سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004-3ع

 

صفحو :10

دھليءَ جو داستان _2

 

 حميد سنڌي

ڪرشماتي سفر

 

3_ پريان سندي پارجي

جِت نه پکيءَ پيرُ، تِت ٽِمڪي باھِڙي،

ٻيو ٻاريندو ڪيرُ، کا ھوڙڪيءَ کيرَريءَ.

 

اھا باھڙي ٻري چڪي ھئي. کاھوڙي تقريرون ۽ موضوعاتي بحث شروع ڪرڻ وارا ھئا ته اعلان ٿيو ته جن کي سوکڙيون ڏيڻيون ھجن ۽ پاکر پارائڻا ھجن ته ڏين وٺن.

شوڪت ته في الحال ھِت ننڍي بيگ ڀري کڻي آيو ھو. قمر ۽ ھدايت وٽ شاپنگ بيگس ھيون. مون وٽ ننڍو ٿيلھو ھو. اھي سڀ جادوئي ٽُٻڻين وانگر کُلندا ويا. ڪنھن مان اجرڪ پيا نڪرن ته ڪنھن مان موھن جي دڙي وارو پلاسٽر آف پيرس جو ٺھيل King Priest پيو نڪري. ڪن وٽ لونگيون ۽ سنڌي ڀرت ڀريل چادرون، روا ۽ وڳا ھئا. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي عمارت جا Replicas (ماڊل) نڪتا ته سچل سائينءَ جي درگاھه تان آندل گيڙو رنگ جي ڪپڙي جا پاکر ۽ ڪتاب به ورھاست ٿيڻ شروع ٿيا. اِھو سلسلو ايڏو ته شانائتو ھو، جو مون ، قمر، شوڪت، ھدايت،بشير مورياڻيءَ خاص طرح سڀني جو سنمان ڪندي خاص دلي خوشي محسوس ڪئي. ڪير رھيو ڪونه. مون گيڙو رتا پاکر پارائي جڏھن کين ٻڌايو ته اِھي سچل سائينءَ جي درگاھه جي عنايت آھي ته جن پائڻ کان پوءِ لاھي رکيا ھئا، اُنھن ورائي کڻي اکين سان لائي چميا ۽ ٻيھر پائي ڇڏيا.موتي پرڪاش، ريٽا، ھري ۽ ٻين ڪيترن ئي سڄڻ کي شام تائين پھريل ھئا. گيڙو رنگ عجب اثر رکي ٿو. ماڻھو صوفي فڪر جو ھجي يا ساڌو گيان وارو، سندن منھن ٻھڪيو پوي، ماڻھو ئي ٻيو ٿيو پوي! ھيءُ سڀ سداورا سھڻا، اجرڪن، لُونگين،ڀرت ڀريل چادرن ۽ گيڙو رتن پاکرن ۾ ويڙھبا ويا ته سندن منھن به موکبا ويا. مون جيڪا سندن منھن تي ڏئي، ھردي جي ھلچل ۽ اکين جي جوت پسي ته ھڪ بيت جي ھيءَ سِٽَ ھانوَ تي ھُري آئي:

”جيڪي ڏٺو سو مون، آرياڻي! اوھان ڇا ڏٺو.“

ھتان جي سنڌي اديبن وٽ گل ھئا ته سڄا سارا گلدستا پڻ، پر ڪتابن ۽ رسالن جا تحفا اُنھن گلن ۽ گلدستن جيان ھڳاءُ سان پُر ھئا.

مان جڏھن ھڪ ھڪ ٽيبل تي ويس پئي ته شاھه سائينءَ جوھيءُ بيت چوندو پئي ھليس ۽ ھو ائين اُٿي بيٺا ۽ مُرڪي مانُ پئي ڏنائون ڄڻ شاھه سائينءَ جي سنڌ ۽ سندن بيت کي مان پئي ڏنائون:

پِريان سندي پار جي، مِڙئي مٺائي،

ڪانھي ڪڙائي، چکين جي چيٽ ڪري.

مان سوکڙيون پاکڙيون ڏئي وٺي اچي واپس ويٺس. سڄڻ آيا به ته ڪتاب ۽ گلن جي ڀيٽا ڏئي ويھندا پئي ويا. مان الائي ڪيترن ئي دل کي ڇُھندڙ خيالن ۽ ويچارن ۾ ٻڏو ويٺو ھئس ته ڪنن تي پڙلاءُ پيم: ”.... وقت آيو آھي جو اسين اِنھيءَ بابت سوچيون ته اسين سنڌي ٻوليءَ کي ڪيئن بچايون. اسين سنڌي صوفي سنتن جو اولاد آھيون. ڪنھن کي ڌڪ لڳي ته چئون الاڙي الا! اسان جو انڊس وئلي سڀيتا جو ورثو آھي. اسان جو سڀيتڪ ورثو رڳو موھن جي دڙي وارو پنجن ھزارن سالن جو آڳاٽو ورثو نه بلڪه رامايڻ ۽ مھاڀارت جي وقت کان به اڳ جي دَور واري وئدڪ ڪال واري دَور وارو ورثو آھي. اڄ به سنڌ ۽ ھنڌ جي سنڌين جو ڪو D. N. A ٽيسٽ ڪرائي ڏسي ته کين خبر پوندي ته اسين پاڻ ۾ ڪيڏو نه ’ھڪ‘ آھيون. اچو ته رت جي پيار کي  Re_ Kindle ڪريون ...“ ھيءُ اسان جو سُريش ڪيسواڻي ڳالھائي رھيو ھو، سندس اکر اکر مان سچائي پئي بَکي. سُريش ڪيسواڻي نه رڳو سنڌي اڪئڊمي دھليءَ جو وائيس چيئرمين آھي، پر ھو پارليامينٽ جو ميمبر به رھي چڪو آھي.

ھن ڪنوينشن جي چيف ڪوآرڊينيٽر لڇمڻ جي تقرير ۾ اُھوئي درد، سنڌ لاءِ سڪ ۽ حُب ھئي، جيڪا سندس ماھنامي ’سوجھرو‘ ۾ شروع ڪيل ’وھي کاتي جا پنا‘ ۾ آھي. ھيءُ ھڪڙو ”تاريخي دستاويز“ پڻ آھي. سندس وھي کاتي جي ٻئي پني ۾، ھندوستان ايندي ۽ سنڌ مان لڏيندي جيڪي ڪجھه لکيو اٿس، اُھو اُن وقت ھر لڏيندڙ جو آواز ته ھو، پر اڄ سڀني جي اک پاڻي ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي.

”.... مان قادوءَ سان گڏ تيسين بيٺو رھيس جيسين جھاز جو پھريون گهگهو نه وڳو. ڀريل دل سان مون قادوءَ کان موڪلايو. ھن مون کي پنھنجي ھٿ ۾ جھليل ھڪ پراڻي ڳوٿري ڏني، جنھن ۾ ٻه قنڌاري ڏاڙھون پيل ھئا، جيڪي شايد ھن اُتي ئي ڪنھن گهورڙئي کان ورتا ھئا. تڪڙو تڪڙو جھاز جون  ڏاڪڻيون چڙھي آيس. سامان جي ڪرين اڳ ئي کڻي ڇڏي ھئائون ۽ ٻئي گهگهوءَ کان پوءِ ڏاڪڻ به کڻي ڇڏين ھا. ڀاڀيءَ، ڀائرن ۽ ڀينرن مون کي ڏسي سامت جو ساھه کنيو. ڏھين پندرھين منٽن کان پوءِ پھريون گهگهو وڳو ۽ آڳبوٽ آھستي آھستي چُرڻ شروع ڪيو. ڊيڪ تي بيٺو مان پنھنجي وطن کان وڇڙڻ جو نظارو ڏسندو رھيس. سامھون قادو اڃا بيٺو ھو، جيڪو اُن وقت منھنجي ٻارھن سالن جي ڪچڙي ذھن ۾ منھنجي وطن جي علامت ھو. پنھنجيءَ مٽيءَ کان ڌار ٿيڻ جو درد ڇا ٿيندو آھي، مون کي اُن وقت اھڙو احساس نه ٿي سگهيو، پر اڄ سالن کان پوءِ ھي سٽون لکندي سوچي رھيو آھيان  ته مون کي سنڌ انڪري ڇڏڻي پيئي جو مان اتفاقاً ھڪ ڌارئي ڌرم جو فرد ھوس .... پنھنجي ئي جنم ڀوميءَ تي اسان پنھنجي لاءِ اھڙي جاءِ جوڙي نه سگهياسين جو عارضي طور آيل طوفان کي منھن ڏيئي اسان اُتي ٿائينڪا ٿي ويھون ھا ته ڪوبه ڌاريو اسان کي پنھنجيءَ ڌرتيءَ کان ڌڪي نڌڻڪو نه ڪري سگهي ھا. منھنجي ھندو ھئڻ يا مسلمان ھئڻ سان ڪوبه فرق نه پوي ھا. مان ھندو انڪري آھيان جو ڪنڊياري جي ھڪ ھندو ڪٽنب ۾ پيدا ٿيس. جي روھڙيءَ جي خانبھادر قاضي عبدالغنيءَ جي گهر ۾ جنم وٺان ھا ته مسلمان ھجان ھا ۽ امر جليل جو ڀاءُ ھجان ھا _ پوءِ شايد ساڌ ٻيلي سامھون سنڌوءَ جي لھر ٿي اُڀران ھا. دھليءَ جي جمنا ۾ ڪا لھر ته ڇا ڪنھن ڦوٽي جيان به اُڀري نه سگهيو آھيان ...“

اڄ ھو جڏھن ڳالھائي پيو ته سندس چاڪ چڪيل ھئا. مون کي اُن ويلي شاھه سائينءَ جو ھيءُ بيت ھنيانءُ تي ھُري آيو:

ويچارا واڍوڙا، سدا شاڪر سور سين،

تاڻن مٿي توڙ، اوري ڪن نه آسرو.

ھو چئي رھيو ھو:

”.... پنھنجو وطن مجبوراً ڇڏي اچڻ ھڪ اھڙي باھه آھي جيڪا ساڙيندي گهٽ پر لھسائيندي وڌ آھي. ھڪ شاندار تھذيب واري اِتھاس جي اَڌ صدي گذري چڪي آھي. تواريخن جا سلسلا صدين تائين رھندا آھن. دنيا جي ساھتيه جو اِتھاس جلاوطنيءَ ۾ ئي رچيو ويو آھي ... جن سنڌ ۾ جنم ورتو آھي اُھي چاھين ٿا ته ھند ۽ سنڌ جا ساھتڪار پاڻ ۾ ملندا رھن. ملڪ الڳ آھن، مذھب الڳ آھن، پر ٻولي ھڪ آھي. اُھا ھڪ ئي رھي. ٻين ٻولين وارن کي موقعا گهڻا مليا آھن. راڄنيتڪ مجبورين جي ڪري گڏجڻ نه ٿيو آھي. ھاڻي ماحول سازگار ٿيڻ لڳو آھي. ھند ۽ سنڌ جي ساھتڪارن کي گڏجائجي. سنڌي ٻولي ڦھليل شاھراھه آھي جنھن تي اسان کي گڏجي ھلڻو آھي ....“

ھو چوندو ھليو، ھن کي گهڻو ڪجھه چوڻو ھو:

”.... ٻنھي ملڪن جي سنڌي اديبن ۽ ليکڪن جي ذميواري آھي ته پنھنجي ايندڙ نسل لاءِ ٻولي ۽ ادب جو بچاءُ ڪيو وڃي ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل پنھنجي ٻولي کي ويجھو ٿئي، جنھن لاءِ ٻنھي ملڪن جي ليکڪن جي گڏيل تنظيم جو قيام عمل ۾ اچڻ گهرجي. گڏيل ڪانفرنسون ۽ ميڙاڪا منعقد ٿيڻ گهرجن ۽ ٻنھي ملڪن جي ماڻھن لاءِ جيڪي مشڪلاتون آھن، تن جو گڏجي حل ڪڍڻو پوندو ....“ انھيءَ کان اڳ سُريش ڪيسواڻي به اُميد ۽ روشنيءَ جي ڳالھه ڪري چڪو ھو. ھيءُ سڀ ايڏا ته اُميد ۽ خوش ھئا جو آئيندي جو به پروگرام ٺاھي ويٺا ھئا.

سُريش ڪيسواڻي چيو ھو:”.... ڀارت ۽ پاڪستان جي اديبن جي 56 سالن ۾ پھرين گڏيل سنڌي ادبي ڪانفرنس وڏو ڪارنامو آھي، جنھن کي برقرار رکڻ لاءِ ھرسال دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون. ايندڙ ڪانفرنس دبئي يا سنڌ ۾ منعقد ڪئي ويندي.“

لڇمڻ ڀاٽيان جي تقرير کان پوءِ سنڌ جي اديبن پاران پنھنجيءَ Key Note Speech ۾ قمر شھباز چيو ته ”.... ايندڙ گڏجاڻي سنڌ ۾ ٿئي، تنھن لاءِ مان توھان کي سنڌ جي ٻن سنسٿائن پروگريسو رائيٽرس ائسوسئيشن ۾ سنڌي فنڪار ويلفيئرٽرسٽ طرفان دل جي گهراين مان دعوت ٿو ڏيان. لڇمڻ ڀاٽيا جيڪي سوال اُٿاريا آھن، اُنھن تي وڌيڪ وقت لڳندو. 56 سال ڪو ٿورو عرصو ته نه آھي. نئين سج اُڀرڻ سان نئين روشني اچي ٿي. اَڄ دنيا سڄي سُڪڙجي  ھڪ گلوبل وليج بڻجي پيئي آھي. سنڌي ادب ڏاڍ، ڏمر، اميدن، نااُميدن ۽ نين علامتن کان الڳ رھي نٿو سگهي. بيوٽي ازِ مئٽر آف سائيز ائنڊ آرڊر (Beauty is a Matter of Size and Order). اديب اُھوئي لکي ٿو جيڪو ڏسي ٿو، محسوس ڪري ٿو. اسان ھڪ ئي ٻوليءَ جا پانڌيئڙا آھيون. ورھين کان پوءِ گڏيا آھيون. ورھاڱي جي لڏپلاڻ سنڌي سماج کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو آھي. سنڌ ۾ ردوبدل ٿي آھي. شيخ اياز مھمان ڪلاڪار ھو. سنڌي شاعريءَ ۾ به نوان تجربا ٿيا آھن. غزل کي خاص ديسي رڱ ۾ رڱيو ويو.ڪھاڻي جي محور ۽ مرڪز ۾ ڳوٺاڻا رنگ ھئا. پلاٽ ليس اسٽوري به آئي. تنھن کان پوءِ شارٽ شارٽ اسٽوري به آئي. ’سھڻي‘ به آئي ۽ ’روح رھاڻ‘به آئي. ٻئي رسالا نه بلڪ تحريڪ ھئا. اَڄ ٻئي رسالا نه آھن. سنڌ ۾ ناول تمام گهٽ لکيا ويا آھن. نبي بخش بلوچ ۽ غلام علي الانا ريسرچ جو تمام سُٺو ڪم ڪيو آھي. ايڪسڪئويشن ۽ ايڪسپيڊيشن (Excavation and Expedition) تي گهڻو ڪم ٿيو آھي.سنڌي اخبارن ۾ ادبي صفحو ھوندي آھي. ڪُل ملائي اڌ صدي ڪارائتي ۽ ڪاميابيءَ جو دور رھيو آھي ....“

صدارتي تقرير ڪندي پروفيسر غلام علي الانا چيو ته مان نھايت شڪر گذار آھيان جو ھن ڪنوينشن ۾ مون کي توھان سان گڏجڻ جو موقعو مليو.

اڳتي ڳالھائيندي چيائون ته ھاڻي سرحد کلي آھي. مرليڌر جيٽلي جھڙا ودوان ۽ پرڪاش پنڊت توھان وٽ آھن. جنڊيءَ ۽ ڪاشيءَ جي ڪم ۾ اسين اڳتي آھيون. اوھان وٽ پيسو آھي پر اوھان وٽ ڪم اَڃا شروع نه ٿيو آھي. اسان جي ٻوليءَ سنڌ ۾ رُڪاوٽ ڏٺي آھي. گهڻو ڪري سنڌ پنھنجا پاڻ دشمن آھي. سنڌ ۾  انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (Encyclopedia Sindhiana )  جو پھريون واليوم ٺاھيوسين. پندرھن ھزار داخلائن سان ڪم اَڃا اڌ ۾ ئي رُڪيو پيو آھي. جڏھن مھاراشٽرا ۾ اليگزينڊر گورنر ھو ته اُن ھڪ اجلاس ۾ چيو ته مھاراشٽرا ۾ ٻه جاتيون آھن جن تي فَخر ڪرڻ گهرجي، ھڪڙا آھن سنڌي ھندو ۽ ٻيا آھن کوجا آغا خاني. ڀارت ۾ توھان جا تعليمي ادارا سنڌ کان ڪئين دفعا وڌيڪ بھتر آھن. مون ڀارت جي سنڌين ۾ جاڳرتي ڏٺي آھي. ٽي ميلا ته جھولي لال جا ڏٺم اٿم. سنڌي ٻار ھاڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ دلچسپي وٺي رھيا آھن. ڀارتيه سنڌو سڀا جي صدر ۽ NCPS جي وائيس چيئرمن جھمٽمل واڌواڻيءَ سنڌي سِکيا جا سَوکن سينٽر کوليا آھن. سنڌين کي جھولي لال جا پنجڙا ڳائيندي ڏٺو اٿم. اِھو پڻ چيائون ته سنڌي ادب لاءِ جاڳرتا پيدا ٿي آھي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو آئيندو تمام روشن آھي. سنڌين جي خوبين جو ذڪر ڪندي چيائون ته سنڌي کائين ايرانين وانگر _ ڪپڙا پائين ته جھڙا انگريز. سنڌين جي ڀڳت جيڪا ڀارت ۾ ڏٺائون تنھن جو ذڪر ڪندي چيائون ته ڀڳت ڳچيءَ ۾ پاند پائي ڪافي ڳائي ۽ چوي ته:

آئون ٻانھي تون سائين،

پاتم پانڌ ڳچيءَ ڳل ڪپڙو.

الانا صاحب اِھو پڻ چيو ته شاھه سچل ۽ سامي اسان لاءِ اٽرئڪشن (Attraction) آھن.اسان جون دليون گڏيل آھن. سنڌي سدائين گڏ آھن. اوھان وٽ بھترين ناٽڪ لکيا ويا آھن، پر کوج ۾ اسين توھان گهڻو اڳتي آھيون. توھان وٽ ڊاڪٽر بلوچ جي ليول جو ڪير آھي؟ سامي چيئر جو سنڌ يونيورسٽيءَ فيصلو ڪيو آھي. بھتر ٿيندو ته ڀارت جي سنڌي جاتيءَ ۽ ڪي. ٽي. اين (K.T.N)جا پاڻ ۾ سنٻنڌ سٺا ٿين جيئن ھڪٻئي جي ساھتيه لاءِ سنسڪرتيءَ جي ويجھو رھون...“

ڊاڪٽر الانا پنھنجي تقرير پڙھندو پئي ھليو ته روانيءَ سان ڳالھائيندو به پئي ھليو. ماحول ۾ ھڪ سانت ھئي. مان اِنھيءَ وچ ۾ ڇپيل پروگرام کي ڏسندو پئي ھليس. ھن شروعاتي سيشن ۾ سڀ ڪجھه ڏنل سٽاءُ موجب ھليو پئي. ھيءُ سيشن توڙ تائين پھچي چڪو ھو. سيڪريٽري ڪلچر ۽ آرٽ نيتالي بالي سڀني جا ٿورا مڃي رھي ھئي. ھوءَ چئي رھي، ”اڄوڪي ڪانفرنس ٻنھي ملڪن جي ماڻھن جي وچ ۾ محبت وڌائڻ لاءِ بھتر ڪم آھي. اھڙا ميڙا منعقد ٿيڻ گهرجن.“

آئيندي جي گڏيل ميڙن جو ذڪر شري ڪيسواڻي، لڇمڻ ڪومل ۽ قمر شھباز اڳ ۾ ئي ڪري چڪا ھئا. قمر ته سنڌ ۾ اھڙا ميڙ ڪو ٺائڻ لاءِ ٻن فورمن تان نينڍ به ڏئي چڪو ھو. منھنجي لاءِ ھيءَ ڪانفرنس ئي وڏو ڪرشمو ھو. باقي آئيندي ڇا ٿو ٿئي، اُھو ڪيئن چئجي. ھي ۽ ٻيا سڀئي لڏي ويل سنڌي وطن جي وڇوڙي جي درد کڻي ويا، پر ڏڍ ھئن ته وطن موٽي اينداسين. سندن اکيون واجھائينديون رھيون، پرڇا ٿيو؟ ڪن دوستن، پرين، ساٿي ھت سنڌ ۾ رھجي ويا ته ڪن جا سڄڻ بنان موڪلائڻ جي ھليا ويا. لڇمڻ ڪومل پنھنجي ”وھي کاتي“ جي ٻئي پني ۾ لکيو آھي: ”سنڌ مان ھجرت ڪري آيل اسين ھندو پنھنجي ڌرم ۽ ڏيھه جي رکشا ڪندي چئن سرگ ڌامن جي ھڪ ڌرمي آستان د...ارڪا جي ويجھو اوکا بندر تي بيٺا ھئاسين ۽ پنھنجي لاءِ سرڳ جي دوار جي ھڪ چائنٺ کولي چڪا ھئاسين. اتي قائم ڪيل عارضي ڪئمپ ۾ ھاڻي ڍوال ماڻھن جي چڱي چھل پھل متل ھئي. سندن وڃايل وشواس وري موٽي آيو. ھڪ شخص پنھنجي ھمراھه کي چئي رھيو ھو، ”يار سانوڻ مل! ڪنھن ڏينھن ھيءُ سمنڊ جو ڪنارو ڏيندا پنڌئي پنڌ يا ترندا ترندا ڪراچيءَ ھليا ھلنداسين.“

مانجھاندي جو اعلان شري ڪيسواڻيءَ ڪيو. سڀ آھستي آھستي اُٿڻ لڳا ھئا، ڪا اُٻھرائي ڪانه ھئي. سندن اندر اُڇل ھوندي ته سڄڻن سان ھلون پر ھو اسان کي ڏسندا رھيا. ٻاھر ڪا اُڇل ڪا تڪڙ ڪانه ھئي، جو کين پڪ ھئي ته ٽي ڏينھن ساڻن گڏ ھونداسين. اسان ۾ ڪيئي پرين کي ڳولي رھيا ھئا، اسان پنھنجا سڄڻ پئي پَسيا. اُن ويل مون کي شاھه سائينءَ جي سُر کاھوڙي مان وائيءَ جا ڪي بند ياد آيا:

وسائيندڙي مينھه مانَ ملان کي سڄڻين،

اکين آگم لائيا، ڪَرَ مُندائتا مينهن،

مون کي پرين ميڙئين، روجھڙيون ميڙين مينهن،

مادر موٽي نه وھان مون پريان سين نينهن،

آءُ ملندي پرينءَ کي راتيون ڏوري ڏينهن.

مون کي اُن ويلي ڪيترائي نگ ٻنھي پاسي کٽل نظر آيا، جن جو ڪجھه ذڪر سائين بشير مورياڻيءَ، جھمون ڇڳاڻيءَ ۽ ڪجھه ٻين به ڪيو. پدم شري دادا ھوندراج دکايل، پدم شري پروفيسر رام پنجواڻي، شري ڪيول ملڪاڻي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، جئرامداس دولترام، ليکراج ڪڊنچند عزيز، پروفيسر کيئلداس فاني، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر سدارنگاڻي، موھن ڪلپنا، گنو سامتاڻي، ھريڪانت، شيخ اياز، نارائڻ شيام، تنوير عباسي، گوبند مالھي،تاج صحرائي، نياز ھمايوني، ابراھيم منشي، ڊاڪٽر شمس سومرو، رزاق مھر، اياز قادري، جمال رند، ناصر، علي احمد بروھي ۽ ڪيترا سوين ٻيا سرحد جي اوريان يا پريان، ڪي ٻيون حدون لتاڙي سرحدن کان آجا Beyond the Unlimited Zone ھليا ويا ھئا، جن جا نالا وٺي نه سگهياسين، پر ھو لاڳيتو ياد ايندا رھيا گفتگو ۾، ٻولاچاريءَ ۾، ڇاڪاڻ ته ھڪ ئي ڪٽنب جي ڀاتين کي ڪٿي ٿو وساري سگهجي!مان ته اُنھن ساٿين کي به ھن سفر ۾ ياد ڪندو رھيس جيڪي حال حيات آھن ۽ شال سدا حيات ھجن. ھنيانءُ ۾ ھورا کورا لڳل ھئي ته اُھي ھت ڇو نه آيا ۽ ڇو نه آھن. منھنجو ته سڄي ڄمار جو ساڻن واسطو رھيو، روح رھاڻ وارو دور ھجي يا پوءِ جو. واسديو نرمل ھجي يا ٽيڪچند مست، گوورڌن ڀارتي ھجي يا چترو ناگپال يا ارجن سڪايل، مان ڪيئن سندن ھيءُ ڪوتائون وساريان، جيڪي روح رھاڻ ۾ 1963 ۽ 1964 ۾ ڇپيون. واسديو نرمل:

درد جو جنھن ۾ ڪو نشان ناھي،

پڪ اُھو منھنجو داستان ناھي.

يا _

سٺوسين ڇاڇا نه سينو سپر ٿيڻ تائين،

جگر تي چوٽ سھڻ جو جگر ٿيڻ تائين.

ارجن سڪايل جو ھيءُ ترائيل مان Quote  به ڪندو آھيان.

چيو مان ’ٻيھر ڪريو غور ڪوئي‘_

چيائون اسان کان نه ٿيندي عنايت

ڪيم منٿ آزي ستايم گهڻوئي _

’چيو مان ٻيھر ڪريو غور ڪوئي‘

ورائي ورائي چيائون اھوئي _

’نه ڪو رحم ٿيندو نه ٿيندي رعايت‘

چيو مان _ ٻيھر ڪريو غور ڪوئي _

چيائون ‘اسان کان نه ٿيندي عنايت‘.

ٽيڪچند مست ھجي ھا ته سندس دل جو درد گهٽجي ھا ۽ نيڻين نيرسڪي وڃنس ھا:

ڪڏھن درد دل جو گهٽائي نه سگهبو،

اَجھل نير کي پڻ سُڪائي نه سگهبو.

يا ھيءُ غزل ڏسو، جنھن ۾ ڀائيبندي ءَ وارو ليکو چوکو حساب ڪتاب نه ڪيو اٿس.

عشق جو ھت حساب ڪونھي ڪو،

تون نھاري وري ٿي شرمائين.

ڪيئن چوين ٿي حجاب ڪونھي ڪو.

چترو ناگپال جو ھيءُ گيت مون کان وسري ئي نه ٿو:

مون کي مڌوبن جي خارن نان، گُلن گهايل ڪيو آھي.

ھتان جي ھير جي مٿان منھنجو تن من جليو آھي.

    مون کي مڌوبن جي ...

گوورڌن ڀارتيءَ جون به ٻه سٽون ٻڌي ڇڏيو:

ڇالاءِ تو نه چپن تي آندو،

منھنجو گيت گناھه ته ناھي.

ٻيا ڪيترائي شاعر ۽ اديب، جيڪي اڄ به ھند سنڌ جي سينڌ سنواريو بيٺا آھن. ھن عشق جي فضا ۾ امداد حسيني ياد آيم ۽ سندس ٻه ڪوتائون:

ڪلھه ھڪ ٻالڪ پيءُ کان پڇيو:

بابا، ڪير ھو شاھه ڀٽائي

دھليءَ يا لکنو ۾ ھھڙي نالي وارو شاعر منھنجو ڪتابن ۾ ڪونھي،

سنڌ جي ريگستان ۾ ھھڙو نالي وارو شاعر پيدا ڪيئن ٿيو.

بابا ڪير ھو شاھه ڀٽائي؟

يا ھي بند:

عشق جي راھن مٿي ڪاوا اُڀا،

تون نه ھل، تنھنجو صبا جھڙو خرام،

تون نه کِل جانِ بھاران تون نه کِل،

ھر طرف آھي گلن جو قتل عام!

ھت شاھه ۽ اياز جي فن ۽ فڪر کي نئين سر سنواريندڙ آغا سليم به ڪونھي ته Songs of Freedom وارو پراڻو ڪھاڻيڪار خواجا سليم، جنھن اياز جو شعر انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندي ڪندي نئون لباس نئون نالو ’سليم نورالحسين‘ اختيار ڪيو آھي ۽ دھلي ايندي ايندي واٽ وڃائي ويٺو. شايد سندس واٽون ئي ويھه ٿي ويون، جيئن پنھنجي پراڻي ساٿيءَ ڪامريڊ نورالدين سرڪيءَ ۽ سندس ساٿياڻي شمس سرڪيءَ کان واٽ وڃارائي وئي.

ھت سنڌ جي نالي، ٻوليءَ، جيءَ ۽ جان سان جنمئون واڳيل محمد ابراھيم جويو صاحب به ناھي. سندس ھڪ نظم ’سنڌ‘جو آخري بند ياد ٿو اچيم:

اھوئي سوال ......

تڏھن ٿو اڄ توکان آءُ پڇان!

سنڌ! منھنجي پنھنجي سنڌ

منھنجي مھرباني مٺڙي ماءُ!

ٻڌاءِ ....

تون مون کان ڇا ٿي گهرين!

تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟

سنڌ جو مھان ڪھاڻيڪار جمال ابڙو به ڪونھي، جنھن جي ڪھاڻين جو ڳٽڪو”پشو پاشا“ 1960ع ڌاري مون زندگي پبليڪيشن پاران ڇپرايو ھو. اُن سان گڏ ئي عزيزم غلام ربانيءَ جو ’آب حيات‘ به ڇپرايو ھئم. غلام رباني نه ھِت ڏسان ٿو نه اُت پسان ٿو _ الائي ڪاٿي آھي اڄڪلھه. سراج به نه آھي. فھميده حسين، سحر امداد، ماھتاب محبوب ۽ نورالھديٰ شاھه کي به ڪنھن چڱيءَ طرح چيو الائجي نه. اَچن ھا ته ھت سنڌ جي ليکڪائن جي به نمائندگي ٿئي ھا. فتاح ملڪ، پرواني، ناشاد ۽ حبيب الله صديقيءَ جھڙن پيارن جو ساٿ کٽل ھو. ھيءُ يا ڪي وڌيڪ ماڻڪ موتي ھِت ھجن ھا ته ڪجھه رنگ ئي ٻيو ھجي ھا!

 

ھِتان وارن مان ڪيرت ڪونھي. ڪماري پوپٽي ھيراننداڻي، پرسو گدواڻي، ايم. ڪمل ۽ گوورڌن ڀارتي به ڪونه آيا آھن ۽ اُتم آھي ته سندري ڪانھي. لکمي کلاڻي ۽ جگديش لڇاڻيءَ جا تازا پرنو نوبنا ڪتاب مليا ته دل چاھي ٿي ته کين ڏسان ھا. پنھنجي پياري پراڻي يار جئويرکي به جيڪر ھت گهمندو ڦرندو ڏسان ھا.(جئوير سنڌي ادب ۽ اديبن جي سُنٻنڌ جو وڏو اھڃاڻ رھيو آھي. اڄڪلھه ڏاڍو بيمار آھي. سندس صحتمندي لاءِ دعائون ئي دعائون) ائين ڪئين اکين کان ته اوجھل آھن، پر اندر ۾ ھيئن ويٺا آھن:

اندر روح رھينام، سڄڻ اوطاقون ڪري.

ھي ساروڻيون جھٽ پل ۾ جھرڻن جي ٿڌي مٺي پاڻي جيان مٿان وري وھي ويون. نظارو گهڻو تبديل نه ٿيو ھو. سڀ ملندا کلندا ٻاھر وڃڻ واري در وٽ گڏ ٿيندا پئي ويا. ڪي ٻاھر نڪتا ھئا، ته ڪي سُرندا ھلندا پيا وڃن. سوڙھي ورانڊي مان قطارون ڪندا، ٻيو در کوليندا ڪوٺي تي تال پتري واري ڇني ۾ مڙندا پئي ويا.

4 _ لنچ _ لنچ:

مان اڃا رستي ۾ ھئم ته ڪنھن اڳيان اچي چيو:

”ھيلو ..... آءِ .ايم .لعل پشپ“

”لعل ! پاڻ ته مليا سين، ٻيو تو جھڙي جڳ مشھور اديب ۽ دانشور کي ڪير نه سڃاڻي،“مون وراڻيو. ”او، آءِ .سي“ چئي اڳ ڪڍي ڇني ڏانھن تڪڙو ھليو ويو. دھليءَ جي موسم گرم آھي. خاص طرح منجھند جو ھوا گهٽ ھوندي آھي. انٽرنئشنل سينٽر وڻن ۽ ٻوٽن سان جھنجھيل آھي. زمين ڀلي آھي، ھر ھنڌ ساوڪ ئي ساوڪ. ھت ھن ڪوٺي تي تال پتري واري ڇني ھيٺان اھڙي  بھاري لڳي پئي آھي جو ڇا چئجي! ڪئين گهانا وڻ نسري آيا آھن، پر ھيءُ سڀ قدآور شخصيتون ھنن وڻن کان اوچيون ۽ مختلف آھن. ھنن جي ڀرسان بيھو ته ھيرون ۽ ھٻڪارون آھن. گرمي جي ٻاھر قدرتي ٻوٽن ۾ گل ڦل ڪينھن پر ھت ڇني ۾ ته رنگبرنگي گل ٽڙيا آھن ۽ ھٻڪار واسو ڪيو بيٺي آھي.

سنڌي ادب جي قدآورشخصيت، ٽماھي ’سپون‘ جو ايڊيٽر ۽ مشھور شاعره سنگيتڪار پارو چاولا جو گهر وارو ٺاڪر چاولا سامھون پاسيرو بيٺو ھو. ھي ٻئي ”سيتا سنڌو ڀون“ جا ٽرسٽي آھن، جيڪو دادا رام پنجواڻيءَ قائم ڪيو ھو. دادا جي جيئري ئي اُن کي ھنن ۽ ٻين دادا جي عقيدت مند خاص طرح دادا رامچند، لڇمڻ لڌاڻي ۽ ٻين ھڪ وڏي عمارت ۾ منتقل ڪيو آھي. سنڌي جي آرٽ، آوازي ڪلچر، ڪئسيٽن ۽ ڪتابن سان گڏ جيڪي صوفياڻيون چونڪيون، جھولي لال جا بھراڻا، نوجوان فنڪارن جا ميڙ مشاعرا منعقد ڪرايا آھن، اُن جو ڪافي ڪريڊٽ ھنن ٻنھي ڏي وڃي ٿو، جو ھي سٺا آرگنائيزر ۽ ھڏ ڏوکي آھن.

”ٺاڪر سائين، توھان مون کي شايد نه سڃاتو؟“ مون سندس ويجھو ويندي چيو.

”ڀلا ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو. پارو ۽ مان ته تنھنجي گهر ڀاتي روٽي به کائي آيا آھيون.“ اھا روٽي پاڻيءَ واري ڳالھه ھو سڃاڻپ واري سيشن ۾ به ڪري چڪو ھو.

”ٺاڪر سائين، ايئن بار بار ڇو ٿا چئو. شال وَرُ وَرُ اَچو. مان توھان کي شڪارپور وارو آچار، شھدادپور جا پاپڙ،سنڌوءَ جي مٺي پاڻيءَ تي ٿيندڙ سوادي ڀاڄيون کارائيندو رَھان.“

ھو مُرڪندو رھيو. الائجي ڇو ھن دفعي مون کي ھو گهڻو تڻو چپ لڳو. ھو ٺاڪر چاولا آھي يا ڪو ٻيو؟ مون جڏھن کيس ’سپون‘ سالن کان نه ملڻ جو ڏوراپو ڏنو ته ھو ويو ۽ پل ۾ ڦيرو ڏئي موٽي آيو ۽ آھستگيءَ سان ’سپون‘ جو سنڌي دھل ۽ شرنائي وڄائڻ وارن جي ٽائيٽل سان مارچ وارو رنگين انڪ مون کي ڏئي ويو، تڏھن پڪ ٿيم ته ھيءُ ٺاڪر چاولا آھي. ’سپون‘ رڳو ھند مان نڪرندڙ پرچو نه آھي. ھن ۾ سنڌ جي اديبن جي شاعري ۽ ڪھاڻين سان گڏ ايڏا ته سٺا مضمون ’کٽا مٺا انگور‘ جي سري ھيٺ خط، اڄڪلھه ماھتاب محبوب جو قسطوار ھلندڙ ناول ’پيار پناھون ڇانورا،‘لڇمڻ ڪومل جو سلسليوار ”سرحد جي ھن پار جو سنڌي ادب _ شاعري“، پارو ٺاڪر چاولا جو سيتا سنڌو ڀون _ رام پنجواڻي لائبرري ۽ ڪلچر سينٽر ۽ جھمون ڇڳاڻي ۽ ٻين جون لکيل يادگار قسم جون لکڻيون مون کي ”روح رھاڻ“ وارا دور ۽ ”مھراڻ“ جي ھاڻوڪي Combination جي يادگيري ڏيارين ٿيون. ”ڪونج“،”نئين دنيا“، ”رچنا“ ۽ ٻين ادبي پرچن جي شاندار روايتن ھوندي به ”سپون“ جي خوشبو ڪجھه ٻي آھي. تازو ٻيو پرچو مليو آھي، جيڪو ھن ڪنوينشن جي تصويرن ۽ جھمون ڇڳاڻيءَ جي پھرين ڏينھن جي وارتا واري مضمون سان سينگاريل مون کي گهڻو ڪجھه ياد ڏياري ويو آھي، ۽ مون کي ھن مضمون/ سفر نامي لکڻ ويل وڏي مدد ملي آھي، جنھن لاءِ مان ٺاڪر چاولا ۽ خاص طرح جھمون ڇڳاڻيءَ جو ٿورائتو  آھيان.

سنھڙي آواز ۽ ڪنھن ويجھو اچي مون کي سڏ ڪيو. مون ڪنڌ ورايو، ھيءَ آواز سنھڙي چشمي پھريل سٻاجھڙي ماڻھوءَ جو ھو. ھيءُ ئي جھمون ڇڳاڻي ھو. مون ھن سان اڃا ڳالھه ٻولھه ئي ڪانه ڪئي ، رڳو مرڪن جي ھڪٻئي کي موٽ ڏني ته ھڪٻئي کلڻي سنھڙي پني ۾ ويڙھيل ڪتاب مون کي اچي ڏنا ۽ پنھنجي اڌوگابري واقفيت ڪرائي. مون اڃا ساڻس ڳالھايوئي مس ته شمع کيبر پريان ڊوڙي اچي رنڌڻي ۾ رولو وڌو. چي :”ڪتاب مون کي به وٺي ڏيو ..... مون کي ڏاڍو شوق آھي ڪتابن گڏ ڪرڻ جو.“

”پڙھڻ جو نه“، مون چرچي طور کيس کلي چيو. ”گڏ ڪبا ته پڙھبا ته ڪين؟ مون ڏاڍا ڪتاب گڏ ڪيا آھن ۽ پڙھيا به آھن.“ پھرين دل ٿي ته کيس چوان ته ”مائي! اُنھن گڏ ڪيل ڪتابن تي ئي آڌاريل سھي، ڪو ھلڪو سلڪو مضمون ئي لکي اچين ھا، ته رھجي به اچي ھا ...“ پر سندس ڳالھائڻ ويلي مان ۽ شوڪت اڳواٽ ڇرڪندا ھئاسين، ان ڪري خاموشي ئي بھتر سمجھيم. جيتوڻيڪ اطلاعات کاتي ۾ محترمـه مھتاب راشدي جي اچڻ کان پوءِ شمشير الحيدري، آفتاب ۽ ٻين اديبن جي اچڻ کان پوءِ ”پيغام“ رسالي جي نئين سيٽ اپ جي ڪري اديبن ۾ ھاڻي اھو ماھنامو ڪافي وڻندڙ ٿي ويو آھي، پر شمع کيبر جي روش جي ڪري مون بعد ۾ رشوت طور کيس ڪيترائي ڪتاب وٺي ڏنا. پرڪڏھن ڪڏھن ڪتابن جي رشوت به ڪم ناھي ڪندي، ۽ نه ليکي چوکي ۾ ايندي آھي. ائين ڪلا پرڪاش ملي، مايا اَچي ھٿ ٻڌي پرڻام ڪيو. ھنن جي نئڙت فضليت، طبيعت ۾ ماٺار آندي. ”ڇو دادا، روٽي نه ٿا کائو“. ڪلا چيو. ”ھُتي لائين لڳي پئي آھي، ڪجھه رش گهٽجي ته روٽي به کائبي.“ وراڻيائين. ”توھان مھمانن لاءِ ڪِيو  ۾ بيھڻ ضروري ناھي. اَچو اَچو.“

ائين پريان ھري موٽواڻيءَ رڙ ڪئي، ”اچ ڀائي اچ.“ ھولائين ۾ بيٺو ھو، مان به پليٽ کڻي لائين ۾ بيٺس. کوجن ۽ ڪاٺياواڙي ميمن جي شادين ۽ جماعت خانن ۽ خاص طرح ھند ۾ وڏين فائيواسٽار ھوٽلن ۾ ڪانفرنسن ۽ شادين مرادين ۾ مانيءَ لاءِ لائين ۾ بيھڻو ضروري آھي. باقي اسان وٽ ڇا ٿيندو آھي، ھت اُن جي خبر سڀ ڪنھن کي آھي. ھند ۾ ڪائونٽر ڏانھن وڌبو وڃبو ۽ ڪائونٽر تي ماني پاڻ پايو يا اڇي ٽوپيءَ وارو بورچي ٿالھيءَ ۾ وڌائيندو وڃي.ھونئن به ھند ۾ ھر ھنڌ لائين ۾ بيھڻو آھي. سودو سلف وٺڻو ھجي، يا ريل، جھاز ۽ سئنيما لاءِ ٽڪيٽ کپي ته به قطار ٺاھڻ ضروري آھي. مان وچ ۾ بيٺل ھري موٽواڻيءَ کي ڇڏي پويان آخر ۾ ڪرشن راھيءَ سان وڃي بيٺس. ڪرشن ڪھاڻي ۽ شاعريءَ جو وڏو نالو ۽ مانائتو ماڻھو آھي. سندس سڪ ڏسڻ وٽان ھئي. اُتي کيس جيئن لِکن پيا، ائين چيومانس: ”ڪرشڻ! اِھي تنھنجا بيت منھنجي اندر ۾ پيٺل آھن:“

”وطن لئه جان گهوري پوءِ به ٿوري،

سنڌين جان نه گهوري وطن گهوري آئيا.“

مان ماٺ ڪئي جو اڳتي جا بيت ياد نه ھئم. ھُن يڪدم ھٿ سان اشارا ڪندي سلسلو برقرار رکيو:

”وطن گهوري آئيا، ھاڻ رت روئن،

پنھنجا وري پسڻ لاءِ ٿا نيڻ سِڪن،

ماڻھو ھت به ٿين، پر اسان جا ڪي ٻيا ھئا.“

ھاڻي ھٿن جو اشارو مون ڏي ھئس. سندس اکيون ڀرجي آيون:

”وطن ويو جن ھٿان، ناھي تن آرام،

وسري وسري ڪين ڪي، ڪنھن کان پنھنجو گام،

نديون ھِت به جام، پر سنڌوءَ ۾ ڪو ساھه تن.“

”ادا ڪرشن! سنڌو ته ندي ئي نه رھي آھي. سنڌوءَ جي سينڌ اُجڙيل آھي. چيڪي مٽيءَ وارو لڙاٽيل پاڻي، جيڪو وَرن واريون سينڌ ۾ ڀرينديون ھيون، اُھا مٽي ھنن لاءِ سينڌو رھيو.“ ھاڻ منھنجي اکين جو وارو ھو. ائين ٻانھن کان ڪنھن ڇڪيو، مان ميڙ ۾ موٽي آيس. ھيءُ ھري موٽواڻي سنڌي ھو.

”ڀائي، توھين مھمان آھيو، توھان لاءِ قطار ۾ بيھڻ ضروري ناھي.“ ھو مون کي ٻانھن کان ڇڪيندو قطار جا اُصول لتاڙيندو اڳيان وٺي ھليو. پھريائين ئي ھو پنھنجيءَ پليٽ ۾ ماني وجھڻ لڳو ته ڪنھن پويان دانھن ڪئي:

”ھري! واھه جو مھمان جو بھانو ڳوليو اٿئي. ماني کڻڻي توکي آھي ۽ وٺي حميد کي آيو آھين. پھريائين ھُن جي پليٽ ۾ ته پاءِ.“

ھريءَ لٺ کڻي کيس ڏيکاري ۽ پوءِ منھنجي پليٽ ۾ ماني پائڻ لڳو. مون کيس منع ڪئي. مون مرضيءَ موجب کڻڻ پئي چاھيو. پيلو ڀاڄين جو پلاءُ ھو، ته مڪس ڀاڄي ۾ بيھه به پيل ھئا. دال ھئي، دم ڏنل پٽاٽا به ھئا، جنھن کي ھو ’دم آلو‘ چئي رھيا ھئا. مکيل ڦلڪا ۽ ڀُرڪڻيون لولڙيون منھنجو من پسند کاڄ ھو. شريمتين سان رعايت ھئي. ھنن پنھنجي جاءِ ٺاھي ڇڏي ھئي. اسان جي ھمسفرن کي جاءِ ملي ۽ سڀني جي ٿاليھن ۾ پلين چانورن، دم ڏنل پٽاٽن جي اَڇاڻ، ڀاڄين جي تيوڻ ۽ دالين جي گهرن رنگن ھر ھٿن ۾ رنگين گلدستو ڏئي ڇڏيو ھو. ھر ڪو في الحال اُن گلدستي کي کنيو ڦيراٽيون پيو ڏئي، جو ٽيبلون ڀرجي ويون ھيون. جيسين جاءِ ملي، تيسين مان پلئوڙي واري ڀت تي پليٽ رکي کائڻ بيھي رھيس. ھيءُ پاسو شريمتين ۽ نينگرين سان ڀريل ھو. سندن ٽھڪڙا ۽ من موجين واري ھڪٻئي سان ٻولاچاري، سڄي مانڊاڻ کي موھيون بيٺي ھئي. ڪلا، مايا، ڪملا گوڪلاڻي ۽سندن سرتين سڏي ٽيبل تي وھاريو. ”دادا! ڇو توھين ماس نه ٿا کائو؟“ ڪَلا ڪنڊائتي ۽ پري پيل ڍڪيل ڍاڪئين ڏانھن اشارو ڪندي چيو.

”ڀيڻ! جھڙو ديس تھڙو ويس. دبئي توھان وٽ ٻه دفعا آيو ھئس ته به چاھه سان ڀاڄيون کاڌيون ھئم. گهر ۾ به گهڻو تڻو ڀاڄيون ئي وپرائيندو آھيان.“

”پليٽ ۾ ته ڀاڄيون گهٽ، ڦلڪا ۽ چانور آھن. رُکا کائيندو ڇا؟“ مان جيڪو سوچ ۽ فڪر جي سگهاري قوتن کي ڪنڌ ڦيرائي چڱي پَر اکيون کولي ڏسي رھيو ھئس، ڪَن سَرلا ڪري سندن آواز جھپي رھيو ھئس، تنھن کي روٽيءَ پاڻيءَ جوڪھڙو فڪر! مان مُرڪي اُٿيس ٻيو ڪجھه کڻڻ لاءِ ته کلڻي ٽھڪڻي اندر شبنم آئي، جنھن تعارف ويلي رڳو ايترو چيو ھو: ”توھان سان. گڏجي مون کي پنھنجائپ ۽ پيار مليو آھي، دل ڀرجي آئي آھي.“

ھوءَ ڳالھائي نه پئي، مُرڪي ۽ کلي ٽڙي ته مون چيو مانس: ”تون ته خوش آھين. سويل دل ڀرجي اچڻ جي ڳالھه ڪئي ھيئه.“

سونھري فريم واري سھڻي عينڪ کي مٿي ڪندي کلي وراڻيائين، ”مون دل ڀرجڻ جي ڳالھه ڪئي، اوھان جي پيار ۽ سڪ سان ڀريل دل. ڏسو اکيون ڪي ڀريل اٿم.“ھن سونھري جي خوبصورت فريم واري عينڪ مان جھاتيون پائيندڙ مرڪندڙ اکين سان نھاريندي چيو.

مان ٻئي کاڌي کڻڻ لاءِ وڌيس ته ائين ھُو دلبر وري ڦري آيو ھو اَڃا چئي ته، ”ھيلو، آءِ ايم لعل پشپ.“ اُن کان اڳ چيو مانس، ”ھيلو ... آءِ ايم حميد سنڌي،“ مس وڃي مُرڪيو. پوءِ ھٿ ملائي ميڙ ۾ گم ٿي ويو. ھن سڄي ڄمار ڪھاڻين، ناولن، آتم ڪٿائن، شاعري ۽ سنڌي ادب جي ٻين صنفن ۾ گذاري آھي. ھو ھلندي ڦرندي پنھنجي موج مستيءَ ۾ گذارڻ وارو لڳم، تنھنڪري ھُن تي ميار ڪانه ھئي. پر ھن ويلي ھاڻ مان مياري ٿي پيو آھيان، جو شريڪانت ڀاٽيان مون کان لھرائيندو وتي. سامھون اچي ته منھن ڦيرائي ٻئي پاسي ڪريو ڇڏي. مون کيس ڏٺو ته وڌي ويو مانس. مون کي خبر نه ھئي ته ھو ڇو رُٺو رُٺو گهمندو وتي. اُھا خبر پوءِ پيم ته گذريل رات سندس مون سان ٿورڙي ڏکي ھلت چلت جي خبر لڇمڻ ڀاٽيان کي ته پئي ھئي. ھُنَ رات ئي مون کان آڏي پچا ڪئي ھئي. مون کيس ڪجھه ٻڌايو، ڪجھه لنوايو ۽ کيس منٿ ڪيم ته شريڪانت کي ڪجھه نه چوي، پر ھُن شوڪت شوري ۽ ٻين دوستن کان تصديق ڪئي. شريڪانت نه رڳو آرگنائيزرن منجھان ھو پر لڇمڻ جو ڀاڻيجو به ھو. پوءِ شايد وڏي حيثيت ۾ شريڪانت کي ڪو چڱو کڙڪايو ھئائين. مان اِنھيءَ واردات کان اڃا بي خبر ھئس. ھو ملي ئي نه، تيل تِرين لائڻ ئي نه ڏئي! نيٺ وڃي ماني کنيم. دادا اُتم، موتي پرڪاش، ستيش روھڙا، ھيرو شيوڪاڻي ، اَنند کيماڻي، لڇمڻ ڀمڀاڻي، آخري ميز تي گڏ ويٺا ھئا، سڏي ويھاريائون. ستيش ۽ ھري شيوڪاڻيءَ سان ايتري واقفيت نه ھئي، ھو قرب سان مليا. ستيش روھڙا مشھور ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار آھي، ھيرو شيوڪاڻي به ريسرچ ڪھاڻي ۽ شاعريءَ جو ماڻھو آھي. اَنند کيماڻي مشھور افسانه نگار ۽ ناولسٽ آھي. سندس تازو ھڪ ناول ”انتم يا ترا“ نالي ڇپيو آھي، جنھن تي نامديو جي ”سپون“ ۾ زبردست آلو چنا (تبصرو) ڇپي آھي. اَنندکيماڻي اسڪالر ۽ نقاد پڻ آھي، جنھن جي شروعاتي ناول ”ھڪ شخص جي واسنا“ تي وري لڇمڻ پنھنجين رات وارين ڪچھرين ۾ ڀليون ڍليون ڪچيون ڦڪيون ڳالھيون  چرچن ۾ ڪيون، جو اَنند سندس دوست آھي. چوي، ”اَنند جا ڪم ته ڏسو ... نه شراب پيئي، نه ڪيبري ۾ وڃي نه ماس کائي نه مڇي، نه عيش ڪري، پر ناول جي ھيري کان اُھي سڀ ڪم ٿو ڪرائي جيڪي نه ھُن ڏٺا نه ڪيا. پوءِ اسان جھڙيون لوفرائپ ۾ ماھرن کان پيو پڇندو ته ھي سڀ ڌنڌا ڪيئن ٿيندا آھن.“ مون کلي لڇمڻ کي چيو ھو، ”ويم جا سور تو لڌا آھن، ڪڪڙ وانگيان آنا لاٿا اٿئي. ويا ميل زال جي سورن جو ته سڄي جڳ ۾ ڍنڍورو ڏيندا آھيو. آنن جي آمليٽ جو مزو ته وٺندا آھيو. پر ڪڪڙ ويچاري ..... اُن تي ھن وڏا ٽھڪ ڏنا ھئا.

مون خاموش موتيءَ کي ڏسي، دبئيءَ جي انڊين پبلڪ اسڪول جي پرنسپل کي ياد ڪيو. سنڌ جي ڪيل سفر دوران ھميشـﮣ کلندي مرڪندي ڳالھين جي ڳھير کي ڏٺو. الائجي ڇو مون کي غلطيءَ جو احساس ٿيو. ھيءُ سڀ جھونا، جن سنڌ ڏٺي ھئي ۽ سنڌ جي پاڻيءَ ، ماني ڪانجھي کي واپرايو ھو، اُھي ھن ميل ميلاپ وارين گهڙين کي ئي سھي ھڪدم پنھنجو ڪيئن ڪري ٿي سگهيا. ارجن حاسد پريان سامھون ويٺو ھو. تعارف مھل ائين چئي ڏنائين:

”چنجھيون اکيون ڏسي وٺ، سنڌ جو نقشو آھيان.“

ڀرسان ويٺل ھئس دادا دلگير، جنھن به ڪجھه ھيئن چيو ھو: ”مَن مرادون پُنيون ٿيا سُرھا ساھه.“

موتي پرڪاش ٻه ٽي سال اڳ انھيءَ اندر جي ڪيفيت تي ھڪ مضمون ھن سِري سان لکيو ھو، ”ڇا سنڌ ۽ سنڌين کي ياد نه ڪريون؟“ مون جڏھن ھن سفر جي پھرين قسط پئي لکي ته منھنجي دوست ساٿي سليم خواجا، جنھن کي مان پنھنجو ”ھيڊماستر“ سڏيندو آھيان، مون کي چيو ھو ته ”ھن سفر نامي ۾ ھتان لڏي ويل سنڌين جي ڏک غم ۽ جُدائيءَ جي داستان جو گهڻو ذڪر نه ڪجانءِ.“ شايد ھُن اِنھيءَ لاءِ چيو ھوندو ته متان اِھو داستان کين گهڻو ياد ڏياري ڏکوئي نه وجھي. مان جيڪر کيس ھاڻ چوان!”اڌ صديءَ کان مٿي ھنن ڄڻ ته پرديس ۾ گذري. نئين ديس کي پاڻ مٿان وسائي به ڇڏيو اٿن ته به اندر ۾ ڪنھن ڪنڊ يا پاسي کان نه پر وچ ئي وچ ۾ ھر ھڪ پاڻ روح بڻيو بيٺو آھي. مان ڇا ڪريان لکڻ کان پالھو رَھي نه ٿو سگهان پيارا!“

موتي پرڪاش پنھنجي اِنھيءَ مضمون [”سپون“ جولاءِ آگسٽ 2001 ] ۾ لکيو ھو، ”منھنجي مٽيءَ، پنھنجي جنم ڀوميءَ سان لڳاءُ ھر انسان کي آھي ۽ اِھو اھڙو جذبو آھي جنھن کي سياست جون ديوارون ۽ حڪومتن جون پاليسيو نٿيون روڪي سگهن. پنھنجي جنم ڀوميءَ کي ياد ڪرڻ انسان جي روح جو حصو آھي، جنھن کي ڇني ڦاڙي نه ٿو سگهجي.“ ھُن اڳتي ھلي ساڌو ٽي .ايل . واسواڻيءَ، دادا جشن واسواڻيءَ، شري جھمٽمل واڌواڻيءَ، شري ايل . ڪي . آڏواڻيءَ، شري ڪيول ملڪاڻيءَ، ڊاڪٽر سڀندرا آنند، ڊاڪٽر ايم ٺڪر، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ، ستيش روھڙا، لکمي کلاڻيءَ، پريتم ورياڻيءَ، صاحب بجاڻيءَ، نند جويريءَ، شري رام امرلال پنجواڻيءَ ۽ شري موھن گهياڻيءَجا نالا ۽ مثال ڏنا آھن، جن مان ڪي ’سنڌي ڪلچر‘ ۽ ’سنڌ اسٽوري‘ جھڙا ڪتاب لکن ٿا، تحقيق ڪن ٿا، ڪي اُتي سنڌ وڃي يا ھت سنڌ الاجي ٺاھي ڪنھن نه ڪنھن نموني سنڌي ھجڻ جو ثبوت ڏين ٿا. ھو چئي ٿو ته ”اِھي مشھور معروف ھستيون ۽ سنڌ جا عاشق جي گناھگار آھن ته اچو ته اسين سڀ گنھگار ٿيون. اچو ته سنڌ کي ياد ڪريون، اچو ته سنڌ جي سنڌين سان پنھنجو ناتو ڌار نه ڪريون. اچو ته سنڌ جي سُنھري سڀيتا تي فڪر مند ٿيون ۽ پنھنجي ايندڙ پيڙھين جي دلين ۾ اُھي ڀاوَ ڀريون، جيئن اُھي پنھنجو سر اوچو ڪري چون ته اسين سنڌي آھيون ۽ پنھنجي سنڌي سڃاڻپ قائم رکنداسين.“

موتي خاموش ھوندي به پنھنجي لکڻين ۾ من وسيلي مون سان ڳالھائي رھيو ھو. منھنجي آڏو ھن داستان لکڻ ويل ڪي به نظريا، سياسي سماجي يا اقتصادي بنھه ڪينھن. مون وٽ ھُنن جا ورھين کان سانڍيل ڀاوَ ۽ پنھنجي اندر ۾ اُساٽ جو احساس آھي، جيڪو ھنن جي ڀاون ۽ دردن سان گڏ سنڌ جي محرومين، اُداسين، قاتل ريتن رسمن ۽ اُنھن جي ور چڙھيل مائرن، ڀينرن ۽ يتيمن جي آھن ۽ دانھن تي آڌاريل آھي. جداين جا ڏک، ڪلاسيفائيڊ يا بدليل منھن مھانڊن وارا نه ھوندا آھن. ھر ڏک ۾ مرگهه ترشنا يا Mirage وارا نظارا ھڪجھڙا ئي ھوندا آھن. اصل ۾ ڳالھه وڃي ھيئن ٿي بيھي. مون ھڪ بيت پڙھيو:

’آئون‘، ’اسين‘ ڪن جي، پاسي تن مَ اَڏ،

تن طالبن گڏ، ته ويجھو ٿئين وصال کي.

مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ چوڌاري سانت ٿي وئي آھي. اُتي ڪوبه ڪونھي .... مان اڪيلو آھيان، بنھه اڪيلو! اڪيلائپ ته ماريندي آھي. اِنھيءَ ڊپ ۾ مان اوچتو ٽپ ڏئي اُٿيس، ھت ته سڀ ھئا. اُھو پل، ’آئون‘ ’اسين‘ وارو ھو يا ’وصال‘وارو ھو. مون ڀانيو ته مان ھت وڻڪار ۾ ھيس. اياز جو ھيءُ بيت به ھُري آيم.

”سھسين ڀيرا سُڃ ۾، مان توکي ڳولي،

ساميءَ جئن ڦولي وڃان ٿو وڻڪار ۾.“

ستيش روھڙا مون ڏي ائين نھاريو، ڄڻ منھنجي مَنَ جو چور پڪڙي وڌو ھجيس. جيئن پنھنجي شاندار تازي ڪھاڻي ”ھڪ چور ڏانھن لکيل خط“ ۾ ھڪ چور جا بخيا اُڊيڙي ڇڏيا اٿئين. مان مُرڪي ڏانھس ۽ ٻين دوستن ڏانھن نھاري پليٽ کڻي کسڪي آيس. ھمسفرن لاءِ ھيڏي ھوڏي نھاريم. قمر ۽ ھدايت کي لعل پشپ ۽ ٻيا دوست ويڙھيو بيٺا ھئا. ڪنھن مھل اوما لالا، رينو عيدناڻيءَ سان ته ڪنھن مھل ڪنھن سان. بشير سائين ۽ ڀيڻ پرويز جبين مانيءَ مان واندا ٿي مٺي واري ٽيبل ڏانھن وڌي رھيا ھئا. شمع کيبر ننڍين نينگرين جي ٽولي ۾ بيھي ائين ڳالھائي رھي ھئي، ڄڻ ھنن جي ھڪ جيڏي سرتي ھجي . ھميشه جيان سندس ڳالھائڻ جو اڻ کٽ سلسلو جاري ھو، جنھن کي نه منڍيو ھو نه پڇاڙي. اسان جو عبدالحئي پليجو، سندس گهر واري ۽ نياڻي فوٽن ڪڍڻ ۾ پورا ھئا. سڏي ھڪ فوٽو منھنجو به ڪڍي ڇڏيائون.

ڪنڊائتي ٽيبل تي شمشير الحيدري ويٺو ھو. مانيءَ جي پليٽ سندس آڏو ائين ئي ڀريل رکي ھئي. ھُن جھرڪيءَ وانگر ڪجھه چُڳيو ھو، ڪافي ڪجھه ڇڏي ڏنو ھئائين. شمشير سنڌيءَ جو نه رڳو ھڪ انقلابي شاعر رھيو آھي، پر مولانا غلام محمد گرامي صاحب جي ٽماھي”مھراڻ “ جي ايڊيٽريءَ واري شاندار دور ۾ سندس ٻانھن ٻيلي رھيو. پوءِ ”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر ٿيو. سيڪريٽري ادبي بورڊ ۽ ادبي رسالن ۽ ادارن ۾ ڇاڇا نه ٿيو. وڏي ڳالھه ته ايڊيٽريءَ ۾ منھنجو اُستاد ۽ ادبي ڪم ڪار ۾ ھميشه گڏوگڏ رھيو. ھن وقت سامھون ويٺلن کان بي خبر، پنھنجيءَ ڌن ۾ مگن! سگريٽجي دونھي ۾ ويڙھيل ڪا سِٽ شايد چپن تي ھيس. ٿي سگهي ٿو ساڳي سٽ ھجيس، جيڪا ھُن صبح جو پنھنجي تعارف ويلي چئي ھئي ۽ ڏاڍيون تاڙيون وڳيون ھيون:

دل جي پُر شوق دلاسن تي ھليا آياسين،

سونھن وارن جي سلامن تي ھليا آياسين،

ڪنھن شھنشاھه جو فرمان اسان تي نه ھليو،

نينھن وارن جي نياپن تي ھليا آياسين.

مون ويجھو وڃي کيس لوڏيو ته ھو جيئرو جاڳندو ھو. سندس ھڪ مشھور آزاد نظم ”آرزو جو سفر“ مان ٻه سٽون چيم:

اي سندم دمدم دعائن جا نرالا شاھڪار

زندگي تا بندگي جا رازدار!

ھُن کِلي ڪنڌ مٿي ڪيو.”مڪمل ڪر ته مڃانءِ.“ مان ٿورو ھٻڪيس پر پوءِ چوندو ويس، جو ھن بند جون آخري سٽون ھن مجسم ۽ سراپا اُميد جي لاءِ جوڙيل ھيون ۽ مٿس ئي ٺھڪي ٿي آيون:

”اڄ ته مان توکان ڪريان اڄ الوداع_

جسم جي تاريڪ راھن کان جدا،

مان ازل جي انتھا ۽ تون ابد جي ابتدا،

اي سندم اُميد جا بُراق صد صد مرحبا!

”واھه سائين واھه. ڀلا چڱو حميد! اِنھي ڳالھه تي مٺو ته کاراءِ، ڪير پڇي ئي ڪونه ٿو.“ مان سٽ پائي پليٽ ۾ کيرڻي، ڪسٽرڊ ۽ مائي جا ٽڪرا گڏي کڻي آيس.

”بس ايترو، اِھو به چڱو. ھيءُ ڀاڄيءَ ۽ چانورن جي پليٽ کڻ ۽ وڃي کاءُ عيش ڪر، ڇا ياد ڪندين.“ مون کان کل نڪري وئي. ايتري ۾ ڪنھن پيار مان پٺيءَ تي ھٿ رکيو.

ھيءُ مسٽر گهنشيام گيھاڻي ھو.

”ڪجھه وقت اسان کي ڏيندو.“

ھن وٺي وڃي پنھنجي گهر واريءَ سان ملايو. ھيءَ سدوري صفا اسان جي گهرن جي نياڻين جيان لڳي. منھن مھانڊا وچولي جا پَٽ پِڌرا. مون کيس مٿي تي ھٿ رکيو ته ڪا آسيس آيم. يڪدم چيم: ”اَمڙي! نوشھري، ڪنڊياري يا ٺارو شاھه جي آھين؟“

ھوءَ کلي پئي.

”اَمڙ ڪنڊياري جي پيءُ کاھي ڪنڍا (نوشھري سان لڳ ڳوٺ) جو“.

لھجو اسان جو وچولي وارن جو. گهنشيام گيھاڻي اوک ڊوک شروع ڪئي:

”توھان تعارف مھل پنھنجي متعلق ته ڪجھه ڪونه ٻڌايو. توھان ڪير آھيو، ڪٿان جا آھيو ۽ ڇا ڪندا آھيو؟“. مون کلي کيس ڪجھه ٻڌايو پئي ته ناميارو قومپرست ڊاڪٽر گهنشيام پرڪاش (ھوتو ملاڻي)، جيڪو سنڌ مان ٿورائي سال ٿيا آھن ته ھتي لڏي آيو آھي ۽ ھاڻ ھڪ اخبار ”سنڌين جو سنسار“ ڪڍندو آھي، ۽ ھت به ساڳيو اُن جو چيف ايڊيٽر آھي، ھو سنڌ ۾ به سنڌيت جو پرچار ھڪ ھو ۽ ھِت به مشعل کنيو پيو ھلي، تنھن اچي کيس مون بابت وڌيڪ ٻڌائڻ شروع ڪيو. گهنشيام گيھاڻي وري به مون سان ڪچھري ڪئي. پوءِ ھو ڪو اھڙو ته متاثر ٿيو جو چيائين ته مون وٽ گهر ھلي ڪڏھن روٽي پاڻي کائيندا. اِتي گهنشام پرڪاش، جيڪو ڪلھه کان آرگنائيزرس سان فون تي لڳو پيو ھو ته اسان وارو وفد وٽس به وڃي. ھو ته ڪو پارٽي نما جلسو پيو ڪرائڻ چاھي، تنھن اُڇل ڏني:”ڀائي، پھرين اسين آھيون.“

اِتي ھڪ نوجوان اچي اسان سان گڏيو. ڪانفرنس مھل ھن پنھنجو تعارف اسلم پيرزادي جي نالي سان ڪرايو ھو. ھن ويلي ھُن به چيو، ”مان ته ھِت ڀرسان رھان ٿو، مون وٽ به توھان سڀني کي ھلڻو آھي.“ ھو ڳالھائيندو وڃي ۽ ڊجيٽل ڪئميرا تي جام فوٽا ڪڍندو پيو وڃي. اسلم انجنيئرآھي ۽ پي. ايڇ. ڊي به ڪئي اٿائين. مان پرڀرو نڪري بيٺس. ھڪ انگريز ليڊي ’ھيلو‘ چئي مون سان اَچي ملي. ھوءَ ھتي دھليءَ ۾ فارين مشن جي حوالي سان تعليمي ڪنسلٽنٽ آھي. اڃا پورا حال حوالي به ڪونه ٿيا سون ته اسلم پيرزادو وڌي آيو: ”توھان کي خبر آھي ته عليزا منھنجي گهر واري آھي، پر ھوءَ مڙدن وانگر نوڪري ڪندي آھي. مان زالن وانگر گهر سنڀاليندو آھيان. مان House Husband آھيان.“ اسلم ڪنوينشن جي تعارفي سيشن ۾ به اِھا ساڳي ڳالھه ڪئي ھئي، جنھن تي ٽھڪڙا متاھئا. ھن ويلي به مون وڏو ٽھڪ ڏنو. عليزا سمجھي پئي ۽ کلڻ لڳي. مون کي خبر آھي ته ھي تعليمي ڪنسلٽنٽ ڪيڏا نه ڄاڻو ۽ ھوشيار ٿين ٿا، ڇاڪاڻ جو نوڪريءَ دوران خاص طرح بحيثيت ڊائريڪٽر بيورو، چيئرمن ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، مون کي ڪيترين ئي Donor Agencies جھڙوڪ A.D.B ۽ World Bank وارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ھيءَ ميڊم ھن مھل تائين مليل ڪنسلٽنٽس ۽ ماھرن کان وڌيڪ سلجھيل ۽ سمجھو ھئي. مون جڏھن کيس Donor Agencies جي ھاڃيڪار پھلوءَ کان آگاھه ڪيو ۽ اُسرندڙ ملڪن جو ھن ڄار ۾ ’ڦاسڻ کانپوءِ ڦٿڪڻ ڪھڙو‘ واري ڪار جو ذڪر ڪيو، ته ھُن ڪٿي به مون سان اختلاف نه ڪيو. وڌيڪ مسئلا خاص طرح امداد يا قرضن جي استعمال، غلط ورھاست ۽ گهربل نتيجا حاصل نه ٿيڻ جو سبب اُن ملڪ جي انتظامي لاپرواھيءَ سان سلسلو مون وڃي جوڙيو ته ھُن ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. ھُن جڏھن چيو ته ھن ملڪ ۾ ھاڻ امداد قرضن جو سلسلو گهٽيل آھي، ھيءُ رڳو ماھراڻي راءِ ۽ صلاح جا گهر جائو آھن ۽ مختلف فيلڊس ۾ ھُنن کي رھبري کپي، باقي ھتي ماھرن ۽ ڄاڻو ماڻھن جي کوٽ ڪانھي. تعليم، صحت ۽ سائنسي ڄاڻ ۽ علم تي ھنن جو ڌيان آھي.

مون اوچتو محسوس ڪيو ته چوڌاري ماٺ ٿيندي پئي وڃي. نھاريم ته گهڻا دوست ساٿي اندر وڃي چڪا ھئا. الانا صاحب ڀرسان لنگهيو. ھُن پنھنجي مخصوص انداز ۾ حڪم جاري ڪيو:

انداز ۾ حڪم جاري ڪيو:

”حميد! دير ٿي ٿئي، جلدي اَچ!“

ڊاڪٽر صاحب منھنجو يونيورسٽيءَ ۾ استاد رھيو آھي، پر مون کي لڳندو آھي ته ھو سڄي عمر منھنجو مھربان اُستاد ۽ گائيڊ رھيو آھي. جڏھن به ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين ۾ گڏ ھوندو آھي ته سندس ساٿ مان مون کي آٿت ۽ آسيس ملندي آھي. پرپاڻ چوندو آھي ته حميد جي ھجڻ سان سڀ سک ۽ آنند ماڻيندو جو ھو بندوبست ۽ سڀني جو خيال رکي ڄاڻي. ڇني ۽ اسين باقي بچيل رڙھي پياسين. ھال ۾ داخل ٿياسين ته شاعريءَ وارو سيشن شروع ٿي ويو ھو. ھن سيشن جو صدر دادا ھري ’دلگير‘ ھو. منھنجي نظر مٿس پيئي ته لڳم ته ڄڻ چئي رھيو ھو، ”دير ڪرين ڇاڪاڻ ھليو اچ ھاڻ _ سڄڻ دير نه ڪر، سڄڻ دير نه ڪر“. ھو جنھن انداز سان ويٺو ھو، ته سندس منھن ۾ ڏيئي جي روشنيءَ مثل ڏيا جھلڪيون ڏئي رھي ھئي. سندس آواز ۾ گونج ھئي ته رَسُ ۽ مٺاڻ به ھو. مون کي سندس وائيءَ جا ڪي بند ياد آيا:

لنبي لنبي لاٽ ڪري ... ننڍڙو ديپ ٻري

ديو مورتي، چپ چاپ مندر،

اوندھه پري پري .... ننڍڙو ديپ ٻري

سڌو سڌو جوڳي ويٺو آھي،

من ۾ ڌيان ڌري _ ننڍڙو ديپ ٻري،

امر اٽل آ جوت ڏيئي جي

ڇا طوفان ڪري ... ننڍڙو ديپ ٻري،

لنبي لنبي لاٽ ڪري ... ننڍڙو ديپ ٻري.

دادا ھن ويل پاڻ ئي ديپ ھو، پاڻ ديو مورتي، پاڻ مندر، پاڻ جوڳي، پاڻ ئي اَمر جوت. ھُن جي ڳالھائڻ ۽ شاعريءَ جي ھن گڏجاڻيءَ کي ھلائڻ جو جيڪو ڏانءُ مون دادا ھري دلگير وٽ ڏنو، اُھو سندس ئي مَرڪُ ھو.

دادا ”دلگير“، سدا بھار شاعر آھي ۽ اُنھيءَ جُڳ جو آھي جڏھن ڪشنچند ’بيوس‘، پرسرام ’ضيا‘، وفا، عزيز ۽ ٻين سنڌي شاعريءَ کي جديد لاڙن جي رُخن کان آگاھه ڪيو. اُن وقت ئي جڏھن ھو ھِتي سنڌ ۾ ھئا. خاص طرح غزل جا نوان پيمانا جڙيا ۽ نسل درنسل سلسلو ھلي پيو. ھو چئي رھيو ھو:

”موضوعاتي شاعري ورھين جا ورھيه راڄ ڪندي رھي پر خاص طرح ھند ۾ موضوعاتي شاعري گهٽجي وئي آھي ۽ نئين ٽھيءَ وارن نئين غزل جي نه رڳو ابتدا ڪئي آھي، پر ٻوليءَ جي خوشبو کي به قائم رکيو آھي، جيڪا سنڌ جي شاعرن ۾ ڪجھه سرس نظر اچي ٿي.“ ھُنَ وڌيڪ چيو ”سنڌ ۽ ھند جي شاعرن پنھنجي ٻوليءَ ۽ فڪر کي ورھين جا ورھيه سانڍيندي، ھڪ تسلسل ۽ ڳانڍاپي کي برقرار رکيو آھي، جو اسين اڄ جڏھن سڀئي ھِتي مڙيا آھيون ته ڪوبه فرق يا دوري نه ٿا محسوس ڪريون، تنھنڪري ضروري آھي ته اُن ناتي ۽ ويجھڙائيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪتاب جي مٽا سٽا تي زور ڏيون.“

ھُن ھڪ سٺي تجويز به پيش ڪئي: ”اسان جي ٻنھي ملڪن جي سفارتخانن کي گهرجي ته سنڌي شاعرن ۽ اديبن جي ڪتابن جون گهٽ ۾ گهٽ سَو سَو ڪاپيون خريد ڪري پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪلين ۽ اُتي ناميارن شاعرن ۽ اديبن ۾ ورھايون وڃن. دليئون ته اسين ھڪٻئي کان پري ناھيون، پر ائين ھڪٻئي جي ساٿ جو احساس وڌندو.“

دادا جي لھجي ۽ گفتگو ۾ ايڏي ته رواني ۽ پنھنجائپ ھئي، جو اسان کان ڄڻ ساھه کڻڻ به وسري ويو!

ھاڻ نوجوان نسل جي ھڪ شاعرا ومي سدارنگاڻي کي چيائين ته ھوءَ پنھنجو مقالو پڙھي. وِمي 1971ع جي پيدائش آھي. ڄائي بنگال ۾ آھي ته سندس نقش به تکا، ھلڪو سانورو رنگ ۽ ڳالھائيندڙ اکيون آھن .ايم .اي سنڌيءَ ۾ ، ھاڻي پي .ايڇ. ڊي شايد ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي نظر ھيٺ، سنڌ الاجي آديپور مان ڪري رھي آھي. ھن نينگر جو شاندار مقالو تحقيق ھوندي به تخليقي معيارن سان لکيل ھو. ھُن نه رڳو سنڌي شاعريءَ، پر ٻولي ۽ سڄي سنڌي ادب تي ھڪ جائزي جي صورت ۾ پيش ڪيو. ھُن ھند جي شاعريءَ ۾ ھڪ نئين ڌار، نئين ڪوتا جي شڪل ۾ الڳ فارم جو ذڪر ڪيو.

لڇمڻ پنھنجي تازي مضمون ”سنڌي ادب _ شاعري“(جيڪو منھنجي سامھون ھو) ۾ انھيءَ تسلسل سان گهڻو ڪجھه لکيو آھي، جنھن جو ذڪر ڪنھن ٻئي ھنڌ ڪبو. ھن ويلي ذڪر آھي ومي سدارنگاڻيءَ جو، جنھن لاءِ لڇمڻ ڪومل اُنھي مضمون ۾ لکي ٿو: ”ھند جي شاعره ومي سدارنگاڻي وٽ مشاھدن ۽ تجربن کي گرفت ۾ آڻڻ جو اِنھيءَ ننڍيءَ عمر ۾ ئي ڏانءُ اچي ويو آھي. ھُن جي چئن سٽن جي ڪوتا آھي: ” اسين لڪ ڇپ راند ڪنداسين.“

جڏھن ھٽلر سمھيو پيو ھوندو گانڌي پنھنجو چرخو ھلائڻ ۾ ان وقت پورو ھوندو.

اسين لڪ ڇپ راند ڪنداسين.

ٻي ڪوتا ھيءَ اٿس:

ڪنھن وقت اسين ٻئي اينداسين

منھنجي بارش ۾ تون پُسجانءِ

تنھنجي بارش ۾ پُسي

مان خود برسات ٿي پونديس

ايتري بارش ڪريون گڏجي

جو وري ڪڏھن،

بارش جو انتظار ڪرڻو نه پوي

لڇمڻ، ومي يارشمي راماڻيءَ سان گڏ سنڌ جي ڪيترين شاعرائن جي ذھني واڌ ويجھه ۽ پھچ ۾ ساڳي نواڻ ڏيکاري آھي. ھُن Feminism جو پرچار ڪندڙ شاعرائن جھڙوڪ عطيه دائود، پشپا ولڀ، امر سنڌو، شبنم گل وغيره جو ذڪر ڪيو آھي. شاعريءَ جو سيشن جاري آھي، ڳالھه اُن جي ڪجي ته بھتر.

شاعريءَ جي سيشن ٽي پھلو ڏنل ھئا:

(1)گهاڙيٽا (روايتي) From (Traditional)

(2) موضوع ۽ تجربا Themes and Experiments

(3) لھجو ۽ اظھار Diction and Expression

ومي سدارنگاڻي موضوع ۽ تجربن تي ڳالھايو ھو. ھاڻي وارو ھو ڪرشن راھيءَ جو. جيئن ته لسٽ وڏي آھي. ھند مان ارجن حاسد، ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۽ سنڌ وارن مان شمشير الحيدري، قمرشھباز، ھدايت بلوچ، بشير مورياڻي، عطيه دائود،تنھنڪري جي حياتي آھي ته ھيءَ ڪٿا ھلندي رھندي. دوست مھربان قدردان ڪجھه انتظار ڪن ته بھتر     [ھلندڙ]

ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا

1.      ٿورا اُنھن دوستن جا جن ھن داستان جي پھرين قسط پڙھي ٽيليفونون کڙڪايو، خط لکيا ۽ روبرو اچي ھن وڻج لاءِ پنھنجي وڻاءُ جو اظھار ڪيو، جنھن جڏي جيءَ ۾ ڪجھه نه ڪجھه طاقت آندي آھي.

2.      ٽماھي ’سپون‘ جي ايڊيٽر ٺاڪر چاولا ۽ پارو چاولا جو. جھمون ڇڳاڻي ۽ لڇمڻ ڪومل جو، جن جي ڇپيل مضمونن منھنجي رھبري ڪئي ۽ ’ڪرشماتي سفر‘ ھلندو ھليو.

3.      عزيزم حميد ڀُٽي جا ٿورا، اِنھيءَ يقين سان ته سندس ڇپيل مضمون مان يادگيريون تازيون ضرور ٿيون، باقي نه سندس پنا چورائي يا مضمون مان سندس لکڻي جو نقل ڪيو ويو آھي. ھيءُ داستان ’اصل تي وڏا‘ باتصوير ۽ باتدبير قصو مون پنھنجي انداز سان لکيو آھي.

4.      ٿورا ھمسفر امداد حسيني، عزيزم انعام شيخ ۽ عزيزم نفيس احمد ناشاد جا، جن مون کان ھيءُ داستان لکرايو آھي، جيڪو يقيناً ڪرشمي کان گهٽ نه آھي.

_ حميد سنڌي

 

 

”.... حيدرآباد ۾ چار سال جج ٿي رھيس. ڏاڍو ھيٺ مٿاھين ۽ افراتفري وارو دور ھو. ھندستان سان لڙائي ون يونٽ، تاشقند ٺاھه، نواب ڪالاباغ، جسٽس ڪياني، ايوب ۽ ڀٽي جو ڌار ٿيڻ، ڀٽي صاحب جي صحيح معنيٰ ۾ عوامي تحريڪ. سندس جيل وڃڻ، اياز جا وارنٽ ۽ منھنجي گهر پناھه وٺڻ _ اڻکٽ واقعا ٿيا. مير برادران جو ايوب خان خلاف ڀنڀٽ ٻارڻ، سائين جي. ايم. سيد جي بزم صوفياي سنڌي تحريڪ ۽ حيدر بخش جتوئي جو”جيئي سنڌ“ جو نعرو _ اھي چار سال منھنجا ڏاڍا مصروف ۽ عزت سان گذريا. مان سرڪاري نوڪر ھوندي به ھر تحريڪ ۾ ظاھر يا پاڇولي جيان حاضر ۽ متحرڪ رھيس.حيدر بخش جتوئي، مير ٿيٻو، مسعود نوراني، ڄام ساقي، سنڌي توڙي مهاجر ليڊر پيا مون سان ملڻ ايندا هئا. مان هر ترقي پسند تحريڪ ۾ هئس. ٻوليءَ لاءِ بک هڙتال پنهنجي ڀاڻيجي سلطانه وقاصي کي به مون ويهاريو جو سندس والد گرم ٿي  ويو. ٽنڊي آدم مان راتورات اچي ڌيءَ کي بک هڙتال تان اُٿاري ويو....“

 

_جمال ابڙو

[”ايندو نه وري هي وڻجارو“، ص 160_161]

 

ڊاڪٽر غلام علي الانا

اوسار

جمال ابڙي جي ياد ۾

 

جمال ابڙو _ حقيقت نگاريءَ جو ھڪ مثالي ليکڪ

 

سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ڪافي پراڻي آھي. سنڌي ادب ۾ ڪھاڻيءَ جي شروعاتي ننڍي کنڊ ۽ دنيا جي مشھور ڪھاڻيءَ نويسن جھڙوڪ: ٽئگور، ٽالسٽاءِ، گورڪي، چيخوف، پشڪن، موپاسان ۽ ڪرشن چندر وغيره جي ڪھاڻين جي ترجمن سان ٿي. اھي ترجمو ٿيل ڪھاڻيون اُن دور جي سنڌي رسالن _ ڀارت جيون، آشا ۽ ٻين ۾ ڇپبيون ھيون. اوائلي ڪھاڻين جي ترجمي ڪرڻ ۾ جن جن ڪھاڻي نويسن حصو ورتو، اُنھن ۾ گوبند مالھي، ميلارام منگتراءِ واسواڻي، جڳت آڏواڻي، سڳن آھو جا، ديو سڀاڻي، سرائي اُميد علي ۽ دلدار حسين موسويءَ جا نالا اھم نالا آھن.

ھن دور جو مشھور رسالو ھو ماھوار ’سنڌو‘، جيڪو 1932ع ۾ بولچند وسومل راجپال پھرين شڪارپور مان پوءِ جيڪب آباد مان شايع ڪندو ھو. ھي رسالو ملڪ جي ورھاڱي تائين جاري رھيو. ھن رسالي ۾ ترجمو ٿيل ۽ پوءِ طبعزاد ڪھاڻيون به شايع ٿيڻ لڳيون. ’سنڌو‘ رسالي ۾ جن جن ڪھاڻي نويسن جون ڪھاڻيون ڇپ يون، اُنھن ۾ مرزا نادر بيگ، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي، عثمان علي انصاري، آسانند مامتوار، گوبند مالھي، امر لعل ھڱوراڻي، ڀڳوان لالواڻي، سائينداد سولنگي ، شيخ اياز ۽ لطف الله بدوي خاص ليکڪ ھئا. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ اوائليءَ طبعزاد ڪھاڻي نويسن جي نالن جي فھرست پڻ ڏني آھي.

جمال ابڙي صاحب جي افسانه نويسيءَ جي فن ۽ خصوصيت تي ڪجھه لکڻ کان اڳ، ڀارت جي مشھور سنڌي نقاد،پروفيسر جڳديش لڇاڻيءَ پنھنجي تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب: ”سنڌي ڪھاڻيءَ جي اوسر“ ۾ ڪھاڻيءَ جي فني ۽ فڪري اھميت جي باري ۾، صفحي 16 تي فرمايو آھي ته:

”ڪھاڻي ھڪ ساھت _ روپ آھي ۽ ساھت آھي ڀاشا ذريعي جيون ۽ جڳت جو اظھار. ھي ساھت _ روپ جيون جي چترڻ ۽ وشيشڻ ۾ ڪارگر ھئڻ سبب، اڄ وشو ادب ۾ سڀ کان لوڪ پريه ساھت _ صنف جي روپ ۾، مقبوليت حاصل ڪري چڪي آھي. انساني من جي گهرائيءَ کان وٺي، ھن وسيع وشو جا سمورا ڪارناما، ڪھاڻيءَ جي دائري اندر اچي سگهن ٿا.

ڪھاڻيءَ ۾ حقيقي زندگيءَ تي وڌيڪ زور ڏنو ويندو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ بيان ڪيل زندگي، اسان جي حقيقي زندگيءَ تي آڌار رکندي به مکيه طور، اُن زندگيءَ کان الڳ ۽ خاص ڪري محدود ۽ گهري ھوندي آھي.

پروفيسر لڇاڻي اڳتي صفحي 18 تي لکي ٿو ته:

”ڪھاڻي پاٺڪن کي سڀ کان وڻندڙ ھڪ ساھتڪ صنف آھي. سماج جا سڀيئي طبقا، ھن ساھت _ روپ مان لطف ماڻين ٿا. امير، غريب، ٻار ۽ ٻڍڙا، خاص ۽ عام، سڀني لاءِ، اُن ۾ دلچسپيءَ جو سامان موجود ھوندو آھي.“

پروفيسر لڇاڻي ۽ ٻيا سڀ نقاد ھن راءِ جا آھن ته ڪھاڻيءَ ۾ ڪونه ڪو مقصد ھئڻ ضروري آھي. بنا مقصد جي ھرڪھاڻي بيڪار ھوندي آھي.

2_ ماھرن جو خيال آھي ته ڪھاڻيءَ جو شروعاتي مقصد ھو وندر، ورونھن، اُپديش ۽ سماج سڌار. دنيا جي سڀني ٻولين جي شروعاتي ڪھاڻين ۾ وندر يا پڙھندڙن جي دلين کي وندرائڻ ئي مقصد رھيو آھي، پر آھستي آھستي ڪھاڻيءَ جو مقصد، زندگيءَ جي مسئلن جي باري ۾ لکڻ طرف راغب ٿيو، انڪري زندگيءَ جي سچاين ۽ ڳجھارتن جو اظھارئي ڪھاڻيءَ جو مقصد رھيو، پر ھاڻي ڪھاڻيءَ جو مقصد وندر ۽ ورونھن نه آھي. اڄ جي جديد ڪھاڻيءَ جو مقصد انساني زندگيءَ جي مسئلن تي روشني وجھڻ ئي آھي.

3_ جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي شروعات جي باري ۾ شري لعل پشپ، گوبند مالھي، پروفيسر جڳديش لڇاڻي ۽ ڊاڪٽر منوھر مٽلاڻي توڙي ٻين نقادن پنھنجا رايا ڏنا آھن. گوبند مالھيءَ جي راءِ جو حوالو ڏيندي ڊاڪٽر منوھر مٽلاڻي لکي ٿو ته:

”سنڌي ادب ۾ جديد ڪھاڻيءَ جي شروعات 1936ع ۾ مارڪسواد جي اثر ھيٺ، ترقي پسند ليکڪن جي آغا کان اڳ ئي، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ، سنڌي ڪھاڻيءَ کي ترقي پسند واري  نظريي طرف موڙي ڇڏيو ھو. مرزا نادربيگ، آسانند مامتورا ۽ امر لعل ھڱوراڻي به، اڻسڌيءَ طرح، ڄيٺمل پرسرام جي ترقي پسند نظريي واري اثر کان آجا نه رھيا. اھا ساڳي ويچار ڌار گوبند مالھيءَ جي رچنائن ۾ نظراچي ٿي. ’اڳتي قدم‘، ’رک چپٽي‘ ۽ ’ناني سگهڙ سياڻي‘ ڪھاڻيون اھڙيءَ راءِ لاءِ حامي ڀرين ٿيون ترقي پسنديده سنڌي ادب لاءِ عموماً ۽ سنڌي ڪھاڻي لاءِ خصوصاً نئون دور ھو.“

4_ترقي پسند دور ۾ سنڌي ڪھاڻيءَ گهڻي ترقي ڪئي. ھي دور ھڪ لحاظ کان سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ کان سواءِ آزاديءَ لاءِ ھلچل جو دور ھو. ھن دور ۾ ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي بين الاقوامي تحريڪن وارو دور ھو، جنھن ۾ سنڌي سماج، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب تي وڏو اثر ٿيو.

انھن بين الاقوامي تحريڪن جي اثر جي ڪري، سنڌي ڪھاڻي ۽ ٻين صنفن جا موضوع سياسي ۽ سماجي لاڙن کان پاڻ کي بچائي نه سگهيا. انگريزن جي خلاف نفرت، ھندو _ مسلم اتحاد، زميندارن، جاگيردارن، وڏيرن ۽ ڪامورن جي ظلم جا احوال، ھن دور جي سنڌي ادب جا موضوع بڻيا. ھن دور ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون، ناول ۽ ڊراما لکيا ويا ۽ شاعرن شاعري به ڪئي. سماجي، سياسي ۽ اخلاقي موضوعن واري شاعري به ھن دور ۾ ڪئي وئي.

سنڌي ڪھاڻيءَ ۾، ھن دور ۾ جن جن ڪھاڻي نويسن خاص طور بھرو ورتو، اُنھن ۾ گوبند مالھي، گوبند پنجابي، شيخ اياز شيخ ’راز‘، ڪيرت ٻاٻاڻي، آنند گولاڻي، اُتم جيوت نرياڻي ۽ اياز قادريءَ جا نالا ذڪر ڪرڻ جي لائق آھن.

1947ع ۾ ملڪ جو ورھاڱو ٿيو ورھاڱي کان پوءِ شروع وارن سالن ۾ سنڌي ادب ۾ ماٺار اچي ويو. ھندو اديب، شاعر ۽ اشاعتي ادارن جا مالڪ سنڌي ڇڏي ڀارت ھليا ويا. انھيءَ ڪري ڪجھه عرصي لاءِ سنڌي ادب جي تحريڪ ۾ جمود اچي ويو. پوءِ جيئن جيئن ملڪ جون حالتون بھتر ٿينديون ويون، تيئن تيئن ادبي ۽ ڪتابي سلسلا شروع ٿي ويا. سنڌ ۾ ’اڳتي قدم‘، ’پرھه ڦٽي‘، ’ٽماھي مھراڻ‘، ’نيئن زندگي‘، ۽ اڳتي ھلي ’مارئي‘، ’روح رھاڻ‘، ’سھڻي‘، ۽ ’سوجھرو‘جھڙا رسالا شايع ٿيا. انھن رسالن ’ڪھاڻيءَ‘ جي صنف جي واڌاري ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.

وڏي ڳالھه ھيءَ به آھي ته ھن دور ۾ ڪھاڻين جا جيڪا مجموعا شايع ٿيا، اُنھن ۾ ’ڊاڪ بنگلو‘، ’پنھل کان پوءِ‘، ’گل ۽ مکڙيون‘ مشھور مجموعا آھن. ھن دور ۾ محترم حيدر بخش جتوئيءَ پڻ ڪي ڪھاڻيون لکيون، جن ۾ زميندارن جي ظلم جي خلاف ھارين کي سجاڳ ڪرڻ جھڙيون خوبيون ھيون.

ھن دور ۾ اڳتي ھلي ٻيا به ڪيترائي رسالا شايع ٿيا، جن ۾ ’اسان جي منزل‘، ’فردوس‘ ۽ ’رھنما‘ مشھور رسالا ھئا، پر حقيقي معنيٰ ۾ ڪھاڻيءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ’نئين زندگي‘، ’ٽماھي مھراڻ‘، ’روح رھاڻ‘ ۽ ’سھڻي‘ قابل ذڪر رسالا آھن.

5_ 1950ع کان 1970ع واري عرصي ۾ سنڌي ڪھاڻيڪارن، ڪھاڻيءَ جي صنف سان سنڌي ادب کي مالامال ڪري ڇڏيو. اُن زماني ۾ سنڌي ڪھاڻيءَ جيڪا ترقي ڪئي، تنھن جو مثال ملڻ مشڪل آھي. اسان جو محترم جمال ابڙو ھن دور جي پيداوار آھي.

جمال ابڙو جون ڪھاڻيون وندر۽ ورونھن واري مقصد کان گهڻو اڳتي، عام سنڌي ماڻھن ۽ سنڌي سماج جي ڌار ڌار مسئلن جي بيان سان ڀريل آھن.

جمال ابڙو پاڻ کي ترقي پسند ويچار ڌارا کان بچائي نه سگهيو. ھن جي ڪھاڻين ۾ ھارين نارين ، مزدورن ۽ عام ماڻھن جي مسئلن جو ذڪر ڪيل آھي.

جمال ابڙو جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جو علمبردار آھي. جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو اٿم ته جديد سنڌي ڪھاڻي به جيئن ته ترقي پسند دور جي پيداوار آھي ۽ ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند ويچارن ڌارا جي شروعات 1936ع ڌاري ٿي ھئي، انھيءَ ڪري ترقي پسند ويچارن ڌارا کان متاثر ٿيڻ ڪري، جمال ابڙي جي ڪھاڻين ۾ سنڌي عوام جي جيوت جي عڪاسي نظر اچي ٿي.

جمال ابڙي کان سواءِ ھن دور جي ٻين ڪھاڻي نويسن ۾ اياز قادري، حفيظ شيخ، غلام رباني، عبدالغفور انصاري، علي احمد بروھي، ابن حيات پھنور، ڪروڙپتي، بيگم زينت عبدالله چنا، نسيم کرل، سراج الحق، بشير مورياڻي، ثميره زرين، ع .ق. شيخ، شيخ عبدالستار، حافظ شاھه حسيني، راز بلڙائي، آغا سليم، امر جليل، حميد سنڌي، شمس صديقي، خواجه سليم ۽ جمال رند جا نالا اھم آھن.

6_ ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ به سنڌي اديب خاموش نه رھيا. اُتي به اُنھن ناول، ڪھاڻيون ۽ ناٽڪ لکيا ۽ شعر وشاعري ڪئي. ڀارت ۾ افسانه نويسيءَ ۾ جن ليکڪن ڀرپور حصو ورتو، اُنھن ۾ گوبند مالھي، گوبند پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اُتم، سندري اُتمچنداڻي، موھن ڪلپنا، ايشور چندر، گوورڌن محبوباڻي ۽ ٻين ڪيترن جا نالا پيش ڪري سگهجن ٿا.

7_ ورھاڱي کان پوءِ، سنڌ ۾ جمال ابڙي کي ڪھاڻي نويسيءَ ۾ اھم مقام حاصل رھيو. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ’پشو پاشا‘ جي عنوان سان شايع ٿيو، جنھن کي وڏي شھرت ملي. جمال کي موجوده دور جي ڪھاڻي نويسن ۾ ’نمائنده ڪھاڻي نويس‘ جي حيثيت حاصل رھي. سندس ڪھاڻيون فن، فڪر ۽ موضوع جي لحاظ کان منفرد حيثيت رکن ٿيون.

جمال جو اُسلوب بيان ۽ ننڍن ننڍن جملن واري عبارت، سليس ۽ عام فھم ٻولي، تشبيھن، استعارن ۽ ٻين خوبين سان ڀريل آھي. جيتوڻيڪ ھن ٿورا افسانا لکيا، پر ھن جو لکيل ھر افسانو پنھنجيءَ جاءِ تي مجموعي حيثيت رکي ٿي.

1950ع واري زماني کان وٺي 1970ع ۾ ون يونٽ جي ٽٽڻ واري زماني تائين سنڌ ۾ جيڪي ڪجھه وھيو ۽ وپرايو، تنھن جو ذڪر ڪرڻ لاءِ ھن مقالي کي گهڻو طويل ڪرڻو پوندو. مون کي فقط عرض ھيءَ ڪرڻو آھي ته محترم جمال ابڙي ھڪ حساس ۽ سنڌ دوست شخص جي حيثيت ۾، سنڌ ۾ ٿيل ظلمن ۽ سنڌ جي عام ماڻھن سان ٿيندڙ واقعن کان ڪافي متاثر ٿيو.

8_ مون کي ھن دعوا ڪرڻ ۾ ڪابه ھٻڪ محسوس نٿي ٿئي ته سنڌي ادب جي ڪھاڻيءَ واريءَ صنف ۾، جمال ابڙي کي جيڪو مقام حاصل ٿيو، سو سندس ھمعصر ڪھاڻي نويسن مان ٻئي ڪنھن کي به حاصل ٿي نه سگهيو، جيتوڻيڪ ترت پوءِ سٺا ۽ قدآور ڪھاڻي نويس پيدا ٿيا. جمال جي اھڙيءَ ڪاميابيءَ جو راز، سندس ٻولي، لفظن جو انتخاب، سندس ڪھاڻين جا موضوع، سندس ڪھاڻين ۾ ڪم آندل ڪردار، سندس انداز بيان، سندس ڪردار نگاري، حقيقت نگاري، ماحول جي عڪاسي ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس ڪم آندل ٻوليءَ جي حسناڪي آھي. جمال سنڌي ڪھاڻيءَ کي نئون رنگ ۽ نئون روپ ڏيئي، اُن کي نئين انداز سان پيش ڪيو. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ’پشو پاشا‘ سنڌي سماج جي عڪاسيءَ جي لحاظ کان، سنڌي ادب جو ھڪ بھترين شاھڪار آھي.

9_ جمال پنھنجين ڪھاڻين ۾ سندس چوڌاري واري ماحول ۾ رھندڙ ڏتڙيل، سادن سودن ۽ سٻاجھن ڪردارن ذريعي، حقيقت نگاريءَ ۽ سچن واقعن جا نقش چٽيا آھن. ھن پنھنجي چوڌاري واري ماحول جو تمام گهرائيءَ سان مشاھدو ڪيو، ۽ ھن جيڪي ڪجھه محسوس ڪيو، تنھن کي سليس ۽ عام فھم ٻوليءَ ۾ پڙھندڙن جي اڳيان پيش ڪيو. ھن پنھنجين ڪھاڻين ۾ سماج جي ٺيڪيدارن ۽ سماج جي ٻنڌڻن خلاف آواز اُٿاريو.

10_ جمال صاحب، ڪردار نگاريءَ واريءَ خوبيءَ کي ڪماليت سان نباھيو آھي. سندس ڪھاڻين جا ڪردار ڪي ٻاھريان يا سنڌي سماج کان اوپرا نه آھن، پر ھن پنھنجا ڪردار، پنھنجي سماج مان ئي کنيا آھن. سندس ڪردار اسان جا ڏٺل وائٺل، ڄاتل سڃاتل ڪردار آھن. جمال جي ڪھاڻين ۾ بيان ڪيل واقعا ۽ وارداتون به اڻٽر ۽ اوپريون نه ٿيون لڳن. انھيءَ لحاظ کان جمال حقيقت نگاري يعني realism واري نظريي جو ليکڪ رھيو آھي. ’بدمعاش‘، ’شاھه جو ڦر‘ ۽ ’خميسي جو ڪوٽ‘ سندس بھترين ۽ سنڌي ادب جون نمائنده ڪھاڻيون آھن.

11_ سنڌي ٻوليءَ جي برک ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار، محترمـه ماھتاب محبوب ، حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين جي مجموعي ’دردونديءَ جو ديس‘ ۾ صفحي 36 تي حميد جي باري ۾ جيڪو رايو ڏنو آھي، محترمـﮣ جو اُھو رايو جمال جي شخصيت سان به بلڪل ٺھڪي ٿو اچي. لکيو اٿس:

”ھڪ سچو ليکڪ پنھنجي تحريرن سان رڳو تڏھن ئي انصاف ڪري سگهي ٿو، جڏھن ھو پاڻ به انھن سان سچو ھجي .... ھن جي من ۽ ذھن مان لکڻ جا چشما آبشارن جيان ڦٽي نڪرندا ھجن ... ۽ تڏھن ئي ھن جون اھي جاندار لکڻيون، دل جي دروازي تي دستڪ ڏيڻ کان سواءِ من ۾ پيھي وينديون آھن.“

جمال ابڙي به ھميشـه پنھنجي سچائيءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان لکيو آھي. ھن سچ جي عڪاسيءَ لاءِ لکيو آھي ۽ زندگيءَ جي مختلف مسئلن تي حقيقت نگاريءَ واريءَ خوبيءَ سان آخري گهڙيءَ تائين لکندو رھيو.

12_ جمال ابڙي جھڙا ليکڪ ’امر‘ ھوندا آھن. اھڙا ماڻھو ’سدا حيات‘ رھندا آھن. سنڌي ڪھاڻيءَ ۽ سنڌي ادب جي تاريخ لکندڙ، محترم جمال ابڙي جي ڪيل علمي، سماجي ۽ ادبي خدمتن کي ھميشـه نمايان جڳھه ڏيندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com