سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004-3ع

 

صفحو :13

فتوح الغيب

 

تصوف جي موضوع تي مختلف ٻولين ۾ ڪافي ڪتاب لکيا ويا آهن، انهن مان هڪ عظيم الشان ڪتاب.فتوح الغيب“ جي نالي سان گهڻو مشهور آهي.اصل ۾ هيءُ ڪتاب عربي ٻوليءَ ۾ انهن اسي علمي وعظن ۾ عرفاني حقيقتن جوهڪ گڏ ٿيل نوراني مجموعو آهي، جيڪي غوث الثقلين محبوب سبحاني پيران پير حضرت محي الدين ابي محمد عبدالقادر الحسني الحسيني جيلاني رحمـﺔالله عليـﮧ جن مختلف مجلس ۾ ارشاد فرمائيندا رهيا. هر وعظ کي ڪتاب ۾ ’مقالي‘ جو نالو ڏيئي علحده رکيو ويو آهي. ان ريت هيءُ ڪتاب 80 مقالن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ معرفت ۽ وحدانيت، الله جي راهه ۾ ’استقامت ۽ مخلوق کان مقطع ٿيڻ جي حقيقت ، صبر ۽ رضا جو مقام ، زهد ۽ فقر ۽ سلوڪ جي راهه ۾ فنا ۽ بقا جهڙن نازڪ ۽ اهم مسئلن تي مثالن ۽ مشاهدن سان سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. اُن کان سواءِ تصوف جي ٻين مشهور بابن :جهڙوڪ قضا ۽ تقدير تي راضي رهڻ، قناعت، قُرب، تقويٰ، شڪر، محبت، قبض ۽ بسط ۽ دُعا جي آداب وغيره کي بيان ڪيو ويو آهي. الله جي تو حيد کي هر هنڌ اهميت ڏني ويئي آهي. مطلب ته هن ڪتاب ۾ مذهبي مسئلن کي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ تصوف جي ميٺاج سان اهڙي نموني ته بيان ڪيو ويو آهي، جو ڪوبه پڙهڻ وارو متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو رهي سگهي. ”فتوح الغيب“ ۾ ڪتب آندل ٻوليءَ جو هي انداز آهي جو هڪ مشهور انگريز مستشرق، ’مارڪوليٽ‘ پنهنجي لکڻين ۾ ٻولي جي فصاحت بلاغت ۽ ان جي باثير جو وڏي ساراهه سان ذڪر ڪيو آهي.

هن ڪتاب جو ڪافي شرحون لکيون ويون آهن، جن مان محدٽ شيخ الحق دهلويءَ جي فارسيءَ ۾ لکيل شرح ”مفتاح فتوح الغيب“ جي نالي سان وڌيڪ مشهور آهي. اهڙيءَ طرح ان ڪتاب جا ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما به ٿي چڪا آهن.

تازو عثمانيـﮧ لائبريري، ڪنڊيارو، جي روح روان ميان محمد عثمان عباسيءَ جي ڪاوشن سان ، ننڍي کنڊ جي مشهور ديني شخصيت سيد السالڪين حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رحه جو لکيل اُن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڇپيو آهي. بزرگ صاحب جن سنڌي ٻوليءَ جا ماهر ۽ اديب هئا. ان ڳالهه جو دليل سندس قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو آهي.

”فتوح الغيب“ ڇپرائڻ سان سنڌي ادب ۾ يقيناً هڪ گرانقدر واڌارو ٿيو آهي. ان کان سواءِ تصوف جي موضوع تي هيءُ ڪتاب معلومات جو هڪ املهه ذريعو آهي. هن ڪتاب جي پڙهڻ سان نه رڳو تصوف جي مسئلن جي ڄاڻ حاصل ٿيندي، پر ان سان گڏو گڏ حضرت محبوبن سبحاني رح جو سلوڪ جي راهه ۾ سندس اعليٰ مقام به معلوم ٿيندو ته پاڻ ڪهڙي رتبي جا مالڪ هئا.

افسوس سان ظاهر ڪرڻو پوي ٿو ته ڪتاب ۾ هر مقالي جي شروعات ۾ اصل ڪتاب هي هڪ اڌ سٽ ۾ جيڪا عربي عبارت ڏني ويئي آهي، ان جي ڪابه پروف ريڊنگ نه ڪرائي ويئي آهي، انڪري عربي عبارت نه رڳو اعرابي غلطين سان ، پر ان سان گڏوگڏ لفظي غلطين سان پڻ ڀريل آهي. ان کان سواءِ سنڌي مواد به ساڳيءَ ريت پروفن جي غلطين کان پاڪ نه آهي.

_عبدالحڪيم پٺاڻ

”.....تن ڏينهن ۾ سنڌ مدرسي جو پرنسپال هڪ انگريز مسٽر وائينس هوندو هو. بابا توڙي ٻيا سڀ سندس تمام گهڻي تعريف ڪن ٿا. بابا ته سندس پسنديده شاگرد هو جو هميشه پهريون نمبر کڻندو هو. تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جا شانائتا ماڻهو شاگردن جي همت افزائي ڪندا هئا ۽ کين نصيحتون ڪندا هئا. سيٺ چاڳلا ۽ ڄام مير مقبول خان آف لسٻيله وٽ بابا جي اچ وڃ هئي. ڏاڏو سائين ڪراچي آيو ته ٻڌايائين ته ڪراچيءَ ۾ هڪ موٽر ڪار آئي آهي جا ڪَل تي هلي ٿي ۽ ماڻهو ان ۾ سواري به ڪن سوچيو ته سڄي ڪراچيءَ ۾ فقط هڪ موٽر ڪار! شام جو ڏاڏو سائين ۽ بابا سيٺ وٽ ويا. سيٺ نه رڳو موٽر ڪار ڏيکارين جيئن ڏاڏي سائينءَ جو مقصد هو پر ڪار ۾ چاڙهي کين گهمائين به. پوءِ ڏاڏي وڃي ڳوٺ ڳالهيون ڪيون ۽ ماڻهو وات ۾ آڱر وجهي ”بلي انگريز پلي“ ڪرڻ لڳا. انگريز جو ڌاڪو هو.کين سڏيندا هئا صاحبلوڪ ۽ ليڊيءَ کي منڊم. سندن وڏي عزت هوندي هئي. انصاف ۽ قاعدي جا ته ڪوڏيا هئا. مجال اڄو ڪو وڏو زميندار يا جاگيردار ڪنهن جو حق ماري يا ظلم ڪري لڪندا وتندا هئا. ملڪ ۾ امن امان ۽ انصاف جو بول بالا هو. اڄ تائين ماڻهو کين ياد ڪن ٿا. چي سائين ’حڪومت ڪري ته انگريز ڪري، شينهن ٻڪري گڏ چاري ڇڏيائين.....“

_جمال ابڙو

[”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ص 50]

”ماڻهو مڻيادار“_1

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

سائين قاضي سچيڏني جي ياد ۾

 

آءُ آمريڪا ۾ پنهنجي اعليٰ تعليم پوري ڪري ، مئي 1949ع ۾ واپس سنڌ آيس. نوڪري نه ملڻ ڪري تيرهن مهينا واندڪائيءَ وارو عرصو سنڌ کي ڏسڻ پسڻ ۾ گذريو.1950 ۾ وفاتي وزارت داخله ۾ نوڪري ملي ۽ 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آيس. ٻنهي جاين تي سڄو توجهه ڪم تي رهيو، پر فراغت وارو جيترو به وقت ٿي مليو سو سنڌ بابت سوچڻ ۽ سنڌ کي  سمجهڻ تي صرف ٿيو. اهڙي مطالعي لاءِ سڄڻن ساٿين، يارن مددگارن جي ضرورت محسوس ٿي. اڃا ڄاڻ سڃاڻ گهٽ هئي ۽ اعليٰ عهدن وارن سرڪاري آفيسرن سان سڃاڻپ جي ضرورت محسوس ٿي، جن جي مدد سان جيڪر سنڌ جي هر ڀاڱي کي ڏسڻ ۽ اتان جي سگهڙن سياڻن  سان ملڻ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. ان سلسلي ۾، سنڌ جي اعليٰ عهدي وارن علمدارن مان پهريون جناب قاضي سچيڏنو صاحب هو، جنهن پنهنجي ذهانت، تدبر، ملڪ جي ڀلائي ۽ سنڌ قاضي سچيڏنو مرحوم دوستيءَ واري جذبي سان مون کي بيحد متاثر ڪيو: بلڪه پنهنجي پيار سان مون کي پنهنجو دل يار بنائي ڇڏيو.

ملڻ جو پهريون موقعو جنهن ۾ وڌيڪ آشنائي ٿي، لاڙڪاڻي يا جيڪب آباد واري سنڌي ادبي ڪانفرنس هئي. قاضي صاحب ڪليڪٽر (ڊپٽي ڪمشنر) جي عهدي ٿي فائز هو. اُن وقت تائين اڃا وڏن آفيسرن جي انگريزن جي دور واري هيبت باقي هئي ؛ مختيارڪار به اڃا همت ۽ حشمت وارا هئا. ڪليڪٽر ته مڙني ۾ مٿانهان هئا، باوجود اُن جي قاضي صاحب شايد منهنجي مقالي کان متاثر ٿي، يا هڪ نوجوان جي قدردانيءَ خاطر، مون سان اچي مليو ۽ مون سان گڏ ويهي رهاڻ ڪئي. سنڌ بابت تحقيق واري منهنجي مشغلي کي نهايت پسند ڪيائون ۽ اُن لاءِ پنهنجي مدد ۽ معاونت جي خاطري ڏنائون.

اُن وقت سنڌ جي تاريخي ماڳن کي ڏسڻ ، سياڻن سگهڙن سان ملڻ ۽ سنڌ جي هُنر حرفت کي سمجهڻ جو شوق هو، ۽ پڻ ٻين کي سنڌ جي سونهن سان متعارف ڪرائڻ طرف توجهه هو. مرڪز جي مالي سيڪريٽري مسٽر ممتازحسن سان محبت هئي، جو هن صاحب کي سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب سان به لڳاءُ هو. چوندو هو ته اسان جا وڏا اصل سنڌ ۾ منصوره شهر جا هئا. هن کي سنڌ ڏسڻ جو شوق هو. ڊاڪٽر فضل احمد خان آثار قديمه کاتي جو ڊائريڪٽرهو، جنهن سان دوستي هئي. هن کي به سنڌ جي تاريخي ماڳن ڏسڻ جو شوق هو. آءُ سڀني جو سونهون ٿي هلڻ لاءِ تيار ٿيس، پر ٻاهر انتظام جي ڪاميابيءَ لاءِ سهاري جي ضرورت هئي ۽ اهو سهارو سائين قاضي سچيڏني صاحب کان مليو. پاڻ نوابشاهه جا ڪليڪٽر ٿيا ۽ اُن کان پوءِ سانگهڙ جا. ٻنهي جاين تي سندن بنگلا منهنجي آندل مهمانن جي طعام ۽ قيام لاءِ موجود هئا.

ڊاٽڪر فضل احمد خان (F.A Khan) ۽ آءُ نوابشاهه توڙي سانگهڙ ۾ ٻن ٻن راتين تائين قاضي صاحب جا مهمان ٿي رهياسون. ٻنهي ضلعن جي تاريخي آثارن کي ڏسڻ لاءِ قاضي صاحب جن طرفان هر سهولت لاءِ انتظام ٿيندو هو. انهيءَ سنگت ۽ سلسلي جو وڏو اثر ٿيو . ڊاڪٽر صاحب جي مهربانيءَ سان سنڌ ۾ آثارن جي سنڀال لاءِ ’حيدرآباد ريجن‘ جدا طور قائم ٿيو ۽ ان لاءِ سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو. شهر منصوره جي کوٽائيءَ جو سلسلو قائم رهيو. هالا لڳ ’ڪوٽ ٽالپور‘ (خداآباد) وارو تاريخي قبرستان ۽ سنجهوري تعلقي ۾ ’قبامير شهداد‘ مقام ٻئي محفوظ آثارن ۾ شامل ٿيا.

سنڌ ۾ هنر حرفت جي مطالعي ۽ اڌاري لاءِ مالي سيڪريٽري محترم ممتاز حسن وڏو بهرو ورتو . هڪ ڀيرو سندس مشوري سان ، ڪراچيءَ مان دانشورن جي هڪ وفد کي اندرون سنڌ گهمائڻ جو پروگرام رکيو ويو. قاضي صاحب اُن وقت سانگهڙ جو ڪليڪٽر هو. صلاح ڏنائين ته اوهان صبوح جو ڪراچيءَ مان نڪرو ۽ ڀنڀور ۽ ٺٽو ڏسندا، حيدرآباد مان ٿيندا، شام جو جمڙائو واهه تي دلور جي آبپاشي باغ ۽ بنگلن تي پهچو، جتي رات جي رهڻ جو انتظام هوندو. صبوح جواوهان منصوره جا کنڊرات ڏسو ۽ منجهند جو اسان وٽ سانگهڙ پهچو جتي اوهان لاءِ دعوت هوندي. ائين اهو علمي دورو ڪامياب رهيو. سانگهڙ جي دعوت ۾ قاضي صاحب جن ٻين معززن کي به سڏيو، تن ۾ اُتي جو نوجوان زميندار محمد خان جوڻيجو به شامل هو.

ٻئي ڀيري محترم ممتاز حسن سنڌ جي مقامي ڳوٺاڻي هنر حرفت ڏسڻ لاءِ چيو. قاضي صاحب جن سان صلاح ٿي ۽ سانگهڙ ۾ ضلعي سانگهڙ جي دستڪارين ۽ هنرن جي شاندار نمائش ٿي. ممتاز حسن صاحب خاص طرح پاڪستان جي (پهرئين) ڊائريڪٽر مسٽر زاهد حسين کي وٺي آيو ته بئنڪ طرفان مقامي هنر حرفت جي سڌاري واڌاري لاءِ قدم کنيا وڃن. مسٽر زاهدحسين نهايت متاثر ٿيو ۽ پنهنجي تقرير ۾ نيشنل بئنڪ طرفان پنجاهه هزار روپيا قرض حسنه طور ڏيڻ جو اعلان ڪيائين ته مقامي طور ڪو ماڻهو اُنهن دستڪارين کي تجارتي بنياد تي زور وٺرائي. رات جو موسيقيءَ جي محفل ٿي. مسٽر ممتاز حسن اُن لاءِ خاص طرح شاعر حفيظ جالنڌري ۽ ڪن ٻين اديبن کي پاڻ سان وٺي آيو هو. اُن وقت اڃا ناري جا ڪي ناڙي، جهڙو غازي جُهلڻ، آدم خاصخيلي ۽ منگهن خاصيخيلي موجود هئا، تن اُهي ته گُر، ڦوڪون ۽ ڪَٺَ وڄايا جو هڪ نئين رنگ واري موسيقيءَ جي محفل مچي ويئي. غازي جُهلڻ جي عمر اُن وقت اٺونجاهه سال هئي. ڏاڙهيءَ کي ميندي، وار پَٽُئان ۽ پٽڪو سُهڻو ! پر اُن کان وڌيڪ سندس منهن ۾ وڏي ڏيا ۽ ڳوٺاڻي معصوميت وارو جلوو هو. پڇڻ تي چيائين ته: ”اسين پاڳاري جا مريد آهيون.“ مسٽر ممتاز حسن اهو ٻڌي مسٽر زاهد حسين کي چيو ته :”جناب! حُر ايسي هوتي هين“. پوءِ غازي جُهلڻ کان پڇي ساڻس پنهنجي ياريءَ جو اعلان ڪيائين. قاضي صاحب جن وٽ سندس بنگلي ۾ اها محفل متل هئي ۽ گهڻو پوءِ به اُن جو ذڪر ٿيندو رهيو. مسٽر ممتاز حسن پنهنجي ياري نڀائي. غازي جُهلڻ گذاري ويو ۽ مون جڏهن اها خبر کيس ٻڌائي ته محسوس ٿيو ته واقعي کيس ڏک ٿيو. مون کي پنج سو رپيا ڏنائين ته غازيءَ جي پڪي قبر ٻڌايان ۽ اُن تي ڪاشيءَ ۾ سندس نالو لکايان. اهوڪم مون منگهن خاصخيلي جي حوالي ڪيو، جنهن پورو ڪيو ۽ اها خبر مون ممتاز حسن صاحب کي ٻڌائي ته خوش ٿيو.

اُنهن محفلن جي ڪري ، جيڪي سائين قاضي سچيڌني صاحب جي محبت ۽ شفقت جي ڪري قائم ٿيون، ممتاز حسن صاحب سان پنهنجو ناتو وڌيڪ پڪو پختو ٿيو. مون هڪ ڀيري کيس چيو ته سنڌ جي عالمن جا عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب قلمي صورت ۾ موجود آهن، اُنهن کي نه ڇپايو ويو ته ضايع ٿي ويندا. فوراً مدد جو وعدو ڪيائين. مون پوءِ اسڪيم تيارڪئي ۽ پنهنجي ٻئي ڪرمفر ما ڊاڪٽر امداد حسين کان، جيڪو اُن وقت انچارج ايڊيوڪيشنل ايڊوائيزر هو، سفارش ڪرائي وزارت تعليم طرفان وزارت ماليات کي پيش ڪئي ۽ ممتاز حسن صاحب چار لک رپيا گرانٽ منظور ڪئي. اُنهيءَ گرانٽ سان ئي پوءِ سنڌي ادبي بورڊ طرفان اِهي قلمي ڪتاب ڇپيا. مسٽر ممتاز حسن پوءِ نيشنل بئنڪ جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ته سنڌ ۾ گهمڻ شهرن ۾ بئمڪ جون شاخون قائم ڪيائين ۽ پڻ سنڌ جي نوجوانن کي ٻنهي شاخن ۾ نوڪريون ڏنائين. اِهي سڀ ڪاميابيون سائين قاضي سچيڏني سان منهنجي نياز مندي، رفاقت ۽ سندس محبت ۽ معاونت سببان ٿيون.

”ڳالهيون پيون ڳڻجن،مردن جون مَل چئي“

(مَل محمود پلي)

 

 

”سوز “ هالائي

 لالڻ لوءِ لڏي ويا...!

(سينگار علي سليم جي ياد ۾)

 

14_آگسٽ2004ع تي، جڏهن ملڪ جا ماڻهو جشن آزاديءَ جون خوشيون ملهائي چڪا هئا ۽ رات ٺري هئي، تڏهن سنگيت نگر جي هڪ گهر ۾ ماتم مچي ويو ۽ نو‎ حا اوساريا ويا هئا ۽ پوءِ هوائن ۾ اِها خبر اُڏاڻي ته ”سنڌ_سينگار“، سينگار علي سليم لاڏاڻو ڪري ويو. انالله واِنا اليـﮧ راجعون.

۽ اها خبر جڏهن منهنجي سماعت تائين پهتي هئي ته سچ پچ ائين سمجهيو هوم ته سنگيت وديا جو ڪو سنپورڻ راڳ وڇڙي ويو آهي يا سنگيت جي ستن سُرن مان سُر نکاد جداٿي ويو آهي.

سينگار علي سليم جون ڳڻن ڀريون ڳالهيون ڳڻيندي ياد ٿو اچيم ته هو ستر ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سچل سائين، بيدل فقير، سائين لال حسين شاهه سوز ۽ ٻين صوفي شاعرن جون کوڙ ساريون ڪافيون کڻي ڳائڻ ۽ رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ آيو هو، پر پهرين کيس اردو گيت ۽ غزل لاءِ موزون سمجهيو ويو. سينگار جيئن ته صوفي منش ڳائڻو هو، تنهن جو گيت ۽ غزل مان روح نه ريجهيو، سو اُنهن کي نوحه خواني، قصيده خواني ۽ منقبت وغيره لاءِ مخصوص ڪري مڪانن ، درگاهن ۽ اوطاقن جي موسيقيءَ ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيائين.

سينگار علي سليم جي سريلي آواز ۾ صوفي شاعرن جون دلپذير ڪافيون جڏهن هوائن ۾ گونجيون ته اصل واهه واهه لڳي وئي ۽ اهڙيءَ طرح سينگار پنهنجي پاڻ کي سدا_رنگي گائڪ طور مڃرائي ورتو ۽ جڏهن سينگار جي سُرن جون صدائون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پهتيون تڏهن اُن وقت جي موسيقي شناس پروگرام پروڊيوسر مسٽر غلام حسين شيخ کيس ’ڪافي ڪلام‘ لاءِ رڪارڊ ڪيو ۽ پهرئين کيپ ۾ ئي سينگار جون اجهو ههڙيون روح پرو ڪافيون رڪارڊ ٿيون.

1_آيا اڱڻ عجيب نصيب ڀلا          (لال حسين شاهه)

2_مئه مينا جي درڪار نه آ           (لال حسين شاهه)

3_ آيا ڪين مارو وساريون وطن کي  (ريجهل شاهه)

4_ڪيها يار پريم لڳا پا اي....                       (بيدل)

5_جاڳو حاڳوڙي جيڏيون...            (لال حسين شاهه سوز)

ٻي کيپ ۾ سندس اِهي ڪافيون به رڪارڊ ٿيون:

1_برسي بوند بهار....                 (غلام شاهه)

2_توبن رين وهاڻي....                 (مصري شاهه)

3_آئون وريو نه ٿي وران....            (مصري شاهه)

4_ تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان      (علي نواز ناز)

5_ڪڏهن تنهنجي وارن....            (وفاپلي)

6_ڪيا سنگ سانوڻ وري....          (عبدالڪريم پلي)

7_وڌي وييون دل جون پريشانيون      (لال حسين شاهه)

8_ ڪيڏو به کڻي مان دور وڃان....   (امداد حسيني)

9_شهرِ جانان مان ٿيو گذر آهي....   (سوز هالائي)

مٿيان سڀيئي ڪلام نه فقط مشهور ۽ مقبول ٿيا، پر سينگار علي سليم جي نمايان سڃاڻپ به بڻيا ۽ پوءِ سينگار سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي سدابهار سُرن سان مسلسل موسيقيءَ جا مينهن وسائي، مسرور ڪندو رهيو.

جيتري قدر سينگار علي سليم جي فن جو تعلق آهي. ته ان لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته هو سُريلو گائڪ، طرز نگار ۽ خوبصورت لهجيدار فنڪار هو ۽ منهنجي خيال ۾ ته هو سنڌ جو چوٿون لهجيدار موسيقار هو، جنهن پنهنجون طرزون پاڻ تيار ڪيون ۽ پاڻ ئي ڳائي وڄائي خوب مڃايو، نه ته گهڻا تڻا مشهور فنڪار به ٻين کي ’ڪاپي‘ ڪرڻ تي ئي اڪتفا ڪن ٿا. سينگار نه رڳو سريلو فنڪار ۽ موسيقار پر ان سان گڏ شاعر، خوشخط ۽ مصور پڻ هو. سندس ڳڻن جهڙين ڳالهين ۾ اهي نقطا به شامل آهن، جو هو تصوف ۽ فقه جعفريه جهڙن اهم علمي موضوعن کان به با خبر هو.

سينگار 1940ع ڌاري راجسٿان جي جيسلمير علائقي ۾ ڄائو هو ۽ اٺن کن ورهين جي عمر ۾ هُو پنهنجن بزرگن سان گڏ پهرئين بهاولپور ۽ پوءِ سکر ۾ اچي رهيو ۽ اُتي ئي هن مڊل تائين تعليم به حاصل ڪئي. پنهنجي حياتيءَ جي 64 سالن مان 50 سال هن وڏي عقيدت ۽ انهماڪ سان سنڌي موسيقيءَ کي ارپيا. جيتوڻيڪ هڪ بنيادي طرح سان سنڌ ڌرتيءَ جو ڄائو ڪونه هو، پوءِ به هن سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجي ”ماءُ“ سڏي، اُن جو قابل فخر فرزند ثابت ڪيو. ميواتي گهراڻي جوهي ڪلاونت، جنهن جي خاندان ۾ اڪثر سازڪار رهيا آهن، تن ۾ ڳائڻن جو وڏو حوالو سينگار علي سليم ئي آهي، جنهن ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سُرن جي ڄاڻ هوندي به سنڌي ’ڪافي_ ڪلام‘ کي جيڪو حسن بخشيو آهي، اُن جو مثال ملڻ محال آهي. سُر لڳائڻ ۽ سُر جو تاثر قائم رکڻ ۾ به هُو پنهنجو مَٽ پاڻ هو. جيتوڻيڪ هو استاد امانت علي خان (برادر استاد بڙي غلام علي خان) جو ڌاڳي ٻڌل شاگرد هو، پر ’ڪافي _ڪلام‘ لاءِ هن تي مرحوم اُستاد الهڏني خان نوناري جو اثر ڇانيل هيو. نه فقط ايترو پر ان ۾ پنهنجو ذاتي دل کي ڇُهندڙ رنگ ۽ انگ به شامل ڪيائين.

صوفي شاعرن کي وڏيءَ سڪ سان ڳائيندي ۽ ٻُڌندڙن جا روح ريجهائيندي سينگار اڌ صدي گذاري ڇڏي، پر سرڪار طرفان کيس ڪوبه مناسب ايوارڊ ڪونه مليو ۽ هيءُ فقير صفت ڳائڻو خالي ڪشڪول ۽ خالي هٿ کڻي لالڻ لوءِ لڏي ويو!

زندگيءَ جا پويان ڏهاڪو کن سال سينگار علي سليم نيم مجذوبيءَ جي حالت ۾ گذاريا ۽ گهڻو ڪري سير سفر تي اڪتفا ڪيو. چار پنج سال هالا ۾ رهيو. راڻي فقير سوڍڙي جو مڪان ته ڄڻ سندس پنهنجو گهر هو، پر ڊاڪٽر الهه بچائي ميمڻ سان ته ڪي جيءَ جون جڙون هئس.ڏينهن جا ڏينهن ، هفتن جا هفتا ۽ مهينن جا مهينا ڊاڪٽر صاحب سان گڏ گذارندا هئس ۽ ڊاڪٽر به کيس بي شمار محبتون ڏنيون. ڊاڪٽر صاحب جي سينگار سان محبت جو اهو عالم هو جو سندس لاڏاڻي تي پنهنجي اسپتال جي احاطي اندر سوڳ جو تڏو وڇايائين. هالا جي ڪيترن ئي ماڻهن سينگار جي عذر خواهي ڊاڪٽر الهه بچائي سان ڪئي. هالا ۾ قيام دوران مون به سينگار سان گهڻيون ملاقاتون ڪيون. پاڻ عجيب عجيب ڳالهيون ڪندو هو. هڪ ڀيري پڇيو مانس ته ”فقير سائين! اوهان شاهه صاحب کي مختصر ڳايو آهي، ان جو ڪو سبب ؟“ وراڻيائين ته  ”شاهه صاحب وڏو وزندار شاعر آهي، مان اُن جو بار کڻي نه ٿو سگهان ۽ ٻيو ته شاهه صاحب جي ڪجهه بيتن کي آءُ پنهنجي شعور جو مفهوم ڏيندو رهيو آهيان، انڪري پنهنجي راءِ ڪنهن ٻئي تي مڙهڻ نه ٿو چاهيان.“ سندس خوشبو خوشبو ڳالهين مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ هُو ڪن تي هٿ رکي شاهه جو ڪلام جهونگارڻ لڳو....”دلبر سو دلبندڙي جيڏيون!“

هر خالي فنڪار وانگر سندس پويان ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذريا ۽ افسوس جو اسين سندس منفرد مدح سرائي کان سواءِ عملي طرح ٻيو ڪجهه به ڪري نه سگهياسين!

سينگار علي سليم سنڌي سنگيت جو واقعي سُهڻو .سينگار“ هو. سندس وڃڻ کان پوءِ سنڌي سريلي راڳ جو دروازو اڌ کليل رهجي ويو آهي!

 

خَطَ

 

نوٽ: ڪنهن به رسالي ۾، ٻين ڀاڱن [شاعري ، ڪهاڻي، ليک وانگر،خطن وارو ڀاڱو به انتهائي اهم ۽ جاندار هوندو آهي؛ پر ويجهڙ ۾ ”مهراڻ“ ۾ خطن وارو ڀاڱو ئي ناهي!

خطن ۾ رڳو اهو لکڻ ته فلاڻي تحرير وڻي/نه وڻي بدران اها تحرير ڇو وڻي/ ڇونه وڻي لکي پنهنجي واضح راءِ اظهارڻ کپي. ان لاءِ ذات/ ذاتيات کان مٿي ٿي سچائيءَ ، گنڀير تا ۽ ذميواريءَ سان، اجائي پٽاڙ بدران ٿورن لفظن ۾، پنهنجو نڪتئه نظر بيان ڪرڻ ئي اصل مقصد هئڻ گهرجي.

_ادارو

44_B،شريف اسڪوائر،

حسين آباد، حيدرآباد سنڌ.

22- جون 2004

هن ڀيري مهراڻ جو نئون پرچو (اونهارو_2004)پاڻ سان نواڻ جا رنگ به کڻي آيو آهي.

مهراڻ نواڻ ۽ مدي خارج روايتن جي رد جي ضمانت آهي. اول ته ايڊيٽوريل کي’سوچ_لوچ‘ جو عنوان ڏيئي، ڪجهه روايتن کي جاري رکيو اٿو، جيڪي پئي پراڻيون نه ٿيو ٿين ته ڪجهه نَونBrain storming خيالن سان نئين ۽ تازي عزم جو به اظهار ڪيو اٿوَ. ان ۾ Views آهن ته Vision به.’مهراڻ‘ کي ادبي دريا جي علامتي معنيٰ ۾ ، ڇولين جي نَون عنوانن سان ڪلاسيفاءِ به ڪيو اٿوَ، جن ۾ مهراڻ کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رسائڻ ، سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءُ لاءِ جا کوڙڻ، ليکڪن ۽ شاعرن جو ادبي اُفق تان موڪلائڻ، ڪلاسيڪي/ اساسي شاعرن جي حيثيت کي مڃتا ڏيڻ، شاعري، ڪهاڻي ۽ تنقيد کي اهميت ڏيڻ، ليکڪ پورهيتن کي اجرت جي ادائگي ڪرڻ ۽ آخر ۾ امداد حسينيءَ جي نظم سان، هيءُ پرچو بيشڪ غيرروايتي ۽ نواڻ مائل لڳي ٿو.

شاعريءَ واري حصي ۾، نَون ۽ پراڻن شاعرن سان گڏ، پڙهڻ لاءِ ڪجهه نئون مواد به ملي ٿو، جنهن ۾ بيدل مسرور ۽ اوهان جي شاعري به شامل آهي. پر هڪ ڳالهه چوان_ اوهان جي شاعري نسبتاً ڪجهه سرس ئي آهي. هونئن ذاتي طور تي مون کي سندس شاعري وڌيڪ پسند آهي، پر هڪ رسالي جون پنهنجون گهر جون ۽ محدود گيون ٿين ٿيون. جيڪڏهن انهيءَ شاعريءَ سان ’انٽرو‘ لکو ها ته وڌيڪ بهتر لڳي ها. هونئن به پرچي ۾ سڀني ڪنٽريبيوٽرس جا سوانحي تعارفي نوٽ ڪنهن مناسب هنڌ تي ڏيڻ مناسب لڳندا آهن.

ڪهاڻين واري حصي ۾ شامل ڪهاڻيڪارن پنهنجين ڪهاڻين کي خوب نڀايو آهي. شوڪت حسين شورو ڪهاڻيءَ کيتر ۾ وڏو ۽ مڃيل نالو آهي. سندس ڪهاڻيون وجوديت ، زندگيءَ جي خالپڻي ۽ بي معنيٰ هجڻ جي پسمنظر ۾ اثرائتيون ۽ سڌيون سنواٽيون آهن، جن جي پويان اندر جي ڀڃ ڊاهه جا نشان ملن ٿا. هن پرچي ۾ شامل سندس ڪهاڻي ’خالي صفحو‘ اهڙي اظهار جو نمونو آهي.

اتفاق آهي جو هن پرچي ۾ انڪم ٽئڪس کاتي سان لاڳاپيل ٻن ڪهاڻيڪارن_ رفيق سومري ۽ منظور جوکئي_جون ترتيبوار ٻه ڪهاڻيڪارن ”پيار جي هڪ ٻي صدي“ ۾ ”ٻه واٽي تي بيٺل اڻپورو ماڻهو“ شامل آهن، پر ٻنهي جو پلاٽ، تاڃي پيٽو، اسلوب ۽ ٽريٽمينٽ ڌار ڌار آهن. رفيق پنهنجي ڪهاڻيءَ کي خوبصورت خيالن کي خوبصورت ٻوليءَ ۾ Quote ڪرڻ جهڙن جملن ذريعي توڙ تائين پهچايو آهي. هُو محبت جي لا حاصل جدوجهد ۾ وري به پُر اميد آهي ته زندگيءَ جو هر پل جيئڻ لائق آهي_

منظور جو کئي جي ڪهاڻيءَ جو مُک ڪردار پنهنجي سُکي، سرل ۽ خوش باش گهرو زندگي هجڻ جي باوجود، اُترپت (تا سيارو) ۽ غير مطمئن آهي. هُو پنهنجي اندر جي کوٽ پوري ڪرڻ خاطر، پنهنجي گهروُ زندگيءَ مان ٻه چار ڏينهن ڪڍي محبت رچائڻ جو ائڊونچر ڪري ٿو، پر ساڻس محبت ڪندڙ اڻ پرڻيل ڇوڪري کيس هاڪاري موٽ ڏئي ٿي ۽ پنهنجي گهر جي فون تان ڪيترائي ڀيرا ساڻس فون تي ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪري ٿي، جنهن مان لڳي ٿو ته انهيءَ عمل تي، سندس گهر ۾، ڪنهن کي به ڪو اعتراض ڪونهي، بلڪ زندگي ساڌارڻ نموني گذري رهي آهي. مون کي انهيءَ سچوئيشن ۾، اها ڳالهه اُساڌارڻ ٿي لڳي. باقي ڪهاڻيڪار هن ڪهاڻيءَ کي نهايت رٿابنديءَ سان لکيو آهي.

مِني_ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ جن ڪهاڻيڪارن طبع آزمائي ڪئي آهي. اُنهن ۾ سانول جونالو اهم آهي، پر هو ڪنٽينيوئٽيءَ سان نه ٿو لکي. سندس ڪهاڻيون زندگيءَ جي عام رواجي واقعن تان کنيل هونديون آهن، جن کي هُو پنهنجي مخصوص ڊڪشن ۾ لکي، آخر ۾ جملي جي هڪ ئي ڌڪ سان پڄاڻيءَ تي پهچائي ڇڏيندو آهي، جيڪا سندس ئي خوبي آهي. هن پرچي ۾ سندس ٻه مِني ڪهاڻيون انهيءَ جو مثال آهن.

هرپرچي جا ’ليک‘ ۽ ’متفرقه‘ مواد وارا صفحا 81۽ 128 صفحن کان شروع ٿين ٿا، جن جي اڳيان ’شاعري‘ ۽ ’ڪهاڻيون‘ وارن صفحن کي ڌار ڪري ڏيکارڻ وارا اندريان سڀ ٽائيٽل (شايد غلطيءَ وچان) ڏيڻ کان رهجي ويا آهن. ’ليک‘ واري حصي ۾ نهايت اهم موضوع سان لاڳاپيل ليک آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ليک ’جپسي‘ سندس ذاتي واقعي سان واڳيل آهي، جڏهن هو برطانيا ويو هو ۽ اسڪول آف اورينٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز ۾ اچڻ وڃڻ هئس. اُتي کيس انهيءَ بين الاقوامي قبيلي جي موضوع تي قلم کڻڻ جي ترغيب ملي ۽ تحقيق ڪري نهايت دلچسپ ۽ معلوماتي مضمون لکيو اٿس.

آغا سليم هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار جي حيثيت سان پاڻ مڃائي چڪو آهي، پر هاڻي سندس موضوع تحقيق ، تصوف، موسيقي، بين الاقوامي ادب ۽ شاعريءَ جي چوگرد ڦرن ٿا. هن پرچي ۾ سندس مضمون ”ڌرتي منهنجو ديس مگر...“ شيخ اياز جي سُر ڪيڏاري کي Epic جو درجو ٿو ڏئي، جنهن جو سڌو سنئون ترجمو ’جنگنامو‘ ۽ ’رزميه نظم‘ ٿو چوي. هو لکي ٿو ته ”مون هي پهريون جنگنامو پڙهيو آهي، جيڪو ٻئي ديس جي ڌرتيءَ تي وڙهيل جنگ لاءِ لکيل آهي.، هي مقالو شيخ اياز جي فن ۽ فڪر جي وسعت تان پردو کڻي ٿو ۽اُن ٻين جهتن تي غور ۾ فڪر جي دعوت ڏئي ٿو.

هر ٻوليءَ ۾ لغت نويسي(Laxicography) جي وڏي اهميت آهي. سنڌي زبان جي انهيءَ فن جي تاريخ ۽ ببليو گرافيءَ جي موضوع تي ناسف علي شيراز پنهنجو مضمون ”سنڌي لغت نويسي جي تاريخ ۽ ببليو گرافي “ ڏاڍي محنت ۽ ماهرانه قابليت سان لکيو آهي. هن پرچي ۾ آيل پهرين قسط کان پوءِ ٻئي پرچي ۾ باقي مواد پڙهڻ جو موقعو ملندو.

’ليک‘ واري حصي جي آخر ۾ سنڌيءَ جي نامور ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ جي ’ڪرشماتي سفر‘ پڙهڻ جو موقعو مليو. هو تازو سنڌي اڪئڊمي نيو دهليءَ ۾ سنڌ جي ٻين سنڌي اديبن سان گڏ، هند جي اديبن سان ادبي واتاورڻ ۾ حصو وٺي آيو آهي. سندس تحرير مان تاثر ملي ٿو ته اها سندس Sentimental Journey  هئي، جنهن لاءِ هُو ڪو عرصي کان وٺي اُڪنڊيو هو. اُتان جي سنڌي اديبن سان ملڻ جي گرمجوشي ۽ کانئن جهٽ ۾ وڇڙڻ جو ارمان ڏاڍي اثرائتي ۽ دلچسپي انداز ۾ ڪيو اٿس. ميل ميلاپ جي اهڙي گهڙي ڪيڏي به ڊگهي ڇو نه هجي، مختصر ۽ اڌوري لڳندي آهي. هُن پار جي اديبن دوستن سان پنهنجا ويچار ونڊڻ سان گڏ، پنهنجن ٻين اديب دوستن سان گڏ ادبي مسئلا ڊسڪس ڪري، ٻيهر جلدي ملڻ جا وعدا ۽ وچن ڪري اچڻ کان پوءِ، يادگار گروپ تصويرن سان هي مضمون شاندار پيو لڳي. انهيءَ داستان جي ٻي قسط جو انتظار رهندو.

هن پرچي جو ’متفرقه‘ حصو_’اوسار‘، ’ڇنڊ ڇاڻ‘،’ٽانڊاڻي جي لاٽ(1) ۽ (2) ”۽ خطن سان سجايل آهي، جنهن ۾ سحرامداد، دلگير، نصير مرزا، امداد حسيني، حميد شهيد جهڙن اديبن جي کير ڌارا جي جهرمر آهي.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پڙهندڙن ۽ لکندڙن کان ڪيئن، ڪيتري ۽ ڪهڙي موٽ ٿي ملي ۽ ايڊيٽوريل سٿ وقت جي نقاضائن کي ڪيئن ٿو پورو ڪري. جڏهن چيو وڃي ٿو ته هي ادب جو دور نه رهيو آهي ته آءُ ائين چوندس ته هر دَور ادب جو دَور آهي.

ولي رام ولڀ

*     *     *     *     *

ميرڪالوني، ٽنڊو ڄام، سنڌ

14_جولاءِ 2004

ٽماهي مهراڻ اونهارو 2004ع جي املهه تحفي لاءِ اوهان جو ٿو رائتو آهيان. رسالي جو پهچڻ ٻن سببن جي ڪري غير معمولي خوشيءَ جو سبب ٿيو. اول ته اچرج اهو جوپوسٽ مئن جي هٿان پهچڻ بدران ٽيليفون جي تارتي چڙهي آسانيءَ سان اچي ٽنڊي ڄام پهتو، جيتوڻيڪ اڄڪلهه جيئرن جاڳندڙن ماڻهن جو حيدرآباد ۾ ٽنڊي ڄام جي وچ ۾ سفر ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي ويو آهي. پر ان کان به وڏي خوشيءَ جو سبب اهو جو ستن اٺن سالن کان پوءِ اڄ هيءُ مهراڻ جو پرچو ڏٺو اٿم. اوهان ڪجهه وقت اڳ گذريل پرچي هٿ ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي. پر دل جي اميد پوري نه ٿي. هينئر اوهان کي شاباس هجي جو مڙسي ڪري پرچو ڏياري مُڪَوَ، نه ته انهيءَ برڪت کان محروم رهجي وڃجي ها.

ايڊيٽوريل کي”سوچ_لوچ“ جي ستن ”ڇولين“ سان پيش ڪر پڙهندڙن کي ٻڌايو اٿو تهَ هي رسالو سڀني سنڌين جو آهي، سنڌي ٻولي مرڻي ناهي. ماڻهو اچڻا وڃڻا آهن، تن مان گدا، اصغر، ۽ مائي الهوسائي راهه رباني وٺي هليا، پر مهراڻ ڪلاسيڪل دَور ۽ جديد دَور جي شاعريءَ سان ، پنهنجي لاک رتي لوئي سان اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو آهي، پر سنڌي ڪهاڻيءَ جي گهٽجي وڃڻ تي ويچار ڪيو اٿو؟ سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي ته شايد ئي لڳي، البته ڪافي عرصي کان وٺي سنڌي، لکڻ پڙهڻ جي بدران، گولين هلائڻ جي راند ۾ شامل ٿي ويا آهن ۽ پروفيسرن جي آفيسن ۾ گهڙي مخالف ڌُرجي شاگردن يا قتل غرتگريءَ ۾ شامل نه ٿيڻ وارن کي ڪُهندا رهيا آهن،انڪري علم ۽ ادب جي وٿ هٿان ڇڏائجي وئي ٿي ڏسجين.بهرحال، ٻيءَ ڇوليءَ ۾ اوهان ان ڳالهه ڏانهن توجهه ڇڪايو آهي ته لکندڙ جي لاءِ اهو ضروري آهي ته لکڻ سان گڏ لکڻ [لَڇڻ] وارو سمجهه ۽ ساڃاهه وارو هجي، جنهن جي نظر نه رڳو گذريل وقت ۽ موجوده وقت تي هجي پر ايندڙ وقت جي به لکا هجيسر جيئن اڳي چوندا هئا ته پڙهڻ  سان گڏ ڪڙهڻ به ضروري آهي. لکندڙ جي لوليءَ ۽ لوئيءَ جي پت پرورپاڪ کان گهرڻ سان گڏ، پاڻ کي احساس برتري ۽ ڪمتري جي چٺ لڪڻ بدران رچڻ ۽ سرجڻ جي سِٽ ۾ رڌل رهي، سوري سورانگهي، (اسان جي ٻوليءَ ۾ چئيجي ته) پنهنجو فرض ادا ڪرڻو آهي. لکندڙ ، ڇپيندڙ ۽ پڙهندڙ جي ٽٽل تعلق جي ڳالهه ڪري اوهان باک ڦٽڻ جي اميد ڪئي آهي. هيءُ عبارت مون انڪري سيکڙاٽ نموني سان ورجائي جومون ڏٺو ته ان ۾ ڪيترا لفظ اهڙا هئا جن کي نئين روپ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ تختي پڪي ڪرڻ لاءِ ورجائي لکيم.پر اوهان جي چيل ڪلمي کي پورو ڪجي ته ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ يا ڏڙها جيئن کيڏنس ڳڀرو! منهن ڀلي مرڪن انهن عاشقن جا جيڪي پنهنجي عشق جو وهڪري ۾ وهي ڪي چريائپ جا ڪم ڪري ويا ! پوءِ پاڻ جهڙن لفظن جي ڪاسائين کي سندن ڪم وڻن يا نه وڻن، سندن ڪم پنهنجي جاءِ تي اهي . ٿي سگهي ٿو ته ڪي ٻيا اهڙا چريا هجن جن کي اهو ڪم وڻندو نه هجي. پوءِ پاڻ کي نه جڳائي ته وتون واٽون ڳولهيندا ويڙهه وندر جون،ع“ فڪر هر ڪس بسرهمت اوست!“

ستين ڇوليءَ ۾ موج ڀرئي مهراڻ جي ڇولان ڇول ڇلڻ ۽ ساگر ڏانهن ڌوڪڻ جو خواب هاڻي لڙڪن سان ئي ممڪن آهي. ان ڏس ۾ انهن حسرتن کي تازو ڪرڻ لاءِ هري درياني دلگير جي نظم” مهراڻ جي موج“ جنهن کي مددي عنوان ”سنڌو ندي ڪيئن ٿي وهي؟“ ڏنو ويو آهي، ڪافي آهي. سنڌوءَ ۾ هاڻي نڪا آهي اُها ٽهه ٽهه، نڪا ڦهه ڦهه، نڪاٻهه ٻهه، نڪا چهه چهه، نڪي گهوگهاٽ، نڪي سوساٽ، جيڪي 1954ع ۾ هئا. واحسرتا! 1954ع کان پوءِ هاڻي ڪيترن سالن کان سنڌوءَ جو اهو حال آهي، جيڪو ڏسجي پيو. هاڻي اسان جي دانهن اونائڻ وارو ته رب پاڪ کان سواءِ ڪوئي ڪونهي!

ناسف علي شيراز جو سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ تي لکيل مضمون انهيءَ علم سان دلچسپي رکڻ وارن لاءِ تمام ڪارائتو آهي. چڱو ٿئي ها جيڪڏهن اهو سڄو مضمون قسطن جي بدران هڪڙيئي ڀيري اچي وڃي ها، انڪري جو اڄ کان پنجاهه سال پوءِ جيڪڏهن ڪنهن محقق کي اونهاري وارو پرچو هٿ اچي. پاڪستان جي لائبررين ۾ نڪي سنڀاليندڙ ٿا ڏسڻ ۾ اچن، نڪي پڙهندڙ ٿا ڏسڻ ۾ اچن. جن کي لاچارئون ڪنهن لائبرريءَ ۾ وڃڻو ٿو پوي، ته اتي ويٺل ڪاريگر ۽ ڏاها سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڪنهن ٿوري هٿيڪا، ڪنهن سفارش سان اهڙي ڪنهن اداري ويندؤ ته اتان غيرپرو فيشنل ڏنل سهڪار جي بدلي ۾ اوهان جي ايندڙ ستن پيڙهين کي ٿورائتو ٿيڻو پوندو. وري جي ڏسجي ته جنهن ملڪ ۾ شهرن ۽ بستين ۾ جيڪي ڪميونٽي لائبريون هيون سي ورهاڱي کان پوءِ بند ٿي ويون ! يونيورسٽين ۽ انهن جي لائبررين جو اهو حال جو نائين ڏهين صبح جو کلن ۽ ٻارهين بجي بند ڪرڻ جون تياريون ٿين ! هڪ ٻي يا وڌ ۾ وڌ ٽي بجي خلق ڪئمپس خالي ڪري وڃي پنهنجا ويڙها وسائين! اتي پڙهڻ ۽ تحقيق جو ماحول يا ڪلچر ڪيئن اسري ۽ وڌي ويجهي سگهندو ! يونيورسٽين جي تحقيق لاءِ اهو ضروري آهي ته صبح جو ستين بجي کان رات جي ٻارهين نه ته به يارهين بجي تائين لائبرريون کليل هجن ۽ انهن ۾ پڙهڻ وارن جا هجوم هجن. انڪري اوهان جي ٺاهيل ٽڪنڊي (لکندڙ، ڇاپيندڙ ۽ پڙهندڙ) ۾ جيڪر چوٿين ڪنڊ شامل ڪجي ”لائبررين“ جي نالي، جيڪي نه رڳو اهي ڇپيل ڪتاب وٺن، خريد ڪن، پر جتي اهڙن ڪتابن لکڻ لاءِ سهوليتون ميسر هجن، جتي لکڻ وارا اچي لکي سگهن ۽ جتي انهن لکيل ۽ ڇپيل ڪتابن پڙهڻ خاطر پڙهندڙن لاءِ هڪڙو سهڻو ۽ سيبائتو ماحول مهيا هجي. اهڙو صبح ڪڏهن ايندو ! اهڙي باک ڪڏهن ڦٽندي ! ليس الصبح بقريب ! (اهڙو صبح ويجهو ناهي ڇا!)

ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب جي جپسين بابت مضمون ۽ ان کان اڳ مهراڻ ۽ ٻين هنڌن تي جپسين بابت موجود مواد ملڻ کان پوءِ هاڻي ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته جپسين جي پنهنجي موجوده  ٻوليءَ جا ڪي مثال ۽ انهن جا تقابلي تجزيا اڳيان اچن جن سان پت ڪڍي سگهجي ته موجوده يا آڳاٽي سنڌيءَ سان انهن جپسين جي ٻوليءَ يا ٻولين جو ڪيترو تعلق آهي. سنڌي ڊپارٽمينٽ، سنڌالاجي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جهڙن ادارن کي اهو ڪم شروع ڪرڻ گهرجي. البت هڪڙو نقطو جپسين بابت جيڪي هيستائين پيش ڪيو ويو آهي ان مان سندن سنڌ هند ڇڏڻ جي زماني بابت ٻه رايا معلوم ٿين ٿا. هڪڙيءَ راءِ مطابق انهن اٺ سو کان هڪ هزار سال اڳ هي علائقو ڇڏيو آهي ۽ ٻيءَ راءِ پٽاندر انهن هي علائقو ايران جي بادشاهه دارا جي زماني ۾ ڇڏيو آهي. اٺن سون کان هزار سال واري ڳالهه جو نقطو يورپ وارن سڀني قومن کي سيکاري ڇڏبو آهي. نيوزيلئنڊ جي مائورين کي سيکاري ڇڏيو اٿن سي چون ته اسين هتي هڪ هزار سال کن اڳ آيا هئاسين هونو لولو مان. انهي عقل سيکارڻ جو مقصد اهو آهي ته مائوري اها دعويٰ نه ڪري سگهن ته اهي ڪي هن ٻيٽ جا اصل يا قديمي رهاڪو آهن. ٺيڪ آهي جيڪڏهن مائوري هڪ هزار سال اڳي آيا ته اسين انگريز ٻه سو سال اڳي آيا سون. مڙيئي ٻاهران آيا آهيون. مائوري کڻي اسان کان ڇهه سو سال اڳ آيا ته ڪهڙو ڇيهه ٿي پيو! جپسين کي به سيکاري ڇڏيو اٿائون ته چئو ته ”اسين گهڻو اڳ نه، فقط هڪ هزار سالن کان پيا هتي ڀٽڪون!“ پڇجين ته ”سائين منهنجا لکانا وڻجارا ، هزار سال اڳ ڇو سنڌ وارا گهرتڙ ڇڏي نڪري پيو؟“ جي ”سائين انهن مُسلن، سمن ۽ سومرن، اسان کي ڏاڍو بيزار ڪيو، پوءِ جهنگ منهن ڪري نڪري پياسون. اک جوپٽيسون ته پاڻ کي رومانيا ۾ ڏٺوسين.”اڙي سائين لکانا، اوهان سان ته اهڙي ٿي جو ڌڻي شل ڪنهن سان نه ڪري. اسان کي سمجهه ۾ اچي ويو ته اوهان سنڌ هند جو اهو علائقو اسلامي قوتن جي اتي اچڻ جي ڪري ڇڏيو. پر اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اوهين ماڻهو ڪي اهڙا اياڻا هئا جو جڏهن ننڍي کاهيءَ کان ڀڳـؤ ٿي ته اکيون پوري وڏيءَ کاهيءَ طرف ڀڳـؤ!ڪڻڇيءَ مان ٽپ ڏئي باهه جي آڙاهه ۾ ڪري پيـؤ! اسلام جي ڊپ جي ڪري سنڌ مان ڀڱـؤ ٿي ته ايران، افغانستان ، عراق، شام جي علائقن کي لتاڙيندا (جيڪي ان وقت تائين اسلام جا مرڪز بنجي چڪا هئا،) وڃي يورپ جا وڻ وسايو ۽ صحيح سلامت يورپ ۾ پهچي ويـؤ! لکانا سائين، اهوڪرشمو ڪيئن ٿيو؟ ڇاڀلا حضرت سليمان جي ٽوپي پائي سنڌ مان نڪتـؤ جو واٽ تي اوهان کي ڪنهن ڏٺو ئي ڪونه؟ يا ڪو هوائي جهاز چارٽر ڪيو هوَوَ؟ ضرور هوائي جهازن ۾ ويا هوندؤ تڏهن ته اوهان کي ڪنهن مسلمان ملڪ مان لنگهڻو ڪونه پيو!

هڪ هزار سال واري انهيءَ معمي کي سمجهڻ لاءِ ڏسجي ته قديم قومون ڪيئن گهران نڪرنديون هيون ۽ ڪيئن رستن ۾ رلي وينديون هيو. فردوسيءَ جي دارا ۽ راجا چڱل ۽ لورين جي ڪهاڻيءَ کي سامهون رکي ساک وٺجي بائبل ۽ يوناني مـؤرخن کان ته اهي ڇاٿا چون  هن مامري بابت !

ڪتاب مقدس (بائبل) جي بادشاهن جي ڪتاب ۽ نبي عذير جي ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته پراڻي زماني ۾ فاتح بادشاهه مفتوح قومن قبيلن جا قبيلا پاڻ سان قيدي ڪري وٺي ويندا هئا. پوءِ ٻيا بادشاهه وري کين آزاد ڪري ڇڏيندا هئا. پوءِ پنهنجي عقل وگهي يا ٻين جي هٿـؤن آزار ۾ پئجي، ڀٽڪي ويندا هئا. مثال بني اسرائيلين (يهودين) جو مشهور واقعو آهي ته جن يهودين کي نبو ختنصر (بختصر) قيد ڪري يروشلم مان بابل وٺي آيو، تن کي ڪو روش ڪبير (سائرس) آزاد ڪيو ۽ پنهنجي وطن (يروشلم) وڃڻ جي اجازت ڏني. ڪيترن ماڻهن ڪوروش جي بادشاهت وارن علائقن ۾ رهي پوڻ پسند ڪيو جو سندن ڪم ڪاڄ، ڌنڌا ڌاڙي اتي سٺا پئي هليا. پر انهن مان ڪيترن هزارن ماڻهن نبي عذير سان گڏ جي وطن واپس ورڻ پسند ڪيو ۽ گڏجي روانا ٿيا. منجهن ڪيترا يهودي اهڙا هئا جن ڌارين يا غير يهودي عورتن سان شاديون ڪيون هيون ۽ منجهانئن کين ٻار به هئا. جڏهن يروشلم جي ويجهو پهتا ته  منجهانئن ڪن ماڻهن اعتراض اُٿاريو ته سندن ٻارن کي مقدس سرزمين ۾ داخل ٿيڻ نه ڏجي، بلڪ کين هتان ئي واپس موڪلجي. ڪيتري ريڙهه پيڙهه، بحث مباحثي کان پوءِ نبي عذير کي مجبور ڪيو ويو ته اهڙين عورتن ۽ سندن ٻارن کي مقدس سرزمين ۾ داخل ٿيڻ نه ڏجي، بلڪ کين هتان ئي واپس موڪلجي. ڪيتري ريڙهه پيڙهه، بحث مباحثي کان پوءِ نبي عذير کي مجبور ڪيو ويو ته اهڙين عورتن ۽ سندن ٻارن کي واپس وڃڻ جو حڪم ڏئي. هزارن جي تعداد ۾ اهي عورتون ۽ مرد جيڪي اٺ سويا هزارن جي تعداد ۾ اهي عورتون ۾ مرد جيڪو اٺ سويا هزار ميل پنڌ ڪري هيستائين پهتا هئا، تن کي واپسيءَ جي سفر ۾ خبر ناهي ته ڪهڙين مشڪلاتن مان گذرڻو پيو ۽ رستي ۾ ڪهڙين قومن جو غلام ٿيڻو پيو. اهي رليل ۽ ڀٽڪيل جپسي يا خانه بدوشي ٿي ويا، بلڪل ائين جيئن دارا جي زماني ۾ آيل سنڌ جا ماڻهو خشايار شاهه جي زماني ۾ رلي ويا.

يوناني مـؤرخ هيروڊوٽس جي تاريخ مطابق دارا يا درايوش اول جڏهن 499 قبل مسيح ۾ ٻين ويهن علائقن سان گڏ سنڌ کان ماڻهو، ملڪيت ۽ سون جي مدد وٺي يونان تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪيترن علائقن تي سوڀون حاصل ڪري يونان جي ڪيترن علائقن کي هڪٻئي پٺيان پنهنجي تسلط هيٺ آڻيندو ويو. پر پوءِ جڏهن يونان وارن خشايار شاهه کي 479 قبل مسيح ۾ شڪست ڏئي پسپا ڪيو ته ايرانين جي مدد ۾ آيل ماڻهو (جن مان هند سنڌ ماڻهو به لازمي وڏي تعداد ۾ هئا) پوئتي رهجي ويا. فاتحن سان گڏ آيل اهي سنڌي هندي ۽ ٻيون قومون جڏهن يونان جي ڌرتيءَ ڌاريان ڪري ڌڪاريا ته اهي ماڻهو نه رڳو بي گهر ٿيا، پر گهر ۽ لڏون ۽ مڏيون ڪلهن تي کڻي(صحيح معنيٰ ۾ خانه بندوش ٿي) يونان کان نڪري جيڏانهن آين تيڏانهن منهن ڪيائون. ٻين يوناني مـؤرخن مطابق ڪجهه عرصي کان پوءِ سڪندر وڏي رهي کهس ڪسر 334 قبل مسيح ۾ ايشيا ۾ داخل ٿي پوري ڪئي . داريوش ثالث(داراٽئين) کي پوري ڪرڻ لاءِ سڪندر نه رڳو ايران تي قبضو ڪيو پر تخت جمشيد (پرسيپوليس جي شهر) کي ساڙي موجوده افعانستان ۽ سنڌ جي علائقن کي تاراج ڪندو، هتان سنڌو جي اولهندئين ڪناري تان لنگهندو، اتان ۽ سيوهڻ وٽان گذرندو، سنڌين هٿان زخمي ٿيندو، پاڻ سان سنڌ ۽ هنڌ جا ڏاها وٺي ويو. (جن مان هڪڙي بابل پهچڻ کان اڳ سڪندر ۽ سندس لشڪر کي ان وقت حيران ڪيو، جڏهن بادشاهه کي عرض ڪيائين ته هاڻي منهنجي لاڏاڻي جو وقت اچي ويو آهي. ڪاٺين جو هڪڙو وڏو ڍڳ گڏ ڪرائي، پاڻ مٿان چوٽيءَ تي ٿي ويٺو ۽ حڪم ڪرايائين ته ڍڳ کي هيٺان باهه ڏين. پاڻ همراهه پلٿ هنيو ويٺو رهيو. چون به ڪانه ڪيائين. نڪي چُريو نڪي پُريو، نڪي ڀڳو نڪي ٽَٺو. آڙَاهه ۾ ويٺو رهيو. سڪندر باد شاهه اهڙو لقاءُ ڏسي يا مڇرن يا گرميءَ جي ڪري 323 قبل مسيح ۾ بخار وگهي گذاري ويو. ٻئي ڏاهي اهڙو ڪم يونان پهچڻ کان پوءِ ڪيو. شڪ ناهي ته هند سنڌ  مان آيل اهي جپسي انهن زمانن جا ماڻهو هجن. جيڪڏهن ائين هجي ته انهن ماڻهن کي هتان نڪتي اڄ اڍائي هزار ورهيه گذري چڪا آهن.

تازي ويجهڙائپ واري زماني ۾ سنڌ مان نڪتل ماڻهن هنڌ وڃي وسائي. پنهنجي محنت ۽ هنر سان ڏتڙيلن مان ستڙيل ٿيا ۽ پنهنجن پراڻن پاڙيسرين کي سڏائي ساڻن روح رهاڻيون ڪندا رهندا آهن ۽ محبتون ونڊيندا رهندا آهن. اهڙين ونڊن ورڇن جا احوال اڪثر ايندا رهندا آهن، پر هاڻي دهليءَ ۾ ٿيل سنڌي ليکڪن جي ڪانفرنس جو احوال ”ڪرشماتي سفر“ جي نالي سان حميد سنڌيءَ ڏنو آهي، جنهن ۾ هِتي جن ۽ هُتي جن جي پيار ۽ پاٻوهه ونڊڻ جو احوال تفصيل سان ڏنل آهي. جڏهن تند، ڪٽارو ۽ ڪنڌ ٽيئي پرتا پاڻ ۾ ته ڪهڙيون علمي ۽ ادبي ونڊون ورڇون ٿيو، انهن جو احوال پڙهجو ايندڙ شماري ۾.

دهليءَ واري انهيءَ ڪانفرنس کان پوءِ ٻارهين ڏينهن هري درياني دلگيري وفا ت ڪئي ۽ ”مهراڻ“ ۾ سحرامداد ۽ نصير مرزا تمام سهڻن ۽ موزون لفظن ۾ کيس عقيدت جي ڀيٽا ڏني آهي.

هن خط پوري ڪرڻ کان اول اهو چوڻ جي اجازت ڏيو ته شاهه، سچل، سامي، گل، سانگي، سائين طالب الموليٰ، شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ جي ڪلام سان گڏ جيڪي تعارفي ٽڪرا ڏنا اٿو، اهي ايتري ته ننڍڙي ٽائيپ ۾ آهن جو انهن کي پڙهڻ لاءِ مون جهڙن ڪن ماڻهن کي مائڪرو سڪوپ يا دوربينيءَ يا ويجهي بينيءَ جهڙو ڪو اوزار گهرائڻو پوندو. هروڀرو ايڏي ڪنجوسي چڱي ناهي! ”پڙهندڙن جي اکين تي رحم ڪريو_ [ڀاڱو پهريون]

وري به اوهان جا لک لک ٿورا، جو ههڙو بيش  بها تحفو ڏياري مُڪَوَ.

نياز مند

محمد عمر چنڊ

*     *     *     *     *

ٽماهي ”مهراڻ“ (اونهارو 2004) جي نهايت ئي وڻندڙ ۽ پُرڪشش لي آئوٽ ۽گهڻيءَ حدتائين معياري مواد لاءِ واڌايون. چوڻ هتي اهو پئي چاهيم ته مهراڻ جي ٽائيٽل کان وٺي سٽاءُ ۽ سٽاءَ کان وٺي مواد جي ترتيب تائين، مهراڻ جو هي تازو شمارو منفرد نظر آيو. خاص ڪري لطيف رحه کان تنوير عباسيءَ تائين اساسي دور ۽ حاضر زماني جي نمائنده شاعرن کي جيئن اوهان تعارف ڏيئي نمايان نموني سان شايع ڪيو آهي، اهو سلسلو انهيءَ تسلسل سان موجوده دور جي نمائنده شاعرن تائين به جاري رکندا اچو. ائين مهراڻ پاران اهڙن شاعرن جي انٿالا جي به تيار ٿي سگهي ٿي.

مهراڻ جي سٽاءُ تي نظرو وجهڻ سان جنهن ليک پهرين پڙهڻ لاءِ مون کي اُتساهيو، اُهو هوحميد سنڌيءَ جو لکيل ”ڪرشماتي سفر عرف دهليءَ جو داستان “_ ۽ بس پڙهڻ جو ويٺس، ته يڪساهي هڪڙي ئي سٽنگ ۾ پڙهي پورو ڪيم.دهلي ڪانفرنس جي موقعي تي، اُتي گڏ ٿيندڙ شخصيتن ۽ ويهڪن جا احوال نهايت ئي دلچسپ پيرايي ۾ لکياويا آهن..... ۽ ظاهر آهي ته ان سفر نامي جو ايندڙ قسطن ۾ اڃا به گهڻوئي ڪجهه مواد پڙهڻ لاءِ ملندو ...ان لاءِ آءُ حميد سنڌيءَ کي گذارش ڪندس ته ان اهم دستاويز کي هو ضرور لکي پورو ڪن.

سنڌي اديب ۾ تخليقي نثر نظم_ اڄڪلهه ڇاپيو لکجي ۽ ڪهڙو پيو لکجي؟ اُن بابت هڪ راءِ رکان ٿو_ پنهنجي پسند جي تحريرن مون کي اُهائي متاثر ڪندي آهي، جهڙي آءُ تمام تر ڪوشش جا باوجود لکي ڪونه سگهندو آهيان. پر سنڌي ادب ۾ اهڙيون تحريرون هاڻي بس ڪڏهن ڪڏهن ئي پيو لکجن!

نصير مرزا

حيدرآباد سنڌ

*     *     *      *      *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com