سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع

--

صفحو :9

  

 

دليل ڪوٽ/ دهليل جو قلعو

قريشي حامد علي خانائي

 

قديم زماني جا ڪيترائي مشهور، پررونق ۽ وسندڙ شهر ۽ قلعا اڄ پنهنجي پراڻي عظمت وڃائي چڪا آهن. سنڌ جي انهن قديم آثارن مان اهو صاف طرح سان ظاهر ٿئي ٿو ته اڳئين زماني ۾ سنڌ جي اهم ۽ مکيه مرڪزن تي مضبوط قلعا ۽ ڪوٽ ٻڌل هئا، جن تاريخ جا ڪيترائي وڏا وڏا انقلاب ڏٺا. اهڙن ڪيترن اوائلي شهرن ۽ قلعن جو احوال ملڻ ئي محال ٿي پيو آهي، ايتريقدر جو زماني جي لاهين چاڙهين انهن جي اصلي نالن ۾ پڻ ڪافي ڦيرو آڻي ڇڏيو آهي.

سنڌ جي نقشي تي نظر ڦيرائڻ سان اهو چڱيءَ طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته پراڻي زماني ۾ اهي مرڪزي شهر، قلعا ۽ ڪوٽ وغيره اڪثر سنڌو درياهه ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن جي ڪنارن ۽ ڪنڌين تي اڏيل ۽ آباد هوندا هئا. ڪشمير کان ڪيٽي بندر تائين اهڙا سوين قديم آثار ۽ نشان ملن ٿا، جن مان ان ڳالهه جي پوريءَ طرح سان تصديق ٿئي ٿي.

اهڙن آڳاٽن قلعن ۽ ڪوٽن مان ”دهليل جو قلعو“ يعني ”دليل ڪوٽ“ قديم زماني ۾ سنڌو درياهه مان نڪرندڙ شاخ ”هاڪڙي درياهه“ جي ڪپ تي ڏکڻ اوڀر ۾ تعمير ڪيل هو ۽ اڄ تائين اهو قلعو قائم آهي. ”دهليل جو قلعو“ يعني ”دليل ڪوٽ“ جو اهو قديم قلعو موجوده دور ۾ نوابشاهه شهر کان سڪرنڊ ڏانهن ويندڙ رستي جي ساڄي هٿ تي اتر اولهه جي ڪنڊ تي واقع آهي. اهو قلعو نوابشاهه کان يارنهن ميل پري ۽ سڪرنڊ شهر کان ٽن ميلن جي فاصلي تي آهي. انهيءَ قلعي جي سامهون ”سکپور“ جي ڀرسان سنڌ جي قديم تاريخي شهر ”چنهو جي دڙي“ جا قديم آثار آهن. خود ان قديم شهر جي باري ۾ ماهرن جو رايو آهي ته چنهو جي دڙي وارو شهر ”هاڪڙي درياهه“ جي ڪناري تي آباد هو ۽ اهو هاڪڙي جي تهذيب ۽ تمدن جو نشان آهي(1).

هن موجوده دور ۾ اهو قلعو ”دليل ڪوٽ“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿو. هن قديم قلعي جي ڀرسان انهيءَ قديم ”هاڪڙي درياهه“ جا نشان ڍوري جي صورت ۾ اڄ تائين موجود آهن: دراصل تاريخي لحاظ کان هي دهليل جي قلعي جا پراڻا نشان آهن. فوجي اهميت کان هيءُ قلعو نهايت ئي اهم هو. سنڌ جي تختگاهه ”الور“ ۽ ”برهمڻ آباد“ جي وچ ۾ بچاءُ واري لحاظ کان هڪ مضبوط فوجي چوڪي هئي. واپاري اعتبار کان هي ”هاڪڙي درياهه“ جو مشهور پتڻ هو.

ليڪن افسوس آهي ته هن پراڻي ۽ تاريخي قلعي جو احوال هن وقت تائين سنڌ جي ڪنهن به مؤرخ نه ڏنو آهي. ”تاريخ معصومي“، ”تاريخ طاهري“، ”تحفته الڪرام“ ۽ سنڌ جون ٻيون تاريخون اڪثر هن قلعي جي احوال کان وانجيهل نظر اچن ٿيون، نتيجي طور هن قلعي جي پراڻي تاريخ پوئين زماني جي مختلف روايتن ۽ ڏند ڪٿائن جي رءُ ۽ لٽ ۾ ڍڪجي پئي وڃي ۽ اسان جي ماضيءَ جي تاريخ جو هي اهم باب آهستي آهستي اسان جي اکين کان هميشه لاءِ اوجهل ٿيندو پيو وڃي، ايتريقدر جو هن قلعي جو اصلي نالو پڻ تبديل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ”دهليل“ مان ڦري ”دليل ڪوٽ“ پيو سڏجڻ ۾ اچي.

 

 

 

 

         ”چچنامي“ وارو صاحب هن قلعي جي باري ۾ لکي ٿو ته:  

”محمد بن قاسم برهمڻ آباد جي فتح ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو ۽ اهو شهر آباد ۽ سندس ملڪ ڪشادو ۽ سرسبز هو. ”راوڙ“ ۽ ”برهمڻ آباد“ جي وچ ۾ ٻه قلعا هئا، جن مان هڪ کي ”بهرور“ (2) ۽ ٻئي کي ”دهليل“ سڏيندا هئا. انهن قلعن ۾ اٽڪل سورنهن هزار جنگي سپاهي هئا. محمد بن قاسم اتي پهچي ٻن مهينن تائين گهيرو ڪيو. ”بهرور“ جي فتح کان پوءِ جڏهن اها خبر ”دهليل“ وارن کي پهتي ۽ اها به خبر پين ته محمد بن قاسم فوج سان هن طرف اچي رهيو آهي ته ”دهليل“ جي قلعي ۾ رهندڙ واپاري هندستان طرف هليا ويا ۽ باقي جنگي سپاهي قلعي ۾ لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ويٺا. اٽڪل ٻن مهينن تائين قلعي جو گهيرو رهيو. نيٺ قلعي وارن تنگ ٿي، ڪفن پهري، خوشبوءِ مکي، قلعي جي ان دروازي وٽ ٻارن ۽ ٻچن کي موڪليو، جنهن جو رخ ريگستان ڏانهن هو.“(3)

”چچنامي“ جي انهيءَ بيان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ”دهليل“ جي قلعي جي دروازي جي رخ ريگستان جي طرف هو، جنهن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته اڳئين وقت ۾ موجوده بابشاهه شهر جي اڀرندي طرف ريگستاني علائقو هو. هن دور ۾ نوابشاهه شهر جي اوڀر ۾ ”سٺ ميل“ شهر کان ”نصرت واهه“ جي اوڀر ۾ وارياسو علائقو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسان جي تحقيق موجب واقعي قديم دور ۾ اهو ريگستاني علائقو هن قلعي جي سامهون هو.

هن قلعي جي فوجي اهميت جي باري ۾ مولائي شيدائي لکي ٿو ته:

”سنڌ جي راجا ڏاهر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ سندس پٽ جئسينـﮧ وٽ محمد علافي سميت پندرنهن هزار لشڪر هو. ٻنهي کي وزير سيساگر برهمڻ آباد جي قلعي طرف وڃڻ لاءِ مشورو ڏنو، جتي بي شمار خزانو پڻ موجود هو. الور ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ”دهليل“ جي حاڪم نيويه پٽ ڌاران،(4) وٽ سورنهن هزار لشڪر ساڻ هو، ۽ محمد بن قاسم سان بهادريءَ سان وڙهيو ۽ آخر شڪست کاڌائين.“(5)

انهيءَ سموري تاريخي واقعي کي سيد ابوظفر ندوي وري هن طرح بيان ڪري ٿو ته:

”ماهه شوال سن 93هه ۾ محمد بن قاسم برهمڻ آباد جي طرف پيش قدمي شروع ڪئي. رستي ۾ ٻه مضبوط قلعا هئا، هڪ ”دهليل“ ۽ ٻيو ”بهرور“. هر قلعي ۾ ڇهه هزار فوج جمع هئي. انهن قلعن جي فتح کان اڳ ۾ برهمڻ آباد کي فتح ڪرڻ ڏکيو ڪم هو، انهيءَ ڪري سڀ کان پهرئين ”بهرور“ جي قلعي کي فتح ڪيو ويو. ”دهليل“ وارن کي جڏهن اهو معلوم ٿيو ته هتي جا سڀ واپاري قلعو ڇڏي ڀڄي هليا ويا.... ۽ صرف فوج مقابلي لاءِ رهي. سن 93هه ۾ ٻن مهينن تائين محمد بن قاسم قلعي جو گهيرو ڪيو ۽ آخر ۾ ماڻهو.... قلعي جي سامهون دروازي کان نڪري نهر پار ڪري هليا ويا.“(6 ۽ 7)

”دهليل“ جي قلعي جي فتح ٿيڻ کان پوءِ ذڪر ڪندي سيد ابو ظفر ندوي هن طرح لکي ٿو ته:

”جمادي الاول سن 94هه ۾ عرب فوج برهمڻ آباد جي طرف ڪوچ ڪيو ۽ دهليل جي فتح کان پوءِ ڌاران جي پٽ نوبيه کي اتان جو ناظم مقرر ڪيو ويو. دهليل جي قلعي سان گڏ هن جي آسپاس وارو ٻيو علائقو هن جي حوالي ڪيو ويو، جنهن کي ”دوهاٽيه“ ڪري چون ٿا ۽ ان جي حد برهمڻ آباد کان ٽن ميلن تائين هئي. دهليل جي قلعي مان محمد بن قاسم کي تمام وڏي دولت هٿ آئي هئي، جنهن جو پنجون حصو هن خليفي ڏانهن عراق موڪليو هو.“(8)

انهن مٿين سڀني تاريخي بيانن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ”دهليل جو قلعو“ ان قديم دور ۾ فوجي لحاظ کان وڏو اهم هو ۽ برهمڻ آباد جي فتح ڪرڻ جو پهريون دروازو هو. ساڳئي وقت اهو به ثابت ٿئي ٿو ته هتان جا رهندڙ اڪثر ڪري واپاري هئا ۽ هتان جو واپار درياهه ۽ خشڪي رستي هندستان ۽ ڏيساورن سان هلندو هو. انهيءَ کان سواءِ اسان مٿي اهو به بيان ڪيو آهي ته ”دهليل جو قلعو“ سنڌو درياهه جي هڪ شاخ ”هاڪڙي درياهه“ جي ڪناري تي تعمير ڪيل هو.

تاريخي لحاظ کان موجوده روهڙي شهر جي اتر کان سنڌو درياهه مان هڪ شاخ ڦٽي نڪرندي هئي، جا ”هاڪڙي درياهه“ جي نالي سان سڏبي هئي ۽ سنڌو درياهه خود اهو ئي هو، جو هن وقت تائين پنهنجي ساڳئي موجوده وهڪري سان وهندو رهي ٿو. اهو ”هاڪڙو درياهه“ هن قلعي جي ڀرسان وهندو هو.(9) محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ به اهو بلڪل صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ”دهليل“ جو اهو ئي قلعو آهي، جو هن وقت ”دليل ڪوٽ“ سڏجڻ ۾ اچي ٿو. جاگرافيائي حالتون پڻ اهو ثابت ڪن ٿيون.

”چچنامي“ ۾ بيان ٿيل ”جلوالي“(10) نالي هڪ نهر جو ذڪر اچي ٿو، جا سنڌو درياهه مان نڪرندي هئي ۽ ”دهليل“ جي قلعي جي ويجهو لنگهندي هئي. ان نهر جي باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو قول آهي ته:

”جلوالي جي نهر، برهمڻ آباد جي اوڀر ۾ وهندي هئي ۽ غالباً اها ئي نهر آهي، جنهن جي ڪناري تي محمد بن قاسم فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي هئي. هي جلواليءَ جو قديم نالو، ڄراڙي، جراري، زماني جي حالتن موجب ڦرندو رهيو. ڄراڙي جو ڳوٺ ۽ ديهه (شهدادپور کان اٽڪل ڏهن ميلن تي اڀرندي طرف) آهي. اڄ به انهيءَ ڍوري جا نشان موجود آهن.“(11)

جنرل هيگ صاحب (1877ع) ”جلوالي نهر“ ۽ ان جي جاگرافيائي حالت جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:

”هيءُ نهر موجوده سڪرنڊ شهر کان ڏهه ميل اڀرندي طرف ڪلري وٽان درياهه مان نڪري، هيٺ منصوره جي اولهه کان وهندي هئي ۽ وري منصوره کان ڏهه ميل ڏکڻ اولهه طرف کان اچي ساڳئي درياهه ۾ داخل ٿيندي هئي. هن نهر جي ڊيگهه 50 ميل کن هئي.“(12)

موجوده دور جي مورخن ۽ جاگرافيدانن مان الدين شمس قريشي هن قلعي جي باري ۾ صاف لفظن ۾ هن طرح سان بيان ڪري ٿو ته:

”ابن حوقل ”هاڪڙي درياهه“ جي وهڪري جي الهندي طرف ”اروڙ“ جو شهر ۽ ”سدوسان“ جو شهر ڏيکاريو آهي. اهو حصو نوابشاهه ضلعي جي اڀرندي وارو حصو ناري تائين ٿئي ٿو. هن حصي ۾ ”مير رڪن جو دڙو“، دولتپور کان اٺن ميلن تي هڪ قديم ٺُلهه آهي. انهيءَ ”هاڪڙي درياهه“ جي ڪناري تي ”سڌوجن وارو ڪچو قلعو“ (13) ۽ ”نوابشاهه ۽ سڪرنڊ وارو ڪچو قلعو“ (دليل ڪوٽ) قديم قلعن جا نشان آهن.“(14)

”منصوره“ جي سيمينار جي موقعي تي محترم ”معمور“ يوسفاڻيءَ ”دهليله“ جي باري ۾ زباني تقرير ۾ فرمايو هو ته اهو قلعو ٿرپارڪر ضلعي ۾ آهي. ”معمور“ صاحب جو اهو خيال صحيح نه آهي. اسان جي سنڌ ۾ جيئن ”دلوراءَ جي ننگري“ جي باري ۾ مختلف نالا ۽ روايتون آهن، تنهن وانگر ”دهليل“ جي باري ۾ پڻ انهيءَ طرح جون روايتون هونديون. باقي تاريخي حقيقتن ۽ شاهدين جي بنيادن تي ”دهليل“ جو انهيءَ طرف هجڻ بعيد آهي.

انهن قديم تاريخي ۽ جاگرافيائي اهڃاڻن ۽ نشانن کي ڏسندي، ان ڳالهه جي پوري تصديق ٿئي ٿي ته هيءُ قديم ”دهليل جو قلعو“ آهي، جو هاڻي ”دليل ڪوٽ“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿو. مٿئين سموري بحث کان پوءِ اسان ان نتيجي تي پهچون ٿا ته ”دليل ڪوٽ“ قديم سنڌو درياهه جي شاخ ”هاڪڙي“ تي آباد ڪيل هو ۽ هيءُ قلعو ”هاڪڙي“ جي تهذيب ۽ تمدن جو نشان آهي.

هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته هن قلعي جو پراڻو نالو ”دهليل“ ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني ۾ ڦري ”دليل“ ٿي پيو. ان باري ۾ ڪيتريون ئي مختلف مقامي روايتون آهن. ڪن جو رايو آهي ته هيءُ قلعو ”مير دليل خان“ تعمير ڪرايو هو ۽ هو ٽالپرن جو نواب هو. ڪي راوي چون ٿا ته ٽالپرن جي زماني ۾ ”دليل خان مگسيءَ“ هيءُ ڪوٽ ٻڌايو هو. ليڪن تاريخي اعتبار کان انهن ٻنهي روايتن ۾ ڪا به صداقت ڪا نه ٿي ڏسڻ ۾ اچي. انهن ٻنهي نالن سان ٽالپوري دور ۾ ڪو به حاڪم، نواب يا ڪارائو ڪو نه ٿو ملي، اهي محض مقامي قياس آرايون آهن.

مشهور مؤرخ بلاذري ”فتوح البلدان“ ۾ ”دهليله“ نالو لکيو آهي ۽ اها ساڳي پڙهڻي پوءِ جي تاريخدانن پڻ قائم رکي آهي. وقت گذرندي مقامي سنڌي لهجي ۾ اهو ڦري ”دليل“ ٿي پيو ٿو ڏسجي. ”دهليل“ جي نالي مان ”هه“ حذف ٿي ويئي آهي، يعني ”دهليل“-”هه“=”دليل“.

ٽالپرن جي دؤر ۾ فوجي اهميت سببان مير نور محمد خان ٽالپر (سن 1249هه-1833ع کان سن 1256هه-1840ع) هن قلعي جي نئين سر مرمت ڪرائي هئي. قلعي جي ڀتين ۾ کٻڙ جو ڪاٺ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ڪچي مٽي ڪتب آندي ويئي آهي. قلعي جي ديوار ايتري ڪشادي آهي جو ٻه بيل گاڏيون مٿس آسانيءَ سان هلي سگهن ٿيون. سموري قلعي جي ايراضي سوا نوَن ايڪڙن ۾ آهي. هن وقت ۾ ميان محمد صديق ملاح ۽ ميان ڌڻي بخش ملاح وارن جا قلعي اندر گهر آهن ۽ اهي هن وقت قلعي جا مالڪ آهن.

 

حوالا ۽ واڌارا

 

(1) ”چنهوءَ جو دڙو“ نوابشاهه ضلعي ۾ سکپور اسٽيشن کان ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي آهي. هن دڙي کي سن 1946ع ۾ قديم آثار وارن کاٽايو هو. آڳاٽي دؤر ۾ هيءُ شهر ”هاڪڙي درياهه“ جي ڪنڌيءَ تي ٻڌل هو. هن دڙي جا قديم کنڊرات اهو ثابت ڪن ٿا ته هن شهر جي قديم تهذيب، ”موهن جي دڙي“ واري تهذيب کان به آڳاٽي هئي. هيءُ دڙو ”چنهو“ جي نالي سان سڏجي ٿو. شايد اڳئين زماني ۾ ”چنهو“ نالي ڪو راجا هن شهر تي راڄ ڪندو هو.

(وڌيڪ ڏسو (الف) سوامي دوارڪا: ”سنڌ جي قديم سڀيتا“، (ب) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”هاڪڙو درياهه“ (مقالو) ڪتاب ”اُٺا مينهن ملير“، 1975ع).

(2) ”بهرور“ جو قلعو، جنهن جو ذڪر ”چچنامي“ واري صاحب ڪيو آهي، اهو پڻ سنڌ جو هڪ پراڻو قلعو آهي. اسان کي ان باري ۾ تحقيق ڪندي واضح ثبوتن سان اهو معلوم ٿيو آهي ته ”بهرور“ جو اهو قديم قلعو هن وقت کنڊرات جي صورت ۾ نوابشاهه تعلقي ۾ ”ٻانڌي“ شهر جي ڏکڻ ۾ آمر جي ڪئنال جي ڀرسان موجود آهي، جيڪو هن موجوده دور ۾ ”بهم جو دڙو“ يا ”ڳاڙهو ڀڙو“ جي نالي سان سڏجي ٿو. انهن کنڊرن کي ڏسڻ کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هيءُ قلعو واقعي ”دهليل جي قلعي“ جي اتر ۾ هو ۽ برهمڻ آباد جي فتح کان اڳ محمد بن قاسم ان کي فتح ڪيو هو. ان قلعي جي باري ۾ اسان جو هڪ مضمون، مهراڻ جي گذشته اشاعت، نمبر 3، سال 1985ع ۾، شايع ٿي چڪو آهي.

(3) مخدوم امير احمد: ”چچنامو“ (سنڌي)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1966ع، ص 88-287.

(4) ”چچنامي“ ۾ ”دهليل“ جي حاڪم جو نالو ”ڪلابي جو پٽ حنظله“ لکيو ويو آهي. شايد ”ڌاران“ جي پٽ ”نبويه“ جي مٿان اهو عرب نگران حاڪم هو.

(5) مولائي شيدائي، رحيمداد خان: ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدراباد 1958ع، ص 10-18.

(6) ان قلعي جي حاڪم ”ديوراج“ هو، جو ڏاهر جو سوٽ هو. ڏسو ”چچنامو“ (سنڌي) ص 288.

(7) سيد ابو ظفر ندوي: ”تاريخ سنڌ“ (اردو)، اعظم ڳڙهه، ص 82-83.

(8) ساڳيو ص 84.

(9) قريشي شمس الدين: ”آئينه قديم سنڌ“، آر-ايڇ-احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد، 1956ع، ص 191.

(10) جلالي، جلواڻي ۽ هاڻي جلالاڻي شاخ سڪرنڊ جي ڀرسان ٻن ميلن تي آهي. قومي شاهراهه جي ڀرسان ”ذاڪري پير“ جي اتر ۾ واقع هن شاخ جو ڍورو رستي کان پاري ڪري ٿو. ڪجهه ورهيه اڳ روهڙي ڪئنال کي کَنڊُ پيو هو ته پاڻي اهو رستو ڏيئي، دليل ڪوٽ جي هيٺان پراڻي درياهه جو ڍورو پار ڪري اچ جلالاڻي شاخ ۾ پيو هو.

(11) بلوچ: ڊاڪٽر نبي بخش خان: ”چچنامو“ (تعليقات)، ص 95-494.

(12) جنرل هيگ: ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 135.

(13) ساهتي پرڳڻي جي موري تعلقي ۾ هيءُ سنڌ جو پراڻو قلعو قائم آهي. هن قلعي کي ”سرڻيءَ جو ڪوٽ“ به چوندا آهن. هيءُ قلعو/ڪوٽ پڻ ”دليل ڪوٽ“ وانگر ڪچي مٽيءَ جو ٺهيل آهي. هن ڪوٽ جي ڪل ايراضي 6 ايڪڙ آهي. سڌوجن جو قلعو دولتپور صفن کان 25 ميل ۽ موري شهر کان 5 ميل پري آهي. هن قلعي ۾ ستن جوڳين جون قبرون آهن. چون ٿا ته اهي جوڳي قلعي مان پوريل ڌَنُ ڪڍڻ آيا هئا ۽ خزاني جي محافظ ڪاري نانگ کين اجل جو شڪار بڻايو! روايت آهي ته هتان درياهه وهندڙ هو. ”سرڻيءَ“ نالي هڪ ميربحر عورت وڏي واڪ مڇيءَ جو هوڪو ڏيندي هئي. ڪن جو رايو آهي ته ”سڌو“ نالي هڪ بهڻ قوم جو جاگيردار هو، جنهن جي نالي پوئتان هيءُ ڪوٽ سڏجڻ ۾ اچي ٿو. اگر حياتي مستعار رهي ته هن قلعي جو سير حاصل احوال سنڌ وارن جي اڳيان پيش ڪندس.

(14) قريشي شمس الدين: ”آئينه قديم سنڌ“، 209.

 

 

 

 

 

 

 

شاعرن جا تذڪرا

غلام محمد لاکو

 

انسان هزارن سالن کان وٺي فنون لطيفه جي ٻين برانچن سان گڏ، شعر ۽ شاعريءَ ۾ به خاص دلچسپي وٺندو آيو آهي. ابتدا ۾ پسنديده يا عام مروجـﮧ شعرن جا انتخاب تيار ڪيا ويا، جن کي گهڻو ڪري بياض سڏيو ويندو هو. بعد ۾ جڏهن شعري بياضن ۾، شاعر جو نالو ۽ تخلص به شامل ڪيو ويو، تڏهن انهن کي ’تذڪره‘ نالو ڏنو ويو. اڳتي هلي ان ۾ شاعر جي سرسري سوانح، ڪلام تي تبصرو يا تنقيد به شامل ٿي وئي ۽ ائين ادب جي هن صنف مقبول عام به ٿي ۽ ان ۾ اصلاح ۽ اضافو به ٿيندو رهيو. ڊاڪٽر فرمان فتحپوري لکي ٿو:

”جيڪڏهن تذڪرن جي عام روشن کي نظر ۾ رکي ڪري ’تذڪره نگاري‘ جو مفهوم يا سندس تعريف جو تعين ڪبو ته پوءِ هي چئي سگهجي ٿو ته ’بياض‘ جي سڌريل صورت جو نالو ’تذڪرو‘ آهي.“[1]

جيتوڻيڪ اسان کي ڊاڪٽر صاحب جي هن راءِ سان ڪو به اختلاف ڪونهي، تاهم تذڪره نويسيءَ کي هڪ خاص تاريخي پس منظر آهي. اسلام جي اچڻ سان عربي تمدن، عجمي تهذيب تي حاوي ٿي ويو. عربن تاريخ ۽ ٻين متعلقه عنوانن تي بهترين ڪتاب تيار ڪيا. ساڳي ريت عرب ليکڪن شعر ۽ شاعرن بابت پڻ بنيادي ڪتاب لکيا ۽ پوءِ اهل عجم به ان ڏس ۾ قدم کنيو.

ابتدا ۾ تذڪراتي ڪتاب جي ڪا به حدبندي نه هئي، ان ڪري جڏهن شيخ عطار، اولياء ڪرام متعلق پنهنجو ڪتاب تيار ڪيو،تڏهن ان کي ’تذڪرة الاولياء‘ سڏيو ويو. فارسي ادب جو هي اولين ڪتاب آهي، جيڪو لفظ ”تذڪره“ سان شروع ٿئي ٿو. ان بعد ’تذڪره‘ نالي هڪ رسالو، شيخ نصيرالدين طوسي تحرير ڪيو. فارسيءَ ۾ ٽيون ڪتاب، جيڪو ’تذڪره‘ نالي سان شروع ٿئي ٿو، سو دولت شاه جو ’تذڪرة الشعرا‘ (892هه) آهي. صفوين جي عهد تائين، تذڪره جو ڪو به مفهوم واضح نه هو. بعد ۾ هر ان ڪتاب کي، جيڪو شاعرن ۽ شعر بابت هو، ان کي تذڪرو سڏيو ويو.

ان ريت فارسي ادب جي دنيا ۾ ’تذڪره نويسي‘ جو هڪ واضح مفهوم موجود ٿيو ۽ ننڍي کنڊ توڙي ٻي دنيا ۾، جتي ايران ادب اسريو، اتي شاعرن بابت سوين ڪتاب تيار ٿيا. جيئن ته سنڌ به ايران جو هڪ پاڙيسري ملڪ هو، ۽ هتي به صدين تائين فارسي ادب ۽ زبان تمام مٿانهين حيثيت ماڻي، ان ڪري هتي به شاعرن، خاص طرح فارسي گو شاعرن، جا متعدد تذڪرا تاليف ٿيا. هيٺ اهڙن تذڪرن جو تاريخي تسلسل جي لحاظ کان ذڪر ڪجي ٿو، ته جيئن سنڌ جي ادبي تاريخ جو هي اهم باب نروار ٿي بيهي.

(1) لباب الالباب (ٻه جلد)

هي تذڪرو سنڌ ۾ پيدا ٿيل فارسي ادب جو هڪ اوائلي ۽ نادر نمونو آهي. سلطنت هند جي شروعاتي دور ۾، اتر سنڌ ۽ ملتان تي ناصرالدين قباچه (602-625هه) نالي هڪ علم دوست حاڪم راڄ ڪندو هو. قباچه ۽ سندس وزير توڙي امير، فارسي علم-ادب جا وڏا مربي هئا. هنن جي درٻار ۾ وڏا وڏا شاعر ۽ اهل قلم پليا ۽ نپنا. ان دور ۾ نه صرف سنڌ جو، پر مجموعي طور تي فارسي زبان ۾، شاعرن جو پهريون تذڪرو ”لباب الالباب“ نالي سان تيار ٿيو.

هن تذڪري جو مؤلف سديدالدين محمد عوفي، بخارا ۾ ڄائو ۽ تعليم ورتائين. پاڻ پنهنجو نالو هن ريت ٻڌايو اٿس: ”محمد بن محمد عوفي“

سندس لقب تي علمي دنيا ۾ ڪافي اختلاف ڏسجي ٿو. کيس سديدالدين، نورالدين ۽ جمال الدين لقبن سان سڏيو ويو آهي، تاهم سندس صحيح لقب ”سديدالدين“ آهي1.

لقبن جي هن اختلاف سبب، محققن هڪ بجاءِ متعدد ’عوفي‘ پيدا ڪري وڌا آهن. عوفي عملي دنيا ۾ قدم رکندي ڏاڍا ڏک ڏٺا ۽ ڪيئي شهرن جو، روزگار جي سانگي سير سفر ڪيائين. هن سن 617هه تائين خراسان ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتان پوءِ مغل انتشار ۽ برباديءَ سبب، ساڳئي سال ۾ سنڌ پهتو. ان وقت سنڌ جو حاڪم ناصرالدين قباچه هو، جنهن جو مرڪز ’اچ شريف‘ هو. سنڌ پهچي عوفي، قباچه جي درٻار سان لاڳاپجي ويو. خدا جي ياد سان گڏ، هن پاڻ کي اچ ۾، تصنيف ۽ تاليف ۾ مشغول رکيو. قباچه جي زوال بعد (625هه)، عوفي التمش جي درٻار ۾ شامل ٿي ويو، جتي شايد سن 645هه ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتابي ذخيري جو هن ريت احوال مليو آهي:

1- لباب الالباب (تذڪرو)

2- الفرج بعد الشدتہ، فارسي ترجمو، انتساب قباچه (تصنيف قاضي ابي الحسن بن علي التنوخي، وفات 384هه)

3- جوامع الحڪايت، چار جلد (قباچه جي فرمائش تي لکجڻ شروع ٿيو، جو پوءِ 268هه ڌاري پورو ٿيو)، ۽

4- مدايح السطان (قصيدا، گم ٿيل).

الباب الالباب، سن 218هه/1221ع ۾، اچ ۾ قباچه جي دربار ۾ تيار ٿيو ۽ مؤلف پنهنجي هن مثالي تذ ڪري جو انتساب، وزير عين الملڪ فخرالدين الحسيني اشعريءَ جي نالي ڪيو. هن ڪتاب کان اڳ، فارسي زبان ۾ شاعرن جو ڪو به تذڪور تيار نه ٿيو هو، انڪري اسان جي هن عالم، ادب جي هن ميدان تي قلم آزمائي ڪئي. پاڻ لکي ٿو:

”شک نيست کہ در اين شيوه در طبقات شعراي عرب چنڊ تاليف ساختہ اند... و لکن در طبقات شعراي عجم هيچ تاليف مشاهد نيفتاده و هيچ مجموعہ در نظر نيامده“ (تذڪره نويسي فارسي در هند و پاڪ، ص 2).

جيتوڻيڪ ابتدا کان ڪري اڄ ڏينهن تائين، هن تذڪري جي قدامت تي بحث جاري آهي، تاهم عالمن ۽ نقادن مشهور عالم ۽ مؤرخ مير غلام علي بلگرامي آزاد (ٻارهين صدي هجري) جي هن راءِ سان پوري اتفاق ڏيکاريو آهي، ته پوءِ جا سڀ تذڪره نويس ادبي خيال کان عوفيءَ جو اولاد آهن،

”جميع تذڪره نويسان متاخر در تحرير احوال شعراءِ اقدام القدما عيال اويند“1.

ان ڏس ۾ وڌيڪ مطالعي ۽ بحث مباحثي لاءِ، ڊاڪٽر علي رضا نقوي جو ڪتاب ’تذڪره نويسي فارسي در هندو پاڪستان‘ ڏسڻ گهرجي.

عوفيءَ جو هي تذڪرو ٻن جلدن ۾ ترير ٿيل آهي، جن ۾ ٻارهن باب آهن. ياد رهي ته آخري باب، سنڌ جي ادبي دربار متعلق مواد فراهم ڪري ٿو.

ڪجهه عالمن ۽ محققن جو رايو آهي ته عوفيءَ کان هي تذڪرو تيار ڪندي، ڪيئي غلطيون سرزد ٿيون آهن، تاهم الباب الالباب سوانجي، ادبي، شعري ۽ تمدني تاريخ جو اهو لازوال رفرنس بڪ آهي، جنهن جو ڪيئ ملڪن ۽ شهرن تي ڪم ڪندي، حوالو وٺڻ ناگزير ٿي پيو آهي. حقيقت ۾ عوفي  جيڪڏهن ان دور ۾، هن موضوع تي قلم نه کڻي ها، ته پوءِ پڪ سان وچ ايشيا، ايران، خراسان ۽ هڌ- سنڌ جي، اوائلي علمي تاريخ جا ڪيئي گوشا اڄ گهر هجن ها. هي تذڪرو پوءِ جي عالمن لاء،ِ جن ان موضوع تي کنيو هڪ مشعل راهه بنيو آهي.

عوفيءَ جو هي تذڪرو جيتوڻيڪ سنڌ ۾ تيار ٿيو، ليڪن سنڌي عالمن اڄ ڏينهن تائين، ان کي هتي جي ادبي تاريخ ۾ مناسب اهميت ته ٺهيو، پر ان جو ذڪر ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو آهي. هونءَ ته اسان جي ادبي اتهاس ۾ عوفي ابتدا کان نظرانداز پئي ٿيو آهي، تاهم موجوده دور ۾ پهريائين ڊڪٽر سدارنگاڻي (ڪتاب، سنڌ جا فارسي گو شاعر، انگريزي) ۽ پوءِ مسٽر محمد حسين پنهور (ڪتاب، سنڌ جي واقعاتي لغت، ص 42-251، انگريزي)؛ خاص طرح سان ان ڏس ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي. تعجب آهي ته پنهور صاحب، ان دور ۾ سنڌ کان ٻاهر جي ٿيل تصنيف تاليف کي ته پنهنجي ڪتاب ۾ خاص جڳهه ڏني آهي، تاهم الباب الالباب کانئس بلڪل وسري وير ٿو ڏسجي. ان کان علاوه پاڪستاني تذڪره نويس پڻ، ان ڏس ۾ ڪا وڏي سخاوت نه ڏيکاري آهي، البته ايراني عالمن، سنڌ جي هن مثالي ادبي ڪاوش جو اعتراف بلڪل کليءَ دل سان ڪيو آهي.

”و لباب الالباب را در آبجا بنام حسين بن شرف الملک تاليف نموده و او وزير باصرالدين قباچه بود کہ تا 625 در قسمت سند و هندوستان سلطنت داشت و علماي ايران را کہ از دست مغول فرار ميکر دند حمايت مينمود“ 1.

هن تذ ڪري جو پهريون جلد لنڊن ۽ ليڊن مان، پروفيسر برائون سال 1903ع ۾ شايع ڪيو. ساڳي عالم، مرزا محمد قزوينيءَ سان گڏجي لباب جو ٻيو جلد سال 1906ع ۾ پڌرو ڪيو. ڪتاب جو ٻيو ۽ گڏيل ايڊيشن، اضافي تعليقات سان، مرحوم سعيد نفيسي، سال 1954ع/ 1335 ش ۾، تهران مان نروار ڪيو آهي.

(2) روضتہ السلاطين

ناصرالدين قباچه جو اختتام، سنڌ ۾ فارسي ادب جي ابتدائي باب جي پڄاڻي ثابت ٿيو. ان بعد جيتوڻيڪ هي زبان دهلي ۽ لاهور ۾ بدستور سرڪاري زبان رهي، تاهم برصغير ۾ فارسي گو شاعرن جا ٻه وڌيڪ تذاڪرا، وري به سنڌ جي سرزمين تي تيار ٿيا. ارغوني راڄ جيئن ئي شروع ٿيو، فارسي زبان سنڌ ۾ وري سرڪاري سرپرستي حاصل ڪري ورتي. هڪ طرف ارغون قتل و غارت ۽ خونريزيءَ ۾ مشغول هئا، ته ٻئي طرف واندڪائي ۽ فراغت ۾، هنن پنهنجي درٻار ۾، فارسي شعر وسخت جي بزم به جاري رکي. ان زماني ۾ سنڌ جي ورٻار ڪابل، قنڌار، وچ ايشيا، خراسان ۽ ايران جي عالمن توڙي شاعرن سان ڀري پئي هئي اهڙي پُر آشوب ۽ هنگامہ خيز دور ۾، ننگر ٺٽي ۾ فخري هروي قلم کنيو، ۽ فارسي زبان ۾ شاعرن جا ٻه منفرد تذڪرا تيار ڪري ڏنا.

’روضتہ السّلاطين‘ جي صاحب جو نالو سلطان محمد، تخلص فخري ۽ سندس والد جو نالو محمد امير يا محمد اميري هو. سلطان محمد هرات ۾، سن 903هه ڌاري ڄائو. سندس پرورش اتي ئي ٿي. پاڻ جڏهن علمي دنيا ۾ قدم رکيائين، تڏهن کيس شاهه اسماعيل صفوي، شهزادي سام ميرزا، امير سرميش خان واليءَ هرت ۾ مراز شاهه حسن ارغون جي درٻار ۾ پذ يرائي حاصل ٿي.

صفوين جي مذهبي پاليسي، خراسان ۾ ڏڪر توڙي امن امان جي اڻاٺ ۽ هند- سنڌ ۾، فارسي علم ادب جي سرپرستي ڏسي، ڪيئي عالم ۽ شاعر ننڍي کنڊ ۾ داخل ٿيا. اهڙن اديبن ۾ فخريءَ جو نالو مٿانهين حيثيت رکي ٿو. هي صاحب سن 953هه ۾ سنڌ پهتو، جتي کيس شاهه حسن ارغون، مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سندس زال حاجي ماه بيگم (اول زال شاهه حسن)، وٽ وڏي پهچ ۽ رسائي حاصل ٿي. هي صاحب ڏهن سالن بعد، سن 923هه ۾ هندستان ڏي راهي ٿيو، جتي کيس اڪبر جي دائي ماهم انگہ وٽ رسائي حاصل ٿي. تذڪرن ۾ سندس ذڪر، سن 970هه تائين ٿيو آهي. ان بعد هي پرڏيهي عالم ڪيڏانهن ويو، سا خبر صرف منهنجي مالڪ کي آهي. سندس ڪتابي ذخيرو هن ريت آهي:

1- هفت ڪشور (927هه، انتساب شاهه اسماعيل صفوي)

2- الطائف نامہ (928هه، علي شير جي ’مجلس النفائس‘ جو ترجمو)

3- تحفتہ الحبيب (929هه، شاعري)

4- روضتہ السّلاطين (6-958هه)

5- ضايع الحسن (بعد 958هه)

6-جواهر العجائب (شعبان 962هه) ۽

7- ديوان فخري.

روضتہ السّلاطين، سن 958/1151 ۾، ننگر ٺٽي ۾ مرتب ٿيو، ۽ سنڌ جي حاڪم مراز شاهه حسن ارغون جي نالي منسوب ٿيو. مؤلف هن تذڪري تيار ٿيڻ جوسبب ٻڌائيندي لکيو آهي ته: هڪ ڀيري ارغوني درٻار ۾ شاهه حسين بايقرا جو ديوان پهتو ته سنڌ جي حاڪم ان جو وڏو قدر ڪيو. هي حالت ڏسي فخري هروي خيال ڪيو ته ڇو نه اهڙن حاڪمن، بادشاهن ۽ وزيرن جو تذڪرو تيار ڪجي، جن ڪڏهن ڪڏهن شعر جي ماٿريءَ ۾ به قدم رکيو آهي. هو لکي ٿو:

”بنان بران، اين مختصر را چون اوراق کل، از هر بوستان براي تفريح خاطر دوستان، فراهم آوردم، و- روضتہ السلاطين- نامش کردم“ (ديباچه، ص 3).

مٿيئن مذڪور مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي تذڪرو عامي ڪونهي، پر هڪ خاص قسم جو تذڪراتي ڪتاب آهي. هن جو سٽاءُ هن ريت آهي:

باب اول: شعر تي شعر نالو ڪيئن پيو؟ مؤلف جو خيال آهي ته فارسي شعر جي ابتدا، بادشاهه بهرام گور کان ٿي.

باب ٻيو: چغتائي بادشاهه ۽ ازبڪ سلاطين، جن  شعر چيو،

باب ٽيون: امير تيمور جي اولاد مان شاعر بادشاهن جو ذڪر، جن سمرقند ۽ بخارا تي حڪم هلايو،

باب چوٿون: عراق ۽ روم جا شاعر بادشاهه،

باب پنجون: ننڍي کنڊ ۽ ٻين ملڪن جي بادشاهن جو احوال،

باب ڇهون: اهي امير (شاه بيگ ارغون سميت)، جن شعر چيو، ۽

باب ستون: شاهه حسن ارغون جو ذڪر.

”لباب الالباب“ کان پوءِ فخري جو ”روضته السلاطين“ پڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ جو يگانو، منفرد ۽ الازوال شهپارو آهي، جنهن ۾ اهڙن حڪمرانن، بادشاهن ۽ اميرن جو ذڪر ملي ٿو، جن فارسي يا ترڪي ٻولين ۾ شعر چيو. مجموعي طور تي ننڍي کنڊ جو هي ٻيو تذڪرو آهي، جيڪو سرزمين سنڌ تي تحرير ٿيو. نقادن جو خيال آهي ته هن تذڪري جي ذريعي، ادبي تاريخ جا ڪي اهم ڪردار گم ٿيڻ کان بچي ويا ۽ هميشہ لاءِ محفوظ ٿي ويا آهن. ”روضتہ السلاطين“ پهريون ڀيرو ڊاڪٽر عمر خيام پور سال 1964/1345 ش ۾، تبريز مان شايع ڪيو. محترم سيد الدين حسام راشدي، هن ايڊيشن کي ناقص سڏيو آهي. ٻيو ڀيرو راشدي صاحب ان کي سال 1967ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي ڇاپيو آهي.

(3) جواهر العجائب

هي تذڪرو پڻ فخري هروي جي جاکوڙ جو ڦل آهي، جيڪو 962هه/1555ع ۾، ٺٽي ننگر ۾ تيار ٿيو، ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي زال حاجي ماه بيگم جي نالي منسوب ٿيو. مؤلف جڏهن هندستان پهتو، تڏهن چند ڏوڪڙن خاطر، تذڪري جو ديباچو تبديل ڪري ان ۾ اڪبر جي دائي ماهم انگه جي نالي هڪ قصيدو شامل ڪري، ان کي هن خاتون جي نالي منسوب ڪري ڇڏيائين.

نقادن هن تذڪري جي ناقص هجڻ تي خوب ڇوه پئي ڇنڊيا آهن، ليڪن راشدي صاحب جي راءِ آهي ته:

”جواهر العجائب، تذڪرن ۾ انڪري اهم آهي جو فارسي زبان ۾ هي پهريون تذڪرو آهي، جيڪو عورت شاعرن لاءِ مخصوص آهي. ان کان اڳ عوفيءَ فقط هڪ شاعر ’رابعـﮧ خضداري‘ جو ذڪر ڪيو آهي. دولت شاهه به، صرف ٻن عورت شاعرن جو احوال ڏنو، ليڪن فخري ”جواهر العجائب“ لکي، پهريون ڀيرو دنيا کي ايڪٽيهه شاعرات سان روشناس ڪرايو ۽ پوين لاءِ هڪ راه تيار ڪئي“ (مقدمو، ص70).

فخري جن شاعرات جو ذڪر ڪيو اهي، انهن ۾ چند خاص نالا هي آهن: دل آرام، بيبي عائشه بيبي فاطمـﮧرضه رضيه، بيبي زليخا، مهستي گنجوي ۽ سنائي وغيره.

ماهم انگـﮧ واري انتساب، پوئين دور ۾ هن تذڪري متعلق ڪافي انجهن پيدا ڪئي آهي. هن انتساب سبب، هندي عالمن هي سمجهيو ته فخري هي تذڪرو سن 963هه ۾، انڊيا ۾ ترتيب ڏنو. هند جي تعلق سبب، ديوان نولڪشور هن تذڪري جا ٻه ايڊيشن (آگسٽ 1880ع ۽ جون 1903ع) شايع ڪيا. ان کان علاوه شمس الله قادري صاحب پڻ رسالي اردو ذريعي، جواهرالعجائب جو ٽيون ايڊيشن (جولاءِ 1927ع) ۾ پڌرو ڪيو. نولڪشور جي ڇاپي ۾ 27 ۽ قادري صاحب واري ايڊيشن ۾ 26 شاعرات جو ذڪر ٿيو آهي.

ليڪن جيئن مٿي ذڪر ٿيو، هي تذڪرو دراصل سنڌ ۾ سن 962هه ۾ ترتيب هيٺ آيو ۽ خاص طرح مرزا عيسيٰ جي زال لاءِ تيار ٿيو. سنڌي نسبت جي ناتي، جناب سيد الدين         حسام راشدي جواهرالعجائب نئين سري سان ايڊٽ ڪري سال 1968ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ ڪل ايڪٽيهه عورت شاعرن جو ذڪر ملي ٿو، ان ڪري چئبو ته هن تذڪري جو سنڌ وارو هي ڇاپو معياري ۽ مڪمل آهي.

فاضل ايڊيٽر هنن ٻن تذڪرن سان گڏ، فخريءَ جو دستياب شعري ذخيرو، اردو مقدمي سان هڪ جلد ۾ شايع ڪيو آهي. راشدي صاحب جو مقدمو ۽ تعليقات بلاشبه بيحد قيمتي آهن. مقدمي ۾ پير صاحب، سنڌ اندر فخريءَ جي هڪ وڌيڪ تيار ٿيل ڪتاب ”ضايع الحسن“ جا اقتباس ۽ ديباچو پڻ شايع ڪري، هميشه هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

(4) تحفـﮧ رشيدي؟

ارغونن ۽ ترخانن کان پوءِ، سنڌ جو صوبو دهليءَ جي مغلن جي قبضي ۾ اچي ويو. مغل نوابن ۽ ڪاردارن، شاهي پاليسي پٽاندر، سنڌ ۾ پڻ فارسي علم-ادب جي خوب سرپرستي ڪئي. ان دور ۾ هتي جي تاريخ بابت- تاريخ معصومي، بيگلارنامـﮧ، تاريخ طاهري، مظهر شاهجهاني ۽ ترخان نامـﮧ وغيره- نالي چند ڪتاب تيار ٿيا. ليڪن تعجب آهي ته سنڌ ۾ هن پوري دور ۾، شاعرن جو هڪ به تذڪرو تيار نه ٿيو!

هندستان ۾ هڪ بزرگ مرزا امير بيگ، سن 1262هه ۾ ’حدائق الشعر‘ نالي سان، شعراءِ ڪرام جو تذڪرو تيار ڪيو، تڏهن سندس ماخذن ۾ تحفـﮧ رشيدي نالي هڪ ڪتاب پڻ ڏسجي ٿو. هي ڪتاب ٺٽي جي علامه عبدالرشيد (وفات 1069هه) ترتيب ڏنو هو. جناب سيد حسام الدين راشدي، جنهن هن ڪتاب جو پتو لڳايو، ان جو چوڻ آهي ته علامه صاحب جو هي ڪتاب گم ٿي ويل آهي، ان ڪري في الحال ان جي ڪيفيت متعلق ڪجهه چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. (رسالو مهراڻ، ص 118، 1980ع/1-2). علامه مرحوم جي هن ڪتاب جي ڪيفيت وارو سوال، آئنده جي ادبي تذڪره نگارن واسطي ڇڏي، اسين سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ ٻين تذڪرن جو ذڪر ڪنداسين.

(5) يدبيضا

       سنڌ ۾ مغل شاهي بعد هڪ مقامي قبيلي ’ڪلهوڙن‘ جو راڄ شروع ٿيو. هي دور علمي ۽ ادبي خيال کان، هتي جي اتهاس ۾ مثالي ٿي گذريو آهي. ابتدائي ڪلهوڙا حاڪم جيتوڻيڪ اندروني طرح خودمختيار هئا، ليڪن خارجي سطح تي هنن کي ڪڏهن به اطمينان ۽ سک حاصل نه ٿيو. خودمختيار هوندي به، ڪجهه معاملن ۾، کين دهلي درٻار جي تابعداري ڪرڻي پوندي هئي. ميان نور محمد (وفات 1167هه) جي زماني تائين، هتي جي معاملن لاءِ رپورٽنگ واسطي، شاهه گماشتن ۽ وقائع نويس جي آمد جو سلسلو جاري هو. اهڙي وقائع نويسن مان، بلگرامي ساداتن کي، هتي جي تاريخ ۾ مکيه جڳهه مليل آهي.

ابندا ۾ بگر ۽ سيوهڻ تي، مير عبدالجليل بلگرامي وقائع نويس مقرر ٿيو. بعد ۾ سندس فرزند سيد محمد کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو سن 1155هه تائين سنڌ ۾ ڪم ڪندو رهيو. ڪجهه عرصي لاءِ، سندس پاران مير صاحب جي ڀاڻيجي، مير غلام علي آزاد (1143-1147هه) نيابت ڪئي. آزاد جو مرڪز سيوهڻ هو، تاهم سندس اچڻ وڃڻ ”خدا آباد“ ۾ پڻ جاري رهيو.

مير غلام علي آزاد (1116-1200هه)، هندستان جو هڪ ناميارو عالم ۽ شاعر توڙي تذڪره نويس ٿي گذريو آهي. مير صاحب سنڌ کان واپس ٿيڻ تي، حج بيت الله جي زيارت لاءِ روانو ٿيو. سندس اڪثر وقت دکن ۾ گذاريو. سندس وفات پڻ اتي ٿي. هن عربي ۽ فارسي ۾، شعر توڙي نثر جا ڪل ويهه ڪتاب ڇڏيا آهن، جن ۾ ”سرو آزاد“، ”خزانه عامره“ ۽ ”ماثرالڪرام“ کي خاص اهميت حاصل آهي.

مٿين ڪتابن کان علاوه، مير صاحب سيوهڻ ۾ رهندي سن 1145هه/1733ع ۾ هڪ تذڪرو ”يدبيضا“ تيار ڪيو. پاڻ هن تذڪري جي تاليف جو پس منظر هن ريت ڄاڻايو اٿس:

”هنن اکرن جو لکندڙ سيد غلام علي بن سيد نوح حسيني بلگرامي، اڪثر سوچيندو هو ته قديم ۽ موجود شاعرن جو ڪو تذڪرو تيار ڪجي. اتفاق سان سن 1143هه ۾، سنڌ جي شهر سيوهڻ پهتس. فرصت ۾ هي پراڻو خيال وري جاڳيو، ليڪن ڪتابن جي اڻاٺ (جيڪي اڪثر بلگرام ۾ آهن) ڪري، هن خيال کي تقويت نه پئي ملي. بهرحال، همت ڪيم ۽ 1145هه ڪم شروع ڪري سال ۾ پورو ڪيم“.

آزاد جي هن تذڪري ۾ 532 متقدم ۽ متاخر شاعرن جو احوال آيل آهي، جن مان چند معروف شاعرن: انوري، خاقاني ۽ سنائي غزنوي جو ذڪر ڪجهه تفصيل سان ٿيو آهي. ڊاڪٽر نقويءَ جو رايو آهي ته هن تذڪري ۾ اڪثر ڪري، پوين ۽ غير معروف شاعرن جو مفصل احوال ملي ٿو. جيتوڻيڪ آزاد جا ٻيا تذڪرا طبع ٿي چڪا آهن، ليڪن ”يد بيضا“ پنهنجي سنڌي نسبت جي ڪري اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي. هند ۽ سنڌ توڙي يورپ ۾ ان جا ڪجهه نسخا موجود آهن ۽ ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ جي مکيه ڪتبخاني ۾ ”يدبيضا“ جو مائڪرو فلم پڻ موجود آهي. 1

(6) مقالات الشعرا

ڪلهورن جي دور ۾، سنڌ ۾ فارسي گو شاعرن جو هي ٻيو تذڪرو تيار ٿيو ڏسجي ٿو. هن تذڪري جي مؤلف مير علي شير قانع جو تعلق ٺٽي جي شڪراللاهي ساداتن سان آهي. قانع، سيد عزت الله جي گهر سن 1140هه ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم توڙي تربيت ٺٽي ۾ ٿي. سن 1175هه ۾، کيس سنڌ جو سرڪاري مؤرخ مقرر ڪيو ويو، ليڪن ٿوري ئي عرصي اندر پاڻ کي ان عهدي کان آجو ڪري ورتائين. صرف هڪ ڀيرو سنڌ کان ٻاهر ويو ٿو ڏسجي، باقي سموري حياتي پنهنجي ديس ۾ ئي گذاريائين. گذرمعاش لاءِ کيس سرڪاري سرپرستي حاصل رهي. فارسي نثر توڙي نظم تي، قانع کي پورو اختيار حاصل هو. هن ڪل ٽيتاليهه ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه ڪتابن کي سنڌ جي سلسلي ۾، همه گير اهميت حاصل آهي. مير صاحب سن 1203هه ۾ وفات ڪئي.

مير علي شير ”مقالات الشعرا“، پنجن سالن جي عرق ريزيءَ بعد سن 1174هه/1760ع ۾ لکي تيار ڪيو. راشدي صاحب هن تذڪري جي وجود ۾ اچڻ جو پس منظر هن ريت ٻڌايو آهي:

”مصنف ... 1169هه ۾ جڏهن ’مثنوي ڪامروپ‘ لکي رهيو هو، تڏهن کيس هن قيمتي ڪتاب لکڻ جو خيال آيو. ان سال ڪم شروع ڪري، قانع ان کي 1174هه ۾ لکي پورو ڪيو.

ان دور ۾ سنڌ جي علمي دنيا ۾، صرف ٻه تذڪرا-ڪلماة الشعرا (1093هه) ۽ يدبيضا (1145هه)- گشت ڪري رهيا هئا، جن تان، مير علي شير پنهنجي هن لاثاني ڪتاب تيار ڪندي خاص مدد ورتي آهي. جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته، هتي فارسي زبان ۾، شاعرن جا تذڪرا گهڻو اڳ لکجڻ شروع ٿي چڪا آهن، ليڪن ’مقالات الشعرا‘ کي هن موضوع تي خاص اهميت حاصل آهي.

مير صاحب جو هي تذڪرو اٺاويهن بابن تي مشتمل آهي. مؤلف پيش لفظ ۾ ڪتاب لکجڻ جو پس منظر ۽ شعر جي فضيلت جو ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 719 شاعرن جو ذڪر اچي ٿو، جن کي هن ريت ورهائي سگهجي ٿو:

1- اهي شاعر جي سنڌي هئا، يا وري ڪم ڪار سان ٻين ملڪن کان هت پهتا ۽ سنڌ ۾ ئي فوت ٿيا ۽ انهن جو زمانو پڻ معلوم آهي. هي حصو سنڌ جي ادبي تاريخ جو هڪ اهم باب نروار ڪري ٿو.

2- اهي شاعر جي ڪم ڪار سان سنڌ ۾ آيا ۽ پوءِ واپس وطن موٽيا.

3- اهي شاعر جن جو زمانو معلوم ڪونهي.

’مقالات‘ ذريعي مير قانع، سنڌ جي پنجن صدين جي ادبي تاريخ هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏي آهي. ادراڪي بيگلاري، آزاد، اڪبر بادشاهه، ٻالچند ٺٽوي، مير معصوم بکري، مخدوم بلاول، شيخ حماد، محمد علي حزين، سرمد، شاهه ڀٽائي، عثمان مرندي، ملا محبد علي سنڌي، محسن، ڄام نندو ۽ بابر بادشاهه هن تذڪري جا ڪجهه ڪردار آهن.

مير صاحب هي ڪتاب سليس فارسي نثر ۾ تحرير ڪيو آهي. ’مقالات‘ ادبي تاريخ کان علاوه سنڌ جي معاشرت، تمدن ۽ سياسي تاريخ جو پڻ هڪ اهم ماخذ آهي. قانع هن ڪتاب ۾ پاڻ متعلق 115 صفحا تحرير ڪيا آهن. محترم سيد حسام الدين راشدي هي تذڪرو جامع فارسي پيش لفظ، معلوماتي حاشين ۽ ناياب تصويرن سان سينگاري، سال 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ذريعي ڇاپيو آهي. راشدي صاحب ”مقالات“ بابت تعليقات جي صورت ۾، هڪ الڳ ڪتاب پڻ تيار ڪرڻ گهريو ٿي، ليڪن خود سندن چوڻ موجب ”پنهنجن جي بدذوقيءَ سبب هي ڪم ترڪ ڪيو ويو“. ياد رهي ته هن تتبع تي پوءِ، شعراءِ ڪشمير جا چار جلد ڇپيا، جن جو ذڪر هيٺ اچي ٿو.

(7) مجمع البلغاء (تذڪره)

هن تذڪري جو مؤلف، مير علي شير جو فرزند مير غلام علي ”مائل“ آهي. هي صاحب سن 1181هه ۾ پيدا ٿيو. ٺٽي ۾ تعليم ۽ تربيت ٿيس ۽ اتي ئي سال 1251هه ۾ وفات ڪيائين. هي صاحب ٽالپوري دور جو، فارسي ۽ اردو زبانن جو قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. پاڻ مير ڪرم علي خان جي درٻار سان لاڳاپيل هو. سنڌي ادبي بورڊ، مائل جو فارسي شعر ”ڪليات مائل“ نالي سان 1959ع ۾ ڇپيو آهي. جيتوڻيڪ مير مائل شاعرن جو تذڪرو ”مجمع البلغاء“ نالي سان تيار ڪيو، تاهم ڪليات جي مرتب (حبيب الله رُشدي)، ان جو ذڪر نه ڪيو آهي. راشدي صاحب هن تذڪري بابت لکيو آهي ته:

”مير علي شير جي پٽ ۽ سنڌ جي مشهور شاعر، سنڌ جي شاعرن جو هي تذڪرو، سن 1218هه/1803ع ۾ مرتب ڪيو. مسٽر ايليٽ جي فائيلن مان معلوم ٿيو ته، تذڪري جا جملي 639 ورق هئا ۽ هرهڪ صفحي تي 12 سٽون هيون. ابتدائي ارغون عهد کان وٺي ٽالپوري عهد تائين فارسي گو شاعر، جيڪي سنڌ ۾ ٿي گذريا، يا سنڌ سان جن جو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان واسطو رهيو، انهن سڀني جو مفصل احوال ڏنو ويو آهي. مقالات الشعرا واري سلسلي جي، هي تذڪرو هڪ جامع ۽ مڪمل ڪڙي آهي. افسوس آهي جو ان جو ڪو به نسخو دستياب ٿي نه سگهيو آهي. چند اقتباس ايليٽ جي فائيلن ۾ موجود آهن. (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 745).

ٽيهه سال اڳ لکيل هن تحرير بعد، هن تذڪري متعلق اسان جي ڄاڻ ۾ ڪوبه واڌارو نه ٿيو آهي. خدا ڄاڻي ايليٽ بعد (وفات- 1853ع) هي تذڪرو ڪيڏانهن گم ٿي ويو.

(8) زبدةالمعاصرين

سيد حسين ’الحسيني‘ هي تذڪرو تيار ڪيو. سيد صاحب ڪربلا ۾، سن 1184هه ڌاري ڄائو ۽ وفات شيراز ۾ سال 1249هه ۾ ڪيائين. هن جي تعليم ۽ تربيت شيراز ۾ ٿي، جتي سندس والد شهر جو رئيس شريعت هو. بعد ۾ سيد حسين پڻ هي عهدو ماڻيو.

سيد صاحب جيتوڻيڪ سٺو شاعر هو، تاهم سندس پنج مثنوين (اشترنامـﮧ، مهروماه، وامق عذرا، ٽيئي ڇپيل تهران ۽ الاهي نامـﮧ ۽ وصف الحال، اڻ ڇپيل نسخا تهران ۾ موجود آهن)، کان سواءِ ٻيو سڀ ذخيرو ضايع ٿي ويو. ان کان علاوه هن صاحب ’زيدةالمعاصرين‘ نالي هڪ تذڪرو به تيار ڪيو، جنهن متعلق خود ايرانين کي به ڄاڻ نه هئي.

سيد حسيني، ٽالپورن جي سخن پروريءَ جو ٻڌي، سن 1240هه جي ابتدا ۾، شيراز کان سنڌ لاءِ نڪتو. ڪراچي بندر کان هو سنڌ جي دارالحڪومت ”حيدرآباد“ پهتو. ان وقت پهرين چوياريءَ جا (1197-1249هه) پويان ٻه حاڪم- مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي، تخت نشين هئا. جڏهن سيد صاحب سنڌ جي دربار ۾ پهتو، ته مير ڪرم علي پڇيو ته، ايران مان اسان لاءِ ڪهڙو تحفو آندو اٿئي؟ ته جواب ڏنائين:

”در بازار جوهريان و مشکناب بدکان عطاران بتحفـﮧ بردن نيکوندانستم و باين بيت اختصار کردم“-

”بادست تهي آمده ام زانکه نزيبد

جز دست تهي تحفه خداوند کرم را!“

سنڌ ۾ چند ڏينهن ترسي، سيد حسيني واپس ايران روانو ٿيو. ان سال جي آخر ڌاري کيس خبر پئي ته ڪي بزرگ شيراز کان سنڌ ڏي وڃڻا آهن، ان ڪري تڙتڪڙ ۾ جيڪو ڪجهه هٿ لڳس، ان کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏئي، مير ڪرم علي خان لاءِ سوکڙي ڪري موڪلي ڏنائين. هي ڪتاب پوءِ تاريخن ۾ زبدةالمعاصرين نالي سان مشهور ٿيو. جيئن مٿي ذڪر ٿيو، هي تذڪرو سن 1240هه/1828ع ۾ تيار ٿيو.

زبدَة ۾ شاعرن جي حياتيءَ جو احوال ڏنل ڪونهي، صرف شاعرن جو نالو ڏيئي، ان جي شعري انتخاب ڏيڻ تي اڪتفا ڪيل آهي. سيد صاحب حروف تهجي موجب، ڪل هڪ سؤ ڇهه شاعرن جو تذڪرو ڪيو آهي، جن ۾ اڻانوي ايراني، ست هندي ۽ ڏهه ايراني عورتون شاعر، هن تذڪري جو بنياد   بنيا آهن. ميرزا آزاد، منشي صاحب راءِ آزاد، ميرزا زين العابدين، سيد صابر علي ديولي، سيد عظيم الدين ديولي، مير ڪرم علي ٽالپور ۽ نواب ولي محمد لغاري- هندي شاعر آهن، جن کي ’زيدةالمعاصرين‘ ۾ جڳهه ملي آهي. اڳ ۾ هي فرض ڪيو ٿي ويو ته، هي تذڪرو حيدرآباد سنڌ ۾ تحرير ٿيو، ليڪن حقيقت هيءَ آهي ته مير صاحب، سنڌي اميرن لاءِ پنهنجي هيءَ ڪاوش شيراز ۾ تيار ڪئي. شيراز جي نسبت سبب، ڊاڪٽر علي رضا نقوي پنهنجي ڪتاب ۾، هن تذڪري جو ذڪر صرف ضميمي (نمبر-2) جي حد تائين محدود رکيو آهي. ڊاڪٽر محمد باقر سال 1966ع ۾ هي تذڪرو ايڊٽ ڪري، اورينٽل ڪاليج ميگزين لاهور ذريعي، مختصر اردو مقدمي سان ڇاپيو آهي.

(9) محڪ شعراءِ

ٽالپوري دور ۾، فارسي گو شاعرن جو هي ٽيون تذڪرو سن 1252هه/1836ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ محمد صالح شاملوي خراساني تحرير ڪيو. مؤلف جي سوانح بابت تمام ٿوري معلومات ملي ٿي. ان ڏس ۾ صرف ايترو معلوم ٿيو آهي ته، محمد صالح جو تعلق فتح علي شاهه قاچار (1212-1260هه) جي دور سان هو. پاڻ سنڌ ۾ مير نور محمد ٽالپور (1249-1255هه) جي زماني ۾ پهتو.

ڊاڪٽر علي رضا نقوي، جنهن هن تذڪري جي نشاندهي ڪئي، هن جي تاليف جو سبب هن ريت ڄاڻائي ٿو:

”ڪيتري وقت کان همعصر شاعرن بابت ڪجهه لکڻ جو خيال هو، ليڪن بي انتها مصروفيتن ڪري ڪجهه ڪري نه پئي سگهيس. آخر سن 1252هه، ۾ حيدرآباد سنڌ ۾....“1 .

محمد صالح جي تذڪري ۾، ڪل هڪ سؤ ايڪياسي شاعرن جو ذڪر اچي ٿو ۽ ترتيب جو خيال کان هن جا چار حصا آهن:

1- فتح علي شاهه قاچار جو احوال.

2- شهزادن جو ذڪر 12 عدد.

3- فتح علي شاهه جي اميرن جو ذڪر 4 عدد

4- فتح علي شاهه جي دور جي شاعرن جو ذڪر 164 عدد.

’محڪ شعراءِ‘ ۾، پهريون نالو فتح علي شاهه قاچار ۽ آخري نالو ميرزا وصال شيرازيءَ جو ڏسجي ٿو. محمد صالح ايراني شاعرن سان گڏ، ڪجهه هندي شاعرن جو احوال پڻ ڏنو آهي، جيڪي هن ريت آهن: چراغ علي خان آصف جاهي (مازند راني)، عباس قلي خان نصرت دکني، برهان قلي خان لکنوي، مير محمد حسين لکنوي، ميرزا فاخر شاهجهان آبادي، ميرزا علي نقي خان لاهوري، آزاد ڪشميري، نورالعين واقف ۽ هادي بيگ شائق.

ڊاڪٽر علي رضا جو رايو آهي ته مؤلف اڪثر اهڙن شاعرن متعلق ڄاڻ مهيا نه ڪئي آهي، جن سان سندس ذاتي ڏيٺ ويٺ هئي. تعجب آهي ته محمد صالح هندستاني شاعرن جي ذڪر ڪرڻ وقت انتهائي چالاڪيءَ سان سنڌ جي شاعرن کي ’محڪ شعراءِ‘ مان خارج ڪري ڇڏيو آهي. افسوس جو هڪ به سنڌي شاعرن کي تذڪري ۾ شامل نه ٿي سگهيو. کاڌائين سنڌ جو، ۽ ڳايائين هند کي.

هن تذڪري جو واحد قلمي نسخو، لائبريري ملڪ تهران (شمارو-4096) ۾ موجود آهي، جيڪو گهڻو ڪري محققن جي نظرن کان اوجهل پئي رهيو آهي.

(10) تڪملـﮧ مقالات الشعرا

انگريزن سنڌ کي سال 1843ع ۾ فتح ڪيو، تڏهن هتي انگريزي ٻولي ۽ سنڌي زبان جي سرپرستي شروع ٿي. ان ريت ارغونن جي آندل فارسي زبان زوال پذير ٿيڻ شروع ٿي. ڪمشنر فريئر صاحب، سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم جي ترقيءَ ۾ خاص دلچسپي ورتي. ان ريت اوڻيهين صديءَ جي پڄاڻي ڌاري، سنڌ ۾ فارسي ادب ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جو تعداد بنهه گهٽجي ويو، ۽ هيءَ زبان بک ۽ بيروزگاريءَ جي علامت بنجي وئي.

فارسي پڙهسين، تيل وڪڻسين

انگريزي پڙهسين، گهوڙي چڙهسين.

تڪمله جو مؤلف، عين اُن زماني ۾ پيدا ٿيو. مخدوم ابراهيم خليل، سن 1243هه ۾ ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. جڏهن سندس ڄمار پندرهن ورهيه ٿي، تڏهن سنڌ ۾ ميرن جي راڄ جو خاتمو ٿيو. خليل پنهنجي والد ميان عبدالڪريم وٽ، عربي ۽ فارسي تعليم پرائي. هن ننڍي ڄمار ۾ ئي فارسي شعر چوڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي هن صاحب، سيد غلام محمد گدا جي صحبت ۾ اردو شعر پڻ چيو. مخدوم صاحب ابتدا ۾ ’مسڪين‘ ۽ پوءِ ’خليل‘ تخلص اختيار ڪيو. پاڻ سن 1317هه ۾ وفات ڪيائين. کيس مڪليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. ادبي اثاثو هن ريت ڇڏيو اٿس:

1- تڪمله مقالات الشعرا،

2- تحفتـﮧ الفقير،

3- ديوان مسڪين،

4- ڪشڪول مسڪين (مڪاتيب)،

(5) ديوان خليل، ۽

(6) مائده خليل (مڪاتيب).

مخدوم خليل پنهنجو تذڪرو تڪمله مقالات الشعرا سن 1307هه-1890ع ۾ مرتب ڪيو. هن تذڪري ۾ الف-ب جي سٽاءَ سان، ڪل ٻياسي شاعرن جو ذڪر ٿيو آهي. مقامي ۽ ڏيهي شاعرن سان گڏ، هن ۾ ڪجهه ٻاهرين شاعرن جو ذڪر پڻ ٿيو آهي. ڪتاب ۾ گهرو وڃڻ سان خبر پوي ٿي ته جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هي زمانو فارسي شعر ۽ ادب لاءِ زوال پذير هو، تاهم هتي جي متعدد شهرن ۾ اڃا تائين هن زبان ۾ سخن جا عاشق ججهي تعداد ۾ موجود هئا.

مير علي شير قانع جي ’مقالات الشعرا‘ جو تڪمله سندس فرزند تيار ڪيو هو، جنهن جو سرسري ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته انگريزن جي ايندي ئي، سنڌ جي علم-ادب جا ذخير انگلنڊ منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا. اهو ئي سبب آهي، جو مخدوم ابراهيم، مير مائل جي تذڪري کان بلڪل اڻ واقف هو ۽ هن صاحب پنهنجي تذڪري کي قانع جي ”مقالات الشعرا“ جي سلسلي جي هڪ ڪڙي ڪري پيش ڪيو. خليل جو هي تذڪررو، سنڌ جي فارسي ادب تي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. ان سان گڏ ٺٽي جي نقشبندي مشائخن، لواريءَ وارن بزرگن، سرهندي بزرگن ۽ مخدوم محمد هاشم جي گهراڻي متعلق پڻ، هي تذڪرو اهم ۽ بنيادي معلومات مهيا ڪري ٿو. موجوده سنڌ جي مثالي عالم سيد حسام الدين راشدي صاحب، سال 1985ع ۾ هي تذڪرو سنڌي ادبي بورڊ ذريعي نروار ڪيو آهي. فاضل ايڊيٽر پيش لفظ، ناياب تصويرن، حاشين ۽ تعليقات جو اضافو ڪري، تڪملـﮧ جي اهميت کي اڃا به وڌايو آهي. مخدوم صاحب جو هي تذڪرو، سنڌ ۾ فارسي ادب جي حوالي سان آخري سمجهڻ گهرجي.

(11) تذڪره شعراءِ ڪشمير (چار جلد)

هي ضخيم تذڪرو سيد حسام الدين راشدي صاحب (1911-1982ع) مرتب ڪيو آهي. راشدي صاحب جي حوالي سان شعر، ادب، تذڪري ۽ تاريخ جي لڳ ڀڳ ٽيتاليهن ڪتابن جو تعداد اچي ٿو. ان کان علاوه فارسي، اردو ۽ سنڌي زبان ۾، سوين ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مقالا ۽ مضمون سندن قلم جو نچوڙ آهن.

راشدي صاحب سال 1967ع ۾، اقبال اڪيڊمي ڪراچي (هاڻي لاهور) لاءِ، اصلح ميرزا جو تذڪرو ”شعراءِ ڪشمير“ (تاليف-1161هه) ايڊٽ ڪيو، تڏهن کين پنهنجي هن ضخيم ڪتاب جي ترتيب جو خيال آيو. پاڻ لکن ٿا:

”.... ان دوران ڪتابن جو اڀياس ڪندي، ڪيئي اهڙا شاعر نظر تي چڙهيا، جن جو ذڪر اصلح جي تذڪري ۾ ڪونهي. اهڙن شاعرن بابت مواد گڏ ڪندي، ترتيب به ڏيندو ويس. چنانچه هنن اٺن مهينن ۾، نه صرف اصلح جو تذڪرو مفصل حاشين سان تيار ٿيو، بلڪ ٻيو تذڪرو به تيار ٿيو...“ (مقدمه، ص 19).

ابتدا ۾ هن تذڪري جي رٿا ٻن جلدن ۾ هئي، جيڪو پوءِ چئن جلدن تي پکڙجي ويو.

راشدي صاحب پهرئين جلد جي ابتدا، هن شعر ذريعي انتساب سان ڪئي آهي:

بگير اين همـﮧ سرمايه بهار، از من

که گل بدست تو، از شاخ تازه تر ماند

هن جلد ۾ الف کان ش تائين، ڪل هڪ سئو ويهن شاعرن جو احوال اچي ٿو. پنج سئو سورهن صفحن تي مشتمل هن تذڪري جو هي ڀاڱو سال 1967ع ۾ اقبال اڪيڊمي نروار ڪيو.

ٻيو جلد پنج سئو ستاويهن صفحن تي آهي، جنهن ۾ ڪل چوونجاهه (ص-غ)، شاعرن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. شعراءِ ڪشمير جي هن تذڪري ۾، مرزا صائب ۽ عرفي شيرازي بابت، متن کان علاوه تعليقات ذريعي پڻ ڪافي مواد سهيڙيو ويو آهي. هن جلد ۾ اٺٽيهن تصويرن جو سيٽ پڻ آيل آهي، جن مان ڪجهه فوٽا مؤلف پاڻ ڇڪيا آهن. هي جلد سال 1968ع ۾ شايع ٿيو. تازو ان جو ٻيو ايڊيشن پڻ ظاهر ٿيو آهي.

هن تذڪري ۾ ٽيون جلد پنج سئو چوٽيهن صفحن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ اوڻهتر شاعرن (ف-م) جو تذڪرو موجود آهي. ان سان گڏ تعليقات جي شڪل ۾ ملا شيدا ۽ فيضيءَ بابت، اضافي مواد پڻ مهيا ڪيو ويو آهي. راشدي صاحب هن جلد جي آخر ۾، ڪجهه نسب نامه ۽ تصويرون پڻ شامل ڪيون آهن. هي جلد سال 1968ع ۽ ٻيو ڀيرو 1982ع ۾ اقبال اڪيڊمي نروار ڪيو آهي.

شعراءِ ڪشمير جو چوٿون جلد، ڪل ٽي سئو چوونجاهه صفحن جي زينت بنيو آهي. هن حصي ۾ ڪل هڪ سئو ٽيهه بزرگن جو ذڪر ٿيو آهي. مؤلف چوٿون جلد، تڪمله، تعليقات ۽ تتمه تڪمله جي اضافن سان ختم ڪيو آهي. ان کان علاوه آخر ۾ ٻن فهرستن: الف، تذڪري جي تياريءَ ۾ ڪتب آندل ماخذ، ب، ڪشمير متعلق مواد جي ببليوگرافي، پڻ هن جلد جي اهميت ۾ اضافو ڪيو آهي. هي جلد سال 1969ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن ۾ ستاويهه فوٽا ۽ چئن ئي جلدن بابت انڊيڪس پڻ شامل آهي.

اسان جي سنڌي عالم، شعراءِ ڪشمير جو هي تذڪرو ٽن سالن جي مدي ۾ تڪميل تي پهچايو. ڪشمير بابت هي مثالي ماخذ ڪل ٻه هزار صفحن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ ٽي سئو ٽيهتر شاعرن جو ذڪر ملي ٿو. راشدي صاحب فارسي ڪتابن جي اڪثر ڪري ايڊٽنگ ڪئي آهي. تاهم هي سندن اصل ورڪ آهي، جنهن کي تصنيف بجاءِ تاليف ۽ ترتيب سڏڻ بهتر ٿيندو. هن تذڪري جي تياريءَ لاءِ سوين خطي ۽ ڇپيل ديوان، تذڪرا، تاريخون ۽ بياض ڪتب آند ويا آهن. سيد صباح الدين عبدالرحمان، هن تذڪري بابت هن ريت تبصرو ڪيو آهي:

”.... راشدي صاحب تذڪره شعراءِ ڪشمير کي مختلف جلدن ۾ ترتيب ڏئي، ارباب علم جي ڪيئي مسئلن کي آسان بنائي ڇڏيو آهي. هن ۾ جنهن به شاعر جو ذڪر آيو آهي، ان متعلق وڏي محنت ۽ تڪليف سان سڀني تذڪرن جا اقتباس هڪ هنڌ جمع ڪيا ويا آهن، انڪري جدا جدا تذڪرن جي خاڪ ڇاڻڻ کان ڇوٽڪارو ملي ويو آهي“1.

سنڌ ۾ فارسي گو شاعرن بابت، خود سندن سخن جي زبان ۾ هي تذڪرا تيار ٿيا آهن، جن جو تعارف ڪرائڻ هن مضمون جو مقصد هو. سنڌ جي علمي تاريخ جي هن اهم باب ۾، آئنده ڪهڙو اضافو ٿئي، اهو خدا ئي بهتر ٿو ڄاڻي


 

[1]  ”اردو شعرا کي تذکري اور تذکره نگاري“، ص 11، مجلس ترقي ادب لاهور، سال 1972ع

1  ڊاڪٽر علي رضا نقوي: ”تذڪره نويسي فارسي در هندو پاڪستان“،ص 61، تهران 1964ع.

1  ڊاڪٽر فرمان فتحپوري: ”اردو شعرا کي تذکره اور تذکره نگاري“، ص 18، مجلس ترقي ادب لاهور، سال 1972ع.

 

1  ڊاڪٽر رضا زاده شفق: ”تاريخ ادبيات ايران“، ص 363، چاپ دوم.

1  مير غلام علي آزاد ۽ سندس تذڪري متعلق، ڊاڪٽر علي رضا جي ٿيسز ”تذڪره نويسي فارسي در هند و پاڪستان“ تان مدد ورتل آهي.

1  ”تذڪره نويسي فارسي در هند و پاڪستان“ ص 529، تهران 1964ع.

نوٽ: ”محڪ شعراءِ“ جي واحد قلمي نسخي ۾، ديباچو اڌورو لکيل آهي، لهذا اڳتي ڇا هو، ان متعلق ڪا به ڄاڻ ڪانهي!

1  ”بزم تيموريه“ص 16، اعظم ڳڙهه سال 1973ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com