سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004-3ع

 

صفحو :12

نصير مرزا

 

سدا حيات ڪهاڻيڪار جمال ابڙي کي سلام

 

پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا ڪي ٿورائي موقعا ته سجُهن ٿا مون کي، جڏهن پنهنجي ليکڪ وغيره هجڻ تي فخر محسوس ڪيو هوندو مون!

....۽ پهريون دفعو اُن وقت، جڏهن سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز صاحب سان گڏ فوٽو ڪڍرايو هئم. ٻيو دفعو تڏهن، جڏهن قبله مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن سان هٿ ملائڻ جو شرف حاصل ٿيو هئم. ۽ ٽيون ڀيرو اُن وقت، جڏهن جديد سنڌي افساني ۾ پنهنجي منفرد اسلوب جي خالق جناب جمال ابڙي صاحب سان قاسم آباد حيدرآباد جي ڪنهن بنگلي ۾ ڀاءُ ناشاد معرفت هڪ غير دوستانه ادبي گڏ جاڻيءَ ۾ (غالباً 98ع ڌاري)، ساڻس پهريون ۽ آخري ڀيرو وڃي مليو هئس.

....۽ جمال ابڙو صاحب ڇا ته شاندار انسان لڳو هو مون کي اُن ڏينهن!.....پُرنور چهرو....اڇي ڊگهي سونهاري....چپن تي مستقل نظر ايندڙ مُرڪ ...! ۽ گفتگو ڪرڻ لاءِ چپ جو چوريائين ته سندس مُک مان نڪرندڙ هر اکر، اهڙو ته چٽو ۽ کڙو، جهڙو لاڙڪاڻي جو سڳداسي چانور...صاف ۽ شفاف !

....۽ جمال صاحب اُٿندي ئي مون کان ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا خاندان جي بزرگن ۽ اُن خاندان ۾ پيدا ٿيندڙ قانوندانن، بار ايٽ لا فرخ بيگ مرزا، ايڊوڪيٽ جنرل سڪندر بيگ مرزا ۽ سيشن جج قنبر علي بيگ مرزا۽ سنڌاسيمبليءَ جي سيڪريٽريءَ جسٽس ذاڪر حسين بيگ مرزا جا حال احوال وٺڻ شروع ڪري ڏنا....پوءِ چيائين ”.... فقـه  کڻي ڪهڙو به هجي منهنجو،ميان محمد نصير مرزا... پڪ ڄاڻ ته تو ۽ تنهنجي سڄي ٽنڊي ٺوڙهي واري مرزا خاندان وانگر، تعليمات مون کي به سيدنا امام جعفر صادق عليـه السلام جي ئي ڀانءِ پوندي آهي....“

.....۽ اهڙي روح پرور گفتگو کان پوءِ جمال صاحب دير دير تائين ، پنهنجي دين ڏانهن لاڙي ۽ سنڌ ۾ تصوف جي موضوع تي مون سان ڳالهائيندا رهيا. ۽ ان موضوع تي جمال صاحب ڇا ڇا ڳالهيون ڪيون مون سان.....۽ اُهي ڪنهن ٻئي ڀيري..... في الحال جمال صاحب بابت، نورالدين سرڪي صاحب وٽان مليل هڪ تاريخي معلومات.....

حقيقت ۾ تن ڏينهن ۾ حفيظ شيخ صاحب بابت مون پنهنجو ڪتاب ”اَڇو پکي واءُ ۾ “ پئي سهيڙيو ۽ سرڪي صاحب سان حفيظ صاحب بابت انٽرويو پئي ڪيم، جو وچ ۾ اوچتو ذڪر نڪري پيو جمال ابڙي صاحب جو.

چيائين:”1948_1950ع وارو زمانو هو، جو ڪراچيءَ مان هفتيوار اخبار ’صداقت‘ جاري ڪئي هئي سين. جمال جا پهريان ٻه شاهڪار افسانا ’خميسي جو ڪوٽ‘ ۽ ’پيراڻي‘ مون ئي پهريون دفعو اِن اخبار ۾ شايع ڪيا هئا.....“

۽ ائين ڪندي سرڪي صاحب کي جمال صاحب جي هڪ ٻي ساروڻي به چِت تي پڙهي آئي.

کِلندي ٻڌايائين:”.....ڪو زمانو هو جو جمال اڙٻنگ جَوان هو ۽ آءُ هن کي راڳ ٻڌرائڻ لاءِ ’هوڏانهن ‘ وٺي ويو هئس. ۽ هاڻي ته هو سونهاري رکايو ويٺو آهي ۽ مولود ٿو ويٺو شوق سان ٻُڌي.....“ ايتري ڳالهه ڪرڻ کان پوءِ سرڪي صاحب ٻڌايم: ”ڪجهه سال ٿيا جو جمال جي گهرواري گذاري وئي هئي. مان ۽ منهنجي گهرواري وٽس فاتحه لاءِ وياسين ته گهر ۾ زالن جو ميڙا ڪولڳو پيو هو. مون کي مٿي وٺي هلي جنهن ڪمري ۾ ويهاريائين، ڏٺم ته اُهو ايئرڪنڊيشنڊهو ، ۽ ٿوري جهٽ جو گذري ته ڇا ڏسان..... جمال اُٿي ڪمري جي دري پيو کولي. چيو مانس:ڪمرو ايئرڪنڊيشنڊ آهي، دري ڇو پيو ٿو کولين جمال؟ چيائين: گهر ۾ ختمي واري گڏجاڻي آهي ۽ ثواب لاءِ ’نعت خوان‘ مائي مجلس پڙهڻ لاءِ گهرائي اٿئون. مائيءَ کي اسان وٽ ڪجهه نعتون پڙهي. شام واري فلائيٽ ۾ اهڙي ئي ساڳئي ڪم لاءِ، اسلام آباد پهچڻو آهي.....“ ۽ ايتري ڳالهه ٻڌائڻ کان پوءِ چيائين ته، ”دري انڪري اُٿي کولي اٿم، جو ان خاتون، وپرُ سوز آواز ٻڌڻ جو  اشتياق اٿم....“

 سرڪي صاحب وڌيڪ ٻڌايو پئي ”.....اُن زماني ۾ جمال ابڙي صاحب جا ’صداقت‘ ۾ اِهي افسانا ڇا شايع ٿيا، هر طرف کان آواز اچڻ لڳا....

_ڏسجو ته اهڙا شاندار افسانا لکندڙ هي نوجوان، آهي ڪير؟

۽ بس ان کان بعد ۾، ٿوري ٿوري وقفي سان، جمال جا افسانا ’شاهه جو ڦر‘ ، ’پشوپاشا‘ ، ’رانديڪو‘، ’مان مڙد‘.....وغيره مختلف رسالن ۾ جيئن جيئن يا پڌراٿيندا، سنڌي ٻوليءَ جي جديد افسانوي ادب جو ويو مانُ مٿانهون ٿيندو.....“

۽ سرڪي صاحب پاران، جمال صاحب بابت ٻڌايل اُنهن ڳالهين کي ياد ڪندي، هتي مون کي اڄ جمال صاحب کان اڳ، جديد سنڌي افساني جي پهرين دور وارا بانيڪار/ڪهاڻيڪار ياد اچي ويا آهن؛ نادر بيگ مرزا....امر لعل هڱوراڻي....آسانند مامتواراءِ.....

۽ آگاهه رهجي ته، جمال ابڙو صاحب، جنهن جديد سنڌي افساني جي شاهراهه جو ’مائل اسٽون‘ ڪهاڻيڪار هو، اُها شاهراهه شروع ئي اُنهن ٽن اهم افسانه نگارن جي نالن ۽ سندس لکيل افسانن کان ٿئي ٿي.

عالباً اِهو 32_1931ع وارو زمانو هو، جو امر لعل هڱوراڻيءَ پنهنجو پهريون شاهڪار افسانو لکيو هو_ ”ادو عبدالرحمان“، ۽ اهو افسانو هُن ’مونولاگ‘ ٽيڪنڪ ۾ لکيو هو. ساڳئي ئي زماني ۾ قليچ بيگ صاحب جي سڀ کان وڏي فرزند ۽ شهزادن جهڙي شخصيت رکندڙ نوجوان بار. ايٽ. لا، نادربيگ مرزا وري رومانوي انداز جا افسانا لکڻ شروع ڪيا: ’موهنيءَ جي دل جو داغ‘، موهنيءَ جي فتح‘، ’موهنيءَ جي ڊائري‘، ’مس ڊلين‘، ’سچي محبت‘ ۽ ’عينڪ جو آواز‘ وغيره.

نادر بيگ جا لکيل اِهي سڀ افسانا جديد افسانوي ڍنگ ۾ لکيل، سنڌي ٻوليءَ جا منفرد، ماڊرن ۽ بي مثل افسانا آهن. آسانند مامتوراءِ وري اُنهن ٻنهي افسانه نگارن جي مقابلي ۾ ڳوٺاڻي ماحول جي مشاهدي تي ٻڌل نج نبار سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جي محاوري کي افسانوي نثر ۾ متعارف ڪرايو، ۽ ’شاعر‘ ۽ ’ڳنوارڻ‘ جهڙا طويل خوبصورت افسانا سنڌي ادب کي ڏنا.

جمال ابڙي صاحب جي افسانوي ڍنگ تي پڪ سان ته روسي افسانه نگارن گورڪي ۽ چيخوف جو به پاڇوپيل هو، پر سندس افسانن ۾ تُز سنڌي ٻوليءَ ۽ ٿورن لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪري ڏيکارڻ وارو جيڪو گڻ آهي، ڀانيان ٿو ته اهو ڏانءُ هن صرف آسانند مامتوراءِ جي ئي افسانن مان پرايو هوندو. مثال طور، جن جن پڙهندڙن جمال صاحب جا افسانا ’پيراڻي‘، ’شاهه جو ڦر....‘ ، ’سيڌ‘ ۽ ’فرشتو‘ وغيره پڙهيا هوندا، اُهي مون سان متفق ٿيندا، ته اِهي افسانا رڳو افسانا ئي ڪٿي آهن، سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جا جهڙو ڪر خوني باب آهن.

پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ جمال صاحب اِهي ئي ڪي تيرهن يا چوڏهن افسانا مس لکيا آهن، پر بقول طارق اشرف صاحب ”سندس اِهي افسانا سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل تيرهن چوڏهن سؤ افسانن تي ڀاري ٿا محسوس ٿين.“

اهڙن افسانن جي عظيم خالق جمال ابڙي کان سواءِ، جمال جي نالي وارين ٻن ٻين ادبي شخصيتن کي به، آءُ وڏي اهميت وارو ڄاڻيندوآهيان ۽ اُهي آهن: جمال صديقي ۽ جمال رند.

اُنهن ٽنهين مان بيشڪ ته اڄ ڪوبه حيات ڪونهي، پر ڪير آهي جيڪو ائين چئي سگهندو، ته اِهي سڀ سنڌي ادب جا سدا حيات نالا ڪونه آهن. هر قوم ۾ رواج آهي ته ڪو وڏو ماڻهو جهان مان لڏيندو آهي ته چوندا آهن:

_مرحوم جي وصال سان هڪ دور پورو ٿيو.....

_دروازو ئي بند ٿي ويو.....

_ پويان وڏو خال رهجي ويو.....

”نه“ جديد سنڌي افساني جي بانيءَ جمال ابڙي صاحب جي رحلت تي گهٽ ۾ گهٽ آءُ ته اهڙي اسٽيٽمينٽ جاري نه ڪندس ، ۽ اِهو انڪري جوجمال ابڙو صاحب سنڌي افسانوي ادب جي اونداهي محل ۾ پنهنجي ڏات جو جيڪو ڏيئو باري رکي ويو آهي، اُهو هنوز ٻري پيو. ۽ مون کي پڪ آهي ته جيستائين سنڌي ٻولي زنده آهي، اُهو ٻرندو رهندو.... ۽ جيستائين اهو ٻرندو رهندو، جمال ابڙو صاحب به زنده رهندو.

 

شيخ اياز

جمال ابڙو  _ (ساروڻيون)

 

.....مان جڏهن کان جمال ابڙي کي سڃاڻان، تڏهن کان اڳ ئي هن کي سجده ريزيءَ جو شوق هو ۽ باقاعدي نماز پڙهندو هو. مون ڪڏهن به هن ۾ خطابت يا وعظ جو شوق نه ڏٺو هو ۽ هو اڳ وانگر اڃاتائين پنهنجي مذهبيت ٻئي ڪنهن تي نه مڙهيندو آهي. مان ڀانيان ٿو ته اها ڳالهه هن کي سندس مرحوم والد علي خان ابڙي کان ورثي ۾ ملي آهي. هو ’لکم دينکم وَلِي دين، (تنهنجو دين تو تائين منهنجو دين مون تائين) جو قائل آهي ۽ ڪنهن تي به پنهنجا عقيدا يا نظر يا مسلط نه ڪندو آهي.

بيماريءَ واري عرصي سميت هنن چئن سالن ۾، جي مون ڪراچي ۾ گذاريا آهن، مان سارو وقت تصنيف ۽ تاليف ۾ مصروف رهيو آهيان. جمال مون کي ٻه ڀيرا ابراهيم حيدريءَ جناب شفيع محمد ڄاموٽ، چيئرمن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، وٽ وٺي هليو هو، ڇو ته اُتي مون کي ميربحرن سان ملي”سُر سامونڊيءَ“ جي باري ۾ مواد وٺڻو  هو، جيڪو مان پنهنجي جديد ’سُر سامونڊيءَ ۾ ڪم آڻي سگهان ۽ شاهه لطيف تي جيڪو ناول ”آنءُ تمر فقير“ جي نالي سان لکي رهيو آهيان، اُن ۾ به استعمال ڪري سگهان .پهرين ڀِيري ته ڄاموٽ صاحب اسان جي سامونڊي کاڌي جي پُرتڪلف دعوت ڪئي هئي ۽ ٻئي دفعي توڙي رمضان شريف جو مهينوهو، هُن اسان کي چپو چورو (Snacks) حمرايو هو. مون ميربحرن سان ڪچهري ڪري ڪافي نوٽس ورتا ها، جن ۾ ڄاموٽ صاحب ۽ جمال نهايت دلچسپيءَ سان بهرو ورتو هو.

ٻئي ڀيري جمال پنهنجي پير مرشد الحاج حافظ صاحبزاده پير سيد اختر حسين وٽ وٺي هليو، جو نهايت حليم طبيعت ۽ مروت جو صاحب هو ۽ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ پنهنجي اصل وطن علي پور سيدان، ضلعي سيالڪوٽ مان ڪراچيءَ آيل هو. هُن مون کي پنهنجي ڏاڏي اعليٰ حضرت حاجي حافظ پير جماعت شاهه صاحب تي پنهنجو اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب ’سيرت اميرِ ملت‘ تحفي طور ڏنو.

*     *     *     *     *     *

اسان جمال وٽ لطيف آباد وياسين ۽ جڏهن هُن کي ساري ڳالهه ٻُڌائي سين، تڏهن هُن يڪدم ڇيو، ”جڏهن کان مون هيءَ جاءِ ٺهرائي آهي، تڏهن کان ان جي گيسٽ روم کي کي تالو ڏئي ڇڏيو اٿم. منهنجو اڳ ئي ارِادو هو ته تو پهريون شخص هوندين جو هتي مهمان ٿي رهندين.“ مون هن جي فولادي اکين ۾  ڏٺو ۽ منهنجون اکيون جهُڪي ويو. سندسن وڌيڪ احوال مون ’ساهيوال جيل جي ڊائري‘ ۾ ڏنو آهي. اُن وقت جمال هڪ جج هو ۽ جي پوليس مون کي هن جي جاءِ تان گرفتار ڪري ها ته ممڪن آهي ته هن جي نو ڪري به هلي وڃي ها، پر هِن اِن ڳالهه تي فَلڪ به نه آندي.

مان وائيس چانسلر هوس تڏهن جمال يونيورسٽي سئنڊيڪيٽ جو  ميمبر هو. ميٽنگ کان پوءِ مان، رباني، جمال، سراج ۽ نثار ميمڻ گڏجي ماني کائيندا هياسين. سراج ۽ نثار ميمڻ به سئنڊيڪيٽ جا ميمبرهيا. اُن وقت مون کي شُبو به نه هو ته سِتارا جمال کي نهنڊ به ڏئي سگهندا ڇو ته هن جي گفتار ۽ ڪردار ۾ مون کي اوڻائي نظر نه ايندي هئي. اوچتو هن جي تقدير پلٽو کاڌو. هونءَ ته هن جي زال کي پراڻي انجائنا هئي پر 26_ مارچ 91ع تي جڏهن هُن تي انجائنا جو حملو ٿيو، تڏهن هوءَ ڪارڊيو وئسڪيولر انسٽيٽيوٽ تائين نه پُڄي سگهي ۽ رستي تي گذاري وئي. جمال جي هُن سان ايتري محبت هئي جو هُن مان ڍاپي نه ڍاپندو هو، هُن جي ڪيفيت فارسيءَ جي هيٺئين شعرواري هئي. :

حيف در چشم زدن صحبت يِار آخر شد،

روئي گُل سيرنـﮧ ديديم وبهار آخر شد.

(ترجمو : حيف جو اک ٻوٽ ۾ يار جي صحبت ختم ٿي وئي .گُل جي صورت ڍَوَتي ئي نه ڏٺي هئي جو بهار ويندو رهيو).

جمال کي هُن مان چار پُٽ ۽ ٻه ڌيئرون هيون، پر جمال هُن کي ائين ڀائيندو هو ڄڻ هُن سان هڪ ڏينهن اڳ نڪاح ڪيو هئائين. مان سئمويل بٽلر سان متفق آهيان. هو عشق ۽ خودڪشيءَ کان انڪار نه ٿو ڪري، هو رڳو چوي ٿو ته : ”مرد بدطينت عورتن جي موت تي خودڪشي ڪندا آهن ۽ نرم دل ۽ لائق عورتن جي موت تي پاڻ نه ماريندا آهن.“

مان ڀانيان ٿو ته اها ڳالهه بٽلر سترهين صديءَ ۾ ڪئي هئي، جابلڪل صحيح آهي. نيڪ طينت عورتن جي موت کان پوءِ اُنهن جي ياد گيري زندگيءَ کي تازگي بخشيندي آهي ۽ اُن شيءِ سان پيارو ڌائيندي آهي جنهن سان مرهيات جو پيار هوندو هو. زال جي موت کان پوءِ جمال جي پنهنجي اولاد سان شفقت اڳي کان به وڌي ويئي آهي ڇو ته هن جي زال جو پنهنجيءَ اولاد ۾ ساهه هوند هو. مان جمال جي وڌيڪ ڪردارنگاري اڳتي هلي ڪندس. دراصل جڏهن ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن جمال سان شام ملهائي هئي،[2_مئي 1992ع] تڏهن مون تقرير ڪندي چيو ته هو ته مان جمال جي زندگيءَ جي باري ۾ تفصيل ورتو ۽ ڪيتريون ئي گهڙيون ياد ڪيون جي اسان گڏ گذاريون هيون، پر مون کي والٽيئر جو هڪ قول ياد ٿو اچي:

The Secret of being a bore is to say every- thing.

(ترجمو: هڪ ’بور‘ ٿيڻ جو راز اهو آهي ته جيڪي به اچي، چئي ڏجي)

هي باب اِهو چئي ختم ٿو ڪيان ته جمال جي عُمر لڳ ڀڳ ستر سال اچي ٿي آهي، جو دنيا کان ڪناره ڪش ٿي چُڪو آهي ۽ هر اڳئين دوست سان گرمجوشيءَ سان ملاقات جي باوجود، پنهنجي خاندان سان سارو وقت گذاريندو آهي. سنڌ ۾ ٿيندڙ چڱي ادبي تخليق ۾ هن جي دلچسپي اڃا برقرار آهي، پر پنهنجي ادبي تخليق جو خيال پلي ڇڏيو اٿائين. ڪهڙيون ڳالهيون هُن جي تنهائيءَ کي والارن ٿيو. اهو مان چئي نٿو سگهان.

*     *     *     *     *     *

.....جمال هڪ ڪهاڻيڪار آهي. هن جو زندگيءَ جو تجربو ايترو ته وسيع آهي ۽ هن ۾ انسان شناسي ايتري ته گهري آهي جو جيڪڏهن هُن جو هٿ خراب نه ٿئي ها ته هو ٽالسٽاءِ جيتريون ڪهاڻيون لکي وڃي ها. هُن جو والد مرحوم علي خان ابڙو ايڊيو ڪيشنل انسپيڪٽر (E.I) هيو. اُن وقت سنڌ بامبي پريزيڊنسيءَ ۾ هئي، هو مئٽرڪ ۽ بي_اي ۾ سڄي پريزيڊنسيءَ ۾ پهريون نمبر آيو هو. شروع کان هو مذهبي ماڻهو هو. هن جي پيءُ جو جمال جي مذهبيت تي گهرو اثر آهي. هونءَ مون سان اڪثر اهڙا ترقي پسند دوست مليا آهن، جن سان فريڊرڪ نٽشي جي هيٺين چوڻي ٺهڪي اچي ٿي:

”مان جڏهن ڪنهن مذهبي ماڻهوءَ سان هٿ ملائيندو آهيان تڏهن هٿ ڌوئي ڇڏيندو آهيان.“

هو ڪارل مارڪس وانگر ان ڳالهه ۾ اعتبار ڪندا آهن:”مذهب مظلوم جو ٿڌو ساهه آهي....عوام لاءِ آفيم آهي. “ ۽ مان پاسڪل(Paskal)وانگر چوندو آهيان: ”ماڻهو مذهب کي ڌڪارن ٿا، اُن کان نفرت ڪن ٿا ۽ پوءِ ڏرن ٿا ته اُهو سچو نڪري نه پوي !“

جمال پنهنجي مرحوم پيءُ لاءِ وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن هُن ايم_اي ڪئي تڏهن هُن کان پڇيائون ته ”ڇاٿيندين؟“ جواب ڏنائين ته ”ماستر ٿيندس.“ تنهن وقت ۾ درس تدريس کي عبادت سمجهيو ويندو هو. مان خود پنهنجي هر استاد پيرين پئي ملندو هوس. جمال ٻڌايو ته رحلت کان اڳ جڏهن هن جي پيءُ کي چيائون ته ”ڪلمو پڙهه“ ، ته جواب ڏنائين، ”ڪلمي لاءِ ته سڄي حياتي هئي. هي ته بيڪاريءَ جو وقت آهي ۽ ان ۾ ڪلمي تي عمل نه ٿو ٿي سگهي.“ اهو ٻڌي هن جي وڏيءَ ڀيڻ کيس چيو ته ”ادا! پوءِ به ڪلمي پڙهڻ ۾ ڪوئي عيب نه ڪونهي“ چيائينس ته “ چڱو آنءُ پڙهان  ٿو_ رَبنا اِننا آمنا فغفرلناز ٺوبنا وَقنا عذابِ النار“ (اي منهنجا رب ! تحقيق تو تي ايمان آندم. منهنجا گناهه بخش ۽ باهه جي عذاب کان بچاءِ)“ ، ۽ پوءِ کلي چيائين “ هاڻي ته بس!“ بعد ۾ سڀني پٽن کي سڏي چيائين، ”ماءُ جي عزت ڪجو، گهر مَٺ محبت سان هلائجو ۽ جيڪڏهن اوهان ۾ ڪوئي اختلاف ٿئي ته ڪنهن وچ واري دوست کي ٻُڌائجو“ جڏهن هن جا پُٽ سندس ڪمري کان ٻاهر نڪتا ته اکيون کڻي بند ڪيائين. مون جمال کي انهيءَ مشوري تي توڙ تائين ڪاربند ڏٺو آهي. جمال جي گهري مذهبيت ۽ صوم صلوات جي پابنديءَ جي باوجود مون هن ۾ ڪوئي تعصب نه ڏٺو آهي ۽ ٻئي ڪنهن مذهب يا فرقي لاءِ نفرت ڏٺي آهي.

*     *     *     *     *     *

جمال 1967ع ۾ هارٽ اٽئڪ ٿي هئي ۽ هن جي زال حيدرآباد واري سول اسپتال ۾ پنجاهه ڏينهن هن جي ڀرسان پَٽَ تي سُتي هئي. جمال هُن جي باري ۾ ڳالهيون ڪندي، ڍاپي نه ٿي ڍاپيو. ”اوهان وڃو عهدي ۾ وڏا ٿيندا، اسان وڃون گهٽبا...جڏهن سب جج هُيئهُ ته ننڍي تعلقي ۾ ڊاڪٽر کي گهرائبو هو ته هليو ايندو هو. ڪپڙي لٽي لاءِ بجاجي گهر ايندا ها...هاڻي وڏا آفيسر ٿيا آهيون ته ڇَليون کڻي مارڪيٽ ۾ خريداريءَ لاءِ مان ٿي وڃان....توهان وڃو ٿا وڏا ٿيندا، اسان وڃون ٿا ننڍا ٿيندا“ هوءَجمال کي چوندي هئي.

هر انسان پنهنجو داستان گو پاڻ آهي. هوٻئي انسان جو داستان ايستائين صحيح ٻُڌائي سگهي ٿو، جيستائين اهو هن جي داستان جو حصو آهي. هونءَ ته خود نوشت ئي صحيح سرگذشت آهي، پر ان ۾ پنهنجي عيب فراموشيءَ ۽ پنهنجي ذات جي باري ۾ خوش فهميءَ جو خطرو آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ جو معروضي تجزبو ناممڪن ته نه آهي پر ايترو ممڪن به نه آهي. جمال جي هڪ نياڻي ايتري حساس هئي جو هن کيPsychic چئي سگهجي ٿو. مان جڏهن وائيس چانسلر هوس تڏهن جمال کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنئنڊيڪيٽ تي منهنجي گذارش تي کنيو ويو هو، ڇو ته ٽي ميمبر وائيس چانسلر جي چوڻ تي کنيا ويندا ها ۽ مون سئنڊيڪيٽ لاءِ جمال، سراج ۽ نثار ميمڻ چونڊيا ها ۽ هوٽي سال سئنڊيڪيٽ جي هر ميٽنگ ۾ ايندا رهندا ها. انهن ڏينهن ۾ جمال لئبر ڪورٽ جو جج هو ۽ مان جڏهن ڪراچيءَ ايندو هوس ته هن جي فلئٽ تي ويندو هوس. سندس نياڻي مون کي اوجها بورڊ(Oijha Board ) تي منهنجي باري ۾ ڪجهه ڳالهيون ٻڌايون هيون جي هن يا ٻئي ڪنهن لاءِ ڄاڻڻ نا ممڪن هيون. ائين ٿي لڳو ته عالم ارواح مان هُن سان ڪنهن ڳالهايو ٿي. ڪجهه مهينا پوءِ جمال مون کي ٻڌايو هو ته هن پنهنجي نياڻيءَ کي اوجها بورڊ جي عالم ارواح سان رابطي کان منع ڪئي هئي. جمال چواڻي اهڙي رابطي جا ڪنهن وقت خطرناڪ نتيجا پئي نڪري سگهيا.

جمال جو وڌيڪ احوال تڏهن لکندس، جڏهن شاگرديءَ واري زماني ۾ اسان جي ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿي هئي ۽ ساڳين هاسٽلن ۾  رهيا هياسين.

في الحال مون وٽ اُهو جمال واپس ٿو اچي جنهن سان ننگر پارڪر کان ڇاڇري موٽي رهيا هياسين. هو اڳي وانگر اڄ تائين حيدرآباد جي ڊي_ جي _نيشنل ڪاليج جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جتي هن انٽر ميڊيئٽ تائين تعليم ورتي هئي ۽ ڀارواڻي هڪ ڀيري ليڪچر ڪندي ’ڪلچر‘ لفظ ڪم آندو، جنهن تي جمال چيس ته ڪلچر ڇا آهي؟ ته هن ٿورو سوچي جواب ڏنو:

“When you have learnt all and forgotten it, the residue that remains, is culture.”

(ترجمو: جڏهن اوهان سڀ سکيو آهي ۽ پوءِ اُن کي وساري ڇڏيو آهي، تڏهن باقي جيڪو بچيو آهي سو ڪلچر آهي).

جمال جڏهنِ اها ڳالهه مقتدره قومي زبان جي سرباراهه جميل جالبيءَ کي ٻڌائي هئي ته هن کيس چيوته”مهرباني ڪري اِها ته لکي ڏيو.“

”ڀارواڻي مانجهند جي سيٺين مان هو، “ جمال ڳالهه جو سلسلو جاري رکندي چيو، ”ڏينهن جو فل سوٽ پائيندو هو ۽ شام جو گيڙو رتي الفي پائي، يڪتارو هٿ ۾ کڻي ڦليليءَ جي ڪناري تي ويندو هو. اُن وقت مها سڀائي ۽ جن سنگهي تحريڪ شروع ٿي هئي. مسلمان هيرآباد ۾ شام جو گهمڻ لاءِ نه نڪرندا ها، باقي عاملياڻيون اِسڪرٽ پائي گهمڻ نڪرنديون هيون....“

*     *     *     *     *     *

”.....مان جمال جي باري ۾ اهو ته چڱيءَ طرح ڏسي چڪو آهيان ته هن ۾ دورنگي، دغا ۽ منافقي بنهه ڪانه آهي، جيئن مون پنهنجن اڪثر دوستن ۾ ڏٺي آهي. هو ڪم گو ضرور آهي پر صاف گوبه آهي ۽ للي چپيءَ ۽ اگر مگر مان هرگز نه ڄاڻي. حجاب يزديءَ جو هيٺيون پارسيءَ ۾ شعر مون سان ٺهڪي اچي ٿو:

زدوستانِ دو رنگم هميشه دل تنگ است

فدائي همتِ آن دشمني که يک رنگ است

(ترجمو: منهنجي دل تنگ ٿي پئي آهي اُنهن دوستن مان جي دورنگا آهن، مان ته اُنهيءَ دشمن جي همت تي فدا آهيان جنهن ۾ يڪ رنگي آهي).

جمال ته نه رڳويڪ رنگ آهي پر دوست به چڱو آهي، مون ساريءَ زندگيءَ ۾ هُن کي ڪڏهن به سانڊي وانگر کل بدلائيندي نه ڏٺو آهي، جڏهن ته اها اڄ ڳالهه عام آهي. [”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“، مختلف صفحا]

 

مهربان لکندڙن لاءِ ڪجهه گذارشون

 

مواد ۾ ڇپيل راين، تجزين، نتيجن ۽ علمي فڪري زاوين جي سموري ذميواري مانوارن ليکڪن جي هوندي. سندن راين کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي راءِ نه سمجهڻ کپي.

پنهنجون تخليقون موڪلڻ وقت ”مهراڻ“ جي معيار ۽ روايتن کي خيال ۾ رکڻ کپي ۽ اِها خاطري ڄاڻائڻ لازمي آهي ته اُهي اڻڇپيل آهن ۽ ڇپجڻ لاءِ ڪنهن به رسالي يا اخبار کي نه موڪليل آهن.

ترجمي جي صورت ۾، جتان مواد ترجمو ڪيو وڃي، اُن صل لکت جي صاف فوٽو ڪاپي ساڻ موڪلڻ بيحد ضروري آهي. ان طرح واضح حوالو پڻ ڄاڻائجي، جتان اهو مواد ترجمو ڪيو ويو آهي.

فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ پهتل مواد ڪنهن صورت ۾ قبول ڪونه ڪيو ويندو . ان طرح ڪاغذ جي ٻنهي پاسن تي لکت پسند ڪانه ڪئي ويندي.

مواد پڙهڻ لاءِ سمجهه ۾ ايندڙ صاف سُٺن اکرن ۾، مس مان، فل اسڪيپ ڪاغذ تي لکيل هئڻ گهرجي. آخر ۾ پنهنجي ائڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي. فون نمبر، فئڪس، اي ميل هجي ته اُهو به لکجي.

پنهنجي مواد جو نقل پاڻ وٽ ضرور رکڻ کپي. ادارو آيل مواد موٽائڻ لاءِ ٻَڌل نه رهندو.

ايڊيٽر کي مواد ۾ ضروري درستين ۽ گهربل ڦيرڦار ڪرڻ جو پورو اختيار آهي. البت ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته جيئن ليکڪ جو مخصوص اُسلوب ۽ مواد جو اصل مفهوم قائم رهي.

نظرثاني کان سواءِ تڙ تڪڙ ۾ رهڙي موڪليل مواد جي ڪري هڪ طرف غلطين جو امڪان رهي ٿو ته ٻئي طرف درستين لاءِ بنهه گهڻو وقت سيڙائڻو پوي ٿو. جيتري قدر ٿي سگهي. آخري طرح پورو اطمينان ڪجي ته مواد صاف ۽ واضح، مڪمل ۽ صحيح آهي.

اهو ضروري ڪونهي ته ڪوبه مواد بروقت شايع ٿي وڃي يا ضرور ڇپجي. چونڊ ۽ اشاعت جي باري ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري  سمجهيو ويندو. نه ڇپجڻ جي حالت ۾، سبب ڄاڻائڻ لاءِ ايڊيٽر ٻڌل نه رهندو.

 

جمال ابڙو

[بايو ڊيٽا]

 

٭نالو:جمال الدين ابڙو

٭والد جو نالو: علامـه علي خان ابڙو

٭پيدائش جي تاريخ:2_مئي 1924ع(27رمضان)

٭ڳوٺ:سانگي، تعلقو ميهڙ (تڏهن ضلعو لاڙڪاڻو)

٭پرائمري تعليم: ڳوٺ منگواڻي تعلقو ميهڙ ۽ ميونسپل پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو

٭ هم ڪلاسي دوست: الله بخش ”انيس“ انصاري، دوست محمد ابڙو، عباس شيخ، آنندلال تولاڻي ۽ ٻيا

٭هاءِ اسڪول:گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو (39_1935)نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد (40_1939)،گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول ميرپورخاص (41_1940)

٭مئٽرڪ:1941(بمبئي يونيورسٽي)

٭ايل ايل بي: 1948، شاهاڻي لا ڪاليج لاڙڪاڻو (يونيورسٽي آف سنڌ)

٭رانديون:ڪرڪيٽ، ٽينس ۽ بيڊمنٽن، شطرنج.

٭لکڻ جي شروعات:گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهائيءَ واري وقت ۾ ئي ”ڪهاڻي“ لکڻ سان ۽ نور محمد هاءِ اسڪول واري زماني ۾ ”مضمون“ لکڻ سان،

٭پهرين ڇپيل ڪهاڻي:”هو حُر هو“ (هفتيوار ”طرفان“ حيدرآباد(1949)

٭ڪاليج:ڊي.جي.نيشنل ڪاليج حيدرآباد (42_1941)

بهاءُالدين ڪاليج جهونا ڳڙهه (43_1941

٭ڊي جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي

٭شاهاڻي لا ڪاليج لاڙڪاڻو،

٭سماجي خدمت: بنگال جي ڏڪر دوران رضا ڪاراڻي شرڪت ۽ خدمت (44_1942)

٭”سنڌي ادبي سنگت“ ۾ سرگرمي:باني ميمبرن مان هڪ، جڏهن پهريون ڀيرو سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ .سنڌي ادبي سنگت“ جو ڪنوينشن سڏايو ويو. پوءِ تاج محمد ابڙي سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ سنگت جي شاخ قائم ڪيائين. نواز علي نياز، اياز قادري، هر دلگير، جمال الدين بخاري، انيس انصاري ۽ ٻيا ڪيئي مقامي ليکڪ ۽ ادبي دوست ساڻس گڏ هئا.

٭”سچل اڪئڊمي“ ۾ سرگرمي:باني ميمبرن مان هڪ، جڏهن اُن جي پهرين گڏجاڻي سندس ئي رهائشگاهه ”مخدوم منزل“ خيرپور ميرس ۾ ٿي.1960_1959ع

٭ادبي گڏجاڻيون:”سنڌي ادبي سنگت“ کان اڳ ترقي پسند اديبن جون گڏجاڻيون جيڪي ليسلي ولسن هاسٽل (جناح ڪورٽس) ۾ ٿينديون هيون، اُنهن ۾ حصو ورتائين. حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، سوڀو گيانچنداڻي، رام پنجواڻي، شيخ اياز، عبدالستار شيخ، سائينداد سولنگي ۽ ٻيا اديب شامل ٿيندا هئا.

٭ٻين الاقوامي ڪانفرنس :ائفرو ايشين رائٽرز ڪانفرنس الماتا(تڏهو ڪي سوويت يونين ۾)سيپٽمبر 1974ع، اُن ڪانفرنس ۾ فيض احمد فيض، ڪامريڊ سجادظهير، عطر سنگهه ۽ اُتم به شامل هئا. (ان ڪانفرنس دوران ڪامريڊ سجاد ظهير دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو ۽ فيض صاحب سندس لاش سان گڏ دهلي هليو ويو. فيض جي غير موجودگي ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪيائين.)

٭نوڪري ڪيريئر:ايل ايل بي 1948ع ۾ ڪري لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي ڀاءُ شمس الدين ابڙي سان گڏ وڪالت شروع ڪيائين.

٭51_1949تائين پوليس پر اسيڪيوٽر_ شهداد ڪوٽ

٭52_1951 لاڙڪاڻي ۾ وڪالت

٭1952 ۾ پبلڪ سروس ڪميشن سب جج ڪري چونڊيو.

24_آڪٽوبر 1952 تي کپري ۾ پهرين مقرري. ان کان پوءِ سکر، شڪارپور، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊي الهيار، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مقرريون ٿيون ۽ سيشن جج جي عهدي تائين پهتو.

٭78_1972سنڌاسيمبليءَ جو سيڪريٽري

٭80_1979ليبر ڪورٽ جو جج

٭81_1980ميمبر فيڊرل سروسز ٽربيونل_اسلام آباد

٭82_1981رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ

٭84_1982ليبرڪورٽ جو جج

٭85_1984سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري

٭86_ 1985چيئرمن ائنٽي ڪرپشن ائنڊاِنڪوائريزونگ سنڌ

٭10_اپريل 1986:رٽائر مينٽ

٭ڪهاڻين جا ترجما_روسي، جرمني، اردو ۽ انگريزي (پشو پاشا“ پنجابيءَ ۾)

٭سياست ۾:خاڪسار تحريڪ

٭علمي شرڪت: شروع کان وٺي.سنڌ هاري ڪاميٽي“ ۽ لاڳاپيل پورهيت تنظيمون (شاگرديءَ جي زماني کان وٺي ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي وفات تائين لاڳيتو هاري ڪاميٽيءَ سان دلچسپي ۽ علمي سهڪار)

ڇپيل ڪتاب:

1.”پشوپاشا“ (افسانن جو مجموعو) چار ڇاپا (سڀ کان پهرين ”زندگي پبليڪيشن“ حيدرآباد پاران 1959ع ۾ حميد سنڌيءَ شايع ڪيو.)

2.”جمال ابڙو_ڪهاڻيون، مضمون، شخصيت“ سنڌ ثقافتي کاتو 1992ع

3. آتم ڪهاڻي(چئن ڀاڱن ۾)

_”ڏسي ڏوهه اکين سين“

_”اونهي ڳالهه اسرار جي“

_”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“

_”ايندو نه وري هي وڻجارو“

٭[وفات جي تاريخ :30_جون2004]

 

 

 

 

 

 

 

”.....گهڻن سالن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ سائين پير حسام الدين راشدي صاحب سان ملاقات ٿي. شاندار شخصيت جو مالڪ ۽ پُرڪشش چهرو،پر ڪجهه ملول هو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته کيس دل جو مرض هو ۽ ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو هو. تن ڏينهين دل جا آپريشن ڪونه ٿيندا هئا يا عام نه هئا. ڪجهه ڏينهن بعد ٻڌم ته پير صاحب پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد شاهه راشديءَ ڏي منيلا هليو ويو،جو اُتي سفير هو.ڇهن ٻارهن مهينن کان پوءِ پير صاحب موٽي آيوته ’سنڌ سينٽر‘ ۾(اڳوڻو ميسانڪ لاج)_جنهن جو ڊئريڪٽر نبي بخش کوسو هو،جو ڏاڍو قابل ۽  چالاڪ هو، _ پير صاحب سان ملاقات ٿي. ٻاهر نڪتا سون ته مان، پير صاحب ۽ رباني صاحب، پيرين پيادا پسار خاطر گهمندا گهمندا، ڳائيندڙ هاري وٽان ڦرندا هوٽل ميٽروپول طرف وڃڻ لڳاسون. ڏٺم ته پير صاحب تسبيح جا داڻا ڦيرائيندو ۽ چپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪندو ٿي هليو. مون ڪجهه اتا ڇري انداز ۾ پير صاحب کان پڇيو ته، ”پير صاحب ، هي ڇا؟“ چيائين ته ”جمال صاحب،انهيءَ ته مون کي بچايو آهي. منيلا ۾ به سڀني ڊاڪٽرن جواب ڏيئي ڇڏيو. پوءِ ڪٿان ڏس مليم ته درود شريف جو ورد ڪريان. اهو شروع ڪيم اٿم. اڳي جو پـؤڻو پوندو ٿي ويس، سوهاڻي ٺيڪ ٿيندو ٿو وڃان. ڏس، توهان سان گڏ پنڌ ڪندو ٿو وتان.“ هي الائي ڪهڙو اسرار آهي....؟“

_جمال ابڙو

[”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“ ، ص 127

 

ڇنڊ ڇاڻ

[تبصرو/تعارف/اڀياس/راءِ/تنقيد]

(هن ڪالم لاءِ ڪتاب جون ٻه ڪاپيون موڪلڻ ضروري آهن)

 

پيارن جا پيغام

سهيڙ ۽ ترتيب:عنايت بلوچ، پيشڪش محمد عثمان منگي، اشاعت، ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“،سال 2004ع، صفحا360،ڊيمي سائيز،قيمت 300رپيا، ٽائيٽل ديده زيب، عمدي ڇپائي ۽ سٺو ڪاغذ. سنڌين ۾ پراوا خط پڙهڻ هڪ ’عيب‘ سمجهيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن ڪو پنهنجو وڏو ڏاهو پنهنجا ذاتي خط، سڀني جو پڙهڻ لاءِ پاڻ پڌار ڪري ته اُهي پڙهي، اُنهن مان ڏاهپ جا ماڻڪ موتي ميڙڻ عيب ’ثواب‘ جو ڪم آهي. ادب ۾ ”مڪتوبات“ هڪ اهم صنف آهي، جيڪا خود ۽ دانش کي يڪجا ڪري ٿي. خطن جي هن ڪَٺَ مان ڪجهه ٽڪرا ويچاري ڏسجن:

”هيءُ رنگ جو ڪتاب يادگار رهندو.....وڏيرو زَڪَريو مرحوم چوندو هو ته مُون کي مقام ۾ هلي ڇڏيو ته اوهان کي مڙسن ۽ ڀاڙين جون قبرون سُڃاڻي ڏيان.‘ اوهان جي صوفياڻي قلب ۽ نظر جي مينهن آهي جو ڪَنڊي ڪرڙي تي هڪ جهڙو وسي ويو آهي. مومل کي شاهه صاحب سمجهايو هو ته ’ائين نه وَسَج عام تي جئن مومل! وَسَنِ مينهن‘_ اوهان جو سرٽيفيڪيٽ معنيٰ رکي ٿو، جيڪڏهن سڀ ڪنهن کي ملي ويو ته پوءِ اشراف ڪيڏانهن ويندا؟اُميد ته اڳتي لاءِ، وڏيري زَڪَريي اونگر ڪو سَنڌو ڪندا جو سڃاڻپ ۾ سَولاَئي ٿئي.“

اهو اقتباس ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي اُنهيءَ خط مان آهي، جيڪو پاڻ سائين علي احمد بروهيءَ کي سال 1985ع ۾ لکيو اٿن. اها موٽ آهي بروهي صاحب جي خط جي، جنهن ۾ کين عرض ڪيل هو ته مئڊم نورجهان بلگرامي جي اجرڪ بابت لکيل ڪتاب تي ٻه اکر لکن ۽ انهيءَ ۾ اجرڪ جي تاريخ تي روشني وجهن، جو انهيءَ ڪتاب جي اشاعت سنڌ جي ثقافت کاتي پنهنجي ذمي ڪئي آهي. جواب پڙهي اڻموٽ سائين علي احمد بروهي، تاريخ 14_آڪٽوبر1985ع تي لکي ٿو ته:

”.....اسين وقت جي اهڙي خطرناڪ واچوڙي ۾ وڪوڙجي ويا آهيون، جو پنهنجا پرايا ته گڏ پيا پر خود پنهنجو پاڻ به وساري چڪا آهيون. اڳ، وڌ ۾ وڌ، هرڪو ”خانيءَ خانُ“ هوندو هيو ۽ ڪو ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍندو هيو، هاڻ ته هر هڪ، نفسياتي مريض جيان، پنهنجي ”آپي“ ۾ ئي نه ٿو رهي...اوهان جو اسلام آباد کي چنبڙي پوڻ ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي:پاتال ۾ رهڻ وارن جو پهاڙي چوٽين سان ڪهڙو سهڪار؟ .....اسين فقط ڪراچيءَ ۾ قيام ڪري ويٺا آهيون ته به سنڌ وارا اسان کي پرديسي سڏي، پورو کنگهن به نه ٿا. اوهين ته ڊاڪٽر صاحب! ڀاڳ وارا آهيو، جو اوپرن جي ويڙهي وچ ۾ ويٺي به اسان جي دلين جي اوڏو آهيو.....“مڪتوبارت مڪتوبات جي هن مجموعي ۾ جيڪڏهن خطن کي اهم نقطن ۽ تاريخي واقعن جي لحاظ کان ترتيب ڏجي ها ته سائين علي احمد بروهيءَ جي، ڊاڪٽر صاحب کان پڇيل سوال يا جوابي ڪاروائيءَ جي انهيءَ جملي ته، ”اوهان جو اسلام آباد کي چنبڙي پوڻ ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي“ ، اسان پڙهندڙن جي سمجهه ۾ اچي وڃي ها، جيڪڏهن جنوري 1972ع ۾ محترم مير شاهنواز جان شاهلياڻيءَ سان ٿيل خط وڪتابت لاڳيتو رکي وڃي ها.

شايد وقت جي تنگيءَ سبب ، مرتب محترم عنايت بلوچ، سهيڙ کي جئين جو تيئن سموهيو آهي. سندس ڪاوش جَسُ لهڻي، جو گهٽ وقت ۾ هڪ وڌ ڀلو ڪتاب اسان جي هٿن ۾ ڏنو اٿس.

سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ مرحوم جو هٿ اکرين لکيل خط هڪ خاص سرمايو آهي:”محبتي سلسلي ۾ مزيد پڇڻ جي ضرورت محسوس ڪريو ته ڀلي خط و ڪتابت جاري رکندا. محبت جي ميدان ۾ قدم رکي موٽ ڪانه کائبي .البت احوال جو اهڙو طريقو رکبو جو لال [لعل] به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي. سو اهو طريقو اوهان ازخود اختيار ڪيو آهي.“ [هالا، 10_جولاءِ1985ع، اربع تي لکيل].هن خط ۾ سائين طالب الموليٰ صاحب جن لکن ٿا ته، ”ڪالهه منجهند جو عالم رويا ۾ اوهان سان ملاقات به ٿي.“ علم ۽ عرفان جا هي سرچشما اسان جي اندر جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ ڪافي آهن. سندس خط ، ڊائريون ۽ ذاتي ڪاغذات جمع ڪري، ڇپائي سانڍيا وڃن ۽ پڙهي هيئين سان هنڊايا وڃن.

اهڙيءَ طرح، سائين جي . ايم. سيد جو هٿ اکرين لکيل ٽن سٽن جو مختصرخط:”عزيزم ڊاڪٽر صاحب السلام عليڪم! هڪ خط اڳي موڪليو اٿم، پهتو يانه هي ٻيو موڪليان ٿو. مهرباني ڪري پنهنجي زندگيءَ جو احوال قلمبند ڪري موڪليندا ته عين احسانُ. اُميدته، خوش خرم هوندا.“ [سن، 8_نومبر 1964ع]. احوال مختصر ، مقصد عظيم. هڪ سنڌي ڏاهو ٻئي جو احوال هٿ ڪري، سنڌي ساهت جي آبياريءَ لاءِ ڪيڏو نه آتو نظر اچي ٿو.

_ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

*     *     *     *     *

 جتي منهنجا اوٺيئڙا

مون جڏهن هُن جي جلاوطنيءَ جي پيڙا کي محسوس ڪندي هُن جي احساسن ۽ ڀاونائن کي ڇهندي هُن لاءِ نظم، ”سرحدن جي سُور کان آشنا ماڻهو“ لکيو هو، ۽ جڏهن سندس ڪتاب ”جيون ۽ ساهت “ جي مهورت جي موقعي تي حيدرآباد ۾ پڙهيو هو، تڏهن مون کي اهو احساس هرگز نه هو ته هوءَ اُن نظم کي ٻُڌندي ئي ٻارن وانگي روئي پوندي ! مون کي ته اِها به سُڌ نه هئي ته هوءَ ان نظم کي پنهنجي ’سنڌ_ياترا‘ جي سفرنامي“ جتي منهنجا اوٺيئڙا“ ۾ شامل به ڪندي! ”جتي منهنجا اوٺيئڙا“ جي مهاڳ ۾، تازوئي ديهانت ڪري ويل سنڌيءَ جي هڪ خوبصورت شاعر هري”دلگير“به منهنجي اُن نظم لاءِ جيڪي لفظ لکا آهن، اُهي سچ ته مون لاءِ ڪنهن به ايورڊ کان گهٽ ناهن.

سنڌ ڄائي ريٽا شهاڻيءَ 2002ع جي گرمين جي ٻن هفتن جي ”سنڌ _ ياترا“ وارين يادن کي سوا ٻن سو صفحن ۾ سمويو آهي. ريٽا جڏهن تيرهن سالن جي هئي ته سندس پتا جي علاج سبب سندس خاندان کي حيدرآباد مان بمبئي وڃڻو پيو ۽ اُن دوران ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي جيو واقعو ٿيو ۽ هُو واپس پنهنجن اباڻن ڪکن تي اچي ڪونه سگهيا. اُها تيرهن سالن جي معصوم نينگري 54 سالن کان پوءِ،(جڏهن هوءَ 67سالن جي بزرگ خاتون بڻجي چڪي هئي) تڏهن پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه ڏانهن لڙي! قسمتن جا به عجيب کيل آهن. 54 سالن پوءِ  هن جڏهن حيدرآباد ۾ پنهنجو گهر ڳوليو ته اُنهيءَ ڏينهن جي وارتا کي هوءَ ”ٽاڪا پيئي اُکيلي“ جو عنوان ڏئي ٿي. سندس گهر جي ڪنهن ڪٻٽ تي اُڪريل ”وندري تيجو مل جي هن ڪٻٽ کي جيڪو کوليندو اُن کي پاپ لڳندو“ ۽ ”اوم“ جهڙن لفظن کان وٺي گهر جي اڱڻ، ورانڊي ۽ ڪمرن تائين هن پنهنجي سفرنامي ۾ سنڌ جي ۽ پنهنجن جذبن جي هڪ واضح ۽ دل کي ڇُهندڙ تصوير چٽي آهي.

سنڌ ۾ هوءَ جنهن سان به پل لاءِ به ملي آهي، کيس پنهنجي يادگيرين ۾ درج ڪيو اٿس. جيتوڻيڪ منهنجي مئڊم سان اُنهيءَ خوبصورت شام ۾ ملاقات پنج ڏهه منٽ مس ٿي هئي، پرجن ٻاجهارن لفظن ۾ هُن مون کي ياد ڪيو آهي، اها هن جي مهانتا آهي. هن پنهنجي سڀني دوستن_ ابراهيم جويي، آغا سليم ، حميد سنڌيءَ، امداد حسينيءَ، سحرامداد، تاجل بيوس، شوڪت شوري، ماهتاب محبوب، (زمر، ارم ۽ حسن سميت)، تاج جويي، رکيل مورائيءَ، ولي رام، ڪمليشور، گوري ، پشپا، نصير مرزا، اعجاز قريشي، تاج بلوچ، علي بابا، اياز عالم ابڙي، ڊاڪٽر سليمان شيخ، آغا نور محمد، قاسم ٻگهئي، عبدالله جيسر، اسحاق سميبي دادي ليلا ۽ ٻين جا نه رڳو ٿورا مڃيا آهن، پر وڻندڙ لفظن ۾ کين ياد ڪيو اٿائين ۽ هنن کي ”متر“ ڪوٺيو اٿائين. ريٽا جوهيءَ سفر نامو ٻوليءَ ۽ اسلوب جي حوالي سان به ڏاڍو ڀرپور ۽ مڪمل آهي. مان سمجهان ٿو ريٽا ڪو شڪ ناهي ته هڪ مڃيل ليکڪا آهي پر هن سفرنامي جي مضبوط ٻوليءَ جو هڪ سبب سنڌ ۽ سنڌين سان سندس بي انت ۽ غير مشروط عشق به آهي. پنهنجي پياري سرتيءَ ماهتاب محبوب سان ملڻ واري منظر کي هن اهڙي ته خوبصورت انداز سان چٽيو آهي جو لڳي ٿو ماهتاب محبوب جي ئي ڪنهن خوبصورت ناول جو ڪو دل کي ڇُهندڙ صفحو هجي. ريٽا پاڻ کي ”گنگا“ (سندس ڇٺيءَ جو نالو گنگا آهي) ۽ ماهتاب محبوب کي ”سنڌو“ ڪو ٺيندي لکي ٿي ته: ”مون  کي لڳو نه ٻه نديون اچي پاڻ ۾ گڏيون هجن، ٿوري وقت لاءِ ئي سهي. اُها ڄڻ ته گنگا ۽ سنڌوءَ جي گڏجاڻي هئي، جيڪي شروع ته ساڳئي هنڌان ٿيون هيون، پر ڪن سببن جي ڪري ڪيتري عرصي تائين وڇڙي ويون هيون. نيٺ ڪهڙي ساگر ۾ سامائبيون، اهو چوڻ ڏکيو هو....!“

ريٽا جي فوٽوءَ واري ٽائيٽل جي هن خوبصورت ڪتاب سنڌ ۾ ايڏي مڃتا ماڻي آهي، جو اُهو فوٽو اسٽيٽ ٿي پڙهجي رهيو آهي. البت ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته ريٽا هن ڪتاب ۾ جزوي طرح ڪي اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن. جيڪي لکڻ کان پرهيز ڪجي ها. هر ماڻهوءَ جي پسند نا پسند جا معيار ٿين ٿا. ٿوري گهڻي خلش ۽ اڻ وڻندي ته هر هنڌ هوندي ئي آهي. ريٽا ڪجهه  ذاتي ڳالهيون به لکي وٺي آهي، انڪري ٿي سگهي ٿو ته انهن سان ڪن دوستن کي ڳالهه نه وڻندي هجي.

مجموعي طرح هن ڪتاب جي تعريف ۾ لاڳيتو تبصرا ٿيندا رهيا آهن، پر گهڻن جو خيال آهي ته ريٽا شهاڻيءَ رومال ۾ ويڙهي گهڻو ڪجهه چئي ويئي آهي.

ماهوار ’ڪونج‘ جي ايديٽر هري موٽواڻيءَ (جنهن هي ڪتاب ڇپايو آهي) لکيو آهي: ”جتي جنم ڀومي پراڻن کان پياري آهي. پهريون وچن رامائڻ ۾ آهي، ٻيو شاه لطيف چيو آهي. ڪوبه سنڌي جتي به رهندو هجي. ان جو اصل وطن سنڌ آهي. روهاڱي بعد جڏهن به ڪو سنڌي سنڌويو آهي، ته تيرٿ يا ترا ڪري آيو آهي.“

سوا ٻه سو صفحن تي مشتمل ڪونج پبليڪيشن بمبئي پاران ڇپايل هي خوبصورت ٽائيٽل وارو ڪتاب سنڌ ۾ اڻلڀ آهي.     _زبير سومرو

 

*     *      *      *      *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com