سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :8

”بي ئون“ رهه بس ڪري، ڇڏ زال! ايها زوري
ساهيين ڪر ڪانڌ سين، ڪهڙي لڄ لوري
ماڻهو ڏيندءِ مهڻا، لوڪ چوندءِ ڀوري
توکان سيئي سڦرا، جي ٿرن جا ٿوري
ڪيئن ناحق ندوري! ور ڇڏيو واهڙ ترين!
 

3-     ”تي ئون“ تات پرينءَ جي، مون کي لات مٿي لات
ڏينهن سڄو ڏکن ۾، روندي وڃي رات
ڪڇ اندر ڪانڌ جي، اچي نه چُپ چُپات
تن سنڀارن سُک ڦٽايو، هو جا چڙن جي چڻڀات
ساهڙ بنان سات[1] ڏم! سين ڏينهن نه اُلهي.
 

4-     ”ثي ئون“ ثابت حق جي، ڪر سوجهي ڳالهه صحي
ايءُ اماره نفس جو، ويندءِ وهه وهي
گهڻا هڻندينءَ هٿڙا، ڪُنن پاس پئي
مرون مڇ ڪيترا، سُڄن ڪڇائون ڪئي
تون کُٽي آهين کنئي، ور ڇڏيو واهڙ ترين!
 

5-      ”جيم ئون“ جِني ڇڏيو، سانگو سندو ساهه
مِرن ۽ مَڇن جي ڪهڙي تن پرواهه
نڪي مڙن موت کان، نه دَهلجن ڀر درياءَ
وينديس ساهڙ سامهين، مر لڳن سيانڊاهه
هو حبيبن هڳاءُ، ڏم! سين ڏينهن نه اُلهي.
 

6-     ”حي ئون“ ڀر حق جي، ڊڄ خدا جي ڊاءِ
ڏيئي نشو نفس کي، مُٺي! ڪيم مچاءِ
”توبوا اِلي الله“ تن سين، هڻي هنئين لاءِ
اڙيا جي اسلام جا، سي واري هنڌ وساءِ
توکي اجل کنيو آه، ور ڇڏيو واهڙ ترين.
 

7-     ”خي ئون“ خبر منهنجي، سڻ ڪانڌ ڏيئي ڪَن
ته جڙيو اٿم جانيءَ سين، ميخون هڻي مَن
ماسوا محبوب جي، ڌوڙ مڙوئي ڌَن
هوت ڌاران حياتي، نه کپي ڏينهن کن
منهنجو ساهڙ سين سخن، ڏم! تو سين ڏينهن نه اُلهي.
 

8-     ”دال ئون“ ڏس ديواني، عقل کان بتال!
لاهيو لڄ لياڪا، ڇاکي ڏئين ڇال
توکي کُٽي خراب ڪيو، نشو ڏيئي نال
رات ڏينهان روغن جي، من تي مونجهه مقال
ايڏا تنهنجا خيال، ور ڇڏيو واهڙ ترين!
 

9-     ”ذال ئون“ ذات چکيوم، کٽاڻ منجهان کير
سمن، روغن گهوريا، ماکيون شڪر شير
ور منهن محبوب جو، جنهن ڏٺي دل سڌير
عجيبن جي عشق جا، قابو کتم ڪِير
منهنجي ساهڙ ڏانهن سير، ڏم توسين ڏينهن نه اُلهي.
 

10-    ”ري ئون“ رهزن ريڏي، سڻ عرض همارو
اڳيان ويندءِ وهه وسري، ايءُ خوشي خمارو
جت ڪاري رات، ڪُن گهڻا، پوي سيءُ پارو
وِڄُو، واڳون، لڌڙا، مانگر ڪن مارو
ايڏو سيءُ پارو، ته به ور ڇڏيو واهڙ ترين!
 

11-    ”زي ئون“ ضرور ويندياس، وٽ محبتي ميهار
اٿم وعدا وصل جا، ڪامل سين قرار
تنهن کي ڇڙهه ڇا جهليندي، جنهن کي سڏايو سردار
ماري مَڇ مرون ڪنديس، جناور جانار
اڄ ياد پيڙم يار، ڏم توسين ڏينهن نه اُلهي.
 

12-    ”سين ئون“ سڪ سيد جي، حب جنيهن کي هوءِ
سا حق ڀڃي ناحق پٺ ۾، ڪڏهن ڪا نه پوءِ
اچين آر تي آجهڙندي، جاڙ جئين ٿي جوءِ!
ڪيئي لڄي لوڪ ۾، اعليٰ شان سندوءِ
ڪهڙو عشق لڳوءِ، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!
 

13-    ”شين ئون“ شوق شفيع جو، مون کي اَٺئي پهر آهي
مَلي ڌوڙ ٿيس جوڳياڻي، سڀ لاڳاپا لاهي
مستو مست مهراڻ ۾، ڪاري رات ڪاهي
اول ڇول عاشقن کي، ڇڙهه وري ڇاهي!
ويو عشق اٺائي، ڏم توسين ڏينهن نه اُلهي.
 

14-    ”صاد ئون“ صبر ڪر تون، پل پنهنجو پاڻ
اڳيان ويندءِ وهه وسري، ايندءِ جڏ سر ساڻ
جت وهي مست موجون ڪيو، مئي متو مهراڻ
تنهن سوين سهڻيون ٻوڙيون، ڌوڪا ڏيئي ڌڌاڻ
ايڏو تنهنجو تاڻ، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!
 

15-    ”ضاد ئون“ ڏاڍي ضرور سين، پيم وڃڻو پار
ويهڻ واجب ناهي، آئي ڪنڌ ڪپار
گهڻين گهر سنڀاليا، ڏسي درياءَ سندا آر
وڃڻ جو ڪم وريامن جو، تانگهي منجهان تار
اڄ ڪڙي ٿيم ڪار، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي.
 

16-    ”طوئي ئون“ طلب خدا جي، ڪر محبت سين موچار
ته لهين اجر آخرت ۾، ڪي خاطي! لک هزار
جن مچائي مست ڪيو، ناحق نفس امار
تن ٻئي جهان ٻوڙيا، ويا گم ٿي منجهه گذار
ايڏا تنهنجا اختيار، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!
 

17-    ”ظوئي ئون“ ظاهر ڪريان، سڻ حڪايت هيءَ
ته امر سين الله جي، لڳيون جڙون منجهه جيءَ
لکين لوڏا لهر جا، مون سهايا سيءَ
نه ته ڪنن ۾ ڪير گهڙي، جت پيهاٽ ۽ پيهه
جي واريين ورق ويهه، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي.
 

18-    ”عين ئون“ عشق الله سين، رک قابو ڀري قدم
توکي ريب ريجهايو، سا دنيا ساعت دم
هت سوين سڪندر هئا، دارا ۽ حاتم
ماري موت فنا ڪيا، ٿي، ويا خاڪ عدم
ڪامڻ! ڦِٽئي ڪرم، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!
 

19-    ”غين ئون“ غم موت جو، اٿم حيراني
مرڻ تان حق آهي، آخر دنيا فاني
شل پوءِ پڄن ڏينهڙا، ڏسي جلويدار جاني
منهن مثل مهتابي، سو نرمل نوراني
جانڪي زندگاني، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي.
 

20-    ”في ئون“ فڪر فراق ۾، پوندينءَ تو ڏي تڏهن
هو ديوانا درياءَ جا، گڏبئي جوڌ جڏهن
ڀيڻي ڪا ڀتار ري، ٻي ڪنڌي نه ٿيندءِ ڪڏهن
هڪ ساعت جي سک لئي، هولن پئو مَ هڏين
ٻڏي! شال ٻڏهن، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!
 

21-    ”قاف ئون“ ڇڏ قرابتون، ڇو مغز هڻين منڪر
ڪري چيو تنهنجو، وهنديس اهڙو ايتر
جهڙو زليخا جهلي، پڌر پائي نِير
وڃي نيٺان نيٺ لوڙيائين، لکيا انگ اکر
تون ڇا ڪندين ثمر، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي.
 

22-    ”ڪاف ئون“ سڻ ڪامڻي! هنيون ڏيئي هيئن
ته برهه جي باهه کان، ڪنبن ڪيهر شينهن
جان تون اسم عشق جو، ٿي نالو وٺين نينهن
ته نانگ وانگي کل لهندءِ، ننهن چوٽيءَ سيئن
پوءِ ڪهڙي سبب ڪيئن، ور ڇڏيو واهڙ ترين؟
 

23-    ”لام ئون“ لڳي نينهن سين، قابو پاند ٿيو
ڪوهه ڏئين مت مجوسي! جڏهن قدر نه ٿئي پيو
عشق مون کي عقل کان، چوري مست ڪيو
هئم سِر هِنيون  هيڪڙو، سو وٺي يار ويو
باقي بُت رهيو، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي.
 

24-    ”ميم ئون“ ماڳ محشر جو، جت ٿيندو ڏينهن قيام
اصغر اڪبر ڪيترا، مِڙندا جڳ حشام
وٺندا ڀيٽ سميٽ سا، رکندا تک تمام
چوندءِ ڪر پڌرا، جي آندءِ اتان پيغام
مٿي ان انجام، ڪهڙي ڪندينءَ ڳالهڙي؟
 

25-    ”نون ئون“ يا نصيب! جيڪي لکيو منجهه ڪرم
بار مڙوئي باريءَ تي، حيا، لڄ، شرم
جت اکٽ ٿيندي عملين، رکندا تاءَ حڪم
اي شاهه شفاعت جو، ڀرج ڪو قدم
سوئي مون ڀرم، جيڏانهن عالم آسرو.
 

26-    ”واو ئون“ واءُ وصال جو، لڳي سَڻائي هير
ڏم! ڏانءُ تنهنجو، تان نه وٺان تدبير
آسن ڀري آهيان، ثابت لنگهي سير
پيئندس وڃي پرينءَ سين، قدح ڀري کير
جي حيلا ڪرين ڪثير، ته به وٽءِ وهنديس ڪينڪي.
 

27-    ”هي ئون“ واٽ هدايت جي، ساهڙ سوٺائين
تن توڪل، من ترهو، سڀ لهريون لنگهايائين
ٻاڪر ڪوڪ ٻيٽن ۾، وڃي واڪو وڌائين
سڻيو ڇمڪا ڇيرين جا، ٿي رت رنائين
تيڏانهن اوساريائين، جيڏانهن وڄي نڙ ميهار جو.
 

28-    ”الف ئون“ آر احمد سين رکيو نينهن نماڻي
گهڙي پئي سهڻي، ڪري پهه پاڻي
وريو ڪرم ڪميڻيءَ جو، ٿي اڌ ۾ اگهاڻي
منجهه شوق شفيع جي، ڪئي پرور پڄاڻي
ساهڙ جنهن ساڻي، سا مئي ته به ملوڪ ٿي.
 

29-    ”لام ئون“ لوڏا لهريون، اونهان ڪُن اپار
وهن جت واهڙ، ڌوڌو ڪريو ڌڌڪار
ات مدد ٿيندو مصطفي، سيد ڀلو سردار
پنجتن پاڪ رسول جا، چوکا چارئي يار
حسني هنئين ٺار، ترهو ٿيندا تار ۾.
 

30-    ”يي ئون“ يگانا يار منهنجا، دوست جيڪي دلشاد
مرهين سڀ مهرسين، مرشد، آخي، استاد
”رب اَغفِرلي ولوالدي“ ڪر الاهي امداد
عربي! ”مل محمود“ کي، ڏي عشق اعتماد
لڌو تني داد، جي مرسل مڃي آئيون.
لا الہٰ الاالله محمد رسول الله.

االهه بخش سومري جا بيت[2]

[سهڻي ۽ ميهار جي قصي جي هيءَ اڻپوري روايت آهي، جنهن موجب قصي جا ٽاڻا هن ريت آهن:

ميهار کان سهڻيءَ کي کير جي سُرڪي ملي، جنهن جي پيئڻ سان سهڻيءَ جو ساهڙ ڏانهن هِنيون هرکي ويو. پوءِ ته هوءَ سانجهيءَ جو سيج ڇڏي، چورن وانگر لڪي، درياءَ تري وڃي ميهار سان ملندي هئي. اندر ۾ ميهار جي اهڙي سِڪ هيس جو سِير جي سختي ڀر به نٿي ڊني ۽ هار سينگار ساهڙ تان گهوري، ڪُنن ۾ ڪاهي پوندي هئي. سانوڻ هجي يا سيارو، پر سهڻيءَ جي سچائيءَ ۾ تِر جيترو به فرق نه آيو.

سهڻيءَ جي ساهڙ سان نينهن جي خبر جڏهن عام ٿي تڏهن سرتين سمجهايس ته: سهڻي! اونداهيءَ رات جو درياءَ ۾ ڪاهيو پوين، توکي سر جو سانگو به نٿو ٿئي؟ تڏهن سهڻيءَ وراڻيو ته: جڏهن اڌ رات جو درياءَ پار سانڀر ٿا وڄن، تڏهن منهنجو آرام ڦٽيو پوي ۽ پاڻ کڻيو درياءَ ۾ اُڇليان. پوءِ تار تري، ميهار سان ملي سِڪ پوري ٿي ڪريان. آءٌ آهيان هِن ڀر، پر ساهه پرئين ڀر اٿم.

تڏهن سرتين ٻڌايس ته: سهڻي! درياءَ ۾ واڳون ۽ مڇ بيشمار ٿين ٿا. اُهي هڪ نه هڪ ڏينهن تو کي ڀاڱا ڪري کائي ڇڏيندا، ۽ نه گهر جي رهندينءَ نه گهاٽ جي. موجن جي وچ ۾ مُئينءَ ته ڪو ڪانڌي به نه ٿيندءِ. سهڻيءَ وراڻيو ته: جنهن ميهار سان منهنجو ٻول ٻڌل آهي، اهو ئي سِير ۾ ساڻي ٿيندم.

سرتين ڪاوڙ مان چيس ته: سهڻي! تون وَرَ کي وساريو هيج مان ساهڙ ڏي هلين. ڪانڌ کي ڪوڙو ڪري ميهار کي مٺو ڪيئي، اڌ رات جو اونهو پاڻي جهاڳيو وري اَسر جو موٽيو اچين. نه لوڪ جو مرم پوئي نه ڏم جي ڏمر جو خيال پوئي. اهڙن افعالن سان تون ڪيئن ڪنڌ کڻي هلندينءَ؟ اهو وڙ اشرافن جو نه آهي. تڏهن سهڻيءَ وراڻيو: سرتيون! اوهين جي منهنجي مامري کي سمجهو ته هوند ايڏو هُل ئي ڪو نه ڪريو، هاڻي ٻڌو. منهنجو ميهار سان روز ازل کان انگ لکيل هو، تڏهن ٿي واهڙ تَران ۽ ميهار سان ملان. اهو ازلي انگ ۽ الاهي عشق آهي، جنهن جي زور تي درياءَ ٿي تَران، نه ته منهنجي ڇا مجال جو سلامتيءَ سان تار تري سگهان.]

بيت[3]

1- ميهر چکائي منڌ کي، ڪا سور منجهان سُرڪي
سهڻيءَ جو ساهڙ ڏي، هينئڙو ويو هُرڪي
سانجهيءَ سيج ڇڏيو وڃي، چورن جان چُرڪي
بحرن منجهئون بخش چوي، ٻانهن هڻي ٻرڪي
ميهر سان مرڪي، وڃي سِڪ لاٿائين ساهه جي.
 

2-     سِڪ جنهين کي ساهه ۾، آهي ميهر سر مدار
سَهمي گهڻو نه سير کؤن، جنهن کي نينهن ڪيو نروار
گَهرئون گهوري هلي، ساهڙ تؤن سينگار
باري ٿيڙس، بخش چوي، برهه سندو ني بار
تيلاهون تڪرار، ٿي ڪاهيون ڪُنن ۾ پوي.
 

3-     ڪاهيون ڪُنن ۾ پوي، ڍَئُنڪو ڪري نه ڍِلِ
سرهي سياري سوهڻي، ٿي وڃي وسايون وِلهه
سنگي نه سانوڻ سِير کؤن، توڙي جيڏو تل
نديون تري نينهن سان، سوچيون وڃن سِلهه
کوٽيون ڀائن کِلَ، سي اَڏن کؤن اوري رهيون.
 

4-     اَڏن ڪين اَڙن، نڪي دهلجن درياءَ کؤن
جي باب برهه جو بخش چوي، منجهؤن پرت پڙهن
ملڻ لاءِ ميهار جي، راتيون ڏينهن رڙن
ڀيلو ڀڃي ڀَر تي، منجهؤن چڪ چڙهن
جنهن ٻڌو ٻيلائيءَ سان، هينئڙو منجهه هڙن
سا تڪي ڪين تڙن، ڪڙڪيو ڪپر تؤن پوي.
 

5-      ڪڙڪيو ڪپر تؤن پوي، تڙ جي رکي نه تات
چڙا چُرنس چت ۾، سانڀر ساري رات
اٿي اوڏاهين وڃي، جاڏي ظالم ذات
جي اچي واڳون وات، ته ساهڙ ملندءِ سير ۾.
 

6-     ساهڙ ملندم سير ۾، جنهن سان سرتيون اٿم ساهه
هن ڀر هينئڙو نه ٽڪي، آهي پَرينءَ ڀر پساهه
منهنجو تنهن ميهار ڏانهن، آهي وڏو ئي ويساهه
هيڻيءَ سان همراهه، ٻيلي ٿيندو ٻار ۾.
 

7-     ٻيلي ٿيندو ٻار ۾، ڪانڌ بنان ٻيو ڪير
سرتيون چونئي سهڻي، تون پَر نه پراهين پير
مَنَهَن تنهن ميهار جي، هينئڙو وڃي نه هير
بحر بلائون بخش چوي، متان واڳون پونئي وير
ٿي ڏنڀين ڏهاڙي ڏم کي، ڇهلين پائي ڇير
آگي جي آچار ۾، هت دَنيرَ ڪانهي دير
حرف پڇندءِ حق جو، سڏي هت سوير
تتي تير بتير، اهي سُرڪيون سلندينءَ سهڻي.
 

8-     سُرڪيون ڪيئن سلان، جن مُرڪن مستانو ڪيو
مجلس لئي ميهار جي، ويرن مون نه ولان
منڌ ڏس ميهار کي، چت سان چوڙيلان
وهندو وساري ڇڏي، اهي اٽڪلان
پايو ڪين پلان، ته هلون هوسيڙا ڪري.
 

9-     هلئين هوسيڙا ڪري، تو ولهي وساريو ور
ڪوڙو ڪيئي ڪانڌ کي، مٺو ڪيئي ميهر
اُٿي آڌيءَ رات جو، وڃي جائي ترين جر
وڃي پوين اونهي آب ۾، جتي تانگهيو لڀي نه تر
موٽي ميهر ڏانهن اچين، اڃان ٿئي نه اسر
ڪو نه ڪرين لوڪ کؤن، ڏم جو ٿيئي نه ڏر
اهڙن افعالن سان، تون ڪيئن کڻين ٿي ڪر
اهڙو تان اثر، اصلي اشرافن جو.
 

10-    اصلي اشرافن جو، ايندم شال عقل
سرتيون سمجهو ڪينڪي، هيڏو ڪيو نه هل
جنهن جي کرڪيءَ دل کسي وتي، ڏئي بهريءَ وانگي بل
ميهر اٿم مُل، جي مُيَس موجن وچ ۾.
 

11-    مُيينءَ موجن وچ ۾، ته ڪانڌي ٿيندءِ ڪو نه
ڪانڌ ته تنهنجو ڪامڻي، آهي سوڍو جهڙو سونَ
ڇو وساريو واهڙ ترين، ڄڻ هِتئون جو هونَ
جيئرو آهي جهان ۾، موڳي اڃان مُئو نَه
طلب وَر جي تو نَه، ٿي جيئري سان جاڙون ڪرين!
 

12-    جي جيئري سان جاڙون ڪريان، ته پاڙيو اوهان پل
جنهن جي مُهڙ ٿي ميهار ڏي، اصلي روز ازل
آگي جي اسرار جي، آهي اتي قابو ڪل
ڦيريو ساڻ فضل، تار وهي تاري ڇڏي.
 

13-    تار وهي تاري ڇڏي، سچيون سهائين
ڪڏهن ڪنهن سان ڪينڪي، سينو ڪو ساهين
آڌيءَ رات اُٿي ڪري، ڪُنن ۾ ڪاهين
لڄ نه لڄائين، پَرينءَ ڀر پيڪن جي.
 

14-    پرينءَ ڀر پيڪن جي، شرم رکندو شاهه
ڪانه ترندي ڪامڻي، ڪا بنان دلي درياهه
اهڙن آرائن کؤن، ٿو عشق تاري آڙاهه
کرڪيءَ پاس کنيون وڃي، رڳ رڳ ورتيون راهه
سانڀر اچيو سِير ۾، هڪ هڪ ٿئي همراهه
ساهڙ اٿم ساهه، بندو هينئڙي جو ”بخش“ چوي.

ااميد علي لغاري جا چيل بيت[4]

[اميد علي لغاري جي چيل بيتن جي هيءَ روايت اڻپوري آهي، ۽ ان جا ٽاڻا هن ريت آهن:

سهڻي، ساهڙ ڄام جي لاءِ اڌ رات جو اُٿي، دلو کڻي درياءَ ۾ ڪاهيو ٿي پئي. جيتوڻيڪ ڪاريءَ رات ۾ ڪنن جا ڪڙڪا هوندا هئا، ۽ ڪئين جانور پيا پاڻيءَ ۾ هلندا هئا، پر سهڻيءَ کي ميهار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به من ۾ ڪين هوندو هو. تنهنڪري کيس انهن آفتن جو خيال ئي ڪو نه هوندو هو.

سس پڇيس ته: سهڻي! ساهڙ سان ڪهڙو ڪم اٿئي جو اياڻي ٿيو اڌ رات جو ڪُنن ۾ ڪاهيو پوين. بحر جون بلائون هڏ چم کائي ويندئي. تنهنڪري منهنجي صلاح اٿئي ته درياءَ ۾ نه گهڙ. پر سهڻيءَ سندس هڪ به نه مڃي. دستور موجب اڌ رات جو اٿي، دلو کڻي درياءَ ۾ ڪاهي پئي. سسڻس اڳيئي سندس لڪايل پڪو گهڙو کڻي، ان جاءِ تي ڪَچو دلو لڪائي رکيو هو. سهڻي وچ سير ۾ پهتي ته دلو ڀُرڻ لڳو. اتي حقيقت حال معلوم ٿيس، تڏهن پاڻ کي چوڻ لڳي ته: گهڙو ڀڳو ته گهوريو شل ويل نه ٽري، جو متان انجام تي نه پهچان ۽ ميهار وٽ ڪاڻياري ٿيان. اهو خيال ڪري اڳتي وڌڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳي، پر اونهي پاڻيءَ ۾ غوطا کائڻ ۽ ٻڏڻ لڳي. اتي ميهار کي هڪل ڪيائين ته: وچ سير ۾ ساڻي ٿيءُ، من مرندي منهن پسان! ائين درد مان دانهون ڪندي لڙهندي وئي، پر ميهار نه موٽيو. آخر ميهار کي ياد ڪندي پساهه پورا ٿيس.]


[1] سات = ساعت.

[2] الهه بخش سومرو، ضلعي سکر جو ويٺل هو. عام طور ”بخش سومري“ جي نالي سان مشهور هو. ۽ پاڻ به ڪلام ۾ پنهنجو نالو ”بخش“ ڪم آندو اٿس. شاهه محمد ديدڙ جو همعصر هو. گهڻو عرصو ڪنهن مسجد ۾ پيش امام ٿي رهيو. تنهنڪري ”مُلا“ به چوندا هئس. سن 1308هه برابر 1890ع ڌاري وفات ڪيائين.

[3] هيءَ روايت اُتر (تعلقي ميرو خان) مان غلام قادر کان ملي.

[4] اميد علي پٽ ولي محمد لغاري، پاڙو بلوچاڻي، ويٺل ڳوٺ جادو لغاري، تعلقوٽنڊو الهيارضلعو حيدرآباد. سن 1910ع/ 1328هه ۾ ڄائو. سنڌي ست درجا پڙهيل آهي. سندس ڪلام بيتن، دراهن، ٽيهه اکرين مولودن ۽ خطبن تي مشتمل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org