سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004-3ع

 

صفحو :2

تحقيق

 

”... سموري نئين سنڌي شاعري اياز جو پڙاڏو ناھي، بنھه اھڙيءَ ريت جيئن اياز پڻ ’بيوس‘ جو پڙاڏو ڪونھي.برابر اياز اڄوڪيءَ سنڌ جو وڏو شاعر آھي؛ سچ پچ ھن نئين پيڙھيءَ کي نوان ادبي رستا ۽ نوان ڏس پنڌ ڏنا آھن. سنڌي ادب جي بيٺل تلاءُ ۾ ڪيئي پٿر اڇلي ڇوليون ۽ چرپر پيدا ڪرڻ ۾ گهڻو ھٿ ونڊايو ۽ پورھيو ڪيو آھي؛ گهڻا نوان نوان لفظ، ترڪبيون، خيال، لاڙا ۽ گهاڙيٽا سنڌي ادبي ۾ آندا اٿائين_ اھو ھن جو ٻوليءَ تي احسان آھي. مان سندس خدمتن کي ۽ عظمت کي جھڪي سلام ڪريان ٿو، مگر سنڌڙيءَ جا ٻيا به ڪيترائي ڪوي آھن جن وٽ پنھنجي انوکي سوچ، پنھنجو پورھيو ۽ پنھنجي گهڙت ۽ اسٽائل آھي ۽ اھي اياز جي ڪاري ڪاپي ھرگز نه آھن. اُنھن کي پنھنجو پنھنجو وجود آھي. اُھي خود سڏ آھن، رڳو پڙاڏا نه آھن. جن شاعرن کي پنھنجي اسٽائل ۽ پنھنجو جدارو وجود آھي. انھن مان رشيد صاحب فقط تنوير، شمشير، نياز ۽ بردي جا نانوَ ڳڻايا آھن، حالانڪ ٻيا به ڪيترائي جوڌا ورھين جا ورھيه قلم ڪمائي ۽ ننڊون ڦٽائي پنھنجو پاڻ ملھائي ۽ مڃائي چڪا آھن. رشيد صاحب جو ڏنڊو ٺوڪ رمارڪ، اتاڇرو ۽ اٻھرو فيصلو، انھن سڀني جوانن جي پورھئي کي پاڻيءَ ۾ اڇلڻ برابر آھن. جيڪڏھن اُنھن ذھني پورھيتن کي ٽيڪارڪارن، اخبارن ۽ رسالن وارن جو مناسب سھڪار ملي نه سگهيو آھي، انھيءَ ۾ ھنن مظلومن جو نه پر جٿا بندي ۽ دوست نوازي ڪرڻ وارن جو ڏوھه آھي. پير کي خليفا کڻندا آھن. کتيجان مان کُٿور خاتون بڻائي ويندي آھي پر بڻيل بڻايل ماءُ جي پيٽان ڪانه ڄمندي آھي. اميج بڻايا ويندا آھن، پاڻئون ڄاڻئون بڻجي وڃڻ وارا زمانا گذري چڪا. پير کي خليفا کڻندا آھن پر جيڪڏھن ڪنھن کي خليفا نه ملي سگهيا ھجن ته ملامت ماحول ۽ حالات کي ڪرڻي آھي، نه ڪي اُنھيءَ غريب کي جنھن محبت ڪئي پرواھه واھه ڪرڻ ۽ جس ڏيڻ وارانه مليس. انھيءَ تي اڻسڌي طرح شابس بجاءِ لعنت ته نه وجھڻ گهرجي! ڪامريڊ رشيد ڀٽي صاحب! ھيءَ به ته ذھني ۽ فني پرماري (Exploitation ) آھي، جيڪا ڪم از ڪم سوشلسٽ ۽ ترقي پسند ليکڪن کي ته نه ڪرڻ گهرجي. ڇا امدادحسيني، استاد بخاري ۽ (ڪيترن مانجھي مڙسن جا نالا ڳڻايان؟) ٻين کي پنھنجو وجود ڪونھي! ۽ اُنھن به اڃا سوڌو پنھنجي جداري، نجي ۽ نرالي اسٽائل ڪانه بڻائي ۽ مڃائي آھي؟ ڪيترن ئي ويچارن نور نچويو ۽ قلم ڪمايو آھي مگر جي ڪو اُنھن کي شابس ڏيڻ وارو! ٽن چئن ڀائرن کي جدا رکي باقي سموري جديد سنڌي شاعري کي اياز جي نيگيٽو ڪاپي سڏي منھن پاسيرو ڪرڻ، سڄي جديد سنڌي شاعري تي ڪارنھن رکڻي آھي _ اھا ته سرمائيدارانه، آمرانه ۽ بور جواذھنيت آھي، جيڪا ڪم از ڪم ترقي پسندن ۽ ڪامريڊن کي رکڻ نه جڳائي. ھتي ڀاءُ رشيد ڀٽي يا ٻين ڀائرن کي  ائين ھرگز نه سمجھڻ گهرجي ته ڪو مان ’اياز‘ جي عظمت کي وڃائڻ يا گهٽائڻ گهران ٿو يا ترقي پسندن جي ابتڙ لاڙا رکان ٿو. عرض فقط ايترو آھي، ته اياز بيشڪ نئين سنڌي شاعريءَ ۾ نئين موڙ، نئين سوچ ۽ نون لاڙن جو اڳواڻ آھي. ھن پراڻن بوتن ۾ نئون روح ڀريو ۽ نوان قالب يا گهاڙيٽا ٻين ٻولين کان ورتا يا اُنھن ۾ ڦيرڦار ڪئي يا گهڙيا آھن، پر قافلي ۾ جيڪي ٻيا ساٿي ساڻ آھن اُنھن جي ساٿ کي به مڃڻ گهرجي. اُنھن جو به پنھنجو وجود آھي. اُھي قافلي سالارن جا ساٿي آھن، پر اُنھن جا رڳو پاڇولا ھرگز نه آھن. محنتي ۽ ملوڪ ساٿياري آھن. اُنھن جو ساٿ سڀاڳو، سوڀارو ۽ ساراھڻ جوڳو آھي.باقي انھيءَ ۾ ته سچ پچ اياز جي ڪا سچي عظمت يا ساراھه ھرگز نه آھي ته ھيڏي ساري ميڙاڪي يا ڊنب ۾ رڳو ھڪڙو اڳيان ھلڻ وارو مڙس مانجھي، باقي سڀ پويان ايندڙ بي ھمت آھن! گهڻن کي ريٽي ھڪ کي ’ھر روز‘ اُڀارڻ ته منھنجي ليکي بورجوا سوچ جي نشاني آھي. رشيد ڀٽي پنھنجي ذھني اوسر ۾ جن شخصيتن ۽ تحريڪن جو اثر قبول ڪيو آھي، قدرتاً منھنجي ذھني بڻاوت ۾ پڻ ساڳين تحريڪن ۽ ڪاريگرن جو ھٿ آھي: مثلاً ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي منھنجو به ليڊر رھيو آھي. ھاري ڪاميٽيءَ لاءِ مون به پُڄت سارو پاڻ پتوڙيو ھو. سوڀو گيانچنداڻي منھنجو به مھربان آھي. اياز جي فن جو آءٌ به عاشق آھيان، مگر کيس سموري جديد سنڌي شاعري ۾ ’وحده لا شريڪ لـﮣ‘ نٿو ڀانيان...“                _ ذوالفقار راشدي

”ڪسوٽي“، ص 37 _ 75 ، ”سڳنڌ ڪتاب گهر“ لاڙڪاڻو، 1986.

 

 

 

ناسف علي شيراز                                قسط: 2

 

سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليو گرافي

 

(الف) ھڪ ٻوليءَ جون لغتون:

(1) سنڌي قلمي لغتون

ê1_لغت/مـؤلف: سھج ڪوش (قلمي)/ ماستر سھجرام ٽھلرام (1864_ 1934)

ڪيفيت:  سنڌي لغت لکڻ جي ھيءَ پھرين ڪوشش ھئي. سھجرام ھيءَ لغت 1904ع کان پھرين مرتب ڪئي. پرما نند ميوارام 1904 ع ۾ جڏھن لغت لکڻ جو ڪم شروع ڪيو ته کيس مصنف وٽان ھن لغت جو نسخو ڏسڻ لاءِ مليو.

ê2_لغت/مـؤلف: سنڌي لغت (قلمي)/ مولوي علي محمد مھيري

ڪيفيت: ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي چوڻ موجب ھن لغت جا سمورا اکر جامع سنڌي لغت ۾ ڏنل آھن.مولوي صاحب ھي لغت 1920ع کان پوءِ لکي. ھن جو مسودو ڊڪشنري آفيس ۾ موجود آھي.

ê3_لغت/مـؤلف: سنڌي لغت جو مسودو (قلمي)/ سنڌي عالمن جي ڪميٽي (1940_1947)

ڪيفيت: سنڌي ساھتيه لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ [اڳواڻو سنڌي ادبي بورڊ] ھيءَ لغت تيار ڪرڻ لاءِ عالمن جي ڪميٽي قائم ڪئي، پر ڪن سببن جي ڪري اھا لغت اڻپوري رھجي ويئي ۽ صرف پھريان چار حرف (ا ب ٻ ڀ) مڪمل ٿي سگهيا. ھن لغت جا سڀ اکر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل جامع سنڌي لغت ۾ شامل آھن.

ê4_ لغت/مؤلف: سنڌي لغت (قلمي)/ لالا ھاسانند

ڪيفيت: ھيءَ لغت 1947ع کان پھرين جي لکيل آھي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي چوڻ موجب ھن لغت جا سمورا اکر جامع سنڌي سغت ۾ ڏنل آھن.

ê5_ لغت/مؤلف: سنڌي لغت (قلمي)/ غلام محمد ”ساقي“ سجاولي (1914_ 1960ع)

ڪيفيت: ھيءَ لغت 1960ع کان پھرين جي لکيل آھي. مصنف اُن ۾ تقريباً اوڻيھه ھزار لفظ ۽ اُنھن جون معنائون سيھڙيون آھن.

ê6_ لغت/مؤلف: مجمع زبانن جو راڳ، ڪچڪول گدائن جو ساڳ (قلمي)/ خليفه مير محمد، ايم گل محمد

ڪيفيت: سنڌي زبان جي لغت (1940).

ê7_ لغت/مؤلف: سنڌي لغت (قلمي)/ محمد بخش واصف (1892_1952ع)

ڪيفيت: ھيءَ لغت 1848ع کان پھرين جي لکيل آھي. مصنف جي اوچتي وفات جي ڪري مڪمل ٿي نه سگهي. پھرين چئن حرفن (ا ب ٻ ڀ) تي مشتمل آھي.

ê8_ لغت/مؤلف: ساھتي جي لغت (قلمي)/ ڊاڪٽر غلام قادر سومرو

ڪيفيت: ھن ۾ سنڌ جي تاريخي پرڳڻي ”ساھتي“ ۾ ڪم ايندڙ لفظن، اصطلاحن، پھاڪن ۽ چوڻين کي مثالن ذريعي سمجھايو ويو آھي.

(2) سنڌي _ سنڌي ڇپيل لغتون

ê9_ لغت/مؤلف: اکر ڌاتو/ جارج شرٽ (1843_ 1887ع)

ڇاپو پھريون. حيدرآباد، سنڌ: (1866ع، ص 44.

ڇاپو ٻيو. حيدرآباد سنڌ: قيصريه پريس (1893ع)، ص؟

ڪيفيت: ھن لغت ۾ سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل سنڌي اکرن جا ڌاتو ۽ اُنھن جون معنائون ڏنل آھن.

ê10_ لغت/مؤلف: وئتپتي ڪوش/ جهمٽمل نارومل وسڻائي

ڇاپو پهريون: ڪراچي سنڌ: ڪمشنر پريس (1886ع)، ص 138

ڇاپو ٻيو: ڪراچي سنڌ: مرهٽا پريس (1904ع)

ڇاپو ٽيون: حيدرآباد سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ (1964ع)، ص 71.

ڪيفيت: هن لغت ۾ سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل سنڌي اکرن جا ڌاتو ۽ اُنهن جون معنائون ڏنل آهن.

ê11_ لغت/مؤلف: غريب اللغات(ڀاڱو پھريون)/ ڀيرومل مھر چند آڏواڻي (1875_1950)

ڇاپو پھريون. حيدرآباد سنڌ: قيصريه پريس (1908ع)،ص 60

ڪيفيت: ھي4 لغت شاھه جي رسالي جي پھرين ٽن سُرن جي ڏکين لفظن جا معنائن تي مشتمل آھي.

ê12_ لغت/مؤلف: لغات لطيفي/ مرزا قليچ بيگ (1853_1929ع)

ڇاپو پھريون. شڪارپور سنڌ. منشي پوڪرداس، وڪٽوريه پريس سکر (1914ع)، ص 385

ڇاپو ٻيو. حيدرآباد سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ (1967ع)، ص 382

ڇاپو ٽيون. حيدرآباد سنڌ: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو (1994ع)، ص 386

ڪيفيت: ھن لغت ۾ شاھه جي رسالي ۾ آيل ڏکين لفظن جون معنائون سُرن جي ترتيب مطابق ڏنل آھن.

ê13_ لغت/مؤلف: سنڌي لغات قديمي/ مرزا قليچ بيگ

ڇاپو پھريون. حيدرآباد سنڌ: نيشنل ڀرڳڙي پريس (1924ع)

ڪيفيت: ھن ۾ سنڌ جي ڏھن ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام ۾ آيل ڏکين لفظن جون معنائون ڏنل آھن.

ê14_ لغت/مؤلف: تحقيق لغات سنڌي/ عبدالڪريم سنديلو(1923_ 1990ع)

ڇاپو پھريون. لاڙڪاڻو سنڌ: مصنف، فردوس پرنٽنگ پريس حيدرآباد (1955ع)، ص 382

ڇاپو ٻيو. لاڙڪاڻو سنڌ: مصنف، تاج محل پريس (1957ع)، ص 476

ڇاپو؟. لاڙڪاڻو سنڌ: شاھه محمد عباسي (1963ع) 240، 38، 11ص

ڇاپو؟. حيدرآباد سنڌ: عبدالڪريم سنديلو(1964ع) 2760 صفحا

ڪيفيت : ھن لغت ۾ سنڌي لفظن جا ڌاتو ۽ اُنھن جون معنائون ڏنل آھن.

ê15_ لغت/مؤلف: جامع سنڌي لغت: (جلد 1)/ مرتبـﮣ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڇاپو پھريون. ڪراچي سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ (1960ع)، ص 536

ڪيفيت: ڊاڪٽر بلوچ صاحب مھاڳ ۾ ڄاڻايو آھي ته شروعاتي مرحلي ۾ محمد بخش واصف ۽ بعد ۾ سردار علي شاھه، ھڪٻئي پويان بندي جا ان ڪم ۾ نائب ٿي رھيا.

ê16_لغت/مؤلف: سنڌي علمي لفظن جو ذخيرو/ شاھجان قريشي

ايم. اي لاءِ لکيل مونوگراف. سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو (1965ع)،ص_؟

ê17_لغت/مؤلف: سنڌي زبان جي وڌايل بنيادي لغت

ڇاپو پھريون. ڄام شورو سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ (1973ع)، ص 58.

ڪيفيت: ھيءَ لغت وزارت تعليم حڪومت پاڪستان جي لاءِ تيار ڪئي ويئي. سيد حسام الدين راشدي، مولانا قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد ابراھيم جويو ۽ سيد محمد صالح شاھه بخاري ان جا مرتب آھن.

ê18_لغت/مؤلف: لاڙ جي لغات/ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

ڪيفيت: ڇاپو پھريون. حيدرآباد سنڌ: زيب ادبي مرڪز (1975ع)،ص 62.

ê19_لغت/مؤلف: سنڌي زبان جي بنيادي لغت

ڇاپو پھريون: سنڌ. ڄام شورو سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ (1956ع)، ص 85

ڪيفيت: ھيءَ لغت وزارت تعليم حڪومت پاڪستان جي لاءِ تيار ڪئي ويئي. سيد حسام الدين راشدي، مولانا قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد ابراھيم جويو ۽ سيد محمد صالح شاھه بخاري ان جا مرتب آھن.

ê20_لغت/مؤلف: سنڌي گلدستو/نيازمحمد شيخ

ڇاپو ٽيون. لاڙڪاڻو سنڌ: شيخ خليل احمد (1977ع)، ص 328

ڪيفيت : ھيءَ لغت سنڌي لفظن جي ڌاتن ۾ اُنھن جي معنائن تي مشتمل آھي.

ê21_لغت/مؤلف: سامي ڌاتو ڪوش/ عبدالڪريم سنديلو

ڇاپو پھريون. لاڙڪاڻو سنڌ: ايم اسلم ميان (1978ع)، ص12، 101، 2

ڪيفيت: ھن لغت ۾ سنڌ جي صوفي شاعر ”سامي“ جي شاعريءَ ۾ آيل ڏکين لفظن جو ڌاتو ۽ اُنھن جون معنائون ڏنل آھن.

ê22_لغت/مؤلف: جامع سنڌي لغت: (جلد2)/ مرتبـﮣ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڇاپو پھريون. حيدرآباد سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ(1981ع)

ڪيفيت: سرورق تي نظرثاني طور مولانا قاسمي ۽ ڊاڪٽر سنديلي جا نالا درج آھن.

ê23_لغت/مؤلف: جامع سنڌي لغت: (جلد3)/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڪيفيت: مولانا قاسمي ھن ڀاڱي تي نظرثاني ڪئي آھي.

ê24_لغت/مؤلف: سچل لغت/ عبدالڪريم سنديلو

ڇاپو پھريون. خيرپور سنڌ: سچل سرمست يادگار ڪميٽي (1984ع)، ص 192

ڪيفيت: ھن لغت ۾ سنڌ جي صوفي شاعر سچل سرمست جي ڪلام ۾ آيل ڏکين لفظن جون معنائون ڏنل آھن.

ê25_لغت/مؤلف: ٻاروچي ٻولي (حصو پھريون)/ سيد نجف علي شاھه ”ڪمتر“ نقوي (1923_ 1984ع)

ڇاپو پھريون. ڄامشورو سنڌ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي (1984ع)، ص 433

ڪيفيت: ھيءَ لغت شاھه جي رسالي ۾ آيل لفظن جي فھرست تي مشتمل آھي.

ê26_لغت/مؤلف: جامع سنڌي لغات: (جلد4)/ مرتبـﮣ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڇاپو پھريون. حيدرآباد سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ (1985ع)

ڪيفيت: مولانا قاسمي اُن تي نظرثاني ڪئي آھي.

ê27_لغت/مؤلف: جامع سنڌي لغت: (جلد5)/ مرتبـﮣ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڪيفيت: ڇاپو پھريون. حيدرآباد سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ (1988ع)

ê28_لغت/مؤلف: لغات سنڌي مخففات/مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ (1919_1993ع)

ڪيفيت: ڇاپو پھريون. ڄام شورو سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ(1991ع)، ص 174.

ê29_لغت/مؤلف: شاھه فرھنگ (شاھه رسالي جو ڪوش)/ تيج قابل

ڇاپو پھريون. انڊيا. وشنو پبليڪيشن (1994ع)، ص 104

ڪيفيت: ھن لغت ۾ شاھه جي رسالي ۾ آيل ڏکين لفظن جون معنائون ڏنل آھن.

ê30_لغت/مؤلف: سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت/ ڊاڪٽر غلام قادر سومرو

ڪيفيت: ڇاپو پھريون. ڪراچي سنڌ: سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو (1996ع)، ص 909.

ê31_لغت/مؤلف: لغات لطيفي: شاھه جي رسالي جي ڏکين لفظن جي لغت/مرزا قليچ بيگ

 نئين سرترتيب ڏيندڙ: سيد علي رضا شاھه بخاري

ڪيفيت: ڇاپو پھريون. شڪارپور سنڌ: مھراڻ اڪيڊمي (1998ع)، ص 316.

ê32_لغت/مؤلف: ھڪ جلد لغت/مرتبـﮣ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مددگار: شيخ محمد اسماعيل

ڪيفيت: ڇاپو پھريون. حيدرآباد سنڌ: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو (1998ع)، ص 729.

ê33_لغت/مؤلف: اسان کي متان وساريو/ گنگارام سمراٽ

ڇاپو پھريون. حيدرآباد سنڌ: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو (1999ع)

ڪيفيت: ھن لغت ۾ اھڙن سنڌي لفظن جون معنائون ڏنل آھن، جيڪي ھاڻ متروڪ ٿي ويا آھن.

ê34_لغت/مؤلف: روشني: شاھه جي رسالي جي لغت/ مرتبـﮣ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڪيفيت: ڇاپو پھريون. حيدرآباد سنڌ: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو (2000ع)

(ب) ٻن ٻولين جون لغتون:

(1) سنڌي _ انگريزي

ê35_لغت/مؤلف: سنڌي گرامر ۽ سنڌي _ انگريزي واڪئبيولري (لفظن جو ذخيرو)/ ڊبليو. ايڇ. واٿن

ڪيفيت: بمبئي انڊيا: ايف. اي. راموس پرنٽرس، گورنمينٽ گزيٽ پريس 1836ع، ص 61، 55، 51، 40

ê36_لغت/مؤلف: واڪئبيولري آف سيون لئنگويجز (ستن ٻولين جي لفظن جي لغت جيڪي ھندوستان جي مغرب واري پاسي ڳالھايون وڃن ٿيون)/ رابرٽ ليچ

بمبئي، 1838ع

ê37_لغت/مؤلف: سنڌي زبان جي واڪئبيولري (لفظن جو ذخيرو)/ جي . بي .ايسٽوڪ

ڪيفيت: جرنل آف رائل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال، ڪلڪتو واليم _ 12، (1843ع)، ص 10_ 22.

ê38_لغت/مؤلف: 1838ع ۾ جرنل آف رائل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال ۾ رابرٽ ليچ جي شايع ٿيل بروھي، بلوچي ۽ پنجابي ٻولين جا مختصر ويا ڪرڻ ۽ بلوچستان جي آسپاس واري علائقي ۾ مروج ٻين ٻولين جي لفظن جا مختصر ذخيرا. اُن سان گڏ 1843ع ۾ جرنل آف رائل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال ۾ شايع ٿيل جي. بي . ايسٽوڪ جي لکيل سنڌي زبان جي واڪئبيولري/ رابرٽ ليچ ڪلڪتو (1849ع)

ê39_لغت/مؤلف: ڊڪشنري، سنڌي ائنڊ انگلش/ ڪپئٽن جارج اسٽئڪ (و: 1853ع)/ ايڊٽ: بي. ايڇ. ايلس.

بمبئي: امريڪن مشن پريس (1955ع)، ص 437.

ê40_لغت/مؤلف: سنڌي_ انگلش ڊڪشنري/جارج شرٽ، صادق علي مرزا ۽ اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي

ڪراچي سنڌ: ڪمشنر پرنٽنگ پريس (1879ع)،ص 919

ê41_لغت/مؤلف: سنڌي_ انگريزي ڊڪشنري/ ڪوڙومل چندنمل کلناڻي (1944_ 1916ع)

ڪيفيت: ديوان ڪوڙيمل جي ھيءَ ڊڪشنري 1904ع کان پھرين جي ڇپيل آھي. ھن لغت مان پرمانند ميوارام به گهڻو فائدو حاصل ڪيو

ê42_لغت/مؤلف: اي سنڌي _ انگلش ڊڪشنري/ ڊُولامل بولچند

ڪراچي سنڌ: مرڪنٽائل اسٽيم پريس (1910ع)، ص 263

ê43_لغت/مؤلف: سنڌي_ انگريزي ڊڪشنري/ پرمانند ميوارام (1866_1838ع)

ڇاپو_1. حيدرآباد سنڌ: جوويليئن ڪو آپريٽو سوسائٽي (1910ع)، ص 664

ڇاپو_ 2.ڄام شورو سنڌ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي (1976ع)، ص 664

ê44_لغت/مؤلف: پريميئر ڪونسائز سنڌي_ انگريزي ڊڪشنري/ نامعلوم

حيدرآباد سنڌ: (1917ع)، ص 339

ê45_لغت/مؤلف: دي ڪونسائز سنڌي _ انگريزي ڊڪشنري/ پوھومل ڪنولنسگهه ملڪاڻي

ڇاپو _1. حيدرآباد سنڌ: (1917ع)

ڇاپو _2. حيدرآباد سنڌ: پريميئر پريس (1924ع)،ص 231

ê46_لغت/مؤلف: پريميئر ڪونسائز سنڌي_ انگلش ڊڪشنري/ سڄڻ سنگهه فتح سنگهه

1922ع. پريميئر پريس، حيدرآباد سنڌ، ص 331

ê47_لغت/مؤلف: ڊڪشنري آف سنڌي اينڊ انگلش/پنواڻي

ھيءَ ڊڪشنري سال 1929ع کان پھرين جي ڇپيل آھي.

حوالو: ببليو گرافي آف سنڌ اينڊ بلوچستان/ايم.اين. بليموريا، ص 89

ê48_لغت/مؤلف: پاڪ نئشنل سنڌي _ انگلش ڊڪشنري/ غلام رسول شاھه

حيدرآباد سنڌ، (1957ع)

ê49_لغت/مؤلف: دي پاڪيٽ سنڌي_ انگلش ڊڪشنري/ ڊبليو.اي. شاھاڻي

ڪراچي سنڌ: ايڊيوڪيشنل ڪمپني (1942ع)، ص 936

ڇاپو_؟. بمبئي انڊيا: اسڪول ۽ ڪاليج بڪ اسٽال (سال؟)، ص 946

ê50_لغت/مؤلف: دي سنڌي: _ انگريزي ڊڪشنري/ آنندرام. ٽي. شاھاڻي

ڇاپو_5 بمبئي انڊيا: اسڪول ۽ ڪاليج بڪ اسٽال، (1952ع)، ص 560

ڇاپو_؟.بمبئي انڊيا: اسڪول ۽ ڪاليج بڪ اسٽال، (1956ع)، ص 560

ڇاپو_؟. بمبئي انڊيا: اسڪول ۽ ڪاليج بڪ اسٽال، (69_ 1960ع)،ص 560

ê51_لغت/مؤلف: منير سنڌي _ انگلش ڊڪشنري/ محمد منير چنا (1926_ 1967)

حيدرآباد سنڌ 1968ع

ê52_لغت/مؤلف: جامع سنڌي_ انگريزي ڊڪشنري/ لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي

ڇاپو _1. پونا انڊيا: ڊيڪن ڪاليج (1968ع).

ê53_لغت/مؤلف: نيو سنڌي ٽو سنڌي اينڊ انگلش ڊڪشنري/ امان الله خان عباسي ۽ محمد فريد عباسي

ڇاپو_1. سکر سنڌ: ميمڻ بڪ اسٽور (1968ع)،ص 560.

ê54_لغت/مؤلف: جامع سنڌي _ انگريزي ڊڪشنري/ لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي

ڇاپو_1.پونا انڊيا: سينٽر فار ڪميونيڪيشن اسٽڊيز، ڊيڪن ڪاليج (1981ع)،ص 64، 36.

(2) انگريزي _ سنڌي لغتون:

ê55_لغت/مؤلف: سنڌي گرامر ۽ انگريزي _ سنڌي واڪئبيولري (لفظن جو ذخيرو)/ ڊبليو. ايڇ. واٿن

بمبئي انڊيا: ايف. ڊي . راموس پرنٽرس، گورنمينٽ گزيٽ پريس 1836ع، ص 40، 61، 55، 51، 40،

ê56_لغت/مؤلف: اي ڊڪشنري انگلش اينڊ سنڌي/ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ

ڇاپو_1، بمبئي، امريڪن مشن پريس (1839ع)، ص 130.

ڇاپو_2، نيو دھلي: ايشيئن ايڊيو ڪيشنل سروس (1987)، ص 230.

ê57_لغت/مؤلف: اين انگلش ائنڊ سنڌي ڊڪشنري/ لڪشمڻ وشنو پراجپئي

ڇاپو_1، بمبئي: ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ، ايڊيوڪيشنل سوسائٽي پريس (1966ع)، ص 300.

ê58_لغت/مؤلف: انگريزي _ سنڌي ڊڪشنري (قلمي) جارج شرٽ

شرٽ ھيءَ لغت 1887ع کان پھرين مرتب ڪئي

ڪيفيت: جارج شرٽ انگريزي_ سنڌي ڊڪشنري به لکي ھئي جيڪا قلمي صورت ۾ رھجي ويئي. ھن لغت جو مسودو 1904ع ۾ پادري اي. ايڇ. ايبيگل وٽ ھو، جيڪو ھن پرمانند ميوارام کي ڏسڻ لاءِ ڏنو ھو. خبر ناھي ته ھي قلمي نسخو ھن وقت ڪٿي آھي.

ê59_لغت/مؤلف: انگريزي _ سنڌي ڊڪشنري (قلمي) / ديوان روچيرام گجومل ڪرپالاڻي، ديوان روچيرام، گجومل هي لغت 1940ع کان پهرين مرتب ڪئي.

ڪيفيت:       هن لغت جو مسودو 1940ع ۾ ديوان روچيرام گجومل وٽ هو، جيڪو ھن پرمانند ميوارام کي ڏسڻ لاءِ ڏنو ھو. خبر ناھي ته ھي قلمي نسخو ھن وقت ڪٿي آھي.

ê60_لغت/مؤلف: ماڊرن انگلش _ سنڌي ڊڪشنري، صحيح اُچارن سميت/ ٻه تجربيڪار گريجوئيٽ

ڇاپو_2، شڪارپور سنڌ: خوبچند ائنڊ سنس (1900ع)، ص 46، 32، 26، 24

ê61_لغت/مؤلف: پريميئر ڪونسائز انگلش _ سنڌي ڊڪشنري/ نامعلوم

ڇاپو_1، حيدرآباد سنڌ: جي. بي. آڏواڻي ائنڊ ڪمپني (1901_ 1910ع)، ص 320

ڇاپو_2، حيدرآباد سنڌ: جي. بي. آڏواڻي ائنڊ ڪمپني(1915ع)، ص 292

ڇاپو_ 3، حيدرآباد سنڌ: جي .بي. آڏواڻي ائنڊ ڪمپني (1917ع)، ص 339

ê62_لغت/مؤلف:  اين انگلش _ سنڌي ڊڪشنري/ ڊُولامل بولچند: سڌاريل/ مانگهر سنگهه مولچند لالواڻي

ڇاپو_1، قيصريه پريس، حيدرآباد سنڌ (1904ع)، ص 2، 5، 11، 315

ڇاپو _2، حيدرآباد سنڌ: پريميئر پريس (1909ع)، ص 294

ê63_لغت/مؤلف: انگلش _ سنڌي ڊڪشنري/ ڪوڙومل چندنمل کلناڻي

ڪيفيت: ڇاپو_1.حيدرآباد سنڌ (1904ع)

ê64_لغت/مؤلف: ناواڻي جي ماڊرن پاڪيٽ انگلش _ سنڌي ڊڪشنري/ خانچندا.ايڇ. ناواڻي

ڇاپو_1. حيدرآباد سنڌ: (1915ع)،ص 322

ڇاپو_2.شڪارپور سنڌ: (1928ع)،ص 322.

ê65_لغت/مؤلف: دي ڪانسائز انگلش _ سنڌي ڊڪشنري/ پوھومل ڪنولسنگهه ملڪاڻي

ڇاپو_1. حيدرآباد سنڌ: (1917ع)

ڇاپو_2. حيدرآباد سنڌ: پريميئر پريس (1923ع)،ص 293.

ê66_لغت/مؤلف: اسٽئنڊرڊ انگلش _ سنڌي ڊڪشنري/ نانڪرام. ڊي. ميرچنداڻي

ڇاپو_1.حيدرآباد سنڌ: سنڌجووينائيل ڪو آپريٽو سوسائٽي (1928ع).

ê67_لغت/مؤلف: ڊڪشنري آف انگلش _ سنڌي/پنواڻي

ھي ڊڪشنري 1929ع کان پھرين جي ڇپيل آھي

حوالو: ببليو گرافي آف سنڌي اينڊ بلوچستان/ ايم. اين.بليموريا، ص 89

ê68_لغت/مؤلف: اي نيو انگلش_ سنڌي ڊڪشنري/ پرمانند ميوارام

ڇاپو_1. حيدرآباد سنڌ: سنڌ ڪو آپريٽو سوسائٽي، ڀائي بند اليڪٽرڪ پريس (1933ع)، ص 465

ڇاپو _ 2. نيو دھلي: ساھتيه اڪيڊمي (1971ع)، ص 465

ڇاپو_3. نيو دھلي: ساھتيه اڪيڊمي (1981ع)، ص 465

ڇاپو_4. نيو دھلي: ساھتيه اڪيڊمي (1994ع)

ڇاپو_5. ڄام شورو سنڌ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي (1994ع)

ê69_لغت/مؤلف: دي پاڪيٽ انگلش _ سنڌي ڊڪشنري/ ڊبليو.اي.شاھاڻي

ڇاپو_1، ڪراچي سنڌ: ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني (1939ع)، ص 702

ڇاپو_2، ڪراچي سنڌ: ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني (1941ع)، ص 629.

: ڇاپو_3، (وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل) سکر سنڌ: عجائب اسٽور (1975ع)، ص 629.

ê70_لغت/مؤلف: ويھين صدي جي انگلش _ سنڌي ڊڪشنري: صحيح اُچارن سان، عربي ۽ ديوناگري خط ۾ منگهارام ھيرانند رامچنداڻي ۽ اي. ڊي. لالواڻي

ڇاپو_1، بمبئي انڊيا: ايل دوارڪاداس (1952ع)،ص 1335.

ê71_لغت/مؤلف: پاڪ نئشنل پاڪيٽ سنڌي انگلش_ ڊڪشنري/ عبدالحسين ميمڻ

ڇاپو_1، حيدرآباد سنڌ (1935ع)

ê72_لغت/مؤلف: دي انگلش_ سنڌي ڊڪشنري صحيح اُچارن سان: وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل/ آنندرام. ٽي. شاھاڻي

ڇاپو_؟، بمبئي انڊيا: ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني سال؟

ڇاپو_7،بمبئي انڊيا: اسڪول ۽ ڪاليج بڪ اسٽال(1950ع)، ص 916

ڇاپو_8، بمبئي انڊيا: اسڪول ۽ ڪاليج بڪ اسٽال(1961ع)، ص 916

ڇاپو_؟، بمبئي انڊيا: اسڪول ۽ ڪاليج بڪ اسٽال (1966ع)، ص 916

ڇاپو_؟، بمبئي انڊيا: اسڪول ۽ ڪاليج بڪ اسٽال(1968ع)، ص 916

ڇاپو_؟، (وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل) سکر سنڌ: عجائب اسٽور (1982ع)،ص 1004

ڇاپو_1، حيدرآباد سنڌ: عجائب اسٽور (1990ع)، ص 1004

ê73_لغت/مؤلف: دي مھراڻ انگلش_ سنڌي ڊڪشنري: صحيح اُچارن سان /ثناء الله شيخ

ڇاپو_1، سکر سنڌ: عجائب اسٽور (1967ع)، ص 631

ê74_لغت/مؤلف: انگلش_ سنڌي ڊڪشنري: آفيس جي استعمال لاءِ / سيد غلام مصطفيٰ شاھه ۽ غلام اصغر ونڊير

ڇاپو_1، خيرپور ميرس سنڌ: ماسٽرجي بڪ اسٽال (1972ع)،ص 202

ê75_لغت/مؤلف: ھمدرد انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري: سنڌي ۾ اُچارن/ امان الله خان عباسي ۽ محمد فريد عباسي

ڇاپو_1، سکر سنڌ: ميمڻ بڪ اسٽور (1977ع)،ص 8، 778

ê76_لغت/مؤلف: پاڪيٽ انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري/ امان الله خان عباسي۽ محمد فريد عباسي

ڇاپو_1، سکر سنڌ:ميمڻ بڪ اسٽور (1979ع). ص774.

ê77_لغت/مؤلف:پرئڪٽيڪل آڪسفورڊ پاڪيٽ انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري/اي.ٽي.شاهاڻي

چاپو_1، حيدرآباد سنڌ(1980ع)،ص 607.

ê78_لغت/مؤلف:يادگار انگلش ٽو انگلش ائنڊ سنڌي ڊڪشنري/علي ڏنو شاهه، نظر ثاني بشير احمد منگي

چاپو_1، حيدرآباد سنڌ يادگار پبلشرس(1988ع)،322

چاپو_2، حيدرآباد سنڌ يادگار پبلشرس(1992ع)،ص 322.

ê79_لغت/مؤلف: جامع انگلش ٽو انگلش ائنڊ سنڌي ڊڪشنري (3جلد)/عبدالرشيدميمڻ

ڇاپو_1،ڪراچي سنڌ: ڪفايت اڪيڊمي (فيبروري2002ع)،ص 3800

(3) فارسي_سنڌي

ê80_لغت/مؤلف: فرهنگ همايوني (قلمي)/ عبدالغفور همايوني (1844_1916ع)

حوالو:سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽالاگ: سنڌي عالمن جي تصنيفات جو قلمي ذخيرو

(مرتب:امداد حسيني)

ê81_لغت/مؤلف:فارسي سنڌي لغت(قلمي)/سيدغلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي ٺٽوي (1843_1910ع)

تاليف جو سن1875ع/1292هه.

ê82_لغت/مؤلف:ڪشف الغمود/فتح محمد هالائي

ڏکين مرڪب فارسي اکرن جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ، ڪراچي، سنڌ پرنٽنگ پريس

ê83_لغت/مؤلف:مجموعه سـﮣنثر/مولي عبدالڪريم

فارسي_سنڌي اکرن جون ٽي لغتون. لاهور (1896ع)، ص 60

ê84_لغت/مؤلف:جنس نامه/شاڪر

فارسي_سنڌي لغت. تاليف جو سنه 1912ع/1330هه

حوالو:خزينـﺔ العلوم جلد 1 (ڪتاب جي اندر سلپ تي مٿين معلومات لکيل هئي)

ê85_لغت/مؤلف:نصاب البلغا (قلمي)/ مير علي شيرقانع (1140_4/1203هه)

فارسي_سنڌي لغت. تاليف جو سنه 14 رجب، خميس 1198هه/3_جون (1784ع)، ص 185

ڪيفيت:هيءَ لغت زندگي جي هرشعبي متعلق لفظن ۽ اصطلاحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هر هنر متعلق لفظن جو وڏو ذخيرو شامل آهي. مير صاحب جو هيءُ ڪتاب سنڌ اندر لکيل ”پهريون لغت جو ڪتاب“ آهي.

(4) سنڌي_فارسي

ê86_لغت/مؤلف:جو اهر اللغات سنڌي اڪيچار/آخوند عبدالرحيم عباسي(و:1878ع؟)

ڇاپو_1، حيدرآباد سنڌ: سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار ادارو(1993ع)، ص 782

ê87_لغت/مؤلف:شاهه جي رسالي جي لغت(قلمي)/ مولوي هدايت الله هالائي (1859_1935ع)

ڪيفيت: شاهه جي رسالي جي ڏکين لفظن جي فارسي ۾ معنيٰ. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي چوڻ موجب، مولوي صاحب شاهه جي رسالي ۾ آيل ڏکين لفظن کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خبر نٿي پوي ته مصنف هن کي مڪمل ڪيو يا نه.

(5) فارسي_ انگريزي

ê88_لغت/مؤلف:دي ماڊرن پرشن_انگلش ڊڪشنري/ آنندرام. ٽي. شهاڻي. ايم. جي. شاهاڻي ۽ مولوي مير زمان ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني، ڪراچي (1938ع)، ص 805

حوالو: آن لائين ڪيٽلاگ برٽش لئبرري، شيلف مارڪ:14815اي 18.

(6)انگريزي_فارسي

ê89_لغت/مؤلف:دي ماڊرن انگلش_پرشن ڊڪشنري/ٽي. ايم.ٿڌاڻي

ٽي. ايم. ٿڌاڻي، حيدرآباد سنڌ: (1914ع)، ص، 112،3

حوالو:آن لائين ڪيٽلاگ برٽش لئبرري، شليف مارڪ:14822،اي 21.

ê90_لغت/مؤلف:پاڪيٽ انگلش_پرشن ڊڪشنري:فارسي جي ڏکين اکرن جي معنيٰ/آنندرام.ٽي.شاهاڻي نئين سر سڌاريل: ايڇ. آئي.سيئوني

بمبئي:بمبئي اسڪول ۽ ڪاليج بڪ اسٽال(سال؟)، ص 414

حوالو: آن لائين ڪيٽلاگ ورلڊ ڪيٽ.

 

 

(7) عربي_سنڌي

ê91_لغت/مؤلف:الياقوت والمرجان في لغت القرآن (جلدا) /محمد حماد الله هاليجوي (1880_1962ع)

ڇاپو پهريون، پنو عاقل، سکر: محمد امين الله، مدرسـﮣ مدينـﺔ العلوم حماديه(1973ع)، ص26، 61، 336.

ê92_لغت/مؤلف:الياقوت والمرجان في شرح غريب القرآن (جلد2) /محمد حماد الله هاليجوي،

ڇاپو پهريون، پنو عاقل، سکر : مدرسـﮣ مدينـﺔ العلوم حماديه (1975)، ص 4، 12، 158.

ê93_لغت/مؤلف:محمود اللغات (قلمي)/حاجي محمود خادم (1895_1960ع)

ڪيفيت:قرآن شريف ۾ آيل ڏکين عربي اکرن جون سنڌيءَ ۾ معنائون.

ê94_لغت/مؤلف:غريب القرآن (قلمي) /محمد بخش واصف (1892_1952ع)

ڪيفت: قرآن شريف ۾ آيل ڏکين عربي اکرن جون سنڌيءَ ۾ معنائون (هي لغت هاڻ اڻ لڀ آهي).

ê95_لغت/مؤلف:عربي_سنڌي لغت(جلد1)/غلام حسين جلباڻي

ڇاپو پهريون. ڄامشورو سنڌ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ(1988ع)

ڪيفيت:عربي اکرن جو سنڌيءَ ۾ معنائون.

ê96_لغت/مؤلف:عربي_ سنڌي لغت(جلد2)/غلام حسين جلباڻي

ڇاپو پهريون، ڄامشورو سنڌ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ (1990ع)

ڪيفيت:عربي اکرن جون سنڌيءَ ۾ معنائون.

ê97_لغت/مؤلف:فصيح اللغات وضرب الا مثال (عربي لغت)/پير نجي الله شاهه راشدي (1895_1984)

ڪيفيت:عربي اکرن جي لغت، شايد قلمي صورت ۾ آهي.

(8)اردو_سنڌي

ê98_لغت/مؤلف:نئين اردو_سنڌي لغت/ابن الياس سومرو: نظرثاني/محمد بخش واصف

ڇاپو_1، حيدرآباد سنڌ: آزاد بڪ ڊپو، آفتاب پرنٽنگ پريس(1950ع)، ص5، 9، 534،

ê99_لغت/مؤلف:اردو_سنڌي لغت/ مرتب: ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڇاپو_1، حيدرآباد سنڌ: سنڌيونيورسٽي (1960ع)،ص 3، 591

ڇاپو_2، ڄام شوروسنڌ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي(1990ع)، ص 3، 589

ê100_لغت/مؤلف:اردو _سنڌي لغت/ مـﺂلف: عبدالستار بلوچ، نگران: نور احمد ميمڻ ۽ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو

ڇاپو_1، حيدرآباد سنڌ: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي (2003ع)، ص 1024

(9) سنڌي_اردو

ê101_لغت/مؤلف:سنڌي_ اردو لغت/مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان

ڇاپو_1، حيدرآباد سنڌ: سنڌ يونيورسٽي(1959ع)، ص، 3، 4، 866

ڇاپو_2، ڄام شورو سنڌ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي (1979ع)، ص3، 4، 866.

 

 

(10) گُر مُکي_سنڌي

ê102_لغت/مؤلف: شري گروگرنٿ صاحب جو ڪوش (ڀاڱو پهريون)/نارائڻ سنگهه درياڏنو مل

ڪيفيت: ڇاپو_ا، حيدرآباد سنڌ: مصنف(1914ع)، ص 48

هن لغت ۾ سکن جي پوتر ڪتاب گرو گرنٿ صاحب (حصو پهريون)جي ڏکين لفظن جي معنيٰ سنڌيءَ ۾ ڏنل آهي.

(11) هندي_سنڌي

ê103_لغت/مؤلف:هندي_سنڌي ويهوار ڪوش/سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ آف انڊيا

ڇاپو_1، نئين دهلي انڊيا: ڪيندرياليه هندي نديشاليه سڪشه تاتها سمس ڪرتي، منترياليه ڀارت سرڪار(1984ع)، ص 442.

(12)سنڌي_هندي

ê104_لغت/مؤلف:بنياد سنڌي_هندي شبد ڪوش/ڪنهيالال ليکواڻي

ڇاپو_1، انڊيا (1995ع)، ص 162

(13) مرهٽي_سنڌي

ê105_لغت/مؤلف:مرهٽي_سنڌي شبد ڪوش/لڇمڻ پر سرام هردواڻي

ڇاپو_ا، بمبئي انڊيا: مهاراشٽرا راجيه ساهتيه منڊل(1991ع)، ص 5، 554.

(14) سنڌي_ مرهٽي

ê106_لغت/مؤلف:مرهٽي شبد ڪوش/لڇمڻ پر سرام هردواڻي

ڇاپو_1، احمد نگر انڊيا: مصنف (1995ع)، ص 423.

 

(15)هندوستاني_انگريزي

ê107_لغت/مؤلف:دي پاڪيٽ هندوستاني_انگلش ڊڪشنري:روزمره زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن تي مشتمل/آنندرام،ٽي. شاهاڻي

ڇاپو_1، ڪراچي سنڌ: ايڊيو ڪيشنل پبلشنگ ڪمپني(1946ع)، ص 359

ڪيفيت: هيءَ لغت مختلف ٻولين تي مشتمل آهي، ٿي سگهي ٿو ته هن ۾ سنڌي ٻولي به شامل هجي. لغت کي ڏسڻ کان پوءِ ئي خبر پئجي سگهي ٿي.

(16)انگريزي_هندوستاني

ê108_لغت/مؤلف:انگلش_هندوستاني ڊڪشنري/آنندرام.ٽي. شاهاڻي

ڇاپو_1،نيويارڪ:سيپروگراف (1975ع)، ص 398

(ج) ٽن ٻولين جون لغتون:

(1)فارسي_سنڌي_ انگريزي

ê109_لغت/مؤلف:حڪايات لطيفه جي پهرين پنجويهن آکاڻين ۾ آيل ڏکين لفظن جي سنڌي ۽ انگريزي ۾ مڪمل فهرست(گلوسري)/وسڻمل ڪشنچند ملڪاڻي

حيدرآباد سنڌ:جو ويليئن ڪو آپريٽو سو سائٽي (1901ع)، ص 45، 129،

ê110_لغت/مؤلف:سيد اشرف عليءَجي سعد حڪايات جي پهرين ڏهن آکاڻين ۾ آيل ڏکين لفظن جي سنڌي ۽ انگريزي ۾ مڪمل فهرست (گلوسري)/ گل محمد خان

البرٽ پريس سکر، (1903ع)، ص 41

ê111_لغت/مؤلف:حڪايات طيفه جي پهرين پنجويهن آکاڻين ۾ آيل ڏکين لفظن جي سنڌي ۽ انگريزي ۾ مڪمل فهرست (گلوسري)/اُڌارام ڀوڄراڄ باکرو

سکرسنڌ: (1905ع)، ص. 38.

(2) فارسي_سنڌي_ اردو

ê112_لغت/مؤلف:معلم فارسي معه فرهنگ ڪريما/مولانا علي محمد حقاني سومرو(1918ع)فارسي ڪتاب پندنامه جي ڏکين لفظن جي لغت سنڌي ۽ اردو ۾. لاڙڪاڻو سنڌ: المحمود اڪيڊمي اشاعت القرآن والحديث، ص 15.

(3) ترڪي_فارسي_سنڌي

ê113_لغت/مؤلف:ترڪي_فارسي_سنڌي لغت (قلمي)/سيد غلام مرتضيٰ شاهه ”مرتضائي“ ٺٽوي (1843_1910ع).

(4)انگلش_سنڌي_اردو

ê114_لغت/مؤلف:پاڪ ٽرپليٽ ڊڪشنري:انگلش ٽو انگلش، سنڌي_ اردو ٽن ٻولين ۾ /عبدالحسين ميمڻ

ڇاپو_1، حيدرآباد:آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس (1959ع)، ص 816.

(5)هندي_ انگلش_سنڌي

ê115_لغت/مؤلف:هندي_انگلش_سنڌي شبد ڪوش/ديپچند تلوڪچندر، ديودتا ڪنديرام شرما، پرڀداس برهنمچار. اجمير:سندر ساهتيه پبليڪيشن هائوس(1962ع)، ص 1000

ڪيفيت:هن لغت ۾ چاليهه هزار هندي اکرن جو ن معنائون سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڏنل آهن ۽ سنڌي اکر ديو ناگري لپي ۾ لکيل آهن.

ê116_لغت/مؤلف:هندي_انگلش_ سنڌي ڊڪشنري/واسواڻي ۽ پرڀداس برهمچاري اجمير: سنده ساهتيه(1963ع)

(6) هندي _سنڌي_ انگريزي

ê117_لغت/مؤلف:هندي_سنڌي_انگريزي تري ڀاشا ڪوش(3جلد)/سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ آف انڊيا نئين دهلي، انڊيا:ڪيندرياله هندي نديشاله سڪشه سمس ڪرتي منترياليه ڀارتيه سرڪار (1989ع)، جلد_1،ص 1008، جلد 2، ص 804، جلد3، ص404

(7)سنڌي_انگلش_هندي

ê118_لغت/مؤلف:بنيادي سنڌي_انگلش _هندي ڊڪشنري/ڪنهيالال ليکواڻي

ڇاپو_1 يونا انڊيا: پرڪاش پبليڪيشن (1996ع)، ص 199

(8) سنڌي_ هندي_ انگريزي

ê119_لغت/مؤلف:سنڌي_هندي_ انگريزي سچتر شبد ڪوش/ڪنهالال ليکواڻي

ڇاپو_1، (1998ع)

(9)ڪڇي_گجراتي_انگريزي

ê120_لغت/مؤلف:ڪڇي شبداولي:ڪڇي_گجراتي_انگريزي ڊڪشنري/ايڊيٽر: آچاريه شانتي ڀائي پرشو تم (1933ع)

ڇاپو_1، احمد آباد انڊيا: گجرات وديه پٿ(1966ع)، ص 34، 94

 

(10)ملتاني_پنجابي_سنڌي

ê121_لغت/مؤلف:گلوسري آف دي ملتاني لئنگويج ڪمپيئرڊ وٿ پنجابي اينڊ سنڌي/ ايڊورڊ او برائن

ڇاپو_1، لاهو: پنجاب گورنمينٽ سول سيڪريٽريٽ پريس (1881ع)، ص283

ڇاپو_2، سڌاريل: جي. ولسن ۽ هري ڪشن ڪيول لاهور: (1903ع)، ص 283

(د) ٽن کان وڌيڪ ٻولين جون لغتون:

(1) سنڌي_ڪڇي_سوڍڪي_جتڪي

ê122_لغت/مؤلف:سنڌي_ڪڇي_سوڍڪي_جتڪي شبداولي/پرسوگدواڻي

(2)اردو_بلوچي_پشتو_ پنجابي_ سنڌي_انگريزي

ê123_لغت/مؤلف:اٽوٽ لساني رابطه: اردو_ بلوچي_ پشتو_ پنجابي_ سنڌي کي مشتر که الفاظ انگريزي ترجمه کي ساتهه/پريشان خٽڪ

ڇاپو_1،پشاور:پشتو اڪيڊمي، پشاور يونيورسٽي (1977ع)، ص 192

ڇاپو_2،اسلام آباد: مقتدره قومي زبان(1987ع)،ص 205

(3) اردو_فارسي_عربي_انگريزي_سنڌي

ê124_لغت/مؤلف:پنجين:اردو_فارسي_عربي_انگريزي لفظن جي لغت سنڌي ۾ (قلمي)/مـﺂلف: نامعلوم هن لغت جو قلمي نسخو شاهه ولي الله ايڪيڊمي حيدرآباد ۾ موجود آهي.

سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ: سنڌي عالمن جي تصنيفات جو قلمي ذخيرو، ص 8،

(4) اردو_بلوچي_بنگالي_پشتو_پنجابي_سنڌي_ڪشميري

ê125_لغت/مؤلف:هفت زباني لغت: بلوچي، پشتو، پنجابي، بنگالي، ڪشميري اور سنڌي کي مشتر که الفاظ اردو ترجمه کي ساتهه /ايڊيٽرس:اشفاق احمد، محمد اڪرم ۽ فضل قادر فضلي

ڇاپو_1، لاهور: مرڪزي اردو بورڊ (1974ع)،ص 801

(5)هندي_اردو_بنگالي_سنڌي_ڪشميري_گجراتي_آسامي_تبلو_مرهٽي_ اوريا_ تامل، ملائيلم_ڪانڊا

ê126_لغت/مؤلف:ڀاريته ڀاشا ڪوش: هندي، پنجابي،اردو، ڪشميري، سنڌي، مرهٽي، گجراتي، بنگالي، آسامي، اوريا، تيلگو، تامل، ملائيلم، ڪانڊا ٻولين جي ڊڪشنري/سينٽرل هندي ڊاريڪٽوريٽ آف انڊيا

سماسڪرن(1984ع)

(ق) خاص مضمونن جون لغتون:

(1) سوانح حيات جون لغتون

ê127_لغت/مؤلف:گجرات:سنڌي ليکڪ واقفيت ڪوش/گنگارام سمراٽ ۽ ڄيٽو لالواڻي

ڇاپو_1، گانڌي نگر: گجرات سنڌي اڪيڊمي (1990ع)، ص 80

ڪيفيت: هن ڪوش ۾ گجرات ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪن جا جيون چرتر ڏنل آهن

ê128_لغت/مؤلف:.(Eminent Sindhis in India)/لال پُشپ

ڇاپو_1، بمبئي (1989ع)

ڪيفيت: هن ڪوش ۾ ڀارت ۾ رهندڙ نامور سنڌين جا جيون چرتر ڏنل آهن.

ê129_لغت/مؤلف:ڊڪشنري آف سنڌي لٽريچر/موتي لال جوتواڻي

ڇاپو_1، نئين دهلي :سمپارڪ پرڪاشن (1996ع)، ص 188

ڇاپو_2،نئين دهلي: سمپارڪ پرڪاشن (2000)، ص 280

ڪيفيت : هن ڪوش ۾ سنڌي ليکڪن ۽ ڪتابن جو ن داخلائون ڏنل آهن.

(2) زراعت جون لغتون

ê130_لغت/مؤلف:واڪئيبولري آف سنڌي اگريڪلچر ٽرمس: هربس ائنڊ ڊرگس/ايٿرنگٽن

ڇاپو_1، جرمني(1855)

ê131_لغت/مؤلف:نامنڪليچر آف سنڌڪراپس: پنجن ٻولين ۾/ڪوڏومل جيٺمل آڏواڻي

ڇاپو_1، ڪراچي (1925ع)

ڪيفيت: ڪوڏومل ڄيٺمل آڏواڻي ولنگڊن ڪئٽل فارم ملير جو ائگريڪلچر مئنيجر هو. ببليوگرافي آف سنڌ آف بلوچستان/بليموريا(1929ع)،ص 6، نمبر 11.

ê132_لغت/مؤلف:زراعت جي لغت/محمد يوسف پنهور۽ اي. ڪيو. انصاري

ڇاپو_1، ٽنڊو ڄام: سنڌ ائگريڪلچر يونيورسٽي(1985ع)

ڪيفيت: هي لغت ڇپيل آهي پر اڃا مرڪيٽ ۾ عام نه ٿي آهي. هڪ دوست جي معرفت هن لغت متعلق ڄاڻ حاصل ٿي.

ê133_لغت/مؤلف:هاري لغت (قلمي)/سيد محمد صالح شاهه بخاري

ڪيفيت: هيءُ لغت قلمي صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري وٽ موجود آهي.

 

(3) سائنس جون لغتون

ê134_لغت/مؤلف:جديد سائنٽيفڪ ڊڪشنري/ڊاڪٽر شمس الدين تنيو

ڇاپو_1،حيدرآباد سنڌ(1987ع)

ê135_لغت/مؤلف:سائنٽيفڪ ڊڪشنري/ڊاڪٽر ايم. اي. قاضي

ڇاپو_1، حيدرآباد سنڌ (1991ع)

ê136_لغت/مؤلف:علم ڪيميا جي لغت (قلمي)/ڊاڪٽر سيد وڏل شاهه هيءُ لغت 1974ع کان پهرين جي لکيل آهي.

(4) علم طب جون لغتون

ê137_لغت/مؤلف:فرهنگ جعفري يا تحفـﺔ الادويات/حڪيم محمد جعفر انصاري

ڇاپو_1، حيدرآباد سنڌ (1940ع کان پهرين جي ڇپيل)

ê138_لغت/مؤلف: مخزن الا دويات/حڪيم پرڀاداس

ڇاپو_1، پوڪرداس بڪسيلر ڪراچي سنڌ(1935ع)

ê139_لغت/مؤلف:فرهنگ جعفري يا تحفـﺔ الا دويات جلد_1/حڪيم نياز حسين همايوني

اصل تصنيف: حڪيم محمد جعفر انصاري. نئين سر سڌاريل ۽ وڌايل: حڪيم نياز حسين همايوني

ڇاپو_1،ڪراچي: سنڌي ابدي بورڊ(1960ع)

ê140_لغت/مؤلف:فرهنگ جعفري يا تحفـﺔ الادويات، جلد_2/حڪيم نياز حسين همايوني اصل تصنيف: حڪيم محمد جعفر انصاري، نئين سر سڌاريل ۽ وڌايل: حڪيم نياز حسين همايوني

ê141_لغت/مؤلف:ڇاپو_1، ڪراچي: سنڌي ادبي بورڊ (1960ع) ص 575

الادويات تحفـﺔ المعروف فرهنگ جعفري/ حڪيم حسين جعفري

ڇاپو_1، شڪارپور سنڌ: مولوي محمد عظيم اينڊ سنس (1970ع)، ص 230

ê142_لغت/مؤلف:   (5) تاريخي ترتيب وار واقعن جي ڊڪشنري

ڪيفيت:”Chronological Dictionary of  Sindh“ايم. ايڇ. پنهور

ڇاپو_1، ڄام شورو سنڌ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، (1983ع)، ص 610

مختلف رسالن ۾ لغت متعلق ڇپيل مقالن جي ڏسڻي:

سنڌي زبان جي واڪئبيولوي (لفظن جو ذخيرو)/جي. بي. ايسٽوڪ، جرنل آف رائل

(2)    ايشياٽڪ سو سائٽي آف بنگال، ڪلڪتو واليوم_12، 1843ع، ص 1، 22

وئتپتي ڪوش/ جهمٽمل نارومل وسڻائي ٽماهي مهراڻ، جلد_9، نمبر 12 (1960ع)

(3)    حيدرآباد سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ، ص ص 192_235

سنڌي ڊڪشنرين جو اتهاس/جيرامداس دولترام (1891_1979ع) اخبار ”هندواسي“

(4)    بمبئي (آڪٽوبر، 1962ع)

سنڌي لغت نويسيءَ جي مختصر تاريخ/محبوب اختر پٺاڻ. [ن.ع.ش] ماهناهه ”نئين

(5)     زندگي“ (جلد_46، نمبر_3، مارچ، 1993ع)، ص 2، 10

سنڌي زبان ۾ لغت نويسي: هڪ سر سري جائزو/ تاج جويو. ٽماهي ”مهراڻ“ :3/1999ع،

(6)    ص 106_113

سنڌي  لغت نويسيءَ جي تاريخ/ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي. ٽماهي ”مهراڻ“:4:/2000ع،ص 74_67

علم لغت ۾ عام طرح ڪم ايندڙ لفظن جي مختصر

ڪتابيات نويس. ڪتب نامو لکندڙ، فهرست نگار، فهرست نويس          ببليو گرافر         Bibliographer

ڪتابيات، ڪتابن جي ڏسڻي جو ڪتاب، ڪتب نامو            ببليوگرافي       Bibliography

سوانح حيات لکڻ وارو، جنم ساکي لکندڙ        بايو گرافر    Biographer

جيون چرتر، سوانح عمري، آتم ڪٿا، سوانح حيات، جنم ساکي       بايو گرافي     Biography

تاريخي ترتيب وار واقعا، وقت جي تعين مطابق تاريخ وار واقعا        ڪرونالاجيڪل    Chronological

ڪتاب جي اکرن جي فهرست جنهن سان لفظن کي ڳولي سگهجي   ڪانڪورڊينس       Concordance

مشترڪه لفظ، ساڳيا اکر، هڪجهڙا لفظ        ڪانگيٽ ورڊيس        Cognate Words

ديسي ڀاشا، مقامي ٻولي، ٻولي جيڪا ڳالهائي وڃي پر لکي نه سگهجي     ڊائليڪٽ     Dialect

لغت، ڪوش، فرهنگ، اڪيچار، ڏکين اکرن جي معنيٰ جو ڪتاب       ڊڪشنري    Dictionary

لفظن جي اشتقاق جو علم، صرف، پيڙهه (ڌاتو)، وئتپتي    ايٽا مالاجي          Etymology

صرفي، اشتقاقي      ايٽامالاجيڪل     Etymological

ڏکين لفظن جي فهرست، فرهنگ، ڏکين لفظن جي تشريح      گلاسري       Glossary

لغت لکڻ جو ڪم يا فن           ليڪسيڪو گرافي        Lexicography

لغت، ڪوش، فرهنگ، اڪيچار، قاموس، ڊڪشنري      ليڪسيڪن       Lexicon

لغت نويس، فرهنگ لکڻ وارو       ليڪسيڪو گرافر        Lexicographer

هڪ کان وڌيڪ ٻولين وارو         پاليگلاٽ       Polyglot

لفظن جو ننڍڙو ذخيرو، لفظن جي موجودات، ڪوش، لغت       واڪئبيولري       Vocabulary

هڪ ٻولي جي لغت       يونيلنگئول ڊڪشنري       Unilingual Dictionary

ٻن ٻولين جي لغت     بائيلنگئول ڊڪشنري     Bilingual Dictionary

ٽن ٻولين جي لغت          ٽرائيلنگئول ڊڪشنري        Trilingual Dictionary

گهڻين ٻولين جي لغت      پاليگلاٽ ڊڪشنري      Polyglot Dictionary  

سوانح حيات جي لغت     بايوگرافيڪل ڊڪشنري      Biographical Dictionary  

ڌاتو ڪوش، وئتپتي ڪوش     ايٽا مالا جيڪل ڊڪشنري    Etymological Dictionary

سائنسي اصطلاحن يا لفظن جي ڊڪشنري     سائنٽيفڪ ڊڪشنري   Scientific Dictionary  

خاص مضمون يا هنر جي ڊڪشنري        ٽيڪنيڪل ڊڪشنري        Technical Dictionary  

تاريخي ترتيب وار واقعن جي ڊڪشنري      ڪرونالا جيڪل ڊڪشنري    Chronological Dictionary

حوالا

(1)خزينـﺔ العلوم، جلد_1 (قلمي)/مـﺂلف: محمد بخش واصف، ص 139

(2) سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ/ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ٽماهي ”مهراڻ“ :نمبر 4/2000ع،54

(3) خزينـﺔ العلوم، جلد_1 (قلمي)/مـﺂلف: محمد بخش واصف، ص 139

(4)ايضاَ

(5) ايضاَ

(6) مير علي شير قانع ٺٽوي/ سيد حسام الدين راشدي ، ٽماهي ”مهراڻ“: ”سيد حسام الدين راشدي نمبر“ 1997ع، ص 190

(7) ايضاَ

(8) آن لائين پبلڪ ڪيٽلاگ برٽش لئبرري رڪارڊ

(9) سنڌي ڊڪشنري (انگريزي)/لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي، انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين لٽريچر جلد_ا/ايڊيٽر: امريش دتا۽ ٻيا. نئين دهلي انڊيا: ساهتيه اڪيڊمي (1987ع)، ص 1037_1038

(10) جامع سنڌي لغات/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد (1960ع). مهاڳ ص_ الف

(11) ايضاَ

(12) ارلي سنڌي لٽريچر ائنڊاٽس هسٽاريڪل بئڪگرائونڊ/پوپٽي هيراننداڻي؛ سنڌيز: دي اسڪيٽرڊ ٽريزرس (انگريزي)/پوپٽي هيراننداڻي. نئين دهلي: مالها پبليڪيشن (1980ع)، ص 103

(13) سنڌي_ انگريزي ڊڪشنري: مقدمو (انگريزي)/از: يرمانند ميوارام. قيصر يه پريس، حيدرآباد سنڌ (1910ع)، ص 1

(14) آن لائين پبلڪ ڪيٽلاگ برٽش لئبري (انگريزي)(12shelfmark:v4093and2272g)

(15) سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ/ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي. مهراڻ:4/2000ع،ص 60

(16) سنڌي_ انگريزي ڊڪشنري: مقدمو (انگريزي)/از: پرمانند ميوارام. قيصر يه پريس، حيدرآباد سنڌ (1910ع)، ص 1

(17) انڊيا آفيس لئبرريءَ جو ڪيٽلاگ: سنڌي ڪتاب (1989ع)، شڪاگو يونيورسٽي لئبرري. هن ۾ صفحن تي نمبر ڏنل ناهن.

(18) دي نيشنل ببليو گرافي آف انڊين لٽريچر: 1901_1953ع/ايڊيٽرس:ايس ڪيساوان ۽ وي. وائي. ڪلڪرڻي نئين دهلي انڊيا: ساهتيه اڪيڊمي (1962_1974ع)39372:NBIL No and 39374)

(19) سنڌي_ انگريزي ڊڪشنري:مقدمو (انگريزي)/ از: پرمانند ميوارام قيصر يه پريس، حيدرآباد سنڌ (1910ع)، ص1

(20) ايضاَ، ص 2

(21) جامع سنڌي لغت/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد (1960ع). مهاڳ انگريزي:ص 1

(22) مرتضائي ٺٽويءَ جون ادبي خدمتون /ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه. مهراڻ 3_/4_1998ع، ص 146

(23) ايضاَ

(24) آن لائين ڪيٽلاگ، انڊيا آفيس لئبرري، شڪاگو يونيورسٽي رڪارڊ نمبر 49404

(25) جامع سنڌي لغت/ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد (1960) مهاڳ انگريزي:ص 10

(26) ارلي سنڌي لٽريچر ائنڊاٽس هسٽاريڪل بئڪگرائونڊ/پوپٽي هيراننداڻي؛ سنڌيز: دي اسڪيٽرڊ ٽريزرس (انگريزي)/پوپٽي هيراننداني. نئين دهلي:مالها پبليڪيشن (1980ع)، ص 103

(27) سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ: سنڌي عالمن جي تصنيفات آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ(1971ع)، ص 2

(28) آن لائين پبلڪ ڪيتلاگ برٽش لئبرري (3. 39 shelf mark 757cc)

(29) ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري، و_2، پ_ 6؛ فارسي ڪتاب/ اي: جي . آبري. لنڊن، 1937، ص 194

(30) آن لائين پبلڪ ڪيٽلاگ برٽش لئبرري (8757cc 3  shelf mark

(31) ڪريما فارسي جو مطالعو سنڌ ۾/ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي. مهراڻ 3_/4، سال 2001ع، ص 94

(32)آن لائين پبلڪ ڪيٽلاگ برٽش لئبرري (18.D 14815 shelf mark)

(33) آن لائين پبلڪ ڪيٽلاگ برٽش لئبرري(21.A22 148 shelf mark)

(34) سنڌي_ انگلش ڊڪشنري:مقدمو (انگريزي)/از: پرمانند ميوارام. قيصر يه پريس، حيدرآباد سنڌ (1910ع)، ص 1

(35) ايضاَ

(36) دي لائيف، رليجن ائنڊ پوئٽري آف شاهه لطيف: اي گريٽ پوئيٽ آف سنڌ/ ليلا رام وطن مل لالواڻي. تعارف: محبوب علي چنا. ڇاپو _2، لاهور: سنگ ميل پبليڪيشن(1978ع)،ص23

(37) جامع سنڌي لغت/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ (1960ع)، مهاڳ انگريزي:ص 10

(38) سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ/ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، مهراڻ:4/2000ع، ص 60

(39)سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ: سنڌي عالمن جي تصنيفات جو قلمي ذخيرو/امداد حسيني. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ (1971ع)، ص 8، (هي نسخو شاهه ولي الله اڪيڊمي ۾ موجود آهي).

(40) وياسي وينجهار/ از: غلام محمد گرامي: سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، ص 122

(41) رسالو ”اديب سنڌ“: نصف ملاقات. از:ميان ملڻ خان. (آڪٽوبر_نومبر، 1948ع)، ص 13

(42) جامع سنڌي لغت/ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. سنڌي ادبي بورڊ. حيدرآباد سنڌ (1960ع). مهاڳ سنڌي: ص _ب

(43) ايضاَ

(44) سرڳواسي رائچند راٺوڙ/ تاج جويو. رسالو نئين زندگي (ڊسمبر 1990ع)، ص 38

(45) رائچند راٺوڙ جون علمي خدمتون/نصير ناز ڪنڀر. رسالو نئين زندگي (اپريل 1995ع)، ص 34

(46) جامع سنڌي لغت/ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ (1960ع)، مهاڳ سنڌي: ص_ب

(47) سنڌي زبان ۾ لغت نويسي: هڪ سرسري جائزو/تاج جويو. مهراڻ 3/1999ع،ص 106. 113

(48) آديسي اُٿي ويا؛ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو/آزاد انور ڪانڌڙو. مهراڻ:3_4/1997ع، ص 257

(49) نئين اُردو_سنڌي لغت/ابن الياس سومرو: مهاڳ/ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. آزاد  بڪ ڊپو، حيدرآباد سنڌ (1950ع)

(50) حاجي محمود خادم: سنڌي غزل جي اوسر (ڀاڱو ٻيو)/ڊاڪٽر اياز حسين قادري. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي (1982ع)، ص 324

(51) لاڙڪاڻي ضلع جا علماء ۽ سندن عربي ۽ اسلامي علمن لاءِ خدمتون (انگريزي)/ڊاڪٽر حافظ عبدالغني شيخ. سنڌالاجيڪل اسٽڊيز (سمر، 2001ع)، ص 87، 105

(52) مرتضائي ٺٽويءَ جون ادبي خدمتون/ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه. مهراڻ 3_4/1998ع، ص 146

(53) آن لائين پبلڪ ڪيٽلاگ برٽش لئبرري (انگريزي). (12.g 2272 and 4093 v:shelf mark )

(54) آن لائين ڪيٽلاگ، ورلڊ ڪيٽ : No OCLC )(21678707

(55) آن لائين ڪيٽلاگ، ورلڊ ڪيٽ: No OCLC )(21678707

(56) سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ: سنڌي عالمن جي تصنيفات جو قلمي ذخيرو/امداد حسيني. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ (1971ع)ص 8.(هي نسخو شاهه ولي الله اڪيڊمي ۾ موجود آهي.)

(57) ارلي سنڌ لٽريچر ائنڊ اٽس هسٽاريڪل بئڪگرائونڊ/پوپٽي هيراننداڻي؛ سنڌيز: دي ايڪٽرس ٽريزرس (انگريزي)/ پوپٽي هيراننداني، نئي دهلي: مالها پبليڪيشن (1980ع)، ص 103

(58) ببليوگرافي آف سنڌ اينڊ بلوچستان/ايم. اين. بليموريا. ڪراچي(1929ع)، ص 6. نمبر 11

(59)سنڌي زبان ۾ لغت نويسي: هڪ سرسري جائزو/تاج جويو. مهراڻ :3/1999ع، ص 106.

(60) خزينـﺔالعلوم جلدا. (قلمي)/مـﺂلف: محمد بخش واصف، ص 188

(61)سنڌي _ انگريزي ڊڪشنري:مقدمو (انگريزي)/از: پرمانند ميوارام. قيصر به پريس، حيدرآباد سنڌ (1910ع)، ص 2

(62) ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي : 1947ع کان 1973تائين/ مرتب: ڊاڪٽر غلام علي الانا. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي (1976ع)، ص 139. ڪتاب نمبر: 920۽ 921

(63) جامع سنڌي لغت/ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد (1960ع)، مهاڳ انگريزي:10

(64) ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي: 1947ع کان 1973ع تائين/ڊاڪٽر غلام علي الانا. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. سنڌ يونيورسٽي (1976ع)، ص 453، ڪتاب نمبر 106

(65) سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ /امداد حسيني، سنڌالاجي (1971ع)ص8

(66)آن لائين ڪيٽلاگ، شڪاگو يونيورسٽي لئبرري

(67) ايضاَ

(68)ايضاَ

(69) سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ/ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي. مهراڻ:4/2000ع، ص 66

(70)سنڌي زبان ۾ لغت نويسي:هڪ سرسري جائزو/تاج جويو. مهراڻ:3/1999ع، ص 110

(71) ايضاَ

(72)اي گائيڊ ريفرنس مٽريئل آن انڊيا، واليوم 1_ 2/ ايم. اين. گدواڻي ۽ ڪي. نوالاڻي. سوسوتي پبليڪيشن جيپور، انڊيا (1974ع)، ص 304

(73) سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري/مرتب:غلام علي الانا. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي (1972ع)، ص 99

(74) انڊين لئنگويجز ببليو گرافي آف گرامر، ڊڪشنريز ائنڊ ٽيچنگ مٽيريئل (انگريزي)/ڊي. پي پٽنائيڪ. ايڊيو ڪيشنل ريسورس سينٽر، نئين دهلي، ص 89

(75)ايضاً

(76)آن لائين پبلڪ ڪيٽلاگ برٽش لئبرري

(77) آن لائين پبلڪ ڪيٽلاگ، شڪاگو يونيورسٽي لئبرري

(78)ايضاً

(79)آن لائين ورلڊ ڪيٽلاگ: (35741717   (OCLCNo

(80) ايضاً

(81)ايضاً

(82)ايضاً

(83)آن لائين ڪيٽلاگ، شڪاگو يونيورسٽي لئبرري

(84) انڊين لئنگويجز ببليوگرافي آف گرامر، ڊڪشنريز ائنڊ ٽيچنگ مٽيريئل (انگريزي)/ ڊي. پي. پٽنائيڪ. ايڊيوڪيشنل ريسورس سينٽر، نئين دهلي، ص 90

(85)آن لائين ورلڊ ڪيٽلاگ (40719564: (OCLCNo

(86) سنڌي لغت نويسيءَجي تاريخ/ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي. مهراڻ:4/2000، ص 64

(87)ايضاً

(88)ايضاً

(89)اي گائيڊ ريفرنس مٽيريئل آن انڊيا، واليوم 1_/2 يم. اين. گدواڻي ۽ ڪي. نوالاڻي. سوسوتي پبليڪيشن جئپور، انڊيا (1974ع)، ص358

(90) سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ/ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي. مهراڻ:4/2000ع، ص 65.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com