سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004-3ع

 

صفحو :14

ٽماهي مهراڻ اونهارو 2004 پڙهيوسين. هن ڀيري مواد جي سٽاءُ ۾ مڪمل طور تي تبديلي نظر آئي. فل پيج جي بجاءِ مواد کي ٻن ڪالمن ۾ ورهايو ويو آهي. اها نواڻ سٺي لڳي. مهراڻ اونهارو 2004 ع ۾ تحقيقي مقالن لاءِ الڳ سان سبب ٽائيٽل نه ڏنو ويو آهي. فڪشن ، شاعري ۽ تنقيد سان گڏوگڏ تحقيق جو به اعليٰ مقام آهي ۽ اها حقيقت آهي ته مهراڻ جا سمورا پرچا هر محقق آڏو تحقيق  دوران موجود هوندا آهن. جونئن به سنڌيءَ ۾، معياري ادب پڙهندڙن کي، گهٽ رسالا ڏئي رهيا آهن. ٽماهي مهراڻ انهن سمورن ۾ خاص اهميت رکي ٿو. فڪشن ۽ شاعريءَ سان گڏوگڏ تحقيقي مقالن کي به جوڳي جاءِ ملڻ گهرجي.

مهراڻ ۾ تنقيد جو به هڪ ڪالم رکيو وڃي، جنهن ۾ سنڌي ادب جي شاهڪارن جو صحتمند لاڙن سان تنقيدي جائزو ورتو وڃي، اهڙي ريت نه رڳو ’تنقيد‘ کي هٿي ملندي پر نون پڙهندڙن کي اهڙن شاهڪارن جو اندازو به ٿيندو. اسان وٽ تنقيد جي کوٽ جي ڪري گهڻا لکندڙ مونجهارن ۾ ورتل آهن.

مخمور بخاري

هالا نوان

*     *     *     *     *

نئين ”مهراڻ“ (اونهارو 2004) جي نئين ترتيب ڏسي دل گهڻو خوش ٿي.خوشيءَ جو حوالو هي آهي ته لکڻين جي چونڊ گهڻو ”معياري“ آهي. ان کي به وڌيڪ معياري بنجڻو آ، اُهو هيئن ته ”مهراڻ“ جي مواد کي رڳو پوسٽ تي ڪونه ڀاڙڻو پوندو، پر ان لاءِ گهڻ پاسائين ڪوشش ڪرڻي پوندي. ان ڏس ۾ منهنجي جسارت به مهراڻ سان ٻڌل آهي ۽ سڄاڻ ليکڪن جا خط به ان ڪوشش جو حصو بڻيا. مون کي پڪ آهي ته خط رڳو هڪ اسم طور ڇپيا نه ويندا بلڪه انهن جي روشنيءَ ۾ مهراڻ کي وڌيڪ باترتيب ۽ وڌيڪ خوبصورت به ڪيو ويندو.

•سنڌيءَجي ڪلاسڪ شاعرن ۾ ۽ جديد شاعرن ۾ هر ڀيري هروڀرو ساڳيو سٽاءُ نه رکيو ويندو ۽ هر ڀيري نون شاعرن کي (منهنجو مطلب آهي ته اُهي شاعرجيڪي رهجي ويل آهن، انهن کي) ڇپي، انهن جي لکندڙن جي نئين کيپ سان ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي ويندي ، جيئن خليفو نبي بخش، ميون شاهه عنات، مصري شاهه ، حمل فقير يا جيئن ذوالفقار راشدي، الطاف عباسي، واجد وغيره آهي.

• نون ڪهاڻيڪارن ۽ مسلسل لکندڙ ڪهاڻيڪارن سان مهراڻ تابطي ۾ ايندو. ان ڏس ۾ ڪي نالا کڻڻ مان ضروري ٿو سمجهان: قمر شهباز، رسول ميمڻ ، پرويز، امرجليل، ضراب حيدر، نصير ڪنڀر، امر لغاري، فاطمه لغاري، رسول بخش درس، سارنگ درس وغيره.

•شاعريءَ ۾ به هروڀرو روايت پسنديءَ کان پاسو ڪيو ويندو، جيئن تازي مهراڻ ۾ ڪيو ويو آهي. پر هروڀرو ساڳيا نالا مناسب نه رهندا.

•مهراڻ کي خوامخواه جرنل بڻائڻ بجاءِ ساهتيه پرچو بڻايو ويندو، بلڪه تاريخ تي لکيل مضمون به ساڳي تناظر ۾ ڇپيا ويندا، انڪري به ته منهنجو خيال آهي ته رڳو ليکڪ/ مهارت به سڀ ڪي ناهي پر ان سان گڏ اُڇل جو هجڻ به ضروري آهي.

•تصويرن جي سلسلي ۾ عرض آهي ته سڄي سنڌ جي اتهاسڪارن کي عڪسيو/يا فوڪس ڪيو ويندو . هونئن به مهراڻ نه رڳو سنڌ جي علامت آهي پر جتي جتي به سنڌي وسن ٿا.مهراڻ انهن جي اندر جي به مَوج آهي.

•نئينمهراڻ جي ترتيب ۾ مان امداد کي ڪڏهن به نه وساريندس. هي ڪو روايتي احساس ناهي بلڪه هي من جي هڪ سچي اُڇل آهي. ان ڪري مان هن خط ۾ خاص طرح هُن سان مخاطب آهيان.

•ڪجهه وقت اڳ مون پنهنجا گيت ڇنڊي ڦوڪي الڳ لکڻ شروع ڪيا هئا، انهن منجهان چار گيت مهراڻ لاءِ موڪليان ٿو، مان شاعريءَ جي معاملي ۾ پاڻ کي هميشه اڻ ڄاڻ ۽ نئون لکندڙ ڄاڻندو آهيان. انڪري مان لفظ_ ڪتڻ سان گڏ ڪنبندو به آهيان.

•تازي مهراڻ ۾ مون ٿورين لکڻين جو اڀياس ڪيو آهي. ان ۾ اداري پاران سڀ موجون چمڻ جهڙيون آهن. شاعريءَ جي سٽاءُ تي ڪي ويچار ڏنا اٿم. روبينه ابڙو، پارس عباسي، اسحاق سميجو، سحر امداد ۽ امداد حسينيءَ جي شاعري وڌيڪ وڻي. خاص طرح امداد جو نظم ”ملاڪاتيار جي هڪ رات“ وڌيڪ موهيندڙ هو. ائين پئي لڳو ڄڻ ڇَڙپيس جي مشين واري آواز جي آسپاس مان به ڪٿي هئس. بظاهر هڪ خارجي پر اصل ۾ هي هڪ داخلي نظم آهي، جو پڙهندڙ جي سانت ۾ ڪجهه آواز پکيڙي وري مٿن سانت ورائي ڇڏي ٿو. روبينه جو نظم اصل ۾ نظم نه پر دوها آهن، جيڪي پڙهڻ کان پوءِ اکيون ساڳيون نه ٿيون رهن.

•شوڪت جي ڪهاڻي ”خالي صفحو“ هڪ مختصر ڪهاڻي آهي، جا پنهنجي ننڍڙي فريم ۾ هڪ وڏي مقصد سان ڀرپور ڪهاڻي آهي. اها مستقبل جي ڊپ جي ڪهاڻي آهي. اهڙو ڊپ جيڪو هر سنڌي سڄاڻ ماڻهوءَ کي لاحق هجڻ کپي. اهڙي ڊپ جو اظهار امداد به پنهنجي ڇپيل هڪ شعر ۾ ڪيو آهي. جنهن کي هن آئيندي جو نالو ڏنو آهي:

منهنجا ٻار

ڏسن پيا ٽي وي،

ڪهڙي ٻوليءَ ۾،

ڪيرالائي ڳائي پيو،

۽ هُو ان سان ڳائن ٿا_

شوڪت پنهنجي مختصر ڪهاڻيءَ ۾ ڪوئٽيزي جي ناول ”ڊسگريس“ جو اڀياس به سمائي ويو آهي،۽ اهو ڪنهن به طرح چتيءَ وانگر نه ٿو لڳي. مون هونئن ته رفيق سومري جي ڪهاڻي ”پيار جي هڪ ٻي صدي“ سانول جون ٻئي ڪهاڻيون، ”پڙيءَ تي به نه کتل ڍور“۽ ”بدذوق“۽ فرانس جي مشهور ڪهاڻيڪار جي هڪ ڪهاڻي ”پيءُ“ به پڙهي آهي. مان ننڍي هوندي کان ڪهاڻيڪار جي نالي کي موپاسان پڙهندو آيو آهيان. شايد گاءِ ڊي موپسان ساڳيوئي ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جو ترجمو وليرام ولڀ ڪيو آهي. ڪجهه اهم مضمون جپسي (عبدالجبار جوڻيجو)، هري دلگير جي ياد ۾ (سحر امداد ) به پڙهيا اٿم، پر سمجهيان ٿو ڊيگهه ڪجهه گهڻي ڪري ويو آهيان.

وسيم سومرو

معرفت:سنڌ ميڊيڪل سينٽر

عظيم ڪالوني، نوابشاهه

*     *     *     *     *

ٽماهي ”مهراڻ “ جو تازو پرچو(انهارو 2004ع) گيٽ اپ ۽ لي آئوٽ جي حوالي سان ڏاڍو وڻيو. ٽائيل به واهه جو آهي، سچ ته ”مهراڻ“ سنڌي ادب جو واحد تخليقي رسالو آهي، جنهن کي اوهان جي محنتن ۽ محبتن جو رنگ اڃا به خوبصورت ڪري ڇڏي ٿو.

بخشل باغي

نوابشاهه

*     *     *     *     *

مهراڻ ۾ آيل تازو تبديلي سُٺي لڳي. اونهارو 2004جي مهراڻ ۾ ڳولئي به ڪا غير معياري شيءِ نه ٿي لڀي. اوهان کي مهراڻ ۾ سُٺي مواد درج ڪرڻ تي لک مبارڪون. اُميد ته پنهنجي سفر ۾ سڦلتا ماڻيندا.

اوهان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. اوهان مهراڻ ۾ مواد لاءِ ميرٽ جي ڳالهه ڪئي هئي. اِها ڳالهه مون کي تمام گهڻي وڻي. ايندڙ مهراڻ جو اوسيئڙو رهندو.

بخاري افضل

اڳڙا تعلقه گنبٽ

*     *     *     *     *

”مهراڻ“جو تازو پرچو سامهون آهي. ٽائيٽل ۽ سوچ لوچ کان وٺي هري ”دليگر“ جي ياد ۾ ”اوسار“ سڀئي ليک وڻيا آهن. سچل سرمست، سامي، مير عبدالرسول مير، اياز گل، ادل سومري، وسيم سومري ۽ بخشل باغيءَ جي شاعري ساراه لائق آهي.

زاهد حسين تنيو

اڳڙا، سنڌ

*     *     *     *     *

’مهراڻ‘اونهارو2004ع آڏو آهي. مواد ۽ گيٽ اپ ۾ تبديلي نظر آئي.

شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ ”ڪلاسيڪل دور“، ”روايتي دور“ ۽ ”جديد دور“ جي نشاندهي (پنهنجي طرفان) ڪرڻ ۽ پُراڻي/اڳ ۾ ڇپيل شاعري ڇپڻ غير ضروري آهي. اِهي صفحانئين سرجندڙ شاعريءَ لاءِ مخصوص آهن، سوضروري آته انهن ۾ نڪور ڪوتائون شايع ڪيو وڃن. وڌيڪ وس وارا آهيو!

حبدار سولنگي

ڳيريلو

*     *      *     *      *

مان نئون لکندڙ آهيان. اسان پنهنجي پاڙي ۾ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ادبي تنظيم ”جهڏو ادب ڪچهري“ جوبنياد رکي هڪ لائبريري کولي آهي، جنهن ۾ ڪتابن جي ضرورت آهي. توهين هن ڌرتيءَ ٻوليءَ جي شاعر هئڻ جي ناتي منهنجي ان ڏس ۾، ڪجهه ڪتابن جي حوالي سان ، مدد ڪندا ته ٿورا.

قادر سيال جهڏائي

ارشاد سيال ڪريانه مرچنٽ وارڊ نمبر هڪ ڀٽي پاڙو، جهڏو ضلع ميرپور خاص

*     *      *     *     *

اوهان جي طرفان موڪليل مهراڻ (اونهارو) جي اعزازي ڪاپي ملي، مهرباني. اهو منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي، مگر مون اُن کان اڳ ئي پنهنجي هڙان هڪ ڪاپي خريد ڪري ڇڏي هئي. رسالي متعلق پنهنجي ڪچي ڦڪي راءِ لکڻ ۾ دير انڪري ٿي جو سچائي ان ۾ سمجهيم ته سڄو مهراڻ حرف بحرف پڙهي پوءِ صحيح راءِ ڏيئي سگهندس. بيشڪ اوهان جي محنتن رنگ لاتو آهي ۽ سنڌ جي مهراڻ  جي سڪل هئڻ جي باوجود سنڌيءَ مهراڻ ڪناتار موجزن آهي. سالن کان اها آس هئي ته سنڌي ادب جو ڪو اهڙو مڪمل، وڏو ۽ ڀرپور رسالو شايع ٿئي، جيڪو پڙهي نشا چڙهي وڃن ۽ لهڻ جو نالوئي نه وٺن. خدا ڪري ته هي ڀرپور رسالو ائين ئي نڪرندو رهي ۽ لاڳيتو شايع ٿيندو رهي. پر اهو پڙهي افسوس ٿيو ته هي سنڌي ادب جو سرواڻ ”مهراڻ“ صرف سَوَن جي تعداد ۾ شايع ٿئي ٿو. آخر ڇو ؟ شايد انڪري جو ڪڏهن ان جي قيمت (مٺائي) صرف30 رپيا هئي ۽ هاڻي 80 روپيا نقد آهي. يعني سنڌي ادب جا پڙهندڙ گهر جي اٺن ڀاتين کي ويلو ڪڍائي وڃي رسالو خريد ڪن! توهان کي شايد اهو احساس ڪونهي ته اسان جا سنڌي ادب پڙهندڙ (۽ لکندڙپڻ) ڪئين پنهنجي پٽ تي پٿر رکي گذارو ٿاڪن! رهيا سنڌ جا ڪجهه سُکيا ستابا شاهوڪار ۽ زميندار، ته اُهي فقط بئنڪ جو ”پاس بوڪ“ پڙهندا ۽ ”چيڪ بوڪ“ لکندا آهن. ادب ٻدب ۾ اُنهن جو ڇا ؟ اسان جا نام ڪٺيا اديب ۽ شاعر خريد ڪري ڪتاب/رسالو پڙهڻ بدران ”تحفي“ طور وصول ڪرڻ پنهنجو حق سمجهندا آهن. ڇا اوهين ٻڌائي سگهندا ته انهن چند سون ڪاپين مان اعزازي/ مفت ورهائڻ کان پوءِ ڪيتريون ڪاپيو اسٽالن تي وڪرو ٿيون ۽ باقي ڪيتريون ڪاپيون دستور موجب ادبي بورڊ جي گوادم ۾ اڏوهيءَ جي انتظار ۾ پيون آهن؟ اڪئڊمي ادبيات پاڪستان به هڪ سرڪاري گرانٽ تي هلندڙ ادارو آهي، جيڪو سماهي ”اديبات“ شايع ڪري ٿو. سفيد اچي پني (80گرام) ۽ خوبصورت ڪيليگرافيءَ تي ڇپجندڙ50رپيا رکيل آهن. وڏي ڳالهه ته اهي پنهنجي هر ليکڪ کي محنتاڻو/اُجورو پڻ بروقت چيڪ جي ذريعي اداڪن ٿا. اِهو دُرست ته اردو زبان جا پڙهندڙ وڌيڪ آهن ۽ سڄي دنيا ۾ آهن (سنڌي به سڄي دنيا ۾ آهن) مگر اصل سبب جو اهو اهي ته ان ۾ 15 کان 20 فل پيج جا اشتهار ۽ 30 کان 40 تائين هاف پيج اشتهار شايع ٿين ٿا. اوهان صاحبن کي به ڀڄ ڊڪ ڪري ۽ سڀ حيلا وسيلا استعمال ڪري هيرو هونڊا کان اڳتي وڌي بئنڪن، ڪارپوريشنن ۽ ڪتابن جي پبلشرن کان گهڻي کان گهڻا اشتهار حاصل ڪرڻ گهرجن. پرنٽ/ نان پرنٽ ميڊيا جو اشتهار کان سواءِ زنده رهڻ محال آهي. براه ڪرم خرچ گهٽايو، آمدني وڌايو ۽ مهراڻ کي Subsidiseڪري قيمت 40 رپيا يا 50 رپيا رکو. رسالي جو معيار تمام اُتم آهي، ۽ يقين اٿم ته اهو معيار اڃا ٻه هر ڀيري به وکون اڳتي نظر ايندو. پر هي کوٽ کاتو ڪيسين هلندو ۽ ڪيئن هلندو؟ خدا نه ڪري ته مهراڻ تي ڪو اڻو ڻندڙ اثر پوي.

مواد جي لحاظ کان ’شاعري‘ جو ڀاڱو سڀني کان سرس آهي ۽ اُن جي پيشڪش پڻ نڪور ۽ نرالي نظر ٿي اچي. ڪلاسيڪل شاعري، روايتي، جديد ۽ جديدترين شاعري_ هر حصو خوبصورت شاهڪار آهي. ڪهاڻيءَ جو حصو ڪجهه ڪمزور نظر ٿو اچي. ان جا سبب اوهان بخوبي بيان ڪري ڇڏيا آهن. ”ساروڻيون“ اڌوريون ۽ اڻ پوريون لڳيون، شايد جلدي ۾ لکيل آهن. خاص طور تي اصغر هالو (مرحوم) سان اوهان انصاف نه ڪري سگهيا آهيو. ڪتابن تي تبصرن کان علاوه منهنجي رٿ آهي ته ”ادب جي اوسر“ جي عنوان سان اوهين گذريل ٽن مهينن ۾ شايع ٿيل سڀني ڪتابن جي مڪمل فهرست (ببليوگرافي) شايع ڪريو ته ڳوٺن ۾ رهندڙ مون جهڙن ادب جي اُڃايلن کي به ڪجهه پروڙ پوي. سرڳواسي هري دلگير جي خوبصورت رنگين تصوير ۽ سحر امداد جي لفظن ۾ سجايل دلگير جي ڪٿا شايع ڪري اوهان دلگير جونه پر اسان جو مانُ مٿاهون ڪيو آهي.

حميد شهيد هالائي

الڪريم اسٽيٽ ايجنسي طارق روڊ هالا

*      *     *     *     *

مهراڻ هاڻ سلسليوار پنهنجي مقرر وقت تي اچي ملي ٿو ته خوشي ٿئي ٿي ۽ خوبصورت رنگن وارا ٽائيٽل وڻن ٿا. مهراڻ جي اِنر_ ٽائيٽل ۾ ڪيل تبديلي گهڻو وڻي آهي ۽ ان صفحي تي ٻي ڪيل نئين داخلا به سُٺي لڳي آهي. سائين امداد جو مهراڻ  کي اعزاز سڀ کان سٺو آهي، جنهن لاءِ دل اوهان جي شڪر گذار آهي. ادارتي صفحن تي مهراڻ جي ڇولين واري اصليت درياءَ جي وهڪ جي ثابتي ڏني آهي، جنهن مقالن جي مٽيءَ جا سڀئي بند لوڙهي مطالع جي اکين مان مڻين مٽي ڪڍي ڦٽي ڪئي آهي. ڄڻ چنڊ کڙيو آهي ۽ مهراڻ جي موجن تان اوندهه ٽٽي آهي ۽ ڇوليون چنڊ چمڻ لاءِ چڳن تي چڙهڻ جا چاڳ پيون ڪن.

مهراڻ جي شاعريءَ واري ڀاڱي جو سٽاءُ هميشه شاهه ۽ اياز جي ٻن دورن جي نمائندگيءَ تي مشتمل هو، جنهن ۾ شاهه قديم ڪلاسڪ جي سرواڻ طور سرورق تي هوندو هو۽ مهراڻ جي شاعريءَ جو جديد ڪلاسڪ اياز جي شاعريءَ سان شروع ٿيو ٿي._مهراڻ_ اونهارو 2004ع ۾ اهو سٽاءُ بدلائڻ لاءِ سنڌي شاعريءَ جا ٽي دور ٺاهيا ويا آهن، جيڪي هي آهن. ڪلاسيڪل دور [شاهه، سچل، سامي]، روايتي دور [گل، حامد، سانگي]، ۽ جديد دور [طالب الموليٰ، اياز، تنوير] منهنجو خيال آهي ته دور ڪلاسيڪل ۽ روايتي گڏ هوندو آهي، روايت پنهنجي ليکي دور نه بڻبي آهي، تنهنڪري سنڌي شاعريءَ جو پراڻو ۽ نئون دور وارو سٽاءُ ئي مناسب هو.

باقي هيءَ ڳالهه ته جديد شاعريءَ جي بنياد ڀرڻ ۾ هري دلگير به هو، ڪشنچند بيوس به هوته همعصريءَ ۾ طالب الموليٰ توڻي ٻيا به شامل حال هئا نه انهيءَ کان انڪار ته ڪونهي. ڇو ته پيڙهه کان سواءِ ته دنيا ۾ ڪابه عمارت ڪٿي ڪانه کڙي ٿي سگهي آهي ۽ نه ماحول يا وقت جي اثر کان سواءِ ڪو ڪوي ياڪاتار بڻيو آهي. شاهه جي پيڙهه ۾ قاضي قادن، شاه ڪريم ، لطف الله قادري ۽ ميون شاهه عنات نه هئا ڇا، جنهن تي شاهه شاعريءَ جو محل ٺاهيو هو. شاهه جي وقت ۾ خواجه محمد زمان لنواريءَ وار ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جهڙا عارف ۽ عالم به هئا.ته پوءِ ڇا شاهه جي پاڻ کان اڳ پنهنجي  ۽ بعد جي طويل دور تي محيط جينئس حيثيت کي شاعريءَ جي اجتماعيت واري زمري ۾ آڻي قبول نه ڪجي؟ ماڻهن کي ماضي ۽ حال جي پوري دور جي مطالع جو چئي، گهتون گوهيون ڪري لطيف تي وڃي بيهڻ جي غلطيءَ جو اعتراف ڪرائجي؟

جينئس ماضيءَ ۽ پنهنجي پوري دور جا سڀ رنگ سميٽي نئين حسن سان نروار بڻيو آهي ۽ پنهنجي مجموعي رنگت سان ڄڻ تارن ۾ چنڊ لڳندو آهي. بيشڪ شاعري قومي ۽ اجتماعي به هوندي آهي. پر ذاتي ۽ شخصي به ته ٿيندي آهي. شاعريءَ ۾ هڪ ئي وقت ٻيا لاثاني اسم به هوندا آهن، پر پوءِ به مڙني ۾ مهنداري ته هڪ جي ئي سونهندي آهي. تنهنڪري مون، تو، هُن نه پر اجتماعي شاعريءَ واري ڳالهه به جينئس جي انفراديت کان انڪار جو بهانو ٿي لڳي، تنهنڪري اجتماعي شاعريءَ وارو اهڙو خاڪو ٺاهڻ عبث آهي. جيڪڏهن شاهه پيڙهه مان سرون پٽي عنايت جي مهاڙي ٻڌجي. لطيف کي وچ ۾ ڏئي ڇڏجي ۽ پويان سچل بيهار جي ته اهڙي غير فطري ٺاهه جوڙ سان شاعريءَ جومحل ڪو سهڻو سونهندو ! اياز کي جديد شاعريءَ جي تڏي تي مڙني ۾ مهندار جي حيثيت حاصل آهي ۽اها پنهنجي دور تي هن جي وسيع اثر مان ثابت آهي. دلگير، ڪشچند بيوس يا ڪوئي ٻيو آهي، جنهن جديد سنڌي ادب تي اياز کان وڌيڪ اثر وڌو آهي!

اسان کي ته تنوير به وڻي ٿو ۽ سائين امداد اُن کان به وڌيڪ وڻي ٿو، پر بخاري جنهن کي نٿو وڻي سو سبب ٻڌائي! مهراڻ ۾ سائين غلام رباني آگري جي غير موجودگي ...ادبي بورڊ ۾ هوندي ! اها به ته دل ۽ اکين کي چنڊ گرهڻ آهي.

مهراڻ هن ڀيري لڳ ڀڳ سڄوئي وڻيو. هونئن ته پنا اٿلائيندي اڀ ساهي ٿي پوندي هئي. ڪهاڻيءَ وري به پنا گهڻا سيڙايا ڀلي پرپڙهندڙ جي وقت جو بورڊ جي خرچ جو ۽ معيار جو الڪو هجي. سائين امداد جون سڀئي تحريرون معيار جو مثال هيون، مئڊم سحر امداد جو مقالو به گهڻو وڻيو، جيڪو مقالي جي معياري جو هڪ بهترين مثال هو. ٻيون سڀ ڳالهيون وڻيو. هر هڪ جو ذڪر طوالت ۾ ٿيندو.

بورڊ کي جنهن حالت مان ڪڍي جيئن عمل جي راهه تي آندو ويوآهي. اداري جي ڪارڪردگيءَ جو حق ته اهوئي هو. جڏهن اديب پنهنجي تاريخي ڪردار جي حق موجب ذاتي فائدي ۽ سک جي طلب ڇڏي ادارن ۽ عوام لاءِ پاڻ ارپي ٿو ته ذاتي هسٽريا ۾ ورتل خلق وٽان گهڻو سهي، انهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو.

نورمحمد شاهه

سيوهڻ ڪاليج

 

مرڪز تحقيقات ايران_پاڪستان اسلام آباد

...اوهان هن سرزمين تي، فارسيءَ جا اديب، سخنور ۽ دانشمند آهيو. رسالي مهراڻ جي ”مرزا قليچ بيگ نمبر“ ۾ اوهان شمس العلماء ”گُرجي نامـه“ جي باري ۾ لکيو آهي ۽ اهو نهايت اهم آهي. رسالي جو شمس العلماء قليچ بيگ نمبر نهايت سهڻو ۽ وڻڻدڙ آهي.

نهايت احترام سان.

محمد حسين تسبيحي ”رها“

[ڊاڪٽر گل حسن لغاري ڏانهن لکيل خط مان ٽڪرو]

*     *     *     *     *

”مهراڻ“لاءِ آمريڪا ۾ اکيون سدائين آسائتيون رهنديون آهن. اوهان وٽان جڏهن به پرچو پهچندو آهي، سچ ته سمورا ڪم ڪار ذهن مان نڪري ويندا آهن، جيستائين اُن کي پهرئين پني کان وٺي آخري پني تائين پڙهي پورو نه ڪبو آهي. چار سال اڳ جڏهن مان سنڌ آيو هئس تڏهن بورڊ جي ڪتاب گهرتان مهراڻ جا سمورا موجود پرچا خريد ڪري ويو هوس. لاس ائنجلس ۽ ٻين شهرن مان دوست ۽ اسان جي SANA  (سانا تنظيم) جا ميمبر جيڪي مون وٽ ايندا آهن، سي پڙهڻ جي حوالي سان ’مهراڻ‘ جي گهڻي گُهر ڪندا آهن، جي کين مهراڻ جي مون وٽ هجڻ جي خاطري هوندي آهي. ان ريت اسان جي ڪٽنب وارن کي به مهراڻ جي وسيلي پنهنجي ٻوليءَسان ڳانڍاپو رهي ٿو.

چند هفتا اڳ جڏهن آءُ هت سنڌ ۾ پهتس ته عين اُن ئي ڏينهن توهان جي موڪليل ”مهراڻ“ (اونهارو 2004) جي ڪاپي ادا ابرار مون کي ڏني. ڪراچيءَ ۾ قدم رکندي ئي مون لاءِ اهو هڪ سُٺو سئوڻ هو ڄڻ ! تازي پرچي ۾ نواڻ ڏسي وڌيڪ خوشي ٿي، جا يقيناً پرچي جي ترقي ۽ واڌاري جي علامت آهي. آمريڪا ۾ انٽرنيٽ تي روزنامـه ڪاوش اسان جو پسنديده مطالعو آهي، جنهن مان سنڌجي روزمره جي خبرچار پوي ٿي. مهراڻ ۾ امر جيلل جون ڪهاڻيون ڇپجڻ گهرجن ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مضمونن جي به خواهش رهي ٿي. مرزا قليچ بيگ تي مواد جي مون کي تلاش هئي، جا مهراڻ جي نڪتل خاص نمبر مان پوري ٿي آهي. مرزا صاحب تي اوهان نهايت شاندار نمبر شايع ڪيو آهي.

ارشاد قاضي

(حيدرآباد سنڌ)

*     *     *     *     *

آءُ گهڻن ڏينهن کان پوءِ رابطو ڪري رهيو آهيان. ان لاءِ معافي طلب آهيان. آءُ سعودي عرب ويو هوس. وري راولپنڊيءَ ۾ نوڪري ڪيم. ٻار وڏاٿي ويا آهن. ڌيءَ آمريڪا ۾ آهي، وڏو پُٽ لنڊن ۾ آهي. هتي ڪراچيءَ ۾ ننڍي پُٽ وٽ رهندو آهيان.

 

مون کوڙ شعر لکيا آهن_ سنڌي،اردو ۽ انگريزيءَ ۾ . به ڪتاب لنڊن ۾ ڇپجڻ لاءِ منظور ٿيا آهن، پر پسا گهٽ ٿا ڏين. مون ٽوني بليئر کي درخواست ڏني آهي، ڏسون ڇا ٿو ٿئي.؟

نعيم دريشاڻي

(ڪراچي)

 

 

 

”....اياز سان ملڻ جا موقعا جناب حميد سنڌي صاحب به گهڻا پيدا ڪيا، جس هجي حميد صاحب کي جو ميمڻ هوندي ۽ ڊپٽي ڪمشنر (سيٺ اسماعيل) جو پٽ هوندي، نفعي نقصان کان بي نياز ٿي باهه سان کيڏندورهيو ۽ اهڙي ڏکئي  دؤر ۾ هڙان وڙان خرچ ڪري ڪانفرنسون ڪوٺائيندو رهيو. ماڻهو به (لکيل پڙهيل طبقو) ڪڏي اچي اجلاسن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. مير مجلس شيخ اياز هوندو هو. اهڙي هڪ ڀرپور ڪانفرنس ۾ 31_ مئي 1967ع ۾ بسنت لاج ۾ اياز پنهنجو مشهور نظم پڙهيو:

هيءَ سين نه ڏيندي چين، اٿي ڏس ڪوئي آيو آ پيارا،

هي شايد ساڳيو رمتوآ، اڳ جيئن اڃايو آ پيارا.

ماڻهو جهروڪر منڊ ۾ منڊ جي ويا....“

_جمال ابڙو

 

 

اِيءَ گتِ غواصن

 

ادب/ ساهت لازمي طورتي زندگيءَ سان لاڳاپيل آهي ۽ دلين جو ترجمان آهي.

ادب/ ساهت انساني ذهن جو اعليٰ ترين تخليقي عمل آهي.ادب/ ساهت هڪ ئي وقت اوچائين، گهراين ۽ وسعتن کي ڇُهڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏئي ٿو. ادب/ ساهت_ علم جي جهل تي، سچ جي ڪچ تي، سوجهري جي اوندهه تي دائمي فتح جو نالو آهي.

ادب/ساهت اهڙي آرسي آهي، جنهن ۾ قومون پنهنجو منهن مهانڊو پسي سگهن ٿيون.

ادب/ ساهت جي اُتي رسائي آهي، جتي ڪوبه نه ٿو رسي:

هڪڙي شاعري جي تصور کان سواءِ،

ڪنهن جي هُن تاءِ رسائي آهي!

 ادب قومي هوندي به بين الاقوامي آهي ۽ پوري انسانذات جو لافاني ورثو آهي. ساهت لازمي طور تي ويساهه آهي، نه ڪي ويساهه گهاتي! ساهت لکڻ واري سِٽ آهي، نه ڪي سِٽڻ واري سِٽ:

مون وٽ سِٽَ لکڻ جي لاءِ،

تو وت سِٽَ سِٽڻ جي لاءِ !

ادب/ ساهت هڪ اهڙي اَمُلهه سوکڙي آهي قدرت پاران، جنهن کي انساني آزاديءَ ماڻڻ لاءِ اعليٰ قدرن جي اُجاگرتالاءِ ڪتب آڻڻ گهرجي. ادب/ساهت قومن جي تقدير بدلائڻ جو مـؤثر هٿيار آهي. ادب/ساهت هيڻن جو همراهه ، ڏاڍن جو ويري آهي.

 ادب، آرٽ/ فن به آهي ، ته مقصد به. پر ان جي اظهار جو وسيلو ٻولي آهي. ٻولي جيڪا انسان سان گڏ ڄمي ٿي، پر ان سان گڏ مري نه ٿي. ان ريت اهو ادب پارو، اُها تخليق _پوءِ اُهو ناٽڪ هجي، ڪهاڻي هجي، ناول هجي، شاعري هجي _ زندهه رهن ٿا، ۽ ائين اُهو تخليقڪار به زندهه رهي ٿو ۽ ٻين کي به زندهه رکي ٿو.

ادب/ ساهت هن ڪائنات ۾ هڪ ٻي ڪائنات آهي.

هر لکڻي ساهت به ناهي، پر وسيع معنيٰ ۾ تحقيقي ۽ تنقيدي تحريرون به ادبي دائري ۾ اچي وڃن ٿيون. ديني ادب، سياسي ادب، سائنسي ادب،ٻاراڻو ادب_ به ان زمري ۾ اچي وڃي ٿو. پر هر قسم جي ادب لاءِ_ پوءِ اُهو تخليقي هجي، يا تنقيدي/تحقيقي/ديني/ يا ٻاراڻو ادب هجي _معيار پهريون ۽ پويون شرط آهي. هڪ تخليقڪار هڪ ساهتڪار جي گت، لاکيڻي لطيف جي لفظن ۾، سيدائين غواصن واري هئڻ گهرجي:

اِي گَتِ غواصن، جنءَ سمنڊُ سُو جهيائون،

پيهي منجهه پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،

آڻي ڏنائون، هيرو لال هٿن سين !

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com