سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :16

هيڏانهن سهڻي ساهه ڏنو، هوڏانهن ميهار کي پسڻ پيا. پڪ ٿيس ته سهڻي وڃي واڳن جي وات پئي. سو ٽپ ڏئي اُٿيو ۽ سهڻي کي سڏ ڪندو وڃي چناب درياءَ جي قهري ڪُنن ۾ پيو. اهڙي طرح سهڻي ۽ ميهار، ٻنهي سچن عاشقن هڪٻئي تان جان فدا ڪري ڇڏي.[1]

ميان پير بخش سهراب جا چيل بيت

 تعريف آهه سبحان جي، جنهن جوڙيو هي سنسار
رازق رب رحيم آهه، قدرت جو ڪلتار
حي حنان حڪيم آهه، صاحب رب ستار
تنهن مڪو محمد هاشمي، اڙين جو آڌار
هيڻن جو همراه ٿيندو، شافع روز شمار
رحمة للعالمين، سونهارو سردار
چارئي يار رسول جا، موچارا مهندار
چارئي پيارا پاڪ جا، سرور جا دلدار
تن جا ذڪر اذڪار، توريت ۽ انجيل ۾.

 

 پنجاب ۾ پڌرو هڪ، شهر آهي گجرات
ڀر درياءَ چناب جي، خاصو کان کنڀات
”تُلو“ نانءُ ڪنڀار هو، ات اُتم عالي ذات
ٽڀا، ڪُوزا، باديا، جوڙي ڏينهان رات
اُستاڪار عجيب هو، محبت سان مرجات
اُن وٽ چاندي سون، ٻيون اشرفيون افراط
رهي منجهه گجرات، هي آسودو هو ان حال کان.

 

ٻيو سڀڪي موجود هوس، هڪ هئس نا اولاد
اُن انداهه الم کان، رهندو هو ناشاد
عرصي بعد اُن جي، خالق ٻڌي فرياد
ڄايس ڌيءَ سلڇڻي، وريو بخت ويو بيداد
دانہ ٿيو دلشاد، راضي گهڻو روح ۾.
ڪمي نه ڪنهن ڳالهه جي هئي هن کي ڪا حاجت
اصل کان اولاد جي، هڪ هيس حيرت
ڪري آه الک کي نياز منجهان نوڙت.

 

 جنهن شب ڄائي نينگري، سا هئي شبِ قدر
چهرو چوڏهينءَ چنڊ جان، خوشرو هئي خوشتر
ماڻهن پسي مهتاب جان، حسن چڱو هيڪر
چيائون هيءَ حور آئي آهي، ٿي عدن کان اظهر
صورت پسي سهڻي، ناز ڀري نينگر
نانءُ رکيائونس ”سهڻي“، ڪري حمد شڪر
واحد جي وحدت کي، واکاڻين ويتر
دل لائي دختر، نپايائون ناز سان.

 

 سهڻي جي عمر جا، جڏهن گذريا ٻارهن سال
ڪاڪل ٿيس ڪُنڍڙا، اَبرو وانگ هلال
درميان ابرن جو خوش پيو، سونهي خال
عينان پسي ان جون، شرمنده ٿيا غزال
ڏند موتين جيان مُنڌ جا، ٿين لڄي پيا لعل
سسئي، سورٺ، سهڻي جي، مٽ نه منجهه جمال
حسن تنهن جو ڇا ڪريان، شرح سڀ احوال
پسي حسن ڪمال، مرون بي مشتاق هئا.

 

 هڪڙو نينهن نماز سان، ٻيو پڙهي نت قرآن
”وما خلقت الجن والانس الاليعبدوا“ ٻڌي فائق جو فرمان
ساري سڀئي رکي، روزا منجهه رمضان
هر دم ذڪر رب جو، هر گهڙيءَ هر آن
ريءَ نالي رحمان. مٺو مورئون نا لڳي.

 

 لکيو روز ازل جو، ڪڏهن ڪين ٽري
انگ اصل کان ان جو هو، لکيو عشق آري
هاڻي قادر ڪرم ڪري، ميلي يار ميهار سان.

 

 لکيو پري نه ٽري، ڏس قادر جي قدرت
هڪ سوداگر سَڦرو، هيجئون سان حشمت
”مرزا“ نانءُ مشهور هو، منجهه ”بلخ“ ولايت
چئي: مون سان ڪر فرزند جي، شفيع لڳ شفقت
مڙني مسڪينن کي، دَل ڏنئين دولت
راحم ڪر رحمت، چئي سدا سبحان کي.

 

 پٽ ملڻ جي تنهن کي، هر دم هئي اُڪير
هڪڙي ڏينهن مجلس ۾، ڪنهن ڪئي تقرير
ته غار فلاڻيءَ ۾ رهي ٿو، مخفي هڪ فقير
ڪامل ڪرامت کي هُو، پهتل آهي پير
کائي پن وڻن جا، دانَہ ڌانڌا گير
وڃ تون هليو ان ڏي، هو آهه روشن ضمير
ٻڌي خبر خير جي، سرهو ٿيس سرير
ويو جلد وليءَ ڏانهن، عاقل مرد امير
هيڻيءَ دل حقير، ڪري عرض اولياءَ کي.

 

 عرض ڪري اولياءَ کي، ڪڍ ٻڏن کي ٻيهار
ٻيڙي ٻڏل بخت جي، تک تارون تون تار
وارث ناهه ملڪيت جو، آهيان آءٌ لاچار
ڪري سوال سميع کي، مون کي فرزند ڏيار
دعا  تنهنجي مستجاب، ڪندو ڪردگار
ساعت نيڪ سعيد هئي، هئڙو چڱو وار
راضي مرزا تي ٿيو هو، گداگر لک وار
مرزا سان موٽي ڪئي، زاهد هيءَ  گفتار:
ٻيٽو ڏيندءِ بادشاهه، لهندءِ گرد غبار
پر عاشق ٿيندو اوچتو، سونهن ڀريو سردار
ڪوڏان ڪامگار، آيو موڪلائي مير کان.

 

 مرزا تي موليٰ ڪيا لک فضل افضال
پٽ پيدا ٿيو ان کي، چهرو چنڊ مثال
خوش گهڻو خوشحال ٿيا، جي سڪيا ٿي سؤ سال
ڀلي ڪين ڀال، پُنيون مرادون من جون.

 

 ”عزت بيگ“ ان جو، تن نالو رکايو
خزانو خيرات تي، ان لکين لُٽايو
تن نينگر کي ناز سان، نرتان نِپايو
پڄاڻا پنجين ورهيه، تن پڙهڻ ويهاريو
علم پڙهيو عشق مان، ستت ڪري سعيو
روح گهڻو رايو، ادب ۾ اُستاد جي.

 

  پڙهيو ٿوري ڏينهڙي، علم نظم نثر
لغت، عروض ۽ قافيون، اِنشا، علم جبر
علم معافي ۽ بيان، معما، علم جفر
هندسو، رمل، طلسم، سمجهيو سربسر
منطق، حڪمت، موسيقي، اخلاق ۽ مناظر
علم نجوم، ڪلام ۾، ٿيو قابل باڪر
فقہ، حديث، جرثقال منجهه، تعويذات تڪبر
تهدل علم طب ۾، ٿيو بيشڪ باخبر
عاقل ڪو به اکر، ڇڏيو نه ڪنهن علم مان.

 

 ڪڏهن گهاري گهر ۾، ڪڏهن رهي شوق شڪار
ڪڏهن ريجهي راڳ سان، کڻي هٿ ستار
غم نه ڪڏهن هن کي، رهي دائم شڪر گذار
ڪنهن ڏينهن ڪنهن ساٿيءَ ڪئي، هيءَ عاقل سان اخبار
ته جي ڪرين سير سوار تون، دهليءَ جو ديدار
دهليءَ جي ديدار سان، وڃن گرد غبار
نالو دهليءَ جو ٻڌي، جاڳيس جيءَ ۾ جار
سورن جو سردار، حال نه ڳرهي ڪنهن سان.

 

  والد کي ڪنهن وير ۾، خوش جو ڏٺائين
ٻَڌي ٻانهون ادب سان، ائين عرض اُتائين
چئي: تون مڃين منهنجو ته، ڪيان عرض ابا سائين
قسم قول وٺي ڪري، ائين اُتائين
دهليءَ جي درسن جو، پيءُ سان قصو ڪيائين
مرزا ماندو ٿيو گهڻو، ٻيو ڪجهه نه ڪُڇيائين
ائين چيائين، فهميدي فرزند کي.

 

توکي پرڏيهي ڪرڻ، منهنجي مرضي ناهه
تنهنجا چاڪر ڪيترا، تون تن تي حڪم هلاءِ
توکي پرانهين پنڌ تي، وڃڻ ڪيم جڳاءِ
دنيا دولت بي عدد، هيءُ توئي لاءِ آهه
پيارو پسر ريءَ ناهه ڪي، تون لالن لک لُٽاءِ
ماءُ – پيءُ کي منهنجا پرين، تون هٿان پنهنجن هلاءِ
مون کان جا موڪل گهرين، پر مادر کان موڪلاءِ
هيءَ حقيقت حال جي، هن کي سڀ سڻاءِ
پر محب مناسب ناهه، مسافر ٿيڻ ملڪ تي.

 

چئي: ڏي تون رخصت راز سان، آءٌ دهلي ديکيندوس
اندر عرصي ٿورڙي، وري اوهان وٽ ايندوس
نوڪر چاڪر ڪيترا، ساڻ وٺي ويندوس
”السفر وسيلة الظفر“ مان تان ماڻيندوس
آءٌ نه ڪوڙ ڪندوس، اوهان پاڙيو انجام کي.

 

پاڙي ان اقرار کي، موڪل ڏني مير
حامي حمايت تو سندي، هردم شاهه شبير
مادر کان موڪلاءِ تون، تان دانَہ نه ٿئي دلگير
تهدل ڪري تدبير، والده وٽ آئيو.

 

مادر کان مغموم ٿي، موڪلايو اُن ماد
چئي: راضي ٿي رخصت ڏئينم، ڪري بسم الله
منڌ ماندي ٿي من ۾، سجهي ڪا نه صلاح
رايو پسي پُٽ جو، سَسي ويئي منجهه ساهه
ڪري لک لک وينتيون، هن سؤنپيو کي الله
هوندين امن ۾ الله جي، رهندين مرسل جي نگاهه
ٿيو جهان سياهه، اکين ۾ ان زال جي.

 

عزت بيگ تيار ٿيو، ڪري الله توهار
کنيائين نوڪر ڪيترا، ٻيا اَسپ ڪئين هزار
تن تي جهُلان زربفت جون، موتين سان مڙهار
اسپ عربستان جا، ڪي ڪنان ملڪ تاتار
ڪوڏان قافلي ۾ کنيائون، کٿوريءَ بار
لعل بدخشان بيحد، الماس اُڪيچار
گوهر موتي مرجان، زبرجد جومار
نيلم ۽ پکراج ٻيا، مرواريد مڻيار
ڳڻي چڱو وار، هليا هندستان ڏي.

 

ڪهندا ڪئين ڏينهڙا، دهليءَ منجهه آيا
گڏجي سڀ سراءِ ۾، ڪن لهڻ جا سعيا
تهدل تنبو ڪيترا، اُتي انهن اَڏايا
پنهنجا منڊل مچايا، پرديسيءَ پرڏيهه ۾.

 

بادشاهه هو دهليءَ جو، منجهه انهيءَ ايام
شاهجهان والا حسب، ان عادل جو نام
هي  به ويا سنبري، سندي شاهه سلام
تحفا تهدل سوکڙيون، رکيا نذر نيڪ انجام
ٿيو عزت بيگ تي، مشفق مير تمام
پهرائيو پرت مان، ان کي عالي نام
سنگ سڀوئي معاف ڪيائين، مغل کي مدام
اُتي منجهه آرام، گهاريائون ٻه – ٽي ڏينهڙا.

 

ٻه – ٽي گهاريائين ڏينهڙا، ان اُتي سان احباب
عشق کنيو ان ماڳ کان، عاشق کي به شتاب
سجهئون سنبريا پٺ تي، وٺي واٽ ثواب
راهون رؤن لنگهي ڪري، ڏيئي ڀر چناب
پرت پهتا گجرات ۾، جت هيو قضا جو باب
سورهيه لٿا سراءِ ۾، شوقئون اهل شباب
رات گذاري ڏينهن جو، ڪن مجلس رنگ رباب
لاهي حرف حجاب، تهدل پسن طائفا.

 

ڪنهن ديسيءَ اُن ديس جي، ڪين هيءَ اخبار
ته هت ڪاريگر هڪڙو آهي، تلو نانءُ ڪنڀار
صورتگر نقاش سڀ، اُن کان شرمسار
ڪؤنرا، ڪوزا، باديا، چٽي زر نگار
چيني مٽ نه مٽيءَ جي، سڻ سونهن  ڀريا سردار
هو سدا ليل نهار، گذاري گجرات ۾.

 

پوءِ مرزا ماڻهو موڪليو، دانهه دؤڙائي
نوڪر ڪنڀر کي لڌو پانوَ پڇائي
آبخورا اڪسير رکيا هئا، هن ٺاهه منجهان ٺاهي
پريان سورهيه سهڻيءَ کي، ڏٺو چستئون چتائي
لک دليل او لاغرض، دانهه دوڙائي[2]
چئي: منڌ نه ماڻهن جهڙي، اسان ڏٺي آهي
ثاني ان صورت جو، ٻيو جوڙ نه جڳائي
آوند وٺي آئيو، ڪچهريءَ ڪاهي
مرزا جي من کي وڻيا، ويس ساهه کي سيبائي
هڪ هڪ وٺي هڪ ٻين ، کي دانهه دکائي
نوڪر نرتان پيو فتور، ٿو ستل جاڳائي
مرزا عزت بيگ کي، ٿو سورهيه سمجهائي
ته دختر ان ڪنڀار جي، جي ڏسو دل لائي
ته وڃن هوش حواس سڀ، آن کان ڇڏائي
شل قادر پنهنجي ڪرم سان، توکي منڌ هوءَ ملائي
توکي مولا ملائي، آهي لالن لائق تو سندي.

 

خادم جي خبر ٻڌي، ٿيو مرزا مستانو
آڻي اليل عشق جي، ڪيو دانهه ديوانو
هاتڪ حوض حسن مان، پيتو پيمانو
موهجي مدهوش ٿيو، ٻڌي حسن افسانو
ٻهڳڻ ٿيو ٻانهو، سور ٻڌائين سندرو.

 

ڳالهه ٻڌي ڳوڌي کي، ٻيهر لڳو ٻاڻ
نوڪر ساڻ ٿي نڪتو، هليو هن وٿاڻ
ڪوڏان ڪنڀر کي چيو، آيا آهيون ٿانو وٺڻ ڪاڻ
هن کي بِي ڪو ڪم هيو تڪڙو، سو پانَوَ هليو ناپاڻ
سڏيائين سهڻي کي، ته تون وڃ هنن ساڻ
نيئي ڏيکارين هاڻ، برتن بلڪل بي مثل.

 

هو تان سوداگر سونهن جا، سونهن پسڻ آيا
بهاني برتنن جي، مٺي محب ملايا
پنڌ تنهين جا پاڻ ڪندو، صاحب سجايا
صورت سوهڻيءَ جي پسي، ڳڻتيءَ ڳارايا
ٿيو عاشق سؤجان سان، اُن سور سڀ اختياريا
پانَوَ پرايا، ڏک سک پنهنجي ڏيل ۾.

 

سوز مان سهڻيءَ سان، ڪن هر هر حڪايت
سودي ۾ ڪر سهڻي، ٿي راضي رعايت
ڪڪ ٿي ڪامڻ تن سان، ڪئي هيءَ ڪتابت
ته وٺو ته وهواهه، نه ته سنبهو سلامت
غصي مان غريبن تي، ڪيائين مهندا ملامت
عاشق کي ان ماڳ تي، ڪاري ٿي قيامت
ويرن ورتا ٿانوڙا، سڻي سڀ شڪايت
پوءِ اچي اقامت، ڪيائين موٽي ماڳ تي.

 

جانب جاڳهه پانهنجي، ٿيو هوشان بيهوش
ڪڇي پڇي ڪينڪي، مستيءَ ۾ مدهوش
کائڻ پيڻ ۽ خواب کي، ڪيو فائق فراموش
هڪدم حلقہ بگوش، سورهيه ٿيو صورت جو.

 

ڪنهن کي سلي ڪينڪي، دردن سندو دَل
جالڻ جانب يار ريءَ، موٽي ٿيس مشڪل
وڇوڙي ۾ گل جي، جيئن بيراڳي بلبل
ويهڻ وهه وريام کي، جيئڻ ٿيو جنجل
پر تان پهرين منزل، ماندو ڪيو ملوڪ کي.

 

چيائين سنگت تي سڪ مان، ڪا سهڻي ڏيو صلاح
ساهه ڪيو سوگهو جنهين سو، مون سان ملي ماه
هڪڙي نوڪر هوت کي، ڏني هيءَ صلاح فلاح
آگو پاڻ الله، سندءِ درد دفع ڪندو.

 

مصلحت مان مسڪين جي، مڃ تون مهربان
گوشي منجهه گجرات جي، تون دانهه ڪڍ دڪان
مُلهه مهانگي آڻ تون، ڪوڙين ڪر قربان
سجهئون وڪڻ سستا، پش حسن حسينان
روزمره ديدار جو، دل مان ڪڍ ارمان
عشق عقل کي اصلئون، نسنگ ڪري نادان
من ڪري محب توتي، الله لڳ احسان
آگو ڪندو آسان، درد تنهنجا دل ۾.


[1]  هيءَ روايت ”قصو سهڻي مهيوال جو“ ڇپيل ڪتابڙي تان ورتل آهي، جنهن جو ٻيو ڇاپو هريسنگهه پرنٽنگ پريس سکر مان 1915ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو سنه 1926ع ۾ ڇپيو. ڇپيل ڪتابڙي جا عڪس انڊيا آفيس جي ڪتبخاني (لنڊن) مان حاصل ڪيا ويا. (ن.ب.)

[2] اصل: لک ليل او لاغرض

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org