سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :19

دهشت دور درياهه جو، مڪري نه ملاح
حامي ٿي هيڻن جو، صاحب تاج ڪلاهه
ساهڙ ساري ساهه، لهرن لوڏي نه مران.
 

دهشت دور درياهه جو، جاتي ناهه جهاز
نڪي آءٌ پکيئڙو، جو پر ڏي ڪيان پرواز
ٻڌ ٻيهر آواز، ساهڙ سير لنگهاءِ تون.
 

دهشت دور درياهه کي، ٻيو واءُ لڳي ويتر
هڪ انڌاري راتڙي، ٻيو نڪو ترهو تڙ
جت جاءِ بچڻ جي ناهه ڪا، اُتي فائق فضل ڪر
ڪوجهيءَ ڪمينيءَ کي، ميلين ساڻ ميهر
صاحب سولي ڪر، نه ته مشڪل ماري آهيان.
 

دهشت دور درياهه جو، ٻيو ويجهو نا وانگي
دل ڦاٿي دلدار سان، وڃي جاڳهه اڻانگي
سو ميلي سانگي، جنهن لاءِ جيءُ اُداس آهه.
 

دهشت دور درياهه جو، ويتر وڃڻ ضرور
ٻاري ڳڻتيءَ ڇڏيو، پرينءَ سندي پور
منهنجو سڀ مذڪور، معلوم آهه ميهار کي.
 

گهڙو ٻڌي پيٽ سان، ڪيائين الٰهي تو آهار
ڪُنن جي ڪثرت هئي، لهريون لک هزار
دلو درس ڳري ويو، تهدل ات تڪرار
اَنت نه هو جت آب جو، تک گهڻيرو تار
جائي رب جبار، سوهڻي ٻوڙي سير ۾.
 

پاڻيءَ جي تک تار ۾، سچ سهڻي ٿي غرق
اوکي ڏسي اڳتون، مُڙڻ ناهه مرڪ
”پيرل“ پچڻ پتنگن جان، آهه دردوندن درڪ
توڙ نباهين نينهن کي، ڏيئي طمع ترڪ
”لامقصود في الدارين الاهو“ حاصل ڪيو ان حق
سکي جو سبق، سو پڪو ڪيائين پرت مان.
 

روح جدا ساعت ۾، ٿيو کان ان وجود
ساهڙ وٽ ويو سيگهه ۾، ظاهر منجهان زود
دکايائين درد جا، تنهنجي دل تي دود
نينهن ڪئي نابود، سهڻي ٻڏي سير ۾.
 

سڻي خبر روح کان، عاشق ٿيو اوندوهه
چئي: ڪيو مان مسڪين سان، تو ڪيئن درياهه ڊوهه
سڙيا شال سڪي وڃين، ڇورا! وڃيئي ڇوهه
ڇنا ڇپ توتي پوي، ڪيئي قهر ڪوهه
منهنجي سا من موهه، تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي.
 

منهنجي روز ازل کان، هئي سهڻي امانت
عشقي امانت ۾، تو ڪئي ڪيئن خيانت
آدم جو دشمن مَلڪ ٿيو، تنهن ٿي لعنت
پڻ توتي ملامت، حشر تائين هر ڪو ڪندو.
 

ميهر پنهنجي من ۾، ڪيو خوب خيال
سهڻيءَ ري اسان سندو، جيئڻ آهه جنجال
جيئڻ جانب يار ريءَ، هڪ گهڙي هڪ سال
ڪاهي پيو ڪولاب ۾، هنئين سين حال في الحال
ڇڏي مال منال، ان به گهوري جند جانب تان.
 

ڪن ها قهري ڪيترا، ٻيو اڇل ڏئي آب
عقل عاقل کان ويو، ٿيو بيخبر بيتاب
ڇڏي شوق شتاب، وڃي غرق ٿيو چناب ۾.
 

پسي چال عشق جي، هرڪو ٿئي حيران
ڪي چڙهيا سوريءَ سيج، ڪن ڪئي جند قربان
مجنون سڪو مست ٿي، بر ۾ بيابان
رانجهن جوڳيڙو ٿيو، ڪري فدا جان
مومل چڙهي ڏاگهه تي، ٻڌو جڳ جهان
سسئي ووڙيا ور لئي، ٿر بر بيابان
اونهون بحر عشق جو، ملي ڪنڌي ڪانه
انت نه آهي ان جو، آهه بحر بي پايان
عابد سکن اهڙا، سڻي سوز بيان
ڪلمون جن زبان، ويندا سي ايمان سين.
  لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

ڀاڱو ٻيو

نوري ۽ ڄام تماچي

سنڌ جي مختلف روايتن مطابق عام مشهور تفصيلي ڳالهه

نوري جو حسب نسب[1]

جسودڻ راءُ سمون بادشاهه هو، هو پنهنجي پيءُ مُهڙ کان پوءِ حڪمران ٿيو. ڄام مُهڙ پڻ ناليوارو حاڪم هو، تنهنڪري جسودڻ راءُ پنهنجي پيءُ جي نالي پويان جسودڻ مهڙاڻي سڏجڻ لڳو. سندس گهر واريءَ جو نالو مرُوبَت راڻي هو. جسودڻ راءُ کي اولاد ڪو نه هو، جنهنڪري هر وقت ڌڻي جي درگاهه ۾ سوالي هو. هڪ درويش جي دُعا سان سندس گهر ۾ اُميدواري ٿي ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. پر جيئن قدرت کي منظور هو، کيس ڌيءَ ڄائي، راءُ جسودڻ کي سندس گهر ۾ ڌيءَ ڄمڻ جو اطلاع مليو، چيائين: اهو به ڌڻيءَ جو شڪر، جو بي اولاد هئڻ کان بچي ويس. قدرت سان ڇوڪريءَ کي ڄائي ڄم کان ڪوڙهه جو مرض هو، جنهنڪري تمام ڪوجهي ڄائي. جسودڻ راءُ ڇوڪريءَ کي ڏسي ويچار ۾ پئجي ويو. خيال ڪيائين ته پٽ نه هجڻ جي حالت ۾ ڌيءَ به چڱي، پر ڪوڙهه جو مرض لاعلاج، ويچاري سڄي عمر سُورن ۾ گذاريندي، تنهن کان مئي ڀلي آهي. اهو خيال ڪري دائيءَ کي حڪم ڏنائين ته: ڇوڪريءَ کي ڪنهن اوڙاهه ۾ اُڇلي اچ.

دائي حڪم مڃي، ڇوڪريءَ کي جهولي ۾ کڻي جهنگ منهن ڪيو. اتفاق سان ”ڪينجهر“ نالي گندرو مهاڻو گڏجي ويس. جيڪو پڻ بادشاهه کي ڌيءَ ڄمڻ جي مبارڪ ڏيڻ پئي ويو. تنهن دائيءَ کي جهنگ ڏانهن ويندي ڏسي، احوال پڇيو. دائيءَ سموري حال کان واقف ڪري، ڇوڪري ڏيکاريس. ڪينجهر، دائيءَ کي چيو ته: مائي! خدا الائجي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي: قدرت جنهن جو جيترو روز خلقيو هوندو اهو اوترو جيئندو. انهيءَ ڪري اها ڇوڪري کڻي منهنجي حوالي ڪر، جي قسمت هونديس ته بچي پوندي، نه ته به خدا جي ڏنل آهي، موٽائي وٺندو ته سندس امانت آهي.

دائي به خيال ڪيو ته برابر ڌڻي الائجي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي، هن معصوم پَسونءَ کي مارڻ مان ڇا ورندو! سو ڇوڪري ورائي کڻي گندري جي جهولي ۾ وڌائين.

گندرا ۽ سندن گذران

گندرا قوم ڪينجهر ڍنڍ ۽ اُن جي آسپاس وارين ستن ڍنڍن تي آباد هئي. سندن گذران مَڇي ۽ ڍنڍن جي ٻي پيدائش تي هو. اهي ست ئي ڍنڍون گندرن کي بخش ٿيل هيون ۽ مٿانئن مڙئي بادشاهي محصول معاف هئا. اُهو هن طرح جو چون ٿا ته ڪنهن بادشاهه ڍنڍ ۾ سهڻا پکي ترندي ڏٺا. لشڪر کي حڪم ڪيائين ته اهي پکي جهلي اچو. سڀني ڪوشش ڪئي پر پکي جهل نه پيا ڏين. تڏهن اعلان ڪيائين ته جيڪو پکي جهلي آڻيندو، تنهن کي انعام ڏنو ويندو. اتي ”بڊام“ نالي گندرو بيٺل هو، جو پاڻيءَ جي شڪار جو ماهر هو. هڪ ڪاٺ جو پکي ٺاهي مٿي تي رکيائين ۽ اهڙي طرح ترندو پکين وٽ ويو، جو ماڻهن کي ته خير پر پکين به پروئي نه پئي ته اهو ڪو نقلي پکي آهي. بادشاهه کي خبر ڪا نه پئي ته ڪو ماڻهو اندران ترندو ٿو وڃي. وزير کان پڇيائين، تنهن چيو ته: مون کي خبر ڪا نه ٿي پئي. بڊام ٿوريءَ دير ۾ انهي دلبي سان ٻه پکي جهلي آڻي بادشاهه جي آڏو پيش ڪيا. بادشاهه خوش ٿي چيس ته: گُهر جيڪي گُهرڻو اٿئي؟ چيائين ته: ستن ڍنڍن جو محصول معاف ٿئي. پڇيائينس ته: ڪهڙيون؟ چيائين ته: (1) سونهري (2) ڪينجهر (3) هاليجي (4) هَڏيرو (5) ڪَلان ڪوٽ (6) جهول ۽ (7)کوئي. بادشاهه انهن مڙني ڍنڍن جو محصول گندرن کي معاف ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت ڪن ڍنڍن جا اهي ساڳيا نالا هئا ۽ ڪن جا ٻيا هئا.

نوريءَ جو گندرن ۾ نپجڻ

ڪينجهر گندرو جنهن جسودڻ راءُ جي ڪوجهي ڌيءَ کي جهوليءَ ۾ جهليو هو، سو سڀ کان وڏي ڍنڍ جي ڪپ تي رهندڙ هو، جا پوءِ سندس نالي سان ڪينجهر سڏجڻ لڳي. هو سکيو سائو ۽ سڀني گندرن جو چڱو مڙس هو. اهو پاڻ ۽ سندس زال ”سون ٻائي“ به اولاد لاءِ سڪايل هئا، سي ڇوڪرڙيءَ کي گهر ۾ آڻڻ سان سرها ٿيا، مٿس ”نوري“ نالو رکي، کيس پنهنجي پيٽ ڄائي اولاد کان به وڌيڪ قرب ۽ لاڏڪوڏ سان نپائڻ لڳا.

اڳ گندرن کي مڙيئي محصول معاف هئا ۽ هو سڀ سکيا ستابا هئا، پر سمن جي بادشاهي شروع ٿيڻ سان مٿن سُنگ ۽ محصول مقرر ٿيا ۽ سرڪاري ماڻهن جي مداخلت شروع ٿي، جنهنڪري سندن مسڪيني حال ٿي ويو، ۽ سندس پورو گذران به مشڪل سان ٿيندو هو. کين نڪي هيون جدا اڏيل جايون ته نڪي هئن مال اسباب، سندن رهڻ ڪرڻ ئي ٻيڙين ۾، مَڏين تي، يا مياڻين ۾ ڪکاين جهڳين ۽ جهوپڙين ۾ هوندو هو، جن مان مڇيءَ جي ککي ڇٽ پئي ايندي هئي. مرد ماڻهو مڏ مڪرا موڙي، مڇي ماري يا ڪُم، گند، بهه، لوڙهه ۽ پاٻوڙا ميڙي آڻي مياڻين ۾ ڍير ڪندا هئا، ۽ سندن زالون وري مڇيون کاري ۾ کڻي يا پاٻوڙن مان پاند ڀري وڪڻڻ لاءِ واٽن تي اچي ويهنديون هيون ۽ سندن ٻار ننڌڻڪا ٿيو، سارو ڏينهن لُڌڙن وانگر پاڻيءَ ۾ پيا تڙڳندا هئا. ڀلا، جن جو وهنوارئي کِکين سان، تن کي اڇائي اُجرائي جي ڪهڙي اون! جهڙا هئن جسم ميرا، تهڙا هئن هڏ هيڻا. مهانڊن ۾ به ويچارا ڪوجها هئا، جو ماڻهو کين ڏسي پيا ڪراهت ڪندا هئا. مگر هئا ويچارا اشراف ۽ حق حلال جي ڪمائي تي گذارو ڪندڙ. سندس منهن ميرا هئا مگر اندر ۾ اڇا اُجرا هئا.

نوريءَ جي ڄاماڻي اهل

نوري گندرن ۾ پئي نپني پر هئي ڄاماڻو وياءُ. ڀلا ”جنهن جو پيءُ جسودڻ مهڙاڻي ۽ ماءُ مروبت راڻي“ سا ڪيئن افعالين وڃي! خود ڪينجهر گندرو به چڱو مڙس هو ۽ سندس گهر واري ”سونل ٻائي“ به وڏي اخلاق واري هئي. هنن نوريءَ کي تمام خبرادريءَ سان سهڻو ڪري نپايو. انهيءَ ڪري ”نوري“ جيئن ڪجهه وڏيرڙي ٿي ته سندس خصلتون گندرن جي ٻين ٻارڙن کان نراليون نروار ٿيون. بدن تي ڪوڙهه هوس مگر نڪي هئا کيس مهاڻن وارا مهاندا ۽ نڪي کيس مهاڻن واريون عادتون آئڙيون. ٻين ٻارن سان کيڏندي هئي پر ککيءَ ۾ هٿ وجهڻ يا چڪ ۾ ليٽڻ جي کيس عادت ئي ڪانه هئي. ڪينجهر ۽ سندس گهر واري به کيس لاڏ ڪوڏ ۾ نپايو هو، ۽ کيس مڇي مارڻ يا وڍڻ ۽ وڪڻڻ کي ويجهو ئي وڃڻ ڪونه ڏنائون.

نوري کي ڪوجهائي سبب ڪنهن نه قبوليو

نوري جوان ٿي ۽ سامائي ته وڏيري ڪينجهر کيس پرڻائڻ جو خيال ڪيو. پنهنجي سڄي برادريءَ کي سڱ جي آڇ ڪيائين. پر ڪنهن به نوري ڪانه قبولي. ڇاڪاڻ ته سندس صورت تمام ڪوجهي هئي. ڪينجهر خود پنهنجي ڀائٽيي کي نوريءَ جو سڱ آڇيو. پر اُن به انڪار ڪيو. چيائون ته: جنهن جي نه شڪل نه صورت، نه ڪم جي نه ڪار جي، تنهن سان شادي ڪير ڪندو! ويچاري نوري پنهنجي قسمت کي روئيندي صبر ۽ شڪر جا ڏينهن گذارڻ لڳي. لوڪ جي ٽوڪ کان هاڻي هو پنهنجي ڪوڙهه ۽ ڪوجهائي کي لڪائڻ لاءِ وڏي شاهي چادر ۾ اهڙو ته ويڙهجي هلندي هئي، جو سندس ڪوبه عضوو انگ نظر نه ايندو هو.

نوري کي شاهه هوندڙي جي دعا ۽ شفا

نوري ويچاري رات ڏينهن پنهنجي هال تي روئي ڌڻيءَ در ٻاڏائڻ لڳي ته من ڪٿان کيس مرض کان نجات ملي. آخر خيال آيس ته ڇو نه ڪنهن خدا واري بزرگ جي خدمت ڪريان، من اُن جي نظر وسيلي ڌڻيءَ جي درگاه ۾ سوال اگهامي.

انهن ڏينهن ۾ ”شاه هوندڙو“ درويش، ڪينجهر ڍنڍ جي اراضيءَ اندر هڪ مٿانهين جاءِ تي پنهنجو آستانو ٺاهي، خدا جي ذڪر ۾ مشغول رهندو هو. نوري به روزانو ٻيڙيءَ تي چڙهي، درويش وٽ وڃي سندس آستاني جي ٻهاري سهاري ڪري، پاڻيءَ جي مَٽي ڀري گهر موٽي ايندي هئي. جڏهن درويش جي وفات جو وقت ويجهو آيو، تڏهن نوريءَ جي خدمت کان خوش ٿي چيائين ته: ”مائي! گُهر، جيڪو گهرڻو اٿئي!“ نوريءَ چيو ته: ”سائين، مرض کان نجات مليم،“ تڏهن درويش ڌڻيءَ جي درگاه مان دعا گهري، امر ڪيس: ”پاڻ کي ستن پوشن ۾ ويڙهي، مَٽيءَ مان ست ڪَريون پاڻيءَ جون ڀري مٿان ناءِ ته خدا جي فضل سان تنهنجو مطلب پورو ٿئي.“

نوري درويش جي چوڻ موجب، پاڻ کي ستن پوشن ۾ ويڙهي، مَٽيءَ مان سَت ڪَريون پاڻيءَ جون ڀري پنهنجي مٿان نائيون ته قدرت سان ڪوڙهه جو مرض مٽجي ويو، نوري مهانڊين ملوڪ هئي پر ڪوڙهه کيس ڪوجهو ڪري ڇڏيو هو. جيئن ئي مرض لٿو ته منجهس ايڏو ته حسن پيدا ٿي پيو، جو سندس مُنهن مان وڄ وانگر تجلا نڪرڻ لڳا. پوءِ ته پاڻ کي پوش ۾ ويڙهي، منهن ڍڪي، ٻيڙيءَ ۾ چڙهي موٽي آئي.

درويش شاهه هوندڙي وفات ڪئي ته کيس سندس ئي آستان ۾ دفن ڪيائون. نوري اُن کان پوءِ دستور موجب روزانو صفائي ڪرڻ، پاڻي جي مَٽي ڀرڻ ۽ ڏيئي ٻارڻ لاءِ درگاهه تي ويندي هئي. نوري مرض دور ٿيڻ ۽ سونهن ملڻ کان پوءِ به منهن ويڙهي هلندي هئي، تنهنڪري سندس سونهن کُلڻ جي ڪنهن کي به خبر ڪانه پئي.

ڄام تماچي جو ڪينجهر تي سير شڪار لاءِ اچڻ

ان دوءر ۾ ڄام تماچي سمون، ٺٽي جو بادشاهه هو. شيل شڪار لاءِ هميشه ڪينجهر ڍنڍ تي ايندو هو. سياري جي موسم ۾ جڏهن ڍنڍ ۾ بهه، مڇي، پٻڻ ۽ پکي ٿيندا هئا، تڏهن شڪار لاءِ ايندو هو، يا وري اونهاري ۾ جڏهن ڍنڍ ۾ پاڻي ڀربو هو ۽ مٿان مينهن بوندار پئي پوندي هئي، ۽ چوءطرف ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي هئي، تڏهن ڪينجهر جي سير لاءِ پنهنجن اميرن امرائن سميت اچي اُتي منزل ڪندو هو. ڍنڍ جي ڪناري تي پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ ننڍڙي ماڙي ٺهرائي هئائين. جتان ويهي ڍنڍ جو نظارو ڏسندو هو. سينگاريل ٻيڙيون هر وقت ڍنڍ ۾ سندس واسطي موجود هونديون هيون. جنهن به وقت دل چاهيندي هيس، ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سير ڪندو هو. جي ڍنڍ ۾ واءُ پوندو هو ته لهريون چڙهنديون هيون جي ٻيڙيءَ کي هندوري وانگر لوڏينديون هيون:

هيــٺ جــر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه

اچـــي وڃــي وچ ۾، تماچـــي جــي ســاءِ

اتـــر لـــڳي واءِ، ڪــينجهر هندورو ٿئي.

گندرا جڏهن ڄام تماچي جي ڍنڍ تي اچڻ جو ٻڌندا هئا ته سرهائيءَ مان سندن منهن ٻهڪڻ لڳندا هئا. جڏهن ڄام تماچي پنهنجي ماڙيءَ ۾ اچي منزل ڪندو هو تڏهن ماڙيءَ جي چوڌاري مهاڻن جا ميلا لڳي ويندا هئا. مقرر وقت تي پنهنجي بادشاهه سان سندن ملاقات ٿيندي هئي، ۽ هو لوڙهه، ڪُم، بهه، پٻڻ وغيره تحفي طور پيش ڪندا هئا، ۽ ڄام خوش ٿي کين انعام نوازيندو هو:

ککي کاڄ جن جو، سمي وڻيـــا ســـــي

هليو ڏيهاڙي تن کي، ڏاڻ وڏائي ڏي

هــئا اگــلا اصـــل کــــان، مـــهاڻا هـــي مي

ڄام تماچي جي، نظر کڻي نهال ڪيا.

ڄام تماچيءَ جو نوريءَ جي حسن جي جهلڪ ڏسڻ

هڪڙي ڏينهن نوريءَ کي شاهه هوندڙي جي آستاني تان موٽڻ ۾ دير ٿي وئي. هڪ ته رات پئجي وئي هئي، ٻيو وري آسمان ۾ جهڙ ۽ ڇمر سبب اونداهه انڌوڪار ڇانيل هئي. سکاڻيءَ کان اونداهه سبب ٻيڙي راهه کان ٽلڪي وئي هئي جو آسپاس ڪجهه به نظر نه ٿي آيو. تڏهن نوري کي چيائين ته: مونکي طرف جي خبر ڪانه ٿي پوي. تنهن تي نوريءَ منهن تان پلوء کڻي نکٽ نهاريا ته سندس مُنهن مان وڄ جهڙو تجلو ٿيو، جنهن جي اُهاءَ تي ملاح پنهنجو گس ڏسي ورتو ۽ ٻيڙي ڪاهي اچي ڪناري ڀيڙا ٿيا.

انهيءَ رات ڄام تماچي به پنهنجي اميرن وزيرن سان ماڙيءَ ۾ ويٺي محفل ڪئي ته ڍنڍ طرف تجلو اُٿيو. ڄام تماچي حيران ٿي وزيرن کان پڇيو ته: آسمان ۾ نڪو چنڊ، نڪا کنوڻ، پوءِ اهو تجلو ڇا جو؟ وزيرن چيو ته: سائين صبح ٿئي ته اها مام پروڙي ڏينداسون.

صبح جو هڪڙي وزير اچي ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي رات واري تجلي جي پڇا ڪئي. ٻيڙيءَ جي سکاڻئي، جنهن نوري جي صورت جو تجلو ڏٺو هو. تنهن اڳ ۾ ئي پاڙي ۾ نوريءَ جي سونهن جي ڳالهه هلائي ڇڏي هئي. گندرن وزير کي اها حقيقت ڪري ٻڌائي. وزير دل ۾ ويچاريو ته جيڪڏهن اها خبر ڄام تماچيءَ کي پئي ته متان هرکي پوي، سو ماٺ ڪري، موٽي آيو ۽ بادشاه کي چيائين ته: جيئندا قبلا! رات اهو وڄ جو چمڪاٽ هو. جيڪو اوهان ۽ ٻين ڏٺو. پر ڄام تماچي وري ٻئي وزير کي خبر لهڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي ڏينهن ٻيو وزير ويو، سو به ساڳي خبر کڻي آيو، جنهن تي بادشاه کڻي ماٺ ڪئي. ٽئي ڏينهن ڄام تماچي پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ جو سير ڪرڻ ويو ۽ ڳالهين ڪندي ملاح کان تجلي وارو اسرار پڇيائين، جنهن کيس نوريءَ جي ننڍپڻ، ڪوڙهه جي مرض ۾ مبتلا هئڻ، درويش شاهه گوندڙي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نوازجڻ ۽ سندس منهن تان پلوء کڄڻ ۽ حسن جي اهاءُ ٿيڻ جو سڄو احوال ڪري ٻڌايو. نوريءَ جي نماڻائي ۽ نهٺائي واريون وصفون به بادشاهه سان بيان ڪيائين. ڄام تماچي نوري جي واکاڻ ٻڌي مٿس موهت ٿي پيو ۽ کيس پنهنجي راڻي بنائڻ جو پڪو ارادو ڪيائين:

چمڪيو چوڏهينءَ چنڊ جيئن، مهاڻيءَ جو مک

پــســي پرتـــوو پــري ڪنـــان، سمـــي اچـــي نه سک

درســـن ڏيــئــي دک، لاٿــائــيـــن ســـڀ لـــوڪ تــــــان.

نوريءَ جي سڱ لاءِ ڄام تماچي جو ملاحن وٽ اچڻ.

ڄام تماچي بادشاهه هو ۽ نوري گندرن جي گهرن ۾ پليل هڪ ڇوڪري. ڪيڏانهن بادشاهه ته ڪيڏانهن مهاڻا! ڄام تماچي جي دل ۾ هُري وئي هئي، سو کيس پنهنجي پَٽ-راڻي ڪرڻ جو ارادو ڪري چڪو هو. تيلاهن هڪڙي وزير کي ساڻ ڪري، بادشاهه گندرن ۾ آيو. گندرا ويچارا بادشاهه کي پنهنجي مڏين مياڻن ۾ آيل ڏسي ڪپڙن ۾ ئي نه پيا ماپن. اها جاءِ نه لڀين. جتي کڻي ڄام کي ويهارين. آخر وڏي آدرڀاءُ سان کيس وٺي آڻي پنهنجن پراڻن پکن ۾ ويهاريائون:

مٿي جهول جُهلي، چڙهيو ڏاڍي چاهه سان

مَـــنـــهــــنَ مـــلاحـــن جـــي، آيـــو ڄـــام ڄُـــلـــــي

ڪـــيــنــجـــهر ٿيو ڪُـــلي، آجــو اجــارن کان.

ڄام تماچي ڪينجهر گندري وٽ لٿو ۽ کيس پنهنجي ڀر ۾ ويهاري کائنس نوريءَ جو سڱ گهريائين. گندرن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. کين انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهربو هو، جو سمي ڄام سان سيڻپو ٿي ٿين. ڪينجهر وڏي خوشيءَ سان هائوڪار ڪري، سڱ ڏيڻ قبوليو. نوريءَ جي ڪن اها خبر پئي ته شُڪر ڪيائين. سهيليون ۽ پاڙي واريون سندس چوڌاري اچي گڏ ٿيون ۽ جهليون جهل نه ڏين: پر نوري پنهنجي نهٺائي ۽ حسن سان ماٺ هوندي به پئي منجهن مَرڪي:

ڄـــام تــماچـــي آئيو، نـــوري ڪــري نـــگاه

سمي جيءَ صلاح، ميء مرڪي ملاحن ۾.

نوري ۽ ڄام تماچي جي شادي

نوري ۽ ڄام تماچي جي شادي ٿي ۽ ڄام نوريءَ کي ٻانهن ۾ سهاڳ جو ٻيڙو ٻڌو. نهٺائي مان نوريءَ جو سر نميل هو، پر سندس حسين پيشاني مشعل وانگر پئي چمڪي:

نوريءَ جو نراڙ، چمڪيو چوڏهينءَ چنڊ جيئن

ســمــي جــي ســـهــاڳ جـــو، مــٿـــي تــنهن مدار

مــوتــيــن پوئي هـــار، ٻيڙو ٻڌائينس ٻانهن ۾.

نوريءَ پنهنجي سٻاجهي ور کي پنهنجي اصل حسن نسب ۽ گندرن ۾ نپجڻ جو سڄو احوال ٻڌايو. ڄام تماچي جو نوري سان اهڙو نينهن ٿي ويو جو هڪ پل به کائنس پري نه پيو ٿئي. ڄام تماچيءَ جو نوريءَ سان قرب ڏسي، سڀئي راڻيون، دايون ۽ ٻانهيون به ادب سان نوريءَ جي سلامي ڀرڻ لڳيون.

نــوريءَ ســندو نــام، ٿــيو مشــهور ملــڪ ۾

اچو سندس ادب سان، سميون ڪن سلام

انـــهــي کــي انــعـــام، مــلڪ مـــڙوئــي ٿــيـــو.

جيتوڻيڪ نوري گندرن جي غريباڻي ماحول ۾ پلي ۽ وڏي ٿي، پوءِ کيس بادشاهي نصيب ٿي، ۽ سڀ سميون سندس سلامي ٿيون، مگر ايڏي وڏي مانُ مرتبي هوندي به نوري سراپا نياز هئي. وڏائي جو ته کيس واءُ ئي ڪونه لڳو هو. هوءَ سڀني سان محبت ۽ اخلاق سان پيش ايندي هئي. ڪڏهن به پاڻ کي راڻي ڪري نه سمجهيائين. سندس انهيءَ روش ڪري رعيت به کيس گهڻو ڀائيندي هئي. هر ڪنهن جي اهائي خواهش هئي ته نوريءَ کي شل ڪوسو واءُ به نه لڳي.

هڪ ڀيري حجامڻ، نوريءَ جي پيرن جا ننهن پئي لاٿا. اتفاق سان نوريءَ جو ننهن ڏکوئجي پيو، جنهن ڪري کائنس ٿڌو ساهه نڪري ويو. نوريءَ جي ڏکوئجڻ جي اها ڳالهه اک ڇنڀ ۾ سڄي بادشاهيءَ ۾ هُلي وئي. انهيءَ واقعي تي ٻي رعيت جيڪا نوريءَ کان پڇڻ آئي، تنهن جو ته انت شمار ئي ڪونه هو، پر بادشاهي گهراڻي جا پڻ پنج سوء سما خاندان، ساموئي شهر مان کيس پڇڻ آيا:

نـــوريءَ نـــــنـــهــن ڏکـــــوئـــيـــو، حـــجـــامـــڻ هـــٿــــاءُ

سما سومايا، تنهن کي پنج سوء پڇڻ آئيا[2]

جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تئين تئين نوريءَ جو نياز ۽ سندس سهڻيون خصلتون پسي، ڄام تماچي جي دل ۾ نوريءَ جي لاءِ قرب ويو ٿي وڌندو. ايتريقدر جو نوريءَ سان گڏ ڪينجهر ۾ سير ڪندي ڄام مڇيءَ جي شڪار لاءِ پاڻ ڄار اڇليندو هو، ۽ نوري کي هڪ پل به پاڻان پاسي نه ڪندو هو.

کــنــڀــاٽــيــون کــهــنــبــن تــي، جــوپ پــيــاريــن جـــــيــئـــن

مـــوهـــي مــــن مـــجـــنــون ڪيـــو، سنــدي نــوريءَ نــينهن

لال رچـــي ٿـــــيـــو لاک جـــيــئــن، تــن تــمــاچــي تــيــئـــن

ري امـــر، ”ابـــراهـــيـــم“ چـــئـــي، ٿـــئــي قــرابــت ڪيئن

عشق ڪري ٿو ايئن، تيلانهه ڄارو ڄام ڪلهي تي[3].

نوريءَ سان گڏ ڪينجهر جو سير ڪندي، گهمندي گهمندي وڃي نوريءَ جي مائٽن ملاحن ۾ نڪرندو هو ۽ انهن جي پکن ۾ پيهي ساڻن ويهي رس رهاڻيون ڪندو هو.

مرڪن مڇيءَ واريون، ڪينجهر ڪناري

ڄـــــام ڏهـــــــاڻـــي اُن جـــــي، اچــــي اوتــــاري

گــــڏجـــو گـــذاري، مَـــنهَـــن مــلاحـــن جـــي.[4]

گندرن جو ڀاڳ وريو

نوري ۽ ڄام تماچي جي شادي ٿي ته گندرن جو ڄڻ ڀاڳ وريو. ڄام تماچي کين انعام اڪرام ڏئي ڍائي ڇڏيو. پارس جي پاسي لڳي، پاڻ پارس ٿي پيا:

”سي ولها نه ڪنهن ويل، جي پارس پلئه لائيا“

اهي مهاڻا جيڪي سدائين مسڪيني حال گذاريندا هئا، ۽ جن جو ڌنڌو ئي ککي مڇي جو هو، سي اڇا اجرا ٿي، عطر انبير لڳائي وڃي ڄام سمي جي سٿ ۾ ويهندا هئا. ننڍي وڏي گندريءَ جي پڻ ڄام جي ماڙيءَ مٿي ڌم لڳي پئي هوندي هئي. سندن ڏک ۽ بک دور ٿي ويا ۽ وٽن خزاني جا کوڙ لڳي ويا:

گــــهـــر گـــذاريـــن گـــانـــديون، مــڇـــي نه مارين

مـــــارڻ ڪـــاڻ مـــڇـــيءَ جـــي، نَڪـــو نه ڌارين

بحر جي، ”براهم“ چئي، ٻي وائي نه وارين

عطر مشڪ اهڳ کٿوري، هنڌن تي هارين

گهنگر نه گهارين، مَرڪن مڇيءَ واريون.[5]

----

ڏيــئـــي پـــرهڻ پــارچـــا، ڪــيـــون ســمـــي ســـکائون

نـــچـــن پــنــبــن نـــاز ســـان، مَـــرڪــــن مـــهـــاڻـــيـــــــون

جن وٽ ککيءَ کوڙ هئا، تن وٽ خزاني کاڻيون

مڏ، مڇيون ۽ مڪريون، ٿين معاف مياڻيون

ســــمــي ســيـــبـــاڻـــيــون، نـــوريءَ جي ناتي ڪري.[6]

ڄام تماچي، ڏاج ۾ ڪينجهر جو ڏن معاف ڪيو

ڄام تماچي، نوريءَ کي شاديءَ ۾ اڻ ميو ڏاج ڏنو. پر اهو گندرن جي ڪهڙي ڪم جو؟ هڪڙي ڏينهن نوريءَ کي سندس پيءُ ڪينجهر گندري چيو ته: ڄام تماچي جو توسان قرب آهي، تنهنڪري سندس سموري بادشاهي ڄڻ ته تنهنجي ٿي. اسين غريب گندرا، سدائين انعامن تي ڪونه پيا پلباسين. کاڌي کوهه کٽيو وڃن، وري به بادشاهن جا محتاج رهنداسين. تنهنڪري ڄام تماچي کان ڏاج ۾ ڪينجهر ڍنڍ جو محصول معاف ڪرائي ڏي، ته اسان جون ست پيڙهيون پيون کائين ۽ بادشاهه کي دعائون ڪن:

آءٌ گندرو غريب، رهان ڪينجهر ڪنڌيين

توسين ڄـــام قريــب، ڏن ڇڏائي ڏيج تون.

نوري چيس ته: تون گندرن جو چڱو مڙس ۽ نيڪ شخص آهين. آءٌ ڄام تماچي کي عرض ڪنديس ته هو مڃي ويندو ۽ وري ڪڏهن به ڏن نه گهرندو:

جـيـئـن تـون مـهـاڻو، آهـيـن چـڱـو چـوکـو گــندرو

آءٌ عرض ڪنديس ڄام کي، جو مڃيندو ماڻو

ڪـنـڌيءَ جــو نــاڻــو، ڪــونــه گــهــرنــدو ڪڏهين.

نوريءَ اڳ ڄام تماچي کان پنهنجي زبان سان ڪڏهن به ڪجهه نه گهريو هو، ۽ نڪي ڪو انگل ڪيو هئائين. هڪڙي ڏينهن ٻيڙيءَ ۾ ڪينجهر جو سير ڪندي نوريءَ نوڙت مان ڄام کي چيو ته: ”منهنجي سر جا سائين، سخي ڄام سما بادشاهه! ادب سان اڄ هڪ عرض ٿي ڪريان، انهي اميد تي ته قبول پوندو. مون وٽ تنهنجو ڏنو سڀ ڪجهه آهي. باقي منهنجا مائٽ، جن غريبن جو گذران ئي آهي ڪينجهر جي پيدائش تي، تن سان پنهنجو ڪرم ڪري هميشه ڏن معاف ڪرين ته ويچارا سکيو ٽڪر کائي پيڙهين تائين پيا توکي دعا ڪندا.“

نوري، ڄام تماچي سان نه ڪڏهن ڪو انگل ڪيو هو، نه وري ڪجهه گهريو هئائين. سدائين شاڪر رهندي هئي. سو ڄام تماچي سندس ڳالهه ٻڌي مڙني ڍنڍن تان ڏن معاف ڪري ڇڏيو.

ريـــڌو ســـمـــو راءُ، لــٿــو ڏن ڏيـــهـــن تـــــان

مٿي جهول شعاع، نوريءَ جي نياز جو.[7]

 

مــــــــڇــــــي جــــــن مــــــرڪ، مـــارڻ مـــلاحـــــن کـــــي

ککي باس، ”براهم“ چئي، عطر کان به ارڳ

سمي ڄام سمگجي، ڪيو ان تان ڏن ترڪ

ورين شال ورق، گهر گهر گذارين گاندليون.[8]

سمين راڻين جي ريس ۽ سندن پرکا

نوري غريب، گندرن مان بادشاهي ۾ آئي هئي، ويتر جو ڄام تماچي جو ساڻس وڏو قرب ٿيو ته ڄام جون ٻيون راڻيون، جيڪي پاڻ کي وڏ-گهراڻيون سميون ڪري سمجهنديون هيون، سي نوريءَ سان ريس ڪرڻ لڳيون. ڄام تماچي به جڏهن ڏٺو ته سميون راڻيون، پنهنجي حسب نسب جي ڪري هٺ پيون ڇڄن، ۽ ڪنهن کي به پنهنجو مٽ نٿيون ڀانئين، تڏهن هڪڙي ڏينهن محلات ۾ چوايائين ته: سڀئي راڻيون هار سينگار ڪري، ٺهي جڙي ويهن، پوءِ جيڪا به راڻي پسند پيم، تنهن کي پاڻ سان گڏ گهمائڻ لاءِ وٺي ويندس. ائين چئي ڄام تماچي شڪار تي هليو ويو.

شام جو سڀئي راڻيون هار سينگار ڪري، ڀڀڪيدار ڪپڙا پهري، ويهي رهيون. نوري پنهنجي سادي لباس ۾ نماڻي ٿي ويهي رهي، ۽ چيائين ته جتي ٻين راڻين وٺي هيڏو شان ڪيو آهي، اتي منهنجي ڇا مجال! شام جو ڄام تماچي محلات ۾ آيو، پر سمين راڻين جي ڏيک ويک کان نوريءَ جي سادي لباس کي سهڻو سمجهيائين. کيس نوريءَ جي نماڻائي ۽ نهٺائي اهڙي ته وڻي جو ٻين کي ڇڏي نوريءَ کي نيئي گاڏيءَ ۾ ويهاريائين.

تــــــــخــــت تـــمـــــــــاچــــي راءِ جــــــــو، نـــــوريءَ ڪـــيـــــو نــــروار،

جي سميون ڪن سينگار، ته به گاڏيءَ چڙهي گندري.[9]

سمين راڻين ۾ ويتر نوريءَ لاءَ حسد وڌيو، سي اهڙي موقعي جي تلاش ۾ هيون، جيئن نوريءَ جي گهٽتائي ٿئي، ۽ ڄام تماچي جي دل کائنس هٽي وڃي. ڄام به راڻين جي روش مان اها ڳالهه چڱي طرح سمجهي ٿي.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ نئين مند آئي. بادشاهي دستور موجب محلات ۾ موسم بدلجڻ جو جشن ٿيو. هميشه جي هلي چلي موجب سڀني راڻين کي ڄام تماچي وٽ حاضر ٿي سوکڙيون پاکڙيون پيش ڪرڻيون هيون. راڻين ته گهريو ئي اهو ٿي، سي خوش ٿيون. هر ڪنهن راڻيءَ جي اها ڪوشش هئي ته قيمتي کان قيمتي ۽ اوچي کان اوچو تحفو پيش ڪري ڄام تماچي وٽ سرخرو ٿئي ۽ ٻين راڻين کان گوءِ کڻي. سي لڪ ڇپ ۾ پنهنجا تحفا ٺاهڻ لڳيون.

نوري، راڻي ته هئي، پر کيس اجائي ٺاهه ٺوهه سان اصل ڪانه پوندي هئي. سواءِ ڄام تماچيءَ جي ٻيءَ ڪنهن شيءِ ڏانهن خيال نه هوندو هئس. انهيءَ ڪري وٽس ڪي به اهڙيون قيمتي شيون ڪين هيون، جيڪي ڪنهن راڻيءَ يا بادشاهه کي سونهن. ٻين راڻين کي خبر هئي ته نوريءَ وٽ ڪجهه به ڪينهي، سي هيڪاري خوش ٿيڻ لڳيون ۽ خيال ڪيائون ته نوري کي هيٺ ڪرڻ جو اهوئي موقعو آهي.

جتي ٻين راڻين هيرا ۽ موتي پئي وڻجيا، اتي نوري ويچاري پنهنجي سادگيءَ ۾ مست، پنهنجي اوج ۽ اقبال تي خدا جا شڪرانا بجا آڻيندي رهي.

آخر اُهو ڏينهن آيو، ڄام تماچي محلات ۾ داخل ٿيو. سڀڪا راڻي واري واري سان هڪٻئي کان وڌيڪ قيمتي تحفو آڻي سندس خدمت ۾ پيش ڪندي ويئي. جڏهن نوريءَ جو وارو آيو، تڏهن نماڻائي سان ڄام تماچي وٽ آئي، ۽ ڍنڍ مان نڪتل نئين مند جو نئون پاٻوڙو آڻي ڄام تماچي جي آڏو رکيائين. ڄام تماچي اهو انوکو تحفو وڏي خوشيءَ مان قبوليو ۽ نوريءَ کي هٿ کان وٺي پاڻ سان گاديءَ تي ويهاريائين. راڻين، جن گهڻي محنت سان تحفا جوڙيا هئا، تن جا ٺپ ٺري ويا، ۽ ماٺڙي ڪري موٽي ويون.

نئون نوريءَ نيئي، پاٻوڙو پيش ڪيو

حاضر هيون هڪيون، سميون سڀيئي

نوازي نيئي، گاديءَ چاڙهي گندري.

نوري پنهنجي نياز ۽ نوڙت سان جيئن پوءِ تيئن ڄام تماچيءَ جي دل تي قبضو ڪندي وئي. ڄام کي انهيءَ ڳالهه جي خبر هئي ته سميون راڻيون نوريءَ جي بخت سان ريس به ڪن ٿيون، ۽ کانئس خوش به نه آهن. سو آخري پرکا لاءِ، سڀني راڻين کي چوائي مڪائين ته ”هن عيد تي نوريءَ سميت سڀ راڻيون کانئس پنهنجي دل گهري شيءَ گهرن“

عيد جي ڏينهن سڀ راڻيون ٺهي جڙي، سورهن سينگار ڪري اچي ڄام جي آڏو بيٺيون، ۽ نوري به پنهنجي سادي صاف لباس ۾ اچي حاضر ٿي. ڄام سڀني کي چيو ته: گهرو، جيڪي گهرڻو هجيوَ! ڪنهن هيرا طلبيا ته ڪنهن جواهر. مطلب ته هر ڪنهن راڻي پنهنجي مرضي سان تحفي جي طلب ڪئي. نوري ماٺ ڪيو بيٺي هئي، ڄام چيس ته ”نوري! تون به ڪجهه گهر!“ نوري نهايت نوڙت سان سر نمائي چيو ته: ”بادشاهه سلامت! اوهان جو ۽ ڌڻيءَ جو ڏنو سڀڪجهه اٿم. ڪا به خواهش باقي نه آهي، جا پوري نه ٿي اٿم“. ڄام وري به چيس ته: ”تڏهن به توکي ڪجهه نه ڪجهه گهرڻو پوندو!“ تڏهن نوريءَ عرض ڪيو ته: ”سائين، مون کي هميشه لاءِ اوهان جو قرب کپي. جي اهو مليو ته ڄڻ سڀڪجهه مليم“. اهو ٻڌي نهايت خوش ٿيو، ۽ ان مهل ئي نوريءَ کي پنهنجي پٽ – راڻي هجڻ جو اعلان ڪيائين.

روايت [1]

نوري ۽ ڄام تماچي جي داستان بابت آڳاٽن سنڌي شاعرن جي ڪلام مان ٽاڻا ۽ اهڃاڻ

[هنن اهڃاڻن موجب ڄام تماچي سمون بادشاهه، سير شڪار لاءِ ڪينجهر ڍنڍ تي ايندو هو. ڪينجهر جي ڪپ تي رهندڙ گندرن مهاڻن کي ڄام تماچي انعام اڪرام ڏيندو هو، جنهنڪري اهي سندس اچڻ جو ٻڌي خوش ٿيندا هئا ۽ ننڍا وڏا ملاح وڃي سندس سلامي ٿيندا هئا.

نوري، گندري هئي پر ملاحن واري ڪرت ڪانه ڪندي هئي. سندس سونهن سوڀيا جي آڏو راڻيون به گهٽ هيون. سمو ڄام مٿس عاشق ٿي، گندرن کان سڱ گهرڻ لاءِ پنهنجي وزير سان گڏ ملاحن وٽ ويو. نوريءَ جي بخت بلند ٿيو ۽ ڄام تماچي جي ساڻس شادي ٿي. ڄام تماچي انهيءَ خوشيءَ ۾ ملاحن کي ڪينجهر ڍنڍ انعام ڏيئي، مٿانئن مڙئي محصول معاف ڪري ڇڏيا.

نوري راڻي ته ٿي، پر هٺ ۽ وڏائيءَ کي ويجهو اچڻ نه ڏنائين. هميشہ نوڙت ۽ نهٺائيءَ سان هلندي هئي. سمي ڄام جو مٿس راض ڏسي، ٻين راڻين ريس ڪئي، جنهنڪري ڄام تماچي راڻين جي پرک لهڻ جو اعلان ڪيو. نياز، نوڙت ۽ اخلاص جي ڪري نوريءَ جو سڀني راڻين ۾ مان مٿاهون ٿيو. انهن ٽاڻن ۽ اهڃاڻ تي مشتمل بيت ڏجن ٿا.]

ڄام تماچي بادشاهه هو ۽ ڪينجهر ۾ شيل شڪار ڪرڻ ايندو هو.

ونجهه کوڙيائون وچ ۾، ڄارا تن ڌاري
پٿر وڌائون پَنِ جو، سوارو ساري
اُن جي اوتاري، اچي ڄام تماچي تڪڙو.
                        [ميون شاهه عنات]

هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه
اچي وڃي وچ ۾، تماچي جي ساءُ
لڳي اُتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.
                                [ڀٽائي صاحب]

ملاح ڄام تماچي جي سلام تي آيا ۽ انعام حاصل ڪيائون.

پکين پوءِ پچار، اڄ تماچي آئيو
مرڪن ملاحن جا، مٿي ٻانڌيءَ ٻار
وڏي ڄام ڄمار، جنهن مياڻيون موکيون.
                                [ڀٽائي صاحب]

ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇَڄ
پاند جنين جي پاند سين، لڳو ٿئي لڄ
سمون ڄام سَهڄ، اُڀو ڪري اُن سين.
                                [ڀٽائي صاحب]

نوري گندرن ۾ هئي، پر ملاحن واري ڪرت ڪانه ڪندي هئي.

نه وڍي نه وڪڻي، نه ماري نه ڌاري
کارو وڌائين کوهه ۾، نرتئون نهاري
سائِي پَرِ پاري، جا گهر سمي جي سپجي.
                                [ڀٽائي صاحب]

نوري منهن مهانڊي مهاڻي نه هي، بلڪ سندس چال چلت ”ڄاماڻي“ هئي.

هٿين پيرين آڱرين، منهن نه مهاڻي
جيئن سڳو وچ سرندڙي، تيئن راڻين ۾ راڻي
اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي
سمي سڃاڻي، ٻڌس ٻيڙو ٻانهن ۾.
                                [ڀٽائي صاحب]

نوري نهايت سهڻي هئي، ۽ سندس سونهن سلابت ئي ڄام سمي کي موهيو.

تهڙو ڪينجهر ۾ ڪين ٻيو، جهڙي سونهن سندياس
مَڏ، مياڻيون، مَڪرا، مڙيئي معاف ٿياس
ريس راڻين ڇڏئي، وهي ڪانه وَٽاس
مورڇل مٿاس اُڀو، تماچي ڄام هڻي.
                        [ميون شاهه عنات]

نوريءَ جي عشق ۾ ڄام تماچي ملاحن سان گڏ مڇي ماري.

ڪوجو ڪامڻ ميءَ، آهي اکڙين ۾
تن تماچي ڄام جو، ناڀون پايوني
عشق ائين  ڪري، جيئن ڄارو ڄام ڪلهي تي.
                                [ڀٽائي صاحب]

ڄام تماچي پنهنجي وزير کي ساڻ ڪري، نوري جي سڱ لاءِ ملاحن ۾ ويو.

اگلائي آهِبر، رهن ڪينجهر ڪنڌئين
پکين پيٺو تن جي، ڳهي ڄام وزير
لائن اهڳ عنبير، ڇٽ ڇڏيائون اڳئين.
                        [ميون شاهه عنات]

پکن لانگوٽين جي، اچي لٿو ڄام ڄُلي
مَنَهن پييون مَسندا، جُهڳن پاس جُهلي
ڪينجهر سڀ ڪُلي، تن اگهاڙن انعام ٿيو.
                        [ميون شاهه عنات]

گَند جني جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ
اُني جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.
                                [ڀٽائي صاحب]

ڄام تماچي نوريءَ سان شادي ڪئي.

ڄارا جي کارا، مال جني جو مڪريون
تماچي جي تڪيي، اچن سوارا
جي ميءَ مڇيءَ مارا، سمي سي سيڻ ڪيا.
                                [ڀٽائي صاحب]

ٿيا تماچي ڄام سين، مهاڻا محروم
ننڍي وڏي گندري، مٿي ماڙيءَ ڌوم
جي ڪينجهر، جي روم، ته سڀ انعامي ٿيو.
                                [ڀٽائي صاحب]

نوريءَ جو بخت بلند ٿيو ۽ گندرن کي انعام اڪرام مليا.

تخت بلند جن، تني منجهان نُورَئِن
گامين، نامين گاندِ رئين، تماچي سندن
هردم ڏهه ڏي تَن، اٺو پهر عنات چئي.
                        [ميون شاهه عنات]

تخت، بخت، تڙ، تماچي نوريءَ سڀ نَون
نانءُ نيابت گندري، سڀني سونهه سَمين
لکين لياڪا ڪئا، ساري رات سڀن
ٻايون دايون تنهن کي، اچئو پيرَ پڄن
ڪامڻ ڪامَ، عنات چئي، تنهن کي آهي منجهه اکين
ڏنيس ڏيهه ڌڻين، معافيءَ جي مُهر ڪري.
                        [ميون شاهه عنات]

گند جني جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پينام
اُنِي کي انعام، مڃر مڙوئي ٿيو.
                                [ڀٽائي صاحب]

نوري نوڙت، اخلاص ۽ بلند اخلاق واري خاتون هئي.

نوريءَ جي نياز جو، عجب اجهل هوءِ
سمون سر سڀن ۾، ميءَ مورچو سوءِ
اچو اُڀِيَن پوءِ، حجت ڀڳي راڻيين.
                                [ڀٽائي صاحب]

سميون ڪري سينگار، راءُ ريجهائڻ آئيون
ڄام هٿ ۾ ڄار، جُهلي جَهٻين وچ ۾.
                                [ڀٽائي صاحب]

مُهاڻيءَ جي من ۾، نه گيرب نه گاءُ
نيڻن سين ناز ڪري، ريجهايائين راءُ
سمون سڀ ملاءِ، هيريائين حرفت سين.
                                [ڀٽائي صاحب]

پاٻوڙو پيش ڪيو، نوريءَ نئون نيئي
حاضر هيون هڪيون، سميون سڀيئي
نوازي نيئي، گاڏيءَ چاڙهي گندري.
                                [ڀٽائي صاحب]

ڄام تماچي ۽ نوريءَ جي نينهن واري ڳالهه سچي آهي.

جيلانهه نوريءَ نوازيئين، ٿيو تماچي تي
گاڏيءَ چاڙهي گندري، ماڙهو ڪيو مي
ڪينجهر چوندا ڪي، ته سچ سڀائي ڳالهڙي.
روايت [2]

”تحفة الڪرام“ جي روايت[10]

نوري ذات جي گندري ”ڪينجهر“ ڍنڍ جي مهاڻن جي ڇوڪري هئي، جنهن ڄام تماچيءَ جي صبر ۽ سڪون تي ڌاڙو هنيو هو. ڄام تماچيءَ جي ساڻس عشق ۽ بيقراريءَ جو قصو، سنڌي زبان جي بيتن ۾، هڪ خاص سر ۾ مشهور آهي. ڄام هن جو سڱ سندس مائٽن کان وٺي، کيس پنهنجي پَٽ راڻي بڻائي، ڪينجهر جي ڪناري تي سندس لاءِ عاليشان ماڙي ٺهرائي، ٻنهي جون قبرون مڪليءَ تي، شيخ حماد جمالي جي پيرانديءَ وٽ هڪڙي حجري ۾ يادگار طور باقي آهن.


[1] گل محمد سالاراڻي جَت جي روايت موجب: نوري دهلور بادشاهه جي ڌيءَ هئي، ٻاچو ۽ ٻالاچ ڀائر هئا ۽ هاڻو چور هئا. انهن نوري کنئي ۽ ”بيگ سامي“ وٽ آيا. جيڪو سندن اُستاد هو. اُن کي ماريائون ٿي، جو سندس پِٽَ تي نوري ڪوڙهي ٿي. پوءِ ”شاهه هُوندڙي“ جي خدمت ڪيائين. جنهن جي دُعا سان هوءَ منهن ملوڪ ٿي.

[2]  زباني روايت گل محمد فقير سالاراڻي جت.

[3]  شيخ ابراهيم.

[4]  شاهه شريف ڀاڏائي.

[5]  ابراهيم شيخ.

[6]  غلام حيدر تيرهو.

[7]  شاهه شريف ڀاڏائي.

[8]  شيخ ابراهيم.

[9]  شاهه شريف.

[10] تحفة الڪرام، سنڌي ترجمو، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ. 1957ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org