سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :5

ڪن ٿورن ڏينهن بعد، ساهڙ کي سهڻيءَ جي وڇوڙي نهوڙي نيو ۽ مٿس بيهوشي طاري ٿيڻ لڳي، تڏهن درياءَ ڏي اکيون کڻي پاراتو ڏنائين ته: ”شال سُڪي ٻيلاٽيون ٿين، جو تو منهنجي سهڻي ٻوڙي ماري. آءٌ توکي ڪڏهن ڪو نه بخشيندس، ۽ قيامت جي ڏينهن به توتي دانهين ٿيندس“. اهي لفظ چوندي ساهڙ بيهوش ٿي پئجي رهيو ۽ اها بيهوشي جي حالت مٿس طاري رهي. ٻڍڙي سندس اها حالت ڏسي، کيس سندس جهوپڙي ۾ کڻائي آئي، جتي هو ڪيترا ڏينهن بيهوشي جي حالت ۾ پيو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهڙي پلڪ ڪا سار ٿيندي هيس ته ”سهڻي“، ”سهڻي“ ڪري پيو سڏ ڪندو هو. بالـآخر انهيءَ غشي واري حالت ۾ اتي ئي دم ڏنائين. ٻڍڙي جنهن رات ڏينهن سندس خدمت پئي ڪئي، تنهن کيس پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ دفن ڪرايو، ۽ پوءِ باقي ڏينهن سندس قبر تي مجاور ٿي ويهي رهي.

چون ٿا ته سهڻي ۽ ميهار واريون قبرون اهي ساڳيون آهن جي اڄ ڏينهن تائين شهر شهدادپور ۾ موجود آهن.

روايت [1]

(الف) سهڻي ۽ ميهار جي داستان بابت آڳاٽن شاعرن جي ڪلام مان اهڃاڻ

[سنڌ جي آڳاٽن اعليٰ شاعرن، جهڙوڪ شاهه ڪريم، ميين شاهه عنات، شاهه عبدالطيف، شاهه شريف ۽ خليفي نبي بخش، سنڌ ۾ هلندڙ سهڻي – ميهار جي روايت جا اهڃاڻ پنهنجن بيتن ۾ ڏنا آهن، جن موجب هن ڳالهه جي سٽاءُ هن طرح نظر اچي ٿي:

سهڻي، ميهار کان مليل کير چُڪي پيئڻ سان سندس محبت ۾ مستان ٿي. ڏم سندس مڙس هو، پر من ۾ ميهار لاءِ تانگهه هيس. ميهار جو نالو ”ساهڙ“ هو، جيڪو (ڄام) سمون هو. ساهڙ مالوند ۽ ڀاڳيو هو. درياءَ جي ٻيءَ ڀر ۾ سندس مال جو وٿاڻ هو. رات جو مينهن جي چَڙن جو آواز ٻُڌي، سهڻيءَ جي ننڊ ڦٽي پئي ۽ وري درياءَ پار ميهار جي مال جون دونهيون پَسي، ساهڙ جي جدائي سهي نه سگهي. نيٺ دِلو کڻي درياءَ ۾ ڪاهي پئي ۽ پوءِ روزانو اڌ رات جو درياءَ تري، ميهار سان وڃي ملندي هئي ۽ صبح جو موٽي ايندي هئي.

ڏم کي ۽ سهڻيءَ جي سس کي جڏهن اها خبر پئي، سي کيس طعنا ڏيڻ لڳا، پر سهڻيءَ جي عشق ۾ فرق نه آيو. لوڪ جي خواري کان مجبور ٿي، سسڻس پڪو دلو کڻي، ان جاءِ تي ڪَچو دلو رکي ڇڏيو. رات جو سهڻي دستور موجب ميهار ڏانهن وڃڻ لاءِ اچي دِلو کنيو. اُن ڪَچي دلي تي پڻ پَڪي دلي وانگر چِٽ اُڪريل هئا ۽ اوندهه هجڻ سبب به کيس خبر ڪا نه پئي، تنهن ڪري گَهڙو کڻي درياءَ تي آئي. اها رات چنڊ جي اوڻٽيهين رات هئي، ويتر درياءَ ۾ چاڙهه ۽ طوفان سبب اوندهه انڌوڪار هئي. جڏهن وچ سير ۾ آئي تڏهن ڀيلو ڀُرڻ لڳو. سهڻيءَ کي ڪَچي دلي جي ماهيت معلوم ٿي. پوءِ به ترڻ لاءِ گهڻا ئي هٿ – پير هنيائين، پر ڇولين کيس ساڻو ڪري ڇڏيو. اتي ميهار کي مدد لاءِ سڏ ڪيائين. ميهار به سهڻيءَ جا سڏ ٻڌي ملاحن کي سڏيو ۽ کين منٿون ڪيائين ته رڇ وجهي سهڻيءَ کي بچايو، پر سهڻي بچي نه سگهي ۽ درياءَ ۾ ٻڏي ويئي.

سهڻي – ميهار جي سنڌ واري انهي اصلي ڳالهه جا اهي ٽاڻا ۽ اهڃاڻ سنڌ جي آڳاٽن شاعرن جي جن بيتن ۾ ملن ٿا، سي هيٺ ڏجن ٿا. ن – ب]

سهڻي کي ميهار کان سُرڪي ملي، جنهن کيس متوالو ڪيو

مهاران مَهي، ڪا جا پيتائين پريم ڪِي

تنهن سُرڪ مُرڪ مستان ڪِي، لڳيس ڏُڌ ڏَهِي

تان تان، تان نه رهي، جان ڀيرو نه ڪيائين ڀاڻ تي.

[شاهه عنات[1]]

پيتائين پريم جي، ميهاران مِرڪَ

تنهن مَنڌ مترالي ڪئي، سندي ساوَ سِرڪَ

لڳيس ڪا مَ ڪِرڪَ، لوهان تِکي، ”لطيف“ چئي.

                                [شاهه لطيف[2]]

ميهارئون محبت جو، پٽ پيتائين پاڪ

چکندي اُو چُئاڪ، گهر وَر ويڙس وسري.

                                        [شاهه شريف ڀاڏائي[3]]

پُوڄ پيتائين کير، ميهارئون محبت جو

تنهين لاءِ، ”شريف“ چئي، نديءَ تري نِير

اکئين ڏٺائين پِير، ساهڙ سنگهارن ۾.

                                [شاهه شريف ڀاڏائي]

ساهڙ ساڙهي مؤن ڏني، سُرڪي ڪا سِڪ جي

سا پيئڻ سان پيهي وئي، لؤن لؤن ۾ لڪجي

تڏهانڪر تنهن پار ڏنہ، ويهان نا وڪجي

منهنجي ٻيءَ مجلس کؤن، دل ويئي ڌڪجي

”حمل“ حُب هڪ جي، رهي آهي روح ۾.

                                        [حمل فقير][4]

ساهڙ کؤن سِڪ جي، ڪا پيتائين پُڙي

ڇڏي هوش ”حمل“ چئي، لَهرن منجهه لُڙهي

ڏيئي سِرُ سُرهي ٿي، سا مَرندي ڪين مُڙي

ڏُهي ڏُڌ ڦڙي، ڪا ميهر ڏنيس موت جي.

                                [حمل فقير]

ڏم سهڻيءَ جو مڙس هو، پر سهڻي جو مَن ميهار سان هو

جئان گِهڙي تئان گهيڙ، اَوَتڙائين تڙ ٿئي

ڏم وٽ جثو ظاهرا، مَن ميهار سين ميڙ

سا نَدي ڀانئي نيڙ، جنهن اهڙي سِڪ سيد چئي.

                                [شاهه عنات]

اديون آهه اُداس، مون کي ميهر يار جي

ڏکيي هن ڏم سان، منهنجو روح نه اچي راس

هيئين منجهه ”حمل“ چئي، آهي سندي پي پياس

مَر مَڇيون کائن ماس، سِر ساهڙ تان صدقي ٿيو.

                                [حمل فقير]

ميهار جو نالو ”ساهڙ“ هو، ۽ هو وڏو ڀاڳيو (سنگهار) هو

ڏم ڏٻرو هوءِ، ساهڙ سدائين سَنَرو

ٻڏندي ٻانهيارين جو، ساڻي ٿيندو سو

”قاسم“ غم نه ڪو، آڳهه احمد جن جو.

                                        [خليفو نبي بخش[5]]

 

ڏم ڏٻرو تان گهوريو، مَچي مَر ميهار

آڳهه جنهن جي اُڪري، ”قاسم“ ڪارونڀار

سونهي مون سينگار، ساهڙ جي سهاڳ ۾.

                                        [خليفو نبي بخش]

ساهڙ غالباً پنهنجي قبيلي جو وڏيرو هو، جو ڀٽائي صاحب کيس ”ڄام“ سڏيو آهي.

چڙن مون کي چوريو، سُک ٿي سمهان ڪيئن

ساريان ساهڙ ڄام کي، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن

ميهار مرڻ سينءَ، نِيرَ پاتم نينهن جو.

                                [شاهه لطيف]

درياءَ جي سانڀاران ساهڙ جي مينهن جو وٿاڻ ۽ دونهيون هيون

ميرا مَنَهَن مچ، سانڀاران ساهڙ جا

اکيون آسر لائيو، راڙي راڙي رچ

جي هلن ساڻ سچ، تن رازق تون رساڻيين

                                [شاهه عنات]

پينگها پسيو روءِ، وڃئو وٿاڻن ۾

دونهينءَ پاسي دوست جي، پاڻ پڇاڙيو پوءِ

سڄڻ سانگ سندوءِ، شال اچي اوراهون ٿئي.

                                [شاهه لطيف]

ڪنڌيءَ پاس ڪِلا، دونهان دوست ميهار جا

پسي دور درياءَ جو، دهلج ڪيم دلا

مَڇُڻ ڪا گِلا، ساهڙ سَمَن جي ڪري.

                                [شاهه لطيف]

جي گِهڙن، مِڙن سي، ترس مَ پسي تار

دونهيون ڏسي دوست جون، اکين لڳي آر

اچن ڪُن ڪپينديون، پِرين جن جو پار

اُڀين نه اورار، ان جو باب، بلال چئي.

                                        [بلال شاهه][6]

ٻاري باهه ”بلال“ چئي، هوءَ جا پار ميهار

دونهيون دوس دکائيون، سانڀاران سنگهار

اوئيس اکڙين جو، وڃي ويرئون تار

وڄي ويرو تار وجود ۾، سڻين جي سنڀار

اوتڙ تري تار، سنجهي ملي سوهڻي.

                                [بلال شاهه]

ساهڙ جي مينهن جي چڙن ۽ چونگارن سهڻيءَ جي محبت کي پئي جاڳايو:

کرڪن خوش ڪياس، محبتي ميهار جي

پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي آڌي اُٿيياس

سُتِي جاڳاياس، سانڀر سپيرين جي.

                                [شاهه لطيف]

ڪارا ڪُن، ڪاري تُڳي، جت ڪاريهر ڪڙڪا

مئي متي مهراڻ ۾، اچن دوپارا دڙڪا

ويندي ساهڙ سامهون، جهول ڏنس جهڙڪا

کرڪن جا کڙڪا، سونهان ٿيڙس سير ۾.

                                [شاهه لطيف]

کرڪن جي کڙڪار، ننڊ وڃائي نار جي

سهڻيءَ سمهڻ وه ٿيو، تن جنهين کي تار

گهڙي تي گِهڙي پوي، سڏي رب ستار

اڳيئون آب اڇ گهڻي، ٻيو سهنس وتن سينگار

ڪارا ٻانڊ ٻيلاٽيون، ٻيا ڪَپرن جا ڪڙڪار

هڪل هونگ، حمل چئي، ڌوڌو ۽ ڌڌڪار

ميهر هٿ مهار، جو ڇِڪيو ڇولين مؤن وڃي.

                                [حمل فقير]

ميهار سان ملڻ لاءِ اڌ رات جو گهڙو کڻي درياءَ ۾ گهڙي

ڳوريءَ ٻي نه تات، ميهار ئي من ۾

جو پڻ پيئي رات، ته هو سائر، هوءَ سهڻي.

                                [شاهه ڪريم[7]]

رات اونداهي، ريءَ گهڙي، نڪا سيڻهه ساڻ

وجهي ويرم نه ڪري، پريان ڪارڻ پاڻ

محبت کي مهراڻ، سُڪِي سڀوئي پٽ ٿيو.

[شاهه عنات]

گهڙي ساڻ گهڙي، اچيو آڌيءَ رات جو

سهڻيءَ سمهڻ وِهه ٿيو، ٻڌي چونگار چڙي

لهرين کؤن، لغاري چئي، لرزي ڪين لڙي

اڳيؤن دؤنس درياءَ جي، ڪيو ريهه رڙي

ڇلڪون ڇوليءَ ڇاٽ جؤن، منجهئون ڇوهه ڇڙي

ڪاٿهين ڪين اَڙي، وڃي ساهڙ سامهين.

[حمل فقير]

گهڙي انهيءَ گهيڙ تان، جت درياه جو دڙڪو

ٻيڙي لنگهي نه اُن ٻار تان، جِت ڪُنن جو ڪڙڪو

اُٻڪئو آرن تي چڙهي، توڙي سير ڪري سَڙڪو

جو سب چئي، اِن جاءِ ۾، ناهي ٻانهن جو ٻرڪو

والي ڪج ورَڪو، جئن سَهَڙ ملي مون سامهون.

[يوسف رنگريز[8]]

ڏم جا طعنا

پلپل ٿي پلي، ڏم ڏينهاڻي ڪيترو

پسي دور درياه جو، وچان ڪين وَلي

ڪاري رات قريب ڏي، منجهان حب هلي

نه ڪنهن جهول جهلي، هئي سمن پوري سونهڻي.

[شاهه لطيف]

تڙ تڪڻ، تار گهڙڻ، ايءُ ڪاڻيارين ڪم

ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، ڏي ڏوراپا ڏم

عقل مت شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.

[شاهه لطيف]

ڏم ۽ سس جو ساڻس جهيڙو

ڏم سان ڏينهن مَ گهار، سس سان ڀر مَ سهڻي

پاڙيچن پچار، مَڇُڻ مُنڌ وساريين.

[خليفو نبي بخش]

ڏم سان ڏينهن مَ گهار، سس سان ڀر مَ سهڻي

صبح تو سنگهار، منهن تي ڏيندءِ مهڻو.

[خليفو نبي بخش]

سرتين جي کيس صلاح

متان گهڙين سهڻي، اڄ درياه ۾ دم

ڪاري رات ڪنن ۾، ڪهڙو اَٿئي ڪم

متان جاڳي ڏم، پڇي پاڙي واريين.

[شاهه لطيف]

منڌ پڇين ميهار، ڪَچو پايو ڪڇ ۾

ڀيلي جي ڀروسي، ڪيئن تڪين ٿي تار

هيبتناڪ حمل چوي، سِير ڪري سٽڪار

پاڻيءَ جي پلٽار، پُکن کي پرزا ڪري.

[حمل فقير]

اوڻٽيهين رات سهڻي ڪَچو گهڙو کڻي درياءَ ۾ گهڙي

ڪاري رات ڪَچو گهڙو، اوڻٽيهين اونداهي

چنڊ نالو ناه ڪو، درياه دڙلائي

ساهڙ ڪارڻ سهڻي، آڌيءَ ٿي آئي

اُتي تِيَج تُرهو، سڃا مون سانئي

اِي ڪم الاهي، نا ته ڪنن ۾ ڪير گهڙي.

[شاهه لطيف]

ڪاري رات، ڪچو گهڙو، مٿان وسي مِينهن

هڪڙو ڀئو بيراهه جو، ٻيو سانڀارا سِينهن

شال مَ ڇڄي نينهن، گِهڙان گهوريو جندڙو.

[شاهه لطيف]

ڪاري رات، ڪَچو گهڙو، درياءَ ديوانو

ڏم ڏهاڻي اُٿيو، ڏي ترڻ جو طعنو

کانيان آءٌ خانو، گهڙان گهوريو جندڙو.

[شاهه لطيف]

ٻيلو سڀ ريلو، ٻوڙي ٻنهي ڪنڌئين

اوڻٽيهه اونداهي چنڊ جي، ڀوريءَ هٿ ڀِيلو

سانوڻ مند، شريف چئي، سائر سويلو

اچي مَ ٿيلو، سائين سُتڙ ڍوئيين.

[شاهه شريف]

ڪَچو دلو جنهن سهڻيءَ کي ڀُلايو

ڀانيم نه ڀيلو، مون کي ڌاءُ ڌتاريو

آنڪي مٿس آسري، روح ڏنو ريلو

تيلانهين ويلو، پئم واهڙ وچ ۾.

                                [شاهه لطيف]

ڪچو ڪم نه آئيو، ڀلايس ڀيلي

ڪُڏي پيس ڪُن ۾، روح سندي ريلي

واهڙ ٿي ويلي، نا ته ساهڙ وڃان ٿي سير ۾.

                                [شاهه لطيف]

ڪَچو کان ڪُنڀار، اوڳي کڻيو اُٿيين

ڪه تو ڪنين نه سُئي، ڀيلي ته ڀلڪار

لوڙهيا لک، لطيف چئي، ڪوڙين ڪارونڀار

اُڪاريين آڌار، آلا آنڪي واريين.

[شاهه لطيف]

پڪا رڇ ڪنڀار جا، پڪي نهائين

مون کي تهائين، ڀيلو ڀاڱي آئيو.

[شاهه لطيف]

سهڻي درياءَ ۾ ٻڏي مئي

ڀيلي ڀُلائي، پَسي چٽ چري ٿي

ٻَر ٻَر ٻڏي سهڻي، ويرين ۾ وائي

ڪچي ڪيرائي، لال لهرين وچ ۾.

[شاهه لطيف]

ڪچي ڪَٽُ نه جهليو، ڀيلو پيو ڀُري

سار ڇڏيائون سِير ۾، ڪا ٻانهن کي ٻُري

هنيين منجهه هُري، ماهيت ملڪ الموت جي.

[شاهه لطيف]

سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙئي

هيڪائين هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت.

[شاهه ڪريم]

ڪانڌي ڪنگ ٿياس، وهڻ جنازو سونهڻي

ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪلها تن ڏناس

اکيين مَلڪ ڏٺاس، توءِ مَن ڪاڍو ميهار ڏي.

[شاهه لطيف]

ميهار سهڻيءَ جي لاش ڪڍڻ لاءِ ملاح سڏيا ۽ گڏ ڪيا

اُڀو تڙ ميهار، ملاحن سڏ ڪري

آءٌ پڻ وجهان هٿڙا، آئين پڻ وجهو ڄار

گهوريون ڪارونڀار، مانَ مِڙنهُون سپرين.

[شاهه لطيف]

ميهار ملاحن کي اُڀو آڇي اَڇ

آءٌ پڻ وجهان هٿڙا، آئين پڻ وجهو رڇ

ڪنڌيءَ ڪُن ڪڻڇ، مانَ هونِ سلام سپرين.

[شاهه لطيف]

ميهار ملاحن کي، اُڀو ڪري سڏ

ادا! انهي پار کان، موڙي اچو مڏ

ويا جي وهه گڏ، سي هلو ته ڏوريون سپرين.

                                [شاهه لطيف]

روايت [1]

(ب) سهڻي ۽ ميهار جي محبت جو بنياد: چئن يارن جي بچايل سُرڪي

[هن روايت جو خاص نڪتو هي آهي ته سهڻي ۽ ميهار جي محبت جو بنياد ”چئن يارن“ جي اوباريل کير سُرڪي هئي، جيڪا شادي رات سهڻي کي ملي. هن روايت جا ٽاڻا ۽ اهڃاڻ هن ريت آهن:


[1]  سيد عنات شاهه ولد شاهه نصير الدين رضوي ساداتن مان هڪ ڀلارو شخص ۽ اعليٰ شاعر ٿي گذريو آهي. ٽنڊي الهيار (ضلعي حيدرآباد) کان اُتر طرف ”شاهپور“ ڳوٺ ۾ سندس سڪونت هئي. عام طور تي کيس ”ميون شاهه عنات“ ڪري سڏيندا هئا. هو ڀٽائي صاحب جو وڏو معاصر هو ۽ ڀٽائي صاحب ساڻس صحبتون ڪيون. ميين شاهه عنات، ڀٽائي صاحب جي وفات (1165هه) کان گهڻو اڳ 1120-1125هه ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار ”شيخ موسي آهيداڻي“ جي مقام ۾ آهي.

[2] شاهه عبدالطيف رحه 1102هه/1689ع ۾ ڀٽ کان اوڀر طرف پنهنجي ناناڻن ”ڏيرن فقيرن“ جي ڳوٺ ۾ ڄائو، ۽ 14 – صفر سن 1165هه/1752ع ۾ وفات ڪيائين.

[3] سيد قنبر علي شاهه بخاري، ڳوٺ ”ڀاڏمڪان“ تعلقي جاتي ۾ ڄائو ۽ شاعريءَ ۾ ”شريف“ تخلص طور ڪم آندائين. انهيءَ ڪري ”شاهه شريف ڀاڏائي“ جي نسبت سان مشهور ٿيو. صاحب رساله شاعر ٿي گذريو آهي. سندس خليفن مان فقير غلام حيدر ”تيرهيو“ ۽ فتح فقير ٻه مشهور شاعر ٿيا. شاهه شريف تاريخ 25- ذوالحج 1264هه ۾ وفات ڪئي. سندس درگاهه ”گنبالي مڪان“ تعلقي گهوڙا ٻاري ۾ آهي.

[4] حمل فقير ولد رحيم خان لغاري سن 1225هه/1809ع ۾ ڄائو. سندس وڏا خيرپور رياست جا رهاڪو هئا. پر پاڻ لڏي اچي ڳوٺ مير خان لغاري لڳ تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نواب شاهه ۾ رهيو. وڏيءَ ڄمار ۾ 2- صفر 1296هه/1878ع ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر ڳوٺ محمود لغاري تعلقي سڪرنڊ لڳ ”ابراهيم شاهه واري مقام“ ۾ آهي.

[5] خليفو نبي بخش خان لغاري، پير صاحب محمد راشد عرف حضرت روضي ڌڻي (وفات 1233هه) جو خاص خليفو هو. سندس آخري سڪونت ڳوٺ مٺي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ٿي ۽ اٽڪل سوا سؤ ورهيه اڳ وفات ڪيائين. پير سائين پاڳاري جي جماعت پويان ”نار وارا خليفا“ به ڪري سڏبا آهن. بيتن ۾ پنهنجو نالو ”قاسم“ تخلص طور ڏنو اٿس.

[6] بلال شاهه ولد شاهه شريف ولد ميرن شاهه عنات، رضوي ساداتن مان هو. ڪلهوڙن جي آخري دور۽ ٽالپرن جي شروعاتي دور ۾ ٿي گذريو آهي.

[7] شاهه عبدالڪريم متعلوي ساداتن جي ”جراڙ پوٽا“ پاڙي مان هو. سن 944هه/1538ع ۾ مٽيارين ۾ ڄائو. سن 1032هه/1630ع ۾ وفات ڪيائين.

[8] يوسف رنگريز، ميين شاهه عنات جو مريد ۽ معتقد هو. شاهه عنات جي بيتن ڀران بيت چيائين. سندس بيت ميين شاهه عنات جي رسالي ۾ شامل آهن. ڪافي عرصو اڳ وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org