سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :4

سهڻي ۽ ميهار جي محبت جي ڏم کي خبر پوڻ

سهڻيءَ جي واتان اهو احوال ٻڌي، سسڻس اندر ۾ سڙي کامي ويئي. ظاهري طرح ته سهڻيءَ کي دلداري ڏنائين، پر اندر ۾ وڍ پوڻ لڳس. پوءِ ته سڏي وڃي ڏم کي سڄو قصو سڻايائين ته تنهنجي ونيءَ جا اهي وڙ اٿيئي، جو ڪاريءَ رات جو پاڻ کي ڪُنن ۾ هڻي به وڃي ٿي ميهار سان ملي. پر ڏم کي اعتبار ئي نه اچي، چوي ته عورت کي ڪهڙي همت جو آڌي رات جو اڪيلي سر درياءَ تري. تڏهن ماڻس چيس ته: جي مون تي ويساهه نٿو اچيئي ته ڀت جي ٻاهران بيهه ۽ پنهنجي ڪَنن سان سهڻيءَ جي واتان اهي خبرون ٻڌ.

انهيءَ صلاح موجب هڪ ڏينهن ڏم، ڪوٺيءَ جي ٻاهرئين پاسي، ڀت کي ڪن ڏيئي بيٺو ۽ سس ويٺي سهڻيءَ کان خبرون وٺڻ. سهڻيءَ کي ته ميهار جي پچار مست ڪري ڇڏيو، سا ويٺي پنهنجي پچار ٻڌائڻ، چئي: سس! رات  به ميهار منهنجي انتظار ۾ درياءَ جي ڪنڌيءَ تي بيٺو هو. چڙن جي آواز منهنجو چت چريو ڪري ڇڏيو ۽ پلنگ ڇڏي ويس درياءَ تي، هن پاران دلي تي تري وڃي پار پهتيس ۽ پنهنجي ميهار سان محبت ونڊيم. اسر ٿيو آهي جو اتان موٽي آهيان. سهڻيءَ ڳالهه ڪري دنگ ڪئي ته سسڻس ڏم کي هوشيار ڪرڻ لاءِ ڀت تي هٿ هڻي چيو ته: ”ٻڌ ڪنڌي! عقل جي انڌي“. اتي سهڻيءَ سهي ڪيو ته سس مون سان ڊوهه ڪيو آهي، سو دانهن ڪري، چيائين ته: ”چاچي! اتي اک کلي ويئي، ڏسان ته ناهي ساهڙ، ناهي سِير، ڏم جي ڀر ۾ سُتي پيئي آهيان.“ اهو ٻڌي ڏم کي پڪ ٿي ته سهڻي خواب جي ٿي ڳالهه ڪري.

هن ٽاڻي بابت ڳجهارت آهي ته:

ذات ڪکن جي پنهنجا ٿين ئي

[ذات = ٻڌ، ڪکن جي ڪنڌي، پنهنجا = ڪن]

يعني: ٻڌ ڪنڌي، ڪن ٿين ئي.

سس ڏم کي هوشيار ٿي ڪري ته: ڪنڌي! پنهنجي ڪنن سان ٻڌ! انهيءَ تي سهڻيءَ يڪدم چيس ته:

پکيءَ جي، پوءِ مال جي ٿي

[پکي جي = چان، چين = چاچي، مال جي = سنڀار]

يعني: چاچي! پوءِ سنڀار ٿي.

سهڻي دستور موجب پنهنجي ساهڙ ڏانهن پيئي ويندي هئي. سسڻس جڏهن ڏٺو ته سهڻيءَ جي اها روش کين راڄ ڀاڳ ۾ خوار ڪندي، تڏهن هڪڙي ڏينهن کيس ڀر ۾ ويهاري، نصيحت ڪيائين ته: ”سهڻي! تون سامٽي ۽ ميهار نڱامڙو، اوهان جو پاڻ ۾ ڪهڙو سڱ لڳي، جو اڌ رات جو درياءَ تريو هن ڏانهن ٿي وڃين؟ تو کي جڏهن ماءُ – پيءَ ڏم سان پرڻايو، تڏهن اهو نٿو جڳائي ته پنهنجو حق ڇڏي ڌارئي وٽ وڃين، لوڪ جي طعنن تنڪن جو به خيال ڪو نه اٿيئي؟“ تڏهن سس کي جواب ڏنائين ته: ”اسان جو ٻيو ته ڪو پاڻ ۾ سڱ ڪونهي، باقي کير جي سرڪي جيڪا سندس هٿان پيتم، تنهن سببان ساڻس سڱ ٿيو اٿم. چاچي! جن کي نينهن نهوڙيو، تن کي لوڪ جا طعنا ڇا ڪندا؟“

سهڻيءَ جي واتان اهو جواب ٻڌي، سس کي خيال ٿيو ته هيءَ نڀاڳي ندوري کير پيئڻ جي بهاني ڪوڙ ٿي ڪري، ضرور ننڍي هوندي جو عشق اٿن. سو پڪ ڪرڻ لاءِ وري به چيائينس ته: ”سهڻي! توکي ساهڙ جو عشق لڳو ڪيئن؟ ڪنواري هوندي جو عشق اٿيئي يا پرڻي کان پوءِ ٿيئي؟“ تڏهن سهڻيءَ وراڻي ڏني ته: ”سس! جي ناحق جا الزام ٿي ڌرين ته پوءِ ٻڌ ته توکي ٻڌايان: منهنجو لکيو ساهڙ سان ڄائي ڄم کان هو، ڏم سان ته مون کي زوريءَ پرڻايائون“. تڏهن سس چيس ته: ”مُٺي! جي ڏم وڻيو نه هئئي ته دانهون ڪوڪون ڪري مُلان کي منع ڪرين ها ته اڄ نڪي ڏم ڏٺو ٿئي ها، نڪي تون ئي لوڪ جي ٽوڪ ۾ اچين ها! هاڻي چڱائي انهيءَ ۾ اٿيئي ته ڏم سان ڏنگائي ڇڏي حق تي هل!“ تڏهن سهڻيءَ جواب ڏنس ته: ”سس! مون کي انهيءَ ڏکئي ڏم لاءِ نڪي منٿ ڪر نڪي صلاح ڏي. منهنجي کانئس بنهه ئي بس آهي“. سس وري به سمجهايس ته: ”ڀتار سان ڀڳي ڪرڻ زال ذات لاءِ چڱو نه آهي، سياڻي ٿي ساهڙ جي پچر ڇڏ، نه  ته جي ڏم کي خبر پيئي ته توتي ڏاڍو ڏمر ڪندو.“ سهڻيءَ چيو ته: ”چاچي! ڏم ڏمريو ته گهوريو، شل ساهڙ نه رسي، ڀلي تنهنجو ڏم ڏسي ته آءٌ ڪيئن ٿي ساهڙ تان سر گهوريان“.

سس جڏهن ڏٺو ته سهڻي خلق جي خواري ۽ ڏم جي ڏمر ڀر به نه نٿي ڊڄي، تڏهن ڪارونڀار ڪنن ۽ جر جي جانورن جا ڊپ ڏيڻ لڳيس:

سس پلي سهڻيءَ کي، چوريو چڱيءَ پر

ته کِلي ويهه کٽ تي، گهارڻ تنهنجو گهر

ڏاڍو دور درياءَ کي، اٿئي لهرون زور زبر

پرزا ٿيندينءَ پر، ساڱاهيندينءَ سير ۾.

پر سهڻيءَ جو اهو جواب ته:

ساڱاهينديس سير ۾، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟

پرينءَ ڀر پريت مان، مون کي ساهڙ سڏ ڪيا

تنهن سان اٿم قول ڪيا، تون موڳي ڇو متيون ڏين!

تڏهن سس ويهي سهڻيءَ کي پٽ پاراتو ڪرڻ لڳي، چئي: ”سهڻي اسان کي به لوڪ ۾ خوار ڪيئي، ۽ پاڻ کي به مهڻي – هاب ڪيئي، انهيءَ افعالين شل سير ۾ سر وڃئي!“ تڏهن سهڻيءَ چيو ته: ”جي ميس ته به ساهڙ تان صدقو ٿيس“. سس چيس ته: ”سهڻي! جنهن ڏينهن کان پرڻجي آئي آهين، تنهن ڏينهن کان ڏم سان هڪ گهڙي به کلي نه گهاري اٿيئي، جيتوڻيڪ ڏم تنهنجا ڏٺا وائٺا عيب ڍڪيا آهن. هينئر جيڪڏهن منهنجو چوڻ نه ڪيئي ته پوءِ هٿ هڻندينءَ“. تڏهن سهڻيءَ جواب ڏنو ته: ”چاچي! تنهنجون ڳالهيون چڱيون آهن پر آءٌ ساهڙ کان سواءِ ڪين رهنديس“. اتي سس ڪاوڙجي ميهار ۽ سندس مينهن کي پٽ پاراتو ڪرڻ لڳي. تڏهن سهڻي وري ساهڙ جي مينهن جي سلامتي لاءِ دعا گهرڻ لڳي:

مينهون جي ميهار جون، الله ڪج گهڻيون

چرن چانڊوڪين ۾، اچن اوهه ڀريون

ٻلهه ٽلهه تن ۾ ڪانڪا، سڀيئي چؤٿڻيون

ڪُونهون ڏيندي ڪانڪا، وڇن تي وريون

ڀوريون ڀٽاريون، ڀلي آيون ڀاڻ تي.

سس جڏهن سهڻيءَ کي سمجهائي ٿڪي ۽ سهڻيءَ نه مڃيو، تڏهن آخر ڪار آسرو پلي، اٿي کڙي ٿي.

سهڻيءَ کي ساهيڙين جي نصيحت

سهڻي ۽ ساهڙ جي خبر جڏهن عام ٿي، تڏهن سندس سرتيون ساهيڙيون اچي گڏ ٿيون، ۽ مڙي سڙي سهڻيءَ کي سمجهائڻ لڳيون ته: ”سهڻي! اونداهيءَ اڌ رات جو درياءَ ۾ ڪاهيو پوين. صلاح اٿيئي ته سير ۾ نه گهڙ، ڇو ٿي پاڻ کي ڇولين ۽ ڇوهه ۾ هڻين! ديواني درياءَ ۾ ڪئين ڪڇئون، لڌڙا، واڳون ۽ مانگر وِراڌا وتن، اهڙي آزار ۾ تون ڪيئن وڃي ٿي پاڻ اڙائين! سر جو به سانگو نٿي ڪرين!“ تڏهن سهڻيءَ چيو ته: ”اديون! آءٌ آهيان هن ڀر، پر ساهه پرينءَ ڀر اٿم، منهنجو وڃڻ به اوڏانهن آهي، جيڏانهن محب ميهار آهي، تنهنڪري مون کي ڇا ڪنديون ڇوليون، ڇا ڪندا جانور!“ تڏهن هنن چيس ته: ”اهي جر جا جناور ڪنهن ڏينهن توکي ڀاڱا ڪري ڇڏيندا، پوءِ نه ٿيندينءَ گهر جي نه گهاٽ جي. موجن جي وچ ۾ مئينءَ ته ڪو ڪانڌي به ڪو نه ٿيندئي.“ تڏهن سهڻيءَ وراڻيو ته: ”جنهن ميهار سان منهنجو ٻول ٻڌل آهي، اهو ئي سير ۾ ساڻي ٿيندم“. اتي سرتين به ڪاوڙ مان چيس ته: ”سهڻي! تون ور کي وساريو، هيج مان ساهڙ ڏانهن ٿي هلين، ڪانڌ کي ڪڙو ڪري ميهار کي مٺو ڪيو اٿيئي. اڌ رات جو وڃين ٿي ميهار سان محبت ونڊين. توکي نه لوڪ جو مرم نه ڏم جي ڏمر جو خيال اٿيئي، اهڙن افعالن سان تون دنيا ۾ ته خوار آهين پر آخرت ۾ به ڪيئن ڪنڌ کڻندينءَ؟“ تڏهن سهڻيءَ جواب ڏنو ته: ”سرتيون! جي اوهين مُنهنجي مامري کي سمجهو ته هوند هيڏو هُل ئي نه ڪريو. هاڻي ٻڌو! منهنجو ميهار سان روز ازل کان انگ لکيل آهي، تڏهن ٿي اڌ رات جو اٿان ۽ تار تران“. سرتين خيال ڪيو ته اڳ ۾ سهڻيءَ جي ميهار سان نڪا هئي ڏيٺ نڪا ويٺ، پوءِ ڪيئن سندس نينهن لڳو، متان ميهار جي کير مکڻ کائڻ لاءِ ٿي بهانا ڪري! سو ٽوڪ ڪري چيائونس ته: ”سهڻي! تون مڪر ڪري پاڻ کي ميهار جي عشق ۾ گرفتار ٿي چوائين، پر اصل ۾ تون ميهار جي کير مکڻ لاءِ ٿي لُڇين پڇين. هاڻي کڻي سچي ڳالهه سڻاءِ ته تو ميهار ۾ ڇا ڏٺو آهي؟“ سهڻيءَ جواب ڏنو ته: ”اديون! اوهان منهنجو ساهڙ ڄام نه ڏٺو آهي، جي ڏسو ته اوهين به مون وانگر گهر تڙ گهوري، گهڙا کڻي درياءَ ۾ گهڙي پئو، منهنجو ساهڙ به سهڻو ۽ سندس سِڪ به سهڻي. اها سندس سِڪ ۽ ڇِڪ آهي، جا مون کي روزانو ٿي تاري ۽ پار پهچائي.

ڪاري رات ڪُن ڪري، پيو لهر ڏئي لاٽان

لڳن ٿيون لڱن کي، ڇوليءَ سان ڇاٽان

ڪير لنگهي لاٽان، بنان سِڪ سلام جي.

سرتيون به سهڻيءَ سان مٿو هڻي، آخر ڪار نااُميد ٿي موٽي ويون. سهڻيءَ کي اهائي تار تن ۾. روزانو رات جو درياءَ تري وڃي ميهار سان محبت ونڊيندي هئي. ڪاريون راتيون ۽ ڪُنن ۾ ڪڙڪا هوندا هئا ۽ جر ۾ ڪئين جانور پيا هلندا هئا، پر سهڻيءَ کي ميهار ئي مَن ۾ هوندو هو، تنهنڪري اُنهن آفتن ڏانهن سندس ڌيان ئي ڪو نه ٿي ويو.

ڇٽي پير جو سهڻيءَ کي سمجهائڻ

ميان ڇٽو درويش عاشق الله جو هو. ايڏو ته پهتل هو جو درياءَ جي سِير ۾ مصلو وڇائي، سڄي رات عبادت ڪندو هو. درياءَ واري گهيڙ کان پاسي ته سندس تڪيو هو، ۽ رات جو درويش وڃي درياءَ جي سير ۾ پنهنجي سائينءَ کي سامهون ٿي نمازون پڙهندو هو. سهڻيءَ جو اتان روزانو لنگهه هو، پر ميهار جي محبت ۾ اهڙي ته محو هوندي هئي، جو هن ڪڏهن به ڇٽي پير کي ڪونه ٿي ڏٺو.

سهڻي، ميهار جي محبت ۾ مست هئي: نڪي ٿي تانگهو ۽ تار ڏٺائين ته نڪي ٿي گهيڙ گهٽ جانچي گهڙي. هڪڙيءَ رات سهڻيءَ ڇٽي پير جي بنهه اڳيان اُڪري وئي، جنهن ڪري ڇُٽي پير جو ڌيان ڇڪجي ويو ۽ نماز ڀڄي پيس. جڏهن ميهار کان سهڻي موٽ کاڌي ته وري به ساڳئي هنڌان اچي مَٽي. اُتي ڇٽي پير ڇينڀيس ته: ”سهڻي! ساهڙ جي محبت جو اهڙو انڌ چڙهيو پيو اٿئي، جو ڪنهن تي نظر ئي ڪا نه ٿي پويئي. اڄ منهنجي اڳيان مَٽي منهنجي نماز ڀڳي اٿئي!“ سهڻيءَ جواب ڏنس ته: ”ڇٽا پير! آءٌ ته ساهڙ جي عشق ۾ آهيان ته به اُن کان سواءِ ٻيو ڪو نظر ڪو نه ٿو اچيم. برابر مون توکي به ڪونه ڏٺو، پر تون ته پنهنجي الله سان لؤن لايو بيٺو هئين، پوءِ تو ڪيئن مون کي ڏٺو؟“ تڏهن ڇٽي پير چيس ته: ”سهڻي! تڙ تڪڻ، تار ترڻ، اهو ڪاڻيارين جو ڪم آهي. عشق ته تنهنجو عقل، مَت ۽ شرم ٽيئي نهوڙي نِيا آهن!“ تڏهن سهڻيءَ جواب ڏنس ته: ”ڇٽا پير! مون کي تڏهن ڇينڀ جڏهن تون به عشق کان آجو هجين. تون خود عشق ۾ گهر ٻار ڇڏيو، وچ سير ۾ پيو نمازون پڙهين. جيڪي تقدير جون ڪُـٺل آهن، سي ڪيترو ويهي گهر گهارينديون؟“

اهو ٻڌي ڇٽو پير نصيحت ڪرڻ لڳس ته: ”سهڻي! تون جو مڙس جا حق ڀڃيو ساهڙ لاءِ اڌ رات جو درياءَ ۾ ڪاهيو پوين، سو چڱو نه اٿئي. ڀلو ڀانئين ته ويهي گهر گهار، نه ته ڪانڌ وٽ ڪاڻياري ٿيندينءَ ۽ ڪڏهن ڪُنن ۾ به ٻڏي مرندينءَ!“ سهڻيءَ جواب ڏنس ته: ”ڇٽا پير! ڪانڌ وٽ اهي ڪاڻياريون ٿينديون جيڪي ڪوڙيون هونديون. آءٌ ته پنهنجي ساهڙ سان سچي آهيان ۽ منهنجي نيت صاف پاڪ آهي“. تڏهن ڇٽي پير چيس ته: ”سهڻي! تون سچي آهين، تنهنجو انگ به ميرو ڪونهي ۽ تنهنجو عشق به سچو آهي، پر منهنجي نصيحت مڃين ته هن ديواني درياءَ سان دم نه هڻ، هميشه گهيڙ ڏسي گهڙندي ڪر، ڇاڪاڻ ته هن مئي مَتي مهراڻ کان سيڻاهن وارا تارو به ڪنبي ويا. سياڻي ٿيءُ نه ته اهو پاڻي پتوڙي پورو ڪري ڇڏيندئي!“ تڏهن سهڻيءَ چيس ته: ”ڇٽا پير! موت جو ڊپ ڏيئي، مون کي ٿو ميهار کان پلين! مون موت مٿي تي ڪيو آهي، جي مُيس ته ميهار تان گهوريس!“

سهڻي ۽ ميهار جي عشق کي سڄا سارا ٻارنهن مهينا ٿي ويا هئا. سيارو هجي يا اونهارو، مينهن هجي يا پارو – سهڻيءَ جي دستور ۾ ڪو به فرق نه آيو. انهيءَ دوران سهڻيءَ کي سندس مٽن مائٽن، سرتين ساهيڙين سمجهايو ۽ سس – سهري ۽ مڙس ڏم مٿس ڏمر ڪيا، پر سهڻيءَ نه مڃيو ۽ ميهار سان ملندي رهي.

ڏم وٽ ڏينهن نه گُذري، سڪندڙيءَ سارو

عشق جي اُليل جو، اچي اوڀارو

گهڙيٖ ريءَ گِهڙي پوان، جي چلي ڪوچارو

هڪڙي لهر لِڱن کي، ٻيو پوي ٿو پارو

منهنجو ميهر يار ڏي، آهي وڃڻ جو وارو

سيءُ جي سيارو، سَهمي ڪانه، سلام چئي.

سهڻيءَ کي ميهار جي اک ۾ ڦلو نظر اچڻ

هڪڙي رات سهڻيءَ اکيون کڻي، ميهار جي مُنهن ڏي ڏٺو ته ميهار جي اک جي ماڻڪيءَ تي نظر پيس. تڏهن ميهار کان پڇيائين ته: ”ميهار! توکي اک ۾ ڦُلو آهي ڇا؟“ ميهار ڇرڪ ڀري ڏانهنس ڏٺو. سهي ڪيائين ته جيستائين سهڻيءَ کي نينهن جو نشو هو، تيستائين ڪجهه به نظر نٿي آيس. اڄ عيب نظر آيو اٿس، سو لاشڪ ته هاڻي اها محبت نه رهي آهي. اهو خيال ڪري جواب ڏنائينس ته: ”سهڻي! هاڻي تو دل مَٽي آهي، تڏهن منهنجي مُنهن ۾ نهاريو اٿئي. هاڻي درياءَ ۾ متان گهڙين، جي گهڙندينءَ ته نقصان رسندئي!“ اتي سهڻيءَ به ڀاڻ سنڀاليو، پر جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو.

ڳالهه جي انهيءَ ٽاڻي کي ڪن سگهڙن هن طرح بيان ڪيو آهي ته: ساهڙ کي اک ۾ ڦلو هو. سندس انهيءَ عيب جي سهڻيءَ کي سُڌ ڪا نه هئي. هڪ ڀيري سندس نظر وڃي ڦُلي تي پئي، تڏهن ساهڙ کي مام ۾ چيائين ته:

ساهڙ! عضوي ۾ اُن جو

ساهڙ! اک ۾ ڦلو.

يعني ته:

اتي ساهڙ ڇرڪ ڀريو، خيال ڪيائين ته سهڻيءَ جي سندس عيب تي اک پئي آهي ۽ هاڻي هو محبت وارو مهراڻ تري نه سگهندي، تڏهن مام ۾ چيائينس ته:

سهڻي! مهينو ئي مَگهُرُ

مطلب ته سانوڻ جي پُور مستي واري مهيني کان پوءِ نيٺ مَگهر (ناهري) مهينو ايندو، جنهن ۾ پاڻي لهندو آهي، يعني ته عشق جي پُور کان پوءِ پڄاڻي يا زوال آهي. يعني ته محبت وارو اڳيون پُور نه رهيو آهي ۽ مناسب آهي ته هاڻي تون درياءَ ۾ نه گهڙ ۽ مون ڏانهن نه اچ، متان ٻڏي پئين!

سهڻيءَ کي ٻوڙڻ جو منصوبو

چوندا آهن ته سس ۽ نُنهن جو جهيڙو ازل کان هلندو اچي، سو سهڻيءَ سان به سسڻس جنگ جوٽيو آئي. آخر جڏهن لوڪ جي طعنن به تپائي کنيس ۽ ڏٺائين ته سهڻي ڪنهن طرح به ميهار سان ملڻ کان نٿي رهي، تڏهن پڪو پهه ڪيائين ته ڪنهن به طرح سهڻيءَ کي پورو ڪجي. اهو خيال ڪري هوءَ هڪڙي ڪنڀار وٽ آئي ۽ ان کي سموري حقيقت کان واقف ڪري چيائين ته: ”جنهن دلي تي سهڻي تري وڃي ٿي، اهڙو ساڳيو ڪچو دلو، ساڳين چٽن سان ٺاهي ڏي. مُلهه جيڪو گهرندين سو ملندئي“. ڪنڀار هائوڪار ڪئي  چيائينس ته: ”پهرين دلو ڏيکار ته پوءِ اهڙو دلو ٺاهي ڏيانءِ“. پوءِ وجهه وٺي سهڻيءَ جو سَرَ ۾ لڪايل دلو اچي ڪنڀار کي ڏيکاريائين. ڪنڀارو وڏو ڪاريگر هو، سو بلڪل اهڙو دلو ٺاهي، مٿس ڌاءَ سان ساڳيا چِٽ گُل رکي ڏنائين. وزن، گهاڙيٽي ۽ رنگ ۾ اهڙو ته پورو بيهاريائين، جو ڪو به ڪو نه لَکي سگهي ته هي ڪو ڪچو دلو آهي. پوءِ ڪنڀار کي انعام اڪرام ڏيئي، سهڻيءَ جي سس اهو ڪچو دلو کڻي، اچي ڪانهه جي ٻوڙي ۾ ساڳيءَ جاءِ تي رکيو، ۽ اتان اصلوڪو پڪو دلو کڻي گم ڪري ڇڏيائين.

سهڻيءَ جو ٻڏڻ

هڪ رات جو سهڻيءَ کي سَنڀارن جي آواز تي سجاڳي ٿي، ٽپ ڏيئي اُٿي درياءَ ڏانهن هلي. چون ٿا ته اُها رات ناهري مهيني جي اوڻٽيهين تاريخ واري رات هئي. هڪ سخت سيءُ، ٻيو جُهڙ ۽ مينهن. اوندهه انڌوڪار اهڙي هئي جو ڪجهه به نظر نه ٿي آيو. سهڻيءَ آسمان ۾ ڏٺو ته تارا نظر نه آيس، ڀانيائين ته شايد دير ٿي وئي اٿم، ميهار متان انتظار ڪري هليو ويو هجي! اهو خيال ايندي ئي پريشانيءَ مان ڊوڙي وڃي ڪانَهه جي ٻُوڙي ۾ هٿ هنيائين، دلو موجود هو، ۽ ان کي ساڳيو سمجهيائين جيڪو اُتان روزانو کڻندي هئي. دلو کڻندي ئي وڃي درياءَ ۾ پيئي.

بس، اڃان ٿورو ئي تَري ته ڪَچي دلي سَٽ ڪا نه جهلي ۽ ڀيلو ڀُرڻ لڳو. هيءُ حال ڏسي موت اکين آڏو ڦرڻ لڳس. پر تڏهن به پئي چوي ته: ”گهڙو ڀڳو ته گهوريو، شل ڀڄي ڪا مَ گهڙي“ يعني ته شل مهل نه گُسي. متان انجام تي نه پهچان ۽ ميهار وٽ ڪاڻياري ٿيان! انهيءَ ويچار ۾ ويچاري ويتر ٻانهون هڻڻ لڳي، ۽ چئي ته: مانَ ڪنڌيءَ ڀيڙي ٿيان ۽ ميهار سان ملان! مينهن ۽ طوفان سبب کيس ميهار جي دُونهين به اڄ ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي آئي. درياءَ جي پائيندڙ پاڻيءَ جا ڪڙڪاٽ پئي پيا، سو کيس چڙن جي چونگار به ڪَن تي ڪا نه پئي. اڄ کانئس سڀ وسيلا ويندا رهيا، تڏهن به ويچاريءَ وڏا وس ڪيا ته ڪنهن پر سِير پار ڪري وڃي ميهار سان مِلي، پر لهرين جي لپيٽن کيس سگهو ئي ساڻو ڪري ڇڏيو. هٿ پير هڻندي سندس چوڙا ٻِيڙا لڙهي لهوارا ٿيا.

سهڻيءَ جا ميهار کي سڏ

کيس ساڻو ٿيندو ڏسي جر جا جناور به اچي ويجها ٿيا. لُهڙيون اچي کيس چُهٽيون ته ڪُمين اچي کيس وات وڌا. اکئين موت ڏسي سهڻيءَ ميهار کي سڏ ڪيا ته: ”ميهار يار! سِير ۾ اچي ساڻي ٿيءُ ته من مرڻ مهل تنهنجو مُنهن پسان!“

سهڻي گهڙي سِير ۾، ڪري الله تهار

چوڙا ٻيڙا چڪ ۾، لُڙ ۾ لُڙهيس وار

ڄنگهه ڄَرڪي وات ۾، سسي کي سيسار

واڳن باسان باسيون، ڪُمين گهر پچار

سڻج ميهر يار، جو سهڻي وڃئي ٿي سير ۾[1]

___

پيئي مُنهن مهراڻ جي، سا آڙنگ تان آئي

سيسار پهتس سير ۾، ڪو مرون سهمائي

ڏسي اُن جو ڏيل ڏڪيو، مون کي کر ويندا کائي

”مُر گر“ چئي ان مهر کان، مَتُڻ ٿئي جيئري جدائي

آهيان واڳن ورائي، پڇج اچي پاتار ۾.

ساهڙ به سهڻيءَ جي انتظار ۾ پريان ڀاڻ ڇڏي، وڌي اچي ڪپر تي بيٺو هو. آڌي ٽري ۽ ڀانيائين ته اِجها ٿي سهڻي اچي پر انتظار ڪندي ويل وهامي وئي، ۽ مٿان اچي باک ڦُٽي. تڏهن پڪ ٿيس ته سهڻي اَوس آئي ۽ درياءَ گهڙي هوندي ير لاشڪ ٻُڏي وئي:

”ڪچي ڪٽ نه جهليو، ڀيلو پيو ڀڄي

ماهيت ملڪ الموت جو تنهين ويل وڄي

ساهڙ کي سڄي، معلوم ٿي مرڻ جي.“

ڪجهه سجاڳو ٿيو ته ميهار کي رڳو درياءَ جي اڇ نظر آئي، ٻيٽ ڪنڌيءَ ڪٿي به ڪو ماڻهوءَ جو نشان ئي نه پيو ڏسي، تڏهن ساهڙ ڊوڙي وڃي ملاحن کي منٿون ڪيون ته درياءَ گهوريو، رڇ وجهو، من سهڻي بچي پوي:

”ميهار ملاحن کي، اڀو آڇي اڇ

آءٌ پڻ وجهان هٿڙا، آئين پڻ وجهو رڇ

ڪنڌيءَ ڪن ڪڻڇ، مانَ هُون سلام سپرين“

                                (شاهه لطيف)

ميهار جا سڏ سڻي، ملاح مدد لاءِ تيار ٿي ويا.

ملاح وڏا ماهر هئا، سي مَڪريون، رڇ ۽ ٻاسنڊ ساڻ کڻي درياءَ ۾ گهورڻ لڳا. ميهار به ڊونڊيءَ ۾ ويهي ڪنڌي ۽ ڪانهن ڦولڻ لڳو ته من سهڻي ڪٿي ساڻي ٿي اچي سهمي هجي. آڏيون گهورون ڏيندي نيٺ ملاحن کي عورت جو لاش هڪ ٻيٽاري لڳ نظر آيو، جنهن جو منهن مٿي هو ۽ وار لهوارا پئي لڙهيا. ساهڙ اچي سڃاتي ته سهڻي آهي پر سندس پساهه اڳ ئي پورا ٿي چڪا هئا.

ساهڙ سهڻيءَ کي کڻائي آڻي ڪنڌيءَ تي دفنايو، ۽ قبر تي دونهي دکائي ويهي رهيو. رات جو سهڻيءَ جي سڪ ۾ ويهي سوز مان نڙ وڄائيندو هو. ڪنڌيءَ لڳ ڀاڳين جو هڪ ڀاڻ هو، جتان ماڻهو سندس درديلو نڙ سُڻي، روزانو رات جو ساهڙ وٽ ايندا هئا، ۽ هو کين سهڻيءَ جو داستان ٻڌائي پيو زار زار روئندو هو ۽ چوندو هو ته: ”هن ديواني درياءَ منهنجي سهڻي ٻوڙي ماري“. هڪ ٻڍڙي پئي سندس خدمت ڪندي هئي.


[1] راوي خاقل ٻرڙو، ويٺل ڳوٺ ڳڙهي حسن، ضلعو جيڪب آباد بيت الله بخش مرگر، ويٺل ميرپور ساڪرو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org