يارمحمد چانڊيو

تنبوري
جون تارون
پيار جي پنڌ ۾ شايد ئي سنڌ جي ڪنھن اهڙي بزرگ جي
مزار هجي، جتي هنن محبت جون مَٽيون نه ڀريون
هجن....! ٽھڪ نه ڏنا هجن... لڙڪ نه هاريا هجن....!
۽ لاحاصل خوابن جي پيڙا ۾ اذيت نه ڀوڳي هجي....
ڀورل جي عمر ايتري ته ڪونه هئي، جو سندس وارن ۾
چاندي نمايان ٿيڻ لڳي ها، پر سماج جي جھالت ۽ ان
جي غلط روايتن سان جهيڙيندي هو جسماني طور ڪمزور
ٿي پيو هو. اکين جي چمڪ جهيڻي ٿي هيس، پر همت هاري
شڪست قبولڻ لاءِ ھن ڪڏھن سوچيو به نه هو!
مديجي روڊ سان ويندي، هو جڏھن ڳاهيجا ڳوٺ جي ڀرسان
اسٽاپ تي اچي پھتو ته هن موٽر سائيڪل کي پاسي تي
بيھاري، ڳوٺ جي ساڄي ڪناري تي گهڙيالن واري پيرَ
جي مزار جو عقابي نظرن سان جائزو ورتو. مزار جي
اندر ۽ ٻاھر ڊزن سوا مرد بيٺل هئا ۽ ان کان ٿورو
پرڀرو بيد مشڪن جي ڇانو ۾ پيرسن عورت سان گڏ ھڪ
الھڙ ۽ جوان ڇوڪري به نقاب ويڙھي بيٺل هئي، جنھن
جي هٿ ۾ هڪ نئون گهڙيال پڪڙي رکيل هو.
”نورين! هن نقاب ۾ ويڙھيل الھڙ ۽ جوان ڇوڪريءَ جي
ڀرسان پھچي آواز ڏنو.
”ڀورل....! تون اچي وئين....! مان ڏاڍو انتظار
ڪيو... اوهان اچڻ ۾ ايڏي دير ڇو ڪئي؟“
”رستي ۾ موٽر سائيڪل خراب ٿي پئي....!“
”گاڏي خراب ٿي پئي هئي يا تيل ختم ٿي ويو هئس!“
”ايڏا ڏکيا ڏينھن اڃا ناهن پھتا!“
”معنيٰ ڏکيا ڏينھن به ضرورايندا... “
”ظاهري آ!“ ڀورل جي گهنج پيل چھري تي سماج لاءِ
چٿر واري مُرڪ تري آئي، چيائين ”درگاهن جي حصي جا
گهڙيال اسان جي نصيبن ۾ ايندا ته مجاورن جي روزي
تي لت ايندي...۽ ھو...“
”ڇا هو؟ “
”مجاور هروڀرو اهڙا به ڪونھن.“
”ڪھڙا ڪونھن؟ “
” جھڙو تون سمجھين ٿو! “
”مان ڇا ٿو سمجهانِ؟“
”ٺڳ! “
” هو ٺڳ ناهن ؟“
”نه!“
”باقي....؟ ڀوڪ بصرآھن؟“
”اهو وري ڪيئن؟… مون نه سمجهيو؟“
”سياڻا هجن ها ته درگاهن جي وڻن ۽ ڀتين تي سوين
۽ هزارين عمده گهڙيال بيڪار ٿيڻ لاءِ ڇڏين ھا؟“
” باقي ڇا ڪن ها؟“
”گهڙيالن تي خرچ ڪيل رقم مان پنھنجي اولاد جو دوا
درمل وٺن ها... ٻن ويلن جي گذران جو اونو ڪن ها...
هي ته اجايو...!“
”اجايو مطلب؟“ نورين ڄڻ الجهي پئي.
”نورين هڪ مري ويل ماڻھو کي کاڌو کارائي سگهجي
ٿو؟“
”نه!“
”پاڻي پيئاري سگهجي ٿو؟“
”نه!“
”۽ مري ويل شخص کي سڏ ڪري سگهجن ٿا؟“
”ها ! “
”ڇا اهو مري ويل شخص اوهان جي سڏ جو جواب ڏئي
سگهي ٿو؟“
”ناممڪن!“
”جيڪو ماڻھو اسان جا سڏ ٻڌي نه ٿو سگهي... ۽ ھن
وٽ جواب ڏيڻ ۽ ڳالھائڻ جي سگهه به نه هجي،ڇا اهو
ڪنھن جي قسمت کي تبديل ڪرڻ جي طاقت رکندو
هوندو؟... مٽي جي ڍير ۾ مٽي ٿي ويل انسان ڪي به
ڪرشما ناهن ڏيکاري سگهندا... ان ڪري ئي مان توکي
هنن درگاهن تي اچي وقت وڃائڻ کان باز اچڻ جي لاءِ
تلقين ڪندو آھيان...!“
”مطلب ته جيڪو ڪجھه ڪرڻو پوندو، پاڻ کي ڪرڻو
پوندو... مزارن تي بيھي ڪيل اسان جون عاجزيون ڪي
به نتيجا نه ڏئي سگهنديون... ساري جدوجھد اسان کي
ڪرڻي پوندي!“
”بلڪل!“
”چڱو ڇڏ بحث کي... اسان کي هاڻي ڇا ڪرڻ
گهرجي؟...“
”سڀ کان پھريان ته اهو نئون گهڙيال منھنجي
حوالي ڪر....! درگاھه جي ڀتين تي لڳائڻ کان بھتر
آھي ته مان ان کي پنھنجي اسٽڊي روم ۾ لڳائي
ڇڏيان.... !“
”گذريل ڀيري به ته کڻي ويو هئين؟“
”اهو اوطاق ۾ لڳايو هيم!“
”ان کان اڳ ۾ به کڻي ويو هئين؟“
”اهو گهڙيال امان گهر جي بورچيخاني ۾ لڳايو
هو.... !“
”بورچيخاني ۾!“ نورين کان ٽھڪ نڪري ويو، چيائين
”اها ڪھڙي شرافت آ؟“
”درگاھه جي ديوارن ۽ وڻن تي تي لڳل گهڙيالن کي
ڏس نورين....! پکين جي وٺين هنن کي بليڪ اينڊ
وائيٽ بڻائي ڇڏيو آھي!“
”نه....! مان هن ڀيري توکي پنھنجو گهڙيال نه
ڏينديس؟“
”نه ڏيندينءَ ته هن ئي درگاھ تان ست گهڙيال
لاهيندس...“
”ايترا ڇو؟“
”ڳوٺ ۾ ورهائيندس!“
”هل ڪنا!“ نورين مرڪي پئي، چيائين ”تون پيرن جي
ڪرامتن جو انڪاري ڇو هوندو آن؟“
”ڪھڙيون ڪرامتون اٿن؟ ڪرامتون زندھه انسانن جي
وجود مان جنم وٺنديون آھن...“
”هنن درگاهن جي در تان ڪڏھن سوالي خالي ناهن
موٽندا....! “
”تون جو موٽي ويندين آ خالي....!“
”پر مان هن ڀيري خالي نه موٽنديس... منھنجون
اميدون پوريون ٿينديون...!“
”ڪھڙيون اميدون؟“
”توسان هڪ ٿيڻ جون اميدون... گڏ رھڻ جون
اميدون!“
”مشڪل!“
”ڇو؟“
”ڏس نورين....!“ ڀورل جو آواز بلند ٿيو ”تون پيرن
تي اجائي سُکان باسي، پَڙَ ۽ گهڙيال چاڙھي پنھنجو
وقت برباد نه ڪر....! پنھنجي ماءُ کي راضي ڪر...
هن کي مون بابت سڀ ڪجھه سچ ٻڌاءِ؟“
”اهو ٻڌايانس ته مان هڪ ڪنگال عاشق سان پيار
ڪندي آھيان!“
”مان بيروزگار ضرور آھيان، پر ڪنگال نه....!
اگر مان ڪنگال هجان هانه ته تنھنجي لاءِ ڪپڙن جا
تحفا نه خريديان هان!... چوڙين جي پسند جو خيال نه
رکان هان... پنھنجي پرس ڏي کڻي ڏس... اهڙيون
خوبصورت شيون ڪنگال عاشق خريدي سگهندا آھن ڇا؟“
”هل ڪنا!“ نورين معمول جيان کلي پئي. هن جي
کل جي پويان هن جي شڪست نمايان ھئي. پختن ارادن جي
کوٽ هن جي زندگي ۾ دربدرين جون موسمون کڻي آئي
هئي. هوءَ جڏھن به ڀورل جي دليلن جو مثبت جواب
نه ڏئي سگهندي آھي، تڏھن ”هل ڪنا“ چئي شروع ٿيل
بحث جو رخ موڙي ڇڏيندي آھي، هن ڀيري به هن ائين ئي
ڪيو، چيائين:
”ڀلا ٻڌ ته....!“
”ٻڌاءِ؟ “
”چوري چوري ڪيستائين ملنداسين؟“
”جيستائين تنھنجي ماءُ راضي نه ٿيندي!“
ڀورل هن جي هٿ ۾ پڪڙي رکيل گهڙيال لاءِ ھٿ وڌايو
ته هن يڪدم ھن جي هٿن کي پرتي ڪندي چيو ”سچ ٻڌاءِ
ڪاڏي ڪندين گهڙيال؟“
”کپائيندس!“ مرڪندي وراڻيائين ”ڪنگال عاشق جي هڪ
ڏينھن جو گذران ٿي ويندو!“
”هل ڪنا! هن وري ٽھڪ ڏنو ”وس هلئي ته هن درگاھه
جا سڀ گهڙيال به وڪرو ڪري ڇڏين!“
ان ساعت هنن جي آواز تي پير جي درگاھه جي مجاور جو
ڌيان ھنن طرف ٿي ويو ته، اچانڪ سندن چھري تي ترڇي
نظرون ڦيري چيائين ”اچو... اچو... بابا... سائين
بابا جي درگاھ تي دعائون گهرو... توهان جي دل جون
اميدون پوريون ٿي وينديون!“
”ڪا گارنٽي؟“ ڀورل نورين کان منھن موڙي درگاھه جي
مجاور ڏي نھاريو، چيائين”دنيا چنڊ تي پھتي آ ۽
اوهان...“
”ڇا اسان؟ “ مجاور ايترو چئي هن طرف وڌي آيو،
چيائين ”ڇا اسان....؟ هان....؟ ٻڌاءِ نه....؟“
”۽ توهان قبرن جي مٽي کي مقدر سمجهي وتو ٿا
ماٿي لائيندا!“
”مون ڪافي ڀيرا توکي سائين بابا جي درگاھ جي
بيحرمتي ڪندي ڏٺو آھي...پوءِ ڇو ايندو آن هتي؟“
”محبوبه سان ملڻ!“ ڀورل يڪدم وراڻيو.
مجاور جو منھن ٽامڻي هڻي ويو، هن جذبات ۾ اچي
ڪجھه چوڻ گهريو، ته ان کان اڳ ڀورل کيس سخت لھجي
۾ چيو ”چپ ڀنگوڙا!... پوليس کي سڀ خبر آھي ته
اوهان درگاهن تي ڪھڙا ڪھڙا گُل بَکيڙا ٿا
ڪيو....!“
ڀورل جي سخت لھجي تي درگاھه جي مجاور کڻي ڪَنَ
ڇَٻا ڪيا، هو ڪڇي ڄڻ ڀت!
”هل ڪنا....!“ نورين کان ٽھڪ نڪري ويو، مرڪندي
وراڻيائين ”پوليس وارا داٻا ڏيڻ ڪوئي توکان سکي!!
“
اڌ- مُني ڪلاڪ جي ملاقات ڪري ٻئي ڄڻا پنھنجي
پنھنجي گهرن ڏانھن خالي هٿين موٽيا، هنن جون
اميدون اڌوريون ئي رهيون. هڪ ٿيڻ جي آس ۾ ھنن جي
نيڻن نير وهايا ۽ پوءِ وڇڙيا ته ڪيئي بھارون هنن
هڪ ٻئي جي جهلڪ به نه ڏٺي!!
اهي بھار جي مند جا ڏينھن هئا:
نورين جو نياپو ملندي ئي، ڀورل چنڊ جي پھرين
جمعي جي رات هو ڀٽ شاھه تي لطيف جي نگري تي هليو
آيو. نورين پنھنجي ماءُ سان گڏجي آيل هئي، جتي
هوءَ منتظر اکين سان ڀورل جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيچين
هئي. هن پنھنجي محبت ۾ مخمور نگاهن کي بار بار مٿي
کڻي پنھنجي پنھون کي ڳولھيو پئي!!
نورين پنھنجي جواني ۾ ڪيترين ئي درگاهن تي
حاضري ڀري هئي، پر ڀٽ شاھه جي هن نگري جو ماحول ئي
نرالو هو. هتي ڪنھن سائل قبرن جي مٽي نه ٿي چٽي.
هتي ڪنھن ٺوڳي مجاور ڪنھن ۾ بُريون نگاهون نه ٿي
اٽڪايون. هتي سڀڪا پسي پرين کي واري رمز جو ماحول
هو. شاھه لطيف جي فقيرن سڄي رات زندگي ۽ عشق جي
فلسفي کي آلاپيو.... رات جي پوئين پھرن ۾ نورين
کان تڏھن دانھن نڪري وئي، جڏھن شاھه لطيف جي
فقيرن سان گڏ ڀورل ھڪ نئون آواز آلاپيو هو:
مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس....،
ان سمي نورين جون اکيون ڇلڪي پيون. ھن مجازي
نگاھون کڻي ڀورل جي اکين سان اکيون ٽڪرايون، ھوءَ
اٿي بيھي رھي، بلند آواز ۾ وراڻيائين:
نه ڪا عام نه خاص، جي وئا سي وڍيا
نورين جي ان رات جي تڙپ سندس سموري عمر جي اذيت
کان مٿانھين هئي. هن رات جي پھر ۾ ڀٽائيءَ جي آڳر
تي بيٺي پير جيڪي سڏڪا ڀريا، ان جي پيڙا فقيرن جي
سر راڻي ۾ نمايان ٿي هئي :
شمع ٻاريندي شب، پرھه باکون ڪڍيون،
موٽُ مَران ٿي مينڌرا، راڻا ڪارڻ ربَ،
تنھنجي تات طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا.
نورين هوش ۾ نه هئي. ھن فقيرن جي آواز مان
نڪرندڙ درد کي باھ جو آڙاھُه سمجهي وڏي دانھن
ڪئي، ڄڻ هوءَ مومل جو ٻيو جنم وٺي، ڀٽائي جي
پيراندي کان پاند ڳچي ڳل پل پائي دانھون ڪندي
هجي... ڄڻ تنبوري جي هر ڇڙيل تار ۾ سندس زندگي جا
ساھه سمايل هجن!!
”منھنجي نورين!“ نورين جي امڙ جي دانھن ڀٽائيءَ
جي مزار ۾ پڙاڏو بنجي گونجي اٿي....!!
” تنھنجي نورين رب کي وڃي پَرتي “ڪنھن اجنبي
آواز تي ڀورل کان دانھن نڪري وئي. تنبوري جون وڌيڪ
تارون ڇڙيون :
سوڍي سِرُ نِيو، هت ڪرنگهر سَکڻو،
راڻي جي رهاڻ کي، سڪي ساھ پيو،
پسان ڪين ٻِيو، توريءَ اکڙين سين.
ڀٽائيءَ جي فقيرن جون نظرون تڏھن وڌيڪ حيران ٿي
ويون، جڏھن سندس سٿ ۾ شامل اجنبي شخص ڀورل جا هٿ
تنبوري تان هٽي ويا، هن ڊوڙ پائي نورين کي سڏڪندي
پڪاريو ۽ پوءِ جوابي سڏ نه ملندي هن به پاڻ ڇڏي
نورين جي وکريل وارن ۾ ھٿ ڦيري الوداعي لفظن ۾
چيو:
ڪاڪَ ڪڙھي وڻ ويا، جَلي منهنجي جان،
رَکي ڪامَ ڪَڻڪِيو، ماريس تنھن گمانَ،
هڏ نه جيان هاڻ، سگهو موٽج سپرين!
ڀٽائي جي فقيرن جا هٿ تنبوري جي سرگم تان
رڪجي ويا، سندن اکيون آليون ٿي پيون، آسمان ڏي نظر
ڦيرائي چيائون:
صاحب تنھنجي صاحبي عجب ڏٺي سون...
آغا عمران

آيل! ڪيئن رهندو
پرينءَ ريءَ جندڙو
شاهه لطيف جي مزار تي حاضري ڏيندي، دعا لاءِ جيئن
ئي هٿ کنيا هئا، ته سامھون هوءَ نظر آئي هئي.
نظرون ملڻ سان ئي هوءَ ڇرڪي ويئي هئي ۽ شايد هن
منھنجي گهور جو گهاءُ محسوس ڪندي پنھنجا نيڻ هيٺ
جهڪائي ڇڏيا هئا.
ها هوءَ عاشي هئي. اها ئي عاشي جنھن سان منھنجو
روح جو رشتو هو. اسين ٻئي سنڌ يونيورسٽي ۾ گڏ
پڙهندا هئاسين. هوءَ تمام گهڻي حساس هئي، شايد
تڏهن ئي شاعريءَ سان سندس عشق هو. سندس خوبصورت
شاعري منھنجي من ۾ پيار جا ديپ جلائي ڇڏيندي هئي.
اسين ٻئي ڪڏهن سينٽرل لائبريري جي ٻاهران ٺلھن کي
ٽيڪ ڏيئي ويھندا هئاسين، ته ڪڏهن آءِ.آءِ قاضي جي
مزار ٻاهران، ڪڏهن سنڌالاجي جي روڊ سان ڄام شوري
جي هوائن ۾ هٿ هٿ ۾ ڏيئي گهمندا هئاسين، ته ڪڏهن
مارئي هاسٽل جي ٻاهران ويھي مختلف موضوعن تي
ڳالھائيندا هئاسين ۽ ها ڪڏهن ڪڏهن مان عاشي جي
گهرن نيڻن ۾ گم ٿي ويندو هئس ۽ هوءَ پنھنجي نڪور
شاعري ٻڌائيندي هئي.
هڪ ڀيري يونيورسٽي کان مان ۽ عاشي، ڀٽ شاهه آيا
هئاسين. عاشي پريان ٻين عورتن سان گڏجي اچي منھنجي
ڀرسان بيٺي هئي. ٻنهي دعا لاءِ گڏ هٿ کنيا هئا.
هوءَ مون کي ڏسي مُرڪي پئي هئي ۽ ٻنھي دعا گهري گڏ
ختم ڪئي هئي. ٻاهر نڪري شاهه جي تنبوري واري ماڊل
وٽان گذرندي کيس گهري سوچ ۾ ٻُڏل ڏسندي کانئس پڇيو
هئم.
”عاشي ڇا پئي سوچين؟“
”سوچيان پئي ته، ڪاش! شاهه جي فڪر جي عميق ساگر
مان مون کي به ڪي چند بوندون نظراني طور ملي پون.“
ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيائين.
تَنھن جي معنيٰ ته تنھنجي دماغ مٿان شاعريءَ جو
ڀوت نه لھندو! مون کيس چيڙائيندي چيو هو.
”جنيد! توکي خبر آهي، ته مان شاعري جي معاملي ۾
ڪيتري سيريس هوندي آهيان. مون سان اهڙي مذاق نه
ڪندو ڪر.“ پل ۾ سندس چھرو غصي ۾ شل ٿي ويو هو.
”توبھه ڪئي بابا توبھه! آئنده اهڙي مذاق نه ڪندس.“
مون ٻنھي هٿن جون اشھد آڱريون نڪ تان گسائي ڪنن
جون پاپڙيون پڪڙيون هيون.
”منھنجي اها ادا ڏسي هوءَ مُرڪي پئي هئي. هن جو
غصو ڄڻ تيز اُس ۾ برف وانگر ڳري ويو هو. ڪجهه لمحن
پُڄاڻان مون کيس چيو هو.
”عاشي! ان ۾ ڪو به شڪ ناهي، ته تون ۽ تنھنجي شاعري
منھنجي دل جي ويرانين ۾ بھار آڻي ڇڏيندي آهي.“
”جنيد! منھنجي شاعري جي سموري سُونھن تون ئي آهين.
تنھنجي ئي وجود منھنجي اندر ۾ سگهه پيدا ڪئي آهي ۽
اظھار جو ڏانءُ ڏنو آهي.“
هن هڪ ڀيرو مُرڪي منھنجي نيڻن ۾ نيڻ ملائي مون کان
بي ربط سوال ڪيو هو، جنيد تون اڪثر هتي شاهه جي
درگاهه تي ڇا لاءِ ايندو آهين؟
مون ڪجهه لمحن جي سانت کان پوءِ کيس چيو هو، ته
”هتي سُڪون ملندو آهي....!“ منھنجي من کي. هر ان
ماڻھوءَ سان ملندي قرار ايندو آهي. جنھن جي اکين ۾
پيار جهلڪندو نظر ايندو آهي. جنھن جي لبن تي محبت
جا ٻول هوندا آهن، ۽ لطيف ته سراپا پيار هيو. هن
پنھنجي پرينءَ سان پيار جو ناتو ٻڌائيندي چيو آهي.
ڪڙو منجهه ڪڙي جيئن لوهار لپيٽيو،
منھنجو جيءُ جڙي سپريان سوگهو ڪيو.
عاشي! اهڙي محبتي شاعر جي مقبري تي اچي بس مان
پنھنجي پاڻ کي ڏاڍو مطمئن محسوس ڪندو آهيان ۽
منھنجي دل پيار سان ٽمٽار ٿي ويندي آهي. مون هڪ
ڊگهو ساهه کڻي کيس چيو هو. عاشي لطيف سائين ان بيت
جي معنيٰ ۾ منھنجو تو سان ائين جيءُ جُڙي ويو آهي،
جيئن.... پر الاهي ڇو...؟! مون کي ڊپ ٿيندو آهي ته
وقت جو ڳرو هٿوڙو ڪٿي اسان جي محبت جي مضبوط ڪڙن
کي ٽوڙي نه وجهي.
منھنجا دعا لاءِ کنيل هٿ اتي ئي ڄمي ويا هئا ۽ دعا
جا لفظ وسري ويا هئا. هوءَ اڃان تائين منھنجي
سامهون بيٺي هئي، سندس ڪنڌ جهڪيل هو. مزار اندر ڪا
خاص پيھه ڪونه هئي، ان ڪري هرڪوئي آرام سان اچي ۽
وڃي رهيو هو. مان دعا لاءِ کنيل هٿ منھن تي ڏئي
ڇڏيا ۽ ماضيءَ جي کنڊرن ۾ وڃائجي ويس.
ڪوئل ڪوڪي رهي هئي، هلڪي بوندا باندي ۽ ڄام شوري
جي مست هوا اسان کي بي چين ڪري رهي هئي. اسان آءِ
آءِ قاضي جي مزار تي هوا تي چُرندڙ پنن جي سرسراهٽ
۽ ڪوئل جي لات مان لطف اندوز ٿي رهيا هئاسين.
اوچتو عاشيءَ مون کان سوال ڪيو هو:
جُنيد! توکي ڪوئل جي ڪُوڪ ڪيئن لڳندي آهي؟
”چوندا آهن، ته ڪوئل خوشيءَ جا گيت ڳائيندي آهي،
جن مان ماڻھن جي دل کي سُرور ملندو آهي.“ مون چيو
هو.
”نه! جنيد ائين نه آهي. ڪوئل جي ڪوڪ ۾ ته درد جي
سدا هوندي آهي. وڇوڙي جا ورهه هوندا آهن. تون ڪڏهن
ان درد کي ته محسوس ڪري ڏس!“
مان خاموش رهيو هئس ۽ پوءِ هن پنھنجو هڪ نئون نڪور
نظم ٻُڌايو هو. مون اُن ڏينھن پھريون ڀيرو عاشيءَ
جي واتان اُداس نظم ٻُڌو هو. نظم پڙهي عاشي ڳنڀير
ٿيندي چيو هو.
ڪوئل هن موهڻي موسم ۾لاتيون ٻڌائي اسان سان هڪ
رشتو قائم ڪري رهي آهي، پراهو ناتو ٽٽڻ لاءِ فقط
هن جي هڪ ڦڙڪوئي ڪافي آهي. جنيد ماڻھو به ائين ڪي
لمحا ملندا آهن ۽ وري وڇڙي ويندا آهن. هڪ ٻئي کان
جڏهن هڪ ڏينھن وڇڙڻو ئي هوندو آهي ته پوءِ ملندا
ئي ڇو آهيون؟ مون سندس اکين ۾ ترندڙ لُڙڪن کي ڏسي
ورتو هو، جن کي هوءَ ڪرڻ کان روڪي رهي هئي.
اهو ڏسي منھنجي دل جو ڌهڪو وڌي ويو هو. چيومانس،
عاشي ڇا ڳالھه آهي، اڄ اهڙيون ڳالھيون ڇو ٿي
ڪرين...؟ هن حسين موسم ۾ وڇوڙي جون ڳالھيون نه
ٿيون سونھن عاشي. مون کي ٻُڌائي ڇا ڳالھه آهي، اڄ
تون ايڏي اُداس ڇو آهين؟
هوءَ ڪجهه به نه ٻُڌائي سگهي هئي ۽ ڏاڍو رُني هئي.
مون هن کي پھريون ڀيرو پنھنجي سامھون روئندي ڏٺو
هو. هن جي اکين مان لڙڪن جو مينھن وسي پيو هو. مون
سندس روئڻ جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون منٿون
ڪيون هيون، پر هوءَ مون کان نٽائي رهي هئي ۽ پوءِ
ساڳئي پل هوءَ پنھنجا ڳوڙها اُگهي وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي
کلي پئي هئي، پر الائي ڇو...؟ مون کي سندس کِلَ
ڪُوڙي لڳي رهي هئي، ڇو ته سندس کِلَ ۾ ايتري خوشي
نه ٿي محسوس ٿي جيترو ڏک هن جي روئڻ ۾ ٿي نظر آيو.
کِلندي کِلندي چيو هئائين، منھنجي ايڪٽنگ توکي
مايوس ڪري ڇڏيو نه؟ هان! جنيد ٻڌائي تون پريشان ٿي
ويو هُئين نه!؟ جنيد! سچ به تون حيران رهجي ويو
آهين نه منھنجي ايڪٽنگ تي....! جنيد! واقع
به....؟“
ان ڏينھن مون کي سندس ڪا به ڳالھه سمجهه ۾ نه آئي
هئي. انھيءَ لمحي ڪوئل اوچتو وڻ تان ڀڙڪو ڏيئي
اُڏامي ويئي هئي. مون هڪ وار ڪوئل ڏانھن ۽ پوءِ
عاشيءَ ڏانھن ڏٺو هو. منھنجي اکين ۾ به مايوسيءَ
جو سج لھي آيو هو.
اها اسان جي آخري ملاقات ثابت ٿي ۽ پوءِ عاشيءَ
يونيورسٽي اچڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. معلوم ڪرڻ تي خبر
پئي، ته والدين سندس مڱڻي سندس سڳي سؤٽ سان ڪرائي
ڇڏي آهي ۽ هن جو مڱيندو نه ٿو چاهي، ته هن جي مڱ
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي. منھنجي دل جو شيشو چڪنا چور
ٿي ويو. بس پوءِ پڙهائيءَ مان به دل کڄي ويئي هئي.
ايم.ايس.سي ڪليئر ڪرڻ ۾ 4 مھينا باقي هئا، جيئن
تيئن ڪري ڪليئر ڪئي.
ٻن سالن جي عرصي ۾ هڪ ڀيرو عاشي ريشم گلي ۾ نظر
آئي هئي. هوءَ مون سان نظرون ملائي نه سگهي هئي ۽
اک ڇنڀ ۾ ماڻھن جي سمنڊ ۾ گم ٿي وئي هئي. دل چاهيو
هو، ته کيس روڪيان کانئس انھيءَ ڏينھن کان پوءِ
واري اوچتي درشن جو سبب معلوم ڪريان ۽ کانئس پُڇان
ته منھنجي دل جي باغ جي ڪوئل تون ائين اوچتو ڦڙڪو
ڏيئي ڇو اُڏامي وئينءَ، پر مان ائين ڪري نه سگهيو
هئس. ها پنھنجي دل جي ٽڪڙن کي ميڙڻ لڳو هئس. ۽ ها
ان ڏينھن کان پوءِ جڏهن به مون ڪوئل جي ڪوڪ ٻُڌي
هئي، مون ان ۾ درد جي سدا محسوس ڪئي هئي.
مان منھن تان هٿ هٽائي ڇڏيا. نيڻن مان ڪريل لڙڪ
هٿن جي ترين تي ڪري پيا. سامھون ڏٺم ته عاشي نظر
آئي. اکين جي ڌنڌلاهٽ کي رومال سان صاف ڪري ٻاهر
نڪري آيس، هن کي ڏسڻ جي لاءِ. من جي لوچ پوچ وڌي
ويئي. آهستي آهستي منھنجي قدمن جي رفتار تيز ٿي
ويئي ۽ دل جي ڌڙڪن جي پڻ ..... ٻاهرئين روڊ تائين
پھتس، ته هن تي نظر پئي هوءَ پريان بيٺل اڇي رنگ
جي ڪار طرف وڃي رهي هئي. ساڻس گڏ سندس عمر کان
تقريباً ٻيڻي عمر واري هڪ ٻي عورت پڻ هئي. جيڪا
دعا گهرڻ وقت به هن سان گڏ نظر آئي هئي ۽ ڪار جي
اسٽيئرنگ تي هڪ خوبصورت ۽ سمارٽ نوجوان اڳ ۾ ئي
ويٺل هو. مون عاشي کي ڪار ۾ ويھندي ڏٺو. هوءَ ان
نوجوان سان فرنٽ سيٽ تي ويٺي ۽ پوئين سيٽ تي ساڻس
گڏ آيل ٻي عورت.
مان حسرت ڀرين نگاهن سان عاشيءَ کي ڏسي رهيو هئس،
ته ان لمحي عاشي ڪنڌ ورائي هڪ نظر مون ڏانھن
چمڪيلي اکين سان ڏٺو ۽ ٻئي لمحي ڪار تيزيءَ سان
ويندي اکين کان اوجهل ٿي ويئي. پوءِ مون پنھنجو
وجود واريءَ جيان وکرندي محسوس ڪيو.
فقير، شاهه جي اڱڻ ۾ شاهه سائين جي وائي ڳائي رهيا
هئا.
جيڏيون هُئو ضرور، آيل ڪيئن رهندو پرينءَ ري،
سگهو ساعت نه جندڙو، چارئي پھر چور،
آيل ڪيئن رهندو پرينءَ ريءُ.


فوين
عالمي ادب
ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي

ٻنڌڻ
افساني نگار بابت:
ڪلاسيڪي چيني افساني جي تاريخ ۾ ڪُشادي جاءِ
والاريندڙ افساني نگار فوين جي پيدائش نائين
صَديءَ جي وچ ڌاري ٿي. هن ڪيترائي افسانا لکيا.
جن مان ٽن جي باري ۾ پاڻ جيئري ئي چيو هئائين ته اهي ڏينهن قيامت تائين وڏي شوق ۽ پاٻوهه
وچان پڙهيا ويندا. انھن مان هڪ افسانو ترجمو ڪري
پرهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو.
-
سنڌيڪار
واءِڪُو دلچسپي وَٺندي کانئس پُڇيو، ”ڪھڙا ڪھڙا انساني مَسئلا توهان جي ڪَم
جي دائري ۾ اچن ٿا؟“
پوڙهي هڪدم وراڻيو،
”شادي وهانءَ جا مسئلا.“
”زبردست!“ واءِڪُو جي دلچسپي اڃان به وڌي
وئي،
”چڱو
ٿيو جو مان توهان وٽ پھچي ويو آهيان. مون
کي توهان
جي ئي ضرورت هئي. مان
ڳچ عَرصي کان پنھنجي شاديءَ جي ڏس ۾ ڪنھن مناسب
ڇوڪريءَ جي ڳولا ۾ آهيان، پرهيل تائين ڪاميابي
ناهي ملي سگهي. هتي به مان ان ئي ڪَم سان آيو
آهيان. هتان جي هڪ ماڻھوءَ مون سان واعدو ڪيو آهي ته هُو هڪ سُھڻي ۽ امير ڇوڪريءَ سان منھنجي شادي
ڪرائيندو.بابا! ڀَلا ٻُڌايو ته هن ڀيري ڪَم ٿيندو
يا نه؟“
”تنھنجو نالو ۽ ڏس پتو ڪھڙو آهي؟“ پوڙهي ڪتاب جا ورق اُٿلائيندي
پُٿلائيندي پڇيو.
واءِڪُو پنھنجو نالو ۽ ڏس پتو ٻڌايو.
پوڙهو چند گهڙين تائين لاڳيتو ڪتاب جا ورق
ورائيندو رهيو. پوءِ وري ترسي ترسي ڪجهه ڏسڻ لڳو. نيٺ چيائين،”نوجوان!
تون جنھن شاديءَ جي اميد کڻي هتي آيو
آهين. سا بنھه
ڪونه ٿيندي.شايد توکي اها خبر ڪونھي
ته انسانن جون شاديون ته اڳواٽ ئي مقدر ۾ لکيون
وينديون آهن.
هِن
ڪتاب ۾ شادين جي باري ۾ سڀ ڪجهه لکيل آهي.
مان هن ڪتاب ۾ ڏسي رهيو
آهيان ته اڃان تنھنجي شاديءَ ۾ ڳچ دير آهي، ڇو جو
تنھنجي ٿيندڙ زال هن وقت رڳو ٽن سالن جي آهي ۽
سندس شادي ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ توسان ئي ٿيندي.
تون ڳڻتي نه ڪر“.
”ڳڻتي نه ڪريان؟ ”واءِڪُو وائڙو ٿيندي
پڇيو،
”مطلب ته توهان اهو چوڻ چاهيو ٿا
ته
مون کي اڃان
ڳچ سال ڪنوارو رهڻو پوندو.“
”جي ها!“ پوڙهي وڏي اعتماد سان ٻڌايو ”ڇو
ته تنھنجي تقدير ۾ اهو ئي لکيل آهي“.
”مان هتي جنھن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ آيو
آهيان،تنھن سان منھنجي شادي ڪونه ٿيندي؟“
”ٻڌايم ته نه ٿيندي...
نه ٿيندي“ پوڙهي چيو.
واءِڪُو جو مٿو ڦري ويو. کيس سمجهه ۾ نه
ٿي آيو ته هو پوڙهي جي ان ڳالھه تي يقين ڪري
يا نه. اچتو سندس نظر پوڙهي جي ٿيلھي تي پئي،
”۽
توهان جي هن ٿيلھي
۾ ڇا آهي؟“
هن
بي چينيءَ مان پڇيو.
”ڳاڙهيون ريشمي ڏوريون“ پوڙهي جي چھري
تي هڪ معصوم مُرڪ
پکڙجي وئي، اهي ڏوريون به منھنجي هڪ حصي سان تعلق
رکن ٿيون. جيئن ئي دنيا ۾ ٻار يا ٻارڙي پيدا ٿيندي
آهي ته هي ڪتاب مون کي ٻڌائيندو آهي ته اڳتي هلي
اهي ٻئي زال مڙس ٿيندا ته پوءِ مان راتو رات انھن
ٻنھي
وٽ پھچي ويندو آهيان ۽ ريشم جي انھن ڏورين سان
سندن پير ٻڌي ڇڏيندو آهيان ۽ پوءِ جڏهن ڳنڍ ٻڌجي
ويندي آهي ته پوءِ ان کي ڪو به کولي نه ٿو سگهي.
ايتريقدر جو ٻنھي جي سماج رتبي يا حيثيت ۾ فرق به ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، يعني ڀلي ته انھن ٻنھي مان ڪو هڪ وڏي گهراڻي ۾ ڄائو هجي، ته
به
سندن وچ ۾ هزارن ميلن جو فاصلو به ڪا وچ ۾ ڪا
رڪاوٽ بنجي نه ٿو سگهي. مطلب ته هر حال ۾ سندن
شادي ٿئي ئي ٿئي. ريشم جي ڏورين جي ڳنڍ ڪو به کولي
نه ٿو سگهي“.
”واهه!“ واءِڪُو اچرج وچان پڇيو، ”ته پوءِ
توهان پڪ سان منھنجا پير به ٻڌي ڇڏيا هوندا؟“
”بلڪل ٻَڌل آهن“ پوڙهي ٻڌايو.
”اُها ڇوڪري، جيڪا منھنجي زال ٿيندي اڄ
ڪلهه ڪٿي آهي؟“ واءِڪُو پڇيو.
اها ڇوڪري هڪ عورت جي گهر ۾ پلجي رهي آهي،
جيڪا بازار ۾ صبح جو سبزيءَ جو دڪان هلائيندي آهي.
تون کيس ڏسڻ چاهين ٿو ته پوءِ ڀلي مون سان گڏ هل
”سندس دڪان هتان کان ڪو گهڻو پري نه آهي. هل ته
ڀلا توکي اهو ڏيکاري ڇڏيان“.
هاڻ صبح ٿي چڪي هئي ۽ واءِڪُو جو ملاقاتي
اڃان ڪونه پھتو هو.
”تون ان جو انتظار نه ڪر. هو ڪونه ايندو“.
پوڙهي کيس سندس دوست جي نه اچڻ جو يقين
ڏياريو.
واءِڪُو کي پوڙهي جي ڳالھين ڏاڍو مزو ٿي
ڏنو،
تنھنڪري هو اُٿيو ۽ ساڻس گڏ هلي پيو.
رستي ۾ پوڙهي چيو،
”مون کي پنھنجو ڪَم ڏاڍو پسند آهي. ريشم
جون هي ڳاڙهيون
ڏوريون به عَجيب هونديون آهن.
ڇوڪرا
۽
ڇوڪريون پنھنجن پنھنجن گهرن ۾ هڪٻئي جي
وجود کان بي خبر پلجندا وڏا ٿيندا آهن ۽ پوءِ وري وقت اچڻ تي قدرت جي نظام هيٺ هڪٻئي جي محبت ۾ جڪڙجي
ويندا آهن. اهي پاڻ ڪجهه به ناهن ڪري سگهندا. ڪڏهن
ڪڏهن
وري
ائين
به ٿيندو آهي،
جو انھن ٻنھي جي وچ ۾ ڪنھن ٻئي
ڇوڪري يا
ڇوڪريءَ جو وجود هڪ رڪاوٽ بنجي آڏو اچي ويندو آهي. اهڙي صورت
۾ ريشم جي انھن ڏورين جي بندش جي ڪري باغي ٻه قدم
به اڳتي وڌڻ کان لاچار هوندو آهي
۽ پوءِ اونڌي مُنھن ڪِري پوندو آهي.
ڪي ته وري آپگهات به ڪري ڇڏيندا آهن. مان اهڙا
ڪيترائي واقعا پنھنجي اکين سان ڏٺا آهن“.
هاڻي بازار گهڻو ويجهو اچي چڪي هئي ۽ خريدارن ۽ واٽھڙن جي رش به وڌندي پئي وئي. پوڙهي ڪنڌ
ورائي واءِڪُو کي ڏٺو ۽ چيائين،”منھنجي
پويان پويان ماٺ ڪيو هلندو اچ.“
ڪجهه پرڀور هلي پوڙهو بيھي رهيو
۽ آنڱر سان اشارو ڪري
چيائين.
”واءِڪُو! هوڏانھن ڏس! پوڙهو آڱر سان سبزيءَ جي هڪ ننڍڙي دڪان ڏانھن اشارو ڪيو. دڪان تي هڪ
اڌڙوٽ عمر جي ميرا ڪپڙا پاتل عورت ويٺي هئي.
سندس سٿر تي ٽن سالن
کن
جي هڪ ٻارڙي سُتل هئي. جنھن کي هن پنھنجي پوتيءَ
جي
پلئه
سان ڍڪيو هو. عورت جي ديد ڏاڍي گهٽ هئي،
تنھنڪري کيس گهٽ وَڌ ٿي ڏسڻ ۾ آيو.
پوڙهي ٻڌايو، ”ان
عورت جي هنج ۾ سُتل ٻارڙي تنھنجي زال ٿيندي“
واءِڪُو کي ڪاوڙ اچي وئي.هن وڏي ڌڪار وچان
چيو، ”پوڙها! تنھنجو دماغ ته ٺيڪ آهي؟ تون مون سان
پڪ
سان
مذاق ڪري رهيو
آهين“
”اها مذاق ناهي، پر مقدر جي ڳالھه آهي“ پوڙهي وراڻيو، ان ٻارڙيءَ کي
ان حال ۾ ڏسي کيس بدقسمت نه سمجهه. ان ٻارڙيءَ جا
ستارا ڏاڍا سُٺا آهن. پڪ ڄاڻ ته ان جي شادي توسان
ئي ٿيندي.”هوءَ وڏي ٺَٺ باٺ ۽ عيش آرام
واري
زندگي گذاريندي ۽ عُمر جي
پڇاڙيءَ ۾ پنھنجي پُٽ جي ڪري وڏي عزت ۽ شھرت
ماڻيندي“.
واءِڪُو هڪ ڀيرو ٻيھر اُن ٻارڙيءَ ڏانھن گُهوريو، جيڪا ڪنھن ڍانچي وانگر ٿي ڏسڻ ۾ آئي. کيس
پنھنجي اندر ۾ ان ٻارڙيءَ لاءِ سخت ڌڪار ۽ بڇان
محسوس ٿي.
هن پوڙهي جي بيعزتي ڪرڻ ٿي چاهي. پر جيئن
ئي ڪنڌ ورائي پوئتي
ڏٺائين
ته پوڙهو اُتي ڪونه هو.
خدا کي خبر، الائي جي ڪھڙي پاسي گُم ٿي ويو هو.
هو پنھنجي گهر موٽي آيو، ڇو جو کيس اهو
ماڻھو
به ڪونه مليو، جنھن شاديءَ جو آسرو ڏنو هو. سندس
دماغ لاڳيتو سوچيندو رهيو ته هو پوڙهي جي ڳالھين تي ويساهه ڪري يا نه.
”مان هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ سهڻو نوجوان آهيان.“ هن سوچيو
”فرض ڪريو، جيڪڏهن مون کي پنھنجي حيثيت مطابق ڪا ڇوڪري نه ٿي
ملي سگهي،
ته پوءِ
به
مان ڪنھن اداڪارا يا ڳائڻيءَ سان سولائيءَ
سان شادي رچائي سگهان ٿو“.
شاديءَ جي باري ۾ هن جيترو ٿي سوچيو، اوتري
ئي سندس دل ۾ اُن ٻارڙيءَ لاءِ نفرت وڌندي ٿي وئي.
هو ذهني طور تي ان ڳالھه کي مَڃڻ لاءِ بنھه تيار ڪونه هو. هن پنھنجي دل ۾ سوچيو،
”ڪٿي مان ڪٿي وري هوءَ سَبزي وڪڻندڙ هڪ گدلي عورت
جي ڌيءَ “ هو سَڄي رات ان ڳالھه تي سوچيندو رهيو
۽ چڱيءَ طرح ننڊ به ڪونه ڪري سگهيو.
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ هو پنھنجي نوڪر کي ساڻ ڪري شنگهو شھر جي ان بازار
۾ آيو، جتي ان عورت جو
سبزيءَ جو
دڪان هو. هن پنھنجي نوڪر کي ڳري رقم ڏئي ان
ڇوڪريءَ کي مارڻ لاءِ تيار ڪيو هو. نوڪر کي دڪان
ڏيکاري هو پاسي ۾ ٿي بيٺو. نوڪر تاڙ ۾ بيٺو رهيو ۽ پوءِ موقعو ڏسندي ئي هن ڇوڪريءَ تي چاقوءَ جو وار ڪيو ۽
اُتان ڀڄي نڪتو.
چاقو لڳندي ئي ٻارڙيءَ دانھون ڪرڻ شروع ڪيون ۽
اُن عورت رڙيون ڪيون،”هاءِ ! منھنجي ڌيئڙي
مري وئي...مري وئي“ هن رڙيون ڪري بازار کڻي مٿي تي
کنئي. خلق گڏ ٿيڻ لڳي. واءِڪُو ۽ سندس نوڪر اتان
ڀڄي نڪتا.
”ڪيئن ٿيو ڪم؟“ واءِڪُو اڳتي وڌي پنھنجي
نوڪر کان پُڇيو، ”مَري وَئي يا نه؟“
”مان پَڪ سان ڪجهه نه ٿو چئي سگهان“ نوڪر
سَھڪندي چيو، چاقو ته هن کي لڳو ئي لڳو آهي، پر ڪٿي؟ اهو مان نه ٿو چئي سگهان..ٿي
سَگهي ٿو ته هوءَ مري وئي هُجي.“
واءِڪُو پنھنجو شھر ڇڏي گاديءَ واري شھر
هليو ويو. اتي هن پنھنجي هڪ مائٽ سان شاديءَ جي
ڳالھه ڪڍي، پر کيس مايوسي ٿي،تنھنڪري آئيندي ڪڏهن به شادي ڪرڻ جو خيال
دل مان ڪڍي ڇڏيو.
ٽن سالن کان پوءِ وري سندس دل ۾ شاديءَ جو
شوق پيدا ٿيو. نيٺ هڪ ڏينهن هڪ امير گهراڻي جي هڪ
سھڻي ڇوڪريءَ سان مڱڻي جي رسم ادا ڪئي وئي. دوستن کيس
مُبارڪباد جا خَط لکيا شاديءَ واري ڏينھن
کيس هڪ ڏُکوئيندڙ خبر ملي. ان ڇوڪريءَ آپگهات ڪري
ڇڏي هئي. اصل ۾ اها ڇوڪري ڪنھن ٻئي ڇوڪري سان پيار
ڪَندي هئي ۽ واءِڪُو سان شادي سَندس مَرضيءَ خلاف
ٿي رهي هئي.
ان جي لڳ ڀڳ ٻن سالن کان پوءِ ڪنھن ڪم
سانگي هُن جو ڀرواري هڪ ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿيو. اُتي کيس
هڪ هاريءَ جي ڌيءَ نظر آئي. ڇوڪري ڏاڍي معصوم ۽
موهيندڙ هئي ۽ واءِڪُو ڏسڻ سان ئي کيس پسند ڪري
ورتو. اهو رشتو حاصل ڪرڻ صفا سولو هو. تنھنڪري
شاديءَ جي تاريخ ٻَڌي هو شھر موٽي آيو. شاديءَ
واري ڏينھن هو پنھنجن ڪجهه ويجهن دوستن کي وٺي ڳوٺ
آيو ته کيس ٻُڌايو ويو ته هاريءَ جي ڌيءَ اڌ رنگ
جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ شاديءَ جي لائق نه رهي آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ڀيرو ٻيھر سندس شادي ٽَري وئي.
واءِڪُو پنھنجي ڄمار جا 28 سال پورا ڪري
چڪو هو. ٻي شاديءَ واري واقعي جي ڪجهه سالن کان
پوءِ کيس هڪ اهڙي ڇوڪري ملي وئي، جيڪا
صفا
سندس جوڙ جي هئي. اها ڇوڪري به واءِڪُو وانگر پڙهيل ڳڙهيل ۽
ادبي ذوق رکندڙ
هئي. سندس گهراڻو سکيو ستابو ۽ عزت دار هو. هوءَ
به ڏاڍي مَلُوڪ ڇوڪري هئي. سندن وچ ۾ ٻيو ڪو به
رقيب ڪو نه هو. شاديءَ ۾ ٻه ڏهاڙا مَس ئي هئا، جو سندس پير ترڪي پيو ۽ هوَ ٻه ماڙ عَمارت جي ڏاڪڻ تان اهڙو
ته ڪري جو مٿو ڦاٽي پيس ۽ اتي ئي
دم ڏئي ڇڏيائين. ائين ٿي لڳو ته قدرت وِک وِک تي
سندس شاديءَ جي مخالفت ڪري رهي
هئي.
سندس مايوسيءَ جي ڪابه حد نه رهي. شاديءَ
جي ڪوششن جي ڏس ۾ اهو آخري واقعو هو. ان کان پوءِ
واءِڪُو ايڏو
ته مايوس ٿي ويو، جو شادي ڪرڻ تان هَٿ ئي کڻي ڇڏيائين.
تن ڏينھن ۾ هُو شانگ هُو شھر جي عدالت ۾ هڪ آفيسر طور نوڪري ڪري رهيو هو. هاڻي هو پنھنجو گهڻو تڻو وقت ڪم ۾ ئي گذاريندو هو ۽ شايد اهوئي ڪارڻ هو، جو مئجسٽريٽ صاحب مٿس حد کان وڌيڪ مهربان رهڻ لڳو هو.
واءِڪُو جي هوشيارپَ،
ڪم ڪار ۾ غير معمولي مھارت
۽ ديانتداريءَ مئجسٽريٽ صاحب کي ايڏو ته مُتاثر
ڪيو، جو هڪ ڏينھن
هُن واءِڪُو کي پنھنجي ڪَمري ۾ گهرائي شاديءَ جي
آڇ ڪئي. هن کيس چيو ”واءِڪُو! تون جيڪڏهن چاهي ته
مان تنھنجي شادي پنھنجي ڀائٽيءَ سان ڪرايان“.
واءِڪُو جي عمر چاليھن سالن کان مٿي ٿي چڪي هئي.
۽ لاڳيتن ناڪامين جي ڪري هن جو شاديءَ تان ارواح
کڄي چڪو هو. ٻيو ته مئجسٽريٽ جي ننڍڙي عمر جي
ڀائٽيءَ سان سندس جوڙ به ڪونه ٿي ٺھيو پوءِ به
مئجسٽريٽ جي ڪري کيس ها ڪرڻي پئي.
واءِڪُو کي ان شاديءَ ۾ ٿوري به دلچسپي ڪانه
هئي.اهو ئي ڪارڻ هو جو هن پنھنجي ٿيندڙ زال جي شڪل
اُن وقت تائين ڪونه ڏٺي هئي، جيستائين هوءَ پرڻجي
گهر نه آئي ۽ جڏهن هن پنھنجي زال کي ڏٺو ته کيس
دلجاءِ ٿي، ڇو ته اها ڇوڪري ڏاڍي خوبصورت ۽ ماٺيڻي
طبعيت جي هئي ۽ منجهس هڪ سگهڙ زال جون هڙئي خوبيون
هيون. نه رڳو ايترو، پر کيس ادب ۽ شاعريءَ جو شوق
به هو ۽ هوءَ ڳچ درجا پڙهيل به هئي.
واءِڪُو جي زال جو وار سنوارڻ جو هڪ خاص انداز هو
۽ هُو پنھنجن وارن کي ڪجهه اهڙي نموني سنواريندي
هئي جو کاٻي پاسي کان وارن جي هڪ وڏي چڳ سندس ڀرون
مٿان نرڙ کي پوريءَ طرح ڍڪي ڇڏيندي هئي. واءِڪُو
پنھنجي زال جي ان خاص انداز کي ڳچ ڏينھن تائين
ڏسندو رهيو ۽ ڪنھن قسم جي ڦير گهير يا تبديلي نه
ڏسي هڪ ڏينھن هن زال کان پڇي ورتو، ”مون کي سمجهه
۾ ڪونه ٿو اچي ته تون پنھنجا وار هڪ ئي انداز سان
ٺاهين ٿي. منھنجي خيال ۾ جيڪڏهن تون ان انداز ۾
تبديلي ڪندينءَ ته به موهيندڙ نظر ايندينءَ“.
موٽ ۾ سندس زال وارن کي هڪ پاسي هٽائي اهو حصو
ظاهر ڪيو. ڀرون مٿان نرڙ تي هڪ گندي زخم جو نشان
ٺھيل هو.
”اوهو...!“ واءِوڪو ڇرڪ ڀري پڇيو ”توکي اهو زخم
ڪيئن ٿيو؟“
”مان تڏهن ٽن سالن جي مَس هيس“ ڪنوار ٻڌايو،
”منھنجو پيءُ گذاري چڪو هو. ٿوري وقت کانپوءِ وري
منھنجي ماءُ ۽ ڀاءُ به الله کي پيارا ٿي ويا.
مون کي منھنجيءَ آيا پاڻ وٽ رکيو. شھر ۾ منھنجو ڪو
به مٽ مائٽ نه هو. منھنجي آيا ڀاڄيون وڪڻي پنھنجو
۽ منھنجو گزر بسر ڪندي هئي ۽ هر وقت مون کي پاڻ
سان گڏ رکندي هئي. هوءَ بيحد نيڪ ۽ ٻاجهاري عورت
هئي. هڪ ڏينھن هوءَ مون کي پنھنجي سٿر تي سمھاري
دڪان جو ڪم ڪري رهي هئي ته اوچتو ڪو بدمعاش اچي
پھتو ۽ بنا ڪنھن سبب جي مون کي زور سان چاقو وهائي
ڀڄي ويو. مون کي نِرڙ ۾ چاقو لڳو. قسمت چڱي هئي،
جو مان بچي ويس. نِرڙ تي ان چاقوءَ جي زخم جو نشان
آهي. جڏهن کان مان هوش ۾ آئي آهيان، تڏهن کان زخم
جي ان ڪني داغ کي لڪائڻ لاءِ هميشه وارن کي ان جي
مٿان رکندي آهيان.“
”ڇا تنھنجي آيا جي نظرڪمزور هئي؟“ واءِڪُو حيرت
وچان پڇيو.
”ها! ان کي گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو هو“ ڪُنوار ڇرڪندي
چَيو، ”پَر توکي اها خَبر ڪيئن پئي؟“
”اهو هڪ ڊگهو داستان آهي“ واءِڪُو ڏکارو ٿيندي
چيو.
پوءِ هن کيس سَڄو داستان پيرائتو ڪري ٻُڌايو. ان
کان پوءِ واءِڪُو کانئس پُڇيو،”پر جَڏهن تون
پنھنجي آيا وَٽ هئينءَ ته تنھنجو مئجسٽريٽ چاچو
ڪٿي هو؟“
ڪُنوار وراڻيو، ”اهو تَڏهن ڪنھن ٻئي شھر هو. مان
تڏهن اَٺن سالن کن جي هُيس ته هن آيا سوڌو مون کي
پاڻ وَٽ گُهرائي ورتو. آيا مَرڻ گَهڙيءَ تائين
مُون سان گَڏُ هئي.
واءِڪُو پوڙهي جي باري ۾ سوچيندي پنھنجو پاڻ کي
چيو، ”ته ان پوڙهي توکي سَچ ئي چَيو هو ته انسانن
جون شاديون آسمانن ۾ ئي رٿيون وينديون آهن“.
ڪُجهه سالن کان پوءِ کين هڪ پُٽ ڄائو، جيڪو وڏو ٿي
ڪنھن مٿانھين عُھدي تي مُقرر ٿيو ۽ پنھنجي نيڪ
ناميءَ جي ڪَري پنھنجو ۽ پنھنجي والدين جو نالو
سَڄي مُلڪ ۾ روشن ڪَيائين.
پوڙهي مَلائڪ جي اها ٻي اَڳڪٿي به سَچي ثابت ٿي
هئي.
|