سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004-3ع

 

صفحو :8

 

ڪھاڻيون/ ليک

 

”...... افساني ۾ عام طرح ٻه پھلو ٿين ٿا. ھڪ ”ماحول“ ۽ ٻيو ”ڪردار“. منھنجي سمجھه ۾ ’ماحول‘ بُرو ٿي سگهي ٿو، پر ’ڪردار‘ نه. ائين برابر آھي ته ظاھر ۾ انسانيت روئي پيئي ۽ حيوانيت کِلي پيئي. پر ڇا اِھا حقيقت نه آھي ته انسانيت جو روئڻ ڪارنھن کي ڌوئندو پيو وڃي، يا ائين کڻي چئجي ته انسانيت اڄڪلھه آويءَ ۾ آھي، جتان ضرور جرڪي نڪرندي، سڙي ڪانه ويندي. حيوانيت کلندي کلندي وڃي کڏ ۾ ڪرندي، انسانيت روئندي روئندي اوجل ٿي ويندي. پوءِ جيڪڏھن افساني ۾ ”ماحول کي مقدم رکيو ٿو وڃي،  ته انھيءَ لاءِ ته ڀلي کيس اُٿلائي پٿلائي، چيري ڦاڙي خوب نشانو بنائجي: ڀلي ڏيکارجي ته کيس پنھنجو ئي گهُڻو کائي رھيو آھي. اسان جي سنڌي ادب ۾ اھڙا افسانا لکجن پيا؛ انھن ليکڪن بيشڪ کيرون لھڻيون ۽ کين مبارڪ ھجي. ”ڪردار“ کي افساني ۾ مقدم ٿي رکيو ٿو وڃي، تڏھن ڄڻ ته ڪنھن بنھه نازڪ شيءِ کي ٿو ھٿ لائجي. افساني ۾ جذبن جو ڊھڻ ۽ ڪِرڻ بيوس ۽ بي حس ٿيڻ، سُن ٿي وڃڻ، ڇتو چريو ٿيڻ ڌڪار ۽ نفرت جو اُڀرڻ يا وري پچڻ ۽ جرڪڻ _ نھايت حيرت ۾ وجھندڙڳالھيون آھن. جيڪڏھن اسان جو ”ڪردار“ ڊھي ٿو پوي، سُن ٿي ٿو وڃي، بيوس ۽ بي حس ٿي ٿو پوي، ڇتو چريو ٿو ٿئي يا ڌڪار ۽ نفرت ٿو ڪري ته چئبو ته اُھو ڪردار به ماحول جو نشانو ٿي ويو. اھڙي افساني ۾ ماحول مقدم رھيو، نه ڪردار. اھڙو افسانو به پھرين قسم جي افسانن ۾ اچي ويو. اھا ئي گندي ماحول جي گندگي ظاھر ڪئي ويئي. پر نيٺ ڪيستائين اسان ماحول جي شڪايت ڪندا رھنداسين؟ ڪيستائين ماحول اسان جي ڪردارن کي نشانو بنائيندو رھندو؟ ڪيستائين حيوانيت ڏند شيڪيندي رھندي؟ ڪيستائين اسان جا ڪردار ميڪ ميڪ ڪندا رھندا؟ ڇا اڃا اُھو وقت نه آيو آھي، جو پيار ۽ محبت پورھيو ۽ محنت، ماڻھو ۽ ماڻھپو، اڳتي وڌن ۽ ڇانئبا وڃن؟ جي اڃا نه آيو آھي ته ڪڏھن ايندو؟..... “

_ جمال ابڙو

[ھڪ خط مان ٽُڪرو، 1956ع]

 

”.........سائين، ”مھراڻ “ جي ھلندڙ سال جي پھرين اشاعت شايع ٿيل جمال ابڙي جي افساني ”پشو پاشا“ کي پڙھڻ جو موقعو مون کي ڇپجڻ کان اڳ لاڙڪاڻي ۾ مسودي جي صورت ۾ پڙھڻ نصيب ٿيو ھو، ۽ افساني جو بيباڪ روح، انوکو موضوع ۽ دل لڀائيندڙ عبارت ۽ ٻولي بيحد پسند آيا ھئم. ساڳيءَ اشاعت ۾ جمال ۽ اوھان جا دلچسپ خط به شايع ٿيا ھئا، انھيءَ ڪري ايندڙ افساني جو منتظر ھوس ته من دوست افساني يا خطن تي تبصرو ڪن. پر ڏٺم ته ڪنھن به ايڏانھن پورو توجھه ڪونه ڏنو. آءُ شايد جمال جي فن جي پھرين پرستارن مان آھيان، ۽ شايد آءُ ئي پھريون پڙھندڙ ھوس ، جنھن سندس پھرين افساني کي پڙھي، ھن اڳتي ھلي مشھور ٿيندڙ سنڌي افساني نگار کي خط لکي خراج تحسين ڏنوھو. ان بعد ھن صاحب، منھنجي درخواست تي، مون کي پنھنجا بھترين افسانا ”پيراڻي“ ۽ ”خميسي جوڪوٽ“ پڙھڻ لاءِ عنايت ڪيا. مون کي ٻن سنڌي فنڪارن جي فن تي تفصيل طور لکڻ جي زبردست تمنا رھندي آئي آھي: اياز ۽ جمال. مون کي آرزو آھي ته ڪنھن ڏينھن پنھنجي وطن وارن کي سندن  گودڙيءَ جي ھنن لالن جي صحيح قدر ۽ قيمت ڪٿي ٻُڌائي سگهان. خير، اڄ ڪيترن ڏينھن بعد جمال جي ھڪ تخليق تي ڪجھه چوڻ جو موقعو مليو آھي. ستم ھي آھي، جو سوچيان ويٺو ته ھن دفعي جيڪي مون کي لکڻو پوي ٿو، سوڪو ٻيو لکي ھا ته چڱو .....!“

_ رسول بخش پليجو

[ٽماھي ”مھراڻ“، 1956ع]

”..... توھان کي خبر آھي ته روزمره جي گفتگو کان الڳ ھڪ ادبي زبان به ٿيندي آھي: زبان جا معمار اديب ئي ٿيندا آھن. زباني گفتگو ۽ لکيت ۾ ظاھر آھي ته فرق ٿيندو آھي. جمال ابڙي جو افسانو”پشو پاشا“ پلاٽ جي لحاظ کان ترقي پسند سھي، پر زبان جي لحاظ کان ڪٿي ڪٿي مون کي ٿورو ڪمزور لڳو. لفظي تناسب منجھس ڪجھه گهٽ، ڀرتيءَ جا ڪيترا لفظ منجھس استعمال ٿيل ڏٺم. جن ڪن ڪن جاين تي جملن جي ترتيب کي ٽوڙي، اصل مفھوم کي وڃي ضرر پھچايو آھي. مثلاً: ”پشوءَ جي ذري ذري مان زندگيءَ جا آثار پيا ٽپڪندا ھئا“. ”آثار“ ۽ ”ٽپڪڻ“... الفاظ تجربا ٿيندا آھن ، ھڪ مخصوص مفھوم رکندا آھن، اُنھن جي ھڪ مخصوص نشست ھوندي آھي: لفظن جو استعارا استعمال روا آھي، پر انھيءَ ۾ به ڪوشش اھا ڪئي ويندي آھي ته لفظ پنھنجو حقيقي مفھوم جيئن وڃائي نه ويھن، نه ته اوپرا لڳندا، آثار ظاھر ٿيندا آھن، عيان ھوندا آھن، بکندا آھن، جھلڪندا آھن. ھيءُ جملو ائين به ٿي سگهي پيو ته ”پشوءَ جي حرڪت مان زندگيءَ جا آثار بکندا ھئا يا جھلڪندا ھئا!“ ساڳيءَ پئرا ۾ ”اڇلون ڏيندو ۽ ڇلڪندو ھو.“ پيالن جو ڇلڪڻ، اکين کي پيمانن سان تشبيھه ڏيئي انھن جو ڇلڪڻ،ته پڙھيو ھو سين، پر ماڻھوءَ جو اڇلون ڏيڻ ۽ ڇلڪڻ!... پشوءَ جي ڳالھه ھڪ ماڻھوءَ جي ڳالھه آھي يا درياھه جي .....؟“

_ شمس صديقي

[ٽماھي ”مھراڻ“.1956ع]

 

 لعل پشپ

ڪھاڻي

 

روشنيءَ جو ھڪ گم ٿيل ٽڪرو

 

اُن ڏينھن ائروڊرم جي ڪئنٽين اندر ڪوئي ڪونه ھو ۽ ڪائونٽر تي ويٺل شخص پنھنجو ڪنڌ ڪرسيءَ جي ٻانھن تي ڪيري ليٽي رھيو ھو. مون ڪافيءَ جو آرڊر ڏنو. آرڊر ڏيڻ بعد، ڪجھه سوچي، مان اُن جڳھه تان اُٿي ٻيءَ جڳھه تي وڃي ويٺس، جتان ڪئنٽين جي ٻاھر واري سوڙھي، ور وڪڙ سڙڪ نديءَ جي لھر جيان ھيڏانھن ھوڏانھن  ڦھلجي ويئي ھئي. مون سگريٽ دکايو ۽ اُن سڙڪ طرف نھاريندو رھيس. اُن جو ھر وڪڙ ويران ھو. ماحول جي اھڙي خاموشي وچ وچ ۾ ڪٽيندڙ ڪنھن ھوائي جھاز جي تيز آواز وقت بناوٽي ۽ ھٿرادو ڀاسي رھي آھي. ڪئنٽين طرف ايندڙ شخص دور کان نظر ايندو ۽ هر وڪڙ مان گذرڻ سان وڏو ٿيندو ويندو. سوڙھي سڙڪ جي ٻنھي پاسي ساوڪ، ان کي ڪتڪتائي ڪري ڇرڪائي ويندڙ ھوا جا جھوٽا، جُوھيءَ جي گلن جي خوشبوءِ پيتل .... ڏھه منٽ وڌيڪ. ٻي ڪافي. ٻيو سگريٽ. نظرون مٿي. ھيٺ، تڏھن به مٿي. يعني سامھون، ٻئي طرف، پوءِ به سامھون. ھوءَ ايندي ته آسپاس جوھيءَ جي خوشبوءِ کڻي ايندي. ملندي، مشڪندي، ’ھيلو‘ ڪندي، ھٿ ڏيندي _ جوھيءَ جي گلن جھڙو سفيد ھٿ. ھن ۾ سڀ ڪجھه صاف ۽ روشن آهي. صاف، روشن، چٽو. هن ۾ جيڪڏهن ڪجهه به ڪارو، اڻچٽو، اونداهو آهي ته مون طرف سنٻنڌ. ليڪن اهو روشن آهي يا اونداهو، اُن جي به سُڌ اڄ ئي ته پوندي. اڄ. ھاڻي. پنجن منٽن اندر. ھن چيو ھو، اڄ ھوءَ’ھا‘ ڪندي، يا ’نه‘ ڪندي. گذريل رات کان مون ھن ۾ ’ھا‘ ڪرڻ جا سڀيئي ڪارڻ ڳولھيا ھئا، ’نه‘ ڪرڻ جا سڀيئي ڪارڻ ڳولهيا هئا، ’نه‘ وارا ڪارڻ ڳڻيا ھئا. ڏسڻ چاھيو ھو، وڌيڪ ڪھڙا آھن. پوءِ ٻنھي جي ڀيٽ ڪئي ھئي . ھوءَ مون کان ھزار دفعا وڌيڪ خوبصورت آھي _ تنھنڪري ڪارڻ ’نه‘. مان ھن کان ھزار دفعا وڌيڪ سياڻو آھيان _ تنھنڪري ڪارڻ ’ھا‘. ھن جو پگهار چار سَو آھي، نوڪري پڪي آھي، منھنجو سوا ٻه سَو آھي، ان مان پنجاھه فضول عادتن پٺيان آھي، نوڪري ڪچي آھي _ تنھنڪري ڪارڻ ’نه‘. پيار آھي، گڏيل آمدني آھي، يعني ٻنھي جو پگهار سوا ڇھه سَو آھي _ تنھنڪري ڪارڻ ’ھا‘.

_ تون منھنجي گهر پنج لڳي ويھين منٽين پھچي ويندو ڪر.

[ھن جو گهر اُتيئي، اندر، ائروڊرم ۾ ھو، ’ائروڊرم ڪوارٽرس‘ ۾ .]

_ تو چيو ھو، مان تنھنجي گهر پنج لڳي ويھين منٽين پھچي ويندو ھوس. پوءِ ھڪ ڏينھن تو گهر اچڻ ۾ دير ڪئي ھئي. ڌيري ڌيري رات ٿي ھئي. تنھنجي مميءَ تنھنجي آفيس ۾ بيبي موڪلي ھئي، ۽ معلوم ٿيو ھو، تون اسٽاف سان نئون ’پلين‘ ڏسڻ وئي ھئينءَ، ۽ اُتي ڪنھن به ٻاھرئين شخص کي بنان خاص پاس جي اندر اچڻ جي منع ھئي. تڏھن جُوھيءَ جي نه، گلاب جي موسم ھئي. مان تنھنجي گهر ۾، ’ڪئنٽين مان سگريٽ وٺي اچان‘ چئي، ٻاھر نڪتو ھوس. ڪئنٽين کان ٻاھر بتيون ھڪ ھڪ ٿي ٻريون ھيون، ڪئنٽين اندر منھنجي حسرت ھڪ ھڪ ٿي وسامي ھئي. ٻري ھئي ۽ وسامي ھئي، ٻري ھئي ته وسامي ھئي. تون ڪڏھن ايندينءَ؟

۽ ڪافي پيئندي، سامھون نھاريندي، توکي ھن ساڳي ور وڪڙ تان ڪئنٽين طرف ايندو ڏٺو ھوم. اھو ڀرم، جو ھاڻ نه رھيو آھي ڪيترو نه رنگين ھو ته تون ھڪ کن اندر منھنجي نزديڪ پھچي ويندينءَ! مون ۾ اُن وقت بلڪل ڌيان نه ھو ته ھر وڪڙ وقت وٺندو آھي _ ۽ اُنھن وڪڙن سبب ئي تون دور کان مون کي نزديڪ لڳي ھئينءَ!

”ڇا ٿو سوچين؟“

تون مون وٽ پھچي وئي ھئينءَ _

”سوچيان نه ٿو، ڏسان ٿو.“

”تون سوچين ٿو ۽ ڏسين ٿو.“

”مان ڏسان ٿو ۽ ڏسان ٿو.“

”ڪنھن کي؟“

”سرڳ جي روشنين ۾ تري ايندڙ اپسرا کي.“

”مان پنھنجي سونھن جي ساراھه ٻڌي ٻڌي بور ٿي ويئي آھيان.“

”مان پنھنجي سمجھه جي ساراھه ٻڌي ٻڌي بور ٿي ويو آھيان.“

”خاڪ، تو ۾ ته ايتري سمجھه به نه آھي جو منھنجو پنھنجي سونھن بابت ٻڌي ٻڌي بور ٿيڻ سمجھي سگهين!“

”مان تنھنجو ھر روز ھتي انتظار ڪندس.“

”گهر ۾ نه؟“

”نه، ھن سڙڪ تان توکي دور کان ڏسڻ ۾ مزو آھي. ھر وڪڙ تي، تنھنجو گذريل وڪڙ کان وڏو ٿيندو وڃڻ، منھنجي نزديڪ ايندو وڃڻ مون کي سک ڏئي ٿو.“

”ھا، ھر وڪڙ وقت وٺندو آھي.“

ھا، ھر وڪڙ وقت وٺندو آھي، ۽ نزديڪ وٺي ايندو آھي؛ جيترا وڪڙ، اوترو وڌيڪ وقت ....مون تنھنجي پھچي وڃڻ بعد، پھريون دفعو سوچيو ھو. نه ته تنھنجي موجودگي ئي ھن جھان ۾ ھڪ چيز ھئي جا مون کي اُن روڳ کان نجات ڏيندي ھئي .... ھڪ ئي چيز، تنھنجي موجودگي، تنھنجو خوبصورت جسم. تنھنجي اکين جون بجليون جن ۾ منھنجا دک جلي ڀسم ٿي ويا ھئا.

ٻيءَ طرح مون کي معلوم آھي، ماڻھو سمجھندا ھئا ته مان ھن جي ننڍي ڀيڻ تي موھت آھيان. ليڪن منھنجن ويجھن دوستن جو چوڻ ھو ته مان ھن جي وڌوا ماءُ پٺيان آھيان.

[ھوءَ ھنن جي ٻي ماءُ ھئي. شاديءَ جي چئن سالن بعد وڌوا ٿي، بنان ڪنھن اولاد جي. مان ھن سان فري ھوس.]

[ھن جي ننڍيءَ ڀيڻ معرفت ئي، مان ھن جي ڪانٽئڪٽ ۾ آيو ھوس. ھن جي سورھن سالن جي ننڍي ڀيڻ کي منھنجي چاليھن سالن جي دوستن جيان منھنجون شروعاتي ڪھاڻيون وڌيڪ پسند ھيون. مان ھن سان فري ھوس.]

”توکي گهڻو وقت ترسڻو پيو، ايڪسڪيوز.“

”سڀ بتيون منھنجي سامھون ٻريون آھن.“

”۽ مان سڀني بتين مان رستو ڳولھيندي تنھنجي سامھون آئي آھيان.“

”تون منھنجي صحبت ۾ ھوشيار ٿي ويئي آھين!“

”تون منھنجي صحبت ۾ ڇسو ٿي ويو آھين!“

مون ھن لاءِ ڪافيءَ جو آرڊر ڏنو ھو. ٻاھر نڪرڻ سان معلوم ٿيو ته ائروڊرم کان ٻاھر، سامھون واري سرڪاري اسپتال ۾ اٺ لڳا آھن. اندر، ڪٿي ڪٿي پنگ پانگ ٿي رھي  ھئي. ان جي لڳاتار ٽڪ ٽڪ، وچ وچ ۾ لھندڙ يا چڙھندڙ ھوائي جھاز جي گڙگڙاھٽ ۾ گم ٿي ٿي ويئي. ٻه ٻه بئرڪون، يعني ائروڊرم ڪوارٽرس، گڏ ھيون ۽ ٻنھي جي وچ ۾ چڱو مفاصلو ھو ۽ ٻن ٻن بئرڪن ۽ ٻين ٻن ٻن بئرڪن جي وچ ۾ تمام گهڻو مفاصلو ھو. ھوءَ ائروڊرم آفيس ۾ ٽائيپسٽ _ ڪم سٽينو _ ھئي. سال جي صرف ٻن ٽن زوردار برساتين وارن مھينن کي ڇڏي، ھن جي اکين کي ڏسڻ لڳ ڀڳ ناممڪن ڳالھه ھئي. باقي سڀ مھينا، لڳ ڀڳ سمورو وقت انھن تي ’ري بان‘ جا گلاسز چڙھيل رھندا ھئا. مون کي ياد آھي، مان جڏھن اڃا ھن جي گهر نه ويندو ھوس، ھڪ ڏينھن، منجھند جي تيز اُس ۾، ھن جي آفيس ۾ وڃي، ھيٺ جھڪي، ھن جي ڪنن اڳيان منھن آڻي چيو ھوم، ”ٻه منٽ ٻاھر نڪر، تمام جلدي.“ ڪنھن اڻوڻندڙ ڳالھه جي سمڀاونا ھن ۾ بي چئني ڀري آھي. ھوءَ تڪڙو منھنجي پٺيان آئي.

”ڇا آھي؟“

”خاص نه آھي.“

”ٻڌاءِ، ٻڌاءِ، ھتي ٻڌاءِ ....“

”ٻاھر اچ، ڪنھن اڪيلي ھنڌ.“

ڪنھن اڪيلي ھنڌ، ٻاھر اچي ....

”ڇا آھي؟“

مون ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو.

”ڇا آھي؟“

”اھو چشمو ....“

”ھي چشمو ....؟“

”ھڪ منٽ لاھيندينءَ، ھڪ منٽ لاھه.“

”ليڊيز چشمو تون ڇا ڪندين؟“

”ڏسندس.“

ھن چشمو لاھي مون طرف وڌايو.

مون ھَٿُ نه وڌائي، ٻئي ھَٿَ وڌايا. ھن جي ٻنھي ٻانھن ۾ وجھي ھن جي اکين ۾ نھاريو. انھن اکين ۾ نھارڻ لاءِ مان مدت کان بي چئن ھوس. مان نھاريندو رھيس. ڀرپور، ڀري ڀري. اُھي نه معلوم ڪيتري مدت تائين وري انھن شيشن پٺيان لڪي وينديون. ڪيترا ڀيرا مون چاھيو، اُن چشمي کي گم ڪري ڇڏيان. ائين ڪريان جو جنھن وقت ھوءَ منھنجي ڳالھين ۾ گم ٿي ويندي آھي، مان ھن جو چشمو گم ڪري ڇڏيان. ڪيترا ڀيرا مون ھن جي ننڍيءَ ڀيڻ کي چيو، ”اھو چشمو توکي ڏاڍو سٺو لڳندو.“ ڪيترا ڀيرا مون ھن کي چيو، ”توکي اھو چشمو بلڪل سٺو نه ٿو لڳي.“ ھن ھميشـه اھو جواب ڏنو، ”منھنجي ھر ساڙھيءَ جي ڪلر سان مئچ ڪندو آھي.“

اُن کان پوءِ ھن ائين ڪيو جو ڪٿان ري بان جو چشمو وٺي آئي ھئي. مون چيو، ”اھو به پائيندينءَ، ٻيو، ھڪ جي مٿان؟“ ھن کلي چيو، ”نه، تولاءِ آھي. منھنجي ڏاڍي مرضي ھئي، اھڙو چشمو تون به پائين.“ مون ڪجھه نه چيو ته ھن ڪيس کولي، چشمو ڪڍي، اڳيان اچي، منھنجي اکين تي رکيو. ھن جي سيني جون ٻه نوڪدار چھنبون ٻن سُين جيان منھنجي بدن ۾ چڀي ويون. ھڪ لرزش منھنجي سڄي جسم کي ڏڪائي ويئي۽ سڄي ننگي جسم کي ڏيکاري ويئي. واسنا جي امرت کي شايد ھن به منھنجي ديھه ۾ ڦرندو ڏٺو، محسوس ڪيو، ۽ لڄي ٿي ويئي. ليڪن .... مون ۾ ھڪ ڊپ آھي ته پريم واسنا طرف وڌڻ سان، اُن سان ملي ھڪ ٿيڻ سان پنھنجو ارٿ کورئي ڇڏيندو آھي _ ڇو ته، ان ڏانھن وڌي، اتي پھچي، پنھنجو ’مانسڪ سطح تي پاتل گهرو انڀو‘ کوئي ڇڏيندو آھي. ليڪن پنھنجي ان ارٿ نه کوئڻ سان به واسنا، طرف نه وڌي، صرف پاڻ تائين محدود رھي، ڪھڙو سک پائيندو آھي؟

ھن نراس ٿي چيو، ”توکي ھي چشمو بلڪل نه ٿو ٺھي.“

نه ٺھندو ھوندو، نه ٺھي، مون لاھي ھن کي ڏنو.

”تنھنجو منھن تمام ننڍو آھي، ماس بنان....“

”ھڏيون آھن ۽ چمڙي آھي.“

مان نروس ٿي آيس.

”تون کاڌو نه کائيندو آھين؟“

”صبح جو ڪسرت نه ڪندو آھيان.“

مون سمجھيو، مون مذاق ڪيو، ھوءَ کلندي. مون چاھيو، ھوءَ کلي ۽ مان وڌيڪ نروس نه ٿيان. پر ھن گنڀيربڻجي چيو، ”توکي ھر روز صبوح جو سويل اُٿي ڪسرت ڪرڻ گهرجي.“

”ان کان پوءِ ڏندڻ ڪري کير پيئڻ گهرجي.“

مون سمجھيو، مون ھُو نه ته ھي مذاق ڪيو، ھاڻي ھوءَ ضرور کلندي. ليڪن ھن اڃا به وڌيڪ گنڀيربڻجي چيو، ”ھا، سچ پچ .... گهٽ ۾ گهٽ ھڪ سير کير.“ مون ھن ڏانھن نھاريو. ھن جي چپن ۾ شراب ۽ ڳلن ۾ کير ھو. ھن جي ديھه ۾، گهٽ ۾ گهٽ جيتري مان ڏسي سگهيو ھوس، ڏسي سگهيس ٿي، ڪائي به ريکا _ لڪير نه ھئي. ھوءَ سنگمرمر جو خوبصورت اسٽئچو ھئي. جڏھن به ان جسم جي ڪنھن حصي تي منھنجا ھٿ ڪريا، تڏھن ڪنبيا ۽ ڪري آيا. تڏھن مان وڌ ۾ وڌ ائين ڪري سگهيس جو ڏينھن جي روشنيءَ کان منھن ھٽائي، ھيٺ جھڪي، ھن جي ڪن مٿان لٽڪي آيل وارن جي چڳ ۾ پنھنجون اکيون لڪائي ڇڏيم. شانتي. انڌڪار. سواس. ڌڙڪڻ. خوشبوءِ. خواب.

اڄ ھن دير ڪئي آھي. ھوءَ ايندي، ’ھا‘يا ’نه‘ڪندي. ’ھا‘ ڪندي ته خوشنما ماحول، خوبصورت زندگي ھميشـﮧ لاءِ دائمي رھندا _ جدا جدا موسمن ۾ ، انھن موسمن مطابق، جدا جدا گلن جي مھڪ کڻي ايندي. ليڪن ’نه‘ ڪندي ته، ’نه‘ ڪري ته....

پندرھن منٽن وڌيڪ گذريا آھن ۽ ڪئنٽين ۾ ماڻھو اچڻ شروع ٿي ويا آھن. اٺين تائين چھل پھل رھندي ۽ پوءِ اڌ ڪلاڪ اوٻاسيون ڏئي، پاسا ورائي ورائي، ڪائونٽر تي ويٺل ھي شخص ڄڻ ننڊا کڙي آواز ۾ چوندو، ”گڻيش (ڪڏھن گڻيش ڀڳوان) دڪان بند ڪر.“ ۽ دڪان بند ٿيڻ جو آواز، ھن کليل ميدان، ماحول جون ھوائون کڻي دور تائين ڊوڙنديون. مان سوچي رھيو آھيان، ياد ڪندس، گهڻو سوچي سگهندس. تون سمجھه کڻي، ھوءَ ’ھا‘ ڪندي. تون ھن کي ھميشـﮧ لاءِ پائين ٿو. هن جي ان ها ۽ ان هميشه لاءِ پائڻ وچ ۾ بس ايتري وقت ھن جي دوري آھي جو ٽي شاھد حاضر ڪرڻا آھن ۽ انھن سان گڏ رجسٽرار سامھون بيھي قسم کڻڻو آھي. مون کي اھا ڳالھه سک ڏيئي رھي آھي ته ان وقت، مون سان گڏ قسم کڻڻ وقت، هن جي اکين تي ري بان نه ھوندو. ائين نه ته قسم کڻڻ وقت ري بان پائڻ قانون جي خلاف آھي. ليڪن اھڙي وقت، رجسٽرار سامھون ري بان چاڙھي قسم کڻڻ ھن کي ئي سٺو نه لڳندو. ۽ مون کي ان ڳالھه کان وڌيڪ اھا ڳالھه سک ڏئي رھي آھي ته پھرين رات مان سڀ کان پھريون ڪم اھو ڪندس ته اھو چشمو گم .....

ماڻھو اچي رھيا آھن ۽ وڃي رھيا آھن. ھوائي جھاز لھي رھيا آھن ۽ چڙھي رھيا آھن. مون پنھنجا ھٿ ٽيبل جي ھيٺان لڪائي ڇڏيا آھن. ’نه‘ ٻڌڻ سان ، انھن جو ڏڪڻ مون کي پسند نه آھي. ٻاھر بارش شروع ٿي ويئي آھي. بارش ۾ ھوءَ ھتي ويھڻ پسند نه ڪندي آھي، ڪٿي به ويھڻ پسند نه ڪندي آھي. ان ھڪ جڳھه کي ڇڏي .... شيڊ ھيٺان رکيل ان پٿر جي ٿلھي تي، جنھن جي پٺيان شاھي ميدان آھي، ۽ ميدان کان پوءِ مکيه رستو آھي، ۽ رستي جي سامھون سرڪاري اسپتال آھي. ۽ سامھون دور تائين ڪجھه نه آھي، ڌرتي آڪاش ھڪ آھن. ٿوري مفاصلي تي بجليءَ جو ٿنڀو آھي. جڏھن برسات نه ھوندي آھي، تڏھن زمين جي ساوڪ تي سمھيل اُن ٿنڀي جو پاڇو ھوائن جو ڇُھاءُ پائڻ سان ئي بي چين ٿي ڦٿڪندو نظر ايندو آھي، بار بار ڦٿڪندو نظر ايندو آھي. ۽ پٺيان، پري کان، رستن تي ڊوڙندڙ موٽرن جو آواز وچ واري شاھي ميدان ۾ پنھنجي شڪتي وڃائي، نٻل بڻجي، ان پٿر جي ٿلھي جي آسپاس دم ٽوڙيندو آھي.

ھوءَ آئي آھي ۽ مون بيھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پر اھو سوچي ته بيھڻ سان منھنجي ھٿن جي ڏڪڻي ھوءَ مارڪ نه ڪري، مان نه ٿو بيھان. ھوءَ پنھنجي ليڊيز امبريلا ڪئنٽين جي ڪنڊ تي رکيل بالٽيءَ ۾ رکي آئي آھي.

”تنھنجي ڇَٽي؟“

ھن کي معلوم آھي، منھنجي ڪھڙي ڇٽي آھي. بالٽيءَ ۾ رکيل ٻين ڇٽين سان گڏ نه ڏسي به ھوءَ پڇي رھي آھي، منھنجي ڇٽي ڪٿي آھي.

”نه آھي.“

”نه کڻي آئين؟“

”ان وقت برسات نه ھئي.“

ھوءَ مُشڪي.

”۽ ھاڻي؟“

مان ٻاھر نه ٿو نھاريان، پر چوان ٿو:

”تيز آھي.“

”اڄ پنھنجو فيصلو نه ٻڌايان ته؟“

ھوءَ خواھه مخواھه مون کي خفي ڪري رھي آھي. ھن کي معلوم آھي ته مان ڄاڻان ٿو. ھن کي سمورو ڄاڻان ٿو ۽ فيصلو ھن جو آھي، تنھنڪري اھو به ڄاڻان ٿو. ان کي صرف لفظن جو لباس کپي، ٻيءَ طرح اھو من ۾ ننگو آھي _ ٻنھي جي، ھن ۽ منھنجي من ۾ . ھن جي چھري تي ڪائي تاڻ نه آھي. منھنجي اندر ’نه‘ وارن سببن جي سڄي قطارن ڪنھن گهر انڌڪار ۾ کوئجي ويئي آھي _ ۽ ’ھا‘ واري سڄي قطار ھن جي مسڪراھٽن سان چمڪي اُٿي آھي.

”ھڪ ڇٽيءَ ۾ ....“

پر مان صرف خاموش آھيان.

”ٻئي ڀِڄي وينداسين.“

”ھتي ئي ويھون؟“

”گهر ھلون؟“

”ھتي ئي ويھون .“

”ٻاھر ھلون؟“

”تو چيو، ٻئي ڀِڄي وينداسين.“

”ٻئي اڌ اڌ _ منھنجو ڏائو اڌ، تنھنجو ساڄو اڌ.“

”ته اُٿ.“

اسان ٻئي ٻاھرنڪتا آھيون ، ھڪ ئي ڇٽيءَ ھيٺان، پنھنجي اڌ اڌ پاسي جي ڀِڄڻ جو ڪوئي خيال نه ڪري. ھوءَ چئي رھي آھي، ”وري اھڙي رات نه ايندي.“

مان چاھيان ٿو، ڇٽيءَ مٿان ڪرندڙ بارش جي شور ۾ ھن جو آواز ڇو نه گم ٿي ويو.

”توکي ٿڌ ٿي رھي آھي.“

۽ منھنجا ھٿ وڌيڪ ڏڪڻ لڳا آھن. مان ڪٿي ويھڻ چاھيان ٿو. پنھنجا ھٿ کيسن ۾ وجھي ويھڻ چاھيان ٿو. مان ڄڻ اعتراض وٺندي چوان ٿو ، ”اھڙيون راتيون گهڻيون اينديون _ ڇو، سڀ راتيون اينديون ۽ سڀ اھڙيون ھونديون.“

ھوءَ چئي رھي آھي، ”شل ائين ممڪن ٿي سگهي!“منھنجو اندر کڄيل ساھه ڪٿي منجھي پيو آھي.

”مون فيصلو ڪيوآھي ته توکي اڄ پنھنجو فيصلو نه ٻڌائينديس.“

مان چپ چاپ، ھن سان لڳي لڳي ھلي رھيو آھيان. وچ ۾ ھڪ دفعو ھوءِ روڪجي، منھن ڦيري، سامھون اچي ، منھنجو ھٿ پڪڙي چئي رھي آھي، ”توکي ته سچ پچ ٿڌ لڳي رھي آھي. ھل، گهر ھلون، گرم ڪافي پي.“

منھنجي ھٿن جو ڏڪڻ بند نه ٿو ٿي سگهي ته ان جو ھڪ ئي علاج آھي ته منھنجا ڏند به کڙڪن! يعني ھن جو ويچار صحيح ٿيڻ گهرجي ته مون کي ٿڌ لڳي رھي آھي. ھن جي اُن ويچار جي قبوليت ۾ ئي بچيو رھان. لڪل رھان. ليڪن ان قبوليت لاءِ، ھن جي گهر ھلي ھن رات کي قربان ڪرڻ جي قيمت وڏي آھي.

”ڇٽي نه کڻي آئين، سئيٽر نه پائي آئين، تون لائيف ۾ ڪجھه به نه ڪري سگهندين.“

”ڪک ڀڃي به ٻيڻو نه ڪندس.“

ھوءَ لکڻ لڳي. ڪجھه مھينا اڳ، ھر ڳالھه پٺيان ھوءَ مون کي چوندي ھئي: ”تون لائيف ۾ ڇا ڪندين؟ صرف ڳالھيون، باقي ڪک ڀڃي به ٻيڻو نه ڪندين.“ اھو محاورو ھن جي واتان ڪجھه غير سڀاويڪ لڳندو آھي. شايد، ڪنھن طرح، پنھنجي پھرين ماءُ جي واتان ئي ھن اھو محاورو ٻڌو ھوندو. جڏھن مان ٻڌي ٻڌي تنگ ٿي پيس، تڏھن، مون کي ياد آھي، ان محاوري مان مذاق پيدا ڪري ھن کي ھڪ ڏينھن خوب کلايو ھوم. ائروڊرم جي اُن ڪئنٽين ۾ ھن ڪنھن ڳالھه جي سلسلي ۾ جڏھن چيو ھو: تون ڇا ڪندين؟ لائيف ۾ ڪڏھن ڪک ڀڃي به ٻيڻو نه ڪندين. تڏھن مون ٽيبل تي رکيل پنھنجي ماچيس جو ھڪ پاسو ڀڃي، ھن کي چيو ھو، ”ته ھي ڏس، ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ مون لاءِ مشڪل ڪم نه آھي.“ھوءَ تمام گهڻي کلي ھئي ۽ ھن کي اڃا وڌيڪ کلندو ڏسڻ لاءِ مون اھو ماچيس ئي ھيٺ اڇلائي، ان کي بوٽ جي پادرھيٺان چيڀاٽي چيو ھو، ”ھڪ ڇو، چاھيان ته سڀيئي ڪک ڀڃڻ مون لاءِ رواجي کيل آھي.“

....اچانڪ لڳي رھيو آھي، تنھنجي منھنجي ديھه وچ ۾ ديوار آھي. تون ديوار جي ھڪ پاسي، مان ٻئي پاسي ھلي رھيو آھيان. نه معلوم ڇا آھي، جنھن مون کي توکي ڪٽي رکيو آھي. تون مون سان آھين، گڏ ھلي رھي آھين، پرتون ڪيرآھين جا مون سان گڏ ھلي رھي آھين؟ تو منھنجو ھٿ پڪڙيو آھي، پر اھو منھنجو ھٿ آھي؟ مان مڃي ھليو آھيان ته مون لاءِ سڀ تون آھين. ليڪن منھنجي مڃڻ کان مٿي ھڪ جڳياسا آھي _ پنھنجي پريچيه پائڻ جي جڳياسا. ۽ تنھنجو پيار؟ ۽ تنھنجو پيار؟

رٻڙ جي بوٽ اندر پاڻي ڀرجي ويو آھي. تڪڙو نه ھلي سگهجي. پٿر جي پل پري نه آھي، اھو ھن لئمپ پوسٽ مان معلوم ٿيو آھي. آسمان جيترو ڀريل آھي، اندر ۾ مان اوترو خالي آھيان. پل اچي وئي آھي. امبريلا بند ڪري، تو ان کي ھڪ پاسي ليٽائي رکيو آھي. پٺيان. پري کان، ڌنڌليون روشنيون ڊوڙي رھيون آھن. آسپاس بارش سان سنگهرش ڪري نڪرندڙ ساڻي ٿيل، ٿڪل، پيلي، بيمار لئمپ جي روشني _ جا ڄڻ روشني به نه آھي. تون ڪجھه ڳالھاءِ. مان پاڻ ۾ اچان. منھنجو ھي روپ مون کي ئي ڊيڄاري رھيو آھي. توکان ڪٽجي مان زمين کان ڪٽجي ويو آھيان. توکان ٻاھر، مان وقت کان ٻاھر ھليو ويو آھيان.

”مان اڄ به پنھنجو فيصلو ....“

”ان جي ڪائي ضرورت نه آھي.“

”تون ناراض آھين؟ مون توکي ھيترو ترسايو ....“

”تون سمجھين ٿي؟“

”مان نه ٿي سمجھان.“

”تون صحيح آھين.“

”پوءِ اڄ خاموش ڇو آھين؟“

مان ھن جي منھن ۾ نھارڻ چاھيان ٿو. ليڪن ھيٺ نھاريان ٿو. بارش شايد جھڪي ٿي ويئي آھي، تڏھن ئي لئمپ پوسٽ جي روشنيءَ جو ھڪ ٽڪرو، نه معلوم ڪڏھن وڌي، ھن جي ھيٺ لڙڪندڙ ننگن پيرن تائين پھچي ويو آھي. ننڍا، سھڻا پير. نه، ھن جي چھري کي ڏسڻ جي ڪائي ضرورت نه آھي. ھن جي پيرن مان ظاھر آھي، اھو ڪيترو حسين آھي، ھوءَ سموري ڪيتري حسين آھي. مان ھيٺ نھاريندو  رھان ٿو. ھن جي پيرن کي ڏسندو رھان ٿو. روشنيءَ جو اھو ٽڪرو ھاڻ ڪنبي ڪنبي، ڊڄي ڊڄي، انھن کي ڇھي رھيو آھي _ ڇڏي، وري ڇھي رھيو آھي. ڇڏيو رھيو آھي ۽ ڇھي رھيو آھي، ڇڏي رھيو آھي ۽ ڇھي رھيو آھي. ڇڏڻ وقت، ڪجھه پرڀرو وڃي، عجيب غريب شڪل ٺاھي، شڪل بگاڙي، اڃا به زور سان ڪنبي رھيو آھي. تڏھن مان ان طرف نه ٿو نھاري سگهان.

اُداسي، اُداسي به نه _ نه معلوم ڇا. مان ھيٺ لٿو آھيان. پنھنجي اندر، تنھنجي اندر، سڀني جي اندر، ڄاڻڻ لاءِ. ’سچ‘ پائڻ لاءِ. ڄاڻڻ لاءِ، ’سچ‘ پائڻ لاءِ، مون ڏٺو آھي، ھڪ ڏاڪڻ بعد ٻي ڏاڪڻ آھي. اسين سڀ بيوقوف آھيون جڏھن سمجھندا آھيون، وڌيڪ ڏاڪڻ نه آھي، اسان پھچي ويا آھيون، ’سچ‘ پائي ويا آھيون ...

اُداسي. اُداسي به نه معلوم ڇا.

تنھنجي اندر پاڻ کي کڻي جنھن ’سچ‘ کي مون پاتو آھي، اھو آخرين ’سچ‘ آھي، يا ....

ائين آھي ڇا ته پنھنجي پريچيه پائڻ جي جڳياسا ھن جي پيار ۾ ڪٿي پٺيان رھجي ويئي آھي، اندر ھلي ويئي آھي _ ۽ ھاڻ، ان ڳالھه کان ساوڌان ٿي ويئي آھي، تنھنڪري ان مون کي توکان ڪٽي رکيو آھي؟ ڇو ته جڏھن جڏھن اھا پٺيان رھجي ويئي آھي، منھنجي نظرن دنيا کي ھڪ اجنبيءَ جي نظرن سان ڏٺو آھي.

آسمان ۾ زوردار شور. ٻنھي مٿي نھاريو آھي. صرف شور. شايد بادلن ۽ آسمان وچ ۾ ڪوئي پلين آھي. ان جي ڪائي منزل آھي. تنھنجي منھنجي به ڪائي منزل آھي. تون مان گڏ نه ھونداسين ته اھو نه ھئڻ به منزل آھي. ڇو ته ھو منزل نتيجو آھي، پهچ آهي، پڇاڙي آهي. هر چيز جي منزل آهي. ھر چيز جي؟ ڪئن، ڪئن؟ منھنجي ھن جڳياسا جي منزل ....

ھن منھنجو ڪلھو لوڏيو آھي ۽ قريب آئي آهي.

”تون به هوائي جهاز آهين!“

مان منهن بڻائي چوان ٿو، ”مان، مان؟“

هوءَ کلي چئي رهي آهي، ”ڇو ته تون به اڄ ھن ھوائي جھاز جيان گم آھين.“

”تون پائلٽ آھين ته مون کي ٻاھر ڪڍ.“

”مان تيار آھيان.“

”ٿئنڪس .“

”ٿئنڪس واپس، ٻاھر ڪڍي توکي ھيٺ اڇلينديس!“

”تون بچي ويندينءَ؟“

”ضرور، پر توکي به بچائينديس؛ پر تون ايترو مضبوط نه ھوندين ته ان لاءِ پاڻ کي نه مارينديس.“

ھيٺ نھارڻ سان معلوم ٿيو، ھن جي پيرن تي اھو روشنيءَ جو ٽڪرو نه ھو، اھو ٿورو پري به نه ھو. جيستائين وڃي سگهيو ھو، ان کان به پري ھليو ويو ھو.

ھوءَ منھنجا ٻئي ھٿ پڪڙي ناٽڪي نموني چئي رھي آھي، ”ارمان نه ڪر، منھنجا پيارا ھوائي جھاز! مان ڀرپور ڪوشش ڪنديس _ تون به بچين، مان به بچان.“

اچانڪ مان ھن جي ھٿن کي دٻائي، پاڻ طرف ڇڪي چئي رھيو آھيان، ”رڪما، اھو سڀ تون پنھنجو فيصلو ته نه ٻڌائي رھي آھين؟“

ٻڌڻ سان رڪمان جي سندر چھري تان کل گم ٿي ويئي آھي. ھن پنھنجن ھٿن کي منھنجن ھٿن ۾ رھڻ ڏنو آھي. ھوءَ پنھنجو منھن ھيٺ ڪري چئي رھي آھي، ”پھرين پرامس ڪر ته مون کي ٻئي روپ ۾ پائي ڇڏي نه ويندين.“

شانتي. دک ڇا جو؟ توکي پايان ھا ته پوري طرح نه پائي سگهان ھا. ته توکي کوئي ڇامان پوريءَ طرح کوئي سگهندس؟ شانتي. دک ڇاجو؟ منھنجو ڪھڙو پائڻ مڪمل سک آھي، ڪھڙو کوئڻ مڪمل دک آھي؟ توکي ٻڌايان نه ٿو رڪمڻي، پر منھنجي ھيءَ ڪھڙي ٽرئجڊي آھي، نه پوريءَ طرح مان پائي سگهان ٿو، نه پوري طرح مان کولي سگهان ٿو.

ھوءَ ڪنڌ ھيٺ ڪندي ئي، ڌيري ڌيري، چئي رھي آھي، ”تنھنجي موجودگي منھنجي ھستيءَ جو حصو آھي ۽ تنھنجون ڳالھيون ڄڻ ڏيئا آھن جن بنان منھنجي زندگي اونداھين آھي. پر، پر .....“

مان، ڄڻ نه پائڻ جي دک سان ڪوئي واسطو نه رھندي، بنان ڪنھن جذبات جي، ساڳيءَ طرح ھن جا ھٿ پڪڙي چئي رھيو آھيان، ”سچ ٻڌاءِ رڪما، تو مون سان شادي نه ڪرڻ جو فيصلو انڪري ته نه ڪيو آھي، ڇاڪاڻ ته تون عمر ۾ مون کان وڏو آھين؟“

اسان جو آواز ائين آھي، ڄڻ اسان مان اھو اتي پل تي نه نڪتو آھي. پٺيان، ڦھليل ميدان جي پار، کليءَ سڙڪ تي اسان ئي ان پل تي ويھي ٻڌي رھيا آھيون. جھڪو. سنھو. ھوائن ۾ کڄي ويل.

رڪمڻي منھنجون ٻانھون پڪڙي پنھنجي ڳلي ۾ وڌيون آھن. پنھنجو منھن منھنجي منھن جي نزديڪ آندو آھي.مون کي لڳو آھي، منھنجا ھٿ ھن جي گلي پٺيان وري ڏڪڻ لڳا آھن. ھڪ ٻانهن هيٺ ائين ڪِري پئي آھي ڄڻ بدن کان ٽٽي ڪِري پئي آھي. ڄڻ منھنجون اکيون وڌيڪ اندر ھلي ويون آھن. ڄڻ منھنجي ڳلن جون کڏون وڌيڪ گهريون پئجي ... يون آھن. ھوءَ چئي رھي، ”ته، اھو سبب نه آھي.“

مان ڪجھه نه ٿو چوان. اھو نه آھي ته ڪھڙو به آھي. فرق نه ٿو آڻي. فيصلو ’نه‘ آھي. مان ڪجھه نه ٿو چوان.

”تون مون کان خاص ننڍو نه آھين. ڄاڻان ٿي، ٻن سالن جو ئي فرق آھي. شايد ٽن سالن جو. خاص فرق نه آھي. نه، پئسن جي به ڳالھه نه آھي. مان ھونئن به سڄي عمر نوڪري ڪرڻ چاھيان ٿي. رنڌڻي ۾ گهٽ رُچي آھي. جنھن گهر ۾ وينديس، ان ۾ منھنجا ھر مھيني چار سـؤ ايندا. ائين به نه آھي ته تو ۾، ڪٿي، مان تنھنجي نه آھيان، ۽ ته اتي منھنجي پھچ ڪڏھن نه ٿيندي. مان اھو ڄاڻان ٿي، پر مان اھو به ڄاڻان ٿي، تو ۾ اُتي عورت نه پھچندي. اھو حصو ھر مرد ۾ ھوندو آھي. اھو ھن جو حصو پيار _ شادي _ عورت کان ٻاھر رھندو آھي. اڻڇھيل رھندي آھي. ان ۾ آدرش رھندو آھي. مقصد جلندو آھي.“

سڀ ٺيڪ آھي _ ھلون. مان چوان ٿو، ”ھلون؟“

ھوءَ چئي رھي آھي، ”شروع ٿيو آھي ته سڄو ٻڌ. مھرباني ڪر. مون کي سمجھه. مان تو ۾ رھي به، سمرتين جي روپ ۾ رھڻ چاھيان ٿي ته مٺي درد ۾ رھڻ چاھيان ٿي، ڪتڪتائي بڻجي رھڻ چاھيان ٿي. زندگيءَ جي ھڪ تلخ حقيقت بڻجي نه، چوٽ جو زھر بڻجي نه، اڃا به مناسب بڻجي سگهي ته زندگي ڀر تنھنجو سھواس پائڻ چاھيان ٿي.“

سڀ ٺيڪ آھي _ ھلون. مان برداشت نه ٿو ڪري سگهان.

”مان ھلڻ چاھيان ٿو.“

ھوءَ نھاري رھي آھي ته ڄڻ سڄي ڪَٽجي ويئي آھي. يا سڄي ڪَٽي رھي آھي. مون کي دک آھي. مون کي پاڻ کي سنڀالڻ گهرجي. مون چئي ڄڻ غلطي ڪئي ۽ سڌارڻ چاھيان ٿو. چوان ٿو، ”منھنجو مطلب آھي، مان ٿورو پنڌ ڪرڻ چاھيان ٿو.“ چئي مان اُٿي بيھان ٿو. ھن پنھنجو ھٿ مون طرف وڌايو آھي. ڄڻ، ٻڌائڻ چاھيو آھي ته اھو، اُن پل تان اُٿڻ کان پھرين ھميشـﮧ مون طرف وڌيو آھي، ۽ اڄ اھڙي ڪائي ڳالھه نه آھي جا ان ڳالھه ۾ فرق آڻي. سڀ ائين آھي جئن آھي. ليڪن منھنجي وڌيل ھٿ ۾ ڪوئي زور نه آھي. ھوءَ چئي رھي  آھي، ”رواجي پرش کي پنھنجي اڻ اڻڇھيل حصي جو احساس شاديءَ کا ن پوءِ ٿيندو آھي. غير رواجي پرش ۾ ان طرف احساس شروع کان ئي ٿيندو آھي.“

اسان جڏھن ھلڻ لڳا آھيون، تڏھن مان ڏسي رھيو آھيان، روشنيءَ جو اھو ٽڪرو ڪٿي به نظر نه ٿو اچي. ھوءَ پنھنجي گهر طرف ھلڻ چاھي رھي آھي. چئي رھي آھي، اُتي وڃي ٿوري دير ترسان، ڪافي پيئان ، پوءِ وڃان. مان چئي رھيو آھيان، مون کي دير ٿي رھي آھي. ھوءَ چئي رھي آھي، سو ڇا، ٽئڪسيءَ ۾ کڻي وڃج. ھن جو اھو ھٺ مون ۾ چوٽ پھچائي رھيو آھي . ڇو ته اھو ھٺ خواھه مخواھه فيصلي جي تلخيءَ کي گهٽائڻ لاءِ ھن پاڻ تي مڙھي ورتو آھي. مون کي بلڪل منظور نه آھي. تنھنڪري ھوءَ ائروڊرم جي مکيه ڦاٽڪ تائين مون کي ڇڏڻ آئي آھي. اُتي پھچڻ بعد اسان ٻئي بيھي رھيا آھيون. ھڪ سگريٽ ڪڍي مون دکائي ورتو آھي. ھوءَ ڪجھه چوڻ چاھي رھي آھي. مان ترسي بيٺو آھيان. آخر ۾ ھوءَ جھَڪي آواز ۾ چئي ٿي:

”سڀ ٺيڪ آھي. پر تون تمام سنھو آھين. تنھنجي ڇاتي ننڍي آھي. ڊيگهه .... سٺي آھي، پر تون سنھو آھين، سچ پچ تون تمام سنھو آھين، تنھنجا ڪلھا ....“

منھنجا ڪلھا ھيٺ لڙڪيل آھن، پر مان ھن کي جملو پورو ڪرڻ نه ٿو ڏيان. ٿورو اڳتي وڃي ھٿ لوڏيان ٿو ۽ گڊنائيٽ چوان ٿو. سڙڪ ۽ سڙڪ ۽ سڙڪ _ ۽ اونده ۽ اونده ۽ اونده ....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com