سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004-3ع

 

صفحو :9

غلام نبي مغل

 

جڏھن درياھه وھي اچي

 

سج لھڻ ۾ اڃا ڪجھه وقت ھو، ٿڌ محسوس ٿي پئي، سامھون انگريز بادشاھه جي ٺھيل لوھي پل نظر آئي پئي. انگريز بادشاھه به سنڌوءَ کي پار نه پئي ڪري سگهيو. اڻويھين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ کين اھا پل ٺاھڻي پئي.

انگريز کي پنھنجي ٺاھيل ريل کي اڃا سڄي ملڪ ڏانھن وڇائڻو ھو. ملڪ قبضي ۾ ان وقت ئي ھوندا آھن جڏھن رستا، درياھه ۽ ھاڻ عرش تي اُڏام جا پيچرا قبضي ۾ ھوندا آھن. باقي ماڻھن ۾ سگهه نه ھوندي آھي! اُھي ته پنھنجن يا پروان جا اسير ٿي پوندا آھن ۽ سندن ڌرتي به زور آورن جي آثر ھيٺ ھوندي آھي.

سامھون ڪوٽڙي واري پل ھڪ قديم راڪاس وانگر نظر آئي پئي ۽ ھيٺ ڌرتي، سواءِ ڪجھه پاڻيءَ جي دُٻن جي ھڪ ڦھليل واري، سُڪل مٽي ۽ ڪٿي چيڪي مٽيءَ سان ڀريل، ويران ڪربلا جي شام وانگر نظر ائي پئي. لڳو ائين پئي ته ھماليا جبل ۽ سنڌوءَ جو سمورو پاڻي قديم راڪاس جھڙي پل ھيٺان ڪڏھو ڪو لنگهي ويو آھي، ۽ ھڪ پوڙھو شخص، جو گرشوز، بلو جينز جي پينٽ، ڪاري خميس ۽ بنا ٻانھن جي گهري بلو سوئيٽر۽ مفلر سان، سنڌوءَ جي وچ ۾ وڏين ٻرانگهن سان ھليو پئي.

مارچ مھيني جي شروعاتي ٿڌ اڃا محسوس ٿي پئي. سج لھڻ ڪري گرمائش جو اثر به ختم ٿي رھيو ھو.

پوڙھو شخص قد جو ڊگهو، لڱن جو پورو پُنو ھو. منھن ۾ رت اڃا سانڍيل ھوس. صاف رنگ، ھلڪيون مُڇون ۽ ڏاڙھي ڪوڙيل ھئس. اُن پوڙھي سان گڏ ھڪ نوجوان به ھو. ٻئي ھڪجيترا ۽ ھڪجھڙا قدم کڻندا، سنڌو درياھه جي وچ ۾ ھلي رھيا ھئا. ظاھر ھو ته درياھه ۾ پاڻي ڪونه ھو. ھزارن سالن کان نظر نه ايندڙ زمين جو حصو ھاڻ صاف سٿرو ۽ پنھنجن سڪل وزن وڪڙن سان انسان جي اڳيان بيوس ھو، جو اُن ۾ پاڻي ۽ اُن جي زوردار ۽ لاڳيتي وھڪرو جو وجود ھاڻ نظر نه پئي آيو.

”سر! اڄ اوھين دير سان آيا آھيون؟“ نوجوان پڇيو.

”ھا.“

نوجوان پوڙھي شخص کي ڏسڻ لڳو، جواب پورو نه ھو. ”اڄ آءُ پھرين ڄام شوري ويو ھوس. اُتان پوءِ ڪوٽڙي. اڄ واڪ لاءِ درياھه ۾ ڪوٽڙيءَ واري پاسي کان آيو آھيان.“

”ڇو؟“

”بس روز گدو بندر وٽان ايندو آھيان. اڄ رستو مَٽائي آيو آھيان.“

”ڇو؟“ نوجوان وري پڇيو.

پوڙھي شخص ٻئي ڀيري ”ڇو“ چوڻ تي نوجوان کي غور سان ڏٺو.

ساڍن پنجن فوٽن کن جو ھلڪي بدن جو ڇوڪرو ھو. شڪل ۽ ڪپڙن منجھان سرنديءَ وارو نه پئي لڳو. وار اڻڀا ۽ ڏکڻ جي ھوائن ڪري سڄي مٿي ۽ منھن تي ڦھليل نظر آيا پئي.

”تنھنجي مُنھن ۾ رت ڪونھي.“ پوڙھي شخص پڇيو.

”ڇو؟“

”غريب آھيان!“

”رت امير يا غريب سڀني وٽ ھوندو آھي.“

غريبن جي رت ڪوالٽي گهٽ ھوندي آھي.“ نوجوان چيو.

”مون ته غريب به ڳاڙھا ڏٺا آھن.“

”ڪجھه وقت کان پوءِ اُنھن غريبن جي ڳاڙھاڻ به ختم ٿي ويندي.“

”ڇو؟“ پوڙھي شخص پڇيو.

”انھيءَ ڪري جو ھُو لاڳيتو غريب رھي ٿو.“

”ماڻھو غريب ڇو ھوندا آھن؟“ پوڙھي شخص پڇيو

”انھيءَ ڪري جي ھو امير ڪونه ھوندا آھن.“

”امير الله ٺاھي موڪليندو آھي ڇا؟“ پوڙھي شخص پڇيو .

ٻئي ڄڻا درياھه جي سُڪل پيٽ ۾ ھلي رھيا ھئا.

”الله نصيب ٺاھي موڪليندو آھي.“

”پر الله ٻه ٻانھون، ٻانھن ۾ طاقت ۽ مٿي ۾ ذھانت به ڀري موڪليندو آھي.“ پوڙھي شخص چيو.

”نصيب ٺھيل نه ھوندو آھي ته ٻانھن جو زور اجايو آھي.“

”تون ڪيترو پڙھيل آھين؟ تو ھفتو کن پھرين ٻڌايو ته ھو.“

”آءُ گرئجوئيٽ آھيان. ڪاليج ڪڏھو ڪو ڇڏي چڪو آھيان. درياھه جي ڪپ تي بتيلي ۾ ۽ گدو شھر ۾ ھڪ پڪسري اباڻي جاءِ ۾ رھندو آھيان. بجليءَ جو ڪنيڪشن نه آھي. جر جي پاڻيءَ جو نلڪو گهر ۾ لڳل آھي. ٽي ڀائر ۽ ٻه ڀيڻون آھن. ھڪ ڀاءُ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن ۾ پٽيوالو ھو. ڪارپوريشن ختم ٿئي پئي، پگهار بند آھن. پريس ڪلب جي ٻاھران روز اٺ ڪلاڪ علامتي بک ھڙتال ڪندو آھي. ٻيو ڀاءُ پھرين مڇيون پلا ماري ٺيڪيدار کي وڪڻندو ھو. ھاڻ ٺيڪيدار کان مڇي وٺي وڪڻندو آھي. ھت پاڻي ڪونھي. ٺيڪيدار ڪراچي ۽ ننگر ٺٽي جي ڍنڍن مان مال کڻي ايندا آھن. وري به ٻڌي ڇڏيو : آءُ مھاڻو پٽ مھاڻي جو آھيان. ميربحر ڪونه سڏائيندو آھيان.“

”اسڪول ۽ ميٽرڪ جي سرٽيفڪيٽ ۾ ڪھڙي ذات کليل اٿئي؟“

”اُتي ميربحر لکيل آھي. پئسا ھجن ته ذات به چڱي ٿي پوندي ۽ سرٽيفڪيٽ به نئون ملي ويندو؟“ نوجوان چيو. ”سرٽيفڪيٽ به نئون ملندو آھي ڇا؟“ پوڙھي شخص پڇيو.

جڏھن ذات نئين ۽ بھتر ٿي سگهي ٿي ته سرٽيفڪيٽ به سيڪنڊ ڊويزن يا فرسٽ ڊويزن جو پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگري به ملي سگهي ٿي.“

”تو ائين ڇو نه ڪيو؟“ پوڙھي شخص پڇيو.

”مون اوھان کي ٻڌايو نه ته اڃا آءُ غريب آھيان.“

”تون حيدرآباد ۾ پڪوڙا ٺاھي ڇو نٿو وڪڻين؟“ پوڙھي شخص پڇيو.

”آءُ گريجوئيٽ آھيان، اھا بي عزتي ناھي؟“

”ڇو بي عزتي آھي؟ ڪلو پڪوڙي واري کي سڃاڻين؟ پڪوڙا وڪڻي ھاڻ لکپتي آھي. ڪراچيءَ ۾ بُندو چڪن تڪي وارو ٻڌو اٿئي، ڪروڙپتي آھي. تون ٺيڪيدار کان مڇي وٺي ڇو نٿو وڪڻين؟“ پوڙھي پڇيو.

”امان ۽ ڀيڻون ڪاوڙ جي پونديون. پڙھيل ڳڙھيل ڀاءُ مڇي وڪڻي؟“

”مڇي ۽ پلو جھلڻ ۽ وڪڻڻ ته تنھنجو اَباڻو پيشو آھي نه؟“

”ھا، پر آءُ جو پڙھي ويو آھيان. يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ دوست آھن. قومي تنظيمن ۾ به ڪيترائي يار آھن.“ ”ڪنھن تنظيم يا سياسي پارٽيءَ  جو ڪارڪن آھين؟“پوڙھي پڇيو .

”نه.“

”ڇو؟“ پوڙھي پڇيو.

”اجايو وقت وڃائڻ آھي سياست ۾“

”پر ھاڻ به ته وقت وڃائين پيو.“ پوڙھي پڇيو.

”نوڪري نٿي ملي، آءُ ڇا ڪريان؟“

”وڌيڪ پڙھه.“

”اوھان کي ٻڌايو اٿم ته غريب آھيان.“

”يار، الله غريب ڪونه ٺاھيندو آھي!“ پوڙھي چيو.

”منھنجو نانو سَوورھين کان مٿي آھي. ٻن سو سالن جا واقعا اڃا به ياد اٿس. چئي ٿو پنھنجي ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي پيڙھين ۾ ھميشه غريب ڄمندا آھن. اسان ڪو سو سالن ۾ به امير ڪونه ٻڌو. چوندو آھي ته درياھه روز ته ڏيندو ھو. پيٽ ڀربو ھو، انگ ڍڪبو ھو، پر ڪڏھن به پيسو پاڇي نه ڪري سگهياسين. وڏا ھميشه واڻين جا قرضي ۽ ھاڻ سدائين ٺيڪيدار جي اوڌر مٿي تي.“

”محمد بن قاسم کي سڃاڻين؟“ پوڙھي شخص پڇيو.

”جنھن سنڌ فتح ڪئي؟“

”ھا، اُھو.“

”ھا سڃاڻندو آھيان. اوھين ٻڌايو، چڱو ماڻھو ھو؟“

”مون کي ڪا ايتري گهڻي سڌُ ناھي، جو تنھنجي سوال جو جواب ڏيئي سگهان. مون به ڪتاب پڙھيا آھن. تون به ڪتاب پڙھه. کري کوٽي جي خبر پئجي ويندي. باقي سنڌ جي فتح کان پوءِ ھن ۽ ھن کان پوءِ ايندڙ عربي حاڪمن، گهڻن سنڌين کي باندي ڪري بغداد ۾ موڪليو. اُتي پوءِ انھن مان گهڻائي تمام وڏا عالم ۽ شاعر ٿيا. انھن شاعرن مان ھڪ جو نالو ھو ابوضلع سنڌي، تنھن پنھنجي ديس  جي تعريف ۾ گهڻائي نظم چيا ۽ ھن درياھه جي وھندڙ پاڻيءَ لاءِ جيڪو عربيءَ ۾ شعر چيو ھو تنھن جا ڪجھه اکر مون کي ياد آھن: ”منھنجي جان جو قسم! اُھا اھڙي سرزمين آھي جت سدا پاڻي ائين وسندو آھي ۽ وھندو آھي جو اُتان کير جھڙا موتي ۽ ياقوت ٿيندا آھن ۽ انھن سان ماڻھن ۽ ملڪ جي آرائش ۽ سينگار ٿيندو آھي. جت مشڪ، ڪافور ۽ عنبر ۽ قسمين قسمين خوشبو ۽ سرھاڻ جا قسم آھن. جت ببرشينھن، چيتا ۽ ھاٿي ھوندا آھن ۽ جت اھڙيون تلوارون ھونديون آھن جيڪي ڪڏھن به مُڏيون نه ٿينديون آھن. انھيءَ ملڪ جا نيزا جڏھن اُڀا ٿي ويندا آھن ته فوجن جون فوجون ڏڪي وينديون آھن.“

”سر! ھت نه پاڻي آھي نه کير جھڙا موتي. اسان جي ابن ڏاڏن به تلوارون ۽ نيزا ڪونه ڏٺا. ڪامريڊ دوست چوندا آھن ته سنڌ سدائين ڌارين جي غلاميءَ ۾ رھي آھي. ڀلا ھينئر پاڻي ڪٿي آھي؟“

”يار پاڻي واقعي نه آھي.“ پوڙھي چيو.

”منھنجي ناني جي ڳالھه ته ڇڏيو پر ڪڏھن بابا کان ھن درياھه جا ڏاڍَ ۽ جواني جا احوال ٻڌو ته حيران ٿي ويندا.“

”منھنجو پيءُ به چوندو ھو ته جڏھن سانوڻ جي موسم ۾ درياھه چڙھندو ھو ۽ پاڻي اڇل کائي جڏھن گدوءَ جا پاسا ٻوڙي اڳتي وڌندو ھو ته پاڻي جمخاني جي چاڙھيءَ تائين ايندو ھو ۽ پوءِ جڏھن لھندو ھو ته شھباز بلڊنگ جي سامھون مانا ڍوري مان وھي، موجوده لطيف آباد وارا ترَ ٻوڙيندي واپس پنھنجي وھڪري ۾ وڃي پوندو ھو، جو پاڻيءَ منجھان اوڀر ڏانھن گنجي ٽڪر کي ٻوڙي پار پوڻ جي سگهه نڪري چڪي ھوندي ھئي. رات جو الھندي ڪچي جي علائقن ۾ رھندڙ  حيدرآباد شھري درياھه جي وھڪري جو آواز ٽي چار ميل پري ائين ٻڌاندا ھئا ڄڻ ڪو پريان راڪاس پيو لنگهي.“

”اوھين ھت روز ايندا آھيو؟“

”نوجوان! شام جو واڪ لاءِ نڪرندو آھيان. ڏھين پندرھين ڏينھن ماڳ بدليندو آھيان. ھڪجھڙائي طبيعت کي نٿي وڻي.“ پوڙھي شخص چيو.

”اوھين عجيب ماڻھو آھيو!“ نوجوان چيو.

”ھا عجيب ته آھيان پر غريب نه آھيان.“ پوڙھو شخص کلڻ لڳو.

”مون گذريل پندرھن ڏينھن کان ڏٺو آھي ته اوھين ھت گدو بندر تائين بس ۾ اچو ٿا.“

”ھا، گهر منجھان پنھنجي ڪار ۾ گول بلنڊنگ سوسائٽيءَ تائين ايندو آھيان، پوءِ ڪار ڇڏي ايس.آر. ٽي. سي. جي بس ۾ چڙھندو آھيان. ڪڏھن ويھي ھت ايندو آھيان ته ڪڏھن بيھي. بيھڻ ۾ مون کي مزو ايندو آھي. اڄ کان چاليھه پنجيتاليھه سال اڳ به آءُ انھيءَ بس ۾ شھباز بلنڊنگ تائين نوڪري ڪرڻ ايندو ھوس. اُن وقت شھباز بلڊنگ کي ون يونٽ بلڊنگ چوندا ھئاسين. توکي نوجوان! ون يونٽ جي باري ۾ ڪا خبر چار آھي؟“

نوجوان ڪنڌ ڌوڻي ناڪار ڪئي. کيس ون يونٽ جي ذڪر جي باري ۾ دلچسپي نه ھئي.

”منھنجو ڪھڙو واسطو ون يونٽ سان؟“

”ڇو؟“ پوڙھي شخص پڇيو.

”ون يونٽ اوھان جي مٿي جو سُور ھو. مون کي ٻيو مٿي جو سور آھي.“ نوجوان جواب ڏنو.

پوڙھي شخص ٽھڪ ڏنو: ” ڪو ته مٿي جو سُور اٿئي نه؟ بنان ڪنھن مٿي جي سور جي زندگي، زندگي ناھي.“

”اوھان کي ڪھڙو مٿي جو سور آھي؟“ نوجوان جي آواز ۾ کھراڻ ھئي.

”واڪ ڪرڻ لاءِ بس ۾ چڙھي گدو اچو ٿا ۽ بس جي ٽڪيٽ ڏيڍ ٻه رپيا ڀريو ٿا!“

”جڏھن گذريل صديءَ جي سٺ جي ڏھاڪي ۾، آءُ ون يونٽ بلڊنگ نوڪريءَ لاءِ ايندو ھوس ته راڻي باغ تائين ٻه آنا ٽڪيٽ ھوندي ھئي. تو ٻه آنا ڏٺا آھن.“

”نه، مون آنا ڪونه ڏٺا آھن.“

”اسان جي زماني ۾ آني ۾ چار پيسا ھوندا ھئا. اڳي جا ٻه آنا ھاڻ جي ٻارھن پئسن جي برابر آھن. اڳي رپئي ۾ سورھن آنا ھوندا ھئا، جنھنڪري اسان وٽ چوڻي به ھوندي ھئي ته ’سورھن آنا صحيح يا سورھن آنا سچ!‘ سورھن آنن ۾ چوھٺ پيسا ھوندا ھئا. جڏھن کان ڊيسيمل سرشتو آيو آھي يعني 1970ع يا 1971ع کان، رپئي ۾ سَو پيسا ٿي پيا. سير بدران ڪلو گرام ٿي پيو. ميل بدران ڪلوميٽرن ٿي پيو. پھرين اسين برٽش سرشتي ھيٺ ھلندا ھئا سين. پوءِ جڏھن رپئي ۾ سَو پيسا ٿيا ته اھو ميٽرڪ سسٽم آھي. تو ڪتابن ۾ ضرور پڙھيو ھوندو.“

جڏھن پيسا ھٿ ۾ کيسي ۾ ھوندا آھن ته سڀ سرشتا چڱا لڳندا آھن. آءُ مئٿ ۾ ھميشه ڪمزور رھيو آھيان. رپيا نه ھوندا آھن ته ماڻھو مئٿميٽڪس ۾ ڪمزور ئي ھوندو آھي.“

”پر ماڻھو محنت ڪري ته مئٿ جي ڪمزوري دور ٿي سگهي ٿي.“

”محنت _ مئٿس _ غربت جو حساب تمام ڏکيو آھي. اوھين شاھوڪار آھيو جو اوھان جي پيءُ محنت ڪئي ھوندي. منھنجي پيءُ، ڀاءُ ۽ مون محنت ڪئي ته اھو حساب Solve نه ڪري سگهياسين. ماڻھو شاھوڪار تڏھن ٿئي ٿو جڏھن ٻئي جي ناجائز مال منجھان پنھنجو شيئرکڻي ٿو.“

”جي ٻئي وٽ جائز مال ھجي ته ....؟“ پوڙھي شخص پڇيو.

”جائز مال گذر سفر جيترو مس ھوندو آھي. مون وٽ سوين مثال آھن انھن ماڻھن ۽ فئمليز جا جيڪي جڏھن بابا جوان ھو يا آءُ ٻار ھئس ته غريب ھئا. ھاڻ آءُ رڳو جوان آھيان. منھنجو پيءُ رڳو پوڙھو ۽ طاقت کان سواءِ انسان آھي. ائين ڇو ٿو ٿئي؟ ھاڻ ھو امير آھن.“

”ھڪ سَو مثال منجھان ھڪ سَو ھڪ به ٿي سگهن ٿا.“ نوجوان کلڻ لڳو.

”ٻيو ڇڏيو، اوھين امير آھيو؟“ نوجوان پڇيو.

”نه، آءُ امير ناھيان.“

”پوءِ ھيءَ گاڏي، ھي ڪپڙا، ھي ٺاٺ ڪٿان آيا؟ اوھان جو پيءُ امير ھو؟“ پوڙھي شخص کي نوجوان جي ڳالھائڻ مان محروميءَ جو احساس نظر اچڻ لڳو.”نه، اُھو به امير ڪونه ھو پر اڳئين دور جي چوڻ موجب مڇيءَ مانيءَ وارو ھو.آءُ پٽ چاليھه سال سرڪاري نوڪري ڪري سرنديءَ وارو آھيان. ھاڻ ريٽائر آھيان، پر منھنجا ٻه پٽ نوڪري ڪن ٿا. امير ناھيان پر غريب به ناھيان.“

”ھي گاڏي ڪيترن لکن جي آھي.“

”ھوندي ستن اٺن لکن جي، پر مون ليزنگ يعني قسطن تي ورتي آھي. اڌ پينشن قسط ۾ ڏيندو آھيان. گهر ڇوڪرا سنڀاليندا آھن. ٻه نياڻيون پرڻائي ڇڏيم. بابي جو ھڪ ڏھن ايڪڙن جو باغ آھي. اُتان ساليانو چار پنج لک ملندا آھن. تون محنت ڪرين ته تنھنجو اولاد به مون وانگر سرنديءَ وارو ٿي سگهي ٿو ۽ تو وٽ ھڪ سَو مثال آھن، مون وٽ ھڪ لک کان به مٿي مثال آھن.“

”مون کي نوڪري نٿي ملي !“

”تو پڙھڻ ڇو ڇڏيو؟“

”پڙھڻ سور ٻيڻا پئي ڪيا. ڪاليج ۾، دوستن سان ملندو ھوس ته ڄڻ ڏنڀ محسوس ڪندو ھوس. آءُ قائداعظم محمد علي جناح وانگر ميونسپل جي ٿنڀن يا لالٽين تي ڪونه ٿو پڙھي سگهان.“

”اڳي غريب ....“

”اڳي ۽ اڳي جي غريبن کي ڇڏيو، اڄ جي ڳالھه ڪريو، غربت زھر آھي.“ نوجوان تڪڙ ۾ چيو.

”محنت ڇا آھي؟“

”محنت امير ماڻھو ڪندا آھن ته وڌيڪ امير ٿيندا آھن. غريب محنت ڪندا آھن ته وڌيڪ غريب ٿيندا آھن. مون اخبار ۾ پڙھيو ھو ته پنھنجي ملڪ ۾ چار ڪروڙ ماڻھو غربت جي ليڪ کان ھيٺ زندگي گذارين پيا. يعني چار ڪروڙ مسڪين ماڻھو آھن. غريب ھڪ وقت يا ٻه وقت کائي سگهي ٿو، رکوي سڪو! مسڪين ڇا ڪندو ھوندو؟“

”مسڪين محنت ڪري غريب ٿئي ۽ غريب منجھان امير ٿي سگهي ٿو.“ پوڙھي شخص چيو.

”مسڪين محنت ڪري غريب ٿي سگهي ٿو ۽ امير ٿيڻ لاءِ کيس يا ٺڳيون ڪرڻيون پونديون يا ڌاڙا ھڻڻا پوندا.“”نه، اھو غلط رستو آھي ۽ اُن جو نيٺ انجام به خراب آھي.“ پوڙھي شخص چيو.

”سائين، اجايو ڪتابي ڳالھيون نه ڪريو.“ نوجوان چيو. ”مون کي الائي ڇو اوھان لاءِ عزت آھي ۽ عزت ڪرڻ جھڙا ماڻھو لڳو ٿا، نه ته اوھان جھڙن سان اھڙين ڳالھين ڪرڻ ۾ وقت وڃائڻ منھنجي خيال ۾ اجايو آھي.“

”نوجوان، تون وڌيڪ مايوس ۽ ڊپريسڊ ٿي ويو آھين.“”اوھان وڏن ماڻھن جي نظرن ۾ اھا به ڪا بيماري ھوندي!“

”ھا مايوسي بيماري آھي. نوجوانن کي خاص طور اڏوھيءَ وانگر لڳي ٿي. ڀلا جي درياھه ۾ پاڻي اچي ته پوءِ اوھين خوش ٿيندا؟“

”اولڊ مئن! ڀلا پاڻي تنھنجي ھٿ ۾ آھي ڇا؟“

”تون ينگ مئن مون کي سوال جو جواب ڏي؟“ پوڙھي شخص چيو.

”رگ ويد، خبر اٿئي ڇا آھي؟“

”رگ ويد؟ نه!“

”رگ ويد آرين جي زماني جو ڪتاب آھي. شايد دنيا جو پھريون لکيل ڪتاب. جڏھن آرين سنڌو ماٿريءَ جا علائقا فتح ڪيا ھئا، اُن وقت به درياھه ڪنھن راڪاس پنھنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو ھو. رگ ويد ۾ لکيل آھي ته راڪشش ھڪ ڪاري نانگ جي شڪل ۾ سڄي درياھه کي پاڻ سان ويڙھي، پاڻيءَ جو وھڪرو بند ڪري ڇڏيو ھو. اھو راڪاس ڄڻ بَند ٻڌي ويٺو ھو. راڪاس جو نالو ورِتر ھو ۽ سندس ٻه ساٿي اَھِي ۽ نموچي ھئا، تن کي آرين جي جنگ جي ديوتا اِندر وڙھي ماريو ۽ درياھه جي بندن کي برباد ڪري درياھه سنڌ ڏانھن ورائي آيو.“

”اسان وٽ ھن زماني ۾ جنگي ديوتا ڪٿي آھي! آھي؟“ ”نوجوان! آھن، جھونا ۽ سياڻا ماڻھو آھن. مقصد حاصل ڪرڻ جي ڏات ۽ ڏانوَ جي ضرورت آھي. اسان وٽ ڪجھه ڏاھا ماڻھو _ سڀ نه _ ۽ اُھي ڀوتار جن جا مٿا ڦريل ۽ ڏورا غريبن جي سگهه سان ڀريل آھن _ سي گڏجي ڪاٺ جي ڦِرندڙ گهرندڙ ڪرسيءَ خاطر، ڌرتي! جنھن ۾ ماءُ جھڙي ھنج به آھي _ اُنھيءَ جي جاگرافي به بدلائڻ لاءِ آتا ھوندا آھن. اِھي به ھن ڌرتيءَ جا ڄاوا آھن. توکي جاگرافيءَ بابت ڄاڻ آھي؟“

”ننڍي ھوندي پرائمري جي ڪلاسن ۾ جاگرافيءَ جا سبق پڙھيو آھيان.“

”ڀلا تاريخ جي ڄاڻ اٿئي؟“ پوڙھي پڇيو.

 نوجوان پوڙھي ڏانھن ڏٺو ۽ ڪجھه ساعتون ماٺ رھيو ۽ پوءِ نرميءَ سان چيائين:”ڪجھه ڪتاب پڙھيا اٿم. وڌيڪ پڙھڻ نه چاھيم جو حال بڇڙا آھن. مستقبل جي ڪا اُميد نه آھي. باقي ماضيءَ جي مونجھارن ۾ ڇا وڃي ڪريان. اڄ جو انسان پنھنجي دور جي مونجھارن ۽ مسئلن مان جان ڇڏائي وڃي ته وڏي ڳالھه آھي.“

”تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي ڄاڻ، انسان جي ڏاھپ ۽ سگهه جو بنياد آھي.“

”سائين! ھاڻ واپس ورو. سج لھي ويو آھي ڪِٿ سمونڊ ۾ .ھيءَ مھل ھت بيھڻ جي ناھي. منھنجو پيءُ چوندو آھي ته سج لھڻ سان گڏ درياھه جي سڪل پيٽ ۾ ھلڻ سُٺو سـؤڻ ناھي.“

”ڇو؟“ پوڙھي پڇيو.

”ماضيءَ ۾ درياھه جي آسپاس رھندڙ ماڻھن چيو ھوندو. اِھي چوڻيون وقت سان گڏ لُڙھي ڪونه وينديون آھن، پر انسان جي سينن ۾ وقت سان گڏ پلبيون رھنديون آھن ۽ ماڻھو بُڻَ پٺيان بُڻ اھي ڳالھيون ٻڌندو رھندو آھي. سندن ڏاھپ به ايتري آھي ۽ وٽن سگهه به ايتري جيترو درياھه جو وھڪرو آھي. اھا سندن تاريخ به آھي ته جاگرافي به.“

ٻئي واپس وريا.

درياھه جا ڪپ اورانگهي، جڏھن گدوبندر تي ٺھيل جُڳن جي باغ ۾ آيا ته پوڙھي شخص جو ڊرائيور بيٺو ھو. نوجوان موڪلائڻ لاءِ بيٺو ھو.

”سَر _ سڀاڻي ھن طرف نه اچجو!“

”ڇو ؟“ پوڙھي شخص پڇيو.

”ھر سوال جو جواب ھوندو آھي، پر ضروري ناھي ته ڏجي. گدوبندر جي ماڻھن ۾ الائي ڇو چريائپ آھي. ديوان گدومل ته سياڻو ماڻھو ھو. آءُ ڀانيان ٿو ته ميان غلام شاھه ڪلھوڙي الائي ڪيترا ٻيڙا رقم ۽ سون جا ڀري کيس ڏنا ھئا، جيڪي ھُو ھت کڻي آيو ھو. شايد رقم ۽ سون ھوس انھيءَ ڪري سياڻو ھو. پر اوھان وٽ رقم ھجي يا نه؟ سون ھجي يا نه؟ يار ڏکيا آھن. اوھين سڀاڻي ھيڏانھن نه اچجو. جڏھن درياھه وھي اچي ته پوءِ اچجو!“

پوڙھي شخص حيران ٿيڻ لڳو ته نوجوان جو ڳالھائڻ بدلجي ويو آھي.

”ٺيڪ آھي، تون پنھنجو نالو ۽ ائڊريس ته ٻُڌاءِ.“

”ڇو ٻَڌرائيندا ڇا؟“ نوجوان ٽھڪ ڏنو.

”نه، تنھنجي نوڪري لاءِ ڪجھه ڪوشش ڪندس.“

نوجوان کيس گهربل ائڊريس ۽ نالو لکي ڏنو ۽ پوڙھو شخص ڪار ۾ سوار ٿي ھليو ويو.

ھفتي کن کان پوءِ نوجوان کي ھڪ لفافو مليو. لفافي اندر ھڪ انگريزي ۾ لکيل درخواست، مُلڪ جي بادشاھه جي نالي ھئي.

لکيل ھو: ”اسان جي ملڪ جي بادشاھه کي الائي اھا سُڌ آھي يا نه، ته سرڪاري ريڪارڊ تي گڏ ڪيل انگن اکرن ۾ ھڪ بيروزگار نوجوان ۽ سندس ڪٽنب جي ڀاتين جا نالا لکيل آھن يا نه. سندن نالا ۽ ائڊريس ھيٺ لکان پيو. اِھي ماڻھو ھن ڌرتيءَ جي ھڪ ڪنڊ ۾ سُڪل سنڌوءَ جي ڪپ تي رھن ٿا ۽ منھنجي يقين مطابق ھو اوھان جي ۽ دنيا صاحبن جي ٺاھيل غربت جي ليڪ کان به تمام گهڻو ھيٺ ساھه پيا کڻن. اوھين بادشاھه ماڻھو آھيو ۽ اوھان کي اھا ڄاڻ ضرور ھئڻ کپي. اھو منھنجو فرض آھي ته اوھان کي اطلاع ڪريان. مون پنھنجو فرض پورو ڪيو _ اوھين پنھنجو فرض پورو ڪريو!“

درخواست جي ھيٺان لکيل ھو: ”ڪاپي رب اللعالمين جي اطلاع لاءِ. جيتوڻيڪ ڪائنات جي مالڪ کي سڀ معلوم آھي پرپوءِ به انساني عقل موجب، مون پنھنجو فرض سمجھيو ته مٿي ذڪر ڪيل پنھنجن بندن جي رزق جي فراھميءَ جو خيال ڪجائين. جيستائين زمين جي ھن ٽڪري تي تنھنجو مقرر ڪيل بادشاھه سڳورو پنھنجي رعيت جي ڀلي لاءِ ڪو مناسب قدم کڻي. ٻيو سڀ خير آھي.“

 

”.... ائين ڪونھي ته ڪو اسين غريب ھئاسون پر گذر غريباڻو ھوندو ھو ۽ ڏيکاءُ به اھڙو ئي ڪيو ويندو ھو نه ته بابي جي پگهار پنج سـؤ روپيا مھينو ھئي ۽ سڄي تر ۾ اھا ڳالھه مشھور ھئي ته خچر ناڻي جو ھر مھيني ۾ سانگن وٽ اچي ٿو. چور به گهڻا ايندا ھئا پر اسان جا ڪجھه سانگي به سجاڳ ۽ ڏاڍا مڙس ھوندا ھئا، انڪري چور پري کان ھڪ ٻه گهوٻاٽو اڇلي ڀڄي ويندا ھئا. اسان جي وڏي ماڙي ھوندي ھئي جا ڪوھه پنڌ کان ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. تن ڏينھن جا پنج سـؤ رپيا توھان سوچي نٿا سگهون ته ڪيڏي وڏي رقم ھئي. ماڻھو چوندا ھئا ته غريب کي ھڪ سـؤ ملي وڃي ته جيڪر شادي ڪري وٺي. اٽو چانور پنھنجا ھئا. گوشت ڇھين آني سير، بيضا ساڍا چار آنا ڊزن، ٻڪرو پنجين رپين ۾ . مون خود 1961 ع ۾ سجاول ۾ ٻڪرو پندرھن رپين ۾ ورتو ۽گوشت ڏيڍ رپئي سير. ڪپڙو ٻي اني وال. ھونئن ته کير وڪڻبو ئي ڪونه ھو. چئبو ھو ته کير آپير، مفت ۾ ڏيئي ڇڏبو ھو. خود لاڙڪاڻي شھر ۾ ئي کير ڇھه پيسا ٻه آنا سير ڏيندا ھئا سو به يارھين تاريخ مفت، يارھين واري پيران پير جي طفيل. اسان جو روزانو خرچ ٻارھن آنن کان وڌ نه ٿيندو ھو. ڪڏھن رپيو سوا ٿيو ته بابا امان کان پڇندو ته بيگم ھيترو خرچ! وري حساب ڏسي چپ ٿي ويندو ھو. نوڪرياڻيءَ جي پگهار ٽي رپيا مھينو ۽ نوڪري جي ڏھه ٻارنھن رپيا، جن مان ھو پنھنجو خرچ نه ڪندو ھو ته ڳوٺ ٻارن کي به موڪليندو ھو. لاڙڪاڻي ۾ گهر جي مسواڙ ڏھه پندرھن رپيا مھينو ، سو به پڪو ۽ وڏو گهر نه ته ننڍا ۽ غريباڻا گهر ٻي ٽين رپئي ۾ ملندا ھئا. بوٽ ٻه کان پنج رپيا، ترڪي ٽوپي به ٻه اڍائي رپيا، ٻي ڪا ضرورت ھئي ڪانه . لاڙڪاڻي ۾ اليڪٽرسٽي  1931ع  ڌاري آئي، بل مھيني ۾ ٻه رپيا. ريڊيو ۽ ٽي وي ته پيدائي ڪو نه ٿيا ھئا. توتاري وارو چاٻيءَ تي فونو نڪتو ته اسان 35 رپين ۾ ورتو. پوءِ ته اوڙي پاڙي جون زائفائون ۽ ٻار اچي گڏ ٿيندا ھئا. عجب لڳندو ھئن ته پيتي ڪيئن ٿي ڳائي! کسڙ ڦسڙ ڪندا ھئا ته اندر ڳائڻو لڪي ويٺو  ھوندو، ٻيو ڇا! رڪارڊ ٿالھيءَ جھڙا وٺي اچبا ھئا. جيوڻي ، مائي الھه رکي، استاد بيبو خان، سونا خان، مٺو ۽ سيگل جا رڪارڊ گهڻا ھلندا ھئا. چاٻي ڍري ٿيندي ھئي ته ماڻھو چوندا ھئا ته ڳائڻي جي نڙي ويجھي وئي آ. ڪجھه لوڻ ڪڻا چوسڻ لاءِ ڏيوس. رھڻي اھڙي سادي جو ڊرائنگ روم ۾ کٽون وجھي ھنڌ وڇائي ڇڏبا ھئا. ڊرائنگ روم وري ڪھڙو، گهر جي وچ ۾ ھڪ ھال (صفحو چئبو ھو) ھوندو ھو. عام سٺن گهرن جو نقشو اڪثر ھيئن ھوندو ھو.....“

_ جمال ابڙو

[”ڏسي ڏوھه اکين سين“، ص 69]

 

  رفيق سومرو

يا قربان ...!

 

”ياقربان ...! يا قربان...!“

ريل سِبي اسٽيشن ڇڏي، مَچُ لتاڙي اچي آبِ گُم جي پھاڙن ۾ گم ٿي ويئي. اُتان ڪارين ٽڪرين جھڙيون ٻه اسٽيم انجڻيون گاڏيءَ کي مٿي پھاڙن تي ڇڪڻ لڳيون؛ ھا مان، فرعون لاءِ مٿس آسمان تي چڙھي موسيٰ عليـﮧ السلام جي خدا کي ڏسڻ لاءِ اجايو اُدم ۽ سعيو ڪندو ھجي!

اوچتو ھڪ آواز پھاڙن سان ٽڪرائجي ريل جي گاڏن مان آرپار لنگهي ويو. ”يا قربان!.... يا قربان!...“ ۽ ريل اڳتي ڌوڪيندي رھي ۽ اُن صدا جو پڙاڏو ماڻھن جي ڪنن مان آرپار لنگهندو رھيو ۽ اُھو آواز ريل سان گڏ مٿي چڙھندو رھيو ۽ ريل جو پيڇو ڪندو رھيو. ”ياقربان!.... يا قربان ......!

گرمين جا ڏينھن .... ڪوئيٽا ۾ به گرمي ... ٽئڪسي، رڪشا ۽ ٻاڪڙا ھوٽل وارن جا الزام ته پناھگير پاڻ سان گڏ گرمي به کڻي آيا آھن.

اُس ۾ گرمي، پاڇو خوشگوار، وڻندڙ ۽ ٿڌڪار. پر، وري به پِٽڪو گرميءَ جو! پنج ھزار فوٽ اوچائي. شھر ڄڻ پٿر جي پيالي جي پيٽ ۾ اڏيل، چوڌاري چوڦير اُوچا اُوچا پھاڙ.

دل وارن کي دل ڇِڪي وئي اڃا اُوچائيءَ تي، مٿڀرو اَٺ ھزار فوٽ اُوچو بلنديءَ تي. سمنڊ جي سطح کان پري، گهڻو مٿي، گهڻو اوچو. حِنا، ھُڙڪ ۽ ٻين چشمن ۽ ٿڌن آبشارن ۽ ميون جي باغن کان مٿڀرو. زيارت تي منزل.آسمان تي ڪپھه جي پُوڻين جھڙا بادل ڇانيل. ٿڌ جو احسان ته اڌ پنڌ تي ئي ٿي ويو ھو.

ماني مزيدار، پاڻي ھاضميدار، رات جو پھر، چوڌاري گهاٽا صنوبر جا وڻ، اوچا اڏول، پھاڙي سلسلن تي نيڻ _ نھار تائين ڦھليل.

ريسٽ ھائوس جي پُراسرار ماڻھن جي مھمان نوازي. سانجھيءَ کان پوءِ سِبيءَ ۽ سکر جي گرمي گم. ٿڌڙي لَھرَ شروع.

زيارت ۾ زيارت، صبح جو سِج اوڀري. اوکا پنڌ پھاڙ جا پار ڪندي، آڏا لڪ لنگهندي، لاھيون چاڙھيون لھندي ۽ چڙھندي، جيپ گهڻائي ڀيرا پھاڙين تان رڙھندي، ھيٺ کاھين ۾ ڪِرندي ۽ مٿي چڙھندي رھي؛ ۽ اندر ويٺل انسان اکيون ٻُوٽي ۽ کولي جيئندا ۽ مرندا رھيا.

زيارت ۾ زيارت خرواري بابا جي. ڊگهي دُعا سچي فقير جي در تي. افغان ڊرائيور دُعا گهري بُک، سيءَ، بدحاليءَ ۽ غريب الوطنيءَ کان بچڻ جي.

ريزيڊنسيءَ جي اڱڻ ۾ صُوفن، زردالن، اکڙوٽن ۽ آلوبخارن جا وڻ، ملڪ جي والين ۽ لارڊ مائونٽ بيٽن جي ھٿان رکيل، جن جو ڦل اسين اڄ کائي رھيا ھئاسين. والين جي وڻن کي ھٿ لائڻ جي ڏوھه ۾، گماشتي گيٽ کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. ريزيڊنسي ڏسڻ جو ارمان اندر ۾ رھجي ويو!

زيارت جي ھڪ زينت ڀري ۽ خوبصورت سراءِ جي سامھون پارڪ ۽ ھڪ ھمراھه ڄڻ نرِڳي وڳندويڳاڻو، بَر ۾ بيکاري، يڪتاري سوڌو اچي ويٺو. مُنھن ميرو، وار وکريل، ڏاڙھي وڌيل، اکيون ڏرا ڏنل، ڏند پِيلا ۽ ٽوپي اُبتي پاتل، لٽا ليڙون ۽ بُوٽ ڦاٽل. يڪتارو لوڏيندي، اوچتو اُٿي بيٺو ۽ پنھنجو پاڻ ڳائڻ لڳو:

مين راھي ڀٽڪني ولا ھون

ڪوئي ڪيا جاني متوالا ھون

يه ڌرتي ميرا بستر ھي

يه امبر ميري چادر ھي

مين رات مين دِن ڪا اُجالا ھون...

گيت اڌ ۾ ڇڏي، ماڻھن کي پُٺ ڏيئي ويھي رھيو. ڪجھه گهڙين جي ماٺ کان پوءِ پنھنجو پاڻ پشتو ۾ ڳائڻ لڳو:

يا قربان! ياقربان!

راشا او راشا

خوشي ميدان دي

سلگئي مين راغلـﮧ

رُح مِي روان دِي.

يا قربان ...!

بَل سڙي راوڙا

دا سڙي بيڪاردي

دا بيروزگار دي.

[قربان وڃان! قربان وڃان!

ھلي آءُ ھلي آءُ

رڻپٽ پوٺو آھي

ھِڏڪي اچي رھي آھي

روح پرواز ڪرڻ وارو آھي

قربان وڃان ....!

ٻئي ماڻھوءَ کي سَڏيو

ھي ته آھي ماڻھو بيڪار

ھي ته آھي بيروزگار!]

ڳائيندي ڳائيندي، اوچتو سُڏڪن ۾ پئجي ويو.

ھو افغان پناھگير ھو. ھن جو سڳيءَ سَوٽ سان بيحد پيار ھو. سندس ڏوھه رڳو اِھو ھو ته ھو بيڪار ھو، بيروزگار ھو. اھا ڳالھه کيس سندس چاچي ٻڌائي، ۽ سندس مَگَ مانيءَ ڳڀيءَ لاءِ واھوندن وٽ رڍ ٻڪريءَ جي مُلھه وڪڻي ڇڏي؛ ته جيئن ٻين گهر ڀاتين جو پيٽ پالي سگهي! ھن جو واسطو اُن علائقي سان ھو، جتي اعلانيل امداد اڃا ڪانه پھتي ھئي، پر پارا ۽ سيارا راڪيٽن کان به تيز رفتار سان بمن سوڌا پھتا ھئا.

شھرن ۾ لنڊا بازار ۾ امداد ۾ موڪليل ڪمبل، ڪپڙا، ڪوٽ ۽ بوٽ کُلي عام وڪامجي رھيا ھئا.

”يا قربانَ!!! ... يا قربان ....!“

 

”....اسان جي ڳوٺ ۾ سڀ ھڪ ابي جو اولاد آھن. ڪنھن ڌارئين کي ويھڻ ڪو نه ڏنائون، متان ڌارين جي اوچ وڃ ۽ کشٽ ٿئي. ويڙھا سو ھوندا ھئا پر سڀ مائٽ، نياڻيون بنا پردي، گهٽين ۽ گهرن ۾ پيون ھلنديون ھيون. نڪا جھل نه پل، پوءِ به مجال آجو ڪوبه  اڻوڻندڙ واقع ٿئي. ننڍا ٻار ۽ نوجوان ڇوڪريون گڏئي گڏ اکٻوٽ، ليٽ ڪبوتر ۽ ٻيون الائي ڪھڙيون ڪھڙيون رانديون ڪندا ھئا سون. مان ڏھن ٻارھن سالن جو ھئس ۽ منھنجي پڦاٽ مرادان چوڏھن سالن جي. معصوميت سان راندئي راند ۾ سٽ ڏئي سندس رئو لاھي وٺي ڀڳس. ڪاوڙ ۾ ڳاڙھي ٿي وڃي امان کي دانھن ڏنائين. امان مون کي سڏي اھڙا ته دڙڪا ڏنا جو سمجھه ئي نه اچيم ته ٿيو ڇا. نيٺ ڪڇيس ته مون ڪيو ڇا آھي. انھيءَ تي پاڻ ٻيڻا دڙڪا مليم. ڀلو ٿئي پڦيءَ جو جنھن مار کان بچايم. چي معصوم ويچاري کي ته خبر ئي ڪانھي، تون پئي وھلور وڃين. پوءِ امان به کلي ويٺي، پر فھمائش ڪيائين ته خبردار جي وري ڪا اھڙي حرڪت ڪئي اٿئي، نه ته ھڏ گڏ ڀڃي ڇڏينديسانءِ. ۽ مان ٽپا ڏيندو تاڙيون وڄائيندو ٻاھر نڪري ويس. البت سوچ ۾ پئجي ويس ته آخر ٿيو ڇا. کيچلو ۽ حرڪتي ھوندو ھئس .....“

_ جمال ابڙو

[”ڏسي ڏوھه اکين سين“، ص 47]

 

 

سانول

سَرءُ 1942

 

ونڊسر بار. اڪيلي ڪوٺي. اڪيلي ٽيبل. ھو ٻه ڄَڻا. اڪيلا اڪيلا ٻه ڄڻا. اڪيلو آواز _

_ يار مون ته شادي به نه ڪئي ۽ تو؟

ھن جي آڏو ويٺل اڪيلي جو اڪيلو آواز:

ھاااا ....!

_ ھاڪيئي يا آھه ڀريئي؟

ٻيئي!

_ پوءِ ؟

مري وئي!

_ سوري يار_!

يار؟ ۽ ھِن ڳيت ڏئي گلاس خالي ڪيو_ ۽ ھُن به. ھو يار ڪيئن ٿي ٿي سگهيا. سندن ملاقات ته رڳو ھن ڪوٺيءَ ۾ ئي ٿيندي ھئي. سا به ڪڏھن ڪڏھن. کين ته ھڪٻئي جي نالن جي به سُڌ نه ھئي. ھُو مليا به اُن ڪوٺيءَ ۾ ھئا پھريون ڀيرو. ”ھونئن نالن ۾ ڪھڙا ٽونرٽاڪيل آھن!“ ٻنھي مان ڪنھن ٻئي چيو ھو. ”جيئن الف بي _ اي بي _ يا ھڪ ٻه _ ون ٽُو!“ ان تي ٻنھي وڏو ٽھڪ ڏنو ھو. ”تون ون مان ٽُو!“ ڪنھن ھڪ چيو. ”نه مان ٽو _ تون ون!“ وري به ھڪ ٽھڪ ٻُريو ھو. اُھو ٽھڪ انتھا تي پھچي جھڙوڪ سُڏڪو بڻجي ويو. ٻنھي ھڪ ھڪ جي اکين ۾ لڙڪ تريا آيا. ٻنھي مان ھڪ ھڪ _ پنھنجو پنھنجو گلاس ڀريو. ٻنھي مان ھڪ ھڪ پنھنجو پنھنجو گلاس خالي ڪيو. ڄڻ ٻنھي پاڻ کي پنھنجي پنھنجي گلاس ۾ ٻوڙڻ چاھيو. ۽ گلاس وري ٻنھي کي ٻاھر گُرڙي ڪري ڇڏيو.ٻئي ڪجھه سامت ۾ آيا. ھن پنھنجي شرٽ جي ٻانھن سان اکيون اُگهيون. ۽ ھُو واَش رُوم ۾ ھليو ويو. منھن ڌوئي آيو ته گلاس ڀريل ھو. پر ھن بوتل وات تي رکي وڏو ڍُڪ ڀريو. ھُن جو من ڀرجي آيو_

_ مون ته اھو سوچيو ھو _ ھو_ اھو _ اھوئي چاھيو ھو ته _ ته _ ٻڌين پيو نه مسٽر ون _!

ٽُو _ ٽُو_ مسٽر ٽُووو _! ھن ياد ڏياريس.

_ ھااا_ ھه _اا_ مسٽر ٽُو _ تون جڏھن کان مليو آھين، تڏھن کان مون کي _ مون کي لڳو ته _ ته اھو ڳُجھه توسان ئي ڳرھي سگهجي ٿو!

اِھو _ اِھو ته پھرئين ڏينھن ئي چو ھو!

_ ھا _ ياد آھي مون کي _ ياد آھي _ پر وري به ياد ڏيارڻ لاءِ ٿئنڪس! ھُن جي لھجي ۾ ڪڙاڻ اچي ويئي. ھن ڪڙاڻ مارڻ لاءِ وري به بوتل کي چپن سان لاتو. وڏو ڍُڪ ڀري بوتل ٽيبل تي رکي ھٿ جي پُٺ سان چپ اُگهيا_

_سو _ مون اھوئي سوچيو_ چاھيوته توسان _ نمبر ون سان .....!

نمبر ٽو _! ھِن ٽو ڪيس.

_ اوڪي _ اوڪي نمبر ٽُو_![وڏو ساھه کڻي ڇڏيندي] سو مان چور ھوس_!

چور _؟ ھِن جا ڄڻ نشا ٽُٽي ويا!

_ھا چور _ پر شين پئسن مال ملڪيت جو نه _! ھُن ٽاءِ جي ناٽ ڍري ڪئي.

تڏھن؟

ھُن ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو. پوءِ ٽيبل تي جھُڪي _ ھن کي به پاڻ ڏانھن جھُڪڻ جو اشارو ڪيائين. ھِي جھُڪيو.

_ رَنن جو چور!ھُن چيو، ۽ سڌو ٿي ويٺو. ٽاءِ جي ناٽ ٽائيٽ ڪيائين، کنگهي نڙي صاف ڪيائين _

_ سو اڄ مان اُن ڳُجھه کي ڳَرھيان ٿو توسان!

تون ھر ڀيري ائين چُوندو آھين!

_ اڄ مان آخري ڀيرو چوان ٿو نِي ي ي _!

تنھنجي نِي ي ي ڪجھه ڊگهي نه ٿي ويئي؟ ھِن چيو. ھُن ڄڻ ڪجھه نه ٻڌو _

_ سو اُن رات به مان شڪار تي نڪتس. چاقو منھنجي کي ۾ ھو، مان ڪمپائونڊر وال ٽپي ھڪ گهر ڏانھن وڌڻ لڳس. گهر جو در اندران بند ھو.

شڪار؟

_ ھا شڪار.اسان جي ٻوليءَ ۾ ان کي شڪار چئبو آھي. مان گهر جي ڪمرن جي ھڪ ھڪ دري چيڪ ڪئي. سڀ بند ھيون. ھوا تي ھڪ دري ڌڙڪي رھي ھئي. منھنجي دل وانگي. دري باٿ روم جي ھئي، مان اندر ھليو ويس. مون ھوريان ھوريان دروازو کوليو ته آواز اندر اچي ويا. عورت ۽ مرد جا آواز ....!

ھُون! ھِن چُسڪي ڀري.

_ ھو پاڻ ۾ وڙھي رھيا ھئا، آءِ ھيٽ يو _ آءِ ھيٽ يو ٽُو! گو ٽو ھيل _گو ٽُو ھيل_ عورت ڪمري مان نڪري مخالف ڏس واري ڪمري ڏانھن ھلي ويئي. جنھن ڪمري مان نڪتي ھئي اُن جو در ڌڙام سان بند ٿي ويو. مون وڌي اُن ڪمري کي ٻاھران ڪڙو  ڏئي ڇڏيو_! ”ڪرف به ڏئي ڇڏ!“ اُن اندران رڙ ڪئي چيو! ھُن گلاس کنيو _ خالي ڪيو.

پوءِ _؟

_ پوءِ مان سامھون واري ڪمري ڏانھن ويس. اُن جو در فُل کليو پيو ھو. مان اندر گهڙي ويس. دريءَ مان چوڏيھينءَ جو چنڊ کيس ڏسي رھيو ھو. مون کي سڄو منظر ڪنھن پينٽنگ وانگي لڳو. ”رھيو نه ٿيئي نه!“ عورت چيو ”سَرئي به نه ٿي، پوءِ به وڙھين ٿو، رئاڙين ٿو!“ اُن ڪنھن جي موجودگيءَ کي محسوس ڪري ورتو ھو ۽ سمجھيو ته مڙس سھنس کيس پرچائڻ آيو ھو. مون کيسي مان چاقو ڪڍيو. ٽڙڪ. چاقو کُليو. ٽڙڪ جي آواز تي اُن عورت پٺيان مُڙي ڏٺو . مون کليل چاقو ڏيکاري، چپن تي آڱر رکي کيس چُپ رھڻ لاءِ چيو. ھوءِ ڪجھه چوندي چوندي چُپ ٿي ويئي. اچرج مان ڏسندي رھي. پوءِ اشارو ڪيائين اُن ڪمري ڏانھن، جنھن کي مان ٻاھران ڪڙو ڏئي آيو ھوس.اُھا ڳالھه به مون کيس اشاري سان چئي ته ھلڪو ٽھڪ ڏنائين [ٿڌو ساھه] ايڏو مڌر ٽھڪ _ مون نه ٻڌو آھي. ”ڄڻ ان ڪمري کي ٻيا در دريون ناھن!“ ھوءَ منھنجي بيوقوفيءَ تي کلي ھئي شايد! ھُن گلاس کنيو ۽ سپِ ڀرڻ بنان وري ٽيبل تي رکي ڇڏيو. ھن بوتل ۾ ھٿ وڌو ۽ ڪڍي ڇڏيو _ ٿڌي ساھه سان گڏ _ ھو ڪٿي ڏور ڏسي رھيو ھو.

_ واھه جو پکي ھو!

پک ک ي ....!

ھااا _ پ ک ک ي!اسين شڪار کي پکي سَڏيندا آھيون! ھن کلڻ لاءِ وات کوليو ته ھُن ھِن ڏانھن پھرين ڏسڻي آڱَر سڃي پوءِ اُھا آڱر پنھنجي چَپن تي رکي ھِن کي چُپ رھڻ لاءِ چيو. ھِن کليل وات بند ڪري ڇڏيو.

_ ھوءَ ڏاڍي سھڻي ھئي! نائٽيءَ جا ڏورا کولي ھوءَ منھنجي آڏو ٽنگ ٽنگ تي چاڙھي ويھي رھي. ھوءَ سنگمرمر جي تراشيل ڪا مورت ھئي! ھن جي ڪُلھن تان _ اُرھن تان _ ٽنگن تان منھنجون نظرون ترڪي ترڪي پئي ويون! ھن جي حسن مون کي دھشت زده ڪري ڇڏيو هو، ”تو وٽ سگريٽ آهي؟“

توکي خبر آهي ته مان سگريٽ نه پيئندو آهيان! هِن چيو. جيڪو ھُن نه ٻڌو _

_ مون کُليل چاقو پاسي ۾ پيل ٽيبل تي رکيو. شرٽ جي کيسي مان پاڪيٽ ڪڍي _ کولي _ سگريٽ کي مُنڍيءَ کان جھلي _ اڌ ڌڙ تائين ڇڪي ٻاھر ڪڍي اُن جي آڏو ڪيم. اُن سگريٽ ڪڍي چپن ۾ رکيو. پينٽ جي کيسي مان لائٽر ڪڍيم. ٻاري سگريٽ جي ويجھو آندم. اُن سگريٽ چپن مان ڪڍي ڦوڪ ڏئي لائٽر جي لاٽ وسائي ڇڏي ۽ اڻ دکيل سگريٽ پنھنجين مر مرين آڱرين ۾ کيڏائيندي رھي. ھُنن ڪورٽ مئريج ڪئي ھئي. گهران ڀڄي نڪتا ھئا. ھاڻي موت ھُنن جي ڪڍ ھو. اُن جا مائٽ ڇتن ڪتن جيان نوس نوس ڪندا پئي وتيا. اُن جو چاھيندڙ _ پريمي _ بور ٿي چڪو ھو اُن مان ٽن مھينن ۾ ئي! اُن عورت جي چپن تي مُرڪ اچي وئي اھو سڀ ٻڌائيندي. ھڪ عجيب مرڪ!

نه _ ارٿ مُرڪ! اُن اڻ دُکيل سگريٽ کي آڱرين ۾ مروٽي سروٽي منھنجي پيرن ۾ اڇلائي ڇڏيو، ۽ دروازي بند ڪرڻ جو اشارو ڪيائين. دروازي تائين پھچي سوچيم ته ڀڄي وڃان! مون کي نراڙ تي پگهر محسوس ٿيو. مون ھٿ سان اگهڻ گهريو. اُتي پگهر نه ھو. نراڙ ٺوٺ ٺڪر لڳو پيو ھو. مان ھلڪو ڏڪي رھيو ھوس. ھڪ عورت ، پنھنجي گهر ۾ ، ھڪ غير مرد سان _ مون کي اُن جي بي ڊپائيءَ مان ڊپ ٿي رھيو ھو! مون کان اڄ ڪجھه به نه ٿي سگهندو! مون ۾ مڙسي نه ھئي ڄڻ ائين مون کي لڳو. منھنجي سامھون جل کليل دروازي ھو، ۽ ....!

۽ تون ڀڄي وئين! ھِن چيو. پر ھُن ڄڻ ٻڌو ئي نه!

_ مون بنا دير دروازو بند ڪيو. مُڙيس. وڌيس اُن ڏانھن. اُن جي ھٿ ۾ کليل چاقو ھو. مون کي ڏانوڻ ڏائجي ويا. پوءِ ھڪ رڙ ٿي ۽ اُھا سگمرمر جي مورتي پَٽ تي پئي ھئي. رت ۾ ٻُڏل! چاقو پيٽ ۾ کُتل!

پوءِ _؟

_ ان جون اکيون کليل ھيون. چِپن تي مُرڪ ھئي. چاقوءَ جي ھٿئي مان ھٿ نڪري پَٽ تي اچي پيس. رت ۾ ٻُڏل ھٿ _ ھُن جو مڙس _ ھن جو چاھيندڙ _ پريمي _ در کڙڪائي رھيو ھو _ رڙيون ڪري رھيو ھو_ اُن کي سڏي رھيو ھو_ ۽ مون دريءَ ڏانھن لوھه پاتي _ دري ٽپي _ ڪمپائونڊ وال ٻرانگهي _ مان سڙڪ تي ڊوڙڻ لڳس! ۽ اڄ تائين ڊوڙندو رھان ٿو. اُھا رڙ اڄ به منھنجو پيڇو ڪري رھي آھي _ ۽ اُھا رات اڃا ختم نه ٿي آھي مون لاءِ!

ھِن ھُن لاءِ ڊيل بيگ ٺاھيو، پر ھُن بوتل چپن سان لاتي.

۽ انھيءَ خون جي سزا اُن عورت جي مڙس _ چاھيندڙ _ پريميءَ کي ملي! ھِن چيو.

ھُو ذري گهٽ اُٽوڙ جي پيو. بوتل چپن تان هٽايائين _

_ مڙس کي ڇو؟

چاقوءَ تي اُن عورت جي مڙس _ چاھيندڙ _ پريميءَ جي ھٿ جا نشان ھئا. ڪورٽ ۾ به ھو ڪجھه ڪونه ڪڇيو، ۽ اُن کي ڦاسيءَ جي سزا آئي، جيڪا پوءِ جنب ٽيپ ۾ بدلائي وئي.

ھُن ھٿ ۾ جھليل بوتل ڀَر ڪري ڀت تي ھنئي. ڇڻاڪ. ويٽر ڊوڙندو آيو، ھِن اُن کي ھٿ جي اشاري سان ٻاھر وڃڻ لاءِ چيو_

_ پر توکي اھو ڪنھن ٻڌايو ته ھن جي مڙس_ چاھيندڙ _ پريميءَ _ کي سزا آئي انھيءَ خون جي؟

اخبار ٻڌايو.

_ پر چاقو ته اُن عورت پاڻ پنھنجي پيٽ ۾ ھنيو ھو! اُن تي مڙسھنس جي ھٿ جا نشان ڪيئن پيا؟[ھُن ڄڻ پنھنجو پاڻ سان ڳالھيو] ۽ ھو اُتي پھتو ڪيئن!

ساڳيءَ دريءَ مان جنھن مان تون ڀڳو ھئين. ڇو ته در ته اندران بند ھو. تو اُن کي جنھن ڪمري ۾ بند ڪيو ھو، ھو اُن جي ڀر واري ڪمري ۾ ويو. اُن جو در کولي ٻاھر آيو ۽ دريءَ مان اندر گهڙيو، ھو جڏھن اندر پھتو تڏھن اُن پنھنجو پيار رت ٻُڏل _ پٽ تي پيل _ ٿڌو ٿيل ڏٺو. اُن سَٽ ڏئي چاقو اُن جي پيٽ مان ڪڍيو ۽ اُن جي ڪنڌ کي پنھنجي ھنج ۾ رکيو. اُن جا وار لسارڻ لڳو.

_ پر اھا خبر توکي ڪيئن پئي؟ ھِي مُنجھيو. پوءِ ڳالھه اخبارن تي اُڇلائي وڌائين.

_ ھا _ اخبارون!

پوءِ ھو ٻئي ٻاھر نڪري آيا بار جي مھڙ واري دروازي مان. ۽ بار جي پوئين گندي سوڙھي گهٽيءَ مان وڃڻ لڳا. بار جي ڪوٺين جي درين مان نڪتل روشني _ سيخن ۾ ڦاٿل روشني _ سامھون ڀت تي ڦٿڙاٽي رھي ھئي. ٻنھي مان ھڪ _ اڪيلي _ پينٽ جي کيسي ۾ ھٿ وڌو. ھٿ نڪتو ته اُن ۾ چاقو ھو، ٽِڙڪ. چاقو کُليو _ ۽ گَندي سوڙھي گهٽيءَ ۾ ھڪ رڙ ٿي _ جيڪا ھِن ري ٻئي ڪنھن نه ٻڌي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com