سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1990ع

مضمون

صفحو :20

 

چرچو- ساڀيا

انيس انصاري

ڊائريءَ مان ٽڪرو

10- آڪٽوبر 1977ع، ڪراچي.

مشتاق اڄ لاڙڪاڻي مان ٽيليفون تي خبر ڏني ته منهجو دلي دوست الله بخش انصاري فوت ٿي ويو. رب مَرهيس.

ڪجهه خط

ڳاڙهي موري

6- مارچ 1944ع

جناب الله بخش انصاري صاحب.

السلام عليڪم- حيرت وٺي ويم، جڏهن ”اديب سنڌ“ جي هڪ شماري ۾ سرورق تي پڙهيم: ”لکپڙهه لاءِ پتو: ’الله بخش انصاري، انيس نزديڪ امام بارگاهه لاڙڪاڻو.‘“ ان ۾ حيران ٿيڻ جي ٻي ته ڳالهه ڪا نه هئي، سواءِ ان جي ته منهنجو نالو پڻ الله بخش آهي، ذات جو مان به انصاري آهيان ۽ تخلص به ساڳيو اٿم! ڇا ائين ته نه آهي، اسان ٻه جسم ۽ هڪ روح آهيون؟ مهرباني ڪري ورندڙ ٽپال ۾ ورندي ڏيندا.

توهان جو

الله بخش انصاري

لاڙڪاڻو

12- مارچ 1944ع

دوست انصاري صاحب.

وعليڪم السلام- واقعي حيرت جي ڳالهه آهي. نالو ۽ ذات ساڳي ته گهڻن ماڻهن جي ٿي سگهي ٿي، پر ان سان گڏ تخلص به ساڳيو هجڻ هڪ عجيب اتفاق آهي. مان اوهان بابت وڌيڪ ڄاڻ رکڻ گهران ٿو. اوهان جي عمر ڪيتري آهي ۽ اوهان ڇا ڪندا اهيو؟ اميد ته جواب ڏيندا.

اوهان جو

الله بخش انصاري

ڳاڙهي موري

20- مارچ 1944ع

سائين الله بخش انصاري صاحب.

سدا سلامت هجو- مان خيرپور ضلعي جي هڪ ڳوٺ موريءَ جو رهندڙ آهيان. عمر ويهارو سال کن آهي. ڳوٺ جي ڀرسان ئي هڪ واهڻ ۾ سنڌي ماستر آهيان. اوهان به مهرباني ڪري پنهنجي حال احوال کان واقف ڪندا ۽ اهو به لکندا ته اوهان پنهنجو تخلص تبديل ڪندءُ يا مان ڪريان.

اوهان جو پنهنجو

الله بخش انصاري

لاڙڪاڻو

8- 1944ع

برادرم الله بخش انصاري.

منهنجي عمر پڻ ويهه ورهيه آهي. قد پنج فوٽ ست انچ. مٿي تي رڍ جي ان جهڙا وار آهن ۽ شڪل آفريڪا جي رهاڪن جهڙي. مئٽرڪ پاس آهيان ۽ روينيو ۾ ڪلارڪي ڪندو آهيان. جناب حاجي محمود خادم ”اديب سنڌ“ جي سرورق تي منهنجو پتو لکپڙهه ڪرڻ لاءِ ڏنو اٿائين. منهنجو خيال آهي ته اوهان پنهنجو تخلص بدلايو ته چڱو. منهنجا نظم اُن تخلص هيٺ ڪافي شايع ٿي چڪا آهن. وري به اوهان جي مرضي.

اوهان جو

الله بخش انصاري

ڳاڙهي موري

16- اپريل 1944ع

ادا انيس!

اهو تخلص اوهان کي نيبـﮧ هجي. مان بدلائي ”حباب“ رکيو آهي. يار! اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو هم عمر آهيون. ڇا ائين بهتر نه ٿيندو ته هڪ ٻئي سان روبرو ملجي نه ته به اوهان پنهنجو فوٽو موڪلي ڏيو ته ڏسان. منهنجو آفريڪا ۾ رهندڙن جهڙو دوست نڪين نقشين ڪيئن آهي! ها اهو به عرض ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو ته منهنجي شڪل به گورن انگريزن جهڙي ڪا نه آهي.

اوهان جو ڀاءُ

”حباب“ انصاري

موري

5- آگسٽ 1944ع

ادا انصاري!

16- جولاءِ جي منجهند جو نٽهڻ اُس ۾ ڪنهن ضروري ڪم سان سائيڪل تي خيرپور ويو هيس. موٽندي ڏينهن لڳي ويو. ٽي چار ڏينهن ته هوش ڪو نه هو. هفتو کن ڏاڍي ڪمزوري رهي. ڪجهه ساهه کڻڻ جهرو ٿيم ته اوهان جي خد جي پڇا ڪيم. هڪ جي بجاءِ ٻه خط اوهان جا آيل هئا. تفصيل وار حال ٻئي دفعي لکندس. اڃا ڪمزوري آهي. مٿو ٿو ڦاٽي. اوهان تعجب ڪندا هوندا ته منهنجي اکرن کي ڇا ٿي ويو آهي. مان پاڻ پنهنجا اکر سڃاڻي نه ٿو سگهان. شايد بيماري سبب قلم پوري طرح پڪڙي نه ٿو سگهان. هاڻي خدا حافظ.

اوهان جو

”حباب“

موري

20- آگسٽ 1944ع

برادرم الله بخش انصاري صاحب!

اسلام عليڪم- اوهان کي هڪ ڏک ڏيندڙ خبر ٻڌايان ٿو ته اوهان جو دوست الله بخش انصاري چار ڏينهن اڳ فوت ٿي ويو. رب بخشيس، منهنجن پيارن دوستن مان هو. مرڻ گهڙيءَ تائين اوهان کي ياد ڪندو رهيو. توهان جي ايڊريس به ان وٽان معلوم ٿي هئي. مرحوم هڪ فوٽو مون سان گڏ ڪڍايو هو. خيال هئس اوهان ڏانهن موڪلڻ جو، پر يار ته راهه رباني وٺي ويو، فوٽو موڪليان ٿو. فوٽي ۾ ٽوپيءَ سان مان بيٺو آهيان. مرحوم ڪرسيءَ تي ويٺو آهي. منهنجي سڄي ٻانهن سندس کٻي ڪلهي تي رکيل آهي.

مان به سنڌي ماستر آهيان.

پتو:

سنڌي اسڪول موري،

پوسٽ ڳاڙهي موري.

غمزده

غلام عباس سومرو

 

لاڙڪاڻو

28- آگسٽ 1944ع

ادا غلام عباس!

اوهان جو خط پڙهي روئي ويٺم. الله جنت ۾ جاءِ نصيب ڪريس،  آمين. الله بخش حباب ڏاڍو پيارو ماڻهو هو. روبرو ملي ڪين سگهياسين، پر خطن مان ئي سندس خلوص جهلڪي رهيو آهي. هاڻي سواءِ صبر ۽ تحمل جي ڪري به ڇا ٿي سگهجي. اطلاع لاءِ ٿورائتو آهيان. گهر اڪيلو آهي، نه ته اچي اتان ٿي وڃان ها. مرحوم جي پونيرن سان منهنجي پاران رضا الله جي ڪري ڇڏجو.

اوهان جو

الله بخش انصاري

حيدرآباد

17- آگسٽ 1956ع

برادرم الله بخش انصاري حباب:

مئا به ڪڏهن جيئرا ٿيا آهن ڇا؟ سچ ٻڌايو اوهان ساڳيا ”حباب“ آهيو، جنهن کي 1946ع ۾ مان لاڙڪاڻي مان خط لکندو هيس يا ان جا روح آهيو. ڪ نه اوهان آهيو ئي ٻيا ماڻهو. مهرباني ڪري جواب ڏئي منهنجي حيرت دور ڪندا. اوهان جو نظم تازي ”فردوس“ رسالي ۾ پڙهيو هيم. اوهان اهو نظم عالم ارواح مان ته ڪو نه لکيو هوندو. جواب جلد ڏئي منهنجي حيراني دور ڪندا.

مان اڄ ڪلهه ڳوٺ سڌار کاتي جي هيڊ آفيس ۾ اسسٽنٽ آهيان.

پتو:

گهر نمبر B-11

لطيف آباد نمبر 6، حيدرآباد سنڌ.

اوهان جو

الله بخش انصاري انيس

ڳاڙهي موري

30- آگسٽ 1956ع

ادا انيس!

مڃڻو پيو ته مئا به هجي اٿندا آهن. ڀاءُ! مان ته توکي ماري ويٺو هيس. 1944ع ۾ لاڙڪاڻي مان يار محمد اوهان جي دوست لکيو هو ته اوهان وڏي تپ ۾ فوت ٿي ويا هئا! معاملو ڇا آهي؟ مان ته سمجهي نه ٿو سگهان. مان ساڳيو الله بخش انصاري آهيان ۽ اوهان پڻ! ٻئي مري وڃڻ بعد جيئرا آهيون. آهي نه حيرانيءَ جي ڳالهه!

”حباب“

حيدرآباد

6- سيپٽمبر 1956ع

ادا حباب:

مون کي ته ماستر غلام عباس سومري، اوهان جي دوست خط لکيو هو ته اوهان فوت ٿي ويا آهيو. ان فوٽو به موڪليو هوجنهن ۾ اوهان ڪرسيءَ تي ويٺل هئا ۽ هو بيٺو هو. يار محمد نالي ڪو منهنجو دوست ڪو نه آهي، جنهن خط لکيو هوندو.

اوهان جو

”انيس“

موري

18- سيپٽمبر 1956ع

انيس:

سمجهيم اهو سڀ ڪجهه غلام عباس جو ڪيل ٿو ڏسجي. مان کيس اوهان جا خط ڏيکاريندو هيس. ٻي ڳالهه ته موريءَ ۾ مستقل پوسٽ آفيس ڪا نه هئي. اهوڪماسڪول جو هيڊماستر ڪندو هو. غلام عباس اتي ماستر هو. ان ئي شايد چرچي طور اوهان کي پنهنجي حقيقي نالي سان ۽ مون کي يار محمد جي نالي سان خط لکيا هوندا. خير ڇا به هئو، هاڻي ٻئي مري جِي اٿيا آهيون. بهتر نه ٿيندو ته حقيقي مرڻ کان اڳ روبرو ملاقات ڪريون.

”حباب“

 

10- آڪٽوبر 1977ع تي لاڙڪاڻي مان ٽيليفون ڪال

”هيلو“

”هيلو بابا! مان مشتاق ٿو ڳالهايان. اها بري خبر ٻڌائڻي هئي ته اوهان جو موريءَ وارو همنام دوست ڪجهه ڏينهن اڳ فوت ٿي ويو آهي.“

 

ba

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com