سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :18

دلاسي دوستن جي، ڪيس جيءُ سڌر
سنڀريو طرف سڄڻ جي، منجهان سڪ سڀر
هڪ ڪُرڙي ڪامل کي ملي، ڪنان ميربحر
لائي مرچ مصالحا، پچائي چڱيءَ پر
ڪري چست ڪمر، کنيائين سوکڙي سڄڻ ڏي.

 

سوکڙي کنيائين سڪ مان، سو سعيو پيس صاب
ملي پنهنجي محبوب سان، ان لاٿو حرف حجاب
ڪانڌ اڳيان ڪامڻ جي، ڪسي ٿيو ڪباب
پڄان نه ٿوري هيڪڙي، مان تنهنجي اي مهتاب
اکين جا ابواب، اچي عجيبن اوليا.

 

منڌ چيو مشتاق کي، پس دانهه ڌيان ڌري
تون پارس آن منهنجا پرين، مان پِتل کان به پري
جدا جانب يار کان نٿو ساهه سري
ڪامل قرب ڪري، جياريوءِ جڏيءَ کي.

 

ساري رات سنگت ڪئي، تن وصل ۾ بيباڪ
صحبت جي سئيءَ سان، سبيائون چڪيل چاڪ
درد ڪڍيائون دل مان، تن جا کلين طاق
صاف صبح غمناڪ، ٿيا جدا ٻئي ماهرو.

 

سهڻيءَ ساهڙ کي چيو، سڻ سڄڻ سردار
نت تري اچ رات جو، تنهان تون تڪرار
آءٌ به هر حيلي اچي، رسنديس هت هروار
روئي زارون زار، ويو موڪلائي معشوق کان.

 

وير وڃي پهتو تري، پنهنجي ماڳ مڪان
گهاريو ڏينهن وَرهه جان، جنجل ۾ هت جوان
ماءُ – پيءُ ڀلو ڀڙ کان، ٿيس خطا سڀ اوسان
بيحد ان کي برهه جون، لڳيون بڙڇيون ڀالا بان
عشق ڪڍي ارهان ڪيو، نسورو نادان
سانجهيءَ جو خوش خان، هليو پنهنجي هوت ڏي.

 

رات رهي سهڻيءَ وٽ، ويندو هو به وري
حڪايت هن حال جي، هيءَ خبر آهي کري
ساڻ نيندو هو سوکڙي، سوداگر سنڀري
تهدل ترت تري، هر دم وڃي هوت ڏي.

 

هڪڙي ڏينهن الله جي، بيحد هو باران
پڻ انڌاري راتڙي، تنهن کان وڌ طوفان
مڇي ملي نه ملوڪ کي، نه ڪا ٻي شيءِ هئي شايان
ٻيو ظاهر زور درياءَ کي، جو هو بحر بي پايان
مير ڪري مصلحت من ۾، ٻيا ڪئين وهم گمان
ته وڃڻ واجب دوس ڏي، توڙي وڃي جان
پر ملڻ نا مڇيءَ جي، هاتڪ ٿيو حيران
ٿيءُ موليٰ مهربان، سولي ڪر صاحب سچا.

 

دوست تري درياءُ ويو، ڪري خوب خيال
پر خالي هٿين هوت ڏي، ٿيس جيءُ جنجال
ڪپيو ٽڪر ماس مان، اُن فرخنده فعال
ڪري تيار ڪباب کي ويو، هي حال في الحال
دم تنهين درحال، وڃي مليو محبوب کي.

 

منڌ پسي ميهار کي، شاباس لک ڪيانس
اهڙيءَ رات اچڻ تي گهوري جند وڌانس
چوري چپ چيانس، ته پڄان نه ٿوري هيڪڙي.

 

قيمون وات وجهي ڪري، ڪئي سهڻي دانهن دلسوز
ڇا جو ماس مِٺل! تو آندو آهه امروز
خان نه ڪر ڪو خوض، سچ چؤ صاحب! مون اڳيان.

 

مرڪي ڪيو منڌ سان، مرزا هي مذڪور
آندم عجيب تحفو، مانَ پوي منظور
هن وڌس قسم ڪريم جو ته، چؤ سچ نه ٿي رنجور
پوءِ مرزا ماس پَسائيو، ڪري ڪپڙو ڏور
پسي وڍيل ران کي، ٿي منڌ گهڻو مهجور
چئي: دانَہ هي دوستور، ڪنهن کان سکئين سڄڻا!

 

چئي: هڪڙو دور درياءَ کي، نه مڪري نه ملاح
ماهي مليم ڪانه ڪا، ٿيم جهان سياه
خالي هٿين هوت ڏي، وڃڻ ناهه صلاح
هي تان آهي ٽڪر ماس جو، پر صدقي منهنجو ساهه
توکان مِٺل! ماهه، پيارو نه پرديسيءَ کي.

 

پسي ڦٽ فقير جو، ٿي شڪي شرمسار
منهن پِٽي، سينو ڪُٽي، پَٽي پنهنجا وار
سؤ لڱين صدقي وڃي، مٿان يار ميهار
آءٌ گولن گولي آهيان، تون صاحب مون سردار
اڄ نهايت عشق ۾، تو پڻ ڪئي تڪرار
هاڻي ثابت ٻنڌي سندرو، ويهه وڃي هن پار
جيئن تيئن اينديس آءٌ اتي، حيلا ڪري هزار
اڄ کان پوءِ ميار، تو تي ناهه منهنجا پرين.

 

موڪلائي مشتاق کان، ٿيو راهي پرينءَ ڀر
پنهنجي ماڳ مڪان تي، خوش ويٺو خوشتر
مٿي دلاسي دوست جي، رکي آس اپر
ڏينهن وهامي رات ٿي، سهڻيءَ کنيو ثمر
”النوم عليٰ محب حرام“ ٻنڌي ڪش ڪمر
سهڻيءَ لئي سا رات هئي، بيشڪ شب قدر
گذريا جڏهن رات جا، پهريان ٻه پهر
سنڀري هلي سڪ مان، طرف يار ميهر
دلو دست ڪري گهڙي، ڪري الٰهي تو آهر
ڪوڙين ڪري شڪر، وڃي ملي محبوب کي.

 

ڏينهن گذاري گهر ۾، ميهر وٽ اَڌ رات
ناري نت تري وڃي، رکي طلب تات
توڙي انڌاري راتڙي، توڙي هئي برسات
ڇڏي عيش نشاط، ملي نت ميهار کي.

 

ٻڌي سندرو سڪ جو، سهڻيءَ هو ثابوت
”پيرل“ تنهن پختو ڪيو، محبت ۾ مضبوط
مسڪين مربوط، مانَ مِڙي ميهار سان.

 

ڪائي رات ملڻ ريءَ، رهي نا ناري
محبت جي ميدان ۾، وجهي ناگهاري
”فاذ ڪروني اذ ڪرو ڪم“ تي بيهڪ بسياري
سر کنيائين پنهنجي، خواريءَ جي کاري
سرت ڇڏي ساري، ملي نت ميهار سان.

 

هيڪلي هڪڙيءَ رات جو، نڪري هلي نادان
پنهنجي پياري پِر ڏي، سنڀالي سبحان
قضا ساڻ ڪريم جي، جاڳي پِيس نڻان
ڪڍ هلي ڪامڻ جي، وٺي رند روان
حال پسي سهڻيءَ جو، ٿي حيرت ۾ حيران
ڪري بند زبان، ڪڇي پڇي ڪينڪي.

 

صبح ساجهر سنڀري، نِڻانس ڪيو سعيو
ڪميڻيءَ ڪچو گهڙو، ازخود آڻايو
وڃي ساڳي وڻن ۾، مُٺيءَ مٽايو
پڪو پاڻي ۾ کڻي، اُن انڌيءَ اُڇلايو
ڊوهيءَ ڊوه وڏو ڪري، حيلو هلايو
سڀ کي سر آيو، لکيو زور ازل جو.

 

ٻهڳڻ ٻيجيءَ رات جو، جان هلي جانب پار
ڪامڻ ڪچو آئيو، نظر ۾ نروار
چئي: هاڃو هيءُ هيئن ڪيو، مئيءَ ڪنهن مڪار
صاحب رب ستار، بچائيندين بحر ۾.

 

ڪچو پسي ڪامڻي، دل ڪري دانهون
ناري نت نياز مان، ڪري الک کي آهون
ڪڍ سهڻيءَ کي سير مان، ٻهڳڻ! ڏيئي ٻانهون
عزت بيگ الله لڳ، اچج اوراهون
اڄ نه اچڻ مور ٿئي، محب مٺا ماڻهون
ويون سڀ واهون، ڪيئن ڪري، ڪنهن کي چوي.

 

ڪاري رات ڪچو گهڙو، هڪ سيءُ ٻيو سيارو
حاجت ناهه هلڻ جي، ٻيو چلڻ نا چارو
عجيبن امتحان لئي، هيءُ ڍاريو هو ڍارو
سونهن ڀري سمجهي ويئي، سڀ قصو سارو
ناري هڻي نعرو، سهڻي گهڙي سير ۾.

 

گهڙي سهڻي منجهه سير، ڪري ياد الله کي
ور وسيلا ولهيءَ جا، مديني جا مير
جت هلي نا تدبير، اُتي رس اچي اڻڄاڻ کي.

 

ڪاري رات ڪچو گهڙو، ٻيو دهشت سان درياه
پسي ڪڙڪو ڪُنن جو، سُسي ويئي منجهه ساه
اُتي پاڻ الله، تاري اَڻ تارن کي.

 

ڪاري رات ڪچو گهڙو، ٻيو ويتر وسي مينهن
مون چون مهڻو هنيو، ڪوڙو ڪامڻ نينهن
توڙي کائي شينهن، ته به مڙان آءٌ نه ميهار کان.

 

ڪاري رات ڪچو گهڙو، گوڙ  ٻجهي گجڪار
سڻي رڙ رعد جي، ڀؤ لڳي بسيار
ڌانُ ڌانُ ڌنڌوڪار، آيس اکين سامهون.

 

ڪاري رات ڪچو گهڙو، ٻيا واگهو لک وڙهن
سيسر ڪڇون ڪيترا، نئن ۾ نانگ سجهن
ٻيا مانگر مڇ بلائيون، ويتر وات وجهن
اتي اڻ تارن، ساهڙ سير لنگهاءِ تون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org