سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :10

بيت، روايت [3][1]

ڇٽو پير:

ڪاري رات قرار، ڀوري! ڀڃيو نڪرين

ڇلا منڊيون موريون، جر نيندءِ جنسار

جيڪو ٿي ڀانئين منڌ! ميهار، سو جهالُو ٿيندءِ نه جهول ۾.

سهڻي:

ڇُٽا! ڇينڀ نه ايترو، مون کي ڀل مَ پير

نَيو نمازون پڙهين، ثابت مٿي سِير

ڪُٺيون جي تڪبير، سي گهر گهارينديون ڪيترو.

ڇٽو پير:

تو جيڏيون، تو سرتيون، تن جو گَهر سان گهارڻ هوءِ

ڪڏهن نيندءِ ڪُن ۾، جو ساهڙ تو سُئوءِ

وڃ ڳالهه سڃاڻي پوءِ، متان ٿئين ڪاڻياري ڪانڌ جي.

سهڻي:

جي ڪاڻياريون ڪانڌ جون، سي اٿئي دَياريون دوستن ساڻ

عشق جي الول جو، اِهو اٿئي اهڃاڻ

ساهه ته ساهڙ ساڻ، ڏم سان ڏينهن نه هيڪڙو.

ڇُٽو پير:

ڏم سان ڏنگايون، هاري! ڪر مَ هئين

ڪامڻَ! پنهنجي ڪانڌ سان، ڪر محبت مٺايون

ته تنهنجون چڱايون، سڀڪو ليکي سهڻي.

سهڻي:

چڱي چڱايون ڪيون، مون سان ٿي ميهار

دونهان دوست ميهار جا، دؤنڪن منجهه درٻار

اهڙا جاني جانڻ يار، ڇُٽا ڪيئن ڇڏي ويهان.

ڇٽو پير:

ڇوري! ڇڏ ڇٽو چئي، ڪوهه جُکايئي جيءُ

توکي سُڌ نه صرافن جي، ڪَن رُپي منجهان ريءُ

ڏم کان پاسي نه ٿيءُ، ته مَن ڪو ميڙي ۾ مانُ ٿئي.

سهڻي:

مِڙي ويهندو مارڪو، ساندهه سڀوئي

ڪنديس حال حبيب اڳيان، وٽ پريان پيهي

آهيان ڏم جي ڏکوئي، تڏ ٿي وڃان ساهڙ سامهين.

ڇٽو پير:

پَهِي ڳَهي پاڻ ۾، توکي ڏم ڇو ٿي ڏنائون!

صحيح ڪري ساهڙ سان، تنهنجا ورق نه واريائون!

مَ ڪر مدايون، نه ته ٿيندينءَ ڪاڻياري ڪانڌ جي.

سهڻي:

ڏيهه بنان ڏم سان، منهنجي پاهت نه پيئي

جي ڇُٽا! لنؤن لڳيئي، ته اُهي ورد به وڃنئي وسري.

ڇٽو پير:

لکين لنؤن لڳن، ته به ڇُٽو ورد نه وساري

ڏکيا سکيا ڏينهڙا، ٿو پرين پنهنجي سان گهاري

تو جيئن ڪو نه ڪاري، جو حق ڀڃي هوڏون هڻين.

سهڻي:

حق ڀڃڻ، هوڏ هڻڻ، هوڏ مَ ڀانئج هيءَ

سِڪ ته هڪڙي ساهڙ جي، جا جڙ لڳي جيءُ

ٻيو سياري ۽ سيءَ، ساريان ڪين ”سهراب“ چئي.

ڇٽو پير:

سيءَ نه سياري سيڻاهيا، ٿا ڪن انديشو اپر

متان نيئي منجهه ڪپر، ڪڏهن ٻوڙي هڻئي ٻار ۾

سهڻي:

جي مون ٻوڙيائين، تنهن کؤن نابر ناهيان

پيو پلين ٿو جنهن کان، وينديس اوڏانهين

ساهڙ کان سائين، مون کي پل مَ پِير! تون.

ڇٽو پير:

پِير پلئي ٿو سهڻي! سڻج مُنهنجي ڳالهه

تَن سرتين کي سنڀال، جي واڳيتيون ورن سان.

جان تون ناڻي لَبي آهين، جان تون پئين کير

اهڙو تنهنجو سِير، جو ور ڇڏيو واهڙ ترين!

سهڻي:

نه ڪو ناڻو ورتم، نه ڪو پيان کير

تون جي ڇُٽو پير، ته کڻي لِڳيي مان لِک لاهه تون.

ڇٽو پير:

ڪوهه ٻڏين ٿي ڪُن ۾، ڊڄ ڌڻيءَ جي ڊاءُ

ڏاڍو رب قهار اٿئي، باري بيپرواهه

پيءُ پرڻايئي پنهنجي، موڳي تنهنجي ماءُ

حق ڀڃي هنن جا، وڃين ڇا جي لاءِ

سهڻي! ڳالهه سڻاءِ، ساهڙ ڇا ٿيئي سڱ ۾.

سهڻي:

سهڻيون سڀيئي، پيون ميهر ميهر ڪن

ڪني پاند پُسائيا، ڪي گهورون ڏيو گهڙن

پر ميهر مڙندو تن، جن سِرن تان سانگا کنيا.

بيت، روايت [4][2]

سهڻي:

ڇُٽا ڇينڀ مَ ايترو، پڙ ميا پل مَ پير

تون ٿو نيو نمازون پڙهين، سائر مٿي سير

ڪُٺيون جي تقدير، سي گهر گهارينديون ڪيترو

ڇٽو پير:

سچ چوانءِ ٿو سهڻي، سچ ٻڌايئين مُنڌ

سنئين شرع جي ڳالهڙي، تنهن کان ڦير مَ ڪنڌ

وَر سين پايو وِنڌ، کِلين ڪُڏين کر سان.

سهڻي:

کِلڻ ڪُڏڻ کر سين، اصل منهنجو آهه

سَتو لوڪ ننڊون ڪري، مون اندر ٻري باهه

سيد ڪيم ستاءِ، آءٌ ڏم ڏکوئي آهيان.

ڇٽو پير:

ڏم ڏکوئي آهيين، ته به ڀوري! تو ڀتار

جهڙي تهڙي حال سين، گهر تنهين جي گهار

اي نه عورتن آچار، جو پُرن پرائي پرس ڏي.

سهڻي:

پُري پرائي پرس ڏي، مون کي نينهن نِيو

عشق اهڙين اکرين، آهي شينهن جهو

وات وڌائين جنهن کي، وسان سو ويو

قدر آن نه ڪيو، محبتي ميهار جو.

ڇٽو پير:

محبتي ميهار جو، ڪجي ڪي قدر

اٿيو آڌيءَ رات جو، ڪشين چيلهه ڪمر

جي پسين واهڙ ور، ته لڙهائيندءِ لهرين ۾.

سهڻي:

لڙهائي لهرين ۾، مون کي مَرُ مهراڻ

اٿي آڌيءَ رات جو، پُرزا ڪنديس پاڻ

ڪري نينهن نڌاڻ، مَرڪنديس ميهار سين.

ڇٽو پير:

مَرڪندينءَ ميهار سين، سو تان ولي ناهي پير

نڪي پوٿي پڙهيو، نڪي وِڄا جو وير

ڏُهي ڏهاڙي کير، جهوتون ڏئي جهنگل ۾.

سهڻي:

جهوتون ڏئي جهنگل ۾، سو عيب انهيءَ کي آهه

وسان ويرا واسلي، ويٺو ئي وڄاءِ

هنيون تنهن هيراءِ، کڻي هوت هٿ ڪيو.

ڇٽو پير:

هنيون هيرائي هٿ ڪري، سوهڻي کڻ مَ ساڻ

جِت ترندو تُر ميزان، اتي ٿيندينءَ ڏهاڳڻ ڏم جي.

سهڻي:

ور ڇڏيو واهڙ تران، ڪا جا پيتم پِڪ

مٿي جَر جُلبا ڪيو، چڙهان ڏيهاڙي ڏک

سندي ساهڙ سِڪ، اوڙاهه وڃيو اُڪران.

ڇٽو پير:

اوڙاهه تر مَ ايترو، ٻڏي! ٻوڙيندوءِ

ماڻهو هن ملڪ ۾، ڪانڌي ڪو نه ٿيندوءِ

ڪاري ڪارونڀار ۾، موڙهي! ماڳ سندوءِ

اَوَتڙ اوليندوءِ، پوندينءَ مُنهن مهراڻ جي.

سهڻي:

پوان مُنهن مهراڻ جي، ته مون پڻ وڏو ڀاڳ

ڪو نه ڏسان ٿي ڏيهه ۾، ساهڙ ڙي سهاڳ

ٻيو سڀ لاٿم لاڳ، منهنجو درسن دوست ميهار سين.

روايت [2]

سهڻيءَ کي ميهار جي بدران، درويشن سان ملڻ جي سِڪ

[سهڻي ۽ ميهار جي قصي جي هن روايت جو خاص نڪتو هي آهي ته: ”سهڻيءَ جو ميهار سان عشق نه هو، پر جن درويشن جو اوبارو کير پيتو هئائين، انهن سان ملڻ جي سِڪ ۾ درياءَ تري ميهار وٽ ويندي هئي. ڇاڪاڻ ته ميهار کيس ٻڌايو هو ته ”اها کير جي سُرڪي درويشن جي بچايل هئي.“ سهڻي انهن درويشن بابت پڇيو هو ته: ڪڏهن ايندا! ميهار چيو ته: درويش وري اچڻ جو وعدو ڪري ويا آهن، سي ضرور ايندا. سهڻي سڄي رات ميهار وٽ ويهي درويشن جي اچڻ جو انتظار ڪري وري ويندي هئي. تان جو سندس سس، انهيءَ شڪ ۾ ته سهڻيءَ جي ميهار سان محبت آهي، پڪو گهڙو کڻي ڪَچو رکي ڇڏيو، جنهن ڪري ويچاري سهڻي درياءَ ۾ ٻڏي ويئي.“

سهڻي جي درويشن سان محبت وارا اهي اهڃاڻ قدري مٿي ڏنل سومار مڱريي ۽ محمود شيخ جي بيتن ۾ پڻ ملن ٿا[3]، حالانڪ انهن شاعرن بعد ۾ سهڻيءَ جو ساهڙ سان محبت جو مذڪور ڪيو آهي.

قصي جي هن خاص نُڪتي تي مبني ٽي روايتون هن بعد شامل ڪيون ويون آهن: يعني (الف) نثر ۾ هلندڙ آڳاٽي روايت، ڇپيل 1932ع، (ب) نثر ۾ هلندڙ آڳاٽي روايت، ڇپيل 1958ع، ۽ (ج) حاجي حقير جا بيت.]

(الف) نثر ۾ هلندڙ آڳاٽي روايت ڇپيل سن 1932ع

”مختصر احوال سهڻي ۽ ميهار جو“

راوي روايت جا ۽ حاڪي حڪايت جا هن ريت ٿا نقل ڪن ته، ماضي زماني ۾ هڪڙو امير ماڻهو وڏي شان مانَ سان رهندو هو، سندس نالو ”جرکت“ هو ۽ ذات جو سامٽيو هو. ان کي هڪ دختر پري پيڪر، سهڻي من مهڻي، ڌڻيءَ جي فضل سان پيدا ٿي، جنهن جو نالو سندس مائٽن رسم موجب ”سهڻي“ رکيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڇوڪر وڏي ٿي، تڏهن سندس مائٽن مان هڪ هوند واري ماڻهوءَ ”ڏم“ نالي، جرکت کان سهڻيءَ جو سڱ گهريو. جرکت اهو پنهنجيءَ ڌيءَ جو سڱ ڏم کي ڏيڻ قبول ڪيو. ٿورن ڏينهن بعد شاديءَ جو بندوبست ٿيو ۽ رسم رسمات موجب سهڻيءَ جي ڏم سان شادي ٿي. پوءِ ڄاڃي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيا ته واٽ تي هڪڙي ميهار ذات لغامڙي جي مينهن جو ڀاڻ هو. ڏم جي مائٽن صلاح ڪئي ته جيڪر انهيءَ ميهار کؤن کير وٺي سهڻيءَ ۽ ڏم کي پيئارجي ته چڱو. انهيءَ خيال تي ته جيئن کير مٺو آهي، تيئن هنن ٻنهي جي محبت هجي، ان ڪري ميهار کؤن کير گهريائون، ميهار وٽ ڪجهه ٿورو کير رکيل هو (ڪن عاشقن جي اوبر هئي) اهو آڻي انهن ماڻهن کي ڏنائين. ڏم جي مائٽن ڏم کي چيو ته: هن مان ڪجهه تون پي ۽ ڪجهه سهڻيءَ کي ڏي. مڙس ڏٺو ته ٻيلي! کير آهي تمام ٿورو، تنهنڪري کڻي زال کي ٿو ڏيان، ائين چوندي کڻي زال کي ڏنائين. سهڻيءَ يڪدم کڻي نوش جان ڪيو. اڃان هن کير پيتو ته سندس اولا لهي ويا ۽ عشق حقيقي جا دروازا کلي پيا، ڇالاءِ ته اهو کير عاشقن جو اوبر هئي، جنهنڪري هن کي ايترو عشق پيدا ٿيو، ۽ جن جي جام جي اوبر پيتي هئائين، سي جنهن قدرت کي پهتل هئا، ان جو ڪجهه ٿورو بيان لکجي ٿو: هڪ ڏهاڙي اهي عاشق الٰهي قلندر شهباز، شيخ فريد، سيد جلال ۽ شيخ بهاؤالحق سير ڪندا ٿي آيا. نيٺ اچي ڪنهن ڳوٺ جي ٻاهران ترسيا، تڏهن انهن مان هڪ چيو ته: ”آءٌ اٽو وٺي اچان، توهين اتي ترسو“ اها ڳالهه رٿي شيخ بهاؤالحق اَن کڻي اٽو وٺڻ هليو. اهو خيال ڪري اچي شهر ۾ داخل ٿيو ته اوچتو بزرگ جي نظر هڪ مائيءَ حسن واريءَ تي پئجي ويئي. فقير اُن مائيءَ کي چيو ته: مائي، مهر ڪري مون کي ٿورو وقت جنڊ ڏي ته آءٌ اَن داڻا پيهي وڃان، تنهن تي ان زال چيس ته: فقير، وڃي پيهه. پر نه ڄاڻ ته ان زال کي ٿيو ڪو لوڀ، سو ٿي ڪيائين فقير سان کوٽ، تنهنڪري فقير کي پئي چوي ته: سائين، مان پيهين ڏيانءِ. فقير چيس: نه مائي، هجين خوش سدائين. فقير ڀلا تمام سهڻو، وري ڳالهائڻ هو سندس من مهڻو، تنهنڪري هوءَ عورت، خوبصورت هن فقير تي عاشق ٿي پيئي. تنهنڪري ڏاڍيون انتظاريون پيئي ڪري ۽ فقير کي هٿ آڻڻ لاءِ پيئي ڪوشش ڪري ۽ اندر ۾ ان جي محبت لاءِ پيئي مري.

ڪيچي ڪيچئون آئيا، وٽ تنهين وئسان

حيلا ڪري هن سان، ٿي تجويزان تنهن سان

فقير جڏهن هن زال جو هي حال ڏٺو، تڏهن چيائين: اي مائي، اها نه ڪر وائي، اسين نه آهيون ان ڪم اوڏائي، تون اهڙا ڪي ٻيا ماڻهو پڇ، جتان توکي حاصل ٿئي ڪجهه. اها وائي نه وڻي وير کي اها عادت ناهه اسان. تڏهن هن زال بدافعال چيس ته: اي فقير، تون مون سان ڪر اُڪير، جي ائين نه ڪندين ته سر پنهنجو سوريءَ تي پسندين. چئي: مائي، اسان کي نه آهي پرواهه ڪائي، ٿيندي ڳالهه اُهائي، جا مالڪ اصل کان بنائي، اسان جو ڇا عيشن سان، ڇا ڄاڻون جشنن مان. مائي، اسين آهيون ان ڳالهه کان پري، ان مان ڪجهه نه وري- ڏسو ته هيءَ زال چاڙهائي ٿي چوڏول ۾ پيهڻ کي پهه سان.

جڏهن فقير اٽو پيهين رهيو، تڏهن ان زال هڪ شيءَ بها ۾ بي مثال، کڻي فقير جي اٽي ۾ وڌي. جڏهن فقير گهر کان ٻاهر آيو تڏهن ان زال ”چور چور“ پڪاريو ۽ چيائين ته: هي فقير منهنجي شيءَ بنان موڪلائڻ جي کنيو ٿو وڃي، ڏاڍو افسوس ٿو لڳي. هن جي دانهن تي ماڻهو آيا، جن مان ڪن اچي فقير جا ٽپڙ سنڀاريا. اڃان فقير جا ڪپڙا ڏٺائون، ته اَٽي مان اها شيءَ لڌائون، تنهنڪري ويچاري فقير کي اُتي جي بادشاهه وٽ داد خواهه لاءِ وٺي ويا. ماڻهن وڃي فقير جو ڏٺل احوال بادشاهه وٽ بيان ڪيو. بادشاهه به هو ڪو ظالم ۽ ڪم عقل، تنهن ڪو خيال نه ڪيو، نڪي فقير کان احوال پڇيو، رڳو ائين کڻي حڪم ڏنو، ته هن هي ڪم ڪيو آهي ڪنو، تنهنڪري هن کي وڃي سوريءَ تي چاڙهيو. سپاهين سامان سنڀرايو، ويچارو فقير وسواس ۾ آيو، کڻي ماٺ ڪيائين ۽ پنهنجي خالق کي سنڀاليائين. ائين ڪندي فقير جي رفيقن کي به خبر پيئي، تن پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ته ڪا اهڙي رٿ ڪريون، جنهنڪري پنهنجي يار وفادار کي به آزاد ڪريون ۽ پاڻ به انهيءَ آفت کان بچون. آخر ڪار هيءَ رٿ ڪيائون ته هڪ هرڻ ٿئي ٻيو شينهن ٿئي، ۽ ٽيون باز ٿئي.پوءِ سوريءَ جي اڳيان هرڻ منهن ڪڍي ته شينهن پٺيان پويس، ماڻهو ڏسن اهو تماشو، باز ڪري اهو ڪم خاصو، جو بهاوالحق کي کڻي اچي. پوءِ

شيخ فريد هرڻ ٿيا، سيد جلال شينهن ٿيا

لال شهباز باز بڻيا، چائي چنبن ۾ گهوٽ ٿيا.

ماڻهن جڏهن اهو حال ڏٺو، تڏهن بادشاهه جو لشڪر دل ۾ مُٺو: چيائون ته جيڪڏهن بادشاهه ٻڌو، ته اسان جو حال برو ٿيندو. پر وري دل ۾ هي خيال آين ته باز ماڻهو ڪين موٽائيندو، جو بادشاهه کي خبر پوندي ۽ اسان کي ڳالهائيندو، تنهنڪري چڱو ائين آهي جو اها ڳالهه ڇڏيو ڇپائي ۽ هر ڪو پنهنجي ڪم کي وڃي لڳي. اها رٿ ڪري نيٺ بادشاهه جو لشڪر موٽيو ۽ چار ئي سنگتي اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيا ۽ واٽ وٺي اڳتي هليا.

سو اهڙن عاشقن جي اوبر سهڻيءَ پيتي هئي، جنهنڪري عشق جي نشي ۾ مخمور ۽ ڀرپور ٿي ويئي. انهن چئن يارن جي اوبر سهڻيءَ کي ڪيئن ملي، تنهن جو بيان هن ريت ڪندا آهن ته چارئي يار گڏجي ڪنهن ڏينهن ميهار وٽ آيا ۽ اچي چيائونس ته اسان کي کير پئار. ميهار چيو: سائين، مينهون جهنگ ۾ آهن، اچن ته توهان کي کير گهڻو ئي پئاريندس. تڏهن هنن يارن هڪ ورهيه جي ڄاول وڇ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيائونس ته: اسان کي هن جو ئي کير پيار. تڏهن ميهار چيو ته: سائين، هيءَ اڃا ننڍي آهي، تنهنڪري کير نه ڏيندي، فقيرن چيس ته: هيءَ اڳي کان سُئا هئي، تنهنڪري اچي ڏهينس. ميهار انهن جي چوڻ موجب مَنگهه کڻي اچي وڇ کي ڏهڻ ويٺو ته ڇا ڏسي ته سبحان الله، وڇ ٿڻ سڱوهيو بيٺي آهي. اهو ڏسي حيران ٿي ويو ۽ فڪر ۾ پيو، پر ائين نه سمجهيائين ته ڪو هنن فقيرن جي ڪا برڪت آهي. پوءِ کير ڏهي اچي فقيرن جي اڳيان رکيائين. فقيرن کير پيتو ۽ ڪجهه ٿورو چڪو بچائي ميهار کي ڏنائون ته تون پاڻ پي ڇڏ، ۽ ٻئي کي انهيءَ شيءَ ۾ نه گڏ، پر ميهار جي قسمت ۾ ڪوتاهي هئي جو اهڙن عاشقن جي اوبر کان محروم رهيو. جڏهن منگهه مليس تڏهن اهو کڻي مَنَهن تي رکيائين، انهيءَ لاءِ ته پوءِ پيئندو. هن کان فقيرن جي چيل ڳالهه وسري ويئي، ۽ کير اُتي ئي رکيو رهيو. ان وقت ڏم جا مائٽ به سهڻيءَ کي پرڻايو ٿي آيا ۽ اچي ميهار کان سَوَڻ واسطي کير گهريائون، ۽ هن يڪدم کير کڻي انهن کي ڏنو. ڏم جو کير ٿورو ڏٺو، تنهنڪري کڻي سهڻيءَ کي ڏنائين، جا پِي مست ٿي ويئي، ۽ ”ميهر ميهر“ ڪري پڪارون ڪرڻ لڳي.

نيٺ ان وقت ته سهڻيءَ کي ڪنهن به طرح ڳوٺ وٺي آيا پر پوءِ سهڻي اتي به پيئي ميهار جي فراق ۾ روئندي ۽ آهون ڪندي هئي. هڪڙي ڏينهن دِلو کڻي درياءَ تي پاڻي ڀرڻ ويئي، ته اُتي هن کي هيڪاري جوش آيو. پوءِ رات جي وقت ۾ ساهرن کان لڪچوريءَ دِلو کڻي درياءَ ۾ داخل ٿي. درياءَ جو سختيون سهي اچي ميهار وٽ پهتي ۽ ميهار کان اچي احوال پڇيائين ۽ چيائينس ته اهو کير ڪهڙي مينهن جو هو؟ ميهار سمورو احوال سهڻيءَ کي ٻڌايو ۽ چيائينس ته: مائي، اهي ماڻهو اڄ – سڀاڻي مون وٽ ايندا. سهڻيءَ جڏهن هيءَ ڳالهه ٻڌي، تڏهن دل ۾ خوش ٿي. تنهنڪري هر روز تڪليفون سهي ميهار وٽ ايندي هئي ته هي ماڻهو متان اڄ اچن ۽ هن کان احوال پڇي وري موٽندي هئي.

هڪڙي ڏينهن سهڻيءَ ميهار جي مُنهن ڏانهن چتائي ڏٺو ته ميهار جي اک ۾ ماڻڪي نظر آيس، تنهن تي ميهار کي چوڻ لڳي ته: اي ادا ميهار، توکي اک ۾ ڦلو آهي ڇا؟ تنهن تي ميهار ورندي ڏنس ته: مائي، تو دل مَٽي آهي تنهنڪري تون اڳتي نه ايندي ڪر. جي ايندينءَ ته شايد سلامت نه ويندينءَ. سهڻيءَ جي سس کي به ان احوال جي خبر پئجي ويئي. تنهن وري ڪنڀر کان هڪ ڪَچو دلو ٺهرائي، تنهن تي چٽ ڪڍائي ان ساڳئي ٻُوڙي ۾ لڪائي رکيو، جنهن ۾ سهڻي هميشه دلو رکندي هئي ۽ سهڻيءَ وارو دلو آڻي گهر رکيائين. سهڻي جو رات جو اٿي، سا پنهنجي اڳيئن رسم موجب دلو کڻي ميهار ڏانهن رواني ٿي ۽ دلي جي نسبت ڪو گمان نه آندائين، ڇو ته هن کي ان پاسي ڪو خيال ڪو نه هو، جيتوڻيڪ ميهار به اشارو ڏيئي ڇڏيو هوس جڏهن درياءَ ۾ ڳچ پنڌ هلي ته دلو ڀَڄي پيو ۽ دلي کان سواءِ تري نه سگهي، تنهنڪري اتي ئي ”ميهار ميهار“ ڪندي سڪ ۾ ساهه ڏنائين.

روايت [2]

(ب) نثر ۽  بيتن ۾ مرتب ڪيل ڳالهه ڇپيل سن 1958ع[4]

شهدادپور جي ڀرسان سنڌو درياءَ جي اوڀر طرف ڏهن – ٻارنهن ميلن جي مفاصلي تي ”ڪناري“ نالي ڳوٺ جي آسپاس ”واهوچا“ ذات جا ماڻهو رهندا هئا. سهڻي ان ڳوٺ جي رهاڪو هئي ۽ ذات جي واهوچي هئي. ڏم پٽ لغامڙو واهوچو، ميران پور شهر جو ويٺل هو ۽ واهوچن جو وڏيرو هو. اهو شهر، ميان ڇٽي پير جي شهر کان هڪ ميل اولهه طرف هو. ساهڙ ذات جو سامٽيو هو ۽ ميان ڇٽي پير جي شهر جي سامهون درياءَ جي کاٻي ڀر تي مينهن جو وٿاڻ ڪيو ويٺو هو. هو شهدادپور جي پسگردائي ۾[5] ويٺل ”سامٽين“ مان هو، پر پوءِ ٻيلي ۾ مينهن چارڻ جي سعيي سان لڏي اچي اتي رهيو هو. چون ٿا ته وڏيري ڏم جي شاديءَ جو سعيو ناهري مهيني جي چوڏهين تاريخ تي ٿيو. سندس مٽ مائٽ ڄڃ ڪري، منجهند کان پوءِ ميرانپور کان اُسهيا ۽ سازن سرودن سان نچندا ٽپندا، ڇٽي پير وارو پتڻ اُڪري، سج لٿي مهل اچي سهڻيءَ جي ڳوٺ پهتا ۽ سڄي رات راڳ روپ ڪري گذاريائون۔

هوڏانهن صبح جو سوير ساهڙ پنهنجي ڀاڻ تي قرآن شريف جو دؤر ڪري، وٿاڻ تي ويٺو هو ته ڪي چار درويش اتي اچي نڪتا ۽ سَڄَر کير پيئڻ جي سڌ ڪيائون. ساهڙ چين ته:

ڀوريون ناهن ڀاڻ تي، ڪنڍيون چرن ٻيلي ڪنار

ويهو گهڙي هت، واسطي ڌڻيءَ جي مرد مڻيادار

اچان ٿو آبيءَ ۾ کير ڏهي، ڪريو اوهين اعتبار

چئي: ترسڻ وارا ناهيون، آهيون ترت تيار

تون وجهي ونگ وڇ کي، اها سَڪُر ميڙ سنگهار

وٺي نانءُ الله جو، ساهڙ سعيو سار

دعا ڪئي درويشن، ڏڌو کير ميهار

کيريءَ وڇ کير ڏنو، جنهن کي پلٽيو پالڻهار

ساڙهو ساهڙ ڏنو سيلانين کي، ڪري جلد جهار

اهي ڪهڙا هئا درويش، اها آگي کي اخبار

کير پِي خوش ٿيا، چڙهيا چارئي يار

سڏي چيائون ساهڙ کي، ته ادا ڪر اعتبار

سرڪي بچيل اٿئي سِڪ جي، جا پئاريئي پالڻهار

وري اينداسون، تون وٽ، ٽڪنداسون رات تنهنجي

دعوت تي، مينهن جا ميهار

هينئر جهل نه اسان کي وڃڻ کان، آهي الله تو آهار

مٽيا ميل- اڌ مرد، ته دهلن مچايا ڌڌڪار

پرڻائي ”ڏم“ پوئتي وريا، وجهي ڪجاوي ۾ ڪنوار

هڪڙا اُٺن تي، ٻيا گهوڙن تي، ٽيان باري ڏاندن تي بيشمار

گهوٽ هئو ڪبوتري گهوڙي تي، نشانبر نروار

پاڻ اڳ ۾ هليو، پٺيان ڪجاوي ۾ ڪنوار

ٻيا پيادا پنڌ ۾، برابر بيشمار

وڄت وڄائڻ ۾ مشغول هئا، ڪيترا ميران پوري مڱڻهار

اچي لٿا ڇٽي پير پتڻ تي، مهل تنهن موچار

ڏَم- ماءُ چيو مڙس کي، ته وڃ سگهو ڏانهن ميهار

بنان ويرم کير گهري آءٌ، ته ڪريون سڳڻ سنوار

سڻي آواز عورت جو، ٿيو تنهين مهل تيار

ڀري قدم آيو ڀاڻ تي، مرد وٽ ميهار

ڪيائين عرض ته ڪر غرض اسانجو، سائين لڳ ستار

کير اسان کي ڏي خيراتي، آهين مسافر جو مددگار

پُٽ پرڻايو وڃان، آهيون ڄاڃي ڪنڌيءَ ڪنار

وينداسين پُور پهرئين ۾، ويٺا آهيون رکيو نُوچ نهار

درياءَ اولهه اُڪري، پهچڻو اٿئون پار

شهر اسان جو ميران پور، جيڪو نظاري نروار.

تڏهن سوال سڻي ساهڙ، عجب ۾ پئي اونايو

سائل جي سوال اُتي، ڪامل کي ڪهل آيو

بچايل کير بزرگن جو، ساڙهي ۾ هو سوايو

سا سُرڪي ڏنائين سهڻيءَ لاءِ، سندس بخت نه ڀڙايو

نه هئي نصيب ۾ ميهار جي، آگي هو انگ ائين وهايو.

ڏم جي پيءُ، ساهڙ کان مليل کير جي سُرڪي آڻي ڏم کي ڏني، ڏم ڏٺو ته کير آهي ٿورڙو، سو ساڙهو ئي کڻي سهڻيءَ کي ڏنائين. کير پيئڻ سان سهڻيءَ کي مرشد جي صورت نظر آئي.

قصو ڪوتاهه، دهل دماما وڄائيندا، ڄاڃي اچي ميران پور شهر ۾ پهتا. گهوٽ ڪنوار اڳيان ماني رکيائون، پر سهڻيءَ جو پيٽ الاهي نور ۽ مرشد جي سِڪ سان ڀرجي چڪو هو، تنهن هڪ ذرو به نه کاڌو، تڏهن گهر جي ڀاتين گڏجي سهڻيءَ کي، چاهه مان چيو:

ته مائي! حجاب مرد کان، ڪرين ٿي ڪهڙو؟


[1] هي بيت نالي ”سهراب“ شاعر ڏانهن منسوب آهن.

[2] روايت بولو جت.

[3] هن روايت جو متن ڇپيل ڪتابڙي تان ورتل آهي، جنهن جو ٻيو ڇاپو سنڌ پرنٽنگ پريس شڪارپور مان مسٽر پوڪرداس سن 31-1932ع ڌاري ڇاپايو. هن ڪتابڙي ۾ ٻه قصا ”مورڙي“ ۽ ”سهڻي ميهار“ جا شامل آهن. انهيءَ ڪري ڪتاب جو عنوان پڻ ”قصو مورڙي ۽ سهڻي ميهار“ جو ڇپيل آهي. شروع ۾ مورڙي جو قصو ڏنل آهي. صفحي 48 کان 57 تائين ”سهڻي ۽ ميهار“ جي ڳالهه فقط نثر ۾ آيل آهي، جا هتي شامل ڪئي ويئي آهي.

[4] هيءَ روايت ڇپيل ڪتابڙي ”سنڌي سچو قصو تو ڏي عرف سهڻي ۽ ساهڙ جو“ (ميران پوري) مطبوع هاري حقدار پريس، حيدرآباد سنڌ، سن 1958ع تان ورتل آهي. هن روايت ۾ مؤلف شروع ۾ شاهجهان بادشاهه جي حڪومت واري دؤر جو ذڪر ڪيو آهي، پر اهو ٽاڻو پنجاب جي ”سوهني مهيوال“ واري قصي جو آهي، جنهن کي حذف ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻي ڳالهه سڄي سنڌي قصي مطابق آهي.

[5] اصل ۾ مؤلف ”ڪلوين سان گڏ“ الفاظ هت وڌايا آهن جي ڇڏيا ويا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org