سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004-3ع

 

صفحو :6

 

شاعري

 

 شاعري خيال جي منظوميت آهي، نه ڪي خيال جي مظلوميت! هڪ معمولي، بي وقعت، بي معنيٰ، بي مقصد، الوڻو خيال ڪيڏن به شاندار لفظن جي جڙاءُ سان غير معمولي، باوقعت، بامعنيٰ، بامقصد ۽ سلوڻو نه ٿوٿي سگهي. ساڳيءَ ريت ڪوبه اعليٰ خيال، معمولي، اَسڀاويڪ، اجوڳن ۽ ڦلهڙن، اڻ لاڳاپيل لفظن ۾ ادا ڪرڻ سان پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم وڃائي ويهندو، بلڪل ائين جيئن زور جي ميندي نه لڳندي آهي. تيئن شعوري ڪوشش سان هڪ سٺو خيال زوريءَ زبردستيءَ منظرم ڪرڻ سان خراب ٿي ويندو ۽ ڪوبه تاثر نه ڇڏيندو، انڪري اُن جو، يعني خيال جو رچاءُ ضروري آهي. هوڙهيائي، اونٿرائي ۽ اتڙائي شاعريءَ ۾ ڪارنه آهي. خيال کي وهندڙپاڻيءَ وانگر، پنهنجو گس پاڻهي ٺاهڻ ڏيڻ گهرجي.

 

 

بشير مورياڻي

غزل

 

سهڻي! تنهنجو روپ آمايا، ساهڙ جهڙو روپ رچاءِ،

سا هَڙَ کولي ساهڙ سامهون، پل پل ساهڙ کي پرچاءِ.

 

منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏيئي اچ، منهنجي پير سان پير ملاءِ،

پنهنجي ڇير کي ڇمڪائيندي، اوري آءُ، جمالو ڳاءِ،

 

سنگ اچي مڌمست هوا جي، رابيلن جي مالها پاءِ،

نيڻ_ ڪٽاري لاءِ نشانو منهنجي دل آ، آءُ، لڳاءِ.

 

ڪاش ٿيان مان ٽِڪَ مُنڊيءَ جي، مون کي تون آڱر ۾ پاءِ،

من کي ڇِنُ ڇَنن مان منهنجي، پنهنجي ويڙهي منجهه وساءِ.

 

ساٺَ سَوڻَ سينگارَ سمورا، آهن ساجن تنهنجي لاءِ،

آءٌ اڌوري آهيان توبن، راڻا منهنجو روپ سجاءِ.

 

موتين کان وڌ منهنجا مارُو، سونَ کان سرس آماڳ ملير،

سونَ تي سيڻ مٽينديس ڪئن مان، مُور نه تون مون کي هرکاءِ.

 

ڏونگرَ ڏورِ نه ڏاگهن ڏي ڏِس، هوت پنهل آتو وٽ ئي،

سسئي! سِيسُ نوائي پنهنجو، اندر ۾ تون جهاتي پاءِ.

 

 

پيچُ پنهل توسان ئي پاتم، توکي پنهنجو سڀ ڪجهه ڄاتم،

تنهنجو اکين ۾ آکيرو آ، تنهنجي منهنجي جيءَ ۾ جاءِ.

 

هَٺُ هٺيلن جو هاڃو آ، نوڙت نوريءَ جو ونرواڻ،

ڪينجهر جي ڪنيا وانگي تون، ڄام تماچيءَ کي پِرڀاءِ.

 

تنهنجا زلف ٿيا زنجيرون، تنهنجي تارن ۾ تَبَرُون،

توسان ڪير مقابل ٿيندو، آءُ اچي تون آڻ مڃاءِ.

 

تنهنجي درشن لئه هيءَ داسي، پورن ۾ ڇو پوري ٿئي،

آءُ نماڻيءَ جي نجهري تون، پنهنجن ئي گهورن سان گهاءِ.

 

تن ۾ تنهنجي لاءِ ترشنا، من تنهنجي تاتِ تنوار،

اواکڙين ۾ ويهڻ وارا، مون کي پنهنجي انگِ لڳاءِ.

 

سنگ_ سهيلي، ٿي نه ڳهيلي، ڏِس تون منهنجو ڀيد نه کول،

ٿي وينديس بدنام اجايو، مٺڙي منهنجو راز لڪاءِ.

 

صرف رَئي جي ڪُنڊ ڇڪي مون، تنهنجا نيڻ_ ڪٽورا ڇلڪيا،

آءُ ڇڏيان، چهري جي گلابن جو پر تون ديدار ڪراءِ.

 

سوڪ ۾ سُڪندي سُڪندي ساجن! سِڪندي سِڪندي سال ٿيا،

اي ڍاٽين جا ڍولَ اسان تي مهر سندو تون مينهُن وَساءِ.

 

 

رئندي رئندي رات نه گذري، واجهائيندي ورهيه ٿيا،

چنڊ جئان ڪڪرن مان نڪري، هڪڙو ڀيرو ليئوپاءِ.

 

ميري آپوشاڪ پِرين، پر ميرو ناهي منهنجومن،

ڌيان ڌري ساڃهه جي جهروڪي مان تون اندر جهاتي پاءِ.

 

منهنجو سک ڀي سنگت سان آ، ٻئي جو ڏک منهنجو ڏک آهه،

آءٌ اڪيلو ناهيان جڳ ۾، ڏاتر سارو ڏيهه وَساءِ.

 

بوءِ بغاوت جي آئي آ، سوچ ڪويءَ جي تي ڇا نئي آ،

ٻي ڪَوتا کي پاسي تي رک، هاڻي گيتن اهوئي ڳاءِ!

 

 

 شبير ”هاتف“

منهنجو همدم

 

چون ٿا

ته همدرد آهين ۽ همدم به آهين

چون ٿا

ته غمخوار ۽ غمگسار آهين تون

چون ٿا

ته تون دوستن، دشمنن ۾

بنا ڀيد ۽ ڀاءُ جي

محبت ونڊيندو وتين

چون ٿا

سڀن جي اکين جا سڀئي لڙڪ پنهنجي اکين ۾ وجهي

تبسم ورهائيندو آهين

چون ٿا

ته هر دل جي هر زخم تي

تون پنهنجي گلابي هٿن جا پَها رکندو آهين

ته جهٽ ۾ سڀئي زخم ڇٽيو وڃن

چون ٿا

ته هر مرض جي لئي

سندئي هڪ نظر آهي ڪافي ۽ شافي.

چون ٿا

ته هر غمزده ڪنڌ کي تنهنجي ڇاتي

اها سانت ڏي ٿي

جا محبوب جي نرم ۽ گرم آغوش ۾ ئي ملي ٿي سگهي

جي ماڻهو چون ٿا

ته همدرد آهين ۽ همدم به آهين

ته سچ هوندو سائين!

مگر منهنجي ڀيري

اها غمگساري ڪٿي هئي!

جڏهن مون پڪاريو

جڏهن مون هڪل ڪئي

ته تنهنجي وراڻي ڪٿي هئي!

جڏهن درد مون کي ڪٽيو پئي، ڪَٽيوپئي

۽ دانهن تي دانهون ڪرايون

تڏهن سائين تنهنجي گلابي هٿن ۽ نظر جي

مسيحائي ڪيڏانهن وئي!

جڏهن منهنجي نيڻن مان دريا وهيا پئي

۽ تنهنجي پلئه ساڻ ڪي بند ٻَڌجي سگهن ها!

تڏهن تون ڪٿي هوئين سائين!

جڏهن مون ٿي چاهيو

ته تنهنجي ڪلهي تي رکي ڪنڌ

دنيا جا سڀ غم وساري ڇڏيان

تڏهن تون ڪٿي هوئين سائين!

 

جي ماڻهون چون ٿا

ته همدرد آهين ۽ همدم به آهين

ته سچ هوندو سائين!

                                      [ڪويت5_9_1993]

 

شبير ”هاتف“

 

غزل

 

اگر چه ميڪدي ۾ ڪلهه شراب عام جام هو

مگر اُهي ڪي ٻيا هئا هٿن ۾ جن جي جام هو

 

اُنهيءَ کي باغبان ڪَيئون جو گل ڇني هووڪڻندو

مون جهڙو گل پرست پر هميشه زيرِدام هو

 

هٿن سان باهه ۾ وڌم جي شعر خون سان لکيم

جهانِ قدر ناشناس کان هي انتقام هو

 

فقيههِ شهر فيصلا ڏنا ٿي حيثيت ڏسي

جو هُن جي لئه حلال هو سو هِن ئي جي لئه حرام هو

                                                 [جنوري_ 1992]

 

قطعا

 

مون کي سڙڻ ڏجو سورن جي باهه ۾ جي سڙان

مگر متان پڇو هي ڪنهن جي ٻاريل آهي

مران ته منهنجي قبر تي بس ايترو لکجو

هي يار پنهنجي پيارن جو ماريل آهي.

[حيدرآباد 24_ جنوري 1992]

 

اڳوڻي محبت جي دعويٰ ته ناهه

مگر هُن جي نالي ته سڏجون پيا

نه ڪو حال اورڻ، نه ڪا وِرهَه ونڊ

مڙئي لوڪ لڄ ڪاڻ گڏ جون پيا.

 [26_1_1992]

 

هزار بار مون کي دوستن جهليو ۽ پليو

تڏهن به پيار دلِ نامراد توسان ڪيو

ڪريان ها ڪهڙي طرح پنهنجي درد جو دارون

هٿان وڍئي جو ڪٿي ويڄ ۽ طبيب نه هو.

[حيدرآباد 26_1_ 1992]

 

آءٌ چوان ٿو ته محبت آهي

تون چوين ٿو ته محبت ڪانهي

آءٌ چوان ٿو ته زماني کان پچ

تون چوين ٿو ته ضرورت ڪانهي.

[26_1_1992]

 

توکان جيڪو ڪڏهو ڪوو سري ويو

آءٌ اُن ٻول سان ٻَڌل آهيان

منهنجي دل تي اڃا به تنهنجي ڇاپ

تنهنجي دل تان مگر لٿل آهيان.

 [26_1_1992]

 

نهاريم ڪيترن سالن کان تنهنجو گس

جڏهن آئين، ته ويٺين هڪڙو پل ۽ بس!

سڀاڻي جو ڪري وعدو نه وڃ سهڻا

سڀاڻي تي نه تنهنجو وس نه منهنجو وس.

[27_1_1992]

 

مون کي اهڙي ڪا خوشفهمي نه آهي

ته مون لي ڪو هنجون هاريندو هوندو

جڏهن هوندو نه آهي ڪوبه هن وٽ

تڏهن شايد کڻي ساريندو هوندو.

[27_1_1992]

  

نعيم دريشاڻي

وقت

وقت

هٿ ڊگهيري

الائي ڪٿان

ستارا، ڪَتيون، کير ڌارا

ڇني

پنهنجي سينڌ ۾

ڀريا

۽

قلو پطره

ٿي پيو!

 

ٻُڌ

خاموش

چُپ

شُ شُ شُ

ڪجهه نه چؤَ

سرگوشي به نه ڪر

ڪَنَ سَرِلا ڪري

رڳو ڌيان ڏي

  ٻُڌ

ادي رات سوچي ٿي!

  

 

ڪافي

 

چـــــنڊ تـــــنهـــــنـــــجـــــو مـــــڪـــــان

ڪـــــهڙي هـــــنڌادا!

اوچتو اُڀرين ڪنڊ ۾، جئن ڪوئي جِن

ڪڏهن پوڙهو مسافر، ڪڏهن ڪم سِن

ڪڏهن جوت جهيڪري، ڪڏهن اجرودن

عـــــقـــــل پـــــريشان

چنڊ تنهنجو مڪان

ڪـــــهڙي هـــــنڌادا!

ڇا آهين تانسين جي درد ڀري تان

ايترو سهڻو، شاعر ٿڪجي پيا. صديون ڪري بيان

ڇا هرروز چيرين ٿو مڪان و زمان

ننڍڙو تولاءِ آسمان

چنڊ تنهنجو مڪان

ڪـــــهڙي هـــــنڌادا!

 

بيدل مسرور

احساس

جڏهن به

تون مان

هڪ ٿي ويندا آهيون

بند اکيون ٿي وينديون آهن

پوءِ به

اينءَ لڳندو آهي

تنهنجي منهنجي

انگ انگ ۾

ڪيئي ڏسندڙ اکيون آهن.

(هڪ پينٽنگ کان متاثر ٿي).

 

ڪي خيال نوان

 

تنهنجا روپ سروپ، خيال نوان جاڳائن ٿا،

ڪي خيال نوان جاڳائن ٿا_

مون ڏي ڏسندي تنهنجا چپڙا،

ڪيڏي چرپر لائن ٿا،

ڪي خيال نوان جاڳائن ٿا_

ڳورا ڳل ڇا ڳوري تنهنجا،

منهنجي لءِ واجهائن ٿا،

ڪي خيال نوان جاڳائن ٿا_

تنهنجي اکين مان ڪيئي نياپا،

منهنجو من هرکائن ٿا،

ڪي خيال نوان جاڳائن ٿا_

صديون پيا ساريندا مون کي،

جي لمحن لاءِ لنوائن ٿا،

ڪي خيال نوان جاڳائن ٿا_

تنهنجا روپ سروپ، تنهنجا روپ سروپ،

ڪي خيال نوان جاڳائن ٿا_

 

 بيدل مسرور

 

ڪلهه ۽ اڄ

 

ڪالهه ته جت ڪٿ ساوا ساوا گاهه پٽن تي پَسبا ها،

اڄ اُتي بس ڳاڙها رت ۾ لاش دڳن تي پسجن ٿا.

 

ڪالهه ته جت ڪٿ سونا روپا هار ڳچين ۾ ڏسبا ها،

اڄ اُتي بس چوريون ڌاڙا ڌار گهرن ۾ ڏسجن ٿا.

 

ڪالهه ته جت ڪٿ پيارا سهڻا ٻار دڳن تي ڏسبا ها،

اڄ اُتي بس دهشت جا آزار گسن تي ڏسجن ٿا.

 

ڪالهه ته جت ڪٿ پيارا سهڻا ڍوليا يار کٽن تي ڏسبا ها،

اڄ اُتي بس ڪُهڻا ماڻهوءَ مار کٽن تي ڏسجن ٿا.

 

ڪالهه ته جت ڪٿ گيتن جي گونجار گسن تي ٻُڌبي هئي،

اڄ اُتي بس گولين جا ڌڌڪار گسن تي ٻڌجن ٿا.

 

هو ڪاڏي ويا، جي ڏسبا ها،

هو ڪاڏي ويا جي ٻڌبا ها،

جي تنهنجا منهنجا پنهنجا ها!

 

احمد خان مدهوش

 

غزل

 

جئن جئن عزيز دوست چون ٿا ”بُروڀلو“،

تئن تئن سندم ٿئيم ٿو هي حوصلو ڀلو.

 

ماڻهو رهي مزاج ۾ ٿو جيترو ڀلو،

سڏجي به ٿو جهان ۾ سو اوترو ڀلو.

 

طعنا هڻو، گلائون ڪيو، غيبتون گهڙيو،

آ عاشقن جي لاءِ اِهو مامرو ڀلو.

 

ناصح اوهان جي نيڪ نصيحت نٿي کپي،

سورن سان ساز باز اٿم سلسلو ڀلو.

 

منهن ۾ نه رکن خلوص ۽ پرپُٺ گلائون ڪن،

اهڙن منافقن سان ٽٽل واسطو ڀلو.

 

جنهن ۾ نه آشناس سو انسان ئي نه آ،

ماڻهو ڀلوڙ آ، جي اٿس ماڻهپو ڀلو.

 

سچل جي ڳالهه وانگر ته ڪو ڇا کڻي چوي،

ڪهڙي خبر ته اهه ڪوئي ڪيترو ڀلو.

 

ساڳي نه آهه سوچ سمورن جي دوستو،

ڪنهن آ چيو خراب، ته ڪنهن آ چيو ”ڀلو“.

 

آهي وصال يار جي راحت وڏي مگر،

اُن کان به آ فراق جو بيحد مزو ڀلو.

 

جنهن درپَسايو دوست جو ”مدهوش“ کي اچي،

اُن سور کي سلام، انهيءَ عشق جو ڀلو.

 

غزل

 

پيار جي ديس جو پکي آهيان،

ديد بي رحم جو ڌَڪِي آهيان.

 

ڪا گهڙي کن ته ڏيوم ساهه کڻڻ،

ٿڪجي پيو پَر هڻي هڻي آهيان.

 

توبچيءَ جي پناهه ۾ ٻکجِي،

نيٺ پهتو هتي اچي آهيان.

 

ٻيو ته ڪجهه ڀي نٿو گهُران سائين،

پيار ڏيو چيز پيارَ جي آهيان.

 

ڪين همدم اُڏار تاڙي هڻي،

توجيان مان به عارضي آهيان.

 

حال ”مدهوش“ جو جو پڇو ڇاٿا؟

ڪين ڪي هوس ڪينَ ڪي آهيان.

 

 

مير عبدالر سول ”مير“

Ÿ

 

توڙي قهري ڪانَ، ڪارو نجهر جي ڪُک ۾،

سوچن جا سامانَ، پوبه ڏئي ٿو ڏيهه کي.

 

ڀُونءِ مٿان ڀونچال، ڪري آيو ڪيترو،

مِٽي مالا مالُ، اڳ کان اڳري آئڙي.

 

متان هارين هانءُ ڌرتي منهنجي ديس جي،

رهيو اَٿم روح ۾، نلو تنهنجو نانءُ،

توڙي باندي آنءُ، پوءِ به اڳ کان اڳرو!

 

سانگ جن ساڻيهه جو، سِرَ سي سهسائين،

آزادي_ آلا پيو، ڳوٺن ۾ ڳائين،

اهي ئي آهيون، ڌڻي منهنجي ديس جا.

 

 

مون ۾ جو ماحول، جاڳي تنهنجي جيئڙي،

هُوندَمَ ههڙو هول، سِرجي تنهنجي ساه ۾.

Ÿ

ڏِٺم ساري ڏيهه ۾، ظالم جا زنجيرَ،

پوءِ به مارو ”مير“، ساٿ نه ڇڏن سَچَ جو.

 

ڏِٺم ساري ڏيهه ۾، سوريءَ مٿي سَچُ،

ڳچَ ٿين ٿا ڳچ، جيڪي ساٿي سَچَ جا.

 

ڏِٺم ساري ڏيهه ۾، اَجنبي انسانَ،

ڪڙڪا يائون ڪان، سيني اندر سنڌ جي.

 

ڏِٺم ساري ڏيهه ۾، سوريءَ جا سينگار،

ڌڙکان سِسِي ڌار، ڀينر! مانجهي ڀونءِ جا.

 

ڏِٺم ساري ڏيهه ۾، ڌارين سندا ڌَڻَ،

وڍن پيا وَڻَ، اَمن سنديءَ آڙ ۾!

Ÿ

ڏِٺم ساري ڏيهه ۾، ايندي آدم خورَ،

چنبن ۾ ٿا چيرجن، ماڻهو مٺڙا مورَ،

ڀيڻي ناهي، ڀورَ، ”مير“ ڪيائون ڪيترا!

 

ڏِٺم ساري ڏيهه ۾، ماڻهن جا ميلا،

ٻاريائون ٻيلا، اَمن سنديءَ آڙ ۾!

 

ڏِٺم ساري ڏيهه ۾، آيا آهن ”اُو“،

”مير“ ڪيائون ڪيترا، ناحق لال لهو،

ڌنارن تي ”ڌو“، اَمن سنديءَ آڙ ۾!

 

ڏِٺم ساري ڏيهه ۾، ويرن سندا وارَ،

جاڏي ڪاڏي جُوءِ ۾، گولين جي گونجارَ،

بيوس ماڻهو ڀونءِ جا، ڌَڙ سِسَين کان ڌارَ،

مَرن پيا ميهارَ، اَمن سنديءَ آڙ ۾!

 

انور پيرزادو

 

چنڊ

وس پڄي

هي وايو منڊل

هڪڙي هنڌ بيهاري

گُهوري گهوري

هن کڙڪيءَ مان

رات سڄي

مان چنڊ ڏسان_!

*

رات جون رهڙون

دڳ جا دڙڪا،

جهرمر تارن جي

هي سُهمون

چانڊوڪيءَ جون

چنڊ جون چٿرون

پوتيءَ جي هڪ

پلوَ ۾ ويڙهي

ڏوهه ثواب کي

ڏوراپا ڏئي

جيءَ جلي ڪا

نڪتي آ!

*

ور ور واٽ

وٽيل واسينگن جهڙي

منزل موت کان

هڪ وک اڳتي

ميڇ پرينءَ جي

ماکيءَ جهڙي

سوچي وٺ

*

ڪڪريءَ پاڇو

چچريل من کي

اورانگهي ٿو

ايئن لڳي ٿو

ڪرٽ وهي ٿو.

*

سازُ تارُن ڇڄڻ کان پوءِ ڀي

دير تائين وڄي سگهي ٿو مَن!

تو ته هاڻي ئي مُنهنڙو موڙيو آ

توته هاڻي ئي مُنهڙو موڙيو آ

 

تنهنجو شهر

مون کي تنهنجو شهر ته ڏاڍو سُندر ڀاسي ٿو_

ڀلي ته تنهنجي شهر جا ماڻهو

اکين ۾ آرانڀيون ٻارن

ڳجهين وانگي لامارا ڏئي،

چٻرن جان ويچارا ڪن ٿا_

تنهنجي شهر ۾

ويڻن جي ٻولي ٿا ماڻهو ڳالهائن،

قرب به ڪانڊن ٽانڊن وانگر

ساڙي ٿو_

ايئن لڳي ٿو

سوريتي ڄڻ هنڙي ڪائي ڄائي ناهي_

پريت ڪڏهن هت آئي ناهي

پرهي ماڻهو پوءِ به

پنهنجي جيت اجيت کان اکيون ٻوٽي

پنهنجي جيئري رهڻ تي جڏهين

ڳنڍ ٻڌي بيهي ٿا رهن_

مان سمجهڻ تي مجبور ٿيان ٿو_

ته تنهنجي شهر جا ماڻهو ڀي

ڪا آس اکين ۾

رکي سگهن ٿا_

.........................

 

تنهنجي شهر جي رات به ڪائي

ڏائڻ آهي_

کُٽي ئي نه ٿي_

تارا جهڙا تپندڙ لوههَ جا ڪوڪا

شوخ هوائون آڻي

من ۾ ٺوڪن ٿيون_

تنهنجي گهر کان گذرڻ وارا

هير جا جهُوٽا

(هونءَ ته چون ٿا

ڏاڍا هلڪا ٿيندا آهن)

منهنجي سِرَ تي

پهاڙ جيان

اڄ ٽٽي پون ٿا

پوءِ تنهنجو ته ڏاڍو پيارو آهي

بلڪل ائين، جيئن تون آهين!

 

 

انور پيرزادو

هڪ نظم

پنهنجو توکي ڏسي به

سمجهان ٿو

منهنجو ڪوئي به

پانهنجو ڪونهي_

آءُ خود

پاڻ کي به

اڄ تائين

پنهنجي ليکي

لکي سگهيو ناهيان!

تون ته ڪنهن جي به

ملڪيت ناهين

تنهنجو اکڙيون پيون

ٻُڌائن ٿيون_

جن کي ڪوئي به جي

ڳنهڻ چاهي

سو ته بلڪل ئي

آهه ناممڪن!

 

جيئڻ سان نينهن

هيءَ ڪنهن جي ياد جي پيڙا آهي

من مان رت جو ٽيپو بڻجي

چواڪا ڪري

ٽمي پئي آهي!

هي ڪنهن جي اک جو ڳوڙهو آهي

من جي آڳر تي

ڪا ڪڪري ساڻ ڪري

سنهڙي بوند جيان اڄ

وسي پيو آهي!

هي ڪنهن جي پٻَ جو کُڙڪو آهي

بند ٿيل دروازو کولي

ڏسي اچان ٿو

ڪوئي ناهي!

هي ڪنهن جي ساهه سڳنڌ آهي

هليو وڃڻ کان پوءِ به

ڪمرو سُرهو آهي!

هيءَ ڪنهن جي اک جي سُرخي آهي

جنهن کي ڏسندي

ڳاڙهي رنگ سان

عشق لڳي ويو آهي!

هي ڪنهن جي پيار جو سَڏ آهي،

سُور به هانوَ تي

ٿڌڙا ڪڍڻ لڳا آهن

زنجيرون سينگار لڳن ٿيون

موت به وسري ويو آهي!

جيئڻ سان نينهن لڳي ويو آهي!

 

ڪجهه مختصر نظم

واءُ وڦلي ٿو ڏئي نينڍَ

ڪو اچڻو آهي،

سانت جاڳي ٿي چوي

سُمهه وڃي

بند ڪري

ڪَنَ اکيون

سوچ به کڙڪو آهي!

*

ڄڻ ته ڪي

نيڻ کيپ ۾ آهن

تنهنجي سيني تي

زخم گولين جا

گل گلابي

ٽِڙيا پيا آهن!

*

ٿُڪَ هُجي ته کڻي

اڇلائي ڇڏجي

جيون کي ڀلا

ڪاڏي ڪري

ڪاڏي ڪجي!

 

  

محسن ڪڪڙائي

 

غزل

 

(1)

پنهنجي هُن سان جو هوءَ ملي هوندي،

واتَ تي هٿ ڏئي، کِلي هوندي.

جنهن جي مَن جو ٽُٽو هجي ماڻڪ،

پنهنجي گهر ۾ به هيڪلي هوندي.

هوءَ جا دردرتي ڪجهه پئي ڳولي،

ڪا چري هوندي، چلولي هوندي.

ڪيئن رهندس وقار پاڙي ۾،

جيڪا هر ڪنهن سان گهر گهلي هوندي.

تڙپندو ڪيئن نه جنهن جي رشتن ۾،

بي رُخي هوندي، بي دلي هوندي.

روح ”محسن“ جي هر غزل جو فقط،

حور هوندي، ڪا بُربلي هوندي.

 

(2)

هي ته بلڪل نئون رواج هيو،

هن رکيو منهنجي سر تي تاج هيو.

پوءِ به هڪ ٻئي، کي جيءَ ۾ جاءِ ڏني،

هونءَ ته بلڪل الڳ مزاج هيو.

ساڳيا چُڳهه ۽ ساڳيا لاٽون،

ڇا اِهو سنڌ جو سماج هيو؟

وقت سان گڏ نه ٿو هلين ”محسن“،

پاڻ سان منهنجو احتجاج هيو!

 

ادل سومرو

 

ڇو مسافر کي ٿي رولين رُڃَ ۾

 

سونهن جو سانوڻ سدائين ڪين آ

جي انهيءَ اسرار کي سمجهي سگهين

پيار کان انڪار جو سوچين نه تون

لوڪ جي ڳالهين کي ڇاهي، ڀل چون

چنڊ کي وهنجار نيريءَ ڍنڍَ ۾

منڊَ ۾ ويڙهيو پيو سنسار آ

بس اِهوئي پيار آ جو راهه ۾

ساههَ ۾ اٽڪي پيو ڪو نانءُ آ

هانءُ آجو، ڄڻ هٿن مان ٿو وڃي

توچيو: ”توکي سڃاڻان ڪين ٿي“

عاشقي ڄڻ موڪلائي وئي هلي

ڄڻ جلي وئي زندگيءَ جي ڊائري

شاعري توکان سوا ڪهڙي ڪجي

لفظ ٿيا سڀ اوپرا ۽ اجنبي

پيار جي تون ڇانوَ ڇالئه ٿي کسين!

ڇو مسافر کي ٿي رولين رُڃ ۾

اُڃ ۾ پنهنجن اکين مان پاڻ پيار

ٻيهر جيار!

 

اياز گل

 

وائي

 

اينءَ جو وَڄِي رهيو آن!

خالي گهڙو ته ناهين؟

 

هٿَ جو رُڳو اِشارو،

ٽَڙ ٽَڙ ڀَڄِي رهيو آن!

خالي گهڙو ته ناهين؟

 

هلڪو نه ٿيءُ ايڏو،

سڀ کان کَڄِي رهيو آن!

خالي گهڙو ته ناهين؟

 

وِڙُهه، ويڙههِ پير کوڙي،

ڪاڏي ڀَڄِي رهيو آن!

خالي گهڙو ته ناهين؟

 

سنڌڙيءَ جو نانءُ کڻندي،

ڇوٿي لَڄِي رهيو آن!

خالي گهڙو ته ناهين؟

 

ايئن جو وَڄِي رهيو آن!

خالي گهڙو ته ناهين؟

 سڄڻ سومرو

 

نظم

 

ڪائنات عجوبو آهي

 

ڪائنات عجوبو آهي

۽ اسين سڀ ننڍڙا ٻار

پنهنجي ڌُن ۾ راند ڪريون ٿا

ٿورين ٿورين ڳالهين پويان

هڪٻئي سان ويڙهاند ڪريون ٿا

هر ڪو پنهنجو سَچُ چوي ٿو

ٻئي هر ڪنهن کي ڪَچُ چوي ٿو

ها پر پوءِ به هر ڪو ماڻهو

جڏهن پنهنجو پاڻ ڪَڇي ٿو

پنهنجي پوري ڄاڻ ڪَڇي ٿو

تڏهين ساڳي ڳالهه چوي ٿو!

هر ڪو سَچُ اڌورو آهي

هر سپنو اڻپورو آهي

وقت وڏو کيڏاري آهي

تنهن کان هر ڪو مات مڃي ٿو

پنهنجي اَندرَ آئيني ۾

ڪيڏا سارا بُتَ ڀڃي ٿو

ڪنهن به نه پورو سمجهيو آهي

ڪنهن به نه پورو ڄاتو آهي

ڪيئن هلي ٿو هي سنسار

ڪائنات عجوبو آهي

۽ اسين سڀ ننڍڙا ٻار!

 

 

نصير مرزا

سجوڙو

تو ته جواڻي ماڻي پنهنجي  جوڀن جي خوشبُو،

منهنجي حصي ۾ ڇا آيو، ڪويل جي ڪُو ڪُو.

 

غزل

چپَ ڌريُم جو چمپئي ڳَلِ تي،

چنڊُ کڙي پيو نيل ڪنولَ تي.

ٽهڪَ پرينءَ جا اُجرا اُجرا،

هنج اُڏاڻا تاج محل تي.

ايئن تِريُنُ تي مکُ ڪتابي،

کليل صحيفو ڄڻ ته رحل تي.

پيشانيءَ تي جهرمر بندي،

سورج ڪرڻا تِرڇا تلَ تي.

پـــــــــاڻ منير1 ملون جــــــي ٻيهر،

منُ چاهي ٿو ميلون سچل تي.

 

آيو موڙ ته مُڙي وياسين

لهرَ ڪناري تائين آئي،

ڳـــــالـــــهه چـــــپن تـــــائين،

سِپُون ڪوڏ هُيا ساحل تي،

لُـــــڙڪ ڳـــــلن تـــــائين.

هڪڙو ڀُورو بادل آيو،

تنهنجـــــو پَـــــتر کڻـــــي،

ڪويل ڪُو ڪُو لائي بن ۾،

پيئڙا ڇـــــپرَ ڇڻـــــي.

ڏُورپري کان آيا سين پئي،

هـــــٿَ ۾ هـــــٿُ ڏئـــــي،

آيو موڙ، ته مُڙي ويا سين،

ڏيئـــــي پُـــــٺِ ٻئـــــي.

عجب گهوڙو

عجب گهوڙو!

عرب گهوڙو

عجم گهوڙو!

ڪَپل وستوءَ کان خيبر ۽

اُتان پوءِ ڪربلا تائين

لهوءَ ۾ تَرُ

پگهرَ ۾ شل

اُڀيون چاڙهيون وڃي چڙهندو

وڌي پيو آسمان ڏانهن

ازلَ جي آستانن ڏانهن!

 

پرڻام

 

پيار ڀريو پرڻام

ڪِوتا آهي ’شيام1‘ جي،

پينگهي ۾ آرام.

 

اسحاق سميجو

 

ڏينهن ڦولارَ جا!

 

پَر پکيڙيا هوا، مورَ ها رقص ۾، ڏينهن ڦُولارَ جا،

آءُ هُس خواب ۾، جاڳ سپنا اُڻيا پئي سندءِ پيارَ جا.

تو سنيهو مُڪو ۽ نه سپنو مُڪو، مان تڪيندو رهيس،

کوڙ آيا پکي، کوڙ ٻيڙيائتا، آر جا، پارَ جا.

پهرين جهُوٽو لڳو، پوءِ خوشبو اُڏي، پوءِ پوپٽ نچيا،

مُند اُهڃاڻ جيڪي به آندا پَئي، سڀ هئا يارَ جا.

درد چيري نَسُن کي ٿي نڪرڻ گهُريو، عشق ڏسندو رهيو،

ڪين تشخيص ٿي، ڪين نڪتائي حل، منهنجي آزارَ جا.

دل اڪيلي هئي، سوا ڪيلي رهي، ڪو سهارو نه ٿيو،

هر دفعي ترسندا، ٿا لنگهن برسندا ڪي ڪڪر سارَ جا.

هاڻ پنهنجا پُراڻا جو سپنا ڏسان، کِلَ ۾ ٿو پوان،

ڄڻ وڏو ٻار پائي گهمي ٿو لٽا، ڪنهن ننڍي ٻارَ جا.

 

*

 

هوا آرس ڀڃي سوچيو: ڪٿي هوندينءَ؟

پَريان هڪ ’چانهه‘ پئي ٻوليو، ڪٿي هوندينءَ؟

وري ڌرتيءَ مٿان اُڀ جي هلي ٻيڙي،

خدا تارن جو سِڙهه کوليو: ڪٿي هوندينءَ؟

سَڙي ويا هوش جا گُل، عقل ڌاڳي ۾،

اسان پاڳلپڻوپويو: ڪٿي هوندينءَ؟

نڙيءَ ۾ ڪجهه ڪنڊي وانگي پيو اٽڪي،

اسان البم جو اڄ کوليو: ڪٿي هونڍينءَ؟

چَرين وانگي ڪڪر برسيا وري چَوڏس،

اسان توکي به ائين ڳوليو: ڪٿي هوندينءَ؟

 

[غزل]

 

ڏينهُن ماڻيو نه رات جي راڻيءَ،

رات ايندو نه ڏينهن جو راجا!

ڀانءِ تنهنجي هُجي ڪا ساهيڙي،

ڪيترا رنگ رُوپَ برکا جا.

ڳنڍجڻ جو غرور ڪيڏو هونِ،

ويا ڇِڄي ڦُول نيٺ مالها جا.

هڪ حَسين گهُورَ جي تقدس ۾،

پاڻ اُٿليا ٿي ورق گيتا جا.

ايتري گوڙ ۾ به چُپ اسحاق،

گهِنڊ خاموش جيئن گرجا جا!

 

*

جڏهن به تنهنجو عڪس اکين ۾ تَرندو آ،

اڪثر ڪوئي چنڊ اسان ۾ ٻَرندو آ.

جيئندي آهيان آءٌ ته ان جي نالي سان،

جيڪو دل ئي دل ۾ مون تي مَرندو آ.

نِڪري ويندو آهي مون مان نڪتي سِج،

تنهنجو سپنو اُڀرئي چنڊ اُڀرندو آ.

ڪڏهن ته چُپ به ايڏي وڻندي آهي، جو_

دل جو ڌڙڪو، صدمي جيئن گذرندو آ.

 

طارق عالم

 

ڪاڳرتي اتهاس

 

غزل

روپ ڪنهن جو نه ڪنهن جو رنگ آهي،

سوچَ هيءَ ڪنهن جي منهنجي سنگ آهي.

 

او مسافر! سفر کي روڪي ڇڏ،

هن کان اڳتي اُفق جو رنگ آهي.

 

شخص هڪڙو ۽ مسئلا بي انت،

ذهن ۾ ڄڻ صليبي جنگ آهي.

 

جو به آيو وري نه سو موٽيو،

شهر ڪيڏو عجيب جهنگ آهي!

 

ڇوڪري آهه، يا ’ڏُکڻهاري‘،

نظر ان جي هزار ڏنگَ آهي.

 

سوچ آزاد ڪو پکيئڙو آ،

شاعريءَ جو نه ڪوئي دَنگ آهي.

 

سَجوڙا

 

پاڻ تي پاڻ مهربان آهيان،

مان ئي سورج مان آسمان آهيان.

*

ڪيڏو سهڻو گلد ستو آ،

ڄڻ تنهنجي گهر جو رستو آ.

 

 

غزل

 

هڪڙي ڳوٺ تي برسي بارش،

ڪَچي دڳ تي ٻارن جي رش.

ٽهڪن ٽوڻن جي ڏي وٺ ۾،

چانهه ڪوپ تي يارن جي رش.

سارو ديس ڳهرَ ۾ ورتل،

آسمان ۾ تارن جي رش.

ياد پُراڻيءَ منظرَ کوليا،

ٻن نيڻن ۾ چارن جي رش.

ساگر منجهه سنديسا آهن،

لهرن ۾ دل وارن جي رش.

هر ماڻهو ديوار لڳي ٿو،

هر پاسي ديوارن جي رش.

سچا ماڻهو سُورَ لُڻن ٿا،

ڪُوڙن تي منهن ڪارن جي رش.

 

نظم

يادش دريءَ کان ٻاهر،

بارش دريءَ جي اندر.

جوڀن بهار هوندي،

پوپٽ دريءَ جي اندر.

اوندهه جهان ۾ ڪجهه،

ديپڪ دريءَ جي اندر.

دردن ڇنڊيو انگو ڇو،

سڏڪا دريءَ جي اندر.

ساهن جي سمفني ۾،

دريا دريءَ جي اندر.

چَپَ نيڻ آڱريون ۽...

سڀڪجهه دريءَ جي اندر.

 

جلال ڪوري

هر ماڻهوءَ ۾ پُچ وسي ٿوŸ

پاپ وسي ٿو، پيار وسي ٿو

يار وسي ٿو، دار وسي ٿو

ٻاتيءَ ٻوليءَ ٻار وسي ٿو

هر ماڻهوءَ ۾ سونهن وسي ٿي

سِڪ وسي ٿي، ڇڪ وسي ٿي

جيڪي چونڊڻ چاهي چونڊي

  ماڻهو پاڻ مسئلو  آهي

  دنيا ســـــاري ڀولو آهي.

هر ماڻهوءَ ۾ قاتل ۽ مقتول رهن ٿاŸ

عاشق ۽ معشوق رهن ٿا

خالق  ۽  مخلوق  رهن ٿا

هر  ماڻهوءَ  ۾  وحدت   آهي

ڪثرت آهي

هر ماڻهوءَ جو عقل سدائين نقل ٿئي ٿو

جُز نه ڪڏهين ڪُلُ ٿئي ٿو

هر ماڻهوءَ ۾ عشق سدائين

آد جڳادي ٻوليون ٻولي

پاڻ اُکولي

جيڪـــــي چـــــونڊڻ چـــــاهـــــي چـــــونڊي

ماڻهو  پاڻ مسئلو آهي

دنيا  ساري  ڀولو آهي.

هر ماڻهوءَ ۾ آزي ۽ نيزاري آهيŸ

دنيا کان  بيزاري  آهي

هر ماڻهوءَ کي ناز، نياز، عرض، انا

۽ فرض، فنا جو گهيرو آهي

قسمت  جو  به ته ڦيرو آهي

هر ماڻهوءَ ۾ نورهي ٿو، نيررهي ٿو

پورهي  ٿو،  پير  رهي  ٿو

 

هر ماڻهوءَ ۾

جيت رهي ٿي، مات رهي ٿي

موت رهي ٿو، ميت رهي ٿو

گوندر توڙي گيت رهي ٿو

جيڪي چونڊڻ چاهي چونڊي

ماڻهو پاڻ مسئلو آهي

دنيا  ساري ڀولو آهي.

 

هر ماڻهوءَ ۾ ڪارو ڪاريŸ

رب قهاري، توبهن زاري

هر ماڻهوءَ کان رب رُسي ٿو

مَتِ کسي ٿو، پَتِ کسي ٿو

سونهن کسي ٿو، سَتُ کسي ٿو

هر ماڻهوءَ جي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آهي

هر ماڻهوءَ ۾ ڊَپ رهي ٿو

هر ماڻهوءَ جي دل چري آ

هر ماڻهوءَ جو سرُ ڦري ٿو

هر ماڻهوءَ ۾ جيءَ، جُسي ۽

جان جي بازي ساڳي آهي

هـــــر مـــــاڻهوءَ ۾ ڪـــــوئـــــي  ڪـــــوري

سوچي ٿو ۽ لوچي ٿو

ماڻهو پاڻ مسئلو آهي

دنيا ساري ڀولو آهي.

 

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ راڳ هـــــــي ٿـــــــوŸ

روڳ رهي ٿو

سرهائـــــــي ۽ ســـــــوڳ رهـــــــي ٿـــــــو

هـــــــر ماڻهو محجوب ٿئي ٿو

هـــــــر ماڻهو محبوب ٿئي ٿو

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ حليم رهـــــــي ٿـــــــو

حياءُ رهي ٿو

اک ۾ پاڻيءَ پاءُ رهي ٿو

هر ماڻهوءَ ۾ قرب رهي ٿو

قهر رهي ٿو

ڳوٺ رهي ٿو، شهر رهي ٿو

اوچ رهي ٿي، نيچ رهي ٿي

اَڍَته ماڻهوءَ ڪَڍَ رهي ٿي

هر ماڻهوءَ ۾ ڪوئي ڪوري

سوچي ٿو ۽ لوچي ٿو

ماڻهو پاڻ مسئلو آهي

دنيا ساري ڀولو آهي.

 

هـــــــر ماڻهوءَ ۾ يار اچي ٿوŸ

روح رچي ٿو

نينهن ته بڻجي مينهن وسي ٿو

هر ماڻهوءَ ۾ ڏوهه وسي ٿو

ڏيهه وسي ٿو

پيار پرين پاٻوهه وسي ٿو

واري ماڻهوءَ  منجهه وسي ٿي

رات وسي ٿي، ڏات وسي ٿي

خود خدا جي ذات وسي ٿي

هر ماڻهوءَ ۾ ڪوئي ڪوري

سوچي ٿو ۽ لوچي ٿو

ماڻهو پاڻ مسئلو آهي

دنيا ساري ڀولو آهي.

 

هـــــــر ماڻهوءَ ۾ عشق وسي ٿو

درد وسي ٿو

ڪُوڪَ وسي ٿي، ڪِيههَ وسي ٿي

صحرا توڙي سمنڊ وسي ٿو

هر ماڻهوءَ ۾ سهڻي سنڌو تار تري ٿي

هر ماڻهوءَ ۾ ڀيلو آهي

مرون رهن ٿا ٻيلو آهي

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ ميڙو آهـــــــي

جهيڙو آهي

ڀـــــــاڳ اَڀـــــــاڳ ته ڀيڙو آهـــــــي

هـــــــر ماڻهوءَ جو ڇيڙو آهي

هـــــــر ماڻهوءَ ۾ ازل ابد ٻئي قيدي آهن

روح ٻنهي جو ريلو آهي

ماڻهو پو به اڪيلو آهي

هـــــــر ماڻهوءَ ۾ ڪوئي ڪوري

سوچي ٿو ۽ لوچي ٿو

ماڻهو پاڻ مسئلو آهي

دنيا ساري ڀولو آهي

 

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ شاهه به آهـــــــي

شوم به آهي

پـــــــڪ به آهـــــــي، شڪ به آهي

لـــــــوڀي تـــــــوري ٺـــــــوڳي آهـــــــن

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ ماءُ رهـــــــي ٿـــــــي

پيءُ رهي ٿو

ديـــــــس رهي ٿـــــــو، ويس رهي ٿـــــــو

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ ڪوئي ڪوري

سوچي ٿو ۽ لوچي ٿو

ماڻهو پاڻ مسئلو آهي

دنيا  ساري ڀولو آهي.

 

هر ماڻهوءَ ۾ حرص هوس جي کوري آهي

جبلت جي مجبوري آهي

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ عزت، عظمت

همت، هشمت، غيرت، شهرت

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ آس رهي ٿـــــــي

اُڃ   رهي  ٿي

پياس رهي ٿي

روهه رهي ٿو، رُڃ رهي ٿي

هـــــــر ماڻهوءَ ۾ ننڊرهي ٿي

خواب  رهن ٿا

ٽنڊَرهـــــــي ٿـــــــي، ٽورهي ٿـــــــي

هـــــــر ماڻهوءَ ۾ شوق وسي ٿو

شرڪ وسي ٿو

ڇڪ وسي ٿي، ڇرڪ وسي ٿو

هـــــــر ماڻهوءَ ۾ موسيٰ ۽ ابليس رهن ٿا

الفت  توڙي ڪلفت آهي

هر ماڻهوءَ کي ٺهڻو آهي

وهڻو آهي

ڳهڻو  آهي، ڊهڻو آهي

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ ڪـــــــوئي ڪـــــــوري

سوچـــــــي ٿـــــــو ۽ لـــــــوچـــــــي ٿـــــــو

ماڻهو پاڻ مسئلو آهي

دنيا  ساري ڀولو آهي.

 

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ ڏک به آهـــــــي

سُکُ به آهي

ڏات به آهي

ڏانءُ به آهي

عشق به آهي

عقل به آهي

شان به آهي

مان به آهي

ماڻهو پوءِ به اڪيلو آهي

ڪنهن جي تُرهي تارُتري ٿو

هـــــــر ماڻهوءَ ۾ ڪوئي ڪوري

سوچي ٿو ۽ لوچي ٿو

ماڻهو پاڻ مسئلو آهي

دنيا  ساري ڀولو آهي.

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ ارض وسما جا

علم  سمايا

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ ڪـــــــيئي سسٽم

ڪيئي رايه

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ جي طبع تـــــــوڙي

تخليق نياري

هر ماڻهوءَ ۾

ڇـــــــا ڇـــــــا يـــــــار سمايو آهي!

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ ڀولو آهي

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ رولو آهي

هر ماڻهو ۾

جرتـــــــي ڦوٽـــــــي جهـــــــڙو جيـــــــون

ڪئن ٿو لاحد لانگ ورائي!

ڪئن ٿـــــــو لامحدود سمائي!

هـــــــر مـــــــاڻهوءَ ۾ ڪوئي ڪوري

سوچي ٿو ۽ لوچي ٿو

ماڻهو پاڻ مسئلو آهي

دنيا  ساري ڀولو آهي.


1  دوست منير پتافي.

1  عظيم شاعر نارائڻ شيام.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com