سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004-3ع

 

صفحو :5

ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري

 

رومي_اُڪر ٿيل قبرن جو قبرستان

 

ڏکڻ سنڌ ۽ بلوچستان جي هيٺاهين وارن خشڪ علائقن ۾ پٿر تي اُڪر ٿيل قبرستانن جو هڪ وڏو تعداد آهي. اهي قبرستان هڪ مخصوص ڊزائين جا آهن ۽ 15، 16 ۽ 17 صديءَ جي همعصر ارغونن ۽ ترڪ مغلن جي قبرن کان مختلف آهن.

اهو علائقو گذريل هزارن سالن دوران نيم خانه بدوش قبيلن جي هڪ وڏي لڏپلاڻ جو شاهد رهيوآهي، جنهن جو ذڪر تاريخي ڪتابن ۾ ورلي ملي ٿو. باقي جيڪي بچي ٿو ، اُهو رڳو لوڪ ڪهاڻين ۽ قبيلائي رزميه شاعريءَ جو خزانو آهي. اهي بي ترتيب ۽ بيحد رومانوي داستان اسان کي قبيلن جي مالا مال ورثي کي سمجهڻ ۾ مدد نه ٿا ڪن، جيڪي لڳاتار سر سبز چراگاهن جي ڳولا ۽ هلندا رهن ٿا. اسان کي فقط اُنهن قبرستانن مان مدد ملي ٿي، جيڪي اُتان جي مقامي ماڻهن پنهنجي بهادر ماڻهن جي ياد ۾ بيحد اُتساهه وچان تعمير ڪيا هئا.

اهي لوڪ ڪهاڻيون کاهيون کوٽي/ مورچا ٻڌي، بهادريءَ سان وڙهڻ جي هڪ اهڙي روايت ٻڌائين ٿيون، جنهن تي ماڻهو چاهه جي وچان عمل پيرا هوندا هئا ۽ عورتون تحسين جي نگاهه سان ڏسنديون هيون. انهيءَ روايت تحت دشمن جو مقابلو ڪري پنهنجي جان قربان ڪرڻ کي وڏي سوڀ سمجهيو ويندو هو.

هتي اهڙا ننڍا وڏا ٻه سَو کن قبرستان آهن، جتي اهي خوبصورت قبرون ماڻهن ۽ فطرت جي زيادتين کي منهن ڏيو بيٺيون آهن. انهن قبرستانن ۾ ”رومي “ نالي هڪ اهڙو قبرستان آهي، جيڪو ڪراچي_ حَب جي مُک روڊ ڀرسان، حب کان 8 ڪلوميٽر کن اورتي ۽ روڊ جي اوڀر طرف 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.

انهيءَ خِطي، قبرن تي اُڪريل ڊرائينن ۽”رومي“ نالي مان اها حقيقت ظاهر ٿئي ٿي ته اهو قبرستان بلوچن سان تعلق رکي ٿو.

بلوچن لس ٻيلي ۽ سنڌ جي هيٺين علائقن ۾ ڏهين صديءَ ڌاري وڃڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ هوريان هوريان انهن علائقن ڏانهن پنهنجي لڏپلاڻ جاري رکي. بلوچ آباديءَ ۾ اضافو آڻيندا رهيا.

توسيع پسند ايران جي رياستي مشينريءَ جي جُٺين جي نتيجي ۾، مختلف قبيلن پنهنجو رُخ اوڀر طرف جاري رکيو، جن مان اڪثريت سامونڊي ڪناري تي يا اُن جي آسپاس آباد ٿي. اُن زماني ۾ ”ڪلمت“ ڀرسان قدرتي اُپسمنڊ جي لٽجڻ سبب بلوچن جي ”هوت“ شاخ ڏکڻ ڏانهن رُخ رکيو، جن پوءِ کاڻ کي ”ڪلمتي، ڪوٺايو ۽ انهيءَ خطي ۾ اچي هڪ وڏو ڪرادار ادا ڪيو.

ڪلمتين لس ۽ ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو ۽ ’ڀروچن‘، ’بُلفتن‘ ۽ ’جوکين‘ سان مهاڏو اٽڪايو. ٺٽي ضلعي جي ساڪري واري علائقي ۾ جاگيرون عطا ٿيڻ ۽ مول ۽ ملير جي ميدانن ۾ قبيلائي دشمنين سبب اُنهن پاڻ کي اَٺين صديءَ ۾ ساڪري ۾ ڪٺو ڪيو.

لس ٻيلي ضلعي ۾ بالا ۾ (15۽ 16 صدي)، اُٿل جي ڀرسان، منڊياريءَ ۾ (16 هين صديءَ جي آخر ۾ 17هين صديءَ جي شروعات)، حب جي ڀرسان ڀوانيءَ ۾ (16 ۽ 17 صدين جي شروعات)، ڪراچيءَ ۾ بلوچ مقبرن جي ڀرسان (16 ۽ 17 صدين سان لاڳاپيل)، چـؤڪنڊيءَ جي ڀرسان (17صدي) ۽ روميءَ ۾ (17صدي) انهن ڪلمتي بلوچن جا وڏا قبرستان آهن.

انهن قبرستانن جون قبرون حقيقت ۾ گجرات جي ڏاڪڻين وارين قبرن ۽ بائزنتيني صندوقي قبرن جو امتزاج آهن. انهن قبرن جا اوائلي نمونا، جيڪي انهيءَ خطي ۾ موجود آهن، آسانيءَ سان 12۽ 13 صدين جا چئي سگهجن ٿا.

ٺٽي ۾ سمن جي حڪمرانيءَ جي دور ۾ قبرن تي وڌيڪ آرائشي اُڪر جو ڪم ٿيڻ لڳو ۽ ڏاڪن ۾ اضافو ڪري اُنهن کي وڌيڪ اوچو بڻايو ويو. اهڙي هڪ نشانبر قبر، جنهن کي غلطيءَ سان چـو ڪنڊيءَ جي قبر ڪوٺيو  وڃي ٿو، 16هين صديءَ ۾ پنهنجي انتهائي شهرت تي پهتي ۽ 17هين صديءَ تائين اُن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو عمل جاري رهيو.

اِهي مقبرا اولهه هندستان جي روايتي شهتيرن وارين ڇتين سان تعمير ڪيا  ويندا آهن، جن ۾ هيٺين تهن تي گهربل ماپ موجب پورا تراشيل پٿر هڪٻئي سان چڱيءَ طرح ٺهڪائي بيهاريا ويندا آهن، جنهنڪري چُن ۽ سيمينٽ جي به ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي.

پر پٿر، ريتي ۽ مٽيءَ سان ليپيل ٿلهن ۾ چن جو گارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. بعضي پٿرائڻ سليبن/تهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ معدني يا ڌاتوءَ وارا شڪنجا استعمال ڪيا ويندا آهن، جيڪي ٿلهن جي سليبن جي مٿين ڪنارن وٽان ڏسڻ ۾ ايندا آهن. منجهن استعمال ٿيندڙ پٿر واريا سو هوندو آهي، جيڪو لڳي ٿو ته پسگردائيءَ مان کوٽي حاصل ڪيو ويندو آهي.

بعض مقبرن تي جوڙ جا نشان نهايت باريڪيءَ سان ڏنل آهن، جڏهن ته حيرت آهي ته پوئين دؤر جي مقبرن تي اهڙو ڪو نشان نٿو ملي.

ٿَلهن ۽ ٿلهن کان سواءِ وارين قبرن جي ظاهري فرق کي ڇڏي. باقي سڀني مقبرن جي تعميري ٽيڪنيڪ ساڳي آهي، پر اُنهن جو مجموعي ڍنگ ۽ مُک روح ساڳيو آهي.

اهي سمورا مقبرا ڊٺل حالت ۾ آهن. جن مان ڪي وڏي سطح جا کنڊر آهن، جيڪي مڪمل طور تي ڊهي ويا آهن، جڏهن ته بعض مقبرن کي جزوي نقصان رسيو آهي، جن جي جيڪڏهن سار سنڀال نه لڌي ويئي ته ڊهي پٽ ٿي ويندا.

SEAS Pakistan “وارن ’ورثي جي تحفظ‘ جي مهم جي پهرئين مرحلي ۾، اعليٰ اُڪر ٿيل قبرون وارن قبرستانن کي ريڪارڊ تي آندو آهي. ٻئي مرحلي ۾، انهيءَ سوسائٽي بيحد خطري وارن هنڌن کي مرمت ڪرائڻ لاءِ چونڊيو آهي، جنهن لاءِ سوُمي ٽومو فائونڊيشن (جاپان) جي مالي امداد سان گڏ، پنهنجا مالي وسيلا به ڪٺا ڪيا آهن.

هن رپورٽ جي لکندڙن پنهنجي سروي ۾ هن سرزمين جي جلدي زوال جا جيڪي سبب ڄاڻايا آهن، اُهي هيٺين ريت آهن:

غير مناسب بنياد

قبرن توڙي ٿلهن ۾ برساتي پاڻيءَ جو وهي وڃڻ

قبرن ۾ يا اُنهن جو ڀرسان ڳوٺن جو اُڀرڻ

خشڪ ميڙ(Dry assemblage) جو استعمال

سار سنڀال جي ڪمي ۽ اصلوڪن سرپرستن (۽ سندن پونيرن) جي غفلت

سرڪاري ۽ غير سرڪاري رضا ڪارانه تنظيمن جي بي ڌياني

زلزلن جا اثر

وڏي پئماني تي يادگارن کي تباهه ڪرڻ جي بي حِسي

ناجائز انساني مداخلت

گاهه چرندڙ جانورن جي بي روڪ رسائي

ياد گارن کي تباهه ڪرڻ جي بي حِسي:

دولت جي تلاش ۾ نڪتل ڌاڙيلن، مقبرن کي بي حسيءَ جي حد تائين تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اُنهن مقبرن جا ٿلها ۽ بعض صورتن ۾ قبرن جا تر اکوٽي پٿراون ڍانچن کي ڊاهي ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري قبرستان تباهه ٿي ويا آهن. پٿرن جا سليب سنڀالي رکڻ وارو ڪوبه ماڻهو موجود ناهي. ماڻهن اُنهن کي ٿڏن سان پري اُڇلي ڇڏيو آهي يا اُهي پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن.

مرمت ڪرڻ جي حڪمتي عملي:

قبرستان جي مرمت ۽ سار سنڀال جو ڪم 2001۾ شروع ڪيو ويو هو. ”SEAS Pakistan “وينس چارٽر (Venice Charter) ۾ ڄاڻايل سار سنڀال لهڻ جي بنيادي اصولن تي عمل پيرا آهي، جنهن ۾ ممڪن حدتائين گهٽ ۾ گهٽ مداخلت ڪئي وڃي ٿي.

سليبن جي گم ٿيڻ سبب، قبرن جي ڍانچن کي ساڳي شڪل ۾ آڻڻ ناممڪن آهي. قبرن کي مڪمل طور تي بيهارڻ/ تعمير ڪرڻ حقيقت ۾ هڪ چئلينج هو، پر انهن قبرستانن ۾ وڌايل تحقيقي عمل، گم ٿيل سلسلن سڃاڻپ کي مڪمل بنايو. انهيءَ ڪم ۾ حسابي ڳڻپ، 17 صديءَ جي ڍانچن جي تقابلي تحزين، ڪاريگرن جي عملي انتظار (Working arrangement) تحت ڇڏيل  نشانن (Marks) ، جن کي عام طور تي سيبن تي ڇڏيل رازن (Masons )جا نشان چيو ويندو آهي، وغيره مان مدد ورتي ويئي.

قبرستان جي تباهيءَ جو ٻيو وڏو سبب، اُنهن جو ويران هنڌن تي اڪيلو هجڻ آهي، جنهن ڪري اهي وڏي پئماني تي يادگار_ دشمنيءَ جو شڪار ٿين ٿا. انهيءَ حقيقت، مقبرن جي اڪيلائي ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙڻ ڏانهن رجوع ڪيو آهي، جنهن انهن جي سر سنڀال کي يقيني بنايو آهي.

.”SEAS Pakistan“طرفان ”روميءَ“ جي قبرستان لاءِ هڪ ترقياتي رٿا جوڙي ويئي آهي، جيڪا اُن کي سياحن لاءِ هڪ دوستاڻي هنڌ (Friendly Site for tourists) جي حيثيت ڏياريندي . اُتي هڪ ننڍڙو ريسٽ هائوس اڳ ۾ ئي موجود آهي. سياحن جي ڪشش لاءِ پارڪ سان گڏ هڪ ننڍو راند جو ميدان به تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن اُتي ويراني ختم ڪري، زندگيءَ جي چهل پهل پيدا ڪئي وڃي.

_ سنڌيڪار: انيتا ڪمليشور

[نوٽ:هن تحقيق جي تياريءَ ۾ محترمه ڊاڪٽر عاصمه ابراهيم جو سهڪار حاصل رهيو]

 

”ڳالهه پئي ڪيم ته ضرورتون محدود هونديون هيون. خوشحالي اها ليکبي هئي ته هنڌ، کٽولا ۽ ٿانو گهڻا هجن. چوندا هئا ته سائين فلاڻي وٽ ڀلي پنجاهه سٺ مهمان اچي وڃن ته ٻئي اڳيان هٿ ڪونه ٽنگيندو گهر مان ئي پورت ڪندو. کير، مکڻ، ڪڪڙ پنهنجا هوندا هئا. مهمان کي به مکڻ ماني ۽ کير چانور ڏبو ۽ بس. ڇا جا ٻوڙپلاءُ ۽ چاشنيون. شادي مراديءَ تي به رڳو هڏي ڀت جون ديڳيون لهنديون هيون. سهرا ۽ ڳيچ عورتون پاڻ ڳائينديون هيون. موٽر لاري ڪونه هئا. بيل گاڏي، ڇڪڙا ۽ ڪجاوا ايندا هئا ته رنگ لڳي ويندا هئا. ويهبو کٽ يا نُک تڏي تي. اُتي ئي ڀت ملندو ۽ اوڳرائي ڏئي اُٿبو. ڪپڙو لٽو سادو، گوڏ ۾ صدري، صدري معنيٰ ٽيڊي بشرٽ يا اڃا به ٻيڙن واري گنجي چئوس ته بهتر. سلوار ڪو ڪو سبائيندو هو. پوءِ ان ۾ اڳٺ  وجهي سُوٽي، ڪليءَ تي ٽنگي ڇڏبو ۽ مهل موقعي يا ملاکڙي تي پائبو. جُتي ذات نه. هرڪو پيرين اگهاڙو. ڳوٺاڻا ميهڙ ويندا هئا ته پيرين اگهاڙو پنڌ ڪري جُتي لٺ ۾ ٽنگي لٺ ڪلهي تي کڻي هلندا هئا. پوءِ ميهڙ ڀرسان اچي ڪڪول واهه تان هٿ منهن ۽ پير ڌوئي جتي پائي شهر ۾ گهڙندا هئا. موٽندي وري ساڳيو حال. باقي گهر ۾ اُنَ جون پليون ۽ گُنديون ڀريون پيون هونديون هيون ته گهر ڌڻي ۽ گهر ڌياڻي خوش. صبوح جو سوير هر گهر مان جنڊ پيهڻ جو آواز ايندو هو. مايون جنڊ به هلائينديون هيون ۽ جهونگارينديون به هيون ”اغثني يا سيدا، رس مير محمد تون نبي“ .ڪيڏو غربت وارو سادو ۽ پيارو ماحول هو...“

_جمال ابڙو

[”ڏسي ڏوهه اکين سين“ ص 66]

اڀياس

 

امداد حسيني

 

لفظ نه آهن کيڏوڻا...!

 

اُڀري اُلهي ساڳيو سج

سامهون ساڳيا ڪارا ڪوهه!

 

”گيڙو ويس غزل“ شيخ اياز جي غزلن جي ڪليات [ڪتاب تي ” جو ڪليات“] آهي. اسان لاءِ ، شيخ اياز جي غزلن کي، مختلف مجموعن مان ڪڍي، هڪ هنڌ ڪٺو ڪري اهو سهنج پيدا ڪيو ويو آهي ته اسين اُنهن کي پڙهي پنهنجي ڪا راءِ جوڙي سگهون. ساڳئي وقت اُن ڪليات ۾ شيخ اياز جي غزل بابت مختلف لکندڙن [جن کي اسحاق سميجو ’نقاد‘ ٿو سڏي] جي راءِ پڻ ڏنل آهي. غزل جي صنف ۽ پنهنجي  غزل بابت خود شيخ اياز جون، مختلف ڪتابن مان تحريرون هڪ هنڌ ڏئي، اسان لاءِ اُنهن کي پڙهڻ ۽ اُنهن تي ڳالهائڻ جي سهوليت مهيا ڪئي وئي آهي. اسحاق سميجي جو به، اُن ڪليات ۾ ، هڪ مرتب [سهيڙيندڙ] طور، هڪ عدد مهاڳ شامل آهي.

غزل، سنڌي غزل، اياز جو غزل، اياز جي غزل تي مختلف لکندڙن/[نقادن] جي راءِ اياز جون غزل بابت تحريرون، اسحاق سميجي جو مهاڳ....۽ اُنهن سڀني تي لکڻ/ ڳالهائڻ_ ايڏو سولو به ناهي _ ۽ اُن جا مختلف ڪارڻ آهن.

مان ائين نه ٿو چوان ته شاعريءَ تي ڳالهائڻ مهل ڪو احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي_ پر مان ائين ٿو چوان ته ان ڏس ۾ اسان کي سچ ڳالهائڻ گهرجي. ڪليات ۾، جيئن اُن جي نالي مان پڌور آهي، شيخ اياز کي هڪ غزل گو شاعر ڪري پيش ڪيو ويو آهي _ انڪري غزل جي ساراهه به ضروري ڄاتي وئي آهي ۽ پوءِ اها سڄي ساراهه شيخ اياز جي غزل لاءِ مختص ڪئي وئي آهي ۽ صرف خليفي گل کي ، ڪنهن ڪارڻ ، ڇڏي_ ڇاڪاڻ خود شيخ اياز به ان ڏس ۾ صرف خليفي گل کي ئي بشڪ ڪيو آهي_ باقي سموري سنڌي غزل جي اتهاس تي منڌيئڙو پاتو ويو آهي. اهو بلڪل ائين ڪيو ويو آهي، جيئن شاهه کان پوءِ وڏي ۾ وڏو شاعر مڙهڻ/ ٿاڦڻ ڀيري ڪيو ويو! ۽  پنهنجي ٽي سو سالن جي شاندار ۽ لازوال اتهاس تي منڌيئڙو پاتو ويو. پوءِ شيخ اياز جي زندگيءَ ۾ ئي استاد بخاريءَ کي شاهه کان پوءِ وڏي ۾ وڏو شاعر چيو ويو ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خاب بلوچ، ثناءُ الله ثنائيءَ ۽ حاجي احمد ملاح کي، 20 هين صديءَ جا وڏي ۾ وڏا شاعر قرار ڏنو آهي ! اها ڳالهه ڳڻڻ جهڙي آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”شاهه کان پوءِ وڏي ۾ وڏا شاعر“ نه چيو آهي_ بلڪ 20هين صدي جا وڏي ۾ وڏا شاعر چيو آهي. ڊاڪٽر صاحب کي، اتهاس جي اڀياس جي آڌار تي سُڌ آهي ته شاهه سائينءَ کان پوءِ ڪهڙا وڏا شاعر آهن.

غزل، هند ۾ هڪ مرندڙ تهذيب جي صنف آهي ۽ سنڌ ۾، اسان جي غلاميءَ جي نشاني آهي. سنڌ ۾ غزل جي وارد ٿيڻ سان ئي اُن کي سنڌي بڻائڻ جو ڏس ملي ٿو. اهو اُهو ساڳيو دور آهي جڏهن لاکيڻو لطيف بيت آيت جو رتبو عطا ڪري رهيو هو.

سنڌ غزل جا اُهڃاڻ ٽکڙ جي خسته، عالي، ميان ڇتي ۽ شڪارپور جي ڪجهه شاعرن وٽ ملن ٿا، پر اُهي ڇڊا پاڊا ۽ ڌنڌلا آهن. غزل جا چٽا پٽا، وڌيڪ معيار ۽ مقدار ۾ اهڃاڻ اسان کي سچل سرمست وٽ ملن ٿا. [ان ڏس  ۾، سنڌي غزل تي، ارجن شاد جي ٿيسز پڙهڻ وٽان آهي]:

عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي،

عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسي.

ثابت سچل سچاري، يارن جي ياد ياري،

وحدت جنين وساري، تَنِ تَنِ مِٽي اڻاسي.

 ان جي تتبع تي شيخ اياز جو غزل آهي:

 جي تو اڃا نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي،

تنهنجو جنم اجا يو، تنهنجي مٽي اڻاسي.

پرشيخ اياز اهو ڪٿي به نه ٿو ڄاڻائي ته ڪو هن سچل سرمست جي ان ”ڪلام“ [غزل /ڪافيءَ] کان متاثر ٿي يا اُن جي تتبع تي اهو غزل لکيو آهي ! جڏهن ته هو هڪ غزل لاءِ فٽ نوٽ ۾ ، ڄاڻائي ٿو ته:

”’مير‘_ اردو جو شاعر مير تقي مير. هي غزل ان جي سُر[!] ۾ آهي.“[ص 262]

پرسچل سرمست غزل کي ڪافيءَ جي رگ ۾ رڱي، اُن کي سُريلي شاعريءَ جي روايت سان جوڙيو آهي ۽ سُر اسان جي شاعريءَ جو بنيادي ڳُڻ_سُڳڻ آهي. هتي اها ڳالهه به ڪري ڇڏيان ته عروضي شاعري رڪنن جي شاعري آهي _ ۽ ڇند جي شاعري سُر تي آڌارڪ آهي. سُر، اسان جو لوڪ _ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل [ڪافيءَ جي] شاعريءَ جو مرڪ آهي. انڪري به سچل سرمست جي رسالن ۾ غزل ڪافي لکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اُهي لکيا نه ، بلڪ چيا ويا آهن ۽ سُر ۾ چيا ويا آهن. اِن ريت غزل نما ڪافي، ڪافي نما غزل مسلسل غزل ۽ عروضي ڪافيءَ جي روايت جو، سنڌي شاعريءَ ۾ اُهاءُ ٿيو.

لڳي ائين ٿو ته شيخ اياز، سنڌي شاعريءَ جي ڀيٽ ۾، اڙدو شاعريءَ جو گهڻو مطالعو ڪيو آهي ۽ اُن کان متاثر به آهي . هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اڙدوءَ جا انيڪ لفظ ڪتب آندا آهن، جيڪي اصل ۾ هندي آهن، پر پاڻ اُنهن کي اڙدو لفظ ئي چئي ٿو. اُنهن لفظن جي لسٽ اڳتي ڏني ويندي.

خليفي گل کان حامد، سانگيءَ ۽ قليچ جي غزل کي مان ڪلاسيڪل غزل چوان ٿو. اهي شاعر فارسيءَ جا ڄاڻو هئا ۽ اُنهن جو فارسي شاعريءَ کان متاثر ٿيڻ سڀاويڪ آهي. اُن کان پوءِ روايتي غزل جو دور آهي. خود اڙدو غزل فارسي غزل جي انڌي تقليد آهي، ۽ ڪونڊيءَ ۾ هنيل ٻوٽو آهي. جڏهن ته سنڌي ڪلاسيڪل ۽ نئون غزل پنهنجي ڌرتيءَ ۾ پوکيل وڻ آهي:

آيو اڄ يار گهرپيهي ويا ڏکڙا وريا سُکڙا

مليو پرڏيهه ۾ ڏيهي، ويا ڏکڙا وريا سُکڙا

مليو محبوب متوالو، ويو ڏک ڏرت هڪ تالو

ڀڳي دلدار دل پيهي، ويا ڏکڙا وريا سُکڙا.

[ص 28]

هي شعر اصل ۾ هيئن آهي:

مليو محبوب متوالو، ويو ڏک ڏرت جو نالو،

ڀڳي دلدار دل ريهي، وئا ڏکڙا ورئا سُکڙا.

[”ديوان گل“، سهيڙيندڙ قاضي عبدالغفور هالائي، ڇپائيندڙ: سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد 1933ع، صفحو4].

اسحاق سميجو به پنهنجي مهاڳ ۾، شيخ اياز جي ”گل“ بابت راءِ ته“ خليفي گل جي غزلن کي ڇڏي“ ، کي ٽيڪ ڏئي ٿو [يا ٽيڪ وٺي ٿو!]:

”غزل کي سنڌي سڀاءَ ۾ مزاج عطا ڪرڻ لاءِ اياز کان اڳ ۾ خليفي گل هالائي ڪوششون ورتيون هيون ۽ فڪر توڙي ٻوليءَ جي سطح تي هن تمام سنجيدگيءَ سان ۽ ذميواريءَ سان اهو ڪم سرانجام ڏنو مگر....“[ص 31]

”مگر“ کان پوءِ هو ڦِڙتي کائي ٿو:

”مگر هو ڪنهن به صنف کي مڪمل طور پنهنجو بڻائڻ جي ٻين فني لوازمات کان ان حد تائين آگاهه نه هيو. تنهنڪري هو به صاحب ديوان ٿيڻ جي ”چڪر“ ۾  ڇٻ ڇٻ ۽ کٻ کٻ ۾ ”ڦاسي پيو.“[ص 31]

ائين هو”ديوان گل“ مان ”ٻ“ جي قافئي وارا ”ڇٻ ڇٻ“ ۽ ”کٻ کٻ“ ڏئي ”گل“ جي ڪي ڪمائي ڪُٽ ڪرڻ ٿو گهري. ڇا ان غزل جو هي شعر اڄ به اسان جي حال وٽان ناهي:

ڏيکاري گرهه ڏُوران ٿو نه هٿ ۾ ڏي سو مُوران ٿو کنيو اکيون ڏي گهوران ٿو، چوي بيٺو چريا چٻ چٻ.

[ديوان گل ص13]

”هي سپنا منهنجي جهوليءَ ۾ “ جي عنوان سان ”اياز جي راءِ“ ڏني وئي آهي. اُن جي پهرين سٽ آهي:

”مان ڪنهن وقت سوچيندو آهيان ته مان پيدائشي شاعر آهيان.“[ص 9]

اهو ته طيءَ آهي ته شاعر ڄائي ڄم کان شاعر هوندو آهي، پر خود شاعر کي پنهنجي باري ۾ ائين چوڻ جي ڪهڙي کاپي آهي؟ ! اهو ته ٻين کي چوڻ کپي.

شيخ اياز سنڌي غزل گو شاعرن کي ڏاڍي اُگري لهجي ۾ لوئي ٿو:

”گذريل ڪافي عرصي جي شاعري اهي ٿاڦوڙا آهي. جنهن جي چڪ جون ڦينگون اڃان تائين حيدرآباد کان لاڙڪاڻي تائين اڏامنديون نظر اينديون.“ [11]

”دائود پوٽي ۽ ميران محمد شاهه جو ادلو گدلو ۽ ٿو ٿو غزل هوند هو.“ [12]

شيخ اياز بنان ڪنهن مثال، حوالي جي اُن ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالهائي، جيڪا ادبي ٻولي نه آهي. صفحي 12 تي شيخ اياز، ٺٽي ياترا ۽ اُتي جمعيت الشعراء جي هڪ مشاعري ۾ پنهنجي ”دونهان دار تقرير“ جو ذڪر ڪيو آهي _ جيڪو ٽماهي ”مهراڻ [نمبر 1 ۽ 2، سال 1993، ص 25] ۾ پڻ ڇپيو _ ۽ نياز همايونيءَ اُن جي ترديد ڪئي ته ٺٽي ۾ اهڙو ڪو به مشاعرو نه ٿيو هو! اها ترديد پڻ ”مهراڻ“ [3۽4/ 1993ع ص225] ۾ ڇپيل آهي.

شيخ اياز سنڌي شاعريءَ جي اتهاس لاءِ انتهائي هٿ ٺوڪي، غلط راءِ ڏئي ٿو:

”جيڪي نام ڪٺيا شاعر هئا. انهن جي ڪليات ڳولهي ڦولهي ڏسندا هياسين ته هڪ اڌ سٽ پڙهڻ جهڙي مشڪل سان ملندي هئي. مثال طور مون مصري شاهه جي ڪليات ساري اٿلائي پٿلائي هئي. پر مصريءَ جي تڙ جهڙي سِٽ رڳو هڪ هئي.“[ص12]

۽ اُها سٽ هيءَ هئي:

ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾،

جوڳي جيڪس ويا جبروت !

ان مان ته ائين ٿو لڳي ته شيخ اياز مصري شاهه جي ڪليات جو رڳو نالو ٻڌو آهي !۽ اهو ڪلام به هُن ڪٿان ٻڌو آهي. مصري شاهه نه رڳو پنهنجي دور جو، پر هر دور جو شاعر آهي. هُن سنڌي، سرائيڪي، هندي/اردو ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. جڏهن ”غزل“ جي صنف سنڌ ۾ ورتائي پئي وئي ۽ بقول شيخ اياز ”ڪجهه ڪانو، هدهد جا کنڀ اٽڪائي. اُڏا مندا نظر ايندا هئا. “ [ص 11]. تڏهن اهي ڪافي گوشاعر ئي هئا، جن سنڌي شاعريءَ جي سُريلي روايت کي نه رڳو زنده رکيو. پر اُن کي اڳتي پڻ وڌايو. اُنهن شاعرن ۾ مصري شاهه هڪ وڏو نالو آهي . هو وائيءَ ڪافيءَ ، بيت ۽ غزل جو شاعر آهي. شيخ اياز ڪافيءَ جي صنف تي به ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيا آهن. هو پاڻ ڪافي نه چئي سگهيو، ڇو ته هونئن ته سموري شاعري، پر خاص طور تي ڪافي سُر جي ڄاڻ کان سواءِ نه ٿي چئي سگهجي ! مان هتي مصري شاهه جو هڪ جڳ مشهور بيت ڏيڻ ٿو چاهيان:

واحدو سائينس، آهُون عالم جيون سُڻي،

موڪل ٿئي مينهن کي ، تِلُ ۾ تَر سائينس،

وسائي واٽن تي ، اوڀڙ اُڀائينس،

صاحب ساريءَ ”سنڌ“ تي، بادل برسائينس،

برڪت وجهي بحر ۾، هر جا هلائينس،

هُو جي سَرَ سُڪي ويا، سي واري وهائينس،

پکا پکن سامهان، اوري اُڏائينس،

هونِ سدائين هتهين، رب تون رهائينس،

”مصري“ ملائينس، کنڊ وانگر کير ۾،

هن غزل جو [جي!] ڪليات جي مهورت تي مختصر طور ڳالهائيندي مون جڏهن مصري شاهه جي هن ڪافيءَ جي ٿل جي پهرين سٽ کنئي:

کنيائون کِلي نيڻ گهرا گلابي.

ته اُن جي ٻي سٽ مظهرالحق صديقيءَ وڏي واڪ چئي [بلڪ سامعين مان به اها سٽ چئي وئي]:

ڀريل ٻاجهه نرگس عجب نيم خوابي !

سانگي به هر دور جو شاعر آهي ۽ وڏو شاعر آهي:

جي سهڻو پاڻ سڏائي ويا، البيليون اکيون اٽڪائي ويا،

 چپ چا شنيدار چکائي ويا، سُتي سورن کي ته جاڳائي ويا.

[”ڪليات سانگي“، سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1969، ص 7.]

شيخ اياز پاڻ به اُن غزل جو تتبع ڪيو آهي:

جي پنهنجو نور نچوئي ويا ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا

سي لڙڪ مٽيءَ ۾ لوئي ويا پرڇا ڇا موتي پائي ويا

مان ٻنهي مطلعن جي حوالي سان ،گهاڙيٽي تي عبور، ٻوليءَ يا خيال جي ڀيٽ نه ٿو ڪرڻ چاهيان_ رڳو ايترو چوڻ ٿو چاهيان ته جنهن شاعر جو تتبع [ پوئلڳي] ڪريو ٿا اُن لاءِ ائين لکڻ ته:

” ابراهيم خليل تائين سنڌي شاعري به ائين لڪير جي فقير رهي آهي ۽ ان مان ٽاهه ٽاهه ڳوڙها ڳڙندا نظر اچن ٿا. گل جا ڪجهه غزل ۽ سانگيءَ جون ڪجهه سٽون ڪڍي ڇڏجن ته، ساري غزليه شاعري ’سرن درياهه‘ ڪرڻ جهڙي آهي.“ [22]

اُن جو هو ڪو به مثال نه ٿو ڏئي. مون کي ته ائين ٿو ڀاسي ته ”ابراهيم خليل تائين“ وارا شاعر هن پڙهيا ئي ڪونه آهن. شيخ اياز ته اياز گل جي هڪ شعر تان سانگيءَ جي ديوان الاءِ ڪليات قربان ڪرڻ جي به هام هنئي هئي_ ۽ مون اُن اڇاتري دعوا کي بروقت باطل قرار ڏنو هو_ ان کان پوءِ خود اياز گل به شيخ اياز جي ان ڳالهه/ هام /دعوا کي ناڪاريو هو ۽ سانگيءَ کي اڀياسيو هو ! سانگيءَ جي شاعري، سنڌي شاعريءَ جو ۽ خاص طور تي غزل جي شاعريءَ جي اتهاس جو هڪ املهه ۽ امر حصو آهي. هڪ هنڌ شيخ اياز لکي ٿو ته:

”مون ديوان گل. ديوان قاسم، ارمغان حامد، ديوان فاضل، ڪليات گدا ديوان بلبل، ڪليات سانگي، ديوان واصف، ڪليات عزيز وغيره.“    [ ۽ ان ’وغيره‘ ۾ سڀڪجهه اچي ويو ڄڻ !] ننڍي هوندي پڙهي.....“

 جڏهن ته ڪليات سانگي 1969 ۾ ڇپي آهي ۽ تڏهن شيخ اياز 46 جي پيٽي ۾ هوندو ! ياد رهي ته شيخ اياز 1923 ۾ ڄائو هو.

جڏهن توهين ڪنهن شاعر کان ايترو متاثر ٿيو ٿا،جو اُن جو تتبع ڪريو ٿا_ ساڳئي بحروزن، قافئي، رديف سان_ يا غزل جي ٻوليءَ ۾ ساڳي زمين ۾ طبع آزمائي ڪريو ٿا ۽ لغوي معنيٰ ۾ اُن شاعر جي پوئلڳي ڪريو ٿا، اُن جي پٺيان هلوٿا_ تڏهن اها توهان جي اخلاقي ۽ ادبي ايماندارنيءَ جي تقاضا آهي ته توهين اُن شاعر جو نالو کڻو_ ۽ ان مان توهان جي گهٽتائي نه، پر وڏائي ثابت ٿي ٿئي. ان ڏس ۾ شيخ اياز ميرتقي مير جونالو ته کڻي ٿو، پر سانگيءَ جو يا ٻئي ڪنهن سنڌي شاعر جو نالو نه ٿي کڻي ! نه رڳو نالو نه ٿو کڻي، پر انهن جي ”ڪجهه غزلن ۽ ڪجهه سٽن“ کي ڇڏي ”ساري غزليه شاعري سرن [سرڻ!] درياهه ڪرڻ“ ٿو گهري. ان انتهائي غير ذميواريت جو جواز/ڪارڻ نه ٿو سُجهيم !مان هتي مير  عبدالحسين ”سانگي“ جي غزل بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ ڏيڻ چاهيان ٿو، اها هڪ صحيح راءِ آهي، ۽ سچ کي اسان جي آڏو آڻي ٿي:

”سنڌ جي غزل گو شاعرن ۾ مير عبدالحسين ’سانگي‘ ھڪ امتيازي حيثيت رکي ٿو. نه صرف سندس غزلن جو سرمايو ٻين کان سرس ۽ سوايو آھي. سندس عاشقانه مزاج. وسيع تجربي ۽ بي تڪليفانه انداز بيان سببان سنڌي غزل ۾ تازگي. مگر، رنگيني ۽ ”جواني “ آئي. ۽ محض ذھني مشق ۽ مقال جي بدران سنڌي غزل، دل جي حال ۽ مقامي سنڌي ماحول جو آئينه دار بنيو.“ [ڪليات سانگي. مھاڳ]

اھي خوبيون ڏات ۽ ڏانءُ کان سواءِ شاعريءَ ۾ نه ٿيو اچن. سانگيءَ وٽ ڏات به آھي ته ڏانءُبه. ھن وٽ غزل جي سکڻي ھيئت نه آھي، بلڪ اُن ۾ ھڪ دل ڌڙڪي ٿي، درد سان ڀريل دل! ۽ ھن جي سر تي برھه جو باري بار آھي، جيڪو جبل کان به نه کنيو ٿيو:

جو جبل کان نه کنيو ٿيو سو کڻون ٿا سر تي،

برھه جو باري آھي بار خدا خير ڪري.

شيخ اياز مفتون ھمايونيءَ لاءِ چئي ٿو:

”يا مفتون ھمايونيءَ جي سڄي ديوان [!] ۾

سٽ رڳو ھڪ پڙھڻ جھڙي ھئي.“ [ص 12]

۽ اُھا سٽ ھيءَ ھئي/ آھي:

تنھنجي زلف جي بند ڪمند وڌا

زندان ھزارين مان نه رڳو!

جڏھن ته مفتون جو اھو سڄو غزل/ ڪلام سون ۾ تورڻ جھڙو آھي. ان ڪلام کي سنڌ گير شھرت حاصل ٿي. اڄ به اھو ڪلام ٻڌجي/ پڙھجي ٿو ته ھڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ٿي وڃي. شاعريءَ ۾ ان کي ئي دائميت جو عنصر چئجي ٿو. ان جو گهاڙيٽو، ٻولي، خيال، اندروني قافين جو سٽاءُ حيرت انگيز طورتي متوازن آھي. اھي غير معمولي سٽون آھن. وڏي ڳالھه اھا آھي ته اھو سڀ ڪجھه لاشعوري طور تي، سُر ۾ سِٽ _ سَريءَ ۾ پوئجي ويو آھي:

ڪيئي ابرو تيغ شھيد ڪيا، ڪيئي نازمزيد مريد ڪيا،

ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا، قربان ھزارين مان نه رڳو.

 

ڪيئي گهايل تنھنجي گهور سندا، مخمور غمور سرور سندا،

تنھنجي نور حضور ظھور سندا، نگران ھزارين مان نه رڳو.

 

شيخ اياز پاڻ به ان ڪلام جو تتبع ڪيو آھي:

تون چئو نه لڇان، تون چئه نه ڪڇان، پر توکان ھڪڙي ڳالھه پڇان،

تون ڪنھن ڪنھن کي خاموش ڪندين، اعلان ھزارين مان نه رڳو.

پر ھُن ”مفتون“ جو نالو نه کنيو آھي. ھن جن ڪتابن لاءِ لکيو آھي ته اُھي ھن ننڍي ھوندي پڙھيا آھن، اُنھن مان ھيٺيان ته گهٽ ۾ گهٽ شيخ اياز جي ننڍي ھوندي ته پڇيا به نه ھئا:

1] ديوان واصف 1955 (پھريون ڇاپو)

2] ڪليات گدا 1957 (پھريون ڇاپو)

3] ديوان بلبل 1969 (پھريون ڇاپو)

4] ڪليات سانگي (پھريون ڇاپو)

جڏھن اھي ڪتاب شيخ اياز جي ننڍي ھوندي اڃا ڇپيائي نه ھئا ته ان جي سڌي سنئين معنيٰ ته اھا ٿي نڪري ته ھن پڙھيا به نه ھئا!ته پوءِ اھڙي ڳالھه ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪھڙي ھئي؟ ۽ بنان پڙھڻ جي انھن ديوانن ۽ ڪليات کي رد ڪرڻ جو نه ته ڪو ڪارڻ سمجھيم، نه ئي ڪا اخلاقي، علمي ۽ ادبي سطح تي ان جا ڪا اھميت آھي.

”رھنماءِ شاعري“ بابت شيخ اياز اھڙي ئي ڳالھه ڪئي آھي، جنھن لاءِ نياز ھمايوني لکي ٿو:

”شيخ اياز اھڙي نموني جو ھڪ ٻيو به عجيب انڪشاف ڪيو آھي ته مون حاجي محمود ”خادم“ جو ڪتاب ”رھنماءِ شاعري “ پھرئين درجي انگريزيءَ ۾ پڙھيو ھو. معلوم ھئڻ گهرجي ته ڪتاب ”رھنماءِ شاعري“ مرحوم ڊاڪٽر محمد ابراھيم ”خليل“ جو لکيل آھي. جيڪو مسلم ادبي پرنٽنگ پريس 1948 ۾ ڇپرايو ھو. باقي حاجي محمود خادم عروض تي ”رياض  بلاغت“ نالي ننڍو ڪتاب لکيو ھو.“

[”مھراڻ“ 3_ 4/ 1993 ، ص 226 ]

نياز ھمايونيءَ جي ”مھراڻ“ ۾ ڇپيل لکڻيءَ جي ڪنھن جي پاران ترديد نه ڪئي وئي ھئي/ آھي.

ان ڪليات ”گيڙو ويس غزل “ ۾ تنوير عباسيءَ جي راءِ پڙھڻ جھڙي آھي:

”غزل ڌاري صنف آھي . سنڌيءَ جي اوائلي شاعرن ان کي سنڌيءَ ۾ آڻي . ان کي سنڌي ماحول ۾ پيش ڪيو. گل. قاسم ۽ فاضل تائين ھيءَ صنف سنڌيءَ ۾ اوپري نه پئي لڳي. حافظ حامد ۽ سانگيءَ تائين غزل صاف سڌو رھيو.“

ان کان پوءِ ھو روايتي غزل جي ڳالھه ڪري نئين غزل جي ڳالھه ڪري ٿو:

”شيخ اياز. شيام . دلگير. گدائي ۽ شيخ راز انھن اوائلي شاعرن مان آھن. جن ھن صنف کي نه فقط موٽائي سنڌ جي ڌرتي ۽ ماحول ڏي آندو. پر ان کي جديد دور جي ضرورتن موجب بدلائي نئون موڙ ڏنو. ان ڏس ۾ شيخ اياز ڪيترائي غزل لکيا، جن کي ھن گيڙو ويس غزل لکيو.“

 دراصل خود تنوير جو نالو غزل کي غزل بڻائڻ ۾ انتھائي اھم آھي:

چِٽَ پراوا ڪين وڻن،

 پنھنجي لوئي لاک ورتي.

ائين تنوير لاک _ رتا غزل ڏنا آھن سنڌي شاعريءَ کي. ان ڏس ۾ ذوالفقار راشديءَ ۽ ايم ڪمل جا نالابه اھم آھن. مان ته شمشير جو نالو به کڻندس:

لٿا عشق تي زندگيءَ جا سفينا

بدلجي ويا بندگيءَ جا قرينا

يا

تنھنجي نيڻن ۾ جو نھاري ويو

ڄڻ ته سنڌو جي ٻئي ڪناري ويو

يا

الائي ته وڃڻو ھو ڪھڙي طرف

نھاري بِھاري ڇڏيئه ڇا ڪيئه

يا

گهري ٿو شمشير حق جيڻ جو

انھيءَ کي ماري ڇڏيو ته وھه وا

اسحاق سميجي چونڊ غزلن جي مجموعي ”دل جو رستو“ ۾ شمشير جا غزل شامل نه ڪيا ھئا، ڇو ته ”شمشير غزل جو شاعرنه آھي.“ جڏھن ته شمشير جي غزل کان سواءِ سنڌي غزل جو اتھاس مڪمل نه آھي. اياز جي گيڙو ويس غزل تي موھن ڪلپنا جي راءِ :

”اياز شايد ان وقت اھو احساس نه ٿيو ته سلاست بذات خود غزل جي وڏي ۾ وڏي دشمن آھي. ان ڪري ٻئي سڄي زوردار شاعري اڳيان اھو ”گيڙو ويس غزل “ جٽاءُ نه ڪري سگهيو.“ [ص 512]

واسديو نرمل جي را:

”ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اياز پنهنجي گيڙو ويس غزل ۾ ”ڪي“ دل کي ڇهندڙ شعر چيا آهن.“ (ص 512)

هاڻي اچو ته پهرين اڙدو لفظن جي لسٽ ڏسون، جيڪي اياز واپرايا آهن.

انگار، جهَڙي، ڇايو، جهپڪي، ٽپڪي، نئي،

بنسري، نِوالو، دوار/ دوارا، آگ، ريت، جگنو،

ٽٽوليان، رت_ جڳا، ڪالي ڪلوٽي، املتاس، جُل،

آهٽ، رين بسيرو، لڀائڻ، ناوَ، پُروائي، مورڻي،

ٺنڊڪ، سلاخون، موم بتي، ماٿو، پرندن،

ڦولي ڦلي، پرڇائيون، پاٽن، چڪي، لڙکڙايون،

ڊگر.......

هو ”آڳ“ کي ”آگ“ ۽ واريءَ کي ”ريت“ ڪتب آڻي ٿو. اياز اڙدو غزل کان متاثر هئڻ جو پاڻ ئي اعتراف ڪري ٿو:

”اياز“ اڄ ”مير“ ۽ ”غالب“ ٻئي زنجير ها توتي،

ٻنهي کان پاڻ کي تون ڪيترو ڇرڪي ڇڏائين ٿو!

(ص 278)

۽ فٽ نوٽ ۾ اُنهن (مير ۽ غالب) کي اڙدوءَ جا عظيم شاعر لکڻ نه ٿو وساري_ زنجير مٿس ”مير“ ۽ ”غالب“ جا پيل آهن، پر کيس ”اصغر گونڊويءَ“ جي شاعري پسند آهي. (ص 21) غالب جا به ”ڪي“ شعر اهڙا آهن جو اُهي پڙهي کيس ”خاطري ٿي وئي هئي ته شاعر پيغمبر ٿيندا آهن.“ (ص 21) پوءِ هن تي ٿڌو ٿورو ٿو ڪري، ”ان جي دور رس نگاهه پنهنجي دور کان سو سال اڳتي ڏسي سگهندي آهي.“ (ص 21) غالب نه رڳو پنهنجي دور جو وڏو شاعر آهي، پر اُن جي عظمت هر دور ۾ رهي آهي. هُن جا شعر ضرب المثل بڻجي چڪا آهن. هنجي شاعريءَ ۾ دائميت  جا عنصر پڌرا آهن. پر شيخ اياز کي اڙدو شاعريءَ ۾ اصغر گونڊوي وڻي ٿو، جيڪو خمريات جو شاعر آهي_ پر چون ٿا ته هُن ڪڏهن چُڪو به نه چکيو. اياز ان جي بنهه ابتڙ هو...... اصغر گونڊويءَ کي به پنهنجي ننڍي عمر ۾ پڙهيو هو. ڊاڪٽر اسد الله شاهه ”بيخود“ حسينيءَ وٽ اڙدو شاعريءَ جا انيڪ ڪتاب هئا ۽ وٽس ئي اُهي ڪتاب مون پڙهيا هئا. اصغر گونڊويءَ جو مون کي ته هڪ شعر به ياد نه آهي.

شيخ اياز لکي ٿو ته:

”مون کي فارسي بحر وزن تي ڪافي عبور هو، جنهن کي مون غزل، نظم، آزاد نظم، گيت، ڏيڍ سٽي وغيره ۾ ائين استعمال ڪيو جو ڪوبه بحر وزن جو استاد ان مان غلطي پڪڙي نه سگهندو.“ (ص 10)

ان جي معنيٰ ته اها ٿي ٿئي ته غلطي هوندي پر ڪو پڪڙي نه سگهندو! ان ڪري به هن پنهنجي شاعريءَ تي، خاص طور تي لساني، مشاهداتي ۽ فني طور تي نظرثانيءَ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي ۽ نه ئي پنهنجي ڇپيل ڪتابن جي ڪا ماسٽر ڪاپي ٺاهي. جيتوڻيڪ هن پنهنجي سموري ترقي پسند/ نعريباز شاعريءَ تان پاڻ ئي هٿ کنيو هو. نظرياتي سطح تي ته هن اهڙي نظرثاني به ڪئي، پر لساني، مشاهداتي ۽ فني سطح تي شيخ اياز اهڙي ڪنهن به نظرثاني ڪرڻ لاءِ تيار نه هو_ بلڪ پنهنجي شان کان گهٽ سمجهندو هو. هن ته ”ڪيڙو ڪيڙو ڪرنه ڪارڙا“ کي به رهڻ ڏنو ته ”لاڙي وينگس ڇڄ ڇڙي ٿي“ کي به! نياز همايونيءَ ان ڏس ۾ هڪ اهم ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا هر شاعر کي ڳنڍ سان ٻڌڻ گهرجي:

”شيخ اياز اهو مضمون لکندي مختلف شاعرن کان متاثر ٿي ”مطالعي مطابق“ جيڪا شاعري ڪئي آهي. سا سنڌيت جي مزاج کان بلڪل عاري پئي لڳي. کيس کپي ته پنهنجي مشاهدي موجب شاعري ڪري.“ (مهراڻ 3-4/1993)

270 صفحي تي غزل جي مطلع آهي:

جنهن وقت به ڇلڪي پاپ گهڙو ڇا ڀرجي ٿو ٻيهار ڪڏهن؟

ڪنهن وقت اچانڪ رستي تي ڇا ويندي يار ڪڏهن؟

ڪمپوزنگ واري ته ٻنهي سٽن (مصراعن) کي هڪ_ ڪرو بيهاريو آهي، پر انهن جي جيڪڏهن تقطيع ڪبي ته ان ۾ هڪ رڪن (فعلن) کٽل آهي. منهنجي راءِ ۾ اتي ”ويندي ملندين يار ڪڏهن؟“ هوندو. اها ته پروف جي غلطي ٿي سگهي ٿي. ص 442 واري غزل جو هي شعر ڏسو:

سر ڏنو سي کلي ڪونه پر هوءَ ملي

ڇا ڪجي دوست ڳالهه تي ڳت هئي.

دوست جي جاءِ تي ”دوستو“ لکڻ سان ئي وزن پورو بيهندو. اها به پروف جي چُڪ ٿي سگهي ٿي. ص 168 تي هڪ ٻيو غزل آهي، جيڪو ٽي ڀيرا فاعلاتن تي آهي. اهڙو نه ته ڪو بحر آهي، نه ئي وزن. ان کي وڌ ۾ وڌ اياز جو هڪ فني تجربو چئي سگهون ٿا. ان ۾ مقطع جي پهرين سٽ (مصرع اوليٰ ان ڪري نه ٿو لکان، جو سنڌيءَ ۾ پوري شعر يا بند کي مصرع چئبو آهي_ جيئن نالي واري مصرع) جو وزن مختلف ٿي وڃي ٿو، ٻه ڀيرا فاعلاتن ۽ ٽيون ڀيرو فاعلات. اهو، بهرحال، تجربو نه آهي. ص 442 تي غزل جي مطلع:

اي اياز! هوءَ اڄ من لڀائي وئي،

منهن هُيس چنڊ جئن، ٿورڙي ڄت هئي.

اهو غزل چار ڀيرا فاعلن تي آهي، پر انهيءَ مقطع جي پهرين سٽ ڪنهن به وزن ۾ ناهي. اها هيئن پڙهبي ته پوءِ وزن صحيح بيهندو:

اي ايا (ز)/ هوءَ اڄ/ من لڀا/ئي وئي

”گيڙو ويس غزل“ جي صفحي 12 تي شيخ اياز جا لفظ آهن:

”جيڪڏهن سنڌي شاعريءَ مان ڀٽائيءَ جي شاعري ڪڍي وڃي ته ان جو سارو سرمايو ڪنهن واهڻيءَ واٽهڙوءَ جي هڙ جيترو مس ٿيندو. جنهن ۾ اڳڙين ٿڳڙين کان سواءِ ڪجهه نه هوندو.“

اها هڪ انتهائي غلط راءِ آهي. جيڪڏهن اسين قاضي قادن، مخدوم نوح، شاهه ڪريم جا رڳو نالا به نه کڻون، جيڪي اسان جي اوائلي اساسي/ ڪلاسيڪي دور جا وڏا شاعر آهن، ته پوءِ ڀٽائيءَ جو سلسلو به نه ٿو جُڙي_ ٻيو ته ائين اسين پنهنجي لازوال ۽ شاندار اتهاس کي پنهنجي هٿ سان ميساري ٿا ڇڏيون! مان هتي انهن عظيم شاعرن جو صرف هڪ هڪ بيت ”مهراڻ“ جي پڙهندڙ آڏو پيش ڪندس ته جيئن اُهي پاڻ ئي شيخ اياز جي راءِ کي نياءُ جي تُراڙي ۾ تورينِ:

سيئي سيلَ ٿِئامَ، پڙهئا جي پاڻ لئه،

اکر اڳيان اُڀري، واڳو ٿي ورئام.

(قاضي قادن)

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانيو ماڻهئا،

روئي رڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.

(مخدوم نوح)

امڙ کوءِ گهروءِ، مون نِئان ساٿڙو وڃي نِڱئو،

هينئڙو ڏِيي وَٽِ جنءَ، مون جنءَ تان نه ٻريوءِ!

(شاهه ڪريم)

خود شاهه سائينءَ جي همعصرن ميين شاهه عنات ۽ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا نالا به اساسي شاعريءَ جا وڏا نالا آهن، انهن جي شاعري اڄ به تازي تواني ۽ Valid آهي. انهن جي شاعريءَ کي ”ڪنهن واهڻيءَ واٽهڙوءَ جي هڙ ۾ اڳڙيون ٿڳڙيون“ سڏڻ جو نه ته ڪو جواز آهي، نه ئي ان مان ڪو ڪارج سِڌ ٿئي ٿو. هتي ميين عنات ۽ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جو به هڪ هڪ بيت ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن آڏو پيش ڪندس، ته جيئن هو پاڻ منصف ٿين:

اڄ اڏيائون اَڏ، دل ۾ ديواريون ڪري،

سڄڻ ساه پساه جين، مون سين آهين گڏ،

ڪهڙا ڪريين سَڏ، ههڙن هيڪاندن کي!

(ميون شاهه عنات)

(سرود جيتسري، ص 117 ميين شاهه عنات جو ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ 1963)

خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جي وصف ته خود شاهه سائين هنن لفظن ۾ ٿو ڪري:

مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينِ کي،

تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي!

سندس هي بيت پڙهو:

اکر پڙهه عشق جو، ڪنز قدوري ڇَڏِ،

چڙهه تنين جي مَڏِ، جي سُتي ڏينِ شراب جي.

(خواجه محمد زمان)

(متن ابيات سنڌي، ص 28، انتظامي جماعت لنواري شريف، سنڌ)

شيخ اياز کي اهو به ياد نه رهيو آهي، ته هن سنڌي ادب جي حوالي سان شاهه سائينءَ سان گڏ سچل ۽ ساميءَ جو به ڪڏهن نالو کنيو هو:

”جيستائين سنڌي اديب گهٽ ۾ گهٽ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جو گهرو مطالعو نه ڪيو آهي ۽ هو پنهنجي تاريخ، روايات ۽ ماحول جو چڱيءَ طرح واقف نه آهي، تيستائين هو سنڌي ادب ۾ چڱو ادب پيدا نه ٿو ڪري سگهي.“ (ص 17)

شاهه سان گڏ سچل ۽ ساميءَ جا نالا هن پوءِ نه، پر پهرين 1967ع ۾ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ کنيا آهن ۽ ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ 1992ع ۾ ڇپيو آهي ته ڇا شيخ اياز 1967ع واري پنهنجي راءِ کي 1992ع ۾ پاڻ ئي ريٽي ڇڏيو آهي! ڪلاسيڪل شاعريءَ جي پسمنظر ۾ عظيم لوڪ دور آهي. ڇا اُهو به اڳڙيون ٿڳڙيون آهي؟ اياز ته لوڪ شاعريءَ جو به تتبع ڪيو آهي!

شيخ اياز جي ذات ۾ ايڏا ته تضاد آهن، جو ان ذات جي صفات لهڻ لاءِ غيرجانبدار ٿيڻو پوندو.

شيخ اياز غزل جي روايت تي هلندي مقطع ڏئي به ٿو ۽ ساڳئي وقت کيس ان مان ”آپي پڻي“ جي ”بُوءِ“ به اچي ٿي:

”جيتوڻيڪ مون گهڻو ڪري تخلص ڪم ڪندو (آندو!) آهي. جيئن اردو ۽ فارسي شاعرن ڪم اندو آهي، پر مون کي ان مان ”آپي پڻي“ جي بوءِ ايندي آهي ۽ جي نه ڪيو وڃي ته چڱو.“

(ص 13)

اتي به هو اردو ۽ فارسي غزل جي ئي ڳالهه ڪري ٿو_ پر سنڌي غزل کي ڇڙو نالي کڻڻ جي لائق به نه ٿو سمجهي! تخلص مان آپي بڻي جي بوءِ به ٿي اچيس، پر هو اُن بوءِ کي برداشت ڪريو وڃي! هُو ”جي سنڌيءَ جا جغادري شاعر هئا“ (ص 10)، تن کان به ”بحر وزن کي ڏهه ڀيرا وڌيڪ“ (ص 10) ڄاڻڻ جي دعوا ته ڪري ٿو، پر ڪٿي به ڪنهن به بحر جو نالو نه ٿو کڻي! رڳو وزن ٿو ڏئي!

شيخ اياز پنهنجي پهرئين غزل بابت لکي ٿو:

”اوچتو مون کي هڪ غزل سجهي آيو هو، جنهن ۾ ٻه ٽي لفظ ان غزل جا هئا جو مون سوامي تيرٿ جي ڊائرين ۾ پڙهيو هو.“ (ص 9)

جڏهن ته اهو سڌوسنئون ترجمو آهي، ”جنم جنم جي جيت اياز“ ۾ اهو سچ پڙهي سگهجي ٿو.

مارئيءَ جي حوالي سان لکي ٿو:

”عمر سان ياري نه رکيائين ۽ مڙس لاءِ ماندي رهي.“ (ص 15)

جڏهن ته کيت مارئيءَ جو مڙس نه پر مڱيندو هو!

مون ”اَمرتا“ جي ”غزل رنگ نمبر“ ۾ نصير مرزا جي اَمهاڳ تي هڪ هنڌ لکيو هو ته: ”مصرع سنڌيءَ ۾ مونث آهي، نه ڪي مذڪر.“ پر شيخ اياز به مصرع کي، اڙدوءَ جي اثر هيٺ، مذڪر ڪتب آڻي ٿو.

شيخ اياز، ”حافظ“ شيرازيءَ بابت، ماڌو لال حسين جي حوالي سان جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اُهو بنان ڪنهن به ريفرنس ڏيڻ جي ئي لکيو آهي:

”ماڌو لال حسين حافظ جو ديوان ڦٽي ڪري چيو هِن حافظ جي عمر ته پوڙهين رنن وانگر روئيندي گذري آهي.“ (ص 22)

هڪڙي شعر/ مقطع ۾ ”حاظ“ جي ساراهه به ڪري ٿو:

سو نه ’روميءَ‘ ۾ نه ’رازيءَ‘ ۾ اياز

مون ڏٺو جو ’حافظ‘ و ’خيام‘ ۾.

پر ماڌو لال حسين واري حوالي سان ’حافظ‘ جي هڪ شعر کي کڻي، اُن کي لوئي به ٿو ۽ پنهنجي غزل ۾ ’حافظ و خيام‘ ۾ جيڪو ڏٺو اٿس، اُهو رومي ۽ رازيءَ ۾ نه آهي، واري ڳالهه ڪري ٿو، جيتوڻيڪ سندس ئي هڪ غزل جو شعر آهي:

روز رومي پڙهين ٿو اياز

پو به رازي ڇڏين ڪونه ٿو.

پر اِتي به هو قافئي (اعشقبازي، مجازي) لاءِ ئي ائين ڪري ٿو، جيئن ’خيام‘ کي قافئي لاءِ آڻي ٿو. ماڌو لال حسين جڏهن پاڻ ئي محبوبن جي مهمانيءَ لاءِ ”هنجوان دا پاڻي، سُولان دا سالن“ پيش ٿو ڪري، تڏهن حافظ جي هڪ شعر کي کڻي ’پوڙهين رنن وانگر رئڻ‘ جو چئي ديوان حافظ ڪيئن ٿو ڦٽي ڪري سگهي؟ ٻيو ته شاعري پيتل_ اڻ پيتل لڙڪن سان ئي ته عبارت آهي_ پر جيئن ته انهيءَ سڄي ڪٿا کي ڇڪي تاڻي ”ڊاڪٽر خليل تائين ٽاهه ٽاهه ڳوڙها نظر اچن ٿا“ تائين کڻي اچڻو هوس،ا ن ڪري.....! جڏهن ته خود شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ”ٽاهه ٽاهه ڳوڙها ڳڙندي“ ڏسي سگهجن ٿا:

هيءَ سانوڻ ڏني سزا آهي،

نيڻ هر وقت ٿا رهن آلا.

ان هڪ شعر کي کڻي اياز جو (جي!) ڪليات، ”پوڙهين رنن وانگر رئڻ“ واري جملي جي ڪري ڦٽي ڪري ڇڏجي؟

اسحاق سميجي جو مهاڳ ”هيءَ ڪوتا نه هئي ڪا نئين مت هئي“ به اُتر لهڻي! ان جو ڌار episode ٿيڻ کپي. اسحاق هڪ مخصوص نڪتئه نظر سان مخلص، فدوي، گدا، قليچ، سانگيءَ جا فارسي آميز شعر ڏئي ٿو، جيتوڻيڪ انهن کي به معنيٰ آهي. قليچ جي هيءَ مطلع سدا بهار مطلع آهي ۽ ان کي رڳو ”راغ“ لفظ جي ڪري لوئيو ويو آهي، جيڪو ”باغ“ سان هم قافيا پڻ آهي ۽ قليچ ان ۾ ٻٽو قافيو رکيو آهي. باغ توڙي بن، جهر جهنگ گلن سان جهنجهجي ويا آهن:

هر طرف ٿيو بهار جو هُل هُل

باغ ۽ راغ ٿي پيا گُل گُل

پر شيخ اياز جا وري اُهي شعر ٿو ڏئي، جيڪي سندس خيال ۾ ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جا شعر آهن، پر اُهي ئي شعر defective آهن. ائين الاءِ ڄاڻي واڻي ڪيو ويو آهي يا اڻڄاڻائيءَ ۾؟ امان انهن مان هتي رڳو هڪ شعر ڏيان ٿو:

تنهنجي ڪوثر توکي پهتي، مون کي ڏينم ڇڏي،

ڪعبي ۾ ڀي ياد اچي ٿي مون کي ڪينجهر جي.

ضميري پڇاڙيون (م/ س/ ن....) شيخ اياز گهٽ ڪتب آنديون آهن:

اڪيلو ڇڏي ڏينم من ٿو چوي

پري گهر اڏي ڏينم من ٿو چوي.

جيئن مٿين مطلع ۾ ”ڏينم“ لفظ ڪتب آيو آهي، جنهن جو ڇيد آهي:

ڏيــ/ نــ/ م

ڏي/ تون/ مون کي

(اڪيلو ڇڏي) ڏي/ تون/ مون کي. انهن چئن لفظن: ”ڏي/ تون/ مون/ کي“ کي هڪ لفظ ”ڏينم“ ۾ سموهيو ويو آهي. اڳياڙيون ۽ ضميري پڇاڙيون سنڌي ٻوليءَ جو ڳُڻ_ سُڳُڻ آهن. ان ڏس ۾، لاکيڻي لطيف جي ڪلام جي حوالي سان، ڊاڪٽر غلام علي الانا جي study موجود آهن. هاڻي شيخ اياز جو هي شعر ٻيهر پڙهو:

تنهنجي ڪوثر توکي پهتي مون کي ڏينم ڇڏي

ڪعبي ۾ ڀي ياد اچي ٿي مون کي ڪينجهر جي.

انهيءَ شعر ۾ ٽي ڀيرا ”مون کي“ ڪتب آيو آهي، ٻه ڀيرا مڪمل صورت ۾ ٽيون ڀيرو ضميري پڇاڙيءَ سان:

مون کي ڏينم ڇڏي

ان جو ڇيد ٿيندو:

مون/ کي/ ڏي/ تون/ مون/ کي/ ڇڏي

هتي اهو به عرض ڪريان ته يا معنيٰ فارسي آميزيءَ کان بي معنيٰ سنڌي لفاظي وڌيڪ خطرناڪ آهي. خود اياز جا به اهڙا فارسي آميز شعر وڌيڪ گهرا ۽ بي ساخته آهن:

تنهنجو بي ساخته تبسم آ

نانءُ جنهن جو جهان آ پيارا

جڏهن شيخ اياز انهيءَ پاڻ پڻي ۽ انا جي گهيرٽ مان سجاڳ ٿئي ٿو_ تڏهن ئي هن تي شعر لهن ٿا ۽ درد جو داستان رقم ٿئي ٿو:

بي زباني زبان آ پيارا

درد جو داستان آ پيارا

پر اهڙا شعر شايد فارسي آميزيءَ جي ڪري ذڪر جوڳا نه ٿا سمجهيا وڃن:

تون جتان جو مـﮧ منور آن

سا زمين آسمان آ پيارا

اهڙا شعر مستيءَ ۽ بيخوديءَ  تخليق ٿين ٿا:

تنهنجي اکڙين جو ميءِ وسائي آ

مست و بيخود سڄي خدائي آ

۽ شاعر جي ذاتي ڪيفيت/ واردات هر دل جي ڪيفيت/ واردات جي ترجمان بڻجيو وڃي:

هر ستاري ۾ ساهه اٽڪيو آ

اِئن به ڪاٽي شبِ جدائي آ

*

من ئي مُنجهي پيو آ غمِ روزگار ۾

ڇوڙي ته آءُ زلف پريشان ڪڏهن ڪڏهن.

ابهام، ايهام، مبالغو، تجريديت، تصويريت، تخيئليت، لاشعوريت، ڪيف، حال، وجدان_ شاعريءَ جو حسن آهن. ان ڪري ئي شايد ڪليات جي مهورت ڀيري مظهرالحق صديقيءَ هڪ ڏاڍي گهري ڳالهه ڪئي هئي ته:

”شاعرن کي ان جو لائسنس مليل آهي.“

ڏسڻو اهو پوندو ته شاعر ان لاءِ لائسنس جو ڪيترو صحيح/ تز/ accurate استعمال ڪيو آهي:

جنهن زمين تي پيا قدم تنهنجا

تنهن تي سجدي ۾ آسمان آهي.

*

ڪنهن مغني اهو به ڄاتو آ

روح تي ڇا رباب جئن گذري

ياد ماضي اياز ائن آيو

رات روز حساب جئن گذري.

يا ان غزل جي هيءَ ماهتاب_ عڪسي خوابناڪ مطلع:

زندگي ڄڻ ته خواب جئن گذري

آب ۾ ماهتاب جئن گذري.

ڏک ته اهو آهي ته شيخ اياز کي، سڳن آهوجا جهڙو نقاد نه ملي سگهيو! جنهن نارائڻ شيام جي مجموعي ”روشن ڇانورو“ تي مهاڳ لکي سندس عظمت کي اُجاگر ڪيو. رسول بخش پليجو اهو ڪم ڪري سگهي ٿو، خاص ڪري شيخ اياز جي ٻوليءَ، فڪر ۽ مشاهدي جي حوالي سان.

ڪنهن به ٻوليءَ جي شاعريءَ جو

اتهاس هڪڙي ڏينهن ۾ نه ٿو جڙي. اتهاس جڙڻ ۾ هزارين سال لڳندا آهن_ ۽ ائين ئي سنڌي شاعريءَ جو اتهاس پڻ جڙيو آهي_ اوائلي لوڪ دَور.

لوڪ دَور، اوائلي ڪلاسيڪل دَور، ڪلاسيڪل دَور، نيم ڪلاسيڪل.

دَور، اوائلي روايتي دَور، روايتي دَور، ترقي پسند دَور_

_ اهي سڀ عظيم دَور آهن_ ۽ نئين/ جديد شاعريءَ جو پس منظر آهن. سنڌي شاعريءَ جي انهن عظيم دَورن تي اسان کي فخر ڪرڻ جڳائي!

شيخ اياز، جيڪڏهن، سنڌي شاعريءَ جو هزارها سالن تي محيط، اهو لازوال ۽ شاندار اتهاس پڙهي ها ته اڄ سندس وهَه جو ورن ئي ٻيو هجي ها! ۽ ترياق جو ڪم ڏئي ها! اچرج ۽ ڏک ان تي آهي ته پاڻ، بنان پڙهڻ جي. پنهنجي اَمَلهه_ امر اتهاس کي ڏاڍي اگرائپ سان رد ڪيو اٿس! اهو بلڪل ائين آهي جيئن پنهنجي ”هيري“ کي ”ڪوئلو“ سڏڻ!

ڪنهن به شاعر جي حقيقي عظمت ان جي انفراديت ۾ ئي آهي، ۽ شيخ اياز ۾ اهڙي انفراديت فطري طور موجود پڻ آهي_ پر ان کي اجاگر ڪرڻ لاءِ انتهائي غير جانبدار ٿيندو پوندو. ان ڏس ۾ ٻولي، فن، فڪر، لهجي، موضوع، شاهدي ۽ تجربي جي ملهه_ ڪٿ سان ئي شيخ اياز جي حقيقي عظمت لهي سگهجي ٿي. ائين تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو، جڏهن سکڻي جذباتيت کي ٻن ڏئي، عقيدت پرستيءَ جي پَٽي اکين تان پٽي لاهي اڇلائي، خالص فن جي آڌار تي شيخ اياز جي شاعريءَ جي اصل روح/ جوهر تائين پڄڻ جو جتن ڪنداسين_ ۽ ائين ئي شيخ اياز جي شاعريءَ جي چمن جي گلن ۾ ٽڙندڙ ٽهڪ اسين سُڻي سگهنداسين ۽ پرهه جو ماڪ ۾ رُنل هن جا لڙڪ پَسي سگهنداسين:

ڪيترا ٽهڪ ها جي گلن ۾ ٽڙيا،

ڪيترا لڙڪ ها جي لڪا ماڪ ۾!

ان لاءِ اسان کي شيخ اياز جي روان/ سرل/ متحرڪ سِٽن سان گڏ روان/ سرل/ متحرڪ ٿيڻو پوندو:

آئي سٽ صفحي تي يا،

ڊوڙي سانوڻ رُت ۾ ڊيل!

قمر شهباز جي گهر تي_ قمر، مان ۽ سحر ۽ ارشاد قمر/ ”اياز جي غزلن جو (جي!) ڪليات“ ۽ شيخ اياز تي ڳالهائي رهيا هئاسين. قمر چيو ”اياز جي ڪيترين ڳالهين کي لنوائڻو پوندو.“ مون چيو ”اياز جي ڳاليهن تي ڳالهائڻو پوندو.“ شيخ اياز جي ڪيترين ڳالهين تي، لکت ۾ توڙي زباني، خود سندس حياتيءَ ۾ ئي ڳالهائجي چڪو آهي. جيئن مٿي مون نياز همايونيءَ جي خط مان حوالو ڏنو آهي_ يا جيئن شاهه کان وڏو شاعر وغيره_ تي ڳالهائجي چڪو آهي. ممڪن آهي ته شيخ اياز پاڻ به اهو چاهيو هجي ته سندس ڳالهين تي ڳالهايو وڃي! ان ڪري ئي هو ڪانه ڪا کُنڌ کڻندو رهندو هو!

انهن ڳالهين تي ڳالهائڻ سان ئي اسين سنڌي ٻوليءَ، لفظ، معنيٰ، گهاڙيٽي، فن، آرٽ، شاعريءَ، لئه، آهنگ، سُر_ تي سوچي سگهون ٿا، سنڌي سماج، سڀيتا، سنڌين ۽ سنڌ بابت لوچي سگهون ٿا؛ پس منظر/ منظر/ پيشمنظر- هٿ ۾ جهليل  آنهريءَ ۾ پَسي سگهون ٿا؛ اياز جي سُونهپ ۾ ئي سهي، ماضيءَ کي ڇنڊي ڇاڻي، حال سان حال اوري، مستقبل جي للڪارن سان مهاڏو اٽڪائي سگهون ٿا................. ۽ ائين ئي آفاق/ عالم ۾ پنهنجو وجود نه رڳو اسين بچائي سگهون ٿا، بلڪ مڃائي به سگهون ٿا_ ۽ ائين ئي پنهنجي ڏات_ ڏانوَ سان وقت جي اننت اونهائين/ اوچائين/ پکيڙ کي اسين ڇُهي سگهون ٿا_ هٿ وڌائي انهن کي وس ۾ ڪري سگهون ٿا:

   جي تون چاهين!

رات به توسان رس ۾ آهي

چنڊ به تنهنجي گس ۾ آهي

سڀ ڪجهه تنهنجي وس ۾ آهي

  جي تون چاهين!

(”گيڙو ويس غزل“، مرتب: اسحاق سميجو، صفحا 512 ، سائيز ڊيمي قيمت -/200 رپيا، ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشنس، سال 2004ع، ملڻ جو هنڌ: شاهه لطيف ڪتاب گهر، حيدر چؤنڪ، حيدرآباد سنڌ.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com