سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :6

”چار يار“ ميهار جي مَنَهن تي آيا ۽ کير گُهريائون. درويشن جي دعا سان ميهار هڪڙي وڇ کي ڏُڌو ته کير جو ساڙهو ڀري ڏنائين. هُو کير پي ٿورو ڍُڪ ميهار جي پيئڻ لاءِ بچائي هليا ويا. سهڻي ۽ ڏم جي اُن ڏينهن شادي ٿي هئي. ڄڃ اچي وٿاڻ جي ڀرسان لنگهي ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار جي سَوَڻ لاءِ ميهار کان کير گهريائون، جنهن ”يارن“ جو بچايل کير کين ڏنو، جيڪو ڏم نه پيتو پر سهڻيءَ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين. کير پيئڻ ساڻ ميهار جي عشق جي لئون لڳي ويس ۽ پوءِ هر وقت ميهار سان ملڻ جي تانگهه رهيس. مقصد ته هن روايت موجب سهڻي جي ميهار سان محبت جو بنياد اها کير جي سُرڪي هئي جا چئن يارن بچائي ڇڏي هئي.

انهيءَ بنيادي نڪتي تي سٽيل هن قصي جون منظوم روايتون هن بعد شامل ڪيون ويون آهن.]

حفيظ تيوڻي جا بيت[1]

[حفيظ تيوڻي جي بيتن موجب ”سهڻي ۽ ميهار“ جي قصي جا ٽاڻا هن ريت آهن: ميهار ڀاڳيو ۽ مالوند هو. ڪي چون ٿا ته ذات جو ”لغامڙو“ هو ته ڪي چون ٿا ته ”اعواڻ“ هو. ”چار يار“ سندس وٿاڻ تي آيا ۽ کير گهريائون. ميهار هڪڙيءَ وڇ کي ونگ وجهي، کين کير ڏهي ڏنو. هو پيالا پي، پر ٿي هليا ويا. ان ڏينهن سهڻي ۽ ڏم جي شادي هئي. ڄڃ موٽي ته ميهار جي وٿاڻ وٽ منزل ڪيائون. گهوٽ ڪنوار جي سوڻ لاءِ ميهار کان کير گهريائون. ”چئن يارن“ ٿانو ۾ ميهار جي پيئڻ لاءِ کير ڍڪ اوباري ڇڏيو هو. ميهار اهو کڻي ڏنو. کير ٿورو هو، سو ڏم نه پيتو، پر سهڻيءَ کي پئياري ڇڏيائين.

کير پيئڻ سان سهڻيءَ کي عشق جي لئون لڳي وئي. جيئن ته کير ميهار کان مليو هو، تنهن ڪري من اندر به ميهار کي ئي ياد ڪرڻ لڳي. اٿئي ويٺي آرام ئي نه اچيس، پر خواريءَ جي ڊپ کان ڪنهن سان به سُور ڪين سليائين.

آخرڪار اهو دستور ڪيائين جو اڌ رات جو ڏم جي ڀر مان اٿي، گهڙو کڻي درياءَ تري، ميهار وٽ ويندي هئي ۽ اسر جو موٽي ايندي هئي. هڪڙيءَ رات سس ڏسي ورتس، تنهن چيس ته: سهڻي! اهو توکي نه ٿو جڳائي جو ننگ ڇڏي، درياءَ پار ڌارئين مرد وٽ ٿي وڃين، جي درياءَ جي دهشت کان نٿي ڊڄين ته ماڻهن جي مهڻن ڀر ڊڄ! تڏهن سس کي جواب ڏنائين ته: جن کي نينهن نهوڙيو تن کي لوڪ جا طعنا ڇا ڪندا؟ مون کي ته مجازي عشق ۾ ساهڙ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نظر ئي نٿو اچي.

تڏهن سس پڇيس ته: سهڻي! توکي ساهڙ جو عشق لڳو ڪيئن؟ ڪنواري هوندي جو عشق اٿئي يا پرڻي کان پوءِ ٿيئي؟ تو جو مڙس جو حق ڀڳو آهي، تنهن جو حساب ضرور ڏيڻو اٿئي! تڏهن سهڻيءَ جواب ڏنو ته: سس! ناحق الزام ڌري مون سان نه وڙهه. منهنجو ساهڙ سان لکيو ڄائي ڄم جو آهي. ڏم سان ته زوريءَ پرڻايو اَٿو. سس چيس ته: مُٺي! جي ڏم نه وڻيو هئي ته دانهون ڪوڪون ڪري ملان کي منع ڪرين ها، يا جڏهن وارثي ٿي واريئي تڏهن انڪار ڪرين ها، ته اڄ نڪي ڏم ڏٺو ٿئي ها، نڪي تون ئي لوڪ جي طعنن ۾ اچين ها. هاڻي چڱائي انهيءَ ۾ اٿئي ته ڏم سان ڏنگائي ڇڏي، حق تي هل!

تڏهن سهڻيءَ چيس ته: سس! مون کي انهيءَ ڏکئي ڏم لاءِ نڪي منٿ ڪر، نڪا صلاح ڏي. منهنجي کانئس بنهه بس آهي. سس وري به سمجهايس ته: ڀتار سان ڀڳو ڪرڻ، زال لاءِ چڱو نه آهي. هاڻي به ساهڙ جي پچر ڇڏ، نه ته جي ڏم کي خبر پئي ته تو تي ڏمربو. سهڻيءَ چيس ته: سس! ڏم ڏمربو ته گهوريو. شل ساهڙ نه رُسي، جو ان جي عشق جي جڙ جيءَ اندر اٿم. ڀلي ته ڏم ڏسي، ۽ آءٌ ساهڙ تان ساهه قربان ڪريان.

سس جڏهن ڏٺو ته سهڻي، خلق جي خواري ۽ ڏم جي ڀر نٿي ڊڄي، تڏهن ڪارونڀار ڪنن ۽ جر جي جانورن جا ڊپ ڏيڻ لڳيس ته: ”ماريندءِ مانگر، سهڻي! ڪنهن سٽ ۾“ پر سهڻيءَ جو اهو جواب ته ”سس! مون کي نڪا ڏم جي پرواهه ته نڪو درياه جو ڊپ. مينهن هجي يا طوفان، سيارو هجي يا اونهارو، آءٌ ته هر حالت ۾ ميهار سان وڃي ملنديس. ڀل ته آءٌ اُن تان صدقي ٿيان.“

سس ڏٺو ته سهڻي ڪنهن به طرح نٿي مڙي، رڳو ميهار جي وائي وات اٿس، سو خيال ڪيائين ته جي لوڪ کي خبر پيئي ته خواري ٿيندي، انهيءَ ڪري ڪنڀار وٽ وئي ۽ ان کان ڪچي دلي جي طلب ڪيائين. ڪنڀر کيس ڪچو گهڙو ڏنو، جيڪو لڪ چوريءَ کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي ڪانهن جي ٻوڙي ۾ لڪائي ڇڏيائين، جتي سهڻي پڪو گهڙو لڪائي رکندي هئي.

سهڻي دستور موجب اڌ رات جو اٿي درياءَ تي آئي ۽ دلو کڻي درياءَ ۾ ڪاهي پئي. وچ سير ۾ آئي ته دلو ڳرڻ ۽ ڀرڻ لڳو. اهو ڏسي هن ترڻ لاءِ هٿ پير هنيا پر آخر لهرين کيس ٻوڙي ڇڏيو.]

بيت

1-      چڙهي چار ئي يار آيا، مَنَهن تنهن ميهار
وجهي ونگ وڇير کي، ڏڌو کير ڌنار
پي پيالا پُر ٿيا، مانجهي مرد متار
ڄُلي ڄاڃي آئيا، پَسي دونهين جي دوار
اچي ائين اُتائون محڪم کي ميهار:
”ڪا سُتي گهرجي سَوَڻ ڪاڻ، ڪارڻ گهوٽ ڪنوار“
ڪا رَتي رهي هئي رَڇ ۾، سا سانڍي سُرتدار
اوبر اصيلن جي هئي، تنهين منجهه تڪرار
هُن نه پيتي هن کي ڏني، سا وٺي چٽيندي چشڪار
سُرڪ ڪَرايس سار، جيڪا پيتائين پرت مؤن.

 

2-     پيهي ويس پِرت مؤن، ڪا لئون لئون منجهه لغار
لٿس ڪس قلوب تؤن، ڪا چٽيندي چشڪار
ڏٺائين ڏاتار جا، ڪي الستي اسرار
اتاهون عشق جو، وڪوڙي ويس ويچار
ڦهڪي لڳس فراق جا، ڪي چارئي چوڪيدار
برهه بيهڻ نه ڏئي، تنهن ويچاريءَ کي وار
بيٺي برهه مؤن ڀري، تنهن ساهڙ لئي سڏڪار
ڳجهه ڪنهين کي ڪين ڏئي، ڪا اندر جي اُپٽار
آڌيءَ رات اُٿي وڃي، منجهئون ڀر ڀتار
ڪي چون ڪَچي هئي، پر هيس محبت سان ميهار
”لالو“ چئي لوڪ جي، کنئي منڌ ميار
چڱا چار ئي يار، شل ساڻي ٿيندس سِير ۾.

 

3-     ڦري من فراق ويس، تَن وڪوڙيس تات
لئون لئون ۾ لايُون وڃي، مُنڌ اها مصلات
چورن جان چرڪي وڃي، ڪَيُون چپ چپات
ملي ميهر ساڻ موٽي، پرهه ڦُٽيءَ پرڀات
سس! ساٿين ته ساٿ، نه ته مُنهن تي آڇ نه مهڻا.

 

4-     مُنڌ جهليندينءَ مهڻا، تون اڃا تائين توڙ
تو سِر ٺهندا سهڻي! ڪي آڻ جڙائيندا جوڙ
پار پراهون پنڌ تي، ڊُڪي وڃين ڊوڙ
مانگر مڇ ماري ٻُجهن، خواجي اندر کوڙ
ڊوهي ٿي نه ڊوڙ، نُنهن! پرائي ننگ تي.

 

5-      جيڪي نينهن نهوڙيون، سي ڪيئن سانگا ڪن
عشق مجازي مامرو، آهي، جيءَ سان لڳو جن
لاءِ مصالحت لوڪ جي، اهي ويڳاڻيون وتن
توڙي طعنا ڏين، ته به سس! سکنديون ڪينڪي.

 

6-     اهو ساهڙ سهڻي! ڪاٿئون ڪن لڳوءِ؟
ڪنواري هئين ڪٽ ۾، ڪين پرڻي کان ٿئين پوءِ؟
يا لانئن ۾، لالو چئي، يا پيڪن پڪ پڪوءِ؟
ڇوريءَ لاڪون ڇتڙن، يا نينهن ننڍي ئي هوءِ؟
هاڙهي! حق ڀڳوءِ، سو ڪاٿي ڏيندينءَ ڪانڌ جو.

 

7-     سس! هڻي سکڻا، تون ناحق رک نه بم
تون تنهين جي تات ۾، ڇو موڙهي آهين مَم
ساهڙ سهڻيءَ سان هيو، اڳي کئون آدم
لکيو لوح ميثاق جي، لاڪون لوح قلم
پڙهيو نڪاح منهنجو، هاديءَ ساڻ حڪم
ڄاڻي پڄاڻان ڄم، زوري ڏنائون ڏم کي.

 

-     جي ڏم نه وڻيئي ڏانوَ ۾، ته ڊوڙي ڪرين ها دانهه
وجهين ها واڪا ڪري، تنهن مُلان کي منانهه
ته ”اللهم اِني“ نه پڙهي ها، ٻڌي پرائي ٻانهه
جڏهن وڪيلن وارث ٿي، پُڇي پرس پناهه
تڏهن ننهن ڪري ها نانهه، ته اڄ قاضي ڪوڙو نه هئي ها.

 

9-     چئي: کرو قاضي قلب جو، آخوند آهه اندر
ٻيا پڙهن ٿا ٻين کان، ٻڌي عين اپر
لايو لِکن نا لام جو، اهو باب نه برابر
اهي قاضي ناهن ڪواز ۾، ماسي ملان مگر
ٻانگون ڏين ٿا ٻاجهه مؤن، زيل ڪيون لئي زر
تَن نه اٿن توحيد ۾، ٿا ٻاڪرين ٻاهر
ڪن ٿا ڪٿ ڪتابن تي، آهي جماعت جيڪر
سس! نه ٿيءُ سڌر، تون ملن جي مسئلن تي.

 

10-    چئي: جي حافظ حديثن جا، سي ڪن مسئلا مر
قاضي ڪهن ٿا ڪاف جو، سو منجهائي سر
جيڪا مڃيندي نه مصحف کي، سا ڪڍي ڪندا ڪافر
ڏيهه مڙوئي ڏوهه سان، آهي بيڏوهو ڏاتر
تيوڻو چئي تلقين جو، آهي بيشمار بحر
ڪن ٿا ڪٿ ڪتابن تي، ڪن جو بدين تي بانور
ڪي ماڻين صبح مڪي جو، ڪي گنگا ڪن گذر
ڪي جامع جماعتون ڪن، ڪي ڌرمسال ڌچر
ڳڻي ڳڻيندو ڪيترو، ڪو ڏاهو ڏهيسر
باري بي حساب آهه، ڪن ٿيون وڇوڙي ور
ڪٿڻ ڪل ڪريم جي، جيڪو توريندو تڪبر
تون ٽڪ انهيءَ تؤن ٽر، صدق ٽوڙ نه سهڻي!

 

11-    صدق ته ساهڙ ڄام سين، جن جو لڳو جو
ڏوهه نه ٿيندم ڏم جو، ڪجهه تنهين کي ڪو
ڪو نه ڏٺو هئم ڪاٿهين، ڪو اهڙو پير پڪو
ماڻهو ڪن مڪو، مون حج هتي ئي ماڻيو.

 

12-    حج پڙهيئي پر حق نه رکيئي، تنهنجو حج نه ٿيندو وري حق
وڃي پڇ پڙهين کون، اها ڪر پروڙي پڪ
لوٽ بنان ”لالو“ چئي، طعام نه اچي ڪنهن تڪ
اهي ٻوڙا ٻڌي سهڻي، ننهن! منهنجون ناحق
ماريندءِ مالڪ، تون ڇڏ ڏنگايون ڏم سان.

 

13-    ور نه منهنجي واجهه جو، اهو ڏم مونکي نه ڏس
اها منٿ متان ڪري، جو مور نه مڃينديس
سوڙهه نه ٿيندو سگهرو، مور نڪين ماڻس
ڪِر ڪِر واري ڪانڌ کئون، مون کي بنهه آهي بس
اڄ کئون اٿس، ڏاڙهيءَ وارو ڏم کي.

 

14-    ڀڳي ڪرڻ ڀتار سان، آهي زالن ڪاڻ ضرر
ڪو نه سُجهي ٿو سهڻي، توکي ڏم سندو ڪو ڏر
متان مورن کي پوي، انهيءَ وبڻ جو وڏر
ڪين لاهيندو ”لالو“ چئي، توڏانهن ڏم ڏمر
متان وڙهيئي ور، دم ڦٽو ڪر ڪانڌ سان.

 

15-    ڏم ڏمريو گهوريو، شل ساهڙ تان نه رُسي
ساهڙ جي سوز جي، اٿم جڙ جثي
مر جان ڏم ڏسي، جو ڏيان سر ساهڙ ڄام کي.

 

16-    سهڻي سِکندينءَ ڪينڪي، انهي بينش تون ويندءِ ور
کِل خواريءَ خلق جي، توکي ناهي ڪا نظر
وڃين ٿي وير سامهون‏، ناز ڪري نينگر
پار پاڻيءَ پنڌ تي، ڪندءِ پروڙي پر
لَکڻ اهڙي، ”لالو“ چئي، ٻي وائين ٿي ويتر
ماريندءِ مانگر، سهڻي! ڪنهن سٽ ۾.

 

17-    پرينءَ جي پريت جو، جڏ ٿو چڙو چونگاري
وجهي تو ويل تنهين، ڏيل منهنجو ڏاري
ڪين ڪيو آ ڪست مون، سيءَ سندي پاري
وڃان ٿي وير سامهون، لڳي ان لاري
پوءِ مانگر نه ماري،  جي مئس ته صدقي ساهڙ ڄام تان.

 

18-    سمجهه سهڻي صبر ڪر تون، چري ٿي آن ڇو
مرندين انهيءَ مرمَن مؤن، مُٺي جڳ سڻاءِ جوءِ
ڪَچي تي ڪينرو ڪرين، اهو هٺ نه هلندوءِ
لڳ ڌڻي، ”لالو“ چئي، منهنجو عرض مڃ اهو
ساٿي ويهه سرير ۾، ڄڻ ڪي ميهر موءِ
هڏ نه ڪي هوءِ، ڄڻ گڏين ڪين گمان سان.

 

19-    اهي متيون ڏي پاڻ کي، جو ڪجهه نه ٿيندءِ ڪم
پير پچارڻ پنهنجو، تون ڌن ويٺي ڌم
مرندو ڪين ميهار، شل ڏائڻ مري تنهنجو ڏم
رکندو شاهه شرم، جو اٿيئي نيت نڀاڳي پنهنجي.

 

20-    مت اڳيئي ٿي ميهڻو، تون ڇو ٿي ڇنين پاڻ
کُهه ميهر، کُهه مامرو، کُهه پئي تنهنجو پاڻ
ڪي لکن ٿا ”لغامڙو“، ڪي آکن ٿا اعواڻ
تو ته وڃي ڪيو تڪڙو، سڱ به ساهڙ ساڻ
هاڻي تون ئي ڄاڻ، ڪي ڄاڻي تنهنجي جندڙي.

 

21-    لکيو لوح قلم جو، هوندو جنهن جي حق
سا ماڻيندي سڀڪا، برابر بيشڪ
تيوڻو چئي تَڪ، تون به توبهه ڪري تقدير کئون.

 

22-    پوءِ اُبتڙ انهيءَ جي، اچي وڏو ٿيس ويچار
معلوم ڪيائين ڪنڀر کي، ته ڪم اٿم هي ڪار
اٿم دلي جي درڪار، تنهن به چوري چُڪائي وتو.

 

23-    پوءِ ڪَچو رکي ڪانهه ۾، آئي پڪو پاڻ کڻي
صلاح هن سهڻيءَ جي، اڄ واحد کي نه وڻي
اُٿي اڳينءَ هير تي، انهيءَ مهل کڻي
ڍري ڍوري پاس، وڃي دلو ڪنڌ کڻي
سڏيندي ساهڙ کي، ويئي منڌ مڻي
هن جي باب بڻي، وڃي دادلي ڌنار سان.
 

24-    ڇوليون لڳيون ٿي ڇوهه مان، هُن هنيون ٻانهون منجهه ٻار
ماهه نيُس مڇين، ٻيا واڳون ۽ سيسار
ڄرڪيون، ڏاهيون، ڏنڀرا، ٻيا شاڪر بيشمار
ڪهڳل ڪانيرن جا، هئا ڪنڌيءَ اتي ڪار
پکين پنهنجيءَ پر ۾، ٿي رُنو زار زار
لهرين لُڙهي ”لالو“ چئي، طرح انهيءَ تڪرار
سائين سڀ جوڙي هئي، جوڙ اها جنسار
ڪلمي جي آڌار، سڀ لنگهيندا لَڪيون
لا اِلہٰ الا لله محمد رسول الله.
محمود شيخ جا بيت[2]

[محمود شيخ جي بيتن جي سربستي روايت مان سهڻي ميهار جي قصي جا ٽاڻا هيٺين ريت ملن ٿا.

ساهڙ ڀاڳيو هو. سندس ڀاڻ تي ”چار يار“ آيا. ميهار مهمانيءَ جي صلاح هنئين چيائون ته، ”تڪڙا آهيون، کير پيار ته اُسهون“. ميهار چيو ته، ”سائين! مينهون چرڻ ويون آهن. سانجهيءَ جو اينديون، پوءِ کير پياريندس“. چيائونس ته، ”اُٿي وڇ کي ڏُهي وٺ“. ميهار عجب ۾ پيو، پر خيال ڪيائين ته، الله وارا آهن، سو سندن حڪم مڃي وڇ کي ونگ وڌائين ته اها سڱوئجي بيٺي. ميهار يارن کي کير پيئاري خوش ڪيو، تنهن بعد هو موڪلائي هليا ويا. اُن ڏينهن سهڻيءَ ۽ ڏم جي شادي هئي. گهوٽ ڪنوار جي سوڻ لاءِ ميهار کان کير گهريائون. درويشن، ميهار جي پيئڻ لاءِ کير سُرڪي بچائي ڇڏي هئي، جيڪا انهن کي ڏنائين. کير ٿورو هو، سو ڏم نه پيتو، پر سهڻي کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.

سهڻيءَ کير پيتو ته الاهي عشق جو خمار چڙهي ويس، سو رات ڏينهن ميهار کي ياد ڪرڻ لڳي. نيٺ هڪڙيءَ رات گهڙو کڻي، درياءَ تري ميهار سان وڃي ملي. پوءِ ته سهڻي روزانو درياءَ اُڪري ميهار وٽ ويندي هئي ۽ پرهه ڦٽيءَ جو وري ايندي هئي.

هڪڙي رات سس کيس ڏسي ورتو، سو پڇيائينس ته: ”سهڻي! تون سامٽي، ميهار نڱامڙو، اوهان ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪهڙو سڱ ٿئي، جو اڌ رات جو درياءَ تري هن ڏانهن ٿي وڃين؟“ سهڻي جواب ڏنو ته: ”سس! اڳ ته سڱ ڪو نه هئم، پر منهنجو نينهن ميهار سان، ان ڏينهن کان لڳو، جنهن ڏينهن کير چڪو پيتم“. پوءِ ته سس کيس ڏم جا ڊپ ۽ خلق جي خواريءَ جا طعنا مهڻا ڏيڻ لڳي. پر سهڻيءَ جو اهو جواب ته: ”چاچي! ڇا به ٿئي، آءٌ درياءَ پار وڃڻ کان نه رهنديس.“

سسڻس جڏهن ڏٺو ته سهڻي ميهار سان ملڻ کان سواءِ نٿي رهي، تڏهن ڪنڀار کان ڪچو گهڙو وٺي، پڪي گهڙي جي جاءِ تي آڻي رکيائين. سهڻي دستور موجب اڌ رات جو گهڙو کڻي درياءَ ۾ گهڙي پئي. وچ سير ۾ آئي، ته دلو ڀُري ويو ۽ سهڻي لهرين ۾ لڙهندي ٻڏي وئي.]

بيت[3]

1-      ساراهيان سچو ڌڻي، جو سڀ ڪنهن سان ساڻي
مهند خلقيائين مصطفيٰ، ڪئي پرور پڄاڻي
دنيا دم گذر آهي، ويندي وهاڻي
آيا ڀاڳئي جي ڀاڻ تي، جنهن جي صحبت سيباڻي
کڻي آءٌ کير خوشي مان، تنهنجي وٺون ميهر مهماڻي
چئي: ڀُوريون ناهن ڀاڻ تي، اينديون سانجهي سهماڻي
چئي: اُٿي سَڪُر ميڙ سنگهار تون، سالم سڃاڻي
تنهن ميڙي وڇ وٿاڻ تي، ننڍي نماڻي
ڪئي مردن موڪلاڻي، پي پيالا پُر ٿيا.

 

2-     ساهڙ تنهنجو سڱ ۾، ٿئي ڪامڻ ڪڄاڙو
اوهين سامٽيا، هو لڱامڙو، اهو پري ٿيو پاڙو
ٻجهي ٻيلي پاسي ٿو، واڳن جو واڙو
مَڇ مِڙي مهراڻ جا، ڪندئي ڪُن مٿي ڪاڙهو
تو کائي ڏٺو کير خوشيءَ سان، ڀوليءَ جيئن ڀاڙو
ري چڱائي چاڙهو، ٻيو ڪو نه ٿيندئي ڪامڻي.

 

3-     سنئين پئي ٿي سير ۾، منهنجو پاڻيءَ لاڳو پنڌ
سَوڻ ڪرڻ سان سوگهو ٿي، مونکي باري لڳو بند
ڏک اوريو ڏم سان، ڇو ڪرين ٿي ڇَند
مون منهن نه ڏٺو ميهار جو، ڪڏهن کڻي ڪنڌ
هن ڀر جن جو هنڌ، تن لهه لڳيون ٿي لهريون لنگهان.

 

4-     جن جي لهه لڳيون ٿي لهريون لنگهين،
تن جي ڪيئن سهڻي ٿي سونهين
حق ڇڏيو ٿي هٿ هڻين، هلين پيئي هونهين
دُکِي ڀَر درياه جي، درد جي دونهين
جن جي طلب ڪري تونهين، سي ڪين ڪڍندئي ڪُن مان.

 

5-      چئي: اُهو ڪڍندو ڪُن مان، جو آهي هميشه حامي
منهن چڙهيو مهڻا ڏين، تنهنجي مَت وئي، مامي!
من مٿي ميهار جي، جاءِ جُڙي جامي
جن کي محبت من ۾، تن سان سوڙهه نه ڪندي سامي
پوءِ آهن انجامي، ڀاڳئي جي ڀاڻ تي.

 

6-     ڀاڳئي جي ڀاڻ تي، نه ڀيرو ڪندئي ڀوري
هلڻ جي هُن پار ڏي، ڪا لنئون لڳئي لوري
جوڀن جواني جيڏهين، ڇڏي ويندئي ڇوري!
تنهنجي ڪرم ۾ ڪوري، سا گهڙي ڏسندئين گهيڙ تي.

 

7-     تنهنجو ڪم ڪنڀار سان، جو ٿڌا ڏئي ٿانوَ
آءٌ ڪريان وچينءَ نيت وڃڻ جي، جيهر وڻن ويهن ڪانوَ
ڏک اوريو ڏم جا ڪرين ڏهاڻي ڏانوَ
ناحق ڌر نه نانوَ، مهڻا ڏيئي ميهار جا.

 

8-     مت لڳئي ٿي ميهڻو، ڇو ٿي ترين تار
ڏکيا سکيا ڏيهنڙا، ويهي گهر گذار
جن ننڍڙي ڪري نپايئي، ڪل وڃائي ڪار
محبت جا محمود چئي، ساڳيا ڏينهن سنڀار
نظر ڪري نهار، ته ڏوهه گهڻو اٿئي ڏم جو.

 

9-     چئي: پوءِ اهي ڳالهيون پڌريون پونديون پَٽ
جنهن سان لهريون لتاڙيو وڃان، سو ڪيئن گهڙو ڀانيان گهٽ
ڪنهن پساريءَ وٽان پيدا نه ٿئي، نه ڪنهن هوندو هٽ
تنهن سان کير کڙو ڪيو، ڄاڻي پيتم ڄَٽ
ڏک اوريو ڏم سان، سُور به ويٺي سَٽ
مهڻا ڏيئي ميهار جا، موڳي مُهڙ نه مَٽ
ساهه به ساهڙ وٽ، ڏم سان ڏينهن گذاريان
 

10-    مٿي ڏم ڏکن جي، تو لاتي لڙائي
ڪڏهن ڪڍيئي ڪانڪا، دل مان دغائي
هلڻ جي هن پار ڏي، وارين پيئي وائي
ڪم ايندئي ڪانڪا، اها ڪوڙي ڪمائي
ڀاڳئي جي ڀاڻ تي، تو کير ڏٺو کائي
منهنجو تو مائي! ڪڏهن ڪم ڪَسِيري جو نه ڪيو.
 

11-    چاچي! تو نه چيو ڪو، ڪڏهن مون کي ڪم
انهن ڏکن ڏوراپن جو، گوندر ٿيو ٿم غم
ڀاڳئي جي ڀاڻ تان، منهنجو رکيو شاهه شرم
وڃي ڏينديس وير ۾، درياءَ مٿي دَم
اهو ڏک ڪري ٿو ڏم، ته وڃي پنهنجن مان پرڻائيو.
 

12-    هڪڙي پرڻي پَر ڪيو، وري ٻي ڪندو شادي
مُنهن ڏسڻ لاءِ ميهار جي، منڌ آهين ماندي
توکي نينهن نهوڙيو، هڪ وار ناهين واندي
اسان کي ڪري ڏيندو ڪڙم مان، هڪ وني هادي
اِها بوءِ اٿئي بادي، تو در بنان آهي باسيو.
 

13-    اُتي وٿاڻ واسيا، جتي جنگن جاءِ
مهڻا طعنا مُنڌ ڏيئي، واتان ڪيم وڃاءِ
لکيو منهنجو ڪرم ۾، انگ اڳيئي آهه
پاڙو پُڇي پانهنجو، پُٽ اُٿي پرڻاءَ
سا آڻي ويهارج وچ ۾، جيڪا جوءِ جڳاءَ
ڀاڳ پنهنجي کان ڀاءِ، آءٌ اڳيئي اهڙي آهيان.
 

14-    ڀاڳ اسان سان ڀيڙو هو، پر اچي تالان ڪيو تو
لتاڙيو لهرون وڃين، ساري لوڪ سُئو
ڏک ڏيوم ڏم کي، ٿي جاڙون ڪرين جوءِ
اها پڇا ٿيندي پوءِ، جو حق ڇڏيو هلي وڃين.
 

15-    هلي وڃان هيڪلي، اهو ڦولهه نه ڦڦي! ڦورو
پيتم کير خيال سان، ٿڌو ۽ ٿورو
ڪنهن سان هلندو ڪينڪي، ظلم ۽ زورو
جتي تُرندو تورو، اتي ڏم به بيٺو ڏسندو.
 

16-    تورو ته پوءِ تُرندو، هِت وانجي ڇڏيئي ور
سُتي پَئي ساهڙ جو، سهڻي سُئي سانڀر
وجهي ترهو تار ۾، رکيئي ڀيلي مٿي ڀر
محبت جو محمود چئي، آهي ڪانڌ کي ڪَٽر
جي آيو ڏم ڏَمر، ته ڪپي رکندئي ڪُن تي.
 

17-    ڪپڻ واري ڪامڻي! ڏم وٽ ناهي ڏَيا
هلي وڃان هيڪلي، ڇڏيو هِت حياءَ
مهڻا طعنا لوڪ جا، مون کِلي سِر کنيا
مون کي نِيرَ نينهن جا، پيئندي کِير پيا
جن هئا قول ڪيا، سي پَسان تان پاپ لهي.
 

18-    ڪئن تنهن کان پاپ پري ٿئي، جو سچ نه سڃاڻي
ڪاهي پئين ڪُنن ۾، تُرهي کي تاڻي
دغا تنهنجي دل ۾، ٿو ڄاڻندڙ ڄاڻي
ڄڻ ساهڙ ساماڻي، لٿو ڏولائو ڏيهه تان.
 

19-    سَس! مون کي ساهڙ جا، تو ڏنا طعنا
ڪئين هتان حاڪم هليا ويا، ٿيا روئي روانا
ڪرهه ڪرين ٿي ڪامڻي! ڪيو بڇڙا بهانا
جن جا هئا پڪ پروانا، تِن مٿان وير وري وئي.
 

20-    وير وري وئي ويسلي، ٿيا لهوارا لَڪ
ميهر سان محمود چئي، ڪا پُوري ٻَڌئي پَڪ
وٺندئي حرف حساب جا، هڻي ڌوٻيءَ وانگر ڌَڪ
اهو حرف ٿيو اٿئي حق، سو ڪٿي ڏوهه ڏيندينءَ ڏم جو.
 

21-    ڏوهه جيڪي آهن ڏم جا، سي مونکي مڙئي ڪندو معاف
منهنجي دل ميهار ڏي، سچي آهي صاف
پڙهي ويا پريت سان، قابل پورو قاف
سچي نيت صاف، وٺي ڪامل ڏيندو ڪم جو.
 

22-    تو ڪمائي ڪا نه ڪئي، جوءِ هتي جاڳي
گهرو وڌئي گهيڙ تي، واڳن سان واڳي
دغا تنهنجي دل ۾، ڪا آهي نِيت نڀاڳي
سهڻي سڀاڳي، تو مائٽ سَڀ ملهائيا.
 

23-    مائٽن منهنجو نه ڪيو، سڱ سُڻي سمجهي
ڪنهن جي رهندي ڪانه ڪا، جو هوندي ڳالهه ڳُجهي
پيتم کير خيال سان، ويم مَت منجهي
لٿو ڪُلف قلب جو، جنهن جي ڪنهن وٽ ناهه ڪُنجي
ناني! تنهنجي ننڍڙي، غافل آهي گُجي
جيڪا ساهڙ ٿي سُجهي، سا ڪري ٻڌايائين ڪَن ۾.
 

24-    ڪري ٻڌائي ڪَن ۾، توکي مٺي ڳالهه ميهار
هلڻ جي هن پار ڏي، ڪيئي پهرئين ڏينهن پچار
محبت جي محمود چئي، ڪا لڳئي لنؤ لغار
ساهڙ ڪا نه سنڀار، تنهنجي ڪڏهن لهندو ڪُن ۾.
 

25-    جيڪو عالم آسرو، سو ڪڍندو منجهان ڪُن
منهنجي هن ميهار سان، سچي آهه سَمُن
لنگهي وينديس لهريون، جي ٿيو گهڙي کي گهاءُ نه
حرف ملوڪن هڪڙو، نه گانڊو سمجهي گُن
سامَر پيئي اوبي اُن، جنهن کي قدر ناهه ڪپاهه جو.
 

26-    اُن اهي اوبينديون، جن ڪيا ڪم ڪُوڙا
گوشين چنا گاهه جا، ٻيٽن تي ٻُوڙا
جي ڪُنڍين جي ڪاپار تي، سي چِت چڙهيئي چُوڙا
محبت جا محمود چئي، وئين مُنڌ! کنيو مُوڙا
مَڇ ماريندئي مهراڻ جا، ڪري رڇن جيئن رُوڙا
جن جا وَر هئا وسوڙا، تن جو داد ٿيندو درگاهه ۾.
 

27-    ڪڏهن ملندئي ڪو نه ڪو، حبيباڻو هيج
کڻيو هٿ هلي وڃين، سُڃي ڇڏيو سيج
لهرن وارو لاڏڪي، توکي مائٽن ڏنو ڏيج
اڳيان ڌٻڻ ڀر درياه جي، ۽ ريٽن گهڻو ريج
اها تار ترين ٿي تيج، سا منڌ وجهندئي مامري.
 

28-    مامري ۾ ماءُ، آهيان اڳيئي آئون
ڏک اوريو ڏم سان، ڪرين درد بنان دانهون
سي مون مٿي تي مڃيون، جيڪي رب جون رضائون
ڪنهن سان هلنديون ڪينڪي، اهي روح جون رٿائون
لڌم ٿي لائون، ڏم سان ڏينهن ڏکن جي.
 

29-    مٿي ڏم ڏکن جا، ٿي هنهئين حرف ڪرين
گهڙو کنيو گهيڙ تي، وڃيو تار ترين
وڇُن جو وٿاڻ تي، وڃيو، پاڻي پاڻ ڀرين
محبت جو محمود چئي، نٿي ڌيان ڌرين
ٿي وهاڻِيءَ ورين، جيهر سج ڪري ٿو سوجهرو.
 

30-    جڏهن سج ڪيو ٿي سوجهرو، تڏهن مون گهِڙي نٿي گهاري
هلڻ جي هن پار ڏي، ڪيم تيهر تياري
چارئي يار رسول جا، آهن بيٺا چوڌاري
پوئين ڏينهن پساه جي، ٿيندي منزل موچاري
انهن مهڻن آهيان ماري، جي تو ڏنا ساهڙ سامهان.
 

31-    مهڻا طعنا مٿي تي، رکي ٿئين راضي
هلڻ جي هن پار ڏي، رڳو بنايئي بازي
وٺندئي حرف حساب جا، اڳيان قضا جا قاضي
جتي تُرندي تارازي، اتي سمجهندينءَ سهڻي!
 

32-    مون کي ته مرجات جو، ڏاهي ڏنو ڏس
آءٌ ڪُوڙي ڪُوڙي، تون سرهي منهنجي سس
لنگهيو ويس لهريون، جتي هو رهاڻين رس
محبت سان محمود چئي، قلب لٿي هيم ڪس
بچي منهنجي باب ۾، هئي موچاري مس
قضا قلم وهائيو، تنهن کي پيو ڪو نه ترس
اهو ڇڏيم گلا وارو گس، جنهن تي ڏم ويٺو هو ڏمريو.


[1] حفيظ جو اصل نالو ”لعل بخش“ هو، پر عام طرح سان کيس ”لعلو فقير“ به چوندا هئا. ذات جو تيوڻو هو. وارهه تعلقي جي ڳوٺ ڏاتو تيوڻي ۾ سن 1810ع ڌاري ڄائو هو. اڻ پڙهيل هو ۽ سڄي عمر مينهون چاريائين. آخري عمر ۾ عين جي اک مليس. جنهن کان پوءِ شاعري ڪيائين. سندس بيتن ۾ چيل ”مومل راڻي جو قصو“ مشهور آهي. سندس ڪلام بيتن، ڪافين ۽ مثنوين تي مشتمل آهي. اندازاً سٺ ورهين جي ڄمار ۾ سن 1885-1890ع ڌاري وفات ڪيائين.

[2] محمود پٽ جان محمد شيخ، ڳوٺ ٻاراچڙي تعلقي شهدادپور ۾ سن 1866ع ڌاري ڄائو. محفلن، ميڙن ۽ مجلسن ۾ بيت ڏيندو هو. پاڻ پڙهيل ڪو نه هو. بيتن ۾ ڪيترائي سربستا قصا جوڙيائين. اندازا سن 1932ع ڌاري وفات ڪيائين.

[3] هيءَ روايت ميوي خان موج ويٺل جهول تعلقي سنجهوري کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org