سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004-3ع

 

صفحو :7

مقصود گل

 

درد جو تانگهي ترو انسان ڇو؟

ايترو ڇو ٿي ويو آ اجنبي_ پنهنجي گهر ۾ بي گهرو انسان ڇو؟

 

سورسَو سيني ۾ ٿو سانڍيون وتي،

قوم جا، انسان جا ڀڳوان جا_ ڪيتريون ٿو ڪرنشون ڪانڍيون وتي!

 

باهه ٿي ڏرتيءَ مٿي ڀڙڪي ٻري،

روڊ، رستا، شهر گهر مقتل بڻيا_ روز ٿو ماڻهوءَ هٿان ماڻهو مري!

 

آدميءَ جو آدميءَ سان وير ڇو؟

دل ۾ ڪانهي جاءِ ڪا احساس جي_ ايترو وانياءُ ۽ انڌير ڇو؟

 

ڪوجلي ٿو، ڪو جلائي ٿو پيو،

ماڻهپي جو مانُ ميرو ٿي ويو_ پاڻ تي دنيا کِلائي ٿو پيو!

 

دهشتون ۽ وحشتون ٿيون رقص ڪن،

جوهري هٿيار، جنگيون، جوٽڻيون_ نونڌُ، ناحق، نفرتون ٿيون رقص ڪن!

 

ڪلفتن کان ڪِينَ آجو ٿي سگهيو،

چنڊ تي پهتو وڃي انسانُ پر_ زلتن کان ڪِينَ آجو ٿي سگهيو!

 

 

روز ڏائڻُ ڏيهه ٿو ڏاڙهي پيو،

سوهڻي ڌرتي سچل ۽ شاهه جي_ نفرتن جي آڳ ۾ ساڙي پيو!

 

درد جي ناحق نگر بڻجي وئي،

آدمي، ويري بڻيو انسانَ جو_ ڀونءِ ساري ڪوس گهر بڻجي وئي!

 

کيل پتليءَ جو رچائي ٿو پيو،

پنهنجي آڱر جي اشاري سان ڏسو_ ڪو سڄي دنيا نچائي، ٿو پيو!

 

درد جو آڙاهه ٻاريندو وتي

آدميءَ جي روپ ۾ وحشي ڏسو_ بي سبب انسان ماريندو وتي!

 

بينا مسرور

 

ٽيڙو

 

تو ۾ ڪيڏا سُر سمايل،

ڪـــــــي خوشيءَ جا،

۽ ڪـــــــي گهايل!

 

دوريءَ جـــــــي احساس،

وڌائـــــــي ڇـــــــڏي_

پيـــــــار جـــــــي پياـــــــس!

 

ڪنهن پوپٽ جان،

تـــــــنهنجــي هـــٿ ۾_

بـــــــيـــــــوس مـــــــان!

 

تنهنجي ٻن ٻانهن ٻل،

ڪيڏي سهڻي ٿي لڳي_

وڻ کي ويڙهيل ول!

 

تو چيو وڻي نه ٿي هاڻ،

مٺن چپن تي،

لِپ اِسٽڪ جي ڪوڙاڻ!

 

چــــــــــــــوي نــــــــــــــاري،

روز هڻي ٿي مٺي چپن تي_

لِپ اِسٽڪ ڪساري!

 

مـــــــان سِـــــــپ هئـــــــس،

تون مينهن ڦڙو_

مون ۾ جو موتي بڻيو!

 

تون جي هجين مون ساڻ،

مـــــــون کـــــــي ناهـــــــي_

ڪنهن ٻئي جي ڪاڻ!

 

رياضت ٻرڙو

 

غزل

هيءَ پل سانت جو، آصديءَ جو مزاج،

جنهن سَليو موت ۽ زندگيءَ جو مزاج

 

تارَ تَرندو رهان ٿو شفق ۾، پرين!

نيڻَ تنهنجا رکن ٿا نديءَ جو مزاج.

 

دردَ، دُکَ، سُکَ، وفا يا جفا مان جُريل،

آهِه ڪهڙو اوهان جي مِٽِيءَ جو مزاج!

 

هن گهٽيءَ مان ويا ٻارَ کيڏي، ميان!

ٻارَ جهڙو بڻيو آگهٽيءَ جو مزاج.

 

مفلسيءَ ۾ جيڻ جي تمنانه ٿي،

مون رکيو پئي سراپا خوديءَ جو مزاج.

 

سالَ گذري ويا ڪيترا، اي خدا!

پوبه ساڳيو اڃا، بندگيءَ جو مزاج!

 

تنهنجو سپنو نئون آ، پراڻو نه ڪر!

جي رکين ٿو اجهل عاشقيءَ جو مزاج.

 

تون ’رياضت‘ صفا، سادڙو آن اڃا،

ڇو نه سمجهي سگهين ٿو سکيءَ جو مزاج!

 

 

حبدار سولنگي

 

غزل

 

مُرڪن جون چانڊو ڪيون ميڙي هُوءَ ڏاڪڻ تي آئي آهي،

جنهن جي نيڻن جي نگريءَ ۾ سپنو ڪو سُرمائي آهي.

 

پَنَ سُڪل کڙڪيءَ مان هُن جي ڪمري منجهه اُڏامي آيا،

سنڌيا ويلي پَڻ ڇڻ هُن کي ڳالهه نئين سمجهائي آهي.

 

وينگس چوڙين جي ڇڻ ڇڻ جا پيارا سُرَ فطرت کي ارپي،

ڀنڀرڪي کان پوءِ اڱڻ تي باک وري جاڳائي آهي.

 

ڊُڪندي ڊُڪندي بيٺي آ، ڪنڌُ ورائي مون ڏي ڏِسندي،

مُرڪي هُن چپڙن جي گُل تي اُجري ماڪ سجائي آهي.

 

هُوءَ به ناهي، واءُ به ناهي، ٻارُبه ناهي، ڪوئي ناهي،

شايد گهر جي دروازي سان تنهائي ٽڪرائي آهي.

 

هُن ته جوانيءَ جي محلن ۾ ويٺي ويٺي صحرا جهاڳيا،

هاڻي وقت سندس وارن ۾ چاندي ڪا چمڪائي آهي.

 

رنگِ اُڏامي ڪاڏي ويا ۽ شام اُداس اُداس لڳي ٿي،

مومل! ڪاڪ ڪناري هاڻي سُورج ڀي سودائي آهي.

 

تجريديت جو نانءُ ڏئي، سڀڪو ٿي خاموش وڃي ٿو،

تصويرن جي رنگن ۾ هُن پنهنجي سوچَ لڪائي آهي.

 

نيڻ اسان جا پاڻياريءَ جي جوڀن ۾ گُم ٿي ويا آهن،

شام، هوائن ۽ رستن تي خوشبو جنهن ڦهلائي آهي.

 

بي ترتيب پيا هِن سپنا ۽ احساسَ سڄي ڪمري ۾،

تو حُبدار! وري اڄ پنهنجي حالت ڇا ته بڻائي آهي!

 

 

ثمينه ميمڻ

 

جيئن مان ٿي سوچيان!

 

تنهنجي ياد

منهنجي ڄڻ ته وجود جو

حصو بڻجندي پئي وڃي

ڪيڏو به وساريان

نه ٿي وسري

هر وقت اکين آڏو

تنهنجو چهرو پسندي رهان ٿي

توکي ياد ڪندي رهان ٿي

ڪهڙو اندر جو وچن آ

جيڪو مجبور ڪندو رهي ٿو

جڏهن ته ٻنهي وچ ۾

ڪو عهد ٿيو ئي نه هو

ته پوءِ هيءُ ڇا آهي؟

ڪا خبر ناهي!

پاڻ کان ٿي پُڇان

’ڇا! تون به

ائين ئي سوچين ٿو

جيئن مان ٿي سوچيان!‘

 

 

حميد ”شهيد“ هالائي

غزل

 

پيار جا ليکا ڀلا، ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا!

وقت ٿورو، ڪم گهڻا، ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا!

پُر پيالا ساقيا! ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا،

نينهن کان وڌ ٻيا نشا، ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا!

نيڻ آهن ميڻ بتيون جي ٻرن وگهرن، جلن،

راه ۾ روشن ڏِيا، ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا!

اعتبارن جو ڀڳل شيشو کڻي پيو سوچيان،

دوستن تي ڀروسا، ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا!

سُور سڀ ناسُور ٿيا، جانيءَ جي جهوريءَ ۾ جهڄي،

هاڻ زخمن تي پَها، ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا!

ساهه سان سيبائبا ۽ رمز سان ريجهائبا،

مهربانيون شڪريا، ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا!

سمجهه ڪر، ڪجهه هوش رک، بي هوش هالائي ”شهيد“،

چلِولي دل جا چَيا، ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا!

 

غزل

نينهن نشي ۾ مست نه آهي،

اُن کان وڏو بدبخت نه آهي.

اڌيءَ مانجهيءَ جنهن نه ڏٺي ٿي،

تنهن کي ملڻ جو وقت نه آهي.

ونڊو شاپنگ شوق ٻنهي جو،

هاڻ بزار جو گشت نه آهي.

ڇا اڄ رات مسيت ۾ سمهندس!

تو وٽ بندو بست نه آهي؟

ساڳيو آ انڪار، پراي دل،

لهجو ساڳيو سخت نه آهي.

بي اونو ٿي پَٽ تي سمهي پئو،

هي ڪو شاهي تخت نه آهي.

پينگهه لڏڻ جو پنهنجو مزو آ،

شهر ۾ نم جو درخت نه آهي.

ٻولي رک ٻاجهاري غزل جي،

لفظ ڪو ڏس ته ڪرخت نه آهي.

قومي مفاد ۾ چپ آهي ”شهيد“،

ڳالهه ڪرڻ جو وقت نه آهي!

 

پارس عباسي

چَوسِٽا

 

اوهان جون، اسان جون، نگاهون جُدا

جُدا منزلون، ساريون راهون جُدا

جڏهن ڀي اچي ٿو ڪوئي زلزلو

بچڻ ۽ لِڪڻ جون پناهون جُدا

 

لَهندڙ سِجَ کان تيکُ گهُرين ٿو

ڇڻندڙ پَنَ کان رنگُ پُڇين ٿو

تُنهنجي ليکي ويسر آهي!

منهنجي ليکي طنز ڪرين ٿو

 

گل حسن ساگر ڪوري

 

وائي

 

تون منهنجي مان تنهنجو آهيان، ٻئي ڪنهن جو ناهيان.

 

عڪس اکين ۾ تنهنجا آهن، ڇالئه مان ڊاهيان،

تنهنجو مان آهيان.

 

دنيا ساريءَ کي ٺُڪرائي، توکي ٿو چاهيان،

تنهنجو مان آهيان.

 

جاڳ هُجي يا سپنن ۾ مان، توسان ئي آهيان،

تنهنجو مان آهيان.

 

عشق لڳي کان پهرين ڇا هُس، هاڻي ڏس ڇاهيان،

تنهنجو مان آهيان.

 

روشن گهانگهرو

 

سڪ، پيار ضروري آ،

رنگين حياتيءَ لئه، دلدار ضروري آ.

سنسار ڇڏي سگهندس،

پرسونهن_ ملاقاتيون، ڪيئن پيار ڇڏي سگهندس.

اچ عشق_ اُجالن ۾،

ٿو نينهن نچي پياري، مدمستُ جهڙالن ۾.

ڪنهن ڳالهه تي ڪُر ڪڻ تان،

سؤبارو وڃان صدقي، محبوب جي مُرڪڻ تان.

تون هٿ ملائي ڏِسُ،

پٺتي نه قدم هوندو، سوريءَ تي سڏائي ڏِسُ.

احساس_ اڪيلائي،

هڪ آءُ اياڻو ۽، بنواس، اڪيلائي!

ڌرتي به نه پرچي ٿي،

 

سَوَ سال ويا گذري، سرتي به نه سرچي ٿي.

تقدير انڌيري آ،

ڪمري ۾ اُداسيءَ جي، خوشبوءِ گهڻيري آ.

سنسار پٿر آهي،

ڀل جو به هجي پر سو، ڪردار پٿر آهي.

انسان ٻڌيون ٻانهون،

انسان ڪٽيون ٻانهون، انسان ڪيون دانهون!

رابيل سُڪل پَٽَ تي،

آرام اچي ڪاڏهان، مان ڪيئن سمهان کٽ تي!؟

سُک_ سِجُ لهي ويو آ،

ڪو گهوٽ ويو ڪُسجي، ڪهرام مچي ويو آ.

ڪيئن پاڻ جلائن ٿا،

ٿي باهه ٻري مِل ۾، مزدور ڪمائن ٿا.

مزدور جيئن جُڳُ جُڳُ،

محنت ۽ محبت جا، منشور جيئن جُڳُ جُڳُ.

ظاهر ۾ ته ميلو آ،

دنيا ۾ نه ڪنهنجو ڪو، هر شخص اڪيلو آ.

وشواس ويا ڪکجي،

الزام جي نانگن کان، احساس ويا ڪکجي.

خاموش نظارا هن،

سڪ، سونهن سوا سارا، احساس اُڃارا هن.

وشواس وسامي ٿو،

آڪاش مٿان اڳتي، ته به عزم اُڏامي ٿو.

هُو سمنڊ سڏي ٿو پيو،

ٿو آءُ وڃڻ چاهيان، ساحل نه ڇڏي ٿو پيو.

چانڊاڻ ندي جيون،

سُرهاڻ صديون جئندي، نيراڻ ندي جيون.

گهنگهور گهٽا ڪٿ آ؟

مارن کي ڪري خوش سا، محبوب فضا ڪٿ آ؟

سنگيت اڌورو آ،

بي چين حياتيءَ جان، هر گيت اڌورو آ.

بي رنگ ڪلا آهي،

سڀ ساز ٽٽل سڪ جا، بي چين فضا آهي.

ڪنهن کي نه بقا آهي،

آ موت مٿان سڀ جي، هر چيز فنا آهي.

سڪ سرد صدا آهي.

احساس ٿيا زخمي، ويجهو نه وفا آهي.

سڪ_ لاٽ پري ٿي پئي،

منزل به ملي ويندي، هر واٽ پري ٿي پئي.

اڄ هير گُهلي ٿي پئي،

نم_ ڏار ٻڌل جهولو، ڪا حور جهُلي ٿي پئي.

ٿي ميڻ ڳري ويندس،

تون ڏور نه وڃ مون کان، سچ مفت مري ويندس.

 

   

ماڻڪ ملاح

 

آيو بهار آهي!

 

[گيت]

 

آيو بهار آهي،

جهرجهنگ آهه جُهوميو،

گلڙن جي مالها پائي.

 

ڌرتيءَ جي ڌُوڙ آهي،

خوشبو ڇڏي اُڏائي،

هر هنڌ مند آهي، سائي چُني وڇائي،

اي چنڊ! چَئُه پرينءَ کي،

ايڏو نه دير لائي!

آيو بهار آهي.

 

ڳاڙهيون وڻن جون ٽاريون،

گونچن ڇڏيون جنجهائي،

دليرن مِلن ٿيون مُرڪي، ڀاڪُرَ ته روز پائي،

اکڙيون اڙيون اکين سان،

اُڀُرن جا تيرَ لائي،

آيو بهار آهي.

 

ٽاريون ائين ٿيون جهُومن،

محبوب جيئن لنوائي،

پَنُ پَنُ ائين رڙي جئن بيراڳي ڄڻ ٿو ڳائي،

ماڻڪ: ملاح! موسمَ،

ڇا رنگ ٿي رچائي،

آيو بهار آهي،

جهرجهنگ آهه جُهوميو،

گلڙن جي مالها پائي!

  

خليل عارف سومرو

 

غزل

 

سانجهه، سارُون اکين ۾ پاڻي آ،

پيار تنهنجي عجب ڪهاڻي آ.

 

پيار ڪنهن جو ملي هميشـﮧ لئه،

ساڀيان خواب اِيءَ نه ماڻي آ.

 

ساهَه پهتا وڃن پُڄاڻيءَ تي،

درد جي ٿي ڪڏهن پُڄاڻي آ.

 

مورتين جي بَها به هٿ ٿئي ٿي،

مفت عورت فقط وڪاڻي آ.

 

ڏي اڃاڏي پريت جو پاڻي،

اُڃ ڪاٿي اڃا اُجهاڻي آ.

 

رات پويون پَهر اڪيلائي،

آس ڪاڏي الئه اُڏاڻي آ.

 

اُٿ هلي سُمهه ’خليل عارف‘ اُٿ،

رات ساري اِچي وِهاڻي آ

 

پارس حميد

دوها

 

خوشبوءَ جهڙو ساجن، جنهن جي چوڏس آ سُرهاڻ،

مَنَ اندر ۾ جنهن پکيڙي چاهت جي چانڊاڻ

چانڊو ڪيءَ جنءَ چاهه ڏئي پوءِ، کَسي وئين تون پيار،

ايئن رهان ٿو ويڳاڻو مان، جيئن نڌڻڪو ٻَارُ.

هاڻي هن جي يادن سان ئي آهي روح رهاڻ،

اکين اکين ۾ ٿي هئي جنهن سان، پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ.

گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ لڳي ٿي، پل پل آپڇتاءُ،

پريتم! تنهنجي پيار کان وڌ آ، ڌرتيءَ جو سواداءُ،

سپنو سپنو ساڀيان ٿي ويو، پَنَ پَنَ پيو پڙلاءُ،

آزاديءَ جا راڳ ٻُري پيار آءُ پرين تون آءُ.

ڪانه کُٽي ٿي رات ڏکن جي، ڏُور اڃا آڏينهُن،

وارياسي جي پنڌ جيان آ، پيارا تنهنجو نينهنُ.

شاعر! ڪهڙا گيت لِکين ٿو، ڌرتيءَ جا لک گيت،

دوکي جي دنيا ۾ دَلبر، مَنَ جا ڪهڙا ميت!

 

علي دوست ”عاجز“

 

گيت

تنهنجي ڳالهه هلي؛

لُڙڪ ستارن وانگي لڙندا ويا، وئي رات هَليِ.

تنهنجي ڳالهه هلي؛

پاڻ به ڪونه پئي چاهيوسين، دل پڻ ڪانه جهلي!

تنهنجي ڳالهه هلي؛

تنهنجي ياد قيامت تائين شالَ هليم رَلي!

تنهنجي ڳالهه هلي؛

ڪونه چيو وٺندو هي عاجز، سمجهايوس ڀَلِي!

تنهنجي ڳالهه هلي؛

مُشڪل توڙي ’مرحب‘ ٿئي، پر عشق ته آهي عليء!

تنهنجي ڳالهه هلي؛

 

ملهار سنڌي

غزل

 

جيڪڏهن پورو ڪندين اقرارَ کي،

زندگي بخشي ڇڏيندين پيار کي.

 

هر گهڙي ٿي درد جاڳائي وجهي،

مان ڀلا ڪاڏي ڪيان هن سارَ کي.

 

مون جيان هُنَ کي نه ڪنهن چاهيو ڪڏهن،

ڪير سمجهائي ڳهيلي يارَ کي.

 

تون نه ڪر مون کي ڇڏڻ جون ڳالِهيون،

مون ڇڏيو تنهنجي ڪري سنسارَ کي.

 

آءُ جي سورج مُکي، هُو سج سندم،

ڪيئن وساريان مان پرينءَ جي پارَ کي!

 

شال! اُن ۾ سي ڪڏهن ڦاسي پون،

جَنِ وِڇايو مفلسيءَ جي ڄارَ کي!

 

اَهڙو جيون ٿو گُذارڻ چاهيان،

ياد جئن دنيا رکي ”ملهار“ کي.

 

وسيم سومرو

 

لوڪ گيت

 

تنهنجا    ڇلا    ڇلا   وارَ

توکي ڪيئن نه چاهيان_

توکي ڪيئن نه چاهيان،

سڄڻ تنهنجي آهيان_

 

مڇي چاهه منهنجو،

مُنجهي ساهه منهنجو،

نوان اُڻي اُڻي ڄارَ،

توکي ڪيئن نه چاهيان_

 

تري تار پُهچان،

تنهنجي پار پُهچان،

تنهنجا پڇي پڇي پارَ،

توکي ڪيئن نه چاهيان_

 

نچي ڇيڄ پايان،

تولئه ڳيچ ڳايان،

تنهنجي مِٺي مِٺي سارَ،

توکي ڪيئن نه چاهيان.

 

برڪت بلوچ

وائي

 

ڪالهه ڪيئن باغ بينچ تي

سڀ چپَ سبجي ويا هئا

اکڙيـــــــن ڳالهايـــــــو پـــــــي_

ماٺ هئا سين تون ۽ مان.

پنڊ پاهڻ هُئا گُلابَ

ڀونرابيهجي ويـــــــا هـــــــئا

خامـــوشيــن ڳالهايوپي_

ماٺ هئا سين تون ۽ مان.

شڪ جهڪ تي ويساهه وڻ،

پاڙان پٽجي ويا هئا

غلطين ڳالهايو پي_

ماٺ هئا سين تون ۽ مان.

ٺڪاء تي ٺڪاء هو

ڳيرا سٽجي ويا هئا

گولين ڳالهايو پي_

ماٺ هئا سين تون ۽ مان.

ڪاغذ ۽ ڪلڪ بنان

گيت رچجي ويا هئا

۽ واين ڳالهايو پي_

ماٺ هئا سين تون ۽ مان.

 

فياض چنڊ ڪليري

ڪافي

ٻرندي ٻرندي خاڪ ٿيا سين،

پوءِ به توکي چاهيون ٿا،

پاڻ حُسن جي هاڪ ٿيا سين_

پوءِ به توکي چاهيون ٿا!

 

ڪنهن خواب ڏنا، ڪنهن درد ڏنا،

پر گهاءَ رڳو بي درد ڏنا،

اکڙين مان ٽمندڙ ماڪ ٿياسين_

پوءِ به توکي چاهيون ٿا!

 

هر وار حسينن ونگ وڌا،

هنيا تير نظر جا سڌا سِڌا،

جُڳ جُڳ جا رولاڪ ٿيا سين_

پوءِ به توکي چاهيون ٿا!

 

هن عشقَ شفا بخشي آهي،

۽ دردَ وفا بخشي آهي،

چاهت جي ڪري ئي پاڪ ٿيا سين_

پوءِ به توکي چاهيون ٿا!

 

مُرشد جي ڪرم جي نظر پئي،

پوءِ ڏيهان ڏيهه خبر پئي،

”چنڊ“! خاڪ منجهان افلاڪ ٿيا سين_

پوءِ به توکي چاهيون ٿا!

Ÿ 

مشتاق ڀرڳڙي

سنڀالي نه سگهيس

 

زماني سنگ باري ڪئي جڏهن،

آءُ ٿڙيس،

پر سنڀالي ويس_

دوستيءَ ۾ دغا سان پلئه اٽڪيو جڏهن،

آءُ ٿڙيس،

پر سنڀالي ويس_

منهنجي فن تي

چٿرن جي بارش ٿي جڏهن،

آءُ ٿڙيس،

پر سنڀالي ويس_

مون کي ڪانئر، بزدل جا

خطاب مليا جڏهن،

آءُ ٿڙيس،

۽ محبت ۾

وڇوڙو حصي ۾ آيو جڏهن،

آءُ ٿڙيس،

پر سنڀالي نه سگهيس!

 

ظهير زرداري

غزل

تنهنجي شهر منجهان ڪيئن لڏبو،

پکڙو پکڙي سامهون اَڏبو!

پنهنجي هيءُ روايت آهي،

مُرڪي مِلبو، جتي به گڏبو!

پيارُ اکين جي عادت آهي،

سِڪَ ۾ رهبو، سڪ مان سَڏبو!

سانگين سان گڏ ”ظهير“ رهبو!

تن کي ڪيئن اڪيلو ڇڏبو!

 

امر پير زادو

 

عشق جو اهڙو سحر. . .!!

 

تون پري مون کان رهي،

ڪيترو ويجهو رهين ٿي،

آءُ تنهنجي ياد سان،

ڪيئن ٿو ڳالهيون ڪيان

ڪيترا ڏس ٽهڪ مان توسان ڏيان

۽ وري ڪنهن ڳالهه تي

ڪئن ٿو رُئان!

۽ جا به ڳڻتي، جو به فڪر آهي انهيءَ تي

بحث ڀي توسان ٿين،

سونهن تنهنجي فڪر سارا

ڄڻ ته سمجهائي ڇڏي ٿي،

مان بدن تنهنجو ڇُهي

ڄڻ هوائن ۾ اُڏان ٿو،

رات ساري بي تڪلف،

گفتگو توسان ٿئي ٿي

ايتري تون آن سمائي زندگيءَ ۾

مان اڪيلائي پيو ته کي چوان

هاڻ تنهنجو هي وڇوڙو،

درد ايڏو ڪونه ٿو ڏي،

هاڻ تنهنجو مون اڳيان،

لازمي ناهي هُجڻ،

ڇو ته تون مون کان جُدائي ڪانه آهين،

سحرا اهڙو عشق جو

مون ڏٺو آپهريون ڀيرو،

ظاهري هي روپ تنهنجو

هاڻ مون لئه

شاهدي ٿو بس رهي اُن ياد جي،

جا سمورو روح منهنجو

ٿي وئي آ

ايئن توسان زندگي گذري پئي،

ها مگر منهنجي وري ڀي دل چون ٿي،

تون ڪڏهن من وٽ اچي،

پيارَ سان مون کان پُڇين

مان پري توکان رهي

ڪيترو ويجهو رهان ٿو

ڪيترو ويجهو رهان ٿي....!!

 

غزل

 

دُوري نه سمجهجان تون جسمن جي فاصلي کي،

هي ڇا جُدا ڪندا سڀ دلين جي رابطي کي.

 

هڪ ئي ڇڏي ويو آ اڌ ۾ ڇڏي اسان کي،

هڪ ئي ڪري ويو آ ويران قافلي کي.

 

تون مان ملي پئون بس هي کوڙُ آ اسان لئه،

دنيا ڀلي نه سمجهي پو پنهنجي واسطي کي.

 

مون کان نه ٿيندو شايد تنهن وصل کي وسارڻ،

تون ئي ڀُلائي ڇڏجان تنهن يار حادثي کي.

 

مون کي سڀن جي سامهون ڇو ڏسين سدائين،

توکي ڏسي ڏسان ڪئن محفل جي ضابطي کي.

 

هُو اجنبي اکين سان مون کي چئي ويو جو،

هاڻي لکان پيو تنهن بي نانءُ واقعي کي.

 

 جاويد سوز هالائي

 

او زندگي!

 

اڙي او زندگي توسان

شڪايت ڪابه ڪانهي ڪا

مقدر ئي هيو اهڙو،

اسين در در رُلياسين پر

اسان کي ذلتون مليون

اسان کي عشق جي بدلي

سدائين تهمتون مليون

سڄي ساري خدائيءَ ۾

اسان ئي بي ثمر آهيون

اسان جي دل جي ويرانن ۾

ڪا بارش وٺي ناهي،

اسان پنهنجي ئي لڙڪن جي،

سمندر ۾ ٻُڏا آهيون،

اسان جي ڀاڳ جي ديوي،

ازل کان ننڊ ۾ آهي،

ڀلا ڇا ڏوهه ڏيون توکي

اڙي او زندگي توسان.

شڪايت ڪابه ڪانهي ڪا.

 

 پاڻ پرين پرديسي ماڻهو

 

پاڻ پرين پرديسي ماڻهو

لمحو ٽاريءَ تي ويهنداسين

۽ آخر اُڏري وينداسين

شهر جون هي ڇڙواڳ هوائون

پنهنجي ڳوٺ جي سنڌوءَ ڪپ تي

ڪونه هوا جو مَٽ لڳن ٿيون

توڙي کوڙ پناهون آهن

ريشم جهڙيون راهون آهن

پنهنجي ڪابه پناهه نه آهي،

پنهنجي ڪائي راهه نه آهي

هاءِ اڄاتي دل جو ڌڙڪو

ڪويل جي ڪوڪار ٿو ساري

ساٿين کي هر بار ٿو ساري

چوڙين جي جهنڪار ٿو ساري،

پاڻ پرين پرديسي ماڻهو،

ازل ازل کان جوڳ مليو آ

ڪونه ڪڏهن سنجوڳ مليو آ

جوڳيءَ لئه سڀ ديس پرايا،

مايائي سڀ کيل رچايا،

اوڙي ڳهلي جو ڳيئڙن سان

دور ديس جي پرديسين سان

ڪهڙا ويٺو رشتا جوڙين،

ڪهڙا ويٺو ناتا جوڙين،

تو سان پل جو رشتو آهي،

توسان پل جو ناتو آهي.

شام جبل تي لهندي ۽ پوءِ

دل جو جوڳ کڻي وينداسين

ساڳيو روڳ کڻي وينداسين

پاڻ پرين پرديسي ماڻهو.

 

جوهر بروهي

 

وائي

 

ساهن جي سرهاڻ،

چنڊوڪيءَ جي واٽ ۾.

 

راڳيءَ هٿان ٿي پيا،

لاڏا رتو ڇاڻ،

چانڊوڪيءَ جي اوٽ ۾.

 

روحن جي آساس لئه،

مرڪ پروڪي آڻ،

چانڊوڪيءَ جي اوٽ ۾.

 

ليڙون ليڙون چوڪ تي؛

پٽڪا ۽ پهرياڻ،

چانڊوڪيءَ جي اوٽ ۾.

 

پامڌي ڪو ”پيراچ“ ۾،

پيرا ووڙي هاڻ،

چانڊوڪيءَ جي اوٽ ۾.

 

ڀٽڪن پنهنجي ڀونءِ تي،

ورهين جا اڻ ڄاڻ،

چانڊوڪيءَ جي اوٽ ۾.

 

جوهر ۽ جها نگيئڙا،

جيئن ڪنهن جي ڪاڻ،

چانڊوڪيءَ جي اوٽ ۾.

 

ماستر واحد بخش ٽکڙائي

 

سِڄُ سخي داتا

 

چنڊ آدراصل ڪنهن ڪشتي جيان

۽ ستارا ڪوڙا پيسا

جيڪي ڳڙندا ٿا رهن

رات ڀر

چنڊ جي ڪشڪول ۾!

 

رات آهي بي مُهابي بي لڄي

ڪنهن فقيرياڻيءَ جيان

سِڄُ آهي

ڪنهن سخي داتا جيان!

 

منٺار سولنگي

غزل

 

گڏ هيا جي قافلا گُم ٿي ويا،

راهه ۾ سڀ رهنما گُم ٿي ويا.

 

تون نه جڏهن ڳوٺ کي ڪجهه ڌيان ڌر،

شهر ۾ اڳ ڪيترا گُم ٿي ويا.

 

آجپي جي روشني ڏس، آن ڪٿي؟

توکي ڳولهڻ جي ويا، گُم ٿي ويا.

 

خواهشن جي ڀيڙ ۾ ’منٺار‘ کان،

پيار جا سڀ پيچرا گُم ٿي ويا.

 

سحر امداد

 

دعا

 

ڪو لفظ ڏي

ڪا سِٽَ ڏي

ڪو زخم ڏي

ڪو نظم ڏي

منهنجا خدا!

ڪو گيت ڏي

من مِيت ڏي!

 

تون

جلترنگي هر ترنگ_

ڏُور جهرڻي وانگِيان

ٽهڪ ٿي تنهنجا ٽڙيا

تنهنجي نيڻن جا نکيتر آسمانن تي کِڙيا

 

چنڊ تارا، سج سيارا ٿي ڦريا

تنهنجي ئي رفتار سان

۽ هوائن رُخ مَٽايو تنهنجي ئي گُفتار سان

 

تنهنجي ڪاوڙ کنوڻين جو کيل هئي

تنهنجو ٽِلڻ بستان ۾ ڄڻ ڊيل هئي

 

تنهنجي لُڙڪن ساڻ ڌوپيا هي زمين و آسمان

تنهنجي رمزن راسِيا و مڪان!

 

تنهنجي غمزن ساڻ جهُومي ٿو جهان

رقص ۾ آهي مسلسل وقت جو هي بحر_ بحربيڪران!

وقت_ بحرِ بيڪران

 

موتيا مهڪيا

 

منهنجي جيون ڦلواڙيءَ ۾

مُکڙيون مُرڪيون

ٽانگر وانگر

ٽهڪ ٽڙيا

بي انت/اڻکٽندڙ

ننڍڙين ننڍڙين

پيارين پيارين

جيءَ جيارين

ڳالهين جا

موتيا مهڪيا!

 

پويون پهر

 

مکڙيون مُرڪيون

دلڙيون سُرڪيون

 

جهانجهر جهرڪي

ڇوري ڇِرڪي

هير گهُلي

دري کُلي

چنڊ چڙهيو

چنڊ لڙيو

مُک جي مُکڙي کِڙي کِڙي

دل گُل وانگر ٽڙي ٽڙي!

 

امداد حسيني

اَپيل

 

(قبيلائي جنگين جي موضوع تي لکيل)

[1]

اي خداي عظيم، قادرِ ڪُل!

تو چيو ”ٿي پئو“، ته ٿي پييوُن،

ڪائناتون، نه جن جو آرنه پار،

ڪوبه چاهي ڪري سگهي نه شمار.

 

سرءُ، سيارو، بهار، اونهارو

ڪِئن نه هڪٻئي پٺيان پيا ڊوڙن،

رات کان پوءِ ڏينهن ٿو جاڳي،

جيئن ٻيلي ۾ شينهن ٿو جاڳي.

 

سِجَ ۽ چنڊَ ۽ ستارا هي،

ڪئن نه سهڻي سٽاءَ سان ٺاهيهءِ!

هيءُ بي انت کير ڌارائون،

ڪئن نه جهرمر جڙاءَ سان جوڙيهءِ!

 

 

هيءَ ڌرتي به دانَ منجهه ڏنهِءِ،

۽ انهيءَ تي انيڪ کنڊ_ اُپکنڊ،

سمنڊ، جيڪي ڪڏهن سُمهن به نه ٿا،

وقت جيڪو ڪڏهن بِهي به نه ٿو،

جوڙَتو آهه سڀ اِها جوڙي!

 

اربَها کربَها ورهيه گذريا،

اربَها کربَها ڄميا انسانَ،

مختلف شڪليون مگرتن جون،

مختلف سوچ ۽ سڀاءَ جدا،

 

ڪابه ڪنهن سان نه ٿِي ملي صورت،

ڪابه ڪنهن سان نه ٿي ملي سيرت،

نه ڪو آواز سان ملي آواز،

نازَ انداز سان نه نازُ انداز،

هٿ لڪيرون به ساڳيون ناهن،

نرڙ جا گهنج ساڳيا ناهن،

هيءُ انسان اشرف المخلوقُ،

تو ته آزاد ئي ڪيو پيدا،

ڪاٺ ۾ پوءِ ٿوپوي مولا!

ڳٽَ ڳچيءَ منجهه، پير منجهه ڪڙيون،

گئس چيمبرَ ۽ ڦاسِيون، ڦٽڪا،

هيءُ ڌاڙا، ڦرون ۽ ريپ، اغوا،

سي به انسان جي هٿان مولا!

 

هيءُ جي کنڊَ_ اکنڊَ ڍرتيءَ تي،

۽ اُنهن منجهه ڏيهه اي ڏاتار!

پاڻ ۾ کير کنڊ شال هجن!

سنڌ ساڻيهه پڻ انهن مان ئي_

سنڌ ساڻيهه جو سڳورو آ،

سنڌ ساڻيهه جو سدورو آ!

 

امن ۽ آشتيءَ جو ديس اهو،

رنگ ۽ روشنيءَ جو ديس اهو

حسن ۽ عاشقيءَ جو ديس اهو

هر بکئي لاءِ آهه مانِي جو،

هر اگهاڙي جي لاءِ آهه ويس اهو!

 

اي خداي عظيم، قادرِ ڪُل!

مَرڪندو مُرڪندو رکين اُن کي،

شال اُن تي به ڪو سُڪار ڪرين،

ڏُرت اُن تان ڏڪار کي لاهين!

 

هرڪو پنهنجي وطن کي ٺاهي ٿو،

اُن کي پوڄي ٿو، اُن کي چاهي ٿو،

جانِ قربانُ ٿو ڪري اُن تان،

اُن جي لئه ٿو جِئي، مري اُن تان،

 

1هِندين لاءِ هند جي ساراهه!

سنڌين لاءِ سنڌ جي ساراهه!

هر بشر جي خمير ۾ آهي،

پنهنجي پنهنجي وطن جو چاهه اَٿاهه،

سنڌ ساڻيهه تي به مهر ڪرين،

سنڌين کي به شل ڏيين ساڃاهه،

واهرو آهين، شال وهرَ ڪرين!

 

[2]

هي جتوئي، اُڄڻ ۽ ناريجا،

سامٽيا ۽ سچار ساريجا،

آمڙا، ڄامڙا ۽ جاڙيجا،

جوکِيا، جاکرا ۽ جوڻيجا،

چنڊ ۽ چانگ، سومرا، سورا،

هيءُ لاسي، مَلڪ، ڀنگرَ، لورا،

هي ڪليري، ملاح ۽ کوسا.

 

هي سماٽ ۽ ٻروچ ۽ سّيد،

چانڊِيا، تارڙا ۽ نوحاڻي،

رند، چوهاڻ، شيخ، شاهاڻي،

راڄ راڻا، وساڻ، ڏاهاڻي،

ڪيريا ۽ ڪَلال، قنبراڻي،

هيءُ جهوُ نجهار جُنگ جکراڻي.

 

جَکَرا جَس کرا ۽ جلباڻي،

هيءُ ڪُوپا ڪنڌارَ ڪالاڻي،

هي ٻَٻَر، هي ڪُٻر ۽ تنگواڻي،

نُومڙيا، ڀُرڳڙي، نظاماڻي،

ڌوڙڌويا، ڌچر، ڌماچاڻي،

هيءُ راٺوڙ، رَڄَ راڄاڻي.

جهرڪ ۽ ڪاتيار، بهراڻي،

هي بُليدي ۽ هي بجاراڻي،

هي مري، ڊومبڪي ۽ ملڪاڻي،

هي گياني گيانچنداڻي،

مُکَ تي مُرڪ، اک ۾ پاڻي_

هي ڇُٽا، ڇلڳري، ڇَڇر ۽ ڇُڳير،

هي کرل، بهڻ، ميتلا ۽ جَهٻير_

هيءُ دودا دلير مڙس مٿيرَ.

 

گندرا، منڌار، مسر، ٻانڀڻ،

هيءُ کُهڙا، کٽياڻ، کُهنباٽي،

هي سِرائي، سهاڳ ۽ ساٽي_

ڍول سرِ_ ڇَٽَ، ڍٽَ جا ڍاٽي.

گهانگهرا، گاڏهِي، وڳڻ، ارباب_

هيءُ نيهي نواب نينهن نصاب.

 

ڪانڌڙا، ڀيل، ميگهواڙ، ڀَيا،

ڪاريا، سارِيا يَلائِي، ڀُرٽ،

هي مٽيءَ ڪوڏ اوڏاڏجن شال!

شال تن تي ڀلا ڀلائين ڀال!

 

هي پليجا، پنهوار، پيڃارا،

هيءُ سوچِي سُچيت سونهارا،

هي ٺَڪر، ٺيڪري ۽ ٺاٺارا،

هيءُ ”گلشير تيوڻي“ وارا،

هيءُ رنگريز، هيءُ سونارا_

سانورا ڀُورڙا، اڇا ڪارا،

سنڌڙيءَ ماءُ جا سڀئي پيارا!

 

هي مڱڻهار، ڀَنڊ، ڀَٽ ۽ ڀان،

دائداڻا ۽ درس، دَلَ، ديوانَ_

ڇا چوان آءٌ شانَ تن جا مانَ!

 

هي سنديلا، سَٺيار، سيلاٽا،

هي سِريوال، ساندَ، سولنگي_

نِجِ پِجِ ۽ نبار ۽ نَنگي!

 

هي پتافي، پٺاڻ، پارهيڙي،

هي هڱورا، پرهياڙ، آهيڙي.

هيءُ ساونت رُوپلا ڪولهي،

راوڙا باگڙي، سنگهار، چمار،

پارسي، ڀاٽِيا، ڀُٽا، پرمار_

سُوَڙا، سَت پُريا، سخي سردار.

 

هيءُ جويا، اُٿر، کٽي، کوکر،

هي ڪلهوڙا، ڀٽي، ٽڳڙ، وينجهر،

ناهِيان، ڪُوچڙا، ٻَڙا، ڪيهر،

هي جمالي ۽ مهر ۽ ڏيپر،

هيءُ ڏهراجَ، ڏاهري، جيسر،

هيءُ وريام وِيرَهي وِيسر،

هي سهارڻ ۽ ٻُٽَ، آريسر،

هيءُ تُنيا، حجام، حُر، حبشي،

 

هيءُ قاضي، ڪنڀار، حاجاڻا،

مڱريا ۽ لُهار، لوهاڻا،

هيءُ راهو، ٻَرند، ڦلپوٽا،

هيءُ  لاڙڪ ۽ ميرجت، گهوٽا،

هيءُ گوپانگ، هيءُ پاٽولي_

جن جي ڪَن ۾ پئي، سُتيءَ سان گڏ،

سنڌڙيءَ ماءُ جي مٺي لولي.

 

هي سَريلا ۽ ساهتي، لاڙي،

مارواڙي ۽ ڪاٺِياواڙي،

هي جِهلورا ۽ جهانورا، جهانگي،

هيءُ سوڍا، سنگهار ۽ سانگي،

هيءُ ولهارَ ويڙهه جا وانگي.

 

 

هيءُ اڳڙا ۽ داسڙا، دايا،

هيءُ گولا، گبول، گاروڙي،

کامڙيا ۽ گماڻ، کاهوڙي،

هي چَنڙ، چاوڙا، چنا، چاچڙ،

هيءُ ماڇي ۽ لنڊ ۽ سهتا،

هيءُ اعواڻ، شير شَر، ڏيٿا،

هيءُ بُرفت، سيال ۽ ابڙا

هي ڪهيري، ڪمارِيا، ڇڄڙا،

هيءُ ديدڙ ۽ بودلا، ٻُرڙا،

جانوري، ٽانوري ۽ هي هَڪڙا،

راڄپر، راڄپوت ۽ رکڙا،

هيءُ ٻاگهل، اِنڍڙ ۽ آرائين،

هيءُ آخوند، خاصخيلي، خُشڪَ_

کِل کٿوري ۽ مُشڪ جن جي مُشڪ!

 

هيءُ لاکا، للهنگ، لاشاري،

هي زنگيجا، زئونر، زرداري،

هي شڪاري، پَريٽ پالاري،

هي مهيسر ۽ مگسي، مهمِير،

هيءُ جوڳي، ڪنوٽيا، ڪَنچير_

لال لڄپال هي لکي لکمير.

 

هيءُ ڳنڀير، بوزدار، سما،

هي سميجا، سُڪارِيا سَٺيا،

هيءُ پانڌي، پَهوڙ ۽ پُسيا.

 

هي ڪلوئي، ٻلال، ڪورائي،

هي بروهي، ٻڊام ۽ ڀنڀرا،

هيءُ ميمڻ ۽ بوهري، کوجا،

 

جاڳراڻي، ڏهوٽ ۽ ڏُمرا،

هيءُ ڪوري ۽ هيءُ نوناري.

 

هيءُ رضوي ۽ ڪاظمي، نقوي،

هي قريشي ۽ موسوي، علوي،

هي صديقي ۽ هيءُ انصاري،

هيءُ مخدوم، پير، مير، فقيرَ،

سنڌ جي سَنڌَ سَنڌَ سِڪَ اُڪيرَ،

منهن جنين جي مڙهيل مڻيا آهن،

جي مڻيا سڀڪنهين وڻيا آهن،

اَڄُ ڪلهه جا نه، ڌُر ڌُڻيا آهن_

سِجَ ۽ چنڊ ۽ ستارن جان،

عرش تان فرش تي ڇڻيا آهن،

ڳڻ سندن ڪنهن ڀلاڳڻيا آهن!

 

اڄ سڀن کي اهو سُڻايان ٿو،

هٿ ادب جا ٻڌي ٻڌايان ٿو،

ٿورڙو ڌيان سان سُڻو سائين!

ته ڦٽڻ کان سٺو ٺَهڻ آهي،

ته ٽُٽڻ کان سٺو جُڙڻ آهي،

”جي مُڙياسي جُڙيا“ چيو ڏاهي!

ان سوا ڪوبه ٻيو نه غرض آهي،

بس رڳوا يتروئي عرض آهي:

خونَ سان اُڃ اُجهامندي ناهي،

خونَ سان پاڻ ڀڙڪندي آهي،

خون ڪنهن جو؟ اُهو به پنهنجن جو!

خونُ، جو گرم هو رڳن ۾ ڪڏهن،

خونُ، جيڪو گلاب رنگ هيو،

سنڌ جي سينڌ جو هيو سندور!

خونُ، سو ڪيترو وهيو آهي،

جو انهيءَ ٿَڃِ مان ٺهيو آهي،

سنڌڙيءَ ماءُ جا ڏني آهي!

 

پَرَ متڙيا، نه ڪي اياڻا ٿيو،

ٿورڙو سوچيو، سياڻا ٿيو!

ذاتيون، ڪُڙم ۽ قبيلاهي،

سَڀُ رب جون نشانِيون آهن،

جئن سڃاتا وڃو اوهين جڳ ۾_

گل گلابي جوانِيون آهن،

سڀ سندس مهربانِيون آهن،

هيءُ پاڙا، نکُون ۽ هِي شاکون،

ڄڻ نئين سِڄَ جون هجن باکون!

ڄڻ نئين صبح جون هجن ساکون!

ٿورڙو ڌيان ڌارِيو يارو!

ڀائرو، هي ’پلاند‘ جي نالي،

جا ڪڏهن ڪانه ٿي کَٽي سگهجي؛

دوستو! اهڙي راند جي نالي،

هيءَ رتوڇاڻ، سابه سالن کان،

 

پو به ان گَپَ ۾ گَتل ڇالاءِ؟

امن ۽ آشتيءَ جي ڌرتيءَ تي،

هيءُ مانڌاڻ آ مَتل ڇالاءِ؟

جا هلّيت جو دور گذري ويو،

هو ڏسو ڇهن ئي ڏسائن ۾،

هڪ نئون نُور آهه نسري ويو!

 

ٿورڙيءَ دير لاءِ ويچاريو!

هيءُ جو رَتَ ۾ رتل آهي،

ڇَٽَ تان پَٽَ تي پيل آهي،

سو به ڪنهن ڀيڻ جو ڀرا آهي،

سو به ڪنهن ماءُ جو جگر آهي،

سو به ڪنهن پيءُ جون اکيون آهي،

سو به ڪنهن پريمڪا جي دل آهي،

گهوٽ آهي اُهو ونيءَ ڪنهن جو،

هيءُ جو سِرُ لڻيو پيو آهي،

سو به ڪو سنگ آ ٻنيءَ ڪنهن جو،

ڪلهه جُهليو پيئي اُهو هوائن ۾،

مَهڪ اُن جي هئي فضائن ۾،

ڪنوار سان گهوٽ ڄڻ ته لانئن ۾!

 

 

پل اَپل لاءِ ٿورڙو سمجهو،

ته وطن راڄ ڀاڳ جي هوندي،

اڄ اوهين بي وطن ٿيل آهيو،

کِن اکِنَ لاءِ ٿورڙو پرکيو،

وقت ۽ حالتون تفاضائون،

ڪير ٿو چي اوهين ڪَپُوت آهيو؟

سنڌڙيءَ جا اوهين سَپُوت آهيو!

انڪري ئي اها اپيل آهي،

ٿورڙو صرف ٿورڙو سائين!

عَفِو ۽ درگذر ڪرڻ به سکو!

جيڪڏهن رات آهه اونداهي،

ته ڏِيي جان اوهين ٻرڻ به سکو،

جو سَڙِي پاڻ ٿو سُهائو ڏي!

 

سوچِيو سنڌ واسِيو ٿورو:

اُڀرندي اُلهندي طرف ڪيئي

سِج اُپڙي، لڙي چڪا آهن،

۽ اِنهيءَ بي حصار عرصي ۾،

ڪيتريون عورتون ٿيون رنڙيون،

۽ اڇي کير جهڙيون ڪنواريون،

ڪيتريون هاءِ ٿي چڪيون ڪاريون!

 

اُهي ڳڀرو جوان شهزادا،

جن تي پهرين بهار آئي هئي،

۽ اُها آخري بهار هئي!

 

باک جو ماڪ ۾ ڀنل هي گل،

صبح جو ماڪ ۾ ڀنل هي گل،

صبح جي پهرئين ئي ڪِرڻي تي،

ٺيڪ ڏانڊيءَ مٿان ٽٽل هي گلَ،

اُهي مُک جي چُمڻ جي لاءِ ٺهيا_

رَتَ جي رَڱ ۾ رڱيل آهن،

اُهي جي ڏينهن کان اڇا اُجرا،

تن کي ڪارو ڪيو ويو آهي!

 

ڪيترا گهر سڙي چڪا آهن.

رَکَ تن جي هوا اُڏائي ٿي!

جا ڪهاڻي اها ٻڌائي ٿي،

ته انهيءَ کان اڳي جو سنڌ سڄي،

انهيءَ آڙاهه ۾ وڃي رک ٿي،

سڀ اچو پيٽرول جي بدران،

بڙڪندڙ باهه تي وجهون مِٽي!


1 هِنديان را اصطلاحِ هند مدح سنديان را اصطلاح سند مدح (رومي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com