سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :12

قادر گهوٽ ڪنوار جي، پرت وڌائيندو
مهر سان مالڪ هي، عرض اونائيندو
ڪلفت گهوٽ ڪنوار جي، والي وڃائيندو
درد تنهنجي دل جو، موليٰ مٽائيندو
ڪلتار ڪين پاڻ تان، خلق کلائيندو
خالق کلڻ وارن جا، جيرا جلائيندو
ڇينڀن کان ڇڏائيندو، رحيم پنهنجي رحم سان.

 

18-    رحيم پنهنجي رحم سان، ڪندو سڻائي
سڻي صلاح سرهي ٿي، مڙس جي مائي
هلي پوءِ ”حقير“ چئي، تنهن وٽ آئي
ڏسي ته مائي سهڻي کي، مت ناهي ڪائي
اٿس آب اکين ۾، پئي روئي ٻائي
سس مائي سهڻيءَ سان، ڳالهه ڳالهائي:
ڪر ڳڻتي ڪينڪي، جيجل اجائي
کاءُ ماني خوشيءَ مان، جا اٿم پچائي
رُسائي رات گهوٽ کي، اٿئي خلق کلائي
آهي رنن راڄ ۾، ڦڪڙي مچائي
پرچ پنهنجي گهوٽ سان، ٿي حال ڀائي
اُٿي گهُم اڱڻ ۾، منٿ مڃ مائي!
اٿم آس اهائي، ڀِرُ پنهنجي ڀتار سان.

 

19-    ڀر پنهنجي ڀتار سان، ٿيءُ سهڻي سياڻي
سهڻيءَ پنهنجي سس کي، ڏني وراڻي
بره جي بخار کان، آهيان ڪوماڻي
طعام وڻي ٿو ڪينڪي، پيئندس نه پاڻي
وٺي ويندس قبر ۾، جلد جواڻي
هاءِ تنهنجي پٽ ڪين، سس! سيج ماڻي
پرڻاءِ وڃي پٽ کي، تون سَتي سڃاڻي
اشراف آهيان ڪينڪي، آءٌ نانگي نماڻي
ڏيار طلاق تون مون کي، وهار نه ڄاڻي
آهي انڌ عشق جي، ڪئي دل ساڻي
مون کي ڇڏي مائٽن ڏي، نه ٿي آيل اَياڻي
ٻولي ٻاراڻي، سمجهه نه منهنجي سس! تون.

 

20-    سمجهه نه منهنجي سس! تون، هاڻي حياتي
محبوب سان ملڻ لئي، اٿم دل آتي
ساهڙ جي سوز ۾، ڇڄي ٿي ڇاتي
ڏمرجي آيو ڏم گهوٽ، کڻي هڪ ڪاتي
رڙيون ڪري ريهون ڪري، ماءُ ڊوڙ پاتي
ڀڄي آيا ڀاتي، سڻي هڪلون ”حقير“ چئي.

 

21-    سڻي هڪلون ”حقير“ چئي، آيا ماڻهو چار
انهن چيو گهوٽ کي، تون مائي کي نه مار
وٺي وجهندئي بند ۾، سگهوئي سرڪار
ٻه – ٽي ڏينهن صبر ۾، گهوٽ تون گذار
هيءَ ندوري نار، اچي ويندئي عقل ۾.

 

22.    اچي ويندي عقل ۾، ڇڏ ڪاوڙ ڪونڌر
ڪڏهن ڪين ڪاوڙ مان، گهوٽ! هلندا گهر
چاق آهي ڪينڪي، وني تنهنجي ور!
مريضاً کي مارڻ جي، کڻي ڇڏ پچر
ڏم نڪتو گهر مان، ”حقير“ چئي هيڪر
سڀني چيو سهڻيءَ کي، مائي ڇڏ مڪر
پنهنجي پيءُ-ڏاڏي ڏي، نياڻي ڪر نظر
کلاءِ ڪين پاڻ تان، لچا ۽ لوفر
لڄ بچاءِ لوڪ ۾، ته کلن نه کر
اٿي ڏس اڱڻ تي، شوق مان شجر
روح ريجهاءِ نڪري تون، ڏسي ڪبوتر
مورن جا ولر، سهڻي! ڏس سهج مان.

 

23.    سهڻي! ڏس سهج مان، ساهراڻو اڱڻ
کاءُ اُٿي خوش ٿي، ماکي ۽ مکڻ
کاءُ چنگالي، چاشني، ڌؤنرو ۽ جهڻ
تو آهي اَن سندو، چکيو ڪونه ڪڻ
چڱو آهي بک ۾، مائي ڪين مرڻ
چڱو آهي چوڙيلي، بک کان بچڻ
چڱي آهي گهوٽ سان، ڪچهري ڪرڻ
چڱي آهي چاڳلي، ور جي دل وٺڻ
چڱو ناهي گهوٽ سان، ري گناهه رسڻ.
سهڻيءَ چيو اوهان جو، مڃان ڪئن چوڻ
مون کي محبت جو، کائي ويو کڻ
ڏيو مون کي مهر سان، ساهڙ ڏي وڃڻ
ٿيندو منهنجو ڪينڪي، جانب ري جيئڻ
موڪل ڏيو ميهار جو، وڃي چاريان ڌڻ
پرت مان پتڻ، لنگهي وڃان وڇار ڏي.

 

24-    لنگهي وڃان وڇار ڏي، محبت سان مهراڻ
وڃي پرين يار ڏسان، وريام جو وٿاڻ
آهيان ڪين خوش هت، ”حقير“ چئي هاڻ
ملي آءٌ ميهار سان، ڪريان روح رهاڻ
ڀانيان ته وڃان اڄ آءٌ، ڪريان ڪين سڀاڻ
قلب ٻڌبو ڪينڪي، منهنجو ڏم ساڻ
آهي مون کي عشق ۾، پيو ڏکن ڏاڻ
حيلو هلايو ڪينڪي، ڪجهه مون ڪاڻ
ڄاڻڻ وارو ڄاڻ، ڪريان آءٌ ٿي قرب مان.

 

25-    ڪريان آءٌ ٿي قرب مان، محبت جو مذڪور
آهي لڳو اندر ۾، عشق جو انبور
سڻي ڳالهيون سهڻيءَ جون، ويا سڀ وهلور
وڃي ويٺا ”حقير“ چئي، ڪنوار کان دور
مڙسن سڀني پاڻ ۾، اوريو ويهي سور؛
ته آهي اڄ پاڻ سان، بخت ڪيو ڪلور
اوچتو آهي عشق ۾، مائي ٿي مخمور
قرب هن کي ڪونهي ڪو، مرد جو منظور
هنيون آهي هت ڪين، مائيءَ جو مسرور
رحيم، رب، غفور، لڄ رکندو لوڪ ۾.

 

26-    لڄ رکندو لوڪ ۾، ڪرم ساڻ خدا
ڪهڙيون ڪريون سهڻيءَ جي، درد جي دوا
نانگي آهي ندوري، ڪونهيس ڪو حيا
مينهن جي ميهار ۾، ڏٺو اٿس ڇا
رهي ٿو ٻيلي وچ ۾، ساهڙ ڄام سدا
آهي نيڪ نمازي، ڄاڻي ڪونه دغا
ڪونهي سهڻيءَ ساهڙ کي، ڏٺو ڪڏهن ادا
ڪئن اڙي قرب ۾، ڏسڻ کان سوا
پاڻ سان ٿي نڀاڳي، ڪري ڪوڙ صفا
ڪڏهن ڪين وفا، ڪندي هيءَ ڪانڌ سان.

 

27-    ڪندي هيءَ ڪانڌ سان، ڪڏهن نه سچائي
ڇڏي سگهندي ڪينڪي، ڏنگي ڏنگائي
آهي سِکي اباڻن وٽ، لچي لچائي
هن سان ڪجي ڪينڪي، هوڏ اجائي
هوڏ منجهاران ڪينڪي، ٿيندي چڱائي
لئون اباڻي ڳوٺ ۾، اٿس لڳائي
تڏهن ريجهي ٿي ڪينڪي، مڙس سان مائي
آهي اصل اشرافن ۾، سهڻي سامائي
پر ڌوتين آهي هن جي، اشرافت وڃائي
ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍجو، ڀيڻيون ۽ ڀائي
نه ته ٿيندي کل خلق ۾، آهي پڪ اهائي
لڳي ٿي پرائي، گلا مٺي ماڻهن کي.

 

28-    گلا مٺي ماڻهن کي، پرائي لڳي ٿي
ڪو ڏسي ٿو ڪونڪو، اوڻائي پنهنجي
کلڻ گهرجي ڪونڪي، عيب ڪنهن جو ڏسي
سهڻيءَ جي محبت جي، رکجو ڳالهه ڳجهي
پهرين ڏسو پر ۾، پنڊت پير پڇي
ته ڪهڙي آهي ڪنوار کي، بلا وئي لڳي
ڪيئون هائو ”حقير“ چئي، اها ڳالهه ٻڌي
چيئون ته اچو جلدي، وڏل پير وٺي
ته اچي ڏسي عورت کي، وڃي جن ڪڍي
ٻي ڪانهي ڪا ڪنڌي، وڃي ماڻهو وڏل ڏي.

 

29-    وڃي ماڻهو وڏل ڏي، سعيو ڪري سگهو
اٿي وڏل پير ڏي، ماڻهو هڪ هليو
وٺي آيو وڏل کي، جوان سو جوڌو
اچڻ سان ڀورل پير، مائي کي ڏٺو
ڏسي حسن هُن جو، وڃائي مت ويٺو
تير هن کي تن ۾، محبت جو لڳو
ٿيو بيمار برهه ۾، ٿيس جيءُ جڏو
خيال کوٽو دل ۾، هن کي پيدا ٿيو
چيئين گهوٽ - ماءُ کي، فڪر نه ڪريو
ڪريان ٿو چاق سهڻيءَ کي، ڏاڏي کان پنيو
تسبيح کڻي تڪڙ مان، جوٽيائين وظيفو
ته صاحب ملاءِ سهڻي، مڃي عرض منهنجو
وظيفا پڙهندي وڏل کي، لنگهي ويو هفتو
سهڻي شفاياب ٿي، لهي تپ ويو
کائي طعام خوشيءَ مان، پاڻي هن پيتو
اٿي هن ”حاجي“ چئي، گهميو گهر سڄو
پير جي ڪرامت جو، ٿيو چوڏس چرچو
هڪڙي ڏينهن وڏل هيئن، سهڻي کي چيو
ته مون سان رک محبت، مڃ نام ڌڻي جو
سهڻي سڏي سس کي، چڙ منجهان چيو
ته مائي، هن مڪار کي، لوڌي اوهين ڪڍو
ڪامل آهي ڪينڪي، پنهنجو پير وڏو
نه ته هن کي رهڻ ڏيو، گهوٽ-ماءُ گهر ۾.

 

30-    گهوٽ-ماءُ گهر ۾، ويهار نه وڏل پير
مائي ڏينس نه ماني، کارائينس نه کير
جڏهن وڻي ٿو ڪينڪي، مون کي گهوٽ مير
تڏهن وڻندو ڪيئن مون کي، برو بلحزير
آهي نوڪر نفس جو، ناهي روشن ضمير
مائي ٿي دلگير، سڻي احوال سهڻيءَ جو.

 

31-    سڻي احوال سهڻيءَ جو، هن پير کي چيو
ته چرچو تو سهڻيءَ سان، ڪامل آهي ڪيو
پير روئي پار ڪڍي، پِٽيو منهن مٿو
چيئين مائيءَ مون تي، آهي ڪوڙ هنيو
شرع منهنجي سيگهه ۾، ڏاڏو اٿي ڪندو
وڃان ٿو دانهين ڏاڏي وٽ، هتي ويهان نٿو
پوءِ وٺي واٽ ”حقير“ چئي، هليو پير وڏو
سس ننهن جو پاڻ ۾، مچي ويو جهيڙو
سس چيو سهڻيءَ کي، توسان وڙهان نه ڇو
آهي وڏل پير تي، هنيو ڪوڙ تو
تو اچي هن گهر ۾، آهي ڀنڻ وڌو
ڪريان ٿي توکي ڪامڻي، ساعت ۾ سڌو
سس کڻي سيگهه ۾، آئي هڪ ڏنڊو
ڪري ڇڏيئين ڪنوار کي، ماري اڌ مئو
ڪيو بت جڏو، ماري ڏائڻ مائي جو.

 

32-    ماري ڏائڻ مائيءَ جو، ڪيو بت بيمار
سهڻيءَ ڪيو ڪينڪي، سس سان تڪرار
ڪيئين عرض الله کي، تون آهين رب ستار
مار مون کي مهر سان، جڏيون ڪين جيار
مون کي وڻي ٿو ڪينڪي، سڄو هي سنار
سس سهي ٿي ڪينڪي، نٿو سهي ڀتار
سهرو سڏي ٿو مون کي، منهن تي اچي مڪار
ڪميڻي سڀ ڪوٺين ٿيون، نڻانون نروار
ڀائرن ڀيرو نه ڪيو، ڀري وکون چار
امان ۽ بابا تي به، اٿم دک بسيار
مهر سان ميهار، ملاءِ تون مسڪين کي.

 

33-    ملاءِ تون مسڪين کي، سگهو ساهڙ ڄام
ته هنئين کي ”حقير“ چئي، اچي وڃي آرام
ڳري پئي ڳڻتين ۾، مائي هيءَ مدام
سرتين چيو سهڻيءَ کي، عزت رکئي امام
مائي هل مهراڻ تي، مڃ ڌڻيءَ جو نام
هيڪر هلي اسان سان، گهم سارو گام
متل ڌوم ڌام مائي، آهي مهراڻ تي.

 

34-    مائي آهي مهراڻ تي، چهچٽو چوڌاري
آهن ليون بيشمار، آهي گلڪاري
هرڪا اچي ٿي ”حقير“ چئي، هتي پاڻيءَ واري
مست ڪري ٿي مهراڻ جي، مائي مزيداري
سڻي ڳالهيون سرتين جون، ڪئي سهڻيءَ تياري
ناز ڀري ناري، وئي موڪلائڻ سس کان.

 

35-    وئي موڪلائڻ سس کان، موڪلائي آئي
گهڙا کڻي سرتين سان، اٿي هلي مائي
ٿيس سرهائي، موجون ڏسي مهراڻ جون.

 

36-    موجون ڏسي مهراڻ جون، جهڪو ٿيو آزار
بيٺو هو پرئين پاسي، مينهن جو ميهار
سرتين چيو سهڻيءَ کي، ناز مان نروار
آهين جنهن جي عشق ۾، سهڻي تون سرشار
سو بيٺو آ پرينءَ ڀر، ڌڻ جهليو ڌنار
سهڻيءَ ڏٺو ساهڙ کي، لٿس انتظار
وٿاڻ ڏسي وڇار جو، ٿي خوش بسيار
ڪيون ڪنوار جيڏين کي، دعائون بيشمار
دلا ڀريئون درياءَ مان، ڪري ڳالهيون ٻه-چار
آئي گهر گهڙا کڻي، ناز ڀري نار
مائي پنهنجي من ۾، ويهي ڪيو ويچار
ته سانجهيءَ وڃي ساهڙ جو، ڪريان آءٌ ديدار
ڪاهي پوان ڪُنن ۾، ڪري الله توهار
يا مران مهراڻ ۾، يا ڏسان منٺار
سج لٿو سنجهو ٽريو، سمهي رهيو ڀتار
سار نه هئي سس کي، هئي چوڏس انڌڪار
هو ڪو نه ”حقير“ چئي، چنڊ جو چمڪار
مائي هلي مهراڻ تي، بره جي بيمار
ڪونڌر ڊني ڪينڪي، ڏسي پاڻي تار
اچي پهتي مهراڻ تي، بره جي بيمار
دلو کڻي درياءَ ۾، ڪاهي پئي ڪنوار
وئي جهاڳندي حب مان، ڪُن ڪارونڀار
اچي پهتي پار، ڪرم سان ڪريم جي.

 

37-    ڪرم سان ڪريم جي، اچي پهتي پار
وڃي ڏٺئين وٿاڻ تي، من گهريو منٺار
ستل هو ڪينڪي، مانجهي مڻيادار
ڪيئين ويٺي قرب مان، ياد خلقڻهار
سڻي ڳالهائڻ سهڻيءَ جو، هڪدم ٿيو هوشيار
پيو حيرت ۾ ”حقير“ چئي، مائي ڏسي ميهار
چيئين پنهنجو چوڙيلي، سڻاءِ سماچار
ڏي تون خبرون خير جون، ناز ڀري نار
مائي چيو ميهار کي، نينهن مان نروار
محب تنهنجي محبت ۾، آهيان گرفتار
گهر وڻي ٿو ڪينڪي، نٿو وڻي ڀتار
وڏيري ڄام واهوچي جي، آهيان آءٌ ڪنوار
هتان لنگهي ڄڃ هئي، ٿيا مهينا ٻه – چار
ساعت هئي صبح جي، هو ڏينهن مزيدار
لٿي ڄڃ پتڻ تي، ڪري ياد ستار
اچي ٿيو عورتن کي، سوڻن جو ويچار
خان تو وٽ کير لاءِ، آيو عرضدار
کير ڏنو تو خوشيءَ مان، ڪري مهر بسيار
ڏنو عورتن ڏم کي، کڻي کير نبار
چيئون پهرين پِي پوءِ، ڪنوار کي پئار
ڪانڌ پيتي ڪينڪي، سرڪي نيڻن ٺار
چڪو پيتم چاهه مان، چڙهي ويو خمار
پيو انقلاب اندر ۾، ٿيو بت بيقرار
ويو امالڪ وڪوڙي، بره جو بخار
وڻي ٿو ڪين تو سوا، ساهڙ هي سنسار
تون آهين طبيب منهنجو، آءٌ آهيان بيمار
ڏينم دوا درد جي، لهي وڃي آزار
ميهار مددگار، منهنجو ٿي مشڪل ۾.

 

38-    منهنجو ٿي مشڪل ۾، مددگار مٺا
چميون ڏينم چاهه مان، تون ڀلا ڀرجهلا
شربت پيار وصل جو، ميهار مينهن جا
سڻي ڳالهيون سهڻيءَ جون، هن کي ٿيو حيا
چيئين رحيم لڄ رکئي، هي چوين ٿي ڇا
ڪمينو آهيان ڪينڪي، ڄاڻي ٿو خدا
گذاري اٿم عمر سڄي، ساڃاهه ۾ سدا
چڙهيو خمار کير مان، آهي توکي ابا
ڪئي آهي ڪانه توسان، مائي مون دغا
آيو هو ”حقير“ چئي، بهاوالدين زڪريا
گڏ هئا غوث سان، ٽي درويش ٻيا
اچي ويٺا اوطاق تي، دلاور دانا
چيئون ميهار کير پئار، دير نه ڪر ڪا
مينهيون هيون ٻيلي ۾، ٺِڪر ها ٺلها
جڏهن ٿي جوانن کي، معلوم ڳالهه اها
تڏهن چيئون ڏُهه وڇ کي، وڇار وڇن جا
ڪري يار ڪبريا، ويٺس ڏهڻ وڇ کي.

 

39- ويٺس ڏهڻ وڇ کي، مائي جهلي ايمان
کيريءَ وڇ کير ڏنو، رحم ڪيو رحمان
سرڪي بچايئون سِڪ جي، ٿي مون تي مهربان
سرڪيءَ منجهان لڳو اٿئي، قرب جو ڪان
تنهن سرڪيءَ آهي تنهنجو، ڪيو جگر بريان
اها امانت ملي اٿئي، جون ڀري جوان
ڪين تنهنجي قلب کي، ٿو وڻي ماڳ مڪان
ڪر نه تون ارمان، ٿيندي سڻائي سيگهه ۾.

 

40-    ٿيندي سڻائي سيگهه ۾، ايندو قلندر لال
ايندو غوث بهاوالدين ۽ سيد شاهه جلال
ايندو غوث سان، شيخ فريد خوشخصال
ڪندس آءٌ انهن سان، تنهنجو حال احوال
دعا ڪندا درويش توکي، ڀلا ڪري ڀال
اٿن وعدو اچڻ جو، نازڪ نونهال
سهڻي ڪج سوال، تن کي تندرستيءَ جو.

 

41-    تن کي تندرستيءَ جو، ڪج عرض ڪنوار
ملندي سرڪي صحت جي، توکي نماڻي نار
طمع رک نه مون ۾ تون، ستر رکئي ستار
سنگت رکي توسان، ڪين ٿيندس گهنگار
مائي منهنجي ڀيڻ ٿين، چوان ٿو نروار
ڪم ايندئي ڪانڌ پنهنجو، ڳالهيون ٻيون وسار
 ڪر وڃي تون قرب مان، گهر جو ڪم ڪار
جڳ جو جوڙڻهار، ساڃاهه ڏيندئي سهڻي.

 

42-    ساڃاهه ڏيندئي سهڻي، سنسار جو ڌڻي
هي کوٽو خيال ”حقير“ چئي، مائي ڇڏ کڻي
سچي رک اندر ۾، قرب جي ڪڻي
محبت رک مائي تون، گهوٽ سان گهڻي
وريام جي وڻي، صلاح هيءَ سهڻيءَ کي.

 

43-    صلاح هيءَ سهڻيءَ کي، ڏني ساهڙ سکر
سهڻيءَ چيو ساهڙ کي، مينهن جا ميهر
ڪامل درويش ڪڏهن ايندا، خان ڏي خبر
اچي آءٌ انهن سان، ملنديس هيڪر
ڪنديس ديدار انهن جو، ادا ڙي انور
من ڪن ڪا مهر جي، نماڻيءَ تي نظر
قرب مان ڪونڌر، ڏنو جواب جوءِ کي.

 

44-    ڏنو جواب جوءِ کي، هتي ايندا پير
سور تنهنجو سڃاڻندا، اچي روشن ضمير
سرڪي ڏيندا صحت جي، مهر ساڻ مير
جڏهن ايندا مون وٽ، وٿاڻ تي وير
تڏهن سڻائيندس تن کي، اٿئي جا اڪير
اها اٿم تدبير، سهڻي تنهنجي سور جي.

 

45-    سهڻي تنهنجي سور جي، اٽڪل اٿم اها
وڃ وري تون پوئتي، مائي مہ لقا
سهڻيءَ ساهڙ ڄام کي، دلئون ڪئي دعا
مائي موٽي گهر ڏي، ڪري ياد خدا
سس ڏٺو نه سهڻيءَ کي، سيج تي، ادا
گهمي ڏٺئين گهر جا، ڪنڊون ۽ پاسا
اتي به هئي ”حقير“ چئي، مائي ڪانه ڪا
ڀانيئين ته ڀڄي وئي، ٿيس هوش خطا
سانڍي سور سمهي رهي، ڪيئين ڪانه پڇا
آيس ننڍ نڀاڳ جي، پورجي نيڻ ويا
سهڻي آئي سيج تي، دادلي دلربا
صبح ٿيو صفا، سس پڇيو سهڻي کان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org