سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع

--

صفحو :11

  

 

 

رفتار-ادب

ڪتابن تي تبصرا/تعارف

(تبصري لاءِ ڪتاب جون ٻه ڪاپيون موڪلڻ ضروري آهن.)

(1) جمال حبيب

حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي صفت ۽ ساراهه سنڌ جي هر عام توڙي خاص ماڻهو جو پسنديده موضوع پئي رهيو آهي ۽ هر ماڻهو وس آهر نثر توڙي نظم ۾ پنهنجي عقيدت جو اظهار پئي ڪيو آهي. جتي پڙهيلن ۽ عالمن، علمي تحقيق جي سهاري سان عقيدت جو اظهار ڪيو، اتي اڻ پڙهيل وري روايتن ۽ معجزن کي بيتن ۽ نظم جي ٻين صنفن ۾ نبي سڳوري صه سان پنهنجي بي انتها محبت جو اظهار ڪيو، ۽ اهو سلسلو نه فقط اڄ تائين هلندو پيو اچي، پر جيستائين هن ڪائنات جو وجود باقي آهي، اهو سلسلو جاري رهندو.

زير مطالع ڪتاب ”جمال حبيب“ هڪ اهڙي سِڪ واري سڄڻ جي تصنيف آهي، جنهن تي جيترو لکجي ٿورو آهي. ڇاڪاڻ ته اڳ عربي، فارسي توڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ سيرت تي جيڪي به تصنيفون مشهور آهن، انهن ۾ حضور پاڪ جن جي سيرت جي ٻن پهلوئن کي مدنظر رکيو ويو آهي: هڪ حضور جن جي ولادت ۽ ان کان پوءِ سن وار واقعن، جنگين ۽ وفات تائين سوانح عمري ۽ ٻيو اسلام جي ترويج ۽ اشاعت لاءِ ورتل ڪوششون. ليڪن زير مطالع ڪتاب انهيءَ روايتي انداز کان مختلف آهي. ”جمال حبيب“ ۾ ولادت ۽ وفات کي مختصر نموني ۾ نباهي، باقي سمورو توجهه حضور پاڪ جن جي مثالي زندگي جي سڀني پهلوئن تي ڏنل آهي، جن ۾ نه فقط مسلمانن لاءِ، پر عام انسانن لاءِ پڻ اعليٰ اخلاقي سبق سمايل آهن. انهيءَ لحاظ کان هيءَ انوکي تصنيف آهي.

باب ٻارهون، جنهن ۾ حضور پاڪ جن معجزا بيان ڪيا ويا آهن، ٿي سگهي ٿو ته اِهي مستند روايتن نه هئڻ ڪري عالمن لاءِ قابل توجهه نه هجن، ليڪن هن کان اڳ سنڌ جي هڪ مشهور ۽ وڏي عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي هڪ تصنيف ”قوت العاشقين“ ۾ انهن ۽ ٻين معجزن کي منظوم ڪيو ويو آهي، جنهن تي وقت جي ڪن عالمن پڻ بحث ڪيو هو. پر مخدوم صاحب جي چوڻ موجب ”محبت ۽ عقيدت ۽ غلو جائز آهي،“ ۽ پوءِ نبي سڳوري صه جن جي عربيءَ ۾ سوانح لکيائين، جيڪا مستند ۽ جامع قرار ڏني ويئي.

بهرحال، فقير محمد اسماعيل ٺٽوي، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن سان ڪمال محبت، عزت ۽ احترام، عقيدت ۽ محبت جو اظهار جنهن نموني ۾ ڪيو آهي، ان جي تور تڪ ٿي نٿي سگهي. هن تصنيف کي 1980ع واري سيرت ڪانفرنس ۾ صدر پاڪستان طرفان پنج هزار رپيا سَند انعام طور مليا. اها ته دنيوي نيڪ ذمي ۾ شمار آهي، يقيناً سندس هيءَ تصنيف قرب الاهي جو باعث بڻبي.

آفيسٽ پيپر تي ڇپيل هن ڪتاب ۾ 280 صفحا آهن، ۽ پنجويهه رپيا مٺائي تي سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال ڄام شورو مان ملي سگهندو.

- شيخ محمد اسماعيل

(2) ڪيميائي سعادت (ڀاڱو ٻيو)

هيءُ ڪتاب امام محمد غزالي جي تاليف آهي، جيڪا اصل ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ لکي ويئي. عالم اسلام ۾ امام صاحب جو ايڏو مٿانهون مانُ آهي، جو هن کي ’حجتـﺔ الاسلام‘ جي لقب سان نوازيو ويو آهي. هن ڪيترائي ڪتاب يادگار ڇڏيا آهن، پر انهن ۾ ’احياء العلوم‘ وڌيڪ مشهور آهي ۽ ڪيميائي سعادت ٻئي نمبر تي اچي ٿو.

چيو وڃي ٿو ته ڪيميائي سعادت ۾ احياءالعلوم جو مغز ۽ تت اچي وڃي ٿو. ان مان عالمن جي نظر ۾ هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت تي روشني پوي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي ڪتاب جو ترجمو مرزا قليچ بيگ ڪيو آهي، جيڪو هاڻي سنڌي ادبي بورد ڇاپائي رهيو آهي. سنڌيءَ ۾ اهو ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ آهي، جنهن مان پهريون ڀاڱو هن کان اڳ ڇپجي ماڻهن جي هٿن ۾ پهچي چڪو آهي ۽ هي انهيءَ ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو آهي جيڪو تازو ڇاپيو ويو آهي.

ڪتاب جي هن ڀاڱي ۾ عبادتن ۽ دنيائي معاملن توڙي وهنوار جو ذڪر آهي. عبادتن واري حصي ۾ طهارت، نماز، زڪوات، روزي، حج، قرآن پڙهڻ، ذڪر ڪرڻ، تسبيح پڙهڻ ۽ ورد وظيفن جو بيان ڏنل آهي. ٻئي حصي ۾ وري کاڌي کائڻ، شادي ڪرڻ، ڌنڌي ۽ واپار ڪرڻ، ماڻهن سان ميل ميلاپ رکڻ، گوشه نشين ٿيڻ، سير سفر ڪرڻ، صوفين جي سماع، اوامر و نواهي ۽ حڪومت هلائڻ جي طريقن سان گڏ حلال جي ڳولا جو ذڪرِ خير آهي.

هي ڪتاب هدايتن، سمجهاڻين ۽ نيڪين جو اهو ڀنڊار آهي جنهن مان عالمِ اسلام، پنجين صدي هجري، جنهن ۾ اهو تاليف ڪيو ويو هو، کان اڄ تائين فائدو ورتو پيو وڃي. هن ڪتاب جي پڙهڻ مان وڏي ديني ۽ اخلاقي معلومات ملي ٿي، ايتريقدر جو جيڪڏهن رڳو هي هڪڙو ڪتاب ڌيان سان پڙهيو وڃي ته پوءِ جيڪر عام ملن موراڻن جي ماڻهن کي ڪا گهڻي ضرورت باقي ڪانه ٿي رهي. هن ڪتاب مان اها به سُڌ پوي ٿي ته ماڻهوءَ کي ڪهڙي موقعي ۽ ڪهڙي مهل تي ڪهڙي دعا، ورد وظيفو پڙهڻ گهرجي ۽ ان جي پڙهڻ ۾ ڪهڙو فائدو ٿو رسي، تنهن جي نشاندهي به ڪئي ويئي آهي. اهڙين دعائن ۽ وظيفن جي پڙهڻ سان عملي نتيجو اسان جي اڳيان خودبخود اچيو وڃي، تنهنڪري انهن جي مؤثر ۽ غير مؤثر هئڻ جي به پڪ ٿيو وڃي. هن ڪتاب ۾ جيڪو به عنوان کنيو ويو آهي تنهن جو بيان صاف ۽ چٽو ڏنو ويو آهي ۽ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ان جو ظاهر توڙي باطن ڇا آهي، ان مان ڪهڙو فائدو آهي ۽ ان جي ابتڙ عمل ڪرڻ مان ڪهڙا نقصان ٿين ٿا ۽ اهي نقصان اجتماعي يا انفرادي طور انسانذات کي ڪيڏو وڏو ڇيهو ٿا رسائين، پر جي اهي ان تي صحيع طريقي سان عمل ڪبو ته ان مان ڪيڏو نه فائدو ٿو پهچي. مطلب ته ان ۾ ديني توڙي دنيوي طور تي اهڙي سماجي تعليم ڏنل آهي، جنهن ما نه رڳو ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي ذاتي طور فائدو ٿو ٿئي، بلڪ سموري انسانذات کي نفو پهچي ٿو.

ساڳئي نموني سان، ذڪر ڪرڻ جي فضيلت، حلال ڪمائڻ ۽ حلال ڪري کائڻ جي فضيلت وغيره بابت ڏاڍيون مفيد ڳالهيون ٻڌايون ويون آهن، جن تي جيڪڏهن اڄ به عمل ڪجي ته اسان جو سماج هڪ بهترين ۽ مثالي سماج ٿي پوي.

ٻي خاص ڳالهه جا مون کي هن ڪتاب ۾ نظر آئي سا هيءَ آهي ته اسان ۾ ڪيتريون ڳالهيون عقيدا، رسمون ۽ راوج اهڙيون رائج آهن، جيڪي اصل ڳالهين، عقيدن، رسمن ۽ رواج جو بگاڙ آهن، پر هن قسم جي ڪتابن پڙهڻ ۽ اصليت جي سڌ پوڻ سان اهي مڙئي عيب سڌاري سگهجن ٿا. مطلب ته هي ڪتاب سماجي تاريخ جي ارتقا معلوم ڪرڻ لاءِ پڻ ڪارائتو آهي.

ان ريت ديني توڙي دنيوي لحاظ کان هيءُ ڪتاب اهم جڳهه والاري ٿو. ائين کڻي چئجي ته هيءُ ڪتاب واقعي سڀاڳ ۽ نيڪيءَ جي ڪيميا جو بهترين نسخو آهي.

هيءُ ڪتاب سڀني لئبررين سان گڏ سنڌ جي سڀني گهرن ۾ هئڻ گهرجي ۽ هنئين سان هنڊائجي.

هن ڪتاب جو رڳو متن ئي 534 صفحن تي پکڙيل آهي. ڪتاب جي سائيز ڊيمي ۽ جلد ڪچو آهي، پر سٺي ڪارڊ وارو پڻ آهي. ان جي اوچي پني واري نسخي جي قيمت پنجاهه رپيا ۽ سادي پني واري چاليهه رپيا آهي. سنڌي ادبي بورڊ کان ملي سگهي ٿو.

-عبدالقيوم ”صائب“

(3) تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

مرحوم مولانا دين محمد وفائي هڪ بهترين استاد، جيّد عالم، با اصول سياستدان، سٺي صحافي ۽ وڏي اديب جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. گهڻين مشغولين جي باوجود سنڌيءَ ۾ ويهارو کن ڪتاب تصنيف ڪيائين، جن مان گهڻا سندس زندگيءَ ۾ ئي شايع ٿيا، البت ڪي مسودا وڌيڪ مواد جي حاصلات لاءِ ڄڻ ته نامڪمل حالت ۾ رهيا، جن مان ”تذڪره مشاهير سنڌ“ پڻ هڪڙو هو. سندس خواهش هئي ته عربي ۽ فارسي تذڪرن وانگر سنڌ جي ولين، درويشن، عالمن ۽ شاعرن جي حياتيءَ جو احوال سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ هن سنڌ جي قديم ڪتبخانن، جهڙوڪ پير صاحب جهنڊي واري، مخدوم صاحب هالن واري ۽ ٻين اهڙن علمي خاندانن جي ذاتي ڪتبخانن ۾ وڃي ڪتاب ۽ مخطوطات پڙهي نوٽ ورتا هئا. جيئن ته مولوي صاحب فارسي ۽ عربي ٻولين جو پڻ ماهر هو، تنهن ڪري انهن ٻولين جي مسودن مان پڻ سنڌ جي مشاهير متعلق گهڻو ڪجهه گڏ ڪري سگهيو. زير نظر ڪتاب ”تذڪره مشاهير سنڌ“ (جلد ٻئي) ۾ اهڙن 40 ڪتابن مان ڪيترائي نسخا ڪامياب آهن، جيئن ته ارشاد الطالبين، دليل الذاڪرين، تذڪره الصلحا و بيان الاتقيا، بياض ڪتبخانه قاضيان، مسوده دستخط قاضي عنايت الله، مسوده آخوند احمد هالائي، رساله فوزالاخلاف من فيض الاسلاف، تذڪره فرحت التاظرين وغيره. ليڪن طويل عرصي جي محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ به هي ڪتاب نامڪمل رهيو، تان جو 1950ع ۾ وفات ڪيائين.

مولوي صاحب جي وفات کان پوءِ سندس خواهش کي پايه تڪيل تائين پڄائڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي طور تي ڪوشش ڪئي، انهيءَ ڪم ۾ مرحوم پير حسام الدين راشدي به گهڻي مدد ڪئي. بالاخر مسوده جو پهريون جلد 1974ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻيو جلد (هلندڙ سال 1985ع) ۾ اسان جي هٿن تائين پهتو.

يقيناً ڪتاب جي ترتيب مرحوم مولوي صاحب جي ئي ڏنل آهي، ليڪن بهتر ائين هو ته شخصيتن کي دور- وار رکيو وڃي ها؛ يا وري تحفتہ الڪرام وانگر مشهور شهرن يا علائقن جي نسبت سان شخصيتن کي ورڇيو وڃي ها.

بهر حال تذڪره مشاهير سنڌ (جلد ٻيو) سنڌي ادبي بورڊ جي اشاعتي سلسلي جو هڪ عمدو تحفو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان هڪ سؤ ستر شخصيتن جي مان مرتبي ۽ علمي بلندي کان آگاهي حاصل ٿئي ٿي.

380 صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب جي موجودگي هر پڙهيل ڳڙهيل، استاد توڙي شاگرد ۽ علم جي ڳولا جي طالبن کي تمام گهڻن ڪتابن کان بي نياز ڪري ڇڏي ٿي. ازانسواءِ هن ڪتاب جي ورقن ۾ اعليٰ اخلاقي موتين جو خزانو پڻ لڪل آهي.

ڪور ڊازئين تي سنڌ جي قديم ڇُر جي نفيس ڪم جو نقش ڇاپيل آهي. ڪچي جلد ۽ سفيد ڪاغذ تي ڇپيل هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي بڪ اسٽال ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڪتب فروشن وٽان قيمت چاليهن رپين (-/40) ۾ ملي سگهندو.

-شيخ محمد اسماعيل

(4) ڪافيون

سنڌي ادبي بورڊ جي مشهور اشاعتي سلسلي ”سنڌي لوڪ ادب“ جو اٺٽيهون ڪتاب ”ڪافيون (جلد پهريون) تازو شايع ٿي چڪو آهي، جيڪو سفيد ڪاغذ تي، ڪچي جلد سان، قيمت-/60 رپين ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي بڪ اسٽال ۽ سنڌ جي مشهور ڪتاب فروشن وٽان ملي سگهندو.

ڪتاب ۾ جملي 277 صفحا آهن، جن ۾ 24 صفحا مختصر مگر جامع مقدمي جا به شامل آهن. مقدمي ۾ ڪتاب جي فاضل مولف، محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ڪافين جي موضوع ۽ هن جلد ۾ آيل مواد جي ترتيب تي روشني وڌي آهي.

هن ڪتاب جو مقدمو، ڊاڪٽر صاحب جن جي ٻين ڪتابن تي لکيل مقدمن جي ڀيٽ ۾ مختصر آهي، ليڪن جيئن ته هن جلد ۾ سنڌ جي سمورن ڪافي گو شاعرن جو سلسلو اچي نه سگهيو آهي، پر ٻئي جلد ۾ انهن تي تڪميل ٿيندي، تنهنڪري ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي ته ”ڪافي جي مختلف موضوعن ۽ مضمونن، اندروني سٽائن، مختلف شاعرن جي هڪٻئي ڀران چيل ڪلامن، قافين جي الحانن ۽ ڳائڻ جي اندازن تي ٻئي جلد ۾ روشني وڌي ويندي.“

ڪافين جي هن جلد ۾ خاص نڪتو هي آهي ته ڪافي گو شاعرن کي ٻين تذڪرن جي طرز کان هٽي نئين ۽ انوکي انداز ۾ ترتيب ڏني وئي آهي. شاعرن کي ”اڳواڻ درويش ۽ سندن طالبن“ جي سلسلي مطابق رکيو ويو آهي. البت انهن سلسلسن ۾ به تاريخ ۽ دور جو لحاظ رکيو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي لکڻ موجب ”اها ورڇ گهڻي حد تائين مناسب آهي، ڇاڪاڻ جو طالبن اڪثر مربين ۽ مرشدن کان متاثر ٿي ڪلام چيا، ۽ ساڳئي سلسلي جي طالبن جي ڪلامن ۾ موضوع، معنيٰ توڙي بيان جي لحاظ سان ڪي قدر هڪجهڙائي پيدا ٿي.“

مواد جي هن چونڊ ۽ ترتيب جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جن جا لفظ دهرائڻ مناسب ٿيندا ته جيئن هن جلد ۾ شامل مواد تي وڌيڪ روشني پوي: ”قافين جو مواد ايترو ته گهڻو آهي جو باوجود چونڊ ڪرڻ جي به ٻه وڏا جلد ٿيا آهن، جن مان هي پهريون آهي. چونڊ ڪرڻ به ايترو آسان ناهي، ڇاڪاڻ جو وڏن مشهور شاعرن جو ڪلام نه فقط گهڻو آهي، پر سڄو معياري آهي، انهيءَ ڪري ان مان ڪهڙيون قافيون چونڊي ڪهڙيون چونڊجن. ڪيترن ئي شاعرن جي گهڻي ڪلام هوندي به هن جلد کي مرتب ڪرڻ وقت ڪي ٿوريون قافيون دستياب ٿيون. ڪلام جو سڄو ذخيرو سامهون هجي ها ته چونڊ وڌيڪ وزندار ٿئي ها، پر سڀ کان اهم ڳالهه ته چونڊ ڪجي ته ڪهڙن معيارن تي ڪجي؟ ٻولي جي سهڻائي، معنيٰ جي سهڻائي، موضوع جي اهميت، اندروني ترنم واري سٽاءُ، شاعرانه خوبي ۽ ڳائجڻ ۾ مشهوري وغيره.“

انهن سڀني نڪتن کي نظر ۾ رکندي ڏسجي ته لائق مرتب هن پهرين جلد ۾ آيل 1027 قافين کي جنهن خوبيءَ سان پيش ڪيو آهي ۽ جنهن ترتيب سان سلسلو قائم ڪيو آهي، سو قابلِ تحسين ۽ هن موضوع تي آئينده جي محققن لاءِ نشانِ راهه آهي.

هن ڪتاب ۾ آيل ڪافين جو ڪجهه حصو اڳ ڇپيل تذڪرن، ديوانن، مجموعن ۽ ڪتابڙن ۾ شايع ٿيل آهي، جنهن کي دوباره اهم سمجهي شامل ڪيو ويو آهي ليڪن مواد جو وڏو حصو پهريون ڀيرو شايع ٿي رهيو آهي، جيڪو قلمي نسخن ۽ ذاتي طور گڏ ڪيل ذخيري مان ورتل آهي. انهيءَ لحاظ سان هن ڪتاب ۾ شايع ٿيل مواد نه فقط سنڌي ادب ۾ اهم اضافو آهي، پر سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ پڻ بنيادي مواد ثابت ٿيندو.

- شيخ ابراهيم

(5) ٻاروچي ٻولي

شاهه جي ڪلام ۾ آيل لفظن ۽ ٻوليءَ کي سمجهڻ ۽ انهن جي معنيٰ پروڙن لاءِ عالمن ۽ شاهه جي شيداين جي تقريباً هڪ سؤ سالن کان ڪوشش پئي رهي آهي. ڪي ڪاتبن سنڌي ۾ معنيٰ لکي ته ڪن عالمن وري فارسي ۾، ليڪن اهو اشاعت ۾ گهٽ آيو. پهريون ڀيرو مرزا قليچ بيگ ”لغات لطيفي“ ۽ ڀيرومل آڏواڻي ”غريب اللغات“ جي نالي سان شاهه جي رسالي ۾ آيل انوکن لفطن تي مشتمل ٻه لغتون شايع ڪرايون. ان بعد ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي ترتيب ڏنل رسالي جي شرح ۾ اهڙي ڪوشش ڪئي، جيڪا قدري بهتر هئي.

ان جي باوجود هر وقت ڪنهن اهڙي جامع لغت جي ضرورت محسوس پئي ٿي آهي، جنهن ۾ رسالي جي سڀني لفظن جي معنيٰ ڏنل هجي. اهو ڪم ايڏو وڏو ۽ جاکوڙ وارو هو، جنهن کي فقط هڪ ادارو ئي سرانجام ڏئي سگهيو ٿي. پر جس هجي مرحوم سيد نجف علي شاهه ”ڪمتر“ نقوي صاحب کي، جنهن پنهنجي زندگيءَ جا سڄا سارا پنجٽيهه سال انهيءَ نيڪ ڪم لاءِ وقف ڪيا ۽ رسالي توڙي شاهه جي ڪلام کي سمجهڻ ۽ لفطن جي معنيٰ تلاس ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، جهر جهنگ، جبل ڏونگر، ٿر ۽ بر کي ڏوريو، جنهن جي نتيجي ۾ ”ٻاروچي ٻولي“ اسان جي هٿن ۾ آهي.

”ٻاروچي ٻولي“ ۾ شاهه صاحب ٻن خاص نڪتن کي نباهيو آهي. هڪ ته لفظن جي معنيٰ، ٻيو ته اهو لفظ رسالي جي جن سُرن، داستانن ۽ بيتن ۾ آيل آهي، انهن جو تفصيل ڏنو آهي، خصوصاً اهي مصراعون ڏنيون آهن، جن ۾ اهو لفظ آيل آهي. مثال طور لفظ آءُ (آئون) 228 مصراعن ۾ آيل آهي ته اهي سڀئي مصراعون هتي ڏنيون ويون آهن. اهڙيءَ طرح ساڳيو لفظ جيڪڏهن جدا جدا هنڌن تي جدا جدا معنائن ۾ استعمال ٿيو آهي ته انهن کي پڻ جدا جدا رکيو ويو آهي. جيئن لفط ”اڳيان“ کي ست (7) ڀيرا بنيادي لفظ طور آندو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته معنائون بدلجن ٿيون.

انهيءَ لحاظ کان ڏسجي ته ”ٻاروچي ٻولي“ ڄڻ ته ”رسالي جي ڪُنجي“ جو ڪم پڻ ڏئي ٿي.

جيئن اڳ ٻڌايو ويو آهي ته اهو تمام وڏو ڪم هو، ۽ انهيءَ طريقي سان لفظن کي ترتيب ڏيڻ سان لفظن جو تعداد پڻ وڌي وڃي ٿو، تنهنڪري مرحوم نجف علي شاهه فقط ”الف“ اکر وارن لفظن جو مسودو تيار ڪري سنڌالاجي جي حوالي ڪيو، جيڪو هڪ ضخيم ڪتاب جي صورت ۾ اسان جي آڏو آهي.

ضرورت آهي ته مرحوم سيد نجف علي شاهه جي محنت کي رائگان ٿيڻ نه ڏنو وڃي، ۽ سندس ترتيب ڏنل ٻاروچي ٻولي جي باقي مسودي کي پڻ شايع ڪرايو وڃي. ان کان سواءِ شاهه صاحب جيئن مهاڳ ۾ لکيو آهي ته پاڻ مضمون جي لحاظ کان پنهنجي گڏ ڪيل مواد کي ٽن عنوانن هيٺ ورهايائين، هڪ ٻاروچي ٻولي، ٻيو لطفي لولي ۽ ٽيون پِرين پچار. اهو مواد پڻ سنڌ جي ناميارن ادارن کي شايع ڪرائڻ گهرجي، جيڪا دراصل حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي تحقيق جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

ڪتاب ٻاروچي ٻولي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي شايع ڪيو آهي، جيڪو ان جي اشاعتي سلسلي جو ڪتاب نمبر 112 آهي. رائل سائيز ۾ ڇپيل هن ڪتاب جا صفحا 440 آهن، ۽ ان جي قيمت ستر رپيا گهڻي نٿي لڳي. ڪتاب سفيد ڪاغذ تي سٺي نموني سان شايع ڪيو ويو آهي.

- شيخ محمد اسماعيل

(6) سنڌي غزل جي اوسر

سنڌي ٻولي، دنيا جي انهن ٻولين مان هڪ آهي، جن کي شاهوڪار ٻوليون چيو وڃي ٿو. ٻين ٻولين وانگر سنڌي ۾ به اها وسعت ۽ فراواني آهي، جنهن ڪري سنڌي ادب هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. شاعري، سنڌي ادب جو خاص حصو آهي، جنهن کي صدين کان هن ڌرتيءَ جي رهاڪن هڪٻئي سان سڃاڻپ، محبت ۽ قربت جو ذريعو پئي بنايو آهي. غزل، شاعريءَ جي هڪ اهم صنف آهي، جيڪا ارغون ۽ ترخان دور ۾ شروع ٿي ۽ انگريزي دورِ اقتدار ۾ ان کي ارتقا حاصل ٿي. غزل جي موضوع تي جيڪي به ڪتاب لکيا ويا آهن، انهن ۾ ”سنڌي غزل جي اوسر“ هڪ مڪمل ۽ بهترين ڪتاب آهي. جناب ڊاڪٽر اياز قادري غزل جي موضوع تي جيڪا تحقيقات ڪئي آهي ۽ مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، اها لائقِ تحسين آهي. هي ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن جو پهريون ڀاڱو غزل جي ابتدا، تشريح، اصول، فارسي شاعريءَ جو سنڌيءَ تي اثر، دعوت، غزل، اخباري مشاعره، بزم مشاعره ۽ ادبي ڪانفرنسن تي مشتمل آهي. ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌي شاعري تي فارسي شاعري جو اثر ۽ ان جا اسباب بيان ڪيل آهن. منڍ ۾ غزل جي مڪمل تشريح ڪري ان کي درجي بدرجي، سنڌي شاعري جي مڪمل صنف بنجڻ تائين، جائزو ورتو ويو آهي. غزل جا سمورا محاورا ۽ ترڪيبون تفصيل سان بيان ڪري، سنڌي غزل کي مختلف شاعرن جي ادوار ۾ ورهايو ويو آهي. خليفي قاسم کان وٺي، حاجي محمود خادم جي دور تائين، سندن سڀني هم عصرن جو ذڪر، هن ڪتاب جي مصنف جي عظيم تحقيق جي نشاندهي ڪري ٿو. ان کان پوءِ سنڌ جي بزم مشاعرن جو احوال ۽ انهن جي سرگرمين تي گهري نظر وجهي، هرهڪ جا مثال ڏنا ويا آهن. هن ڀاڱي ۾ ادبي ڪانفرنس جو پڻ پورو احوال ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. ڪتاب جي ٻي ڀاڱي ۾ غزل جي انهن شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ان دور ۾ غزل چيا آهن ۽ شاعريءَ جي هن صنف کي عظمت بخشي آهي. نور محمد خسته کان وٺي شاعر واسديو نرمل تائين سڀني شاعرن جو ذڪر ۽ سندن نمونوءِ ڪلام شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اٽڪل 161 شاعرن جو اجمالي تذڪرو اچي ٿو.

غزل شاعري جي عظيم ۽ لطيف صنف آهي، جيڪا سنڌي شاعريءَ ۾ ٻين صنفن وانگر مقبول ۽ مشهور آهي. غزل دوران نه رڳو عشق و محبت جا گيت ڳايا ويا آهن، پر وقت جي سياسي، سماجي ۽ معاشرتي حالتن جو به تذڪرو ڪيو ويو  آهي.

”سنڌي غزل جي اوسر“ ڪتاب لکڻ لاءِ لائق مصنف کي جيڪا محنت ۽ مشقت ڪرڻي پيئي آهي، ان جو احساس ايندي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب جي هي صنف جيڪا سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل هئي، ان کي ڳولي هٿ ڪري، يڪجا ڪرڻ ڪو آسان ڪم ڪونهي، پر نهايت محنت طلب ۽قلبي رجحان جو نتيجو آهي. هن ڪتاب پڙهڻ سان اسان کي نه رڳو غزل جي حيثيت ۽ ماهيت جي خبر پوي ٿي، پر مختلف دورن ۾ ان جي تدريجي ارتقا کان پڻ بخوبي آگاهه ٿي وڃون ٿا. هر دور جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي لاڙن جي روشني ۾ جيڪو تجزيو بيان ڪيو ويو آهي ۽ هر دور جي نمائنده شاعرن جي حياتيءَ جو احوال نمونو ۽ ڪلام ڏنو ويو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ”سنڌي غزل جي اوسر“ سنڌي ادب ۾ هڪ اعليٰ مقام رکي ٿو ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ به عظيم سوکڙي جي حيثيت رکندو. سنڌالاجي جهڙي نامور اداري ان کي ڇپايو آهي. پهرئين ڀاڱي جي قيمت سٺ رپيا ۽ ٻئي ڀاڱي جي قيمت ستر رپيا آهي.

- انور هالائي

(7) سماٽ

انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو جي اشاعتي سلسلو جو ڪتاب نمبر 110 ”سماٽ“ جي نالي سان جناب الهه رکئي ٻٽ جو لکيل آهي. هڪ سؤ صحفن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ويهه رپيا آهي خوبصورت ڪور ڊزائين ۽ سفيد ڪاغذ تي ڇپيل هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ذاتين جي وڏي گروهه ”سماٽ“ متعلق مواد گڏ ٿيل آهي. ناشر (مهتاب اڪبر راشدي صاحبه) جي لکڻ مطابق ڪتاب جي مصنف الهر کيي ٻُٽ ”وڏي ڇنڊڇاڻ ۽ تحقيق“ سان هي ڪتاب لکيو آهي.

هي ڪتاب سنڌالاجي جي هڪ وڏيءَ رٿا جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن جو مقصد سنڌ جي نسلي، سماجي ۽ ثقافتي تاريخ تي ڪتاب شايع ڪرائڻ جو آهي، لڪين ڪتاب جي مواد ڏسڻ کان پوءِ افسوس جو اظهار ڪرڻو پوي ٿو ته جنهن مقصد کي آڏو رکي ڪتاب لکرايو ويو آهي، مصنف طرفان ان جو حق ادا به ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ شايع ٿيل مواد کي ”اروڙي“ کان بهتر ٻيو ڪو نالو ڏيئي نٿو سگهجي، جنهن ۾ ڪکن پنن ۽ ٻئي گند گوچر سان گڏ ڪي قيمتي شيون به ٻهار جي آيون آهن، ليڪن انهن جي قدر و قيمت کان خود ٻهاريندڙ به اڻڄاڻ آهي.

”وڏي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تحقيق“ واري دعويٰ انهيءَ مان ئي ظاهر آهي جو سڄي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ کي خبر نه پئجي سگهندي ته آخر مصنف ”سماٽ“ بابت چوڻ ڇا ٿو گهري! ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ”سماٽ“ بابت هيٺيان نتيجا ذهن ۾ اڀرن ٿا:

- سماٽ آريا نسل مان آهن، (ص 36).

- سماٽ عربي لفظ آهي، (ص 31).

- سماٽ سنسڪرت لفظ آهي، (ص 39).

- راءِ گهراڻي مان سماٽ ذاتيون نڪتيون، (ص 62)

- سماٽ پنجاب مان آيل جت يا جاٽ قوم آهن، (ص 31).

- سماٽ قديم سنڌي آهن، (ص 25).

- سماٽ راجپوت نسل آهن، (ص 31).

- ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙي سماٽ آهن، (ص 92).

- سنڌ جون سموريون ذاتيون (سواءِ عربن جي) سماٽ ۾ شامل آهن، (ص 50) وغيره وغيره.

بهتر ائين ٿئي ها ته مصنف سنئون سڌو ”سنڌي قومن جي نسلي جائزي“ کان پنهنجي تصنيف جي شروعات ڪري ها. تاريخ جي مطالعي، سوسائٽي يا سماج، ذاتين جي ابتدا، سنڌ ملڪ جو نالو، هندستان جون قديم قومون ۽ سنڌ جون قديم قومون اهڙا موضوهه آهن جن تي عالمن جون مستند تصنيفون موجود آهن، انهيءَ ڪري انهن موضوعن تي خواهه مخواهه ويهي ڪاڳر ڪارا ڪيا ويا آهن، سومرن بابت وڌيڪ حقيقتون ۽ سومرن جون خاص رسمون به غير ضروري مواد آهي. ان مان سماٽ قوم بابت ڪابه مفيد معلومات نٿي ملي. اهڙيءَ طرح ٻيو به ڪيتروئي مواد محض ڪتاب جي صفحن وڌائڻ لاءِ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو رهنمائي ڪرڻ بدران مرڳو مونجهارو پيدا ڪري ٿو.

ڪتاب جي شروعات ”باب پهرئين“ سان ٿي آهي، ليڪن آخر تائين اهو ئي هڪ باب رهيو. ٻئي باب جي نوبت ئي ڪانه آئي. فهرست ۾ ”بلبلوگرافي“ جو عنوان آهي، ليڪن ڪتاب جي آخر ۾ اها موجود ڪانهي.

”سماٽ“ قوم تي هيءَ تصنيف سنڌالاجي جي بهترين اشاعتي سلسلي کي ڪوبه تنوع نٿي بخشي، ويتر اداري جي ساک تي ڄڻ ته چٿر آهي. ڪٿي ڪٿي ته کل جهڙيون ڳالهيون به وڏنيون ويون آهن.

ضروري هو ته هيءَ ڪتاب اساعت کان اڳ ڪنهن عالم فاضل کي ڏيکاريو وڃي ها.

-- شيخ محمد اسماعيل

(8) “Account of Sind”

ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي شڪل ۾ انگريزن جو سنڌ سان آخري تعلق ميرن جي دؤر ۾ پيدا  ٿيو. ابتدا ۾ ناٿن ڪرو، سنڌ جي درٻار ۾ سفير رهيو، جنهن کي پوءِ ڪابل جي دٻاءُ تحت ڏيهه نيڪالي ڏني ويئي. ڪرو پهريون انگريز آهي، جنهن واپسيءَ تي، سنڌ بابت هڪ جامع رپورٽ سرڪار کي پيش ڪئي. ان ۾ سنڌ جي معاشرت، فوجي قوت، حڪومت جي نموني ۽ سياسي مفادن جو ذڪر هو. ان بعد، انگريزي زبان ۾، سنڌ بابت سوين ڪتاب، رپورٽون ۽ پمفليٽ تيار ٿيا، جن جو مقصد گهڻي ڀاڱي سياسي ۽ فوجي هو. هي صاحب لکڻ وقت، سرڪار کي، سنڌ کي ڳڙڪائڻ جون رٿون ڏيندا هئا.

ناٿن ڪرو کان پوءِ، جهڙوڪر انگريزي زبان ۾، سنڌ جي اڀياس جي ابتدا ٿي پيئي. ان ڏس ۾ پاٽنجر ۽ برنس ڀائرن جا نالا خاص طرح کڻي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب، جنهن زير نظر تبصري واري ڪتاب کي ايڊٽ ڪيو آهي، ان جو خيال آهي ته ڪرو کان پوءِ، مئڪمروڊو پهريون انگريز آهي، جنهن سنڌ متعلق هڪ وڌيڪ، جامع ۽ تنقيدي اڀياس پيس ڪيو آهي. مئڪمروڊو ڪڏهن به سنڌ نه پهتو. البت هن ڪڇ ۾ خدمتون بجا آنديون ۽ بمبئي کان مڪران تائين، سمند. جو اڀياس به ڪيو. ان وقت سندس ڌيان، سنڌ جي تاريخ ۽ درياهه سنڌ طرف ويو. مئڪمروڊو سان زندگي ساٿ نه ڏنو ۽ پنجٽيهن سالن جي عمر ۾، 1920ع ۾ وفات ڪيائين.

هن ڪتاب ۾ ٻه حصا آهن: پهريون سنڌ جو احوال ۽ ٻيو درياهه سنڌ متعلق يادگيريون. هي ٻئي حصا برطانيه جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي رسالي ۾، سال 1834ع ۾ شايع ٿيا هئا. فاضل ايڊيٽر ڊاڪٽر مبارڪ علي، سندس تحرير متعلق لکيو آهي ته:

”مئڪمروڊو جو احوال، ڪرو کان مختلف آهي، جيتوڻيڪ ٻنهي جو مواد ذاتي مشاهدي ۽ تڏي تي گڏ ڪيل اطلاع تي مبني آهي. ڪرو هر شيءَ کي سياسي رخ کان ڏٺو آهي، جڏهن ته مئڪمروڊو جو مطالعو عالمانه آهي. تنهن هوندي به، سندس اڀياس ۾، سياسي جهلڪ موجود آهي، جيڪا هر انگريز آفيسر جي خاصيت هئي.“

ڊاڪٽر صاحب، هن احوال کي، سنڌ جي تاريخي نويسيءَ ۾، هڪ اهم تبديلي ۽ موڙ سڏيو آهي. مصنف جو پهريون مدار مقامي ذريعن تي، ۽ ٻيو ڀروسو پنهنجي مشاهدي تي آهي. تاريخ سنڌ جو ذڪر ڪندي، هن صاحب سنڌ جو ڀرپور اڀياس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پيدائش، شهر، جانور، واپار، بندر، آمدني، آدمشماري، ماڻهو، پوشاڪ، عادتون، کاڌو، زبان، ملٽري ۽ برطانوي سوچ، مئڪمروڊو جي احوال ۾ سمايل آهن. ليکڪ سنڌ بابت لکندي، اڪثر ترش انداز اختيار ڪيو آهي.

”سنڌ جا ماڻهو مذهبي گهٽ، پر تبليغي وڌيڪ آهن. وٽن ايمان گهٽ ۽ عيد ملهائڻ جو شوق گهڻو آهي. تعصبي گهٽ، پر سيدن جي غلامي ۽ مقبرن جي سينگار ۾ پورا آهن. ان مان هتي جي مسلم ذهنيت جو تصور ڪري سگهجي ٿو.“ وري ٻئي هنڌ لکي ٿو:

”حاڪمن جو سڄو ڌيان دولت گڏ ڪرڻ تي آهي. اها دولت ظلم ۽ ڏاڍ ذريعي حاصل ڪئي وڃي ٿي، ان ڪري گذريل ٽيهن سالن ۾، ملڪ جي پيدائش ٽيون حصو گهٽجي وئي آهي. روينيو آفيسر، محڪومن کي تنگ ڪري ناحق وصولي ڪن ٿا، جيڪا سندن حاڪمن کي گهربل هجي ٿي.“

اهڙيءَ طرح هر عنوان، تنقيدي سوچ سان کڙو ڪيو ويو آهي. خاطري آهي ته هي ڪتاب پڙهڻ بعد، ميرن جي دور جو شاگرد، پنهنجي ڄاڻ ۽ سوچ ۾ سٺو واڌارو ڪري سگهي ٿو. ڪتاب جو ٻيو حصو سنڌو درياهه بابت آهي. جيئن ته ٻئي ڀاڱا مصنف جي موت بعد (Posthumously) شايع ٿيا، ان ڪري آخري ڀاڱي ۾، درياهه متعلق تيار ٿيل نقشا ڇپجي نه سگهيا، جيڪي بنيادي رٿا ۾ شامل هئا.

ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب هي ڪتاب ايڊٽ ڪندي وڏي محنت کان ڪم ورتو آهي، تاهم پراڻن ڪتابن کي ايڊٽ ڪرڻ جا جيڪي شرط آهن، انهن کي يا ته ايڊيٽر ڄاڻي واڻي لنوايو آهي، يا وري هن اداري جي پاليسيءَ تحت مختصر ڪم ڪري ان جو پورائو ڪيو ويو آهي. مئڪمروڊو جو احوال ڏيڍ سؤ سال اڳ ڇپيو هو، ان ڪري دوباره ۽ ڪتابي شڪل ۾ اشاعت وقت، ان تي مختصر ۽ ضروري حاشين جي ازحد ضرورت هئي، جيڪا پوري نه ڪري، پڙهندڙن لاءِ هڪ کوٽ ڇڏي ڏني وئي آهي. هي ڪتاب انگريزي زبان ۾ هجڻ ڪري، خاطري آهي ته سڄي دنيا ۾ پڙهيو ويندو، ان ڪري ان جي ڇپائي، گيٽ اپ، ڪور ڊزائين ۽ پروف ريڊنگ تي جنهن ڌيان جي ضرورت هئي، اهو نه ڏنو ويو آهي. پيش لفظ، فهرست ۽ متن ۾ جابجا پروف ريڊنگ جون غلطيون نهايت اڻ سهائيندڙ آهن. توقع آهي ته آئنده انهن تي خاص توجهه ڏنو ويندو.

”اڪائونٽ آف سنڌ“ جو سرورق جاذب آهي 124 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 25/- رپيا آهي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي وٽان ملي سگهي ٿو.

- غلام محمد لاکو

(9) The Contribution of Sindhi Muslims in Pakistan Movement.

انگريزن سڀ کان آخر ۾ سنڌ ۽ پنجاب کي فتح ڪرڻ بعد، پوري ننڍي کنڊ تي ڪمپني راڄ مڙهي ڇڏيو. سال 1857ع جي خونريزي بعد، هي علائقو سڌو برطانوي تاج جي حڪم هيٺ آيو. ان بعد آهستي آهستي، هندستان ۾ پارٽي پالٽڪس ۽ جديد سياست جو عمل شروع ٿيو. ويهين صدي شروع ٿيندي، هندستان گير ٻه پارٽيون. مسلم ليگ ۽ ڪانگريس سرگرم ٿينديون ويون. گول ميز ڪانفرنس تائين ٻنهي پارٽين ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ هڪٻئي سان اتحاد جاري رکيو ۽ ملڪي اتحاد لاءِ ڪم ڪيائون. اڳتي هلي ٻنهي پارٽين جو رخ الڳ الڳ ٿيو ۽ مسلم ليگ پاڪستان ٺاهڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. آخرڪار 1947ع ۾ انگريزن ٽپڙ ٻَڌا ۽ هندستان ۽ پاڪستان ٻه ملڪ ظهور ۾ آيا.

گذريل چاليهن سالن ۾ هندستان جي ورهاڱي، تحريڪ پاڪستان، مسلم ليگ جي جدوجهد ۽ بانيءَ پاڪستان متعلق هزارين صفحا تحرير ٿيل آهن ۽ سوين ڪتاب لکيا ويا آهن، تاهم پاڪستان ٺاهڻ ۾ ان جي صوبن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو، ان متعلق اڃا تائين ڪو به مستند مطالعو نه ٿيو آهي. سنڌ جي خطي، پاڪستان تحريڪ ۾ جيڪو اهم ڪردار ادا ڪيو، افسوس جو ان جي پس منظر ۽ پيش منظر تي اڃا سوڌو همـﮧ گير کڻي نه، پر سرسري اڀياس به نه ٿيو آهي. ان ڏس ۾ هيءَ صورتحال ۽ رجهان گذريل ڏهاڪي ۾ تڏهن ختم ٿيڻ شروع ٿيو، جڏهن سنڌ يونيورسٽي ٻن نوجوانن مسٽر محمد لائق زرداري ۽ جناب اڪرام الحق پرويز کي ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو ڪردار“ عنوان تحت مقالا پيش ڪرڻ تي ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون عطا ڪيون. زرداري صاحب جو مقالو سنڌي زبان ۾ هو، جيڪو اشاعت هيٺ اچي چڪو آهي.

تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”پاڪستان تحريڪ ۾ سنڌي مسلمانن جو ڪردار“ انگريزي زبان ۾ آهي. هي پڻ هڪ تحقيقي مقالو آهي، جنهن تي فاضل محقق کي سنڌ يونيورسٽي پي. ايڇ. ڊي. جي ڊگري ڏني آهي. هن ڪتاب جي فهرست تي نظر وجهڻ سان هي عنوان ڏسڻ ۾ ايندا.

”تعارف، تاريخي پس منظر، آزاديءَ جي جنگ، حر تحريڪ، خلافت تحريڪ، سنڌ جي علحدگي، مسلم ليگ ۽ نتيجو.“

مصنف جي نظر ۾ هي تحريڪون ۽ جدوجهد، معرڪا ۽ ميدان، سياسي سرگرميون ۽ ڪردار، علحدگيون ۽ گروه بنديون- تحريڪ پاڪستان جا ابتدائي ۽ لازمي جزا آهن، جن ۾ سنڌ جي ماڻهن پنهنجي بساط ۽ طاقت، سوچ ۽ ڏاهپ توڙي دانائي ۽ دورانديشيءَ سان سرگرم ڪردار ادا ڪيو. هر عنوان تي لکندي، مؤلف ڪيئي ڪتاب ۽ سوين پنا پڙهي، ڀرپور جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙي ڪوشش ۾ هو وڏيءَ حد تائين ڪامياب به ويو آهي، تاهم ڪٿي ڪٿي کانئس لغزشون ۽ غلطيون پڻ سرزد ٿيون آهن يا ڪي اهم نقطا رڪارڊ ٿيڻ کان رهجي ويا آهن. مثال طور تعارف ۾ پاڻ لکي ٿو ته، شير سنڌ مير شير محمد انگريزن سان وڙهندي مارجي ويو هو. حقيقت ۾ هن دور جي جنگين جو سورمو شهيد هوش محمد شيدي آهي. باقي مير صاحب ابتدائي ڪوششن بعد، عام رواجي زندگي گذاري وقت ڪڍيو هو. اڳتي هلي پرويز صاحب ليگ جي اوسر تي نظر وڌي آهي. ان ۾ به کانئس هيءَ حقيقت وسري ويئي آهي ته ان جو پهريون مڪمل اجلاس ڪراچي سنڌ ۾ ٿيو هو. اهڙا ٻيا به مثال ڏئي سگهجن ٿا. پس منظر کان پوءِ، اڪرام الحق صاحب 1857ع واري جنگ آزاديءَ بابت لکيو آهي، جنهن ۾ سکر، ڪراچي، شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ پيش آيل واقعن جو احاطو به ڪيو آهي. ان بعد حر تحريڪ کي کنيو ويو آهي. انگريزن، پير صاحب پاڳاري لاءِ جيڪا ملٽري ڪورٽ ٺاهي، ان جي ڍانچي بابت پرويز صاحب جي ڄاڻ ناقص ڏسجي ٿي. ان ڪورٽ ۾ ميجر رچرڊسن کان علاوه سول طرف کان ڪامريڊ حيدربخش جتوئي شريڪ ٿيو هو. پير صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ، هن باب ۾ مسلم ليگ جي مضبوطيءَ وارو حصو ڏنو ويو آهي، جنهن مان هڪ عام پڙهندڙ هيءُ تاثر وٺي سگهي ٿو ته، ليگ جي مضبوطي ۽ پير صاحب جي ڦاسيءَ ۾ ڪو تعلق هو ڇا؟ ان ڪري هي عنوان، هي باب ۾ بيجا لڳي ٿو. سنڌ جي علحدگي ۽ خلافت تحريڪ کان پوءِ مسلم ليگ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

آل انڊيا مسلم ليگ تي لکندي، پرويز صاحب هن باب ۾ نئين صوبي جي پهرين اليڪشن، وزارت سازي ۽ قانون سازي اسيمبلي بابت لکڻ کان پوءِ سنڌ ليگ جي پهرئين اجلاس جو ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب جو عنوان ذهن ۾ رکڻ ۽ پهرئين سنڌ مسلم ليگ جي اجلاس جي روئداد پڙهڻ بعد، سوال ٿو اٿي ته واقعي پرويز صاحب سنڌ بابت لکي رهيو هو يا سندس مطالعي جو نقطو مرڪزي هو. آل انڊيا سطح جي ڪيئي اڳواڻن جا نالا ته ڏنا ويا آهن، پر هن اجلاس جي سلسلي ۾ سنڌي ليڊرن، عوام ۽ ڪارڪنن جي خدمتن کي بنهه نظرانداز ڪيو ويو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر هن اجلاس جي موقعي تي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ان قرارداد جو ذڪر به نه ڪيو ويو آهي، جنهن موجب پهريون ڀيرو هندستان جي ورهاڱي جو تصور پيش ڪيو ويو هو. هي باب ورهاڱي واري پلان تي ختم ڪيوويو آهي. آخري باب ۾ تقسيم جي مسئلن ۽ ان سان لاڳاپيل عنوانن ۽ اسمن جو ذڪر ڪري، پرويز صاحب پنهنجي ٿيسز کي پورو ڪيو آهي.

  هي ڪتاب پڙهن بعد ائين ٿو محسوس ٿئي ته اڪرام الحق صاحب پنهنجي ٿيسز ۾ انگريزي دور ۾ سنڌ جي سياسي اوسر جو مطالعو ڪيو آهي، ان ڪري ”سنڌ جي سياسي اوسر“ عنوان ڏنو وڃي ها ته بهتر هو. ٻي صورت ۾ تحريڪ پاڪستان ڇا هئي، ان جي ضرورت ڇو پيش آئي، سنڌ جي ماڻهن پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو، ان جو پس منظر ڇا آهي، ان جا سياسي عوامل ڇا هئا، يا وري اقتصادي، مذهبي، ثقافتي ۽ ادبي عنصر ڪهڙا هئا، انهن عنوانن تي جڏهن تفصيلي تحقيق ڪبي، تڏهن وڃي سنڌ جو پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪردار چٽو ٿيندو، ۽ هي سڀ ڳالهيون، مسئلا ۽ اسم، پڙهندڙ کي هن ٿيسز ۾ نه ملندا. مسجد منزلگاهه، جنهن سنڌ جي سياست ۾ انقلابي تبديلي آندي، ان بابت پڻ پرويز صاحب کي تفصيلي طرح تحقيق ڪرڻ گهربي هئي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، سنڌ جي جديد سياسي اوسر بابت، هي ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو، ڇو ته اهو انگريزي زبان ۾ آهي.

هيءُ ڪتاب سنڌالاجي شايع ڪيو آهي، ۽ ان جي قيمت هڪ سؤ رپيا آهي.

- غلام محمد لاکو

 

(10) سنڌو ڪناري

منصور پبليڪيشن جو سورهون ڪتاب، ’سنڌو ڪناري‘، محترمه مس امير صديقي جي ڇپيل ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي. محترمه امير صديقي ان وقت لکڻ شروع ڪيو، جڏهن سنڌي لکندڙ عورتون اٽي ۾ لوڻ برابر هيون. هن ڪتاب ۾ آيل اڪثر ڪهاڻيون ون يونٽ جي دور جون آهن. ون يونٽ جي دور ۾ هن ڌرتيءَ مٿان جيڪي ستم ٿيا، تن کي اڪثر پڙهندڙ باخبر آهن. محترمه امير صديقي جي دور رس نگاهه، تجربن ۽ مشاهدي کيس لکڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڌرتيءَ جي ڌڻين تي ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف قلم کنيو. محترمه امير صديقيءَ جون ڪهاڻيون غور طلب آهن، هر سنڌيءَ جي پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي قابل آهن. سنڌو ڪناري ۾ ڏنل ڪهاڻيون هن ڌرتيءَ جي دوستن ۽ دشمنن جي نشاندهي ڪن ٿيون. سنڌو ڪناري ۾ ڏنل ڪهاڻيون قوم پرستيءَ تي آهن. ان کان سواءِ هن ۾ وطن سان بي مثال محبت ۽ عقيدت جو اظهار ٿيل آهي. ان کان سواءِ ٻين مختلف موضوعن تي پڻ تمام سنجيده ۽ باريڪ بيني ۽ گهرائيءَ سان ڪهاڻيون موجود آهن، جن ۾ ليکڪا پنهنجي قلم جا جوهر ڏيکاريا آهن.

محترمه امير صديقي ڪيترين ئي خوبين جي مالڪ آهي، جيڪو ڪتاب ۾ ڏنل تعارف مان معلوم ٿئي ٿو. ڪتاب جي ناشر محمد دائود بلوچ طرفان جيڪا پنهنجي پچار ڏني وئي آهي، سان به پرجهڻ ۽ پڙهڻ جي لائق آهي.، هن ڪتاب جي ڪهاڻين جي ترتيب هيٺينءَ ريت ڏنل آهي.

امر ڪهاڻي، 2- اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي، 3- سنڌو ڪناري، 4- زندگي درد جي جهوليءَ ۾، 5- آءٌ ويڙهيچن وڃان، 6- جنين ڪاڻ مياس، 7- رنگ محل، 8- پريم تپسيا، 9- رت جي راند، 10- انٽريو فوبيان، 11- وچڙيل خيال، اڌورا سپنا،

منصور پبليڪيشن پنهنجي وس آهر سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جا خدمت ڪري رهيو آهي، تنهن کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. هن اداري جو مقصد نوان لکندڙ پيدا ڪرڻ، نوان پڙهندڙ پيدا ڪرڻ، سنڌي ڪتاب سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ پهچائڻ ۽ نوان لکيڪن جا شاهڪار ڇپائڻ آهي. هي ڪتاب به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. سفيد ڪاغذ، صفحا 200، چار رنگو خوبصورت ٽائيٽل قيمت صرف 15 رپيا.

-- عبدالغفار صديقي

(11) چار ڪهاڻيڪار ۽ چار نقاد

زير تبصره ڪتاب، چار ڪهاڻيڪار چار نقاد، منصور پبلڪيشن جو تيرهون ڪتاب آهي، جنهن ۾ ناميارن ڪهاڻيڪارن: نورالهديٰ شاهه، شرجيل، ڪيهر شوڪت ۽ بادل جماليءَ جون شاهڪار ڪهاڻيون ڏنل آهن، ۽ جن تي ناميارن نقادن: امداد حسيني، عبدالرحمان نقاش، بدر قريشي ۽ شوڪت حسين شور جي ڀوپور تنقيد ٿيل آهي. هي ڪتاب محمد دائود بلوچ ۽ بادل جمالي ترتيب  ڏنو آهي.

منصور پبليڪيشن جي ڪارڪنن محسوس ڪيو ته سنڌي ادب ۾ تنقيد نه هئڻ جي برابري آهي، تنهن ڪري انهيءَ پروگرام جي سلسلي ۾ في الحال هڪ ڪتاب ڪڍڻ جو فيصلو ٿيو ته چئن برک ڪهاڻيڪارن کان ڪهاڻيون وٺي، انهن تي ناميارن نقادن کان تنقيد ڪرائي، هڪ ئي ڪتاب ۾ گڏ شايع ڪرائجي. ان سلسلي ۾ چئن ڪهاڻيڪارن: نورالهديٰ شاهه، شرجيل، ڪيهر شوڪت ۽ بادل جمالي کي منتخب ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته انهن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جا مجموعا به ان وقت ويجهڙائيءَ ۾ ڇپجي چڪا هئا. ڪهاڻيڪارن کي منصور پبليڪشن جي پروگرام کان واقف ڪيو ويو ته ڪهاڻين تي ڀرپور تنقيد ٿيندي. ڪهاڻيڪارن اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ترت ئي ڪهاڻيون منصور پبليڪيشن جي حوالي ڪيون، جن تي تنقيدي مضمون لکيا ويا.

هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو لکندڙن، پڙهندڙن لاءِ، ڪهاڻيڪارن توڙي نقادن لاءِ سوال بنيل آهي ۽ سڀني جي پڙهڻ جي لائق آهي ته ڪهاڻيڪار پنهنجن ڪهاڻين ۾ ۽ نقاد پنهنجي تنقيد ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيا آهن. سهڻي ڇپائي، خوبصورت ٽائيٽل، صفحا 156، قيمت ڏهه رپيا.

سڪندر بلوچ

(12) ڏهين جو نوٽ

منصور پبليڪيشن جو چوڏهون ڪتاب، ”ڏهين جو نوٽ“، جڳ مشهور ليکڪ ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن کي نامياري ليکڪ محمد دائود بلوچ ترجمو ڪري پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ هيٺيون ڪهاڻيون ڏنل آهن: ڏهين جو نوٽ،دريون،جولي،چيني پکو نظير ٿيٻه آهي ۽ شمع جو مترجم پريم ڪمار ”آتما“ آهي.

برک ليکڪ ڪرشن چندر هميشه طبقاتي ڪشمڪس خلاف قلم کنيو آهي، ۽ هميشہ مظلوم طبقي جي حمايت ڪئي آهي. هي ڪهاڻيون به سرمائيدارن جي خلاف مظلوم طبقي جي حمايت ۾ لکيل آهن. منصور پبليڪيشن هن ڪتاب کي ان ڪري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جيئن سنڌي پڙهندڙن کي ڌارين ٻولين جي شاهڪارن کان واقف ڪيو وڃي. نهايت دلچسپ ڪتاب آهي. جيڪو پڙهندو چاهيندو اهڙوئي مواد آهي. هڪ دفعو ڪتاب کڻي پورو ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهبو. چار رنگو خوبصورت ٽائيٽل، جنهن ۾ ڪرشن چندر جي تصوير ڏنل آهي. خوبصورت ڇپائي، صفحا 146، قيمت ڏهه رپيا. سنڌ جي هر وڏي ڪتب فروش وٽان ملي سگهندو.

-- محمد حسين ڪاشف

(13) من جي هن پار

من جي هن پار، نئين ٽهيءَ جي برک ڪهاڻيڪار اڪبر سومري جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪهاڻين جو پهريون مجوعو ۽ منصور پبليڪشن جي ڇپيل ڪتابن مان ارڙهون ڪتاب آهي. نوَن ڪهاڻيڪارن جي مجموعن کي ڇپائڻ جي سلسلي جي هيءَ به هڪ ڪڙي آهي. سومري جي ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ حقيقت پسنديءَ کي وڏو دخل آهي. اڪبر سومري نهايت سنجيدگيءَ سان پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي  سان هر مسئلي کي پرکيو ۽ پروڙيو آهي، ۽ پوءِ ان تي ويهي نهايت سنجيدگيءَ سان لکيو آهي.

ڪتاب من جي هن پار جي هڪ خوبي اها به آهي ته هن ڪتاب ۾ ڏنل 16 ڪهاڻين مان هر ڪهاڻيءَ تي نامورن لکيڪن ۽ ڪهاڻيڪارن جي مختصر راءِ به ڏنل آهي: حميد سنڌي مراد علي مرزا، ثريا ”سوز“ ڏيپلائي نصير مرزا، عبدالقار جوڻيجو، شمشيرالحيدري، نورگهلو، محمد حسين ڪاشف، نجم عباسي، ممتاز مهر، مدد علي سنڌي، عبدالغني درس ۾ فضل احمد بچاڻي.

هن ڪتاب ۾ هيٺيون ڪهاڻيون ڏنل آهن:

(1) ڀينر آءٌ ڀلياس (2) اڀاڳو چنڊ ۽ اٻالا ماڻهو، (3) سرلتا، (4) ڪانوَل من، (5) شهر جو دک، (6) سرڳ، (7) سر ۾ سارينئي، (8) پيار ۽ حقيقت  (9) خاموشيءَ جا واڪا، (10) من جي هن پار، (11) ڪنهن سمي جي ياد، (12) دل دنيا جو گولو، (13) ڪونهي ات ڪوهيار، (14) جنين ڪاڻ مياس، (15) سرڪلز ۽ ماڻهو ۽ (16) گهوڙا گلي جي هڪ شام.

چار رنگو خوبصورت ٽائيٽل عمدي ڇپائي، صفحا 168، قيمت 12رپيا.

-- فتح محمد شيخ

(14) همه اوست

آغا سليم جو هي ناول تازو نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو آهي. آغا سليم سنڌيءَ جو هڪ مڃيل ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. لکڻ جو هن جو هڪ منفرد اسلوب آهي. مخصوص زبان جو استعمال به آغا سليم جي هڪ خصوصيت آهي. آغا جو هڪ ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ اڳ ۾ به شايع ٿيل آهي. آغا جو ذهني سفر هن جي تحرير ۾ نمايان طور ملندو آهي. زير نظم ناول همه اوست به ليکڪ ماضيءَ جي تاريخ ۾ ٽٻي هڻي ان مواد جي آڌار تي لکيو آهي. ناول شروع ڪرڻ سان جن ڪردارن سان واقفيت ٿئي ٿي، سي اڪثر پنهنجي چوڌاري هڪ مخصوص خول ۾ قيد آهن، جهڙوڪ سارنگ، سنڌو، علي، نواب لطف علي، ماڻڪ، گوپي، گيتا ۽ پدمڻي وغيره. هنن ڪردارن جي مدد سان هڪ ڪهاڻي اُڻي ويئي آهي، جنهن کي هڪ تسلسل به آهي. ڪهاڻيءَ جو سلسلو هلندي ناول نگار ڪي نُڪتا مختلف مذهبن جي اصولن جي حوالن ۽ ڪن شعرن جي مدد سان واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. بياني سلسلي ۾ به ليکڪ پنهنجا خيال ڪٿي ڪٿي ڪنهن ڊگهي ڊايالاگ وانگر ظاهر ڪري ٿو. ناول جي ڪهاڻي جيئن پکڙجي، وڌي ويجهي ٿي تيئن ختم نٿي ٿئي. تڪميل ڏي ايندي ڪهاڻي شاهه عنايت شهيد ڏي تيزيءَ سان اچي ٿي ۽ شهادت تي ختم ٿي ٿئي. تاريخ جو شاگرد ڄاڻي ٿو ته نواب لطف عليءَ کان جيڪا ڪهاڻي شروع ٿي، تنهن جو خاتمو شاهه عنايت شهيد تي ٿيڻو آهي. ٿوري ئي بياني سلسلي ۽ مڪالمن تي ايئن ٿئي ٿو. ناول جڏهن پنهنجي دلچسپ مرحلي ۾ اچي ٿو ته هڪدم ختم ٿيڻ ڪري ڄڻ ڪا قائم ڪيل اميد پوري نٿي ٿئي. هونئن آغا سليم هن ناول ۾ پنهنجو اندر اٿلائي لفظن ۾ ظاهر ڪيو آهي. هن جيڪي به چوڻ گهريو آهي تنهن کي صفائيءَ سان چيو اٿس. مرڪزي خيال جو اظهار هُن اڳواڻن، صوفين ۽ شاعرن جي خيالات جي آئيني ۾ ظاهر ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڳالهه چئي آهي. ڪهاڻيءَ جو سلسلو ڪٿي به مبهم نه آهي ۽ پنهنجو خيال ليکڪ واضح طور ظاهر ڪيو آهي.

اهو صحيح آهي ته هتي سنڌ ۾ سنڌيءَ ۾ ڪو ناول ڏهن سالن کان پوءِ مس ٿو اچي. تازو ٻه-ٽي ناول آيا آهن، جن ۾ آغا سليم جو هي ناول ”همه اوست“ هڪ اهم اضافو ۽ منفرد ناول آهي.

- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

(15) جر ۾ سپون جيئن

هيءُ ڪتاب جناب نديم قاضيءَ جي ڏهن ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي. هونءَ نديم ڪهاڻي لکڻ جي شروعات 1961ع ۾ ڪئي هئي، پر هن مجموعي جي شروعات 1966ع ۾ لکيل ڪهاڻي گهاءُ سان ڪئي ويئي آهي، ۽ آخر ۾ جولاءِ 1985ع تائين جو لکيل ٽي ڪهاڻيون شامل آهن. انهيءَ خيال کان مجموعي ۾ ويهن سالن دوران لکيل ڏهه ڪهاڻيون ڏنل آهن. هونءَ ته ڪهاڻين جي انهيءَ ڳاڻيٽي کي جيڪڏهن ميعاد جي لحاظ کان ڏسبو ته اهي ڪنهن به طرح اميدافزا نٿيون چئي سگهجن، پر نديم جنهن جذبي سان وري ادبي ميدان ۾ موٽي آيو آهي، انهيءَ مان لڳي ٿو، ته سندس ڪهاڻين لکڻ جي دلچسپي ڪڏهن ختم نه ٿي هئي، ۽ توقع آهي ته انهيءَ دلچسپيءَ سان توڙ نڀائيندو رهندو.

نديم پنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار آسپاس جي ماحول مان کنيا آهن، جيڪي جاگيردارانه نظم جي پنجوڙ ۾ ساهه کڻن ٿا ۽ پنهنجي حالتن جو شڪار آهن ۽ انهن کان ڇوٽڪاري جي جاکوڙ ۾ هٿ پير هڻندي نظر اچن ٿا. پر نديم جو ويساهه آهي ته جيستائين حالتن کي بدلائڻ لاءِ جدوجهد نه ڪبي، تيستائين ڪنهن سَڻائي صبح ٿيڻ جي اميد اجائي آهي.

نديم پنهنجي ڪهاڻين ۾ فطري ماحول ڏاڍو سهڻو پيش ڪيو آهي، پر منجهس ساهه کڻندڙ ڪردارن کي اتان جون سماجي حالتون سؤکو ساهه کڻن نٿيون ڏين. جانٺا، جبرا جوان سماجي حالتن جي گهُٽ ۾ ٻوساٽيل نظر اچن ٿا ۽ پنهنجي حالتن کي بدلائڻ جي جدوجهد ۾ پيڙهين کان پَچندي نظر اچن ٿا. نديم اهڙي ماحول کي چِٽي، اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان جي ڳو‎ٺن ۾، ڳڀروئن ۾، نئين سوچ جا سَلا نِسرن پيا. اُهي پراڻين راهن جي رهزنن کان بچڻ لاءِ نيون ڏِسون ڳولين پيا ۽ ليکڪ کي پڪ آهي ته اهي پنهنجي منزل ضرور ماڻيندا. اهي ڪردار زندگيءَ سان پيار ڪندڙ آهن ۽ کين پنهنجي پاڻ ۾ ڀروسو ۽ آئيندي جي آس آهي.

نديم جون ڪهاڻيون پيار، خلوص ۽ سچ جون ساکي آهن ۽ هر طرح اسان جي سماج ۽ ان جي ڪردار جي نمائندي ڪن ٿيون.

جر ۾ سپون جيئن ڪتاب جو مهاڳ برک اديب جناب حميد سنڌي لکيو آهي، جنهن نديم جي فن تي قيمتي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن ڪتاب جا 214 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت ويهه رپيا آهي. سنڌي ادب اڪيڊمي ان کي حيدرآباد مان شايع ڪيو آهي.

- نفيس احمد شيخ

(16) ماڻڪ موتي

هي ڪتاب ڀٽائي بادشاهه جي ڪلام جي شرح طور لکيل آهي، جنهن ۾ رحيم بخش قمر صاحب پنهنجي فهم ۽ فڪر جي لحاظ کان ڪيئي نوان نڪتا نروار ڪيا آهن.

حضرت شاهه صاحب جي ڪلام لاءِ سندس ئي هڪ بيت:

”جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين!“

جي نسبت مڃيل ۽ مشهور آهي.

حضرت قمر صاحب، شاهه صاحب جي ڪجهه ڪلامن جي، جنهن ديني پس منظر جي لحاظ کان شرح ڪئي آهي، اها معقول به آهي ۽ مبارڪ پڻ.

هن ڪتاب جي سِٽ سِٽ مان مولوي صاحب جي، شاهه صاحب سان عقيدت ۽ رغبت جو درياهه موجون هڻندي نظر اچي ٿو. سڀني مضمونن جي ٻولي نهايت رسيلي ۽ واضح، سليس ۽ عام فهم آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ميٺاج پيو محسوس ٿئي. وڻندڙ ٻولي، هن مبارڪ موضوع کي ڄڻ شيرين بنائي ڇڏيو آهي. ”ماڻڪ موتي“ ۾ ڪل 32 عنوان ڏنل آهن، جي لاشڪ علم جا هيرا ۽ جواهر آهن. ڪجهه نموني طور هي آهن:

شاهه وٽ واحد جي واکاڻ، شاهه وٽ سيدالمرسلين جي ساراهه، شاهه ۽ پورهيت، روضي پاڪ رسول جي، اکيون مينگهه ملار، راڻو رات نه آيو، شاهه جي عالمي شاعري، جانب جي جمال سين، اکين ۾ ٿي ويهه، ڏک سکن جي سونهن، سُر ديسي ۾ تلميحون، لک لهي ٿي لوڏ، ڀٽائي جا نعتيه بيت، شاهه جون وايون.

”ماڻڪ موتي“ جهڙي معياري ڪتاب جو مهاڳ، سنڌ جي ممتاز دانشمند ۽ لطيف جي ڄاڻو ۽ ماهر، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب فرمائين ٿا:

”الحاج رحيم بخش قمر لاکو صحيح معنيٰ ۾ علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ آهي. شاهه صاحب جي رسالي سان محبت سندس آهي ۽ گذريل ويهن سالن کان وٺي پنهنجي مضمونن ۾ هن حضرت شاهه صاحب جا ڳڻ پئي ڳايا آهن. هيءُ ڪتاب اهڙن مضمونن جو سدا بهار غنچو آهي. محبت ۽ عقيدت، معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان اهي مختصر مضمون ڄڻ ماڻڪ ۽ موتي آهن.

ڊاڪٽر صاحب جن اڳتي لکن ٿا:

”حضرت شاهه صاحب سنڌ جو سرتاج شاعر آهي، جنهن جو ڪو مَٽ ٿي نٿو سگهي. سندس بيتن ۽ واين ۾ جيڪو فڪر سمايل آهي، تنهن جو مثال ملڻ به مشڪل آهي؛ مگر شاهه صاحب جي عالمگير فڪر ۽ اعليٰ مقام کي روشن ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسين سندس بيتن ۽ واين کي غور سان پڙهون، انهن جي هر لفظ ۽ اصطلاح تي سوچيون ۽ انهن ۾ سمايل فڪر ۽ معنيٰ کي صحيح طور سمجهون. حضرت شاهه صاحب جي عظمت کي آشڪار ڪرڻ لاءِ سَون ڪتابن لکڻ جي ضرورت آهي ۽ انهيءَ ڏس ۾ جيڪو وک وڌائي ٿو، سو مبارڪ جي لائق آهي. قمر صاحب جو هي ننڍڙو ڪتاب معنيٰ ۽ مقصد ۾ وڏو آهي، ڇاڪاڻ جو هن شاهه صاحب جي پيغام تي صحيح نموني سان سوچيو آهي ۽ ان کي صحيح طريقي سان پيش ڪيو آهي.“

ڪتاب ماڻڪ موتي، مواد سان گڏ پيشڪش جي لحاظ سان پڻ روح پرور آهي. نهايت دل لڀائيندڙ ٽائيٽل سان بهترين ڪاغذ تي ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت ويهه رپيا مناسب ٿي لڳي. هي ڪتاب، ڀٽائي رحه جي هڪ عاشق الحاج سيد قمرالزمان شاهه صاحب وڏي چاهه ۽ اڪير سان شايع ڪرايو آهي.

- نفيس احمد شيخ

(17) سرمست- 5

”سرمست“ جو پنجون شمارو، سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور پاران ڇپائي، سچل سرمست جي سالياني عرس جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو. نوجوان مصور لطف انصاريءَ جي ٽرنگي ٽائيٽل سان هي پرچو ڊيمي سائيز ۾ تنوير عباسي جو ترتيب ڏنل آهي.

ترتيب جي اعتبار کان پهرين ڀاڱي ۾ گذريل سال جي ميلي جون تصويرون ڏنل آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ سچل سائينءَ جي حوالي سان شاعري آهي، جنهن ۾ تاج بلوچ، استاد بخاري، ادل سومرو، اميد خيرپوري، هدايت بلوچ، خادم رفيقوي، الطاف اثيم، منير سولنگي، نظام الدين زائر، مختيار ملڪ، اختر درگاهي، منصور ميراڻي، غلام عباس ڀنڀرو ۽ مير صوبدار سعيد جا ويچار شامل آهن. ٽئين ڀاڱي ۾ سچل سرمست جي فن، فڪر ۽ زندگيءَ تي تحقيقي مضمون ۽ مقالا شامل آهن. پهرين مقالي ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ ’وحدت وجودي صوفي سنڌ ۾‘ جي موضوع تي ڪارائتي تحقيق ڪئي آهي. قاسمي صاحب لکي ٿو ته ابتدائي دور جا صوفي خالص سنڌي نسل جا هئا، پر هن ديس جي علم عرفان ۽ سلوڪ ۾ اها ته هاڪ هئي جو شيخ ابومغيث حسين بن منصور حلاج جهڙو عظيم وحدت وجودي صوفي به هت سنڌ ۾ ڪهي آيو هو. قاسمي صاحب تاريخي حوالن سان صوفي تحريڪ ۾ سنڌ جي حصي کي اجاگر ڪيو آهي. ’سچل سرمست جي تاريخي دؤر‘ جي عنوان سان ڊاڪٽر غلام علي الانا جي مقالي ۾ سچل سائين جي دور جي حالتن جو اپٽار ڪيل آهي ۽ سندس عصري ماحول جو عڪس ڏنو آهي. تحقيق جي اعتبار کان الانا صاحب جو هي مقالو گهري ڄاڻ سان ڀريل آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اسان جي ٻولي جي ماهر جي حيثيت رکي ٿو. سندس مقالو به انهيءَ مناسبت سان آهي. ’سچل جي ڪلام جا انوکا الفاظ‘ جي سري سان سچل سرمست جي شاعري ۾ ڪتب آندل ٻولي تي اڀياس ڪيو اٿائين.

ڊاڪٽر اياز قادري ’سچل جي ادبي ماحول‘ تي کوج ڪئي آهي. اياز صاحب سچل جي ادبي ماحول تي سندس بزرگن جي اثرن ۽ ان وقت جي ادبي فضا کي چٽيو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ’سچل جا گهاڙيٽا‘ جي موضوع تي ادبي تحقيق ڪئي آهي ۽ سچل جي بيت ۽ ڪافي جي فني سٽاءَ ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. ڊاڪٽر نواز علي شوق ’سچل جي سرائڪي شاعري‘ جي موضوع، لاڙن ۽ ادبي خوبين کي تحقيق هيٺ آندو آهي. ’سچل جي شاعري جي مختلف لهجن‘بابت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي وزنائتي تحقيق آهي. محمد علي حداد ’سچل جي ڪلام ۾ خوديءَ جو تصور‘ تي خيال آرائي ڪئي آهي، جنهن ۾ هن علامه اقبال جي خودي جي فلسفي جي تاڃي پيٽي تي سچل سائينءَ جي ڪلام ومطالعو ڪري، اهو ثابت ڪرڻ گهريو آهي ته خوديءَ جو فلسفو اقبال کان گهڻو اڳ سچل سائين وضع ڪيو آهي. ان کان پوءِ ’سچل سائينءَ جون صنفون‘ جي موضوع تي مختيارملڪ تحقيق ڪندي سچل کي سنڌي زبان جو پهريون تجرباتي شاعر ڪوٺيو آهي، ۽ هن سچل جي شاعريءَ جي نڪور صنفن کي بيان ڪيو آهي. آخر ۾ محمد علي حداد، سچل سرمست تي ببليوگرافي ۾ سن 1984ع تائين واڌارو پيش ڪيو آهي.

هن ڪتاب جي قيمت پندرنهن رپيا آهي ۽ سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور وٽان ملي سگهي ٿو.

- مختيار ملڪ

(18) ڏينهن ڏٺي جا سپنا

اياز گل جي گلن جهڙي شاعريءَ جي جيتري واکاڻ ڪجي گهٽ آهي. سندس شاعري سندس روح جي عطر آهي، ۽ هن جي سُرهاڻ ”ڏينهن ڏٺي جا سپنا“ ۾ پرکي سگهجي ٿي. مون کي اعتبار آهي ته هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ، پڙهندڙ ضرور هن جي سڳنڌ سان واسجي ويا هوند.ا. هن ڪتاب جي مڙني رنگن کان وڌيڪ وڻندڙ رنگ آهي، هن جي پيش ڪرڻ جو ڍنگ- جهڙي اڇوتي ۽ انوکي مٽاءَ سان هيءُ ڪتاب ترتيب ڏنل آهي، ته ائين ٿو لڳي ڄڻ، هڪ ڪتاب ۾ ڪيئي ڪتاب سمائجي ويا هجن. ڪتاب ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ رائج تقريباً هر صنف موجود آهي ۽ هر صنف تي ڌار ڌار مهاڳ لکرائي، ڪتاب کي هڪ نئين سونهن بخشي ويئي آهي. ٽائيٽل کان وٺي مواد ۽ ويندي آخري پني تي اياز گل جي تصوير تائين، هي ڪتاب هڪ ڪهاڻي آهي، هڪ روئداد آهي ۽ هڪ ڀوڳنا آهي. مون کي هن ڪتاب جي هر پني تي اياز گل جي محبت سان ڪيل محنت جو عڪس نظر اچي ٿو.

اياز گل لاءِ ائين جوڻ وڌاءُ نه ٿيندو، ته اياز، انهن گهٽ شاعرن مان هڪ آهي، جن هر صنف کي ائين لکيو آهي، ڄڻ اها صنف ئي هُن جي Speciality هجي. هن جو غزل ڏسو- توڙي ننڍي بحر ۾ هجي يا وڏي بحر ۾-هو ڪٿي به پنهنجي ردم ۽ موسيقيت کي هٿان وڃڻ ڪونه ڏيندو. سندس غزل جو خيال، توڙي ڪٿي ڪٿي گهڻو مضبوط نه آهي، پر سندس لفظن جي چونڊ، جوڙجڪ ۽ ردم جو احساس، ان ڳالهه طرفان ڌيان هٽايو ڇڏين. پڙهندڙ کي ائين پيو لڳندو، ڄڻ ڪو نرم رفتار جهرڻو وهي رهيو هجي. گهڻو ڪري سندس موضوع داخلي ۽ سادا آهن، پر تنهن هوندي به، هنن ۾ سونهن آهي، سچائي آهي ۽ پڙهندڙن انهن جو اولڙو، پنهنجي دل جي مٿان محسوس ڪيو هوندو.

نج سنڌي تشبيهن سان سينگاريل، ۽ نج جذبن جي چانديءَ سان جرڪايل، هن جو غزل، اردوءَ جي وڏن شاعرن جي غزل سان قدم قدم ۾ ملائي هلڻ جهڙو آهي.

نظم ۾، خاص ڪري آزاد نظم ۾، اياز گل، امداد حسينيءَ جيان، شاعريءَ جي بنيادي گهرج ”ردم“ جو خاص خيال رکيو آهي. اياز گل جي آزاد نظم ۾ (Flow) آهي ۽ سونهن آهي. جيئن:

”ڇو ڪجي، ڇو نه ڪجي جي وچ ۾

هڪڙو چهرو اڃا جو آ، پيارو

راتِ ڪاريءَ ۾ ذهن جي اُڀ تي

پِرهه جو ڄڻ ته هيڪلو تارو

خيال جاڳائي ٿو جيئڻ جي لاءِ

۽ وري نئون زهــــر پيئڻ جـــــــي لاءِ.“    (ص: 76)

گُل جا گيت به ڏاڍا سادا ۽ سلوڻا آهن. اُنهن گيتن ۾ گل، ڪنهن ٻار جيان پنهنجي اندر جي اُپٽار ڪئي آهي. گيتن ۾ گل، ٻار جهڙو ٿو لڳي، پر سندس گيت نه، سندس گيت ته ٽيڪنيڪي اعتبار کان پاڻ ڀَرا ۽ وڏا آهن ۽ ڪيترن ٻين گيتن چوندڙن کي آڱر کان جهلي، پنڌ سيکارڻ جهڙا آهن.

”تنهنجيءَ رم جهم منجهه پرينءَ جي

ڳالهين جو آ، چَسُ مينهڙا!

وَسُ وَسُ مينهـــــــڙا، وَسُ.“

(ص: 91)

وائيءَ ۾ اياز گل، روايتي انداز کان هٽي موضوع چونڊيا آهن. وائي، عام طور تي نماڻي ۽ لڄاري صنف آهي، پر اياز گل هن لڄاري ناريءَ کي جديد ڪري، شيخ اياز جي روايت کي قائم رکندي، انقلابي رنگ ڏنو آهي، اياز گل جي وائيءَ جو لهجو کرو ۽ وقتائتو آهي، جيئن:

”ساڙيـــــو ڙي ساڙيــــــو!

سرڪش هن سماج کي.“      (ص: 105)

”ظلم ختم ٿــــــي ويندو

تون جي چئين ”ناهي؟“

ســـــــــچُ تــــه ســــچُ آهي.“        (ص 102)

گل جي ڪتاب کي ايستئاين ورق ورق ڪري ونڊيو ۽ پڙهيو اٿم ۽ ان تي ٽيڪا ٽپڻي اٿم، پر منهنجي ذاتي پسند کي جتي دخل آهي، اُهي آهن سندس رينگا ۽ ترائيل. مون کي پنهنجي محدود پروڙ ۾ هيءَ صنف سڀ کان وڻندڙ ۽ محنت طلب لڳي.

دوها ۽ بيت، نارائڻ شام جي دوهن وانگر مڌر ۽ وڻندڙ آهن. ’بيت‘ جهڙي پراڻي صنف ۾، اياز گل، پنهنجي جديد دؤر جي زندگيءَ کي سمائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. مجموعي طور تي اياز گل جي سڀني سپنن مون کي موهيو.

اياز گل جي شاعريءَ جي خاص ڳالهه آهي، سندس ’ايمانداري‘. جهڙي ايمانداريءَ سان اياز گل، شاعريءَ جي هر صنف جا حق ادا ڪيا آهن، ته مان سمجهان ٿي ته، اها هر ڪنهن شاعريءَ جي وس جي ڳالهه ڪونهي. اياز گل، هڪ محنتي، ايماندار ۽ سچو شاعر آهي.

هُن شاعريءَ کي پنهنجو رت ۽ ستُ ڏنو آهي ۽ شاعريءَ کي رڳو پنهنجي شهرت ۽ ذهني تسڪين جو ذريعو ناهي سمجهيو. مان ڪجهه اکر، شاعريءَ جي بدران شاعر تي لکي وئي آهيان. پر منهنجي خيال ۾، اها ڳالهه ضروري هئي، ڇو ته شاعر جي انهن وصفن ۽ صفتن جو سڌو سنئون تعلق سندس شاعريءَ سان آهي- ۽ سندس شاعري ان جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي.

”جاڳ هوندي به خواب ۾ آهيون

دوستو!، بس عذاب ۾ آهيون

نيٺ پڙهڻو ئي توکي پوندو پرين!

پاڻ تنهنجي نصـــــــاب ۾ آهــــــيون.“   (ص: 123)

هي ڪتاب سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻي شايع ڪيو آهي. بهترين ڇپائي، جاذب سرورق، صحفا 124، قيمت 15 رپيا.

- ياسمين قاضي

(19) وتايو فقير

هي ڪتاب وتايو فقير سيمينار ڪميٽي ٽنڊوالهيار، سنڌ جي مشهور بزرگ ۽ دانا، حضرت وتايو فقير تي ڪوٺايل سيمينار جي موقعي تي شايع ڪيو آهي. هونئن ته اسان وٽ هي دستور رهيو آهي ته اهڙن موقعي تي شايع ڪيو ويندو آهي، باقي انهن موقعن تي جيڪو مواد مقالن جي صورت ۾ هوندو آهي، اهو تاڪ شود. ائين ڪيترا ميڙ ٿيا آهن، پر انهن ۾ پيش ٿيل مواد اڃا تائين ڪتابي صورت ۾ اچي نه سگهيو آهي. هي ڪتاب محترم محمد حسين ڪاشف ۽ اُستاد شيخ محمد اسماعيل صاحب ترتيب ڏنو آهي.

وتايو فقير سيمينار، جنهن جي روح روان هئڻ جو سهرو محترم عبدالقادر منگي جي سر تي سونهي، انهيءَ سلسلي ۾ ڪوشش وٺي هي ڪتاب شايع ڪرايو آهي. هن ڪتاب جي سهيڙڻ ۽ سنوارڻ ۾ جيڪي تڪليفون درپيش آيون، تن جو اهل علم کي احساس آهي. ڇاڪاڻ جو وتائي فقير جي سلسلي ۾ مواد جو گڏ ڪرڻ نهايت مشڪل آهي، سواءِ ٻن-چئن ڪتابن جهڙوڪ تحفته الڪرام، سنڌ جا قديم شهر، ماڻهو ۽ لنواري جا لال وغيره ۾ سندن ذڪر ملي ٿو. اسان وٽ وتائي فقير رحه جي گفتن ۽ نڪتن جي حيثيت مسلم آهي؛ جيڪي اڄ به ماڻهن جي زبان تي عام آهن ۽ هڪ ضرب المثل جي حيثيت رکن ٿا ۽ زندگي جي سڀني حقيقتن جي ترجماني ڪندا نظر اچن ٿا.

ڪتاب ۾ پيش ٿيل مواد نهايت ئي معلومات افزا ۽ حقايق پسندي وارو آهي. معمور يوسفاڻي جو مقالو وتائي جي سرزمين جي تاريخ، ماڳن ۽ مڪانن تي بهترين معلومات مهيا ڪندڙ آهي، ۽ ان خطي جي تاريخ کي سمجهڻ ۾ وڏي هٿي ڏيندڙ آهي. ڪتاب ۾ منگي صاحب جا پنهنجي پاران لکيل ٻه اکر سڄي ڪتاب ۽ وتائي فقير جي تعليم جو ماحصل آهن، نه صرف اهو پر جن ٻين قومي ۽ ادبي ناتن جي سلسلي ۾ جيڪا نشاندهي ڪئي ويئي آهي اها ادبي ۽ علمي حلقن لاءِ توجه طلب آهي.

وتائي رحه جي سوانح تي پيش ٿيل مواد ۾ لکندڙ اهو صحيح طور تي ثابت ڪري نه سگهيا آهن ته هو ڪٿي ڄائو. ڪنهن صاحب هن کي عمرڪوٽ جو ڄاڻايو آهي ته ڪنهن کيس اگهم ڪوٽ جو ٻڌايو آهي، ته ڪن صاحبن وتائي کي نصرپور ۽ تاجپور جو ڄاڻايو آهي. اهو مسئلو اڃا تحقيق طلب آهي. ڪتاب ۾ پيش ڪيل مواد ان ڏس ۾ هڪ ڪوشش سمجهڻ گهرجي.

وتائي فقير جي فڪر ۽ تعليم، سندس ڏاهپ وارن نڪتن تي جناب علي احمد بروهي جو مقالو حقيقت افروز آهي. محمد حسين ڪاشف، حيدرعلي لغاري، انيس انصاري جا مقالا نهايت ئي پرمعنيٰ ۽ هن جڳ مشهور داناءُ جي خيالن جو بهترين تاويل پيش ڪندڙ آهن، جن ۾ وتائي فقير جي ڏاهپ ڀرين نڪتن جي نهايت بهتر صورت سان توجيـﮧ پيش ڪئي ويئي آهي. عاصي هَڪڙو جو مقالو وتائي فقير جي ڪشف ۽ ڪرامت تي قابل قدر ڪوشش آهي.

- سليم عارف

(20) ڪليات ثابت ڪربلائي

سنڌ جي عظيم مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي جو ڪلام ”ڪليات ثابت“ جي نالي سان اداره اسلامڪ ڪلچر اينڊ ريسرچ سينٽر ڪراچي مان شايع ڪرائي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اضافو ڪيو آهي.

سيد ثابت علي شاهه ابن سيد مدارعلي شاهه سن 1153هه مطابق 1740ع جي سيوهڻ شريف ۾ تولد ٿيو. مولوي غلام علي ”مداح“ ابن محمد محسن ٺٽوي جي فيض کان، شاهه صاحب مستفيض ٿي پنهنجي دور جو بي مثل شاعر ٿيو. شاهه صاحب، ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپرن جي اوائلي دور جو اهو صاحبِ عظمت شاعر آهي، جنهن لاءِ ائين چوڻ ۾ قطعاً مبالغو نه ٿيندو ته شاهه صاحب ئي سنڌي زبان جو سنڌ ۾ پهريون مرثيه گو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس سنڌي ڪلام پڙهڻ سان اسان کي اها پروڙ پوي ٿي ته ان زماني ۾ سنڌي ٻولي ڪيڏي نه اوج تي هئي ۽ پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي سينگاري سنواري سنڌي مرثين تي طبع آزمائي ڪري پنهنجي ذهني قابليت جو سڪو ڄمائي ڇڏيائين.

شاهه صاحب جي ڪلام کي متعدد نسخن تان ڀيٽي سندس زندگي جي احوال سميت جامع مقدمي سان جناب مرزا عباس علي بيگ نهايت تحقيق ۽ جستجو سان سينگاري سنواري سنڌي ادب ۾ اڻ مُلهه اضافو ڪيو آهي.

جناب علامه غلام مصطفيٰ صاحب قاسمي جن پنهنجي ”راءِ“ ۾ مذڪور اداري جي سنڌي شعبي جي ڪوششن کي ساراهيو آهي ۽ لکن ٿا ته ”ڪليات سيد ثابت علي شاهه هن اداري زرِ ڪثير خرچ ڪري عمده ڇپائي سان آراسته ڪري شايع ڪيو آهي. هن سان هڪ پاسي سنڌي ادب جي اشاعت ۾ اضافو ٿيو آهي ته ٻئي پاسي انهن پنهنجي عقيدت موافق وڏو ثواب جو ڪم به ڪيو آهي.“

ڪليات ثابت ۾ 82 صفحن جو عالمانه مقدمو پڙهڻ جي لائق آهي، جيڪو مرزا عباس علي بيگ جو تحرير ڪيل آهي. ان ۾ مرثيه ۽ ان جي عهد به عهد ترقي، بعد ازان عربي، فارسي ۽ اردو مرثيي جي مختصر تاريخ ڏني ويئي آهي. سنڌي مرثيه جي مختصر تاريخ ۽ سنڌ جي انهن مرثيه گو شاعرن جو تذڪرو، انتخاب سميت مقدمي ۾ ڏنو ويو آهي، جيڪو پڙهڻ وٽان آهي. ان ضمن ۾ اجزائي مرثيه (چهرو، سراپا، آمد، رجز، جنگ، شهادت ۽ شهداءِ ڪربلا) تي معلوماتي بحث ڪيو ويو آهي. تنهن کان پوءِ سيد ثابت علي شاهه جي سوانح حيات پيش ڪيل آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته 507 صفحن جي هن مجلد ڪتاب جي طباعت ۾ سموريون خوبيون سمايون ويون آهن.

ڪليات ثابت علي شاهه ٻن حصن تي مشتمل آهي. پهرين حصي ۾ سنڌي ڪلام ۽ ٻئي حصي ۾ فارسي ڪلام آهي. سنڌي ڪلام ۾ شاهه صاحب جو زيارتنامو آهي، جنهن ۾ مناجات، نعت، مداح چهارده معصومين عليهم السلام، سيوهڻ شهر ۽ قلندر لال شهباز جي مدح کان سواءِ حيدرآباد شهر جو تعارف ۽ مير فتح علي خان ٽالپر، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان، مير مراد علي خان ۽ مير مير محمد خان جي تعريف آهي. ان کان پوءِ پنهنجي بزرگن ۽ پنهنجي حياتي جو احوال لکيو اٿس. آخر ۾ ڪربلا معليٰ جي زيارت جو بيان ڪيل آهي. زيارتنامي کان پوءِ سنڌي منقبت آهن، تنهن کان پوءِ مرثيه، سلام ۽ نوحه آهن. مرثين جو تعداد چوهٺ آهي. آخر ۾ فارسي مرثيو پڻ آهي جنهن ۾ ميان سرفراز خان ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي لاءِ دعائيه اشعار آهن. انهيءَ مرثيي مان پتو پوي ٿو ته اهو مرثيو شاهه صاحب ڪلهوڙن جي دور ۾ لکيو آهي.

ٻئي حصي ۾ فارسي ڪلام آهي، جنهن ۾ مناجات، قصيده آربع عناصر ۽ چوڏهن معصومن عليهم السلام جن جي فضائل ۾ قصيدا، مناقب، مثنويون ۽ هفت بند وغيره آهن. ان کان پوءِ ظفرنامو جنهن ۾ ميان عبدالغني خان ڪلهوڙي جي فتح ۽ سندس عزيز ميان غزت يار خان جي هار جو تفصيل سان بيان ڪيل آهي. ازان سواءِ مير بجار خان، سيد اسدالله سيوستاني، مير غلام علي خان جي مدح ۾ قصائد، حيدرآباد ۾ ايراني سفير جي اچڻ تي مرحبائي مثنوي، فتح علي شاهه قاچار جي مدح ۾ قصيدا، چند غزليات وغيره ۽ هڪ اردو منقبت آهي.

- ميرزا ڪاظم رضا بيگ

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

اسان جا تازا شايع ڪيل ڪتاب

 

1- جمال حبيب

(رسول پاڪ صه جي سيرت طيبه)- فقير محمد اسماعيل ٺٽوي 00-25 رپيا

2- تذڪر: مشاهير سنڌ

(ڀاڱو ٻيو) – مولانا دين محمد وفائي اوچو ڪاغذ

                00-40 رپيا، سادو ڪاغذ 00-35 رپيا

3- تاريخ معصومي (سنڌي)

ٽيون ڇاپو- مير محمد معصوم بکري        مترجم: مخدوم امير احمد    00-50 رپيا

4- قديم سنڌ جون لوڪ آکاڻيون- ڪنڪيڊ

مترجم: خانم خديجه دائودپوٽو سادو ڪاغذ 00-20 رپيا، اوچو ڪاغذ 00-25 رپيا،

5- جنت السنڌ (ٻيو ڇاپو)     – مولائي شيدائي

قريب اشاعت:

6- ڀوري ڇوڪري حق جي

تلاش ۾ -علامه ۽ مسز ايلسا قاضي 00-70 رپيا

7- ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي      – ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

8- تذڪر: مشاهير سنڌ

(ڀاڱو ٽيون) – مولانا دين محمد وفائي

 

ملڻ جو هنڌ

سنڌي ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال

اسٽيشن روڊ، ڄامشورو

(پوسٽ باڪس نمبر 12، حيدرآباد سنڌ)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com