سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (1-2)

 

صفحو :6

ڏينهن گذرندا ويا. زينب کي به ناؤن مهينو شروع  هو، پر تنهن هوندي به انهيءَ ٻار سان گڏوگڏ مٿي تي رکيو پئي شهر گهمندي هئي. هڪ ٻه دفعا ٽوڪيو به مانس پر مٿس ڪي اثر ڪونه ٿيو ڄڻ نائين مهيني جو پيٽ کيس پنهنجي جسم جو ئي ڪو مستقل عضوو ٿي لڳو. جڏهين به ايندي هئي هميشہ اهو پڇندي هئي ته ڪهاڻي پوري ٿي يا نه. آءٌ هميش پي نٽائيندو هئس. هڪڙي ڏينهن پڇيومانس:  ”زينب، تون هاڻ ڪجهه ڏينهن ۾ ماءُ ٿيڻ واري آهين پر اهو به ڪي ويچاريو اٿئي ته اوسي پاسي وارن کي ڪهڙو جواب ڏيندينءَ؟“

”اها ڪا مشڪل ڳالهه ڪانهي؟“ هن خود اعتمادي سان چيو؛ ”توکي خبر ناهي، جي آءٌ چاهيان ها ته هي ٻار بن – ٽن مهينن جو ڪچوئي  ڪيرائي ڇڊيا ها. منهنجي ماءُ جي اها مرضي هئي. پر مون چيو ته مون کي ڇڊ ته هڪ حرامي ٻار سڀني جي سامهون جڻيان. مهنجي ماءُ گهڻو ئي چيو، تنهن تان اساڻ جو جهڳڙو به ٿي پيو. مون پنهنجي ماءُ کي دل تي مار ڊني هئي ۽ قسم کنيو هوم ته ٻار کي جڻندس ۽ ضرور، سڀني جي سامهون. آءٌ ڪا ماڻهن کان ڊجان ٿي؟ ماڻهن کي پنهنجي جتي جيڙو به ڪونه ٿي سمجهان.“

”پر هيترن ڏينهن ۾ ڪنهن توکان انهي بابت پڇيو به ڪونه ۽ “ مون چيو.

”ڪير پڇندو؟ مان کان سو پڇندي، جو پاڻ ستي جتي هوندي. ڪير مان کان مار کائيندو! هن مرڪي ڏنو. پر سندس مرڪ ۾ ميٺاج سان گڏ ڪڙاڻ به هئي.

زينب هر دفعي ايندي هئي ۽ ويندي ويندي منهنجن حواسن تي اهڙو اثر وجهي ويندي هئي جو ڪيتريءَ دير تائين منهنجو اثر پيو هوندو هوس.

***

هونئن زينب هفتي ۾ هڪ ٻه چڪر ضرور ڪندي هئي؛ پر جڏهين هوءَ ٻن الائي ٽن هفتن کان پوءِ آئي ته مون محسوس ڪيو ته منهنجي سامهون ڪا ٻي زينب هئي. سڄي پيلي پئجي ويئي  هئي. وار، جن ۾ هميشه تيل – ڦڻي ڪيل هوندي هئي، سي ايئن پئي لڳا، ڄڻ ننڊ مان اٿي هجي.

”زينب، تو کي ڇا ٿيو، لهي ويئي آهين؟“

هوءَ مرڪي. هڪ ڦڪي مرڪ، جنهن ۾ ڪوبه احساس ڪونه هو.

هن ڪجهه دير مون کي ڏٺو، سندس اکين ۾ عجيب گنڀيرتا ۽ گهمنڊ هو. هن وڌيڪ ڪجه ڪونه ڳالهايو. رڳو لوئيءَ ۾ ويڙهيل ٻار، جو سندس ڇاتيءَ جي ڪو ساڻ منجهه ستو پيو هو، تنهن کي کولي منهنجي اڳيان رکيائين.

”اڙِي، هن معصوم کي ڇو کڻي آئي آهين! ڪجهه  ٿي پيس ته پوءِ؟“ مون چيو.

”هن کي ڪجهه ڪانه ٿيندو. مان هِن جي ’پيءُ‘ کي ڳولڻ آئي آهيان.“

”مليو؟“ مون آهستي پڇيو.

”ملي ويندو.“ هن آهستي، پر ڪنهن عزم سان چيو. آءٌ ننڍڙي ٻار کي ڏسڻ لڳس. زينب چپ ڪيو ويٺي رهي. سندس ماٺ ۾ عجيب اجنبيت هئي.

”بُد!“ زينب ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏانهن نهاريو. مون ساڻس اکيون ملايون، پر سندس نظرن جو تاب سهي نه سگهيس. ”تون هن بار جو پيءُ بنجدين؟“ هُن جو آواز به ڏڪيو پئي.

”آءٌ!“ مون کا ڇرڪ نڪري ويو.

”ها، مانهنجي پٽ جو پيءُ! .......... مانهنجو مڙس نه، رڳو بار جو پيءُ! نه ته مان ... “ هن جو آواز ڀرجي آيو. اهو پهريون ڀيرو هو جو زينب جي اکين ۾ مايوسيءَ پيئ ليئا پاتا. آءٌ چپ هوس.

”نه ته مان، يا ته پاڻ کي ماريندس يا وري اَن کي، جيڪو مانهنجي منهن تي ڪجهه ڪانه ٿا چون، پر پاڻ ۾ رُڳو سس پس ڪرن ٿا! مان سان ڪائي مائٽ ڪانه ڳالهائي. مانهنجي ماءُ گاريون پئي ڪڍي.“

هوءَ چپ ٿي ويئي ۽ مون کي اها خاموشي ڏاڍي خراب پئي لڳي.

”پر منهنجا مائٽ ڇا چوندا!“ مون زبان چوري.

”اڙي، مان توکي هنين کان کَسان ٿوري ٿي!“ هن جلدي چيو.

”پر منهنجو ته مڱڻو به ٿيل آهي. منهنجا ساهرا ٻارَ جو ٻڌندا ته ماڳهين ... ۽ وري تنهنجو مڙس به ته آهي.“ مون کيس حالت کان واقف ڪرايو.

”مان کي هن بار جو پرواهه ناهي.“ هن ٻار ڏانهن اشارو ڪيو. ”مان کي ته رگو اَن زال ۽ مڙدن جي اکين جو ڊُک آهي، نه ته مان سڀ سان پُجڻ جوگي آهيان. مان سان ڪوئي ڳالهائي به ڪانه ٿو، نه ته......“

مون کان ڪجهه چيو نه پئي ويو، ۽ منهنجي انهن ڪجهه ساعتن جي ڊگهي خاموشيءَ هن کي وڌيڪ مايوس پئي بڻايو ۽ مون کي پاڻ ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو.

”اگر تون چئه ته هن جو گلو گهٽي ڇڊيانس؟“ هن آهستي چيو.

”نه نه، زينب، ايئن نه ڪجان!“

”ته پوءِ مانهنجي زندگي بچائي نه!“ هن ٻاڏايو.

”زينب،“ مون گلو صاف ڪندي چيو، ”توکي مون بابت پوري خبر آهي. آءٌ نه هن جو پيءُ بنجي سگهان ٿو ۽ نه ئي تنهنجو مڙس، پوءِ ڀل ته نالي ماتر ڇو نه هجي. منهنجي اڳيان منهنجو مستقبل آهي، جنهن جي لاءِ آءٌ پنهنجي زندگي پتوڙي رهيو آهيان.“

”پر مانهنجي به زندگي جو ڳالهه آهي!“ هن نماڻائيءَ سان چيو.

ڪيتري دير تائين ٻئي چپ رهياسين.

”پو تون هن جو پي ڪانه پنجندين؟“ هن جذبات کان خالي منهن مون ڏانهن کنيو.

”اهو ته منهنجي وس کان ٻاهر آهي.“

”ڪانه بنجندين ..... تون ڪانه بنجندين!“ هن هڪ ٻه دفعا آهستگيءَ سان چيو. اوچتو سندس اکين ۾ وڄ جهڙو ٺڪاءُ ٿيو، ۽ اُمالڪ ٻار کڻي اُتي کڙي ٿي.

”مان ونجان ٿي. تون ايئن ڪونه سمجهه ته مان وري ڪونه ايندس .... پر تون مان تي جيڪو ڪهاڻي لکين سولکج، ضرور! ٻيو ته آخر ۾ وري پنهنجي دل کان ٺاهي لکج ته ڪيئن زينب پنهنجي لَج بچائي.. ائين ضرور لکج! توجي لاءِ اهولکڻ ڊکيو ڪانهي. تون علم جاڻين ٿو ـــــــ هي ڪم ڊکيو ڪانهي.“

 هوءَ  ٻار کڻي اٿي ۽ منهنجي مستقبل کي برباد ٿيڻ کان به بچائي ويئي.

مون کي سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو ته جنهن زينب پاڻ کي اهڙي دلير زال پئي سمجهيو، سا ڪيئن هيڻي ٿي پيئي. آخر اسين انسان آهيون ۽ اسان کي سماج ۾ ئي رهڻو آهي، انهي ڪري سماج جهڙو ئي ٿي هلڻو آهي ـــــــ ۽ اها ئي ڳالهه ته زينب کي سمجهه ۾ ڪانه پئي آئي.

ويٺي ويٺي زينب جو ٻار منهنجي نظرن اڳيان ڦري ويو. سوچيم، انهيءَ تي ته هڪ تمام چڱي ڪهاڻي لکي سگهان ٿو؛ ۽ انهيءَ سان گڏ اهو به سوچيم ته هن دنيا ۾ اچڻ لاءِ انسان کي جيڪا پهرين ضرورت محسوس ٿئي ٿي، سا پيءَ جي گهٽ ، پيءَ جي نالي جي وڌيڪ ـــــــ نه ته اهڙي انسان کي هن دنيا ۾ اسان پيءَ وارن جهڙو رتبو ڪونه ملندو.

***

مهينو کن گذري ويو، زينب مون وٽ ڪانه آئي. پڪ سمجهيم ته ٻيهر ڪانه ايندي. پر ٻئي مهيني جي شروعات هئي، ته پوئين پهر آئي. اهائي ساڳي لوڏ، ساڳيو انداز، وهنتل سهنتل، اڇا اجرا ڪپڙا پيل، ٻه چوٽيون ڪيل، اکين ۾ ڪجل بدران سرمون پاتل: مرڪندي آئي، پر ڪجهه ڦڪي پئي ٿي. پٽس به، ڪپڙن ۾ ويڙهيل سيڙهيل، ڪڇ ۾ هوس ـــــــ اچي ڀرسان بيٺيم.

”گهڻن ڏينهن کان پوءِ آئي آهين! ڪجل مساڳ ڪٿي؟“

”هاڻ مان هُو ڌنڌو ڇڊي ڊنو.“ هن مُرڪندي وراڻيو.

”ته پوءِ ڇا ڪرين؟“ مون سندس هنج ۾ ستل معصوم کي ڏسندي پڇيو.

”اڄڪلهه مان رڳو سگهڙ زال ٿي وئي آهيان.“ مون ته مرڪيو، پر هن هڪ چڱو وڏو ٽهڪ ڏنو.

”ايترا ڏينهن ڪٿي هئينءَ؟“ مونڳالهه بدلائي.

”تو وٽان نڪري پو مان سوچيو ته هاڻ ڪو بيو ڪو ئي چارو ڪانهي، رڳو هي ته پٽ جو گلو دبائي، ڪيڊانهن گم ڪري ڇڊيان. هن کان وڌيڪ مان بيو ڇا ڪري؟“ هوءَ ڪجهه دير چپ رهي. پوءِ پٽس کي ڏسي چوڻ لڳي، ”هُن ساڳي ڊينهن اسان جي پاڙي منجهه هڪڙو گهٽي آهي، اُن جي منهن وٽ ڪو ئي بار ڦٽو ڪري ڀجي ويوي. مئل هو. نه نه، ماريل! ان جي ڪنواري ماءَ پنهنجي جگر جي ٽڪر کي رڳو هِن ڪري گهُٽا ڊنا هئا جو آَنگرين جا نيرا، رت – جميل نشان، هُن جي عزت کي ٽڪو لڳائڻ وٽان بچائي سگهيا ٿي سڀ ۾ ڦڙڦوٽ لڳي ويئ. هِتان هُتان ماڻهو اچي گڊيا. پر مان جڊهن هُن معصوم جي گلي  تي آنگرين جا رت وارا نشان ڊِٺا، جو اُن جي ڪري بار جون اکيون نڪري آيون هيون، تڊهن مان کي ايئن لڳو جڻ مان پنهنجي بار کي گهٽو ڊئي ماريو آهي. مان کي ايتري رحم آئي جو قسم سان جي بار حياتي هجي ها ته مان هُو بدنامي به پنهنجي سر مٿي کڻانس ها، پر هُن معصوم جو اهڙو حَسر نه ڪريان ها!“

زينب اچتو گنڀير ٿي ويئي: ”بس، هُن گهڙي کان پو مان وري سوچيو ڀي ڪانه ته مان ههڙو بار جڻي، هُن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڇو ڪا ڀي ترڪيب ڪونه ڪيو مان کي پنهنجي پٽ سان وڌيڪ محبت ٿيو، ۽ رگو هن ڪاڻ مان گهر ڇڊيو. مائٽن سان سڀ گالهيون ڇڊيون، هِن ڪري نه ته ماڻهو مان کي خراب نجر سان ڊسندا، پر رگو هِن ڪري ته مان پنهنجي پٽ کي هتي جي کراب ڳالهين کان بچائي سگهان ۽ جيئن جيئن هي وڊو ٿيندو ته پنهجين اکين سان ڏسندو رهي ته مانهنجي ماءُ سٺي عورت آهي ـــــــ پو ڀل بيا هن کي ڇا ڀي بڌائين!“

زينب ٿڌو ساهه کنيو.

”پوءِ اڄڪلهه ڪٿي رهين؟“ مون پڇيو

”بس، هُتي ئي آهي هڪ ننڍڙو اسڪول، هُن ۾ ڇوڪرين کي ۽ زالن کي ڀرت جو ۽ سبڻ جو ۽ بيو ڪم جو علم ڊيندا آهن ـــــــ مان هاڻ هُن ۾ ڪم ڪندي آهيان. مان کي اهو ڪم اگي ايندو آهي ۽ بيو وري ٿورو سکان به پئي. ڪڊهن ڪڊهن پئسن تي به سبندي آهيان ـــــــ ۽ هاڻ ٿورن ڊينهن کان پو، مانهنجي پگهار به شروع ٿيندي!“

زينب وڌيڪ به ڪجهه ڳالهايو، پر آءُ هڪ گهريءَ سوچ ۾ ٻڏي ويس.

*-----------*----------*

 

امر جليل

سج اُڀرڻ کان اڳ

 

مون کي ڏسي، سدائين ڀڄي ويندو هو. ان ڏينهن به مون تي نظر پئيس ته وٺي ڀڳو. وک ته اڳ وانگر تکي وڌايائين، پر مون به وڃي سوگهو ڪيو مانس.

چيومانس، ”ڪيئن، سڃاڻين ٿو؟“ چيائين، ”نه.“

”واه، مون کي ڪونه سڃاڻين؟“ مون کيس گهوريندي چيو.

”نه،“ بلڪل سادو جواب ڏنائين.

”ٻالو ڀولو نه ٿيءُ!“ مون پنهنجي آواز ۾ سختي پيدا ڪندي چيو.

”يقين ڪر ته مان توکي سڃاڻان ئي نٿو.“ هن سرد لهجي ۾ واراڻيو.

”اڳ به مڪار هئين، ۽ اڄ به آهين.“ مون نفرت وچان چيو.

هن جواب نه ڏنو، فقط پنهنجين جادوگر نگاهن سان مون ڏانهن ڏٺائين. اکين ۾ اهڙي ته ڪشش هوندي اٿس جو هڪ ئي نگاهه سان اڳلي کي خاموش ڪري ڇڏيندو آهي. پر اُن ڏينهن مان بيحد ڪاوڙ ۾ هوس. مون ڀڻڪيو:

”تون دوکيباز ۽ فريبي آهين.“

آهستي جواب ڏنائين، ”ان ڪري ته پنهنجي دوستي ختم ٿي ويئي.“

”ڏس، اچي وئين نه راهه تي!“ مون طنز ڀريءَ مرڪ سان چيو، ”ڏاڍو ڀورڙو پئي ٿئين، چي ’مان توکي سڃاڻان ئي نٿو‘!“

”جيڪي هئين، تنهن کي سڃاڻندو هوس.“ پنهنجين  نگاهن ۾ ساگر جي گهرائي ڀريندي ڳالهايائين.“ ”۽ هينئر جيڪي ڪجهه آهين، تنهن کي ڪو نه سڃاڻان.“

”ڏاڍو چالاڪ آهين!“ سندس نگاهن کان پنهنجون نظرون بچائيندي، مون چيو، ”ساڳئي مطلب جا ٻه مختلف موضوع پيدا ڪيا اٿئي.“

”موضوع ساڳيو آهي، پر تنهنجيءَ سمجهه ۾ فرق اچي ويو آهي.“ هن اعتماد سان چيو.

”واه، ـــــــ ’سڃاڻان‘، ۽ ’نه سڃاڻان‘!“ مون ٽهڪ ڏنو، ”سمجهه ته تنهنجي ڦري ويئي آهي.“

هڪدم وراڻيائين، ”جڏهن رتن تلاء اسڪول جي پٺيان هڪ جهُڳيءَ ۾ رهندو هئين، تڏهن مان تنهنجو دوست هوس.“

”۽ اڄ؟“

”اڄ تون اُهو رهيو ئي ناهين، اسان جي دوستي ڀلا ڪيئن رهندي.“ هن جواب ڏنو.

”مون ته توکي اڳ ئي ٻڌايو هو ته مان فقط انهن جو دوست آهيان جن وٽ ـــــــ“

”بند ڪر بڪواس!“ مون کيس گريبان کان ورتو. ”سڄيءَ دنيا کي بيوقوف بڻايو اٿئي!“

هو خاموش رهيو.

”انهن منجهيل ڳالهين ۾ دنيا کي اُلجاهيو اٿئي!“ مون کيس جهنجهوڙيو.

جواب ڏنائين: ”جڏهين بغاوت ۽ ظلم جا پڙدا انسان جي عقل تي پئجي ويندا آهن، تڏهن هو انسانيت کي وساري ويهندو آهي، بلڪل تو وانگر.“

”فريبي، انسانيت جو ڪوڙو ڍونگ رچايو اٿئي!“ مون کيس ڀت جي پاڇي ۾ ڌڪي ڇڏيو. ”انهن ڳالهين سان دنيا کي ٺڳيو اٿئي!“

بنا چرپر جي جواب ڏنائين: ”منهنجي ڳالهين کان بيزار آهين، ان ڪري تو وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو اٿم.“

”مون کي به تنهنجي دوستيءَ جي ضرورت ناهي.“ مون سندس گريبان تي گرفت مضبوط ڪندي چيو.

”ته پوءِ روڪيو ڇو اٿئي؟“ هن آهستي پڇيو.

”اهو ٻڌائڻ لاءِ ته مون تنهنجي تلقين ٺڪرائي ڇڏي آهي.“ مون جواب ڏنو.

”ڄاڻان ٿو.“ جهيڻي آواز ۾ چيائين.

”۽ وڌيڪ ٻُڌ: اڳ تنهنجي دوستيءَ ۾ مان گريجويٽ، بيروزگارهوس.“ مون ساڳئي انداز ۾ ڳالهايو. ”هينئر مون ڊگري ڦاڙي ڦٽي ڪري ڇڏي آهي: اڄڪلهه اسان وٽ بک ناهي، سکيا ۽ آسودا آهيون.“

”انڪري ته مون اوهان وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو آهي.“ هن وراڻيو.

”ايئن چئه ته فقط بکين ۽ بيروزگارن جي در تي ڌڪا کائيندو آهين.“

منهنجو جملو کيس بڙڇي ٿي لڳو. اکيون چمڪڻ لڳيس. چيائين، ”جيئن سمجهين. پر چور سان پلئه نه اٽڪائيندس!“

پنهنجين تکين نگاهن سان منهنجو اندر ڦٽي وڌائين، ۽ سندس جملو ڀالي وانگر منهنجي من ۾ چڀي ويو. مون کيس ڇڏي ڏنو. هو پنهنجي جبي جي ڪالر کي دست ڪري، پاسي واريءَ گهٽيء ۾ هليو ويو.

مان حيران هوس ته کيس ڪيئن خبر پيئي ته مان چور هوس! جنهن راز کان پوليس بيخبر هئي، تنهن راز کي هن ڪيئن پروڙيو؟ دنيا ۾ فقط هو ئي منهنجي جرم کان واقف هو، يا مان خود هوس.مون کيس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. شاهد جو زنده رهڻ منهنجي لاءِ موت برابر هو. مان کيس ڪنهن به صورت ۾ جيئرو جاڳندو ڇڏي نٿي سگهيس. کيس ختم ڪرڻ ئي بهتر هو.

مون رومال ڪڍي هٿ تي ويڙهيو، ۽ پوءِ چاقو کولي، هٿ اوور ڪوٽ جي اونهي کيسي ۾ وجهي ڇڏيم. رات جو اڃا پويون پهر هو. مون سندس پيڇو ڪيو. وڻن جي اوٽ  ۾ ۽ ڀتين جي پاڇن ۾ لڪندو ڇپندو، مان هن جي پٺيان هلندو رهيس. مون کيس سج اُڀرڻ کان اڳ قتل ڪرڻ ٿي چاهيو.

چاقوءَ تي مهنجي گرفت مضبوط ٿيندي ويئي، ۽ مان ڪنهن اهڙي هنڌ لاءِ واجهائڻ لڳس، جتي هن جي آخري هڏڪي ويرانين ۾ ئي دفن ٿي سگهي. هُو بيخبر هلندو رهيو، ۽ مان پاڇي وانگر سندس پيڇو ڪندو رهيس. افسوس به پي ٿيم ته اجايو سندس موت منهنجي هٿان ٿيندو. بس، ٻه – ٽي وکون وڌائي، سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪرڻي هيم. افسوس ان ڪري پئي ٿيم جو هڪ دفعي مون کي خودڪشيءَ کان روڪي، منهنجي جان بچائي هئائين. انهن ڏينهن ۾ مان بيحد مشڪلاتن ۾ مبتلا هوس. ڊگري کڻي ڌڪا کائيندو رهيس، رلندو رهيس، ڀٽڪندو رهيس. نيٺ، بيروزگاريءَ ۽ بک اسان کان سڀڪجهه ڦري ورتو.

ڏونگر جهڙا اُهي ڏينهن مون کي سدائين ياد رهندا؛ ۽ مان اُهو منحوس ڏينهن به ڪڏهن وساري نه سگهندس، جڏهن ٻن ڏينهن جي بک اسان کي نيم پاڳل ڪري ڇڏيو هو. مرڻ جو سڀ کان ڀوائتو نمونو آهي بک ۾ پاهه ٿيڻ. مان بک جي عذاب ۾ سڀڪجهه وساري ويٺس ـــــــ سڀڪجهه.

جڏهن اها هيڻي آواز ۾ پڇيو هو، ”ابا، هاڻي ڇا ٿيندو؟“

انتهائي مايوسيءَ ۽ بيزاريءَ وچان، کيس تڙي ڏيندي چيم، ”ڇا وري ڇا .... تون زرينه کي هار سينگار ڪير ويهار، مان گراهڪ وٺي ٿو اچان!“

”بيحيا!“ امڙ ڪمزور آواز ۾ رڙ ڪئي هئي.

”ها، اما!“ مون زهر اوتيو، ”جوان عورت ڌنڌو ڪري پيٽ پالي سگهي ٿي، مرد ڪيڏانهن وڃي؟ ٻڌاءِ، مرد ڪيڏانهن وڃي؟“

زرينه ۽ اما، حيرت مان مون ڏانهن تڪي رهيون هيون. سندن خالي دماغ ۽ پريشان ذهن لاءِ منهنجو جملو ناقابل برداشت هو. زرينه ته منهنجين اکين مان پنهنجيون اکيون ئي نٿي ڪڍيون ـــــــ ڄڻ ته نگاهن سان منهنجي روح جو دامن چاڪ ڪري رهي هئي. مون کي اچي ٻانهه کان ورتائين.

مون کيس گهائل ڪندي چيو هو، ”توکي طوائف ٿيڻو پوندو، زرينه!“

”شرم نٿو اچيئي، بيغرت!“ اِهو درد ۾ ٻڏل دڙڪو اما جو هو.

”بک جي ڀوت اڳيان غيرت به مري ويئي، اما!“ مون وراڻيو.

”تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي!“ امان اجائي همت سان چيو.

”ٻڌو- نه اٿئي، اما،“ مون روئندي چيو هو، ” ـــــــ بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري!“

امان ۽ منهنجي اکين مان به نير وهي نڪتا. الائي ڪيئن، اسان جي اکين ۾ ايترو آب اچي گڏ ٿيو هو. زرينه خالي نگاهن سان مون کي تڪيندي رهي. اوچتو، ڪراهت مان منهنجي منهن تي ٿڪ اُڇلايائين؛ ۽ پوءِ منهنجي سڄي قميص ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيائين. پنهنجي ڪمزور آڱرين سان منهنجي منهن تي نهنڊون هنيائين، ۽ پوءِ منهنجي وارن ۾ مُٺيون وجهي، سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. هيءَ ساڳي زرينه هئي، منهنجي ڀيڻ جنهن کي مان ڪلهي تي ويهاري گهمائيندو هوس، جنهن کي پنهنجي خرچيءَ مان به ڀورينڊا وٺي ڏيندو هوس، جنهنن جي هڪ هڪ لڙڪ تي پاڻ به بيچين ٿيندو هوس. ان ڏينهن، ساڳيءَ زرينه جا هٿ منهنجن وارن ۾ هئا ۽ هوءَ هنجون هاري رهي هئي. مون کيس پاڻ کان جدا ڪيو، هوءِ امان جي هنج ۾ وڃي ڪِري. مان اسڪائوٽ جي ڏينهن وارو چاقو کڻي ٻاهر هليو آيس.

مون کي اوندهه جي تلاش هئي، مون کي ويرانين جي ڳولا هئي، جتي آسانيءَ سان پنهنجي سيني ۾ چاقوءَ جي تيز نوڪ وهائي سگهان ها. زرينه جا سڏڪا ۽ امان جون آهون، منهنجو پيڇو ڪنديون، پري پري تائين منهنجي روح ۽ منهنجي وجود کي جلائينديون آيون.

هڪ هنڌ ويرالي به هئي، ۽ اوندهه به. مون چاقو ڪڍي سيني تي رکيو. چاقوءَ جي هٿيءَ کي زور ڏيڻ تي هوس ته هُو به اچي اُتي نڪتو. ساڳيو جُبو پاتل هوس. منهنجي ويڻي وٺندي چيائين:

”هن چاقوءَ جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻين ٿو؟“

”ها،“ مون وراڻيو، ”تمام تکو آهي، ۽ جلد موت آڻيندو.“

”پر جنهن ڪاريگر هيءُ چاقو ٺاهيو هو،“ هن اکين ۾ نُور آڻيندي چيو، ”تنهن جي تصور ۾ موت نه، بلڪه زندگي هئي.“

مان حيرت وچان هن جون ساگر جهڙيون گَهرِيون نگاهون ڏسڻ لڳس.

چيائين، ”نوجوان آهين، محنت مزدوري ڇو نٿو ڪرين!“

مان ”گريجويٽ آهيان“! مون فخر سان کيس وراڻيو هو. ”تعليم کي پيٽ پالڻ جو هٿيار ٿو سمجهين؟ پيٽ ته ڪتا به ٿا پالين.“ هو باوقار لهجي ۾ ڳالهائيندو رهيو، ”علم اٿئي روشني، ۽ محنت دنيا جو عظين ڌنڌو.“

مان سندس صداقت ڀريو آواز ٻڌي رهيو هوس، جنهن کان ڄڻ هيءَ سڄي ڪائنات ڪنبي رهي هئي.

مون کي خاموش ڏسي چيائين: ”اُھا زندگي ئي ڪهڙي، جنهن ۾ ڪشمڪش نه هجي! دوست، ڪشمڪش ته زنده رهڻ جي ڪسوٽي آهي. حقيقت ۾ فقط اُهي ئي انسان زنده آهن، جن ڪڏهن ڪشمڪش ڪئي هئي.“

مون وٽ سندسن ڳالهين جو جواب نه هو.

چيائين، ”ڪهڙا نه مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو اٿئي. انهن کان ڪم وٺ، منهنجا دوست!“

هو مون کي حيران پريشان ڇڏي هليو ويو.

چاقو منهنجي هٿ ۾ رهجي ويو. موت جي تمنا هن جي ڳالهين سان تڙجي ويئي هئي، پر بک جي باهه ڀڙڪندي رهي. هن جو آخري جملو مون کي بيدار ڪندو رهيو.

”ڪهڙآ نه مظبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو اٿئي: انهن کان ڪم وٺ، منهنجا دوست!“

زندهه رهڻ جي تمنا سيني ۾ سانڊي، مون ويرانين کان منهن موڙي شهر جو رخ ڪيو. بغاوت ۽ بک جا شعلا ڀڙڪي رهيا هئا. سامهون، هڪڙي دڪان جي در وٽ سائيڪل رکي هئي. هن چيو هو، ” ـــــــ ڪهڙا مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو اٿئي! ..... انهن کان ڪم وٺ منهنجا دوست! ..... دنيا جو عظيم ڌنڌو اٿئي محنت!“

مون هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، ۽ پوءِ هڪدم سائيڪل جي پئڊل تي پير رکي، تيزيءَ سان رفو چڪر ٿي ويس. ڪنهن به مون کي ڪونه ڏٺو. اها منهنجي زندگيءَ جي پهرين چوري هئي.

سائيڪل هڪ ڪٻاڙيءَ کي پنجويهن رپين ۾ وڪڻي ڇڏيم. ۽ پوءِ، هڪ هوٽل تان نان – ڪباب، ڪورما ۽ برياني وٺي، سڌو گهر آيس.

ڏيڍيءَ جي در ٻاهران ’هو‘ منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. ڪجهه دير اڳ مون کي زندگي جي سبق ڏيندي جا جوت سندس نيڻن ۾ جلي اُٿي هئي، هينئر اُها اُجهاڻل هئي.

مون کيس ڏسي هڪدم چيو، ”تنهنجي چوڻ مطابق، مضبوط ڏورن ۽ ڪشادي سيني کان ڪم ورتو اٿم!“

”مان سڀڪجهه ڄاڻان ٿو، دوست!“ هن آهستي چيو، ۽ اکين ۾ رنجش بکڻ لڳيس. هوريان هريان، ڪنڌ جهڪائي هليو ويو.

مان هڪدم گهر اندر داخل ٿيس. ڏيئي جو تيل بس ختم ٿيڻ تي هو. مون نان – ڪباب جا پُڙا اچي کٽ رتي رکيا. اما ۽ زرينه، وائڙن وانگر، ڪڏهن مون کي ۽ ڪڏهن پُڙن کي پئي تڪيو. پُڙا سڻڀا هئا، ۽ ڪبابن جي خوشبوءِ بک جي باهه ۾ اضافو ڪيو.اوچتو، اما هڪ قدم اڳتي وڌايو، ۽  ٻيءَ گهڙي پنهنجن ڪمزور هٿن سان منهنجي منهن تي چماٽ هنيائين:

”بيحيا، پنهنجيءَ ڀيڻ جي جسم جو سودو ڪري، هيءُ حرام آندو اٿئي.“

”نه نه“، مون احتجاج ڪيو، ”مان ته مرڻ ويو هوس، پر رستي ۾ نوڪري ملي ويئي.“

”نوڪري!“ اما ۽ زرينه حيرت مان چيو.

”ها، امڙ، نوڪري!“ مون کين پڪ ڏياري.

پوءِ اسين پُڙن تي جهڪي پياسين. کائڻ جي دوران اما نوڪريءَ جي باري ۾ پڇيو.

مون کيس جواب ڏنو، ”هڪ اخبار جي سچين خبرن جو نمائندو ٿيو آهيان.“

”سچيون خبرون؟“

”ها، بلڪل سچيون خبرون!“ مون گرهه کڻندي چيو. ”پر اهي ڳالهيون تنهنجي سمجهه کان مٿي آهن، اما! تون ماٺ ڪري ماني کاءُ.“

ان کان پوءِ مون ٻيو به گهڻيون ئي سائيڪلون چورايون. جيئن جيئن منهنجو ڌنڌو وڌندو رهيو، تيئن تيئن، ’هو‘ مون کان ڀڄڻ لڳو. اڳ مونسان اک ته ملائيندو هو، پر هينئر بلڪل اجنبي ٿي پيو. مون کي سندس رويو پسند نه آيو. مان شهر جي چورايل سائيڪلن جو سڀ کان وڏو ’ڊيلر‘ هوس. ان ڏينهن مون تي نظر پئيس، ته وٺي ڀڳو؛ ۽ جڏهن کيس ڪنڌ کان جهليم، ته چئي ويو: ”چور سان پلئه نه اٽڪائيندس!“

*-----------*--------*

مون کيس قتل ڪرڻ جي ارادي سان سندس پيڇو ڪيو. رات جو پويون پهر ختم ٿيڻ تي هو. منهنجي بيچيني وڌي رهي هئي. مون کيس سج اُڀرڻ کان اڳ ختم ڪرڻ ٿي چاهيو. پر هن ته بيهڻ جو نالو ئي نٿي ورتو، هلندو رهيو.

نيٺ هڪ غليظ گهٽيءَ ڏانهن ڦري وئي. مون موقعو غنيمت سمجهيو. ڪجهه قدم اڳتي هلي، هڪ ڪچي گهر ٻاهران بيهي، در کڙڪايائين. مان وڻ جي اوٽ ۾ ٿي بيٺس. سوچيم ته جڏهن موٽندو، تڏهن کيس پٺيءَ ۾ چاقو هڻندس. مان خوامخواهه در ڏانهن ڏسڻ لڳس. پڪ هيم ته ضرور ڪنهن مفلس جو گهر هوندو، ڇو جو هو فقط مصيبت زده انسانن جي درن تي ويندو آهي. در کليو، ۽ هڪ نوجوان ٻاهر آيو. ڪپڙا سادا، پر اُجرا اوڍيل هئس. حيرت فقط اهو ڏسي ٿيم جو نوجوان جي هٿ ۾ لڪڻ هو. در بند ڪرڻ لاءِ هڪ عورت آئي، ۽ چيائنيس: ”پٽ، ڀاءَ لاءِ ڪتاب ۽ ٽيبل – بتي به آڻجانءِ.“

”ها، اما.“ نوجوان جو آواز، هُن جي آواز جهڙو مٺو ۽ خود اعتماديءَ وارو هو.

مون سوچيو، ”اڄ ته ڪمبخت وڏي اَسامي هٿ ڪئي آهي“.

مان حملي لاءِ تيار ٿي بيٺس. جڏهن منهنجي ويجهو پهتا، تڏهن غور سان ڏٺم ته نوجوان انڌو هو. هُو چئي رهيو هوس: ”دنيا جو عظيم ڌنڌو اٿئي محنت!“

عجب پئي ٿيم ته انڌو ته خيرات پنندو آهي، هيءُ ڌنڌ وري ڪهڙو ڪندو! نوجوان ۾ منهنجي دلچسپي وڌي ويئي. مان هُن کي بر وقت قتل ڪرڻ جوارادو لاهي، سندس پيڇو ڪرڻ لڳس.

رات جو پويون پهر به گذري ويو، اوڀر کان روشنيءَ جا ترورا اُڀراندا آيا ۽ اوندهه گهٽ ٿيندي ويئي. هو ٻئِي هڪ فرليچر جي دڪان ٻاهران اچي بيٺا. هُن انڌي نوجوان کي ڪجهه چيو، ۽ ٻنهي جي منهن تي عجيب مرڪ اچي ويئي. پوءِ نوجوان دڪان ۾ هليو ويو. ان وقت سندس پيشانيءَ مان نُور جا ترورا نڪري رهيا هئا. سوچيم، ’ضرور هيءُ شخص جادوگر آهي.‘

مان ڀت جي اوٽ ۾ لڪل هوس. منهنجي پاسي مان گذرندي چيائين: ”جيڪو چاقو کيسي ۾ پيو اٿئي، سو لوهار خون خرابيءَ لاءِ نه ٺاهيو هو!“

مان سچ پچ ته ڪنبي ويس.

منهنجي سامهون ايندي چيائين: ”هو نوجوان انڌو آهي، پر تڏهن به ڪرسيون واڻي، پنهنجو ۽ پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ جو عزت سان پيٽ پالي ٿو!“

مان خاموش، لاجواب بيٺو رهيس.

چيائين: ”محنت دنيا جو عظيم ڌنڌو اٿئي!“

”مان به محنت ڪندو آهيان!“ ائين ئي، بيشرمائيءَ سان چئي ويٺس، ”تو ئي ته چيو هو، مضبوط ڏورن ۽ ڪشادي سيني کان ڪم وٺان!“

”اهو ڌنڌوئي ذليل آهي، جنن ۾ خوف، ڊپ ۽ حراس پلئه پوي“.

هن جون ساگر جهڙيون نيريون نگاهون منهنجي اندر ۾  لهي ويون.

چيائين: ”اکيون ڪينهنس، پر اندر ۾ اُجالو اٿس. عزت سان ڪمائي ٿو، ۽ فخر جي زندگي بسر ٿو ڪري! اڄ پنهنجي ڀاءُ لاءِ علم ۽ روشني وٺي ويندو.“

منهنجو ڪنڌ جهڪي ويو. سامهون، اُهو انڌو نوجوان بيد سان ڪرسيون واڻي رهيو هو.

”مان هُن جو دست آهيان!“ هن چيو، ۽ پوءِ تکو تکو روشنيءَ ڏانهن هليو ويو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ سج اُڀريو.

ان ڏينهن کان پوءِ مون خوف ۽ حراس، جرم ۽ پاپ جي زندگيءَ کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ شهر جي مشهور سائيڪلن جيڪارخاني ۾ فِٽر ٿي ڪمائڻ لڳس.

پهرئين ڏينهن جڏهن گِريس سان ٿڦِيل ڪپڙن ۽ ٿَڪ کان چُور ٿيل جسم سان ڪارخاني مان ڪم پورو ڪري ٻاهر نڪتس، ته هو مون کي در وٽ مليو. بيحد خوش پئي نظر آيو. اکين ۾ اُجالو ۽ نرڙ تي نُور هوس. مون کي ڳراٽڙي پائيندي چيائين:

”مان تنهنجو دوست آهيان!“

پڇيومانس، ”پر پنهنجو نالو ته ڪونه ٻڌايو اٿئي؟“

جواب ڏنائين، ”مان ’ضمير‘ آهيان!“

 ــــ ۽ پوءِ مون کي محسوس ٿيو، ڄڻ سڄيءَ ڪائنات جي اوندهه هُن جي وجود اڳيان ٽڙي پکڙي ويئي.

 

*---------*----------*

موهن ڪلپنا

تنقيد جو ملهه

 

ڀريءَ محفل ۾ منهنجين تصويرن تي سخت تنقيد ٿي هئي. مون ته پنهنجيءَ هر تصوير کي شاهڪار ٿي سمجهيو. نقادن ڪڏهن به منهنجي دلچسپي هٿ نه ڪئي هئي. چوندو هوس: ڀل بڪندا رهن، هنن جي هاءِ – گهوڙا سان منهنجيءَ ڪنهن به تصوير جي ڪنهن به ڪردار جي منهن جو رنگ بدلجڻو نه آهي؛ نقاد مري ويندا، پر تصويرون آمر رهنديون.

هاڻ اونڌي منجي پائي، نقادن تي سوچي رهيو هوس. گهڻي ۾ گهڻو غصو سيتل تي هوم. هن جي تنقيد جو انداز اهڙو ته لَي ڀريو هو جو ٻڌندڙ پئي جهوميا، ۽ رقيبن پئي ٽهڪ ڏنا. سچ ته انهن ٽهڪن جي ٻولي – رهت تنقيد به مون کي خوب ٽهڪائي ڇڏيو.

گهر اچي، مون تنقيد جا ٻه_ چار _ پنج مضمون پڙهيا. انهن مان ڪي ڳالهيون نقادن جي خلاف نظر آيون، جي بروقت ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪيم. سوچيم ته هڪ ڏينهن نقادن تي، خاص ڪري سيتل تي، اهڙي ته سخت تنقيد ڪندس جو هو ۽ ٻيا سڀ ڪلاڪارن جي رچنائن مان پنهنجا مقصد ڳولڻ ڇڏي ڏيندا.

يڪايڪ ويچار آيو: ’جي مون کي اِن مضمون تي داد ملي وڃي ته؟ ته ڪاميابي ته اوس منهنجي ٿيندي، ليڪن تنقيد جو ملهه ته پاڻ وڌي ويندو! هيءَ تنقيد چيز ڪهڙي آهي:

جيترو ان جي صحيح نموني خلاف وڃ، اوترو ان جو ملهه وڌي وڃي ــــ ڇو ته خلاف صرف غلط ڳالهه جي وڃڻ گهرجي، صحيح ڳالهه تي داد ڏبو آهي. ليڪن تنقيد جو مقصد به ته اهو ئي آهي نه! ته پوءِ، ڇا مون کي نقادن اڳيان جهڪڻو پوندو؟“

پاسو ورائي، سامهون ڀت تي ٽنگيل پنهنجي نئينءَ تصوير ڏانهن نهاريم. کجور جي وڻ هيٺيان ڪرشن بنسري وڄائي رهيو هو، ۽ راڌا نچي رهي هئي. ’ڇا، اِن تان هٿ کڻڻو پوندو؟‘

تڏهن سنڌوءَ سڏ ڪيو: ”چتر ڪار صاحب!“

’چترڪار‘ ۽ ’صاحب‘! ..... پر يڪدم ويچار آيم، سنڌو ته سيتل سان پيار ۾ آهي، سندس ’سڏ‘ تي جيڪڏهن تنقيد ڪندس ته کلي چوندي، ’تون ته تنقيد جي خلاف آهين، ڀائو، پوءِ اهو هٿيار تو ڇو کنيو آهي‘!

ڀيڻ ٻيو سَڏ نه ڪري، اچي پاسي ۾ ويٺي.

هن مسڪرايو ۽ مون پڇيو، ”ڪلهه سنگيت – چٽاڀيٽيءَ ۾ ڪائون نمبر بيٺينءَ؟“

”آخرين.“

”مذاق ڇڏ.“

”سچ پچ.“

”جج ڪير ڪير هئا؟“

هن کليو.

”چاهي ڪهڙا به هجن. جي ڄڻي نه ڄاڻن، سي ڇا ڄاڻن ممتا!“

”تنهنجيءَ دل تي سچ پچ چوٽ لڳي آهي، ڀائو؟“ ائين چئي، هن پنهنجو هٿ منهنجي ڪلهي تي رکي هلڪو زور ڏنو.

اڃا کن پل اڳ کِلي مسڪرائي رهي هئي؛ ۽ هاڻ سندس چهري تي ڏک جي تکي ڇايا صاف نمودار هئي.

”چوٽ؟ ڇا مطلب؟“

”ٻڌم، ڪلهه ڀري محفل ۾ توتي سخت تنقيد ٿي هئي.“

مون هلڪو کلندي چيو، ”ڇا ’تنقيد‘ ٿيندي آهي، اُها سخت ته هوندي ئي. ليڪن اِهو توکي ڪنهن ٻڌايو؟“

”ٻيو ڪير ٻڌائيندو.“

”سمجهيم.“

هوءَ چپ.

”ٻڌ، سنڌو! نقادن کي هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ڪَلا صرف اَنڀـﺂ ڪرائيندي آهي. انسان دنيا اندر اڃا آهي اکر يارنگ ٺاهي نه سگهيو آهي، جي ڪنهن ساکيات چيز يا سوکيم احساس جو هو بهو چتر چٽي سگهن يا آڻي سگهن. ڪهڙي به اوچي درجي جو چترڪار پنهنجيءَ تصوير  ۾ سورج کي چاهي ڪهڙن تکن رنگن سان چٽڻ جي ڪوشش ڪري، ليڪن هو ڇا اُن سورج ۾ اصلي سورج جو هلڪو تيج به ڀري سگهندو؟ اَصلي سورج جو تاب اَسين هڪ منٽ به سهي نه سگهون، ۽ هيڏانهن تصوير واري سورج کي چاهي زندگي ڀر نهاريون، اکين کي آرام ڀريو ٿڪ برابر ٿيندو، ليڪن تاب ايندو سو   ناممڪن! ۽ پوءِ نقاد چوندا: ڇا، ’يار، تون پنهنجي سورج ۾ ٿوري به روشني ڀري نه سگهيو آهين!‘ بس، هو  ته چاهيندا آهن ته سورج واريءَ تصوير کي جيڪڏهن اوندهه واري ڪمري ۾ رکجي ته ڪمري ۾ روشني ٿي وڃي!“

”اهو ٺيڪ، پر ڪوئي چترڪار جبل تي ڪمل جا گل ڏيکاري ته؟“

”ته؟“

”ته ڇا تون ايئن چوندين ته ان جبل جي هيٺان ڪوئي تلاءُ آهي!“

”ڪلاڪارن کي بيوقوف سمجهڻ بذات خود هڪ وڏي بيوقوفي آهي.“

”تون خفي ڇو ٿو ٿين، ڀائو؟“

”ڇو ته تنقيد پيدا ئي خفا ڪندي آهي.“ مون چيو.

هن هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو.

اُٿي، ڀت تي ٽيڪ ڏيئي، ٻئي ٻانهو ٻڌندي چيم، ”او آڀماني نقاد جي بيپرواهه ساهيڙي، ٻڌ“

هن گنڀير ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.

”متان اهو سمجهين ته ڪلاڪارن نقادن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن ڪلاڪار خوب چيو آهي: ”جي ڪلا جي دنيا ۾ ناڪامياب ويندا آهن، اُهي ٿيندا آهن نقاد.“

”ٿي سگهي ٿو، اهو رايو تعصب وچان ڏنو ويو هجي؛ ڪنهن نقاد جي سخت تنقيد ٻڌي، ڪنهن غصي وچان ائين چئي ڏنو هجي.“

”ڪلاڪار آهي اهو تعصب رکي نٿو سگهي.“

هن مسڪرائي ڏنو.

”ڪلهه هڪ نقاد هڪ چترڪار کي چيو: دوست، تون هن ڇوڪري جي اکين ۾ ڪجل ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ وجهي ويو آهين. ڇوڪري پنهنجي ٻن بازن ڏانهن ائين ٿي نهاري، ڄڻ پنهنجي ڇاتيءَ ڏانهن پيئي نهاري.“ تڏهن اُن چترڪار ٺهه پهه وراڻيس: ”شڪر آهي جو توهان ڏانهن نٿي نهاري!“

سنڌوءَ ٽهڪ ڏنو؛ ۽ مون سمجهيو، هاڻ هوءَ ڪلاڪارن طرف ٿي رهي آهي.

”چڱو، سنڌو، پنهنجي نقاد صاحب کان هڪ سوال پڇندينءَ؟“

”ڪهڙو؟“

 ”پڇجانس، آخر ڪلاڪارن ۽ ڪلا_ پريمين وچ ۾ ٽنگ اڙائڻ جي توهان کي ضرورت ڪهڙي آهي؟ دنيا ۾ ڪلاڪارن جي ته عزت آهي ئي؛ ڪهڙي نقاد جي عزت آهي؟ دنيا ۾ ڪنهن نقاد جي نالي ڪٿي ڪا يونيورسٽي، ڪو هال، ڪا لئبرري، ڪو پارڪ، ڪا گهٽي_ ڪجهه به آهي؟ پري ڇو وڃجي، سنڌي ڪلا_ پريمين شاهه عبداللطيف جو عاليشان مقبرو ٺهرايو آهي، ڪيترن ئي نقادن شاهه صاحب جي شاعريءَ تي ٽيڪائون لکيون آهن: اهي ڪنهن نقاد جي نالي ڪائي بينچ، ڪائي ڪرسي؟“

هوءَ چپ.

هاڻ مون کان هڪ ٽهڪ نڪري ويو.

”اِن ۾ خوش ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ڀائو!“

سندس روپ ۾ ڦيرو ڏسي، وائڙو ٿي ويس.

”تنقيد ته انساني طبيعت جو هڪ حصو آهي. ڪلاڪار زندگيءَ جي تنقيد ڪن ٿا، ۽ نقاد ڪلا جي، اصل ۾ نقاد ڪلاڪار کان وڌيڪ محنت ڪري ٿو. توهين زندگيءَ جو هڪ چتر چٽي. شان مان سان مسڪرائي خاموش ٿيو وڃو، ليڪن نقاد کي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پوي. هڪ رچنا تي کيس ڏهن رچنائن جا حوالا ڏيڻا ٿا پون.“

”واه واه، ڄڻ ڪلارڪار زندگيءَ جو گهرو اڀياس نٿو ڪري! ۽ هي نقاد، .... چوندا: تنهنجيءَ رچنا ۾ فلاڻو نقص آهي، جو فلاڻي ڪلارڪار جي فلاڻيءَ رچنا ۾ ڪونهي. اهو  نه ٻڌائيندا آهن ته تنهنجيءَ رچنا ۾ فلاڻي خاصيت آهي، جا فلاڻي ڪلاڪار جي فلاڻيءَ رچنا ۾ ڪانهي.“

”خوب!“

”ڪيئن، ٺيڪ ٿو چوان نه؟“

”ليڪن ان مان تنقيد جو ملهه وڌي ٿو__ اهو ڄاڻين ٿو؟“

”ها.“

”۽ پوءِ به تون نقادن جي خلاف آهين!“

”ٻيو ڪجهه؟“

”تون چوين ٿو، ڪنهن ڪلاڪار خوب چيو آهي: جي ڪلا جي دنيا ۾ ناڪامياب ويندا آهن، اهي ٿيندا  آهن نقاد. ڇا، تنهنجيءَ تنقيد مان مون کي ائين سمجهڻ جو سبب نه آهي ته تون خود به پاڻ کي ڪلا جي دنيا ۾ ناڪامياب سمجهين ٿو؟“

”پر مان ڪلاڪارن تي، نه نقادن تي تنقيد ڪريان ٿو؛ ۽ نقاد، نقادن تي نه، ڪلاڪارن تي تنقيد ڪندا آهن. اهو  تفاوت توکي سمجهڻ گهرجي.“

.تفاوت سمجهڻ سان تنقيد جو ملهه گهٽجي نٿو، ڀائو.“

مان چپ ٿي ويس.

”ڪلا - پريمي به نقاد ٿيندا آهن، ڀائو. اهو سچ  آهي ته ڪلا_ پريمي اهو ڄاڻندا آهن ته حقيقت صرف اها نه آهي، جا آسپاس ڏسڻ ۾ اچي ٿي: جا ڳالهه ٿي سگهندي آهي، ان کي به حقيقت چئبو آهي. ڪلا_ پريمي ٻن خاص ڳالهين ۾ خاص هوشيار ٿيندا آهن: پهرين آسڀاويڪتا کي پڪڙڻ ۾، ٻيو ناممڪن ڳالهين کي. جيستائين چتر_ڪلا جو واسطو آهي، مان صرف ڪلا_پريمي آهيان. پر مان پڙهيل ڳڙهيل آهيان. ڀائو، تون پنهنجيءَ نئينءَ تصوير ڏانهن نهار. کجور جي وڻ هيٺان راڌا ۽ ڪرشن جا ٻه ڪردار آهن. توکي خبر آهي ته هندستان ۾ کجور جا وڻ ڪڏهن پيدا ٿيا؟__ عربن جي اچڻ کان پوءِ. تون شايد ائين ئي چوين ته اها تخليقي حقيقت نگاري آهي. __ جا نه آهي. جي چوندي ”آهي“، ”ته زوريءَ مڙهيل آهي.“

”ڪرشن، ۽ کجور جو وڻ!“ تڏهن ياد آئي. ”جبل ۽ ڪمل گل“ جي ڳالهه! سوچيم، ”ڇا، مان پاڻ کي بيوقوف بڻائي رهيو آهيان؟“

چيم، ”سنڌو، مون کي فخر آهي، تون منهنجي ڀيڻ آهين!“

”ڇو؟“

”تو مون کي ڪيڏي نه وڏي شڪست ڏني آهي!“

”ان داد جي حقدار مان نه آهيان.“

”مطلب؟“

”اهو سڀ مون کي ’هُن‘ ئي ٻڌايو.“

”ليڪن سيتل ته هيءَ تصوير ڏٺي ئي ڪانهي.“

”مان تنقيد جي ملهه جي ڳالهه ٿي ڪريان.“

”مون کي خبر آهي، تون هر ڳالهه جي ڳالهه ڪري سگهندي آهين.“

ايئن چئي، ميز جي خاني مان سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ ماچيس کڻڻ لاءِ ٻئي ڪمري ۾ وڃڻ لاءِ اُٿيس.

”ڪلهه سنگيت – چٽاڀيٽيءَ ۾ مان پهريون نمبر آئي هيس، ڀائو!“

مان ويهي رهيس. کيس چيم، ”خواهه مخواه ججن کي گاريون کارايئه. وڃ، ميز جي خاني مان سگريٽن جو پاڪيٽ ۽ ماچيس کڻي اچ.“

هوءَ اٿي اوڏانهن وڃڻ لڳي.

”۽ ها، سيتل کي چئج ته ايندڙ آچر تي ماني اسان وٽ کائي. کيس اهو به چئج ته جيڪڏهن مون ڪلا جي دنيا ۾ خاص درجو حاصل ڪيو ته مان ڪنهن تقاد جي نالي سان هڪ آرٽ گئلري ٺهرائڻ جي  ڪوشش ڪندس!“

*---------*---------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com