

ايڊيٽوريل
شڪر الحمدلله.....
مانوارن ليکڪن جي مھربانين سان 2/2025ع جو شمارو
شايع ٿي اوهان تائين پھچي چڪو آهي. گذريل شمارن
وانگر اسان جي سدائين اها ڪوشش رهي آهي ته وڌ کان
وڌ معياري ادب پڙهندڙن تائين پھچائجي. سنڌي ادبي
بورڊ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ موجوده چيئرمين جناب
مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب جن جون ڪوششون
سارائڻ جوڳيون آهن. جناب مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“
جن جي خاص توجهه رسالن جي باقاعده وقتائتي اشاعت
تي آهي ۽ خاص هدايتن تحت سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتاب
گهر تان 50 سيڪڙو رعايت سان رسالا ۽ ڪتاب خريد ڪري
سگهو ٿا. ٽماهي
جي
ايڊيٽر جي حيثيت سان مانوارن سينئر توڙي نوجوانن
ليکڪن جو بيحد ٿورائتو آهيان، جن جو سدائين
سان
سھڪار رهيو آهي. هن ايڊيٽوريل ذريعي نوجوانن کي
گذارش ڪندس ته اوهان پنهنجون اڻ ڇپيل تحريرون
ٽماهي
جي
اي ميل تي موڪلي ڏيو ته جيئن ايندڙ شمارن ۾ مواد
شامل ڪري سگهجي. ٽماهي
نوجوان
جو ادب سان چاهه توڙي لکڻ لاءِ بھترين پليٽ فارم
آهي، جتي اوهان جي لکڻين کي شايع ڪيو ويندو. مون
کي اميد آهي ته ايندڙ شمارن ۾ نوجوانن جو پھرين
کان وڌيڪ سھڪار رهندو. موجوده دور آرٽيفيشل
انٽيليجينس جو دور آهي، ٽيڪنالوجي تمام گهڻي ترقي
ڪري چڪي آهي. ڪتاب پھريون کان وڌيڪ جديد انداز ۾
ڊجيٽلائيز ٿي رهيا آهن، مون کي ٻڌائيندي بيحد خوشي
محسوس ٿي رهي آهي هن وقت تائين 700 ڪتاب ۽ رسالا
ڊجيٽلائيز ٿي چڪا آهن. جناب ميرزا دبير حسين بيگ
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جن جي سدائين ڪوشش رهي
آهي ته بورڊ جي رسالن ۾ معياري ادب شامل ڪيو وڃي،
انھي ڪري سندس سدائين
سان
سھڪار رهيو آهي. جنھن لاءِ مان ميرزا دبير حسين
بيگ صاحب جو بيحد ٿورائتو آهيان. اوهان مھربان
ليکڪ هيٺ ڄاڻايل اي ميل تي پنھنجو مواد موڪلي سگهو
ٿا.
مھرباني
جبران زيب
ايڊيٽر، ٽماهي
”مھراڻ“
mehranmagazinesab@gmail.com
واٽس اپ نمبر: 03332736234
وکر سو وهاءِ
مخدوم محمّد امين ”فهيم“

(1939 – 2015ع)
سنڌي ٻوليءَ جي قادرالڪلام شاعر، مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ
صاحب
جو وڏو فرزند ۽ مخدوم نوح سرور جي درگاهه جو
ارڙهون نمبر سجاده نشين ۽ ناميارو شاعر، مخدوم
محمد امين ”فهيم“، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ 4
آگسٽ 1939ع تي
پيدا ٿيا. سندس نالو ”محمد امين“ رکيو ويو، جڏهن
ته مخدوم محمد امين ثالث ”پکن ڌڻيءَ“ جي نسبت سان
کيس ”ڏاڏا سائين“ به چيو ويندو آهي. شروعاتي تعليم
هالا مان ورتائين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائون.
مخدوم امين فهيم صاحب شاعريءَ جي شروعات 1953ع ۾ ڪئي. پهريائين
”امين“ تخلص اختيار ڪيائون،
پر
پوءِ
مخدوم امين، شاعريءَ ۾ ”فهيم“ تخلص اختيار ڪيائين.
جناب غلام محمد گراميءَ جي چواڻي: ”مخدوم امين
فهيم جي شاعريءَ ۾ سوز و گذار، محبت ۽ رِقت جا اهي
سڀ معيار موجود آهن، جيڪي هڪ قادرالڪلام شاعر جي
شاعريءَ ۾ ٿين ٿا.“
مخدوم امين فهيم صاحب
غزل جي عمده شاعري ڪئي آهي، قومي شاعريءَ ۾ به بهترين
ڪلام چيا اٿائون.
سندس ٻولي پختي، رسيلي ۽ مٺي آهي. پنهنجي والد
بزرگوار جي صحبت ۽ هالا جي ادبي ماحول ۾ هيءُ رچي
ريٽو ٿيو. سندس ڪلام جو مجموعو ”پيغام“، سنڌي ادبي
بورڊ، ڊسمبر 1990ع ۾ شايع ڪري چڪو آهي. سندس
جوانيءَ جي دور ۾، شاعريءَ ۾ وقتاً فوقتاً ڪجهه
وقفو به نظر اچي ٿو، جنهن جو سبب سندس سياسي،
فلاحي، قومي ۽ خانداني مصروفيتون
هيون. سياسي سفر جو آغاز 1970ع ڌاري قومي
اسيمبليءَ جي ميمبر ٿيڻ سان ڪيو. ڪجهه وقت سنڌ جي
گورنر جو صلاحڪار پڻ رهيا، پوءِ مرڪز ۾ وزير
مملڪت جي
عهدي تي فائز ٿيا. 1977ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر منتخب ٿيو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ
جي ڪابينا ۾ روينيو ۽ آبادڪاريءَ جا
وزير ٿيا.
1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ مواصلات جا
وزير مقرر ٿيا.
1990ع، 1993ع
۽ 1997ع وارين عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊيا ويا.
2008ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيا ويا.
پاڻ صاحب پاڪستان حڪومت ۾ سينيئر وزير ۽
وفاقي وزير کانسواءِ پاڪستان پيپلزپارٽي
پارليامينٽرين جا صدر ۽ پيپلزپارٽيءَ جو سينيئر وائيس چيئرمئن پڻ
رهيا. مخدوم محمد امين فهيم
صاحب 21 نومبر 2015ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
(سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا)
غزل
اي دلِ ناشاد هرگز تون ڏکن کان غم نه ڪر،
تنهنجي دردن جو ڪو ٿيندو نيٺ درمان غم نه ڪر.
چند روز آهن خزان جا باغبان غمگين نه ٿي،
”فصلِ گل ايندو، وطن ٿيندو گلستان غم نه ڪر.“
جو ڍڪڻ وارو آ، هر ڪنهن کي ڍڪي ٿو پاند ڏئي،
ڪئن ڇڏيندو سو ڀلا هڪ توکي عريان غم نه ڪر.
صاحبِ ڪون و مڪان جي در پيو تون
دانهنجا،
سو ڪندو سڀ تنهنجا مشڪل آخر آسان غم نه ڪر.
دل جي ڪشتيءَ
جو اگر تو نا خدا مرسلصه
ڪيو،
خاطري ڪر پوءِ آهين پار، انسان غم نه ڪر.
توکان منزل دور ناهي ۽ نه آ مشڪل رَسڻ،
تنهنجو رهبر آهي اعليٰ، اي مسلمان! غم نه ڪر.
هو ته مڙني کان مٿاهون، آ، سندءِ رهبر ”امين“،
خود خدا جنهن جو ٿيو آهي ثنا خوان غم نه ڪر.
16
،
جنوري 1957ع ميرپور بٺورو
ڪتاب ”پيغام“، مخدوم محمّد امين فھيم، ص 31[
استاد
بخاري

(1992 – 1930ع)
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر 'سيد احمد شاهه
”استاد بخاري“ ولد سيد حاجن شاهه، 16 جنوري 1930ع
تي تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ غلام چانڊيي ۾
ڄائو. 1944ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري، 1947ع ۾ تعليم
کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ
مان سنڌي ادب ۾ ايم.اي ڪيائين. 1967ع ۾ گورنمينٽ
ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ پروفيسر
جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي
بهترين ۽ جديد سنڌي شاعرن ۾ پهرينءَ صف جو شاعر
هو. سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن،
جيڪي هيٺيان آهن: ’گيت اسان جا جيت اسان جي‘
(1971ع)، ’هي گيت گلابي ٻارن جا‘ (1980ع)، ’اوتون
جوتون‘ (1985ع)،
’ڪوڪڻ يا ڪلياڻ‘ (1986ع)، ’سوچون، ڀڻڪا، واڪا‘
(1990ع)، ’لهر لهر دريا‘ (1990ع)، ’ڪاري ڪڪر هيٺ‘
(1991ع)، ’ڌرتي سرتي‘ (1991ع)، ’زندگي زندگي‘
(1992ع)، ’نه ڪم نبريو نه غم نبريو‘(1993ع)،
’جستجو لاتقنطو‘ (1993ع)، ’ماندي ٿيءُ نه
مارئي‘(1994ع)، ’ولولو ۽ ووڪ‘ (1994ع)، ’ميلا
ملهالا‘ (1996ع)، ’وطن ۽ ويساهه‘ (1997ع)، ’گلدستي
۾ گيت‘ (2007ع)، ’بخاريءَ جا قطعا‘ (2008ع)، پير
نه هٽن پوئتي‘ (2007ع)، ’ڌوڙ دل تي درد جي‘
(2007ع)، گهڙيا سي چڙهيا‘ (2007ع)، ’هي گجرا هي
گولا‘ (1997ع)، ’هڙئي هيج وطن جا‘ (1998ع)، ’لهري
لهري ۾ لالاڻ‘ (1998ع)، ’ڳائي پيو جاڳائي پيو‘
(1999ع) ۽ ’تڙ تيڏيان ڳالهيان‘، ’تڙ تڙ تيڏيان
ڳالهيان‘ (سرائڪي شاعري- 2001ع)، استاد بخاريءَ جي
شاعريءَ جي لغت ”اکر اکر آرسي“ عنوان سان عزيز
ڪنگراڻيءَ تيار ڪئي آهي، جيڪا سنڌي لينگويج
اٿارٽيءَ 2009ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي. سنڌي زبان
جو هيءُ ٻهڳڻو شاعر آخري عمر ۾ ڪئنسر جي موذي مرض
۾ وٺجي ويو ۽ انهيءَ مرض سبب 9 آڪٽوبر 1992ع تي
ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ وفات ڪيائين. 10 آڪٽوبر 1992ع
تي دادوءَ ۾ دفن ٿيو. سندس زندگيءَ ۽ فن تي اهم
ڪتاب نوجوان اديب علي دوست عاجز ”آديسي استاد“
نالي لکيو آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران
سال 2005ع ۾ ڇپيو آهي. ان کان سواءِ استاد بخاريءَ
جي نثري لکڻين، انٽرويوئن، مهاڳ وغيره تي مشتمل
ڪتاب آزاد انور ڪانڌڙي ترتيب ڏئي ”سمي دريا، سمي
صحرا“ عنوان سان ڪويتا پبليڪيشن پاران 2007ع ۾
ڇپايو آهي. استاد بخاريءَ جا ڪلام جهر جهنگ فنڪار
ڳائين ٿا ۽ سنڌ جو بيحد مقبول
شاعر آهي.
(سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا)
*
يار ڇڏي ويا ڇا ٿو سوچين، پنهنجو پاڻ به ڇڏڻو
پوندو،
لوءِ لوءِ ڪارڻ سِڪ سڏڪين ٿي، لئن لئن مان به ته
لڏڻو پوندو.
ڇم ڇم ۾ هي غم جو نغمو، ٽوڪين ٿو تون ڪوڪ ڪيم ڇو،
ڪو جو ڏنگ لڳي ٿو گهرو، ٿورو ڇرڪ ته ڀرڻو پوندو.
پاڻمرادو هوت نه ملندو، هوت ته ڇا پر موت نه
ملندو،
ڪوته ڪشالو ڪٽڻو پوندو، تڻڻو پوندو تڏڻو پوندو.
خاڪي سان گڏ نُوري چوندي، فاني سان گڏ باقي چوندي،
ماڻهو تنهنجي، مان رکڻ لئه، پاڻ اسان کي پڏڻو
پوندو.
ويس بسنتي، خوشبو
وايون، جوتون راهون، جهرمر جايون،
اهڙي سهڻي سپني ۾ ئي، آکيرو ڪو اڏڻو پوندو.
هِن جو پيلو، هُن جو نيلو، ڪنهنجو ڪارو ڪنهنجو
ڪمرو،
گلدستي ۾ گيت ”بخاري“، توکي گلابي گڏڻو پوندو.
]ڪتاب
”نه ڪم نبريو نه غم نبريو، ص 135
ميرزا علي محمد بيگ مظفر

(1898 -1981ع )
ميرزا علي محمّد بيگ ”مظفّر“ ولد ميرزا قربان علي
بيگ 7- مئي 1898ع تي ٽنڊو آغا ۾ توّلد ٿيو. ميرزا
صاحب پنهنجي والد کان قرآن مجيد ۽ فارسي جي تعليم
حاصل ڪئي. پرائمري تعليم وٺڻ بعد ”نولراءِ هيرانند
اڪيڊمي“ ۾ داخل ٿيو. 1918ع ۾ روينيو ڊپارٽمينٽ ۾
سرڪاري ملازم ٿيو ۽ شاعريءَ جو آغاز ڪيائين، 1920ع
۾ هزهائينس مير عبدالحسين خان ”سانگي“ (جيڪو ان
وقت آنرري مئجسٽريٽ هو) وٽ سرڪاري طور سر شتيدار
مقرر ٿيو. ان زماني ۾ پنهنجي ڪلام جي اصلاح پنهنجي
والد ۽ هزهائينس مير عبدالحسين خان ”سانگي“ کان
وٺندو هو. ميرزا صاحب جي ڪلام ۾ مناجات، نعت،
قصائد، مرثيه، سلام، غزليات ۽ رباعيات وغيره،
سنڌي، اردو ۽ فارسي زبانن ۾ موجود آهن. سندس
مقالا ۽ يادگيريون، نظم سان گڏ نثر ۾ به تحرير ٿيل
آهن. ميرزا صاحب 23-صفر 1401هه مطابق 1- جنوري
1981ع تي وفات ڪئي ۽ پنهنجي آبائي قبر ستان ۾ دفن
ٿيو .
ڪلام
کسي ديدار سان دل ويو اوّل مونس دويم دلبر،
جو مونس، مونسِ جاني ۽ دلبر دلبرِ شڪّر.
ٿيا چشم و دهان هن جا اوّل نرگس دويم چشمه،
جو نرگس، نرگسِ شهلا ۽ چشمه چشمهء ڪوثر.
خط و خالِ نگار آهن اوّل حالت دويم خاطر،
جو سنبل، سنبلِ مشڪين ۽ نقطه نقطهء عنبر.
سڄڻ پنهنجي جو مان آهيان اوّل چاڪر دويم بنده،
جو چاڪر، چاڪرِ ڪنهه ۽ بنده بنده ڪمتر.
گهري حق کان ”مظفّر“ ٿو اوّل ساقي دويم باده،
جو ساقي، ساقيِ گلرخ ۽ باده باده احمر.
ڪتاب ”دُرناياب عرف يادِرفتگان، ص 158
تحقيق

پهرين تاريخ ربيع الاول (962هه) جو روانا ٿي، ڏهن
ڏينهن کان پوءِ (10- ربيع الاول) راجپوتن جي ڳوٺ
پارڪر ۾ پهتاسين، جتي ڪفارن اسان کي گهيري ۾ آندو،
پر شڪر ٿيو جو پرواني ڏيکارڻ ۽ ڪجهه پئسن ڏيڻ ڪري
اسان جي مٿان اها بلا ٽري ويئي. انهيءَ کان پوءِ
اسين ڪڏهن غافل ڪونه رهياسين ۽ خطري جي مقابلي
لاءِ هر وقت چوڪس رهڻو پيو. ٻئي ڏينهن (11- ربيع
الاول) تي وري راجپوتن (راشپوت) جي هڪ ٻي ٽوليءَ
رستي- روڪ ڪري، اسان سان سخت ويڙهه شروع ڪري ڏني.
کو رندو کي کيبي راشپوت الابي دوه جيلر کو تور
دي ردلابي
مون پنهنجي ساٿين کي حڪم ڏنو ته اُٺن کي چوڌاري
ويهاري حلقو قائم ڪيو. جنهن کان پوءِ اسان چوڌاري
باهه وسائڻ شروع ڪري ڏني. ڪفار اهڙي مقابلي لاءِ
تيار ڪونه هئا. نياپو موڪليائون ته اسان وڙهڻ ڪونه
ٿا گهرون، اسان کي فقط محصول ڏيو. مون کين جواب
موڪليو ته اسان واپاري ڪونه آهيون، اسان وٽ دوائون
۽ مَڻِ (دارو و مهره) آهن، جنهن جو محصول اسين ادا
ڪري چڪا آهيون. جيڪڏهن محصول جهڙي ڪابه شيءِ هجي
ها ته اسين خوشيءَ سان پاڻهرتو ڀريون ها. انهيءَ
جو اثر حملي ڪندڙن تي خاطر خواه ٿيو ۽ هنن ضد ڇڏي
ڏنو.
اسين قريباً ڏهه ڏينهن رڻ ۾ هلي (21- ربيع الاول)
وانگہ ۾ پهتاسين، جيڪو سنڌ جو سرحدي شهر آهي. هتان
اسان ٻيا اُٺ ڀاڙي ڪيا ۽ پنج ڏينهن پنڌ ڪري جوڻ ۽
فتح باغ (جونہ و شهر باغ فتح) ۾ آياسين. انهيءَ
وقت سنڌ جي تخت تي شاهه حسن ميرزا متمڪن هو. هن
چاليهه ورهيه راڄ ڪيو ۽ گذريل پنجن سالن کان فالج
(نيم تن) جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو هو، جنهنڪري گهوڙي
سواريءَ کان لاچار ٿي، سنڌو درياهه (درياء
سيحونده) ۾ ٻيڙيءَ رستي اچ وڃ ڪيائين ٿي.
انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي دارالخلافہ ٺٽي (پاء تختند
تتہ) جو ڪماندار عيسيٰ ترخان، شاهه حسن ميرزا جي
چند لائق اميرن کي قتل ڪري خزاني تي قبضو ڪري ويٺو
هو، جيڪو نصرت آباد جي قلعي ۾ گڏ ٿيل هو. هن نقدي
پنهنجي ماڻهن ۾ ورهائي پاڻ کي همايون بادشاهه جو
لقب ڏيئي جمع جي خطبي ۾ پنهنجو نالو شامل ڪري
نقارو وڄرايو.
انهيءَ تي شاهه حسن ميرزا، سلطان محمود نالي
پنهنجي ديني ڀاءُ (کوکلتاش- کلداشني- ٿڃ شريڪ
ڀاءُ) کي بري فوج جو ڪماندار ڪري، پاڻ چار سؤ
جهازن جو ٻيڙو وٺي، مير عيسيٰ بيگ باغيءَ جي
سرڪوبيءَ لاءِ هليو.
جڏهن منهنجي پهچڻ جي کيس خبر پيئي ان وقت هن وڏي
مان ۽ آبروءَ سان منهنجو آڌرڀاءُ (استقبال) ڪيو.
اها ربيع الثانيءَ جي شروعات هئي. هن مون کي سروپا
(خلعت) پهرائي ۽ اسان جي ٽولي کي غيبي لشڪر ڪري
سڏيو (لشڪر غيب). ساڳئي وقت لاهوري بندر يعني ديول
سند (بندر لاهوري يعني ديول سندي) جي صوبيداريءَ
جي به آڇ ڪيائين، ليڪن مون انڪار ڪيو.
مون کانئس اڳتي وڃڻ جي موڪل گهري، جنهن تي چيائين
ته جيسين پيش آيل مهم ڪاميابيءَ سان پوري نه ٿي
تيسين موڪل جي درخواست منظور نه ٿيندي. انهيءَ
باري ۾ هن منهنجي بادشاهه جي حضور ۾ پڻ عريضو
موڪلي ڏنو. ساڳئي وقت جيسين اها پڪ نه ٿيس ته اسين
مير عيسيٰ جو طرف نه آهيون، تيسين کيس آرام نه
آيو. اسان ڪيترو به يقين ٿي ڏياريو ته اسان جي
هٿيارن سان- مسلمان هجڻ سبب- کيس ڪوبه آسيب ڪونه
ٿيندو، ليڪن هن اهوئي چيو ٿي ته ڇا اسان سڀ هڪ قوم
نه آهيون؟ بغاوت ۾ اسان جا ئي ڀائر ۽ عزيز شامل
ڪونه آهن؟ اهو واقعي سچ به هو!
آءٌ سنڌ جي مشائخن مان شيخ عبدالوهاب سان مليس ۽
کانئس دعائون حاصل ڪيم. شيخ جمالي ۽ شيخ ميرڪ جي
مقبرن جي به زيارت نصيب ٿي.
سيد حسام الدين راشدي
ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“
ص 372-373-374 تان ورتل
انهيءَ تي شاهه حسن ميرزا، سلطان محمود نالي
پنهنجي ديني ڀاءُ (کوکلتاش- کلداشني- ٿڃ شريڪ
ڀاءُ) کي بري فوج جو ڪماندار ڪري، پاڻ چار سؤ
جهازن جو ٻيڙو وٺي، مير عيسيٰ بيگ باغيءَ جي
سرڪوبيءَ لاءِ هليو.
جڏهن منهنجي پهچڻ جي کيس خبر پيئي ان وقت هن وڏي
مان ۽ آبروءَ سان منهنجو آڌرڀاءُ (استقبال) ڪيو.
اها ربيع الثانيءَ جي شروعات هئي. هن مون کي سروپا
(خلعت) پهرائي ۽ اسان جي ٽولي کي غيبي لشڪر ڪري
سڏيو (لشڪر غيب). ساڳئي وقت لاهوري بندر يعني ديول
سند (بندر لاهوري يعني ديول سندي) جي صوبيداريءَ
جي به آڇ ڪيائين، ليڪن مون انڪار ڪيو.
مون کانئس اڳتي وڃڻ جي موڪل گهري، جنهن تي چيائين
ته جيسين پيش آيل مهم ڪاميابيءَ سان پوري نه ٿي
تيسين موڪل جي درخواست منظور نه ٿيندي. انهيءَ
باري ۾ هن منهنجي بادشاهه جي حضور ۾ پڻ عريضو
موڪلي ڏنو. ساڳئي وقت جيسين اها پڪ نه ٿيس ته اسين
مير عيسيٰ جو طرف نه آهيون، تيسين کيس آرام نه
آيو. اسان ڪيترو به يقين ٿي ڏياريو ته اسان جي
هٿيارن سان- مسلمان هجڻ سبب- کيس ڪوبه آسيب ڪونه
ٿيندو، ليڪن هن اهوئي چيو ٿي ته ڇا اسان سڀ هڪ قوم
نه آهيون؟ بغاوت ۾ اسان جا ئي ڀائر ۽ عزيز شامل
ڪونه آهن؟ اهو واقعي سچ به هو!
آءٌ سنڌ جي مشائخن مان شيخ عبدالوهاب سان مليس ۽
کانئس دعائون حاصل ڪيم. شيخ جمالي ۽ شيخ ميرڪ جي
مقبرن جي به زيارت نصيب ٿي.
سيد حسام الدين راشدي
ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“
ص 372-373-374 تان ورتل |