يا ادب براءِ زندگيءَجهڙي غير فيصلي ڪن مباحثي تي خيال آرائي ڪانه ڪرڻي آهي. مگر ايترو ضرور چوڻو آهي ته ادب هر ڪنهن لطيف فن جي تقاضا مطابق، طبيعت ۾ تاثير، دل ۾ مسرت ۽ جذبو، روح ۾ سوز ۽ راحت ۽ فڪر و ڪردار ۾ اصلاحي ۽ اخلاقي بلندي پيدا ڪرڻ جو هڪ فطري ذريعو آهي ادب سماج ۽ تهذيب جو تفصيل به آهي ۽ ان جي تنقيد به. اهڙو ادب دماغ کي پنهنجن لطافتن  ذريعي، زندگيءَ جي لطيف رازن ۽ رمزن کي وڌيڪ وسعت سان سوچڻ جو موقعو ميسر ڪري ٿو ڏئي. انسان جي دماغ ۽روح کي هميشہ اهڙي شيءَ يا ڳالهه سان مسرت ۽ راحت حاصل ٿئي ٿي، جنهن ۾ ڪونه ڪو اصلاحي يا اخلاقي مقصد سمايل هوندو آهي. جيڪڏهين ڪنهن جو دماغ اهڙي اصلاحي موضوع مان مسرت اندازو ۽ راحت پذير نه ٿئي ٿي اُن مان ڪو مفيد مقصد نه ٿو پرائي ته پوءِ چئبو ته ان جو روح ڀٽڪيل ۽ دماغ پُرمسرت صلاحيتن کان خالي سمجهڻ گهرجي. تنهنڪري اهڙي ماڻهوءَ کي پهريائين ان فن جي سمجهڻ ۽ ان  مان نفعي پرائڻ لاءِ اُن جي ابتدائي اصولن جو مطالعو ڪري ان جي واقفيت ۽ معلومات رکڻ گهرجي ۽ پوءِ اُن لاءِ ڪا راءِ قائم ڪرڻ گهرجي.

اديب پنهنجي تيز احساس ذريعي ڪائنات کي نئين زاويي سان ڏسي ٿو ۽انهن جو انوکي نوع مطالعو ڪري ٿو ۽ پوءِ سندس حساس طبيعت ۾ اُن مطالع سبب جيڪي اُمنگ ۽ اُڌما اٿن ٿا، انهن کي اهڙيءَ طرز ۾ پيش ڪري ٿو جو انسان ۽ فطرت جو ڪونه ڪو لطيف تعلق اچي ٿو سامهون بيهي. پڙهندڙ ۽ معالع ڪندڙ بي اختيار ائين محسوس ڪري ٿو ته ڄڻڪ  هو ان ۾ پنهنجي زندگيءَ جو عڪس ڏسي رهيو آهي. يا اها سندس ئي ڪهاڻي آهي جا هو پڙهي رهيو آهي. مثلاً هن بيت ۾ شاعر جو نئون پيدا ڪيل انسان – ذات سان تمثيلي تعلق ڏسو:

هلو ته هلون ڪورئين، نازڪ جن جو نينهن،

ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.

ڪورين جو ڌنڌو ۽ عمل سڀڪو ڏسي ٿو، مگر جنهن نظر ۽ زاويي سان هن فطرت جي نقاش، ان رواجي مشغوليءَ مان مامَ پروڙي ۽ ان جو تعلق انسان ذات سان ظاهر ڪيو آهي، تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ساڳئي انوکي نظريي هيٺ شاعر، بادشاهه کي به سُئي جي مَٽ نٿو ڄاڻي،

پاڇاهي نه پاڙيان،  سرتيون سُئي ساڻ،

ڍڪي اُگهاڙن کي،   ڪين ڍڪيائين پاڻ،

ٻيهر ڄاپي ڄاڻ،  اِبر جي اوصاف کي.

ڇاڪاڻ ته بادشاه ملڪ جي ماڻهن جي انگ ۽ اجهي جو خيال رکي ٿو، مگر ان هوندي به پاڻ به پنهنجي ديس جي ماڻهن کان وڌيڪ اوچا ڪپڙا ۽ پوشاڪون پهري ٿو. مگر ويچاري سئيءَ ۾ بادشاهه واري اها خود عرضي ڪانه آهي ۽ هو پاڻ ننگي رهي ٻه ٻين کي ڍڪڻ جي بي لوث خدمت ڪري ٿي. جنهنڪري بيشڪ بادشاهي به سندس برابري ڪري نٿي سگهي.

وري انسانن کي شاهه جي هيءَ نصيحت به قابل داد آهي:

وڳر ڪيو وتن،    پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن،   ماڻهنئان ميٺ گهڻو.

ڏسڻ ۾ ظاهري ته چند رواجي لفظن جي مجموعي جو هڪ ننڍڙو بيت آهي، مگر فنڪار انهن معمولي لفظن جي اوٽ انسان جي اوڻائيءَ جو احساس ۽ اوڻائيءَ سبب منجهس شرمساريءَ ۽ پشيماني پيدا ڪرڻ لاءِ، پکين جهڙي ڪمتر مخلوق ۾ ان ڪمزوريءَ جي تلافي جي تلاش جو لطيف اشارو ڏئي ٿو ته تون اشرف مخلوق ٿي ڪري به پاڻ ۾ پريت ۽ پيار ۽ اتفاق سان گڏ گهارڻ جي سبق کان نا آشنا آهين! تون هنن پکين جي پريت ڏي ته نهار جيڪي وزن ۽ مرتبي ۾ توکان ڪيترو نه هيٺ آهن، مگر ان هوندي به هنن ۾ اها خوبي آهي جا حقيقت ۾ تو ۾ هئڻ گهرجي. ڪيڏو نه رشڪ آميز اصلاحي سبق آهي، جنهن کي شاعر سليس ۽ سادي وضع ۾ واضح ڪري ويو آهي، جنهن کي پڙهندي- پڙهندڙ انسان جي بي اتفاقيءَ کي محسوس ڪندي ۽ ان جي مقابلي ۾ پکيئڙن جي پريت تي رشڪ کائڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي.

اهڙيءَ طرح جيڪڏهين اديب رنج و الم ۽ درد جو داستان ٻڌايو آهي ته هو ان کي پنهنجو درد سمجهي ٿو، جي راحت ۽ مسرت ۽ عشق ۽ محبت جو ذڪر آهي ته هو ان کي پنهنجي خوشي ۽ محبت سان ملائي ٿو. جي ان ۾ نفرت جو جذبو ڪارفرما آهي ته پاڻ به  نفرت سان لبريز ٿيڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهي. ممڪن آهي ته ڪڏهن پڙهندڙن سان به اهڙو اتفاق ٿيو هجي، جو ڪنهن ڪتاب پڙهندي يا شعر دهرائيندي دل سوز ۽ درد جي ڪيفيت سان ڀرجي آئي هجي ۽ ڪڏهن ڪڏهن شدت کان نيڻن مان ٻه لڙڪ به لڙي پيا هجن.

مطلب ته اهو اُن فنڪار (ڪتاب لکندڙ يا شعرچوندڙ جي فن جو ڪرشمو آهي، جنهن پڙهندڙ کي بي اختيار ٿي، روئڻ لاءِ ماده ڪري ورتو. اهڙيءَ طرح لطيف فن جو هر فنڪار، پنهنجي فن سان ڪانه ڪا ڪيفيت پيدا ڪري سگهي ٿو، ان مطابق اوهان جي جذبات ۾ تحريڪ آڻي سگهي ٿو. ۽ اهوئي آهي ادب ۽ هرلطيف فن جو معراج. جتي پهچڻ کان پوءِ فن جي ماهر جي مهارت جون حدون ختم ٿين ٿيون ۽ هو پنهنجي فن جي تڪميل جو تاثير ۽ ڪرشمو پسي، اطمينان ۽ تسليءَ جوساهه کڻي ٿو. انهن امتيازي خصوصيتن ۽ انسان ذات جي هر گروه جي ترجماني ڪرڻ جي سلسلي ۾، علم ادب سان ٻيو ڪوبه علم مقابلو نٿو ڪري سگهي. چاهي اهو تاريخ هجي، علم نفس هجي يا فلسفو. تاريخ لاءِ چيو ويندو آهي ته اها سڀني علمن جي ماءُ آهي، مگر ادب جي ڀيٽ ۾ سندس اهميت گهٽ آهي. تاريخ جو بنياد خُشڪ حقيقتن تي آئي آهي ۽ انهن ۾ تاريخ نويس پنهنجي طرفان ڪنهن به قسم جي تبديلي، مبالغه آميزي ۽ جذبات انگيزي جو جواز نٿو رکي. مگر اديب کي ادب جي ميدان ۾ جذبات، جزباني لطائف، مبالغي، اميدن جي بي اختيار اظهار ۽ ٻِن اهڙن مڙنئي هٿيارن جي استعمال اجازت آهي، جن سان هو پنهنجي شاهڪار کي پر اثر ۽ دلنشين بنائڻ جي لائق بنائي سگهي. تاريخ ۽ ادب جي امتياز جو مختصر مثال قارئين جي آگاهي لاءِ درجه ذيل آهي.

”امام حسينرضه محرم مهيني جي ڏهين تاريخ سنه 64 هجري  ۾ پنهنجن ٻاهتر ساٿين سان ڪربلا جي ميدان ۾ شهادت حاصل ڪئي“ پر ’اَدب‘ ۾ هن طرح بيان ڪري سگهجي ٿو.

”ڪربلا جي سرزمين جي سرخ خاڪ اڄ به حضرت حسينرضه ۽ سندس شهيد ساٿين جي بلند حوصلي، حق شناسي، ۽ خدا ڪارڻ جان نثاري جي روشن شاهدي ڏيندي، ذلت جي زندگيءَ کان عزت جي موت ماڻڻ جو سونهير سبق سيکاري رهي آهي“.

پڙهندڙ محسوس ڪري ورتو هوندو ته مٿين ٻنهي فقرن جي تحرير جو مقصد حسين ابن علي عليه السلام جي شهادت جي ذڪر جو اظهار آهي. مگر جا ڪشش ۽ جو تاثير ۽ عالمگير تعلق، ادبي پاري ۾ آهي سي تاريخ ۾ هرگز ڪين آهن. فرق فقط اهو آهي ته اديب جي اظهار ۾ جو سندس دلي تاثر ۽ جذبو ڪار فرما آهي، سو تاريخ نويس جي لکيت ۾ موجود نه آهي پر جي تاريخ لکندڙ تاريخ لکندي ان ۾ پنهنجي جذبات جي آزادانه اظهار جي ڪوشش ڪندو ته پوءِ اهڙيءَ حالت ۾ سندس ڪتاب کي تاريخ جو درجو هر گز نه ڏيئي سگهبو ڇاڪاڻ ته تاريخ نالو آهي؛ واقعات ۽ حادثات جي صريح ۽ خشڪ حقيقتن جي صداقت جو، تنهنڪري ان ۾ جذبات کي جاءِ ڏيڻ جي گنجائش جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. اڃا به ان حقيقت جي مزيد وضاحت لاءِ پڙهندڙن آڏو هڪ وڌيڪ مثال وري علم جغرافيه ۽ ادب جي تفاوت ظاهر ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو وڃي ٿو.

جغرافيه – ڌرتي گول آهي، جا پنهنجي محھور جي چوڌاري ۽ ساڳئي وقت سج جي چوگرد ڦري رهي آهي، سندس ان ڦيري جي ڪري رات ڏينهن ۽ موسمون رونما ٿين ٿيون.“

ادب- ”زمين جي گردش پنهنجي مسلسل رفتار سان زماني جون سوين صديون ۽ هزارها قرن اوڳاري آئي، مگر سندس رات ۽ ڏينهن ۽ رُتين جي ردوبدل، ڪيڏي نه عظيم ۽ بي مثال بندوبست ۽ انوکي انتظام هيٺ جا بجا جاري آهي“

اندازو لڳايو ته جيتوڻيڪ ٻنهي تحريرن جو مطلب ساڳيو آهي، مگر ’ادب‘ ۾ جنهن نموني ۾، فطري نظام جي تسلسل ۽ عظمت جو جذبات کي مسرت ڏيندڙ اظهار ڪيو ويو آهي، سو جاگرافيءَ جي بيان ۾ آهي ئي ڪونه.

هڪ، سطحي ۽ خارجي حقيقت جو عڪس آهي ۽ ٻيو، دل ۽ روح جي باطني ۽ داخلي صداقت جي عميق گهراين جو نقش. اهو اعتراض پيدا ٿي سگهي ٿو ته علم تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي بيانن ۾ خواه مخواه رواجي لفظ استعمال ڪري زبان جي لطافت ۽ سونهن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. ڪنهن حد تائين اهو اعتراض بجا ٿي سگهي ٿو، مگر ان هوندي به علم تاريخ ۽ جاگرافيءَ يا ٻين اهڙن خشڪ حقيقتن تي مبني علوم جهڙوڪ، معاشيات، اقتصاديات، علم نفس، هيئت، طب، سائنس ۽ قانون .... وغيره لاءِ زياده تڪلف ۽ تصنع کان ڪم وٺي لفظن جو بهترين انتخاب ڪري کيس ظاهراً سهڻو لباس پهرائي سگهبو، ليڪن لطيف جذبات ۽ باريڪ احساسات ۽ بيپناه قوت تخيل، بي اختيار امنگن ۽ اڌمن جي آمد کي، جيڪي درحقيقت ادبي شاهڪارن جي لاءِ روح روان آهن، تن جو پيدا ٿيڻ ته ناممڪن آهي. تنهن ڪري روح کان سواءِ باقي بوتي کي ڪيترو به سينگاربو ته ان جوذي روح مجسمي سان مقابلو ڪرڻ هڪ مفحڪ خيز مسئلو ٿيندو.

حقيقت ته هيئن آهي ته روحاني انوار ازخود مجسمي جي ظاهري سينگار جي سامان مهيا ڪرڻ جي اختيار مدگار ثابت ٿين ٿا. مطلب اهو آهي ته جذبن ۽ اُمنگن جي ڦٽي نڪرڻ سان ادبي پيشڪش جي ظاهري لباس يعني لفظن جو حسين جامو ازخود سبجيو وڃي ۽ تيار ٿيو پوي. هن مان اهو اندازو لڳائڻ غلطي جو باعث بنبو ته علم ادب کانسواءِ باقي جيڪي به علم آهن، سي ڇاڪاڻ ته بي روح مجسما آهن تنهنڪري انهن جي تحقيق و تخليق غير ضروري يا غيرمفيد آهي ۽ انهن جي مطالعي مان انسان – ذات کي ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو. پنهنجي جاءِ تي هر ڪو علم زندگيءَ جي ضرورتن جي تلافيءَ لاءِ نهايت لازمي ۽ اهم آهي، مگر ايترو ضرور آهي ته علم ادب ٻين سڀني تي حاوي آهي.

ائين کڻي چئجي ته ادب انسان جي روح جي صدا آهي. روح بيقرار آهي ته به ادب ان جي بيقراريءَ جي اظهار جو مڪمل نقش چٽي سگهي ٿو ۽جي روح کي راحت نصيب آهي ته اُن جي راحت جو ڀرپور آواز ادب کان سواءِ ٻئي ڪنهن به رستي سان نه سڻي سگهبو. ۽ نه ظاهر ڪري سگهبو. ٻيا علم به نهايت ئي قيمتي ۽ بيش بها جواهر آهن مگر علم ادب ڪوهه نور آهي، جنهن ڪري باقي سڀني علمن جو سرتاج آهي. اعتراض ٿيندا رهن ٿا ته اديب ۽ شاعر پنهنجي پيشڪش ۽ شاهڪارن ۾ اصليت کان گهڻو اڳتي يا پوئتي نڪري ان ۾ مبالغي يا قصور جو باعث بنجن ٿا. بلڪه ڪن اعتراض ڪندڙن جي اها شدت پسندي انهيءَ حد تائين پهچي ٿي جو فطرت ڪائنات ۽ انسان – ذات جي ربط تعلق کي سمجهندڙ هن عظيم شاگرد بلڪ ”تلاميذالرحمان“ کي دوزغ بيانيءَ جي الزام جو ملزم بنايو وڃي ٿو.ان مسئلي جي ناهموار ميدان تي پنهنجي زماني جي عقل جي وير ڪبير، افلاطون به ٿاٻو کاڌو مگر ڀلو ٿئي حڪمت جي حڪيم ارسطوءَ جو، جنهن کيس ان ٺوڪر جي شديد زخم کان بچائي ورتو. اهڙامعترضين حضرات جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي زحمت گوارا ڪن ته پوءِ کين معلوم ٿيندو ته هر تهذيب يافته دور جي انساني زندگيءَ ۾ سندن روزمرهه جي زبان ۽ ٻوليءَ جي اندازه بيان جا رنگ روپ اڪثر اهڙا آهن جن جي ظاهر ي۽ خارجي لفظي معنيٰ ۽ مفهوم جو ادا ڪندڙ جي اصل مقصد ۽ نيت سان ڪوبه واسطو ڪونه هوندو آهي، مگر مقصد کي مـﺂثر طرز ادائيگي بخشڻ لاءِ اهڙيءَ اصطلاحي زبان جو استعمال ناگزير آهي. مثال طور پنهنجي زبان جو هڪ روزمرهه استعمال ٿيندڙ اصطلاح آهي  ”رت روئڻ“  - هاڻ حقيقت ۾ دنيا جي ابتدا کان حال تائين ڪوبه انسان ڪنهن کي اهڙو ڪونه  سجهندو ۽ اعتبار ۾ ايندو جنهن ڪهڙي به شديد درد، تڪليف ۽ اذيت کان متاثر ٿي ڪڏهين رت جا لڙڪ اکين مان وهايا هجن. سڀيئي بخوبي سمجهن ٿا ته رت روئڻ هڪ مبالغو آهي بلڪه هڪ سفيد ڪوڙ. مگر ان هوندي به ان کي پنهنجي زبان ۾ هرڪو ادا ڪري ٿو ۽ هوند ڳوڙهن ڳاڙڻ، گهڻي روئڻ يا لُڙڪ وهائڻ جهڙن مطلب جي اعتبار کان سـﺂ في صد سچن لفظن جي نسبت، رت روئڻ جهڙي علانيه دروغ بيانيءَ جي استعمال کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا. ڇو ته مقصد جي مـﺂثر وضاحت  جيڪا رت روئڻ، چوڻ مان ادا ڪري سگهبي سا ڳوڙهن ڳاڙڻ، چوڻ سان نٿي پيدا ٿئي، مگر ان هوندي به اصطلاح ادا ڪرڻ واري جي اها نيت نه آهي ته ڪو هو ڪوڙ ڳالهائي ۽ نه ٻڌندڙ جي دل ۾ اهو خيال پيدا ٿو ٿئي ته ادا ڪندڙ ڪو ڪوڙ ڳالهايو . تنهن ڪري هاڻ ڇاڪاڻ ته الاعمال باالنيات يا هن وقت المقاصد باالنيات تنهن ڪري مقصد جي مـﺂثر ادائيگيءَ لاءِ اهڙي قسم جي لفظي يا اصطلاحي مبالغي کي دوزغ يا ڪوڙ ته ڇا پر مبالغو چوڻ به درست ناهي. ”ڪوزي ۾ درياءُ بند ڪرڻ“ ڪيڏو نه عظيم مبالغو ۽ دوزغ ٿو ڏسڻ ۾ اچي، مگر ان مان مراد مبالغي ۽ ڪوڙ جي هر گز نه آهي، مگر انهن چئن لفظن جي بيان مان نيت مخف اها آهي ته جيئن هڪ ٿورن لفظن ۾ وسيع مفهوم واري پرلطف ۽ ان جي دلربا حقيقت تي پنهنجي طرفان بي اختيار داد ۽ تحسين جي شدت ظاهري ڪئي وڃي، ٻيو ته ٺهيو پر خود خدا به پنهنجي مقصد کي پر اثر ۽ واضح ڪرڻ لاءِ اهڙي تمثيلي ۽ اصطلاحي ”مبالغي آميز“ انداز بيان کي استعمال ڪيو آهي، مگر انهيءَ لاءِ ته ان مان مقصد مبالغي جو نه بلڪ حقيقت کي وضاحت سان زوردار ڪري پيش ڪرڻ جو آهي. مشهور آيت الڪرسي جي هن آيت تي غرو ڪريو: ’وسع ڪرسيہ الساوات والارض‘

هاڻ جيڪڏهين پڙهندڙ ان جي خارجي ۽ لفظي معنى ۾ منجهي پيا ته پوءِ معاذ الله سمجند اته خدا تعالى کي به ڪارڪرسي آهي، جنهن تي هو ويهڻ جو عمل ڪري ٿو جي ايئن آهي ته خود خدا به ڪنهن جسم يا مادي جو مرڪبن آهي جو ڪرسي جي استعمال جو اختياج اٿس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com