سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :9

بيت[1]

1-      ڪاري رات ڪن گهڻا، جت ڊاءُ ٿين ٿا ڊپ
پاڻيءَ جي پلتار تي، سوين گهمن ٿا سپ
ته به سهڻي ساهڙ ڄام لئي، ڪنڌيون نهاري ڪپ
عشق جي جنهن ۾ ڌپ، تنهن کي بوءِ بهاري ڇا ڪندي.

 

2-     ڪاري رات ڪن گهڻا، جت جال وهي ٿو جر
وڙهن واڳون تنهن ۾، مڇ گهڻا مانگر
آئُو ڄرڪا آفتون، ٻيا سوين گهمن سيسر
دهشت ڌوم درياءَ جي، ڏسيو وٺي ڏر
سهڻي ساهڙ ڄام لئي، ٿي واهه تري واهڙ
اٿيو آڌيءَ رات جو، من ڪري ميهر
ماندي دل محبوب ڪئي، ساڙيو جان جگر
ڪئي ديواني دلبر، دل ساري دلدار کي.

 

3-     ڪاري رات ڪُنن ۾، اٿئي ڪهڙو ڪم؟
ٿيو اياڻي اوَتڙين، گهڙين منجهه گهم
ماه توڙي چم، کيندئي بلائون بحر جون.

 

4-     گهڙو ڀڳو ته گهوريو، ڀڄي ڪا مَ گهڙي
ڪَچو دلو ڪُن ۾، ويو لهرن منجهه لُڙهي
دهشت ڌم درياه جي، جت لڳي ڌوم ڌڙي
ٻُڏتَر غوطن منجهه آهيان، سگهان ڪين تري
ٻانهن ٻر ڇڏيو، ڪئي واڳن ويڙهه وري
ويندس هاڻ مري، من ڏسان منهن ميهار جو.

 

5-      سهڻي گهڙي سير ۾، ٻڌي ڪُنن جا ڪڙڪا
تانگهو لنگهي تار ۾، سڏ ڪيئين سڙڪا
ڪپر، ڪنڌي، وچ واريون ڇوليون ڪن ڇڙڪا
جال گهمن ٿا جر ۾، مڇ مانگر، ڄرڪا
دهشت ڏسي درياه جي، ٿي دل دکائي ڌڙڪا
جيئن باهه ڪري ڀڙڪا، تئين دانهون ڪري درد مان.

 

6-     ميهر موٽيو ڪينڪي، تيسين سهڻيءَ ڏنو ساهه
تري گهڻو تار ۾، پر اونهو هو اوڙاهه
پوڪاري پرينءَ کي، ڪري وڏي سڏ واڪا
واڄٽ ڪريو وير چڙهي، جنهن جا دور سڄن دهڪا
ٿي ڪيائين وس وڏا، پر ساهڙ نه آيو سير ۾.
طالب پلي جا بيت[2]

[سهڻي ميهار جي قصي تي طالب پليءَ جي چيل بيتن مان، سهڻي ۽ سندس سهيلين جي گفتگو ۽ سهڻيءَ جي ٻڏڻ جا ٽاڻا ملن ٿا، جي هن ريت آهن:

سهيلين، سهڻيءَ کي چيو ته: سهڻي! سير ۾ نه وڃ، ڇو ته اڳيان درياءَ جي ڇولين جي ڇوهه ۾ ڪُميون، ڪڇئون، لُڌڙا، واڳون ۽ مانگر ولر ڪيو وتن، اهڙي آزار ۾ تون ڪيئن ٿي وڃي پاڻ اڙائين؟ سهڻي جواب ڏنو ته: منهنجو وڃڻ اوڏانهن آهي، جتي محب ميهار جون مينهون ٿيون چَرن، جن جي چڙن جون چونگارون سڻي منهنجو هنيون ٿو هيڻو ٿئي. تنهنڪري مون کي ڇا ڪنديون ڇوليون ۽ ڇا ڪندا جانور؟

سهيلين چيس ته: سهڻي! تون مَڪَر ڪري پاڻ کي عشق ۾ گرفتار ٿي چوائين. پر اصل ۾ تون ميهار وٽ انهيءَ ڪري ٿي وڃين جو اُتي توکي کير ۽ ٻيا سڻڀا کاڌا جام ٿا ملن. انهن کاڌن لاءِ ٿي لڇين پڇين. هاڻي سچي ڳالهه ٻڌاءِ ته ڪيئن ويرين ۾ ٿي وڃين؟ سهڻيءَ چيو ته: اديون! مون کي سچ پچ ميهار جي عشق جو آزار اندر ۾ آهي، ۽ ان جي ئي برهه بيمار ڪيو اٿم. اديون! اوهان منهنجو ساهڙ ڄام نه ڏٺو آهي. جي ڏسو ته هوند اوهين به مون وانگر گهر تڙ گهوري هلو. عشق جي آزار جي سُڌ انهن کان پڇو، جن کي لئون لڳل هجي، باقي لهارن کي ڪهڙو قدر سون جو؟

ان بعد سهڻي الله توهار ڪري سير ۾ گهڙي پئي ۽ ڪُنن مان ڪاهيندي ميهار ڏانهن وڃڻ لڳي. پر قادر جي قدرت، جو سهڻيءَ جو موت لکيل هو. تنهنڪري پرينءَ ڀر نه پهتي، پر وچ سير ۾ ساڻي ٿي لهرين ۾ لُڙهڻ لڳي. آخر ميهار کي مدد لاءِ سڏ ڪندي پساهه پورا ڪيائين.]

بيت[3]

سهيليون:

سهڻي وڃ مَ سير ۾، اڳيان سَوَ سينسار

ڪُميون ڪڇؤن ڪيترا، هلن لک هزار

واڳون وتن ولر ڪيو، ٻي لُڌڙن جي للڪار

مانگر وتن مست ٿيو، ٻرؤن ڪن ٻاڪار

اهڙي منجهه آزار، ٿي وڃين ويرين سامهون.

سهڻي:

وَڃان ٿي ويرين ۾، جِت چرن ڪُنڍيون ڪاريون

مينهون محب ميهار جون، مڙئي موچاريون

ڍڪن ڀُڻيون ڍوري ۾، هُو ڀليون ڀٽاريون

سُڻي چينگارون چَڙن جون، هينون ڦُٽي ٿيو ڦارون

مون ڇا ڪندا ڇولين ۾، سَينسَر سينگاريون

آءٌ ور ڏيئي واريون، وينديس پار پرينءَ جي.

سهيليون:

پري پاري پرينءَ جو، تون ڪيئن ويندينءَ ويچاري؟

هڪ وهڪرو تيز وهي، ٻيو رات انڌاري

دهشتناڪ درياه ۾، هُل هوڪا هزاري

ڏسيو ڏڪي ڏيل ٿو، توبهه ڙي زاري

ڪانهي اهڙي ڪُن ۾، ڪا ترڻ جي تاري

جتي ڪانه چلي چاري، اُت ڪيئن وڃين ويرين سامهون.

سهڻي:

وڃان مر ويرين وچ ۾، اديون! ڙي آئون

آهن اِن اوڙاهه ۾، باري بلائون

وينديس ويهنديس ڪينيڪي، منهنجو ارواح اُتاهون

ڪنديس ڏاڍي ڪست مان، آءٌ ڪُنن ۾ ڪاهون

سڀ لنگهي لڪائون، وينديس پار پرينءَ جي.

سهيليون:

مڪر اٿيئي من ۾، ٿي تال ڪرين تڪرار

ڪونهي توکي اصل ڪو، عشق جو آزار

تو کاڌا آهن خوشيءَ مان، مکڻ وٽ ميهار

ڌؤنرا کاڌءِ دل تي، ٻيا کير کٽا اُن ڌار

لُڇين پُڇين اُن ريت ٿي، بَهُڪَيِن ٿي بسيار

سڻاءِ سچو سماچار، ته وڃين ڪيئن ويرين ۾.

 

سهڻي:

چئي، وڃان ٿي ويرين ۾، مون کي عشق جو آزار

محبت يار ميهار جي، برهه ڪيو بيمار

آن نه ڏٺو ڙي اديون، منهنجو ساهڙ ڄام سچار

جي ڏسو ها جيڏيون، من گهريو ميهار

ته گهر تڙ گهوري گهوٽ تان، آئين وڃو ها اُن وار

ڪين ڪُڇو ها ڪجهه ڀي، نڪي تَوَڏ ڪريو تڪرار

آهي سڌ انهن کي، لڳي جن لغار

جي ڪُٽين ڪُٽ لهار، تن ڪهڙو قدر سون جو؟

شاعر:

ڪهڙو قدر سون جو، ويا خريدار

عشق نه پروڙجي اصلي، عقل جي آڌار

هٿ نه ڏَس ڏاهپ جي، نه ڪو هلي ويچار

اهي پروڙين پرت مان، لڳي جن لغار

ميخون محبت سنديون، مڙهيون سار ميهار

اهڙي سان لاچار، سهڻي گهڙي سير ۾.

 

سهڻي گهڙي سير ۾، ڪري الله توهار

ڏسي دهشت درياءَ جي، لهڙي ڪين لغار

ڪاهيو ويئي ڪُنن ۾، ترت ڪريو تڪرار

مُڙي نه موجون ڏسي، ويئي ڪاهيندي قربدار

سڪ ساهڙ ڄام جي، هئس اندر منجهه آزار

پر قادر قدرت جو ڌڻي، سائين رب ستار

جيڪي چاهي سو ڪري، آهيس ڪل اختيار

لکيو پري، ڪين ٽري، جا قلم ڪئي ڪار

بهانو پيو بحر تي، پر ڪم ڪيو ڪلتار

لڙهي پيئي لهرين ۾، پهتي نه پرئين پار

سهڻي ويندي سير ۾، ڪري چيو ڪوڪار:

اچي اڻ تارن جي، ساهڙ! لهه سنڀار

موليٰ لڳ مسڪين جي، مدد ڪر ميهار

تو بنان ناهه ڪو، تهرو اندر تار

انهيءَ طرح، طالب چئي، پلپل ڪيائين پڪار

مدد جي ميهار، سي ڪيئن رهنديون سير ۾.

 

سي ڪيئن رهنديون سِير ۾، جن کي محبت مَن

پيتائون پيالو پرت جو، ”ساهڙ ساهڙ“ ڪن

وڃن پيون ويرين مان، ڏي هلنديون حبيبن

ڀؤ نه اٿن ڪو بحر جو، نڪو وقت ڏسن

انهيءَ پَر پِرين ڏي، واڪينديون وڃن

جي پهتيون ته پَئون ٻارهن، ڀلا ڀاڳ سندن

جي مري وييون وچ تي، ته گهوريون تان سڄڻن

سهڻي سجائي ٿي، انهن اهڃاڻن

هڪ ڏينهن هون ئي مري ها، ڀَرئي بهانن

پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا، اندر سِڪ سڄڻن

”طالب“ طلب جن کي، سي مِلن محبوبن

ڪلمو جي ڪهن، وڃن اُهي ايمان سان.

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مريد مريءَ جا بيت[4]

[سهڻي ميهار جي قصي جي هيءَ روايت به اڻپوري آهي. ان ۾ سهڻي ۽ سسڻس جي گفتگو ۽ سهڻي جي مرڻ بابت قصي جا ٽاڻا هن ريت ملن ٿا:

جڏهن سس کي خبر پيئي ته سهڻيءَ جو ساهڙ سان نينهن آهي، تڏهن هوءَ سهڻيءَ کي مهڻا طعنا ڏيڻ لڳي ۽ کيس سمجهائڻ لڳي ته: مڙس کي ڇڏيو، اڌ رات جو وڃي ٿي ساهڙ سان ملين. ماڻهو مرن مرجات لاءِ، پر تون وڃيو ڪُنن ۾ پوين! تنهن تي سهڻيءَ چيس ته: سس! شل ڏم جا ڏينهن کُٽن. تون ڪيئن ٿي مون کي ساهڙ جا طعنا ڏين، جڏهن منهنجو نينهن ميهار سان ڇٺيءَ کان ئي لڳو آهي. انهيءَ عشق ئي مون کي گِهلي آڻي ڪُنن ۾ هنيو آهي. تنهن تي سسڻس ڪاوڙجي پٽ پاراتا ڪرڻ لڳي. چئي: سهڻي! اسان کي به لوڪ ۾ خوار ڪيئي ۽ پاڻ کي به مهڻي هاب ڪيئي. اِنهين افعالين شل سير ۾ ڀاڱا ٿين. تڏهن سهڻيءَ چيو ته: جي ڀاڱا ٿيس ته به الله کان ڪَري ڀانئينديس. ساهڙ تان صدقو ٿيس ته ڄڻ حياتي سجائي ٿيم.

سس چيس ته: سهڻي! جنهن ڏينهن کان پرڻجي آئي آهين، ڏم سان هڪ گهڙي به نه گهاري اٿيئي. جيتوڻيڪ ڏم تنهنجا ڏٺا وائٺا عيب ڍڪيا. هينئر جيڪڏهن منهنجو چوڻ نه ڪيئي ته پوءِ هٿ هڻندينءَ. سس کي چيائين ته: تنهنجون ڳالهيون برابر ڳُڻن واريون آهن پر آءٌ ساهڙ سان ملڻ کان سواءِ ڪين رهنديس.

رات ٿي سهڻيءَ جي ڪَن تي مينهن جي کرڪن جا آواز پيا. بيقرار ٿي درياءَ تي آئي. درياءَ به ٻوڙان ٻوڙ ڪيو پئي وُڙهو. سهڻيءَ کي موت اکين آڏو ڦرڻ لڳو، پر ميهار سان ملڻ جو انجام هئس، تنهنڪري گهڙو کڻي درياءَ ۾ گهڙي پئي. سسڻس اڳ ۾ ئي پڪو  گَهڙو کڻي ڪَچو گهڙو رکي ڇڏيو هو. تنهنڪري وچ سير ۾ ڀيلو ڀُري ويو ۽ سهڻي ٻڏڻ لڳي. آخر لهرين ۾ لڙهندي ساهه ڏنائين.]

بيت[5]

1-      ڏم جا کُٽن ڏينهن، مون کي مادر ڇو مهڻا ڏين
سڙي تون ساهڙ جا، مون کي اچيو آڇين ڪيئن
مون کي لڳو نينهن ميهار جو، سڀ ڄماندر سينءَ
جنهن جو آهي مرتبو، مريد چئي، لکيل ڇٺيءَ ڏينهن
پوءِ نهوڙي نينهن، قضا آندي ڪُن ۾.

 

2-     سمجهه تون سياڻي، بُري ڪر نه بات
ور ڇڏيو، ويريون ترين، اٿيو آڌيءَ رات
ماڻهو مرن مرجات، تون ڪاهيو پوين ڪُن ۾.

 

3-     ڪاهيو پوان ڪُنن ۾، ته به سندم سر ڏيان
ساهڙ جي سور جو، آءٌ ڏوراپو نه ڏيان
لکيو انگ عجيب سين، قضا ڪيئن ڪَريان
اڃان ساهڙ سان، چارينديس مينهون ميهار جون.

 

4-     چاريندينءَ مينهون ميهار جون، پر اڳيان درياءَ دڙلائي
پير پَوئي پدم تي، شل کپر تو کائي
مون کي مهڻي هاب ڪيئي، سرتين سڻائي
هاڻي ڏاتر ڏينهن کُٽائي، شل ڀاڱا ٿئين سير ۾.

 

5-      جي ڀاڱا ٿيان سير ۾، ته به ڀانيان الله کان
سر ڏنم ساهڙ کي، لڪايان نه لڄان
قريبن وٽ ڪَسان، هٿئون تن حلال ٿيان.

 

6-     ساعت هڪڙي ساهڙ ريءَ، سمهين ڪين سهڻي
پرڻائي آندئي پيڪن مان، ور ري ڪين وڻي
ڏٺا عيب ڦٽا ڪيا، تنهنجا ڏم ڏوهه کڻي
پوءِ متان هٿ هڻي، ڳڻ لڳندئي منهنجون ڳالهيون.

 

7-     ڳڻ لڳنديون ڳالهيون، پر مون کي مُور نه پَل
جي پائين جَهل، ته به ويندئي سئين ساهڙ ڏي.

 

8-     سئائين سانڀر ساهڙ جا، کرڪي ڪَيس خلل
ڏٺائين موت مريد چئي، اکين ساڻ اجل
سرتيون منهنجي ساهه جي، ڪنهن کي ڪانهي ڪل
آءٌ به وڃي شل، مَرڪان مير ميهار وٽ.

 

9-     درياءَ آهين دادلو، تون ٻوڙين ٿو ٻيلو
ميهر ريءَ مري چئي، ويهين نٿي ويلو
ڪاهيو پوين ڪُنن ۾، اٿيو آڌيءَ اويلو
ڀر ڏنائين ڀلي تي، جيڪو غرق ٿي ويو گيلو
ڪنڌي نڪو ڪپرو، هاڻي هي به ويو حيلو
ٻڏين ٿي ٻروچ چئي، وٺ ڀروسو پرينءَ جو
نڪو ترهو  تار ۾، نڪو هن پتڻ پاڻ کنيو
هاڻي مير مديني جو، ٻيڙو اڪاريندو ٻاجهه سين.
روايت [1]

(ج) سهڻي ۽ ڇٽي پير جي ملاقات ۽ گفتگو

[سهڻي ۽ ڇٽي پير جي ملاقات ۽ گفتگو، سهڻي ميهار جي سنڌي قصي جو هڪ اهم جز آهي، جنهن جو مختصر بيان هن طرح آهي:

ميان ڇٽو درويش عاشق الله جو، رات جو درياءَ جي سير تي مصلو وڇائي نماز پڙهندو هو. سهڻي جتان رات جو درياءَ ۾ گهڙندي هئي، اُتي ڇٽي پير جو تڪيو هو. سهڻيءَ ڇٽي پير کي ڪو نه ڏٺو، باقي ڇٽو پير سهڻيءَ کي ڏسندو هو. هڪڙيءَ رات سهڻي ڇٽي پير جي اڳيان وڃي اُڪري، جنهن ڪري ڇٽي پير جو ڌيان ڇڪجي ويو ۽ نماز ڀڄي پيس. سهڻي ميهار سان ملي، موٽ کاڌي ته وري به ساڳي هنڌان اچي نڪتي. اتي ڇٽي پير ڇينڀيس ته: ”سهڻي! خدا جو خوف ڪر، جو هڪڙو ته مڙس جو حق ڀڃي ٿي ميهار ڏانهن وڃين، ۽ ٻيو وري منهنجي عبادت ۾ ٿي خلل وجهين؟“ سهڻيءَ جواب ڏنس ته: ”ڇٽا پير! آءٌ ته ساهڙ جي سڪ ۾ پئي ويس، منهنجو ٻئي پاسي ڌيان ئي ڪو نه هو. پر تون ته خدا جي عبادت ۾ مشغول هئين، تو ڪيئن مون کي ڏٺو؟“

سهڻيءَ ۽ ڇٽي پير جي انهن سوالن جوابن تي مشتمل بيتن جون هيٺيون چار روايتون مليون، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن گفتگو هيٺينءَ ريت ٿي:

سهڻي جڏهن ڇُٽي پير جي سامهون آئي، تڏهن ڇٽي پير چيس ته: سُهڻي! تون جو ساهڙ لاءِ مڙس جو حق ڀڃيو، ڊپ ڊاءُ لاهيو، اڌ رات جو درياءَ ۾ گهڙيو پوين، سچ ٻڌاءِ ته ساهڙ تنهنجو سڱ ۾ ڇا ٿئي؟ سهڻيءَ جواب ڏنو: منهنجو ميهار سان عشق آهي، تڏهن ٿي تار تريو ميهار ڏانهن وڃان.

ڇٽي پير چيس: تو جيڏين، تو سرتين جو  گهر گهارڻ چڱو آهي، نه ته اهو ساهڙ ڪڏهن نيئي ڪُن ۾ هڻندءِ. اها منهنجي صلاح مڃ نه ته ڪانڌ جي ڪاڻياري ٿيندينءَ. سهڻي جواب ڏنو: ڇُٽا پير! ڪانڌ وٽ اهي ڪاڻياريون ٿينديون، جيڪي دوستن سان سچيون نه هونديون. اهو عشق جو اهڃاڻ آهي، ۽ منهنجو ته ساهه ساهڙ ساڻ آهي، ڏم ساڻ ته هڪ ڏينهن به نٿي گهاري سگهان.

ڇٽي پير چيس: سهڻي! ڏم تنهنجو حق آهي، تنهن سان ڏنگايون نه ڪر، بلڪ پنهنجي وَرَ سان مِٺ محبت سان هل ته  سڀڪو تنهنجيون چڱايون ڳڻي ۽ تو کي چڱو چوي. تڏهن سهڻيءَ چيو: ڇٽا پير! ڏم نه رڳو ڏسڻ ۾ گندو آهي، پر سندس عادتون به ڪنيون آهن. نڪي ڏندڻ ڏئي، نڪي ڌوتل ڪپڙا پائي، رڳو ڳالهائي ته به ڪڙا ويڻ ڏئي، ۽ اهڙو پيٽو آهي جو اڌ رات جو اٿيو ڪُنا ڳولي.

سهڻي جي واتان ڏم جي افعالن جو ٻُڌي ڇٽي پير وري چيس ته: سهڻي! تون برابر سدا سهڻي آهين، تنهنجو ڪو به انگ ميرو ڪونهي ۽ تنهنجو عشق به سچو آهي، جو هڪ ته پنهنجي ننڊ ڦٽائي لال پلنگ ٿي ڇڏين، ٻيو ته مڙس ڏم جو ڏمر سر تي کڻي، ساهڙ ڏانهن ٿي وڃين. پر منهنجي نصيحت ياد رک ته گهيڙ ڏسي، درياءَ ۾ گهڙندي ڪر، ڇاڪاڻ ته مهراڻ جي اونهن ڪُنن کان سيڻاهن وارا تارو به ڊڄي هٽي ويا. سياڻي ٿيءُ، سدائين جوڀن ۽ جواني نه هوندءِ. اهو پاڻي پتوڙي تباهه ڪري ڇڏيندءِ. تڏهن سهڻيءَ چيس: ڇٽا پير! موت جو ڊپ وجهي، مون کي ميهار کان مَتان پليو اٿئي. ڀل جتان اچيم اُتان گهڙي پوان، ڇو نه درياءَ کي مستي هجي! مون کي تنهنجون اهي نصيحتون نه گهرجن: جن ۾ ساهڙ کي ڇڏڻ جي صلاح هجي.

ڇٽي پير چيس ته، سهڻي! توکي ساهڙ جو اهڙو انڌ چڙهيو پيو آهي جو ڪجهه به نٿي ڏسين، اڄ اڳيان اڪري، منهنجي نماز ڀڳي اٿئي. سهڻيءَ جواب ڏنس ته: ڇٽا پير! آءٌ ته ٿيس ساهڙ جي عشق ۾، پر تون ته الله سان لئون لايو بيٺو هئين، تو ڪيئن مون کي ڏٺو؟ انهيءَ تي ڇٽي پير ڪاوڙجي چيس: سهڻي! تار ترڻ ۽ تڙ تڪڻ، اهو ڪاڻيارين جو ڪم آهي. عشق ته تنهنجو عقل، مت ۽ شرم نهوڙي نيا آهن. تڏهن سهڻيءَ جواب ڏنس ته: ڇٽا پير! مون کي تڏهن ڇينڀ، جڏهن تون به عشق کان آجو هجين. تون خود انهيءَ عشق ۾ گهر- ٻار ڇڏيو، وچ سير ۾ بيٺو نمازون پڙهين. جيڪي تقدير جون ڪُٺل آهن، سي ڪيترو ويهي گهر گهارينديون!]

بيت، روايت [1]

سهڻي:

ڏم نه ڏندڻ ڪري، گند نه گنديون ڌوءِ

ڪڙا ويڻ ڪسارا، چَئي ۽ چوءِ

اُٿي آڌيءَ رات جو، ڪارڻ ڪُني روءِ

ڇُٽا! يار  سندوءِ، ڏم ڏهاڳي نه پلئين.

ڇٽو پير:

گهيڙ ڏسيو به نه گهڙين، ٿيءُ سهڻي سياڻي

اِهو وَهَه ويندئي وسري، جوڀن ۽ جواڻي

پَتوڙي پاڻي، تالان ڪندئي تار ۾.

سهڻي:

ڇُٽا پير! متان منڊين، روح منهنجي تي رئو

جتان اچي اتان گهڙان، توڙي هجي مهراڻ کي مئو

تون مَ چڱايون چئو، مون کي پل مَ ميهار کان.

ڇٽو پير:

تون سدا آهين سهڻي، تنهنجو ميرو ڪونهي انگ

هڪ ڇڏين ور پنهنجو، ڏُوجهو لال پلنگ

هتان هڏ مَ لنگهه، سڀ سيڻاهيا به سنگي ويا.

سهڻي:

ڇٽا پير! ڇڪن ٿيان، توکي ٻهڳڻ لڳو نه ٻاڻ

عشق جي الول جو، آءٌ ته ڏيانءِ اُهڃاڻ

منهنجو من ميهر ساڻ، ڏم وٽ ڏينهن نه گهاريان.

 

ڇٽا! ڇٽيندين ڪيئن، هن جڳ ڇُٽي ڪونڪو

تون تان هئين در دوست جي، پوءِ مون کي ڏٺوءِ ڪيئن

مون تان توکي تيئن، لئون لائيندي نه ڏٺو

 

ڇٽا! ڇينڀ نه ايترو، مون کي پل نه پِير

نيو نمازون پڙهين، ثابت مٿي سِير

ڪُٺيون جي تقدير، سي گهر گهارينديون ڪيترو!

 

بيت، روايت [2][6]

ڇٽو فقير:

سانڀارون گهڙين ٿي سهڻي، ڊپ لاهيو ڊاءِ

حق ڀڃيو هادي جا، وڃين ڇاجي لاءِ

سهڻي! ڳالهه سڻاءِ، تنهنجو ساهڙ سڱ ۾ ڇا ٿئي.

سهڻي:

آهي ڙي آهي، منهنجو من ميهار سان

ساهڙ وڌم ساهه ۾، ڏور اچي ڏاهي

تنهين لاءِ ڪاهي، آءٌ تران پئي تار ۾.

ڇٽو:

اوڳي! توکي عشق جو، آهي ڀوري! ڪهڙو ڀر

ڏاڍا دور درياءَ جا، ٻيا اٿئي ڪُن ڪپر

پِٿون ٿيندئي پر، ويندينءَ واڳون وات ۾.

سهڻي:

ويندس واڳون وات ۾، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟

ساهڙ مون کي سڏ ڪيا، مون ڪنين پاڻ ٻڌا

متان ڏئي گلا، ساهڙ مون سمن جي.

ڇٽو:

تَڙ تَڪڻ، تار گهڙڻ، اهو ڪاڻيارين ڪم

ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، توکي ڏئي ڏوراپا ڏم

تنهنجو عقل مت شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.

سهڻي:

ڇٽا! ڇينڀ نه ايترو، پلؤ اٿئي پير

نَيو نمازون پڙهين، ثابت مٿي سِير

ڪُٺيون جي تقدير، سي گهر گهارينديون ڪيترو؟


[1] هيءَ روايت وچولي تعلقي ٽنڊي الهيار مان ولي محمد طاهر زادي کان ملي.

[2] طالب پلي پٽ مل محمود پلي، ڳوٺ حاجي عبدالطيف پلي، تعلقي عمر ڪوٽ ۾ سن 1909ع ۾ ڄائو. شاعري کيس ورثي ۾ ملي ۽ ننڍپڻ کان ئي شاعري ڪيائين. قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي ٿوري گهڻي ڄاڻ هيس. سن 1940ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس ڪلام جو گهڻو حصو بيتن تي مشتمل آهي.

[3] هيءَ روايت تعلقي عمر ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي  کان ملي.

[4] مريد مري بلوچ، ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. سندس بيت ميڙن مجلسن ۾ نڙ تي چيا ويندا آهن. سن 1946ع ڌاري وفات ڪيائين.

[5] هيءَ روايت (تعلقي ميرپور خاص) مان محمد جمن کان ملي.

[6] هيءَ روايت اڪ فقير ماڇي ويٺل قبول پور تعلقو ٽنڊو محمد خان جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org