سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2025ع

باب:

صفحو:3 

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

 

 

 

 

سنڌ ۽ ملتان جا لاڳاپا

1752ع کان پوءِ

 

ملتان، اسلام کان اڳ سنڌ جو ھڪ صوبو ھو. ان دور ۾ سنڌ ملڪ جون حدون، ڪشمير سان ملنديون ھيون(1). عربن سنڌ کي 712ع ۾ فتح ڪيو. تڏھن سڄي سنڌو ماٿر، بنو اميه جي قبضي ۾ اچي وئي. گھڻو پوءِ عرب دور ۾ حاڪمن جي نا اھليءَ سبب، سنڌ ۽ ملتان ٻه الڳ سياسي وحدتون ٿي نمودار ٿيون. سلاطين دھليءَ جي دور ۾، ملتان ھندستان جي قبضي ۾ رھيو. البت مرڪزي سلطنت جي ڪمزور ٿيڻ سان، ملتان ۾ لانگاھه خاندان راڄ قائم ڪيو. لانگاھن، ملتان تي سن 1437ع-1543ع تائين، آزاد حاڪمن جي صورت ۾ حڪومت ڪئي(2). بابر سن 1526ع ۾ دھليءَ ۾، مغل شھنشاھت جو بنياد رکڻ ۾ سوڀارو ٿيو. ملتان 1526ع کان 1751ع تائين، مغل بادشاھت جو ھڪ صوبو رھيو. ڪڏھن ڪڏھن لاھور ۽ ملتان کي ھڪ صوبيدار (گورنر) جي ماتحت به ھلايو ويو. ھن دور ۾ ٺٽي ۽ ملتان جي صوبائي درجه بنديءَ تي متضاد رايا موجود آھن(3).

نئين تحقيق موجب مملڪت سنڌ، سن 712ع کان 1010ع تائين، عرب حڪمرانيءَ جي ماتحت رھي(4). ان بعد ٻن مقامي خاندانن: سومرا ۽ سمان – سنڌ جا آزاد حاڪم ٿي حڪمراني ڪئي. سن 1010ع کان 1350ع تائين، سومرن، ۽ سمن (سمان گھراڻو)، سال 1351ع کان 1520ع تائين، سنڌ تي حڪومت ڪئي. ھنن ٻنھي حڪمران خاندانن جو، خودمختياري برقرار رکڻ لاءِ غزنوين، غورين ۽ دھلي سلطنت سان ٽڪراءُ جاري رھيو.

ملتان جا لانگاھه ۽ سنڌ جا سمان، ھمعصر حڪمران خاندان ٿي گذريا. سلطان ڄام نظام الدين ۽ سلطان حسين لانگاھه جي وچ ۾، پاڙيسري رياستن طور سٺا لاڳاپا برقرار رھيا(5).

جيتوڻيڪ 1526ع ۾ دھليءَ ۾ مغل بادشاھت قائم ٿي، ۽ لاھور توڙي ملتان، ان جو حصو بنجي ويا، ان ھوندي به سنڌ، ارغونن ۽ ترخانن تحت، سن 1520ع کان 1612ع تائين پنھنجي آزادي برقرار رکي(6). ياد رھڻ کپي ته ارغون ۽ ترخان قابض حڪمران ھئا، تڏھن به سنڌ جو جداگانه وجود برقرار رھيو. سن 1555ع ۾ مرزا شاھه حسن ارغون فوت ٿيو. ھن کي پُٽاڻو اولاد نه ھو. ان ڪري سنڌ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري، سندس اميرن وزيرن حڪمراني ڪئي. سلطان محمود اتر سنڌ (اپر سنڌ) جو حاڪم بنيو. ھن سال 1574ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ اڪبر جي لشڪر، ھن جي علائقن تي قبضو ڪيو(7). ياد رھي ته مغلن ھن کان اڳ ملتان تي قبضو ڪيو ھو. مغل لشڪر محمود جي سرحد تي موجود ھو، ان ڪري انھن طئه ٿيل منصوبي تحت اھڙو قدم کنيو. بکر سرڪار (ڊويزن)، کي ملتان صوبي جي ماتحت ڪيو ويو(8).

سيوھڻ کان سمونڊ تائين  ترخانن جي حڪومت ھئي. سن 1591ع ۾ اڪبر جي حڪم تي عبدالرحيم خانخانان ٺٽو (لوور سنڌ) فتح ڪرڻ لاءِ وڏي تياريءَ سان لاھور مان نڪتو. ڏيڍ سال جي جنگ کان پوءِ، آخرڪار ڪجھه شرطن تحت، مرزا جاني بيگ لوور سنڌ خانخانان جي حوالي ڪئي، ليڪن پوءِ به اڪبر بادشاھه، ٺٽي کي پنھنجي حدن ۾ ڪيو، ۽ جاني بيگ کي سندس پرڳڻو حوالي ڪري ڇڏيو. مرزا جاني بيگ کان پوءِ مرزا غازي بيگ سان به ساڳيو دستور لاڳو ڪيو ويو. مرزا غازي بيگ 1612ع ۾ اچانڪ فوت ٿيو. تڏھن شھنشاھه جھانگير جي حڪم موجب، ارغوني-ترخاني راڄ ختم ٿيو. ٺٽو صوبو بنجي مغل حاڪمن (نوابن) جي ماتحت اچي ويو. ھي سلسلو 1737ع تائين جاري رھيو(9).

تاريخي پسمنظر:

سنڌ: اھل سنڌ، ارغون، ترخان ۽ مغلن جي خلاف، لاڳيتو ٻه صديون ويڙھه جاري رکي. وڙھندڙ قبيلن ۾ ”ڪلھوڙا“ خاندان خاص اھميت رکي ٿو. پنجن پيڙھين جي لاڳيتي جدوجھد بعد، آخرڪار ”ڪلھوڙا“ بکر سرڪار جي چانڊڪا پرڳڻي (ملتان صوبو) ۾، 1681ع ڌاري ميان نصير محمد جي روپ ۾، سنڌ اندر ھڪ ڀيرو وري، مقامي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا. سن 1692ع ۾ ميان نصير محمد جي وفات کان پوءِ، سندس پُٽُ ميان دين محمد نئون حڪمران بنيو. 1700ع ۾ ملتان جو وائسراءِ شھزادو معزالدين، ڪلھوڙن تي حملي آور ٿيو(10). مغلن ۽ ڪلھوڙن جو زبردست جاني نقصان ٿيڻ جي باوجود به، جنگ جي ميدان تي ڪو فيصلو نه ٿي سگھيو. حيلن بھانن سان آخرڪار ميان دين محمد کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتاريءَ کان پوءِ ميان دين محمد کي ملتان پھچايو ويو، جتي کيس ڦاسي ڏني وئي، ۽ لاش سنڌ ڏي موڪليو ويو(11).

ميان دين محمد جي وچئين ڀاءُ، ميان يار محمد گرفتاري نه ڏني. پاڻ ٻارن ٻچن سميت قلات پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ھڪ سال کان پوءِ ميان يار محمد سنڌ ۾ واپس پھچي، ڪلھوڙا خاندان جي راڄ جو باقاعده بنياد رکيو. پاڻ خداآباد (موجوده دادو ضلعو) کي تختگاھه بنايائين. ھي واقعو 1701ع جو آھي. مغلن پاران ميان جي بالادستي قبول ڪندي، ھن کي ”خدا يار خان“ جو خطاب پڻ ڏنو ويو(12). ڪجھه ئي سالن ۾ ميان يار محمد، ملتان جي بکر سرڪار جو بولان لَڪَ تائين حڪمران تسليم ڪيو ويو. ياد رھي ته ھي سمورو علائقو سلطان محمود جي قبضي ۾ ھو، ۽ سال 1574ع ۾ سندس وفات وقت، ان کي اڪبر بادشاھه ملتان صوبي ۾ شامل ڪري ڇڏيو ھو. سن 1719ع ۾ ميان يار محمد جي وفات بعد سندس پٽ ميان نور محمد حڪمران بنيو. سال 1737ع ۾ ٺٽو صوبو پڻ نور محمد جي حوالي ٿيو. ان طرح 1555ع ۾، ٻه حصا ٿيل سنڌ، ھڪ مڪمل سياسي وحدت طور نروار ٿي(13).

ميان نور محمد سنڌو ماٿريءَ جو طاقتور حڪمران ٿي اڀريو. ھن مملڪت سنڌ کي مضبوط بنائڻ لاءِ، لاڙ ۽ سامونڊي پٽيءَ ۾، پنھنجي اختيار ۽ اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، ڪافي جدوجھد ڪئي.

صفوي بادشاھن جو خاتمو ڪري، نادر شاھه ايران جو بادشاھه بنجي ويو. ايران اندر پاڻ کي مضبوط ڪري، نادر ھرات، ڪابل ۽ قنڌار فتح ڪيا. بعد ۾ وڏي لشڪر سان مغل بادشاھت جي حدن ۾ ڪاھجي پيو. نادر شاھه سال 1739ع ۾ دھلي فتح ڪري، مغل حڪمران محمد شاھه کي نيچو ڏيکارڻ ۾ سرخرو ٿيو. واپس ٿيڻ وقت محمد شاھه، ايراني حملي آور کي انڊس (درياءِ سنڌ) جي اولھه وارا علائقا پڻ، حڪمرانيءَ لاءِ ڏئي ڇڏيا. ان پسمنظر ۾ سنڌ جو پرڳڻو به ايران جي حوالي ٿيو(14). 1740ع ۾ نادر شاھه دھلي ۽ پشاور کان موٽندي، سنڌ ۾ داخل ٿيو، ۽ طاقت جي زور تي ميان نور محمد کي مطيع بنايائين.

نادر شاھه ايراني 1740ع ۾ سنڌ ۾ پھچي، ڪلھوڙن تي حاوي ٿيو. ھي تعلق صرف ست سال ھليو. نادر 1747ع ۾ قتل ٿيو.(15) نادر جي قتل تي نور محمد سُک جو ساھه کنيو. مغل ڪمزور ٿي چڪا ھئا، ۽ نادر مارجي چڪو ھو. ميان نور محمد موقعي جو فائدو وٺي، سنڌ کي مڪمل خودمختيار بنائڻ ۾ سرخرو ٿيو. نادر جو جاءِ نشين احمد شاھه ابدالي بنيو. احمد شاھه حالات جو درست اندازو ڪري، مملڪت ”افغانستان“
جو بنياد رکيو. متعدد حملن کان پوءِ آخرڪار احمد شاھه کي 13 اپريل 1752ع تي ڪشمير، لاھور، ملتان ۽ سنڌ تي قبضي جو موقعو مليو(16). ان بعد ميان نور محمد، افغان تابيعداري قبول ڪئي. ھن واقعي کان پوءِ سموري سنڌو ماٿر جي تاريخ يڪسر تبديل ٿي وئي.

ڪلھوڙن پوءِ به سنڌ تي حڪمراني ڪئي. ميان نور محمد کان پوءِ ھن خاندان ۾ ميان غلام شاھه (1758ع-1772ع)، ھڪ سگھارو ۽ معتبر حڪمران ثابت ٿيو. ان دور ۾ ”حيدرآباد“ جو شھر وجود ۾ آيو، ۽ پڪو قلعو تعمير ٿيو (1768-1769ع).

ٽالپرن سنڌ تي 1783ع ۾ قبضو ڪيو. انھن صرف سٺ سال حڪومت ڪئي. سال 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. 1847ع ۾ سنڌ جي صوبائي حڪومت ختم ڪري، ان کي بمبئي علائقي سان ملايو ويو. نوي سالن جي سياسي جدوجھد کان پوءِ، سال 1936ع ۾ سنڌ کي صوبي جو درجو ڏنو ويو. سال 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. سنڌ صوبي به نئين مملڪت ”پاڪستان“ ۾ شموليت اختيار ڪئي. نئين ملڪ لاءِ گاديءَ جو ھنڌ ”ڪراچي“ کي بنايو ويو. ھن شھر کي سنڌ صوبي کان الڳ ڪيو ويو. سال 1955ع ۾ ون يونٽ جو قيام عمل ۾ آيو. ان وقت اولھه پاڪستان جي تاريخي صوبن (رياستن) جي وجود کي ختم ڪيو ويو. ننڍين رياستن مثال طور: خيرپور ۽ بھاولپور جو وجود به ختم ڪيو ويو. اھڙين رياستن کي ضلعي ۽ ڊويزن جو درجو ڏنو ويو(17).

ملتان: سنڌ جي تاريخي پسمنظر معلوم ڪرڻ کان پوءِ، جائزي ھيٺ دور ۾ ”ملتان“ جو تاريخي اڀياس پيش ڪيو ويندو. نادر شاھه جي يلغار کان پوءِ، مغل شھنشاھت جي ڪمزوري ۽ خاتمو شروع ٿي ويو. ڏھن سالن جي عرصي ۾، ملتان لاءِ ٽي حاڪم مقرر ٿيا:

نواب زاھد خان سدوزئي، نائب ناظم 1738ع-1749ع ديوان ڪوڙومل، صوبيدار (گورنر) 1748ع-1749ع نواب عبدالعزيز خان، سدوزئي 1748ع-1749ع(18).

ڏھن سالن جي انتشار، بي يقيني ۽ افراتفريءَ کان پوءِ، ملتان تي ”افغان“ راڄ قائم ٿيو. ان پسمنظر ۾ 13 اپريل 1752ع جو عھدنامو آھي. ان ڪري پوري سنڌو ماٿري، احمد شاھه ابداليءَ جي غلبي ھيٺ اچي وئي. ملتان جي تاريخ ۾ افغان دور نشانبر آھي، جو 1752ع کان 1818ع تائين ھليو.

جنھن وقت ملتان تي ”افغان“ راڄ قائم ھو، ان وقت ٻه اھم واقعا ٿي گذريا(19). ھنن واقعن عام طرح سان سنڌ تي، ۽ خاص طرح سان تاريخي ”ملتان“ پرڳڻي تي ناڪاري اثر ڇڏيا. ارڙھين صديءَ جي ابتدا ۾ اتر سنڌ ۾ ٻه طاقتور خاندان اڀريا. شڪارپور ۾ دائودپوٽا مضبوط زميندار ٿي اڀريا، ۽ پاڻ کي علائقي جو حڪمران تصور ٿي ڪيائون. جڏھن ته ڪلھوڙا گھراڻو، مغل شاھي مدد سان، سنڌ ۾ حاڪميت قائم ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو. نتيجي ۾ دائودپوٽن ۽ ڪلھوڙن ۾ خونريز تصادم شروع ٿيا. سن 1745ع ۾ آخرڪار بھاول خان دائودپوٽو، سنڌ مان نڪري صوبي ملتان جي حدن ۾ داخل ٿيو. ان دور ۾ راجا ڪوڙومل، لاھور ۽ ملتان جي حاڪم معين الملڪ (مير منو) پاران ملتان جو ناظم ھو. بھاول خان مشڪل وقت ۾ ڪوڙي مل کي ڪم آيو. نتيجي ۾ ھن کي وڏيون وڏيون جاگيرون مليون. بھاول خان آھستي آھستي طاقتور ٿي اڀريو. نيٺ رياست ”بھاولپور“ جو بنياد رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو(20).

بھاول پور رياست سال 1955ع ۾، ون يونٽ جي قيام وقت ختم ٿي، جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آھي. رياست بھاول پور جي قيام سان، قديم تاريخي ”ملتان“ خطي کي ناقابل تلافي نقصان پھتو. ٻيو اھم واقعو لاھور (پنجاب) ۾ سک شاھيءَ جو قيام ھو. ارڙھين صديءَ جي پڄاڻيءَ تي، رنجيت سنگھه پنجاب جو آزاد ۽ مضبوط حڪمران ٿي اڀريو. سک بادشاھت جي ڪري آخرڪار صوبي (رياست) ملتان جي خاتمي جو وقت اچي ويو. سن 1818ع ۾ ملتان جو حاڪم نواب مظفر خان ھو. سکا شاھي، پنجن-ستن حملن ۽ خونريز جنگين کان پوءِ ملتان تي قبضو ڪري، ان کي پنجاب سان ملائي ڇڏيو(21). سک حڪمرانن ديره غازي خان تي قبضو ڪري، پنھنجيون سرحدون ڪشمور تائين وڌائي، سنڌ جي ٽالپر اميرن لاءِ انيڪ مسئلا پيدا ڪيا. بعد ۾ انگريزن (ايسٽ انڊيا ڪمپني) جي دخل اندازيءَ جي ڪري، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٿيندڙ ٽڪراءُ ٽري ويو. سن 1818ع جو واقعو ”ملتان“ لاءِ بيحد بدنصيب ثابت ٿيو. ورندڙ ٽيھه سال ملتان تي سکن جو راڄ رھيو. 1849ع ۾ پنجاب کي انگريزن فتح ڪيو. ان طرح ملتان به انگريز سرڪار جي ماتحت ٿي ويو. ملتان کي ڊپٽي ڪمشنر جي ماتحت ڪيو ويو. انگريزي راڄ (ملتان تي) سال 1947ع تائين برقرار رھيو. سال 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. تڏھن کان ملتان ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڪمشنرن جي ماتحت رھندو اچي(22). سن 1818ع کان ملتان پنھنجو تاريخي وجود وڃايو، جو اڄ تائين حاصل نه ٿي سگھيو آھي.

سياسي لاڳاپا

اڀياس ھيٺ دور ۾ انگريزن جي والار تائين، ملتان ۾ افغان ۽ سک راڄ قائم رھيو. جڏھن ته سنڌ ۾ ڪلھوڙا ۽ ٽالپر حڪمران رھيا. انگريزن ۽ پوءِ پاڪستاني راڄ ۾، ملتان ھڪ ضلعي يا ڊويزن جي حيثيت ۾ رھيو. جڏھن ته ھڪ ڊويزن (ڪمشنر جي ماتحت)، يا صوبي جي رتبي سان، سنڌ پنھنجو نالو ۽ وجود برقرار رکيو. ٻن رياستن (صوبن) ۾ سياسي لاڳاپن جو جواز تڏھن بنجي ٿو، جڏھن اھي خودمختيار يا نيم آزاد ھجن. ان زاويي کان افغان-سک ۽ ڪلھوڙا-ٽالپر دورن ۾، ملتان ۽ سنڌ جي سياسي لاڳاپن جي تلاش ڪرڻ مفيد ٿيندو.

سن 1681ع ۾ ڪلھوڙا، ملتان صوبي جي بکر سرڪار جي چانڊڪا پرڳڻي ۾ پنھنجي خانداني حاڪميت جو بنياد رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا(23). سن 1700ع ۾ انھن کي عارضي ڌچڪو پھتو (ذڪر مٿي اچي چڪو آھي). ليڪن ھڪ سال جي وقفي بعد، ھي خاندان ميان يار محمد جي قيادت ۾، سنڌ (بکر سرڪار) ۾ مستحڪم قيادت ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. يار محمد کي جن شرطن تحت مغل بادشاھت مڃتا ڏني ھئي، انھن ۾ ھي شرط به ھو ته: ضرورت جي وقت ملتان ۽ ٺٽي صوبي جي عملدارن کي فوج مھيا ڪئي ويندي(24). ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جي دور ۾، موجوده بلوچستان جا اتر ۽ اولھه وارا ميداني علائقا (بولان لَڪَ تائين)، سنڌ جي انتظام ھيٺ ھئا. نادر شاھه ايراني 1740ع ۾ سنڌو ماٿر ۾ ھو. ان وقت مذڪوره علائقا، قلات جي حاڪم کي ڏنا ويا. ان ڏکئي دور ۾ لاھور ۽ ملتان جي صوبيدار (گورنر) زڪريا خان کي، سنڌ جي حوالي سان خاص ھدايتون مليل ھيون. ابتدا ۾ زڪريا خان پنھنجي پٽ حيات الله خان کي لشڪر سان سنڌ روانو ڪيو، جو ان وقت ملتان جو نائب ناظم ھو. بعد ۾ زڪريا خان پاڻ به سنڌ پھتو ھو(25).

سن 1752ع ۾ احمد شاھه ابداليءَ جي حاصلات کان پوءِ، ڪشمير کان عربي سمونڊ تائين وارو علائقو، ھڪ قسم جي فوجي ۽ سياسي يڪسوئيءَ ھيٺ اچي ويو. ان صورت ۾ سموري خِطي ۾، سياسي لاڳاپن جو قائم ٿيڻ يقيني ھو. ميان غلام شاھه جي دور ۾، احمد شاھه ابدالي ديره جات (ديره غازي خان ۽ ديره اسماعيل خان) جا علائقا ڪلھوڙن جي حوالي ڪيا. 1769ع ۾ ملتان جي حاڪم جي مدد لاءِ، اتي جو (ملتان) انتظام به ميان غلام شاھه جي حوالي ٿيو(26). ان دور ۾ نواب شجاع خان ملتان جو حاڪم ھو. بعد ۾ وري به ڪجھه وقت لاءِ، ديره غازي خان، ميان غلام شاھه جي حوالي ٿيو.(27).

ميان سرفراز کان پوءِ سنڌ ۾ گھرو ويڙھه شروع ٿي. نتيجي ۾ ھي خِطو وڏي خون خرابي سان منھن مقابل ٿيو. ان سان گڏ تبديليءَ جو عمل پڻ شروع ٿي ويو. ان مشڪل وقت ۾ ڪابل جي حاڪمن، ملتان جي نائبن کي ميان عبدالنبي ڪلھوڙي جي مدد جو حڪم ڏنو. ان ڪري مدد خان پٺاڻ سنڌ ۾ آيو. سندس ڪيل ظلم ۽ قتل عام، سنڌ ۾ اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو.(28) مدد خان پٺاڻ جي سنڌ ۾ ھجڻ وقت، يقين آھي ته، بھاول پور ۽ ملتان جي حاڪمن لاءِ، فڪر جوڳي حالت پيدا ڪئي ھوندي.

1783ع ۾ ڪلھوڙن جي جاءِ تي ٽالپر سنڌ جا حڪمران بنيا. آخري ڪلھوڙو حاڪم ميان عبدالنبي، سنڌ ڇڏي ملتان جي حدن ۾ پھتو. سندس وڪيل (نمائندو) لالا عزت راءِ، اڳ ۾ ئي ملتان ۾ موجود ھو. عبدالنبيءَ کي ليّه ۾ جاگيرون مليون. ليّه ۾ سندس پٽ ميان عارف، ھڪ مقامي جنگ ۾ مارجي ويو. بعد ۾ ڪلھوڙن کي راڄڻ پور ۾ پناھه ملي، جتي آخري ڪلھوڙو شھزادو، ميان عبدالنبي سال 1805ع ۾ فوت ٿيو. ھن کي ابدي آرام لاءِ راڄڻ پور ۾ دفن ڪيو ويو(29).

آزاد ملتان جو آخري ۽ نامور حاڪم نواب مظفر خان ٿي گذريو. پاڻ ملڪ جو انتظام پنھنجي پٽ نواب سرفراز خان جي حوالي ڪري، سن 1807ع ۾ حج لاءِ روانو ٿيو. مظفر خان حج پڙھي ڪراچي بندر کان وطن موٽندي حيدرآباد سنڌ ۾ ڪجھه ڏينھن ترسي پيو. ان وقت مير غلام علي خان ٽالپر حڪمران ھو. ٽالپرن جي درٻاري شاعر ”مير مائل“، نواب مظفر خان جي شان ۾، عالي شان فارسي قصيدو چيو. ان مان ظاھر ٿئي ٿو ته نواب صاحب 1223 ھه (1808ع) ۾ حيدرآباد ۾ ھو(30). ان عرصي ۾ مير غلام علي خان سنڌ جو والي ھو. ٽالپري درٻار نواب مظفر خان جو شاھي استقبال ڪيو. واپسيءَ تي کيس تحفه تحائف ڏئي آبرو مند ڪيو.(31)

ڏھه سال پوءِ ملتان ۾ ”افغان“ راڄ جو خاتمو ٿيو، ۽ ملتان تي سکن جو راڄ شروع ٿيو. ھي واقعو 1818ع ۾ پيش آيو. سکن ملتان تي قبضو ڪري، بعد ۾ ديره غازي خان تي قبضو ڪيو. ان طرح پنجاب جون سرحدون ڪشمور وٽ سنڌ سان ملي ويون. بعد ۾ سکن شڪارپور تي قبضي جي تياري ڪئي(32). ليڪن انگريزن جي مداخلت جي ڪري سکا شاھيءَ جا قدم سنڌ طرف وڌي نه سگھيا. نيپيئر 1843ع ۾ سنڌ کي فتح ڪري، ٽالپرن جي حڪومت جو خاتمو ڪيو. سال 1847ع ۾ ملتان ۾ ديوان مولراج مسئلا پيدا ڪيا، تڏھن ديوان کي چيڀاٽڻ لاءِ سنڌ جي ڪمشنر، پرنگل صاحب کي ان طرف (ملتان) موڪليو ويو(33). سنڌ ۽ ملتان جي معاملي ۾، ھي آخري انتظامي ۽ سياسي حوالو آھي.

سن 1745ع ۾ رياست بھاول پور وجود ۾ آئي. ڪُل يارنھن نوابن بھاول پور تي ٻن صدين تائين راڄ ڪيو. 1955ع ۾ ون يونٽ جي قيام وقت ھيءَ رياست ختم ٿي. 1970ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي وقت، بھاول پور کي به ملتان وانگر پنجاب ۾ شامل ڪيو ويو. جيتوڻيڪ بھاولپور صوبي جي تحريڪ شروع ٿي، پر ان کي بي رحميءَ سان ڪُچليو ويو(34).

بھاول پور رياست جي قيام سان، سرائڪي خِطي سان سنڌ جي لاڳاپن جو، ھڪ نئون عنوان (پاسو) پيدا ٿيو. بھاول پور جي دائود پوٽا حاڪمن ۽ ملتان جي افغان توڙي سِکَ عملدارن ۾، ڳچ ڀيرا ڇڪتاڻ ۽ لڙايون ٿيون(35). جنھن دور ۾ ميان غلام شاھه کي (1767ع)، ديره اسماعيل خان ۽ ديره غازي خان جو انتظام حوالي ٿيو، ان دور ۾ سنڌ ۽ بھاول پور جي حاڪمن، سُٺن (بھتر) لاڳاپن لاءِ جستجو ڪئي. علي پور وٽ ميان غلام شاھه ڪلھوڙي، ۽ امير محمد مبارڪ خان دائودپوٽي ۾، ھڪ خوشگوار ملاقات ٿي(36). ميان سرفراز جي دور ۾، ٻنھي رياستن ۾ ڇڪتاڻ جا آثار پيدا ٿيا، پر ان کي گھڻي اھميت ڪونھي.

سنڌ ۾ گھرو جنگ (1774ع – 1783ع) واري دور ۾، ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. افغان مداخلت سبب حالتون وڌيڪ خراب ٿيون. ان مشڪل دور ۾، به ڪلھوڙن لاءِ، دائودپوٽن ۾ ھمدردي موجود ھئي. رياست بھاول پور ڪلھوڙن جي اخلاقي مدد جاري رکي.

ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ ۽ بھاول پور ۾ جنگ ٿي. ان جنگ ۾ دائودپوٽن کي شڪست ملي. ٽالپرن سبزل ڪوٽ تي قبضو ڪيو، ۽ شھزادي بھاول خان کي، يرغمال بنائي حيدرآباد وٺي آيا. بعد ۾ مير غلام علي ٽالپر جي مداخلت تي شھزادي کي آزاد ڪيو ويو(37).

حقيقت ۾ دائودوپوٽا حاڪمن معقول خارجه پاليسي مرتب ڪري، انگريزن، سِکن ۽ افغان حاڪمن جي خطرناڪ ارادن جي باوجود به، نه رڳو پنھنجو رياستي وجود برقرار رکيو. ليڪن ان سان گڏ پاڙيسري رياستن سان به، بھتر لاڳاپا قائم رکيا.

سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپا

سن 1574ع ۾ سلطان محمود جي موت تي، بکر سرڪار (سنڌ)، صوبي ملتان ۾ شامل ڪئي وئي. بکر تي ملتان جي عملداري 1701ع تائين جاري رھي. ان سال ۾ ميان يار محمد، مغل شاھي تائيد سان، ڪلھوڙا خاندان جي حاڪميت کي پائدار صورت ڏني، تڏھن بکر سرڪار ڪلھوڙن جي حڪومت ۾ اچي وئي. بکر۽ ملتان جو ھي تعلق 125 سال جاري رھيو. ڪلھوڙن جو پھريون اڳواڻ ميان آدم شاھه ھو، جنھن کي ملتان ۾ ڦاسي ڏني وئي. بعد ۾ بکر ۽ ملتان جي عملدارن، ھڪ ٻئي ڪلھوڙي اڳواڻ ميان شاھه عليءَ کي ھڪ معرڪي ۾ مارايو. شھزادو معزالدين ملتان جو حاڪم ھو، جو پاڻ فوج وٺي سيوھڻ آيو. زبردست جنگ کان پوءِ، ميان دين محمد کي گرفتار ڪري ملتان وٺي ويو، جتي کيس ڦاسي ڏني وئي. ھي ٽيون ڪلھوڙو آزاديءَ جو اڳواڻ ھو، جو ملتان جي مداخلت سبب شھيد ٿيو ھو(38).

ڪلھوڙن جي جدوجھد جا مرڪز، صوبي ملتان جي عمل دخل ۾ ھئا. ان ڪري ٺٽي بجاءِ ملتان جي حاڪم، بکر سرڪار ۾ فوجي قدم پي کنيا. ميان آدم شاھه کان ميان نصير محمد تائين، ڪلھوڙن جي پيري مريدي، ۽ ميل ملاقات: بکر، ملتان، لاھور ۽ منڊي بھاءُالدين تائين پھتي ھئي. اڪثر سرائڪي ڳالھائيندڙ قبيلا، ڪلھوڙن جا فقير ۽ مريد بنيا. جڏھن ڪلھوڙا حڪومت ھٿ ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا، تڏھن ھن ابتدائي دور ۾ مريد قبيلا، سندن فوج ۽ نوڪر شاھيءَ جو اھم حصو بنيا. ان دور ۾ ٽالپر، لغاري، کيتران (کٽياڻ)، ڀنڊ، نظاماڻي، جويا، ليکي، جسڪاڻي، کيڙا، ميتلا، کھاوڙ، لنڊ ۽ کوسا وغيره، موجوده سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيا. ھي قبيلا  سنڌ جي درٻار تي ايترو ته اثرانداز ٿيا جو، بعد ۾ ”ڪلھوڙا“ به سرائي سڏجڻ ۾ آيا. جڏھن ته اھي سنڌي ھئا، ۽ سندن مادري زبان به سنڌي ھئي(39).

سرائڪي ٻولي ۽ ادب توڙي ڪلچر، باقاعده سنڌ تي اثرانداز ٿيڻ لڳو. ان طرح سنڌ جو سماجي ڍانچو تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويو. اھڙي تبديليءَ ۾ ٽالپرن جي دور ۾، وڌيڪ تيزي آئي. اڄ ڪي دوست چون ٿا ته ڪلھوڙا حاڪمن، سنڌين بجاءِ حڪومت ۾، بلوچن کي اڳتي آندو. حقيقت ۾ ارڙھين صديءَ ۾ موجوده سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ قبيلن ۾، جاٽ ذاتين جي اڪثريت ھئي، ۽ انھن جي مادري زبان سرائڪي ھئي. ديره غازي خان ۾ رھندي ميان غلام شاھه مقامي قبيلن )گجر قبيلو( مان شادي ڪئي. بعد ۾ سندس پٽ ميان سرفراز به، ھن علائقي ۾ آيو ته، جسڪاڻي قبيلي مان رشتو ورتائين(40). ان ريت سنڌين ۽ سرائڪين ۾ وڌيڪ سماجي ميل جول پيدا ٿيو.

سنڌ ۽ ملتان لاڳاپن جي حوالي سان، ھن مضمون جو آخري اسم ثقافتي رابطا آھن. ٻولي، ادب، مذھب ۽ تصوف، ھن ڏَس ۾ خاص اھميت رکن ٿا. مٿي ذڪر ٿي چڪو آھي ته، ڪلھوڙن جي جدوجھد، ۽ پوءِ حاڪميت واري دور کان، سنڌ ۾ سرائڪي اثرات ظاھر ٿيڻ شروع ٿيا. ان دور کان سنڌ ۾ سرائڪي شعر جو سلسلو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ ۾ ٽالپرن جي دور ۾ سچل سرمست ھڪ مکيه شاعر ٿي گذريو آھي. سچل جي سرائڪي ’شعر‘ کي خاص اھميت حاصل آھي. اڳتي ھلي سنڌ ۾ ھن ٻوليءَ جا ڪي ٻيا سٺا شاعر به پيدا ٿيا. سرائڪي خِطي جو نامور شاعر خواجه غلام فريد (وفات 1901ع) ٿي گذريو آھي. سندس اصل تعلق سنڌ سان ھو. ھن کي سرائڪي شعر جي حوالي سان ايتري اھميت حاصل آھي، جيتري سنڌي شاعريءَ جي ناتي سان، شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي آھي.

جائزي ھيٺ دور تاريخي ”ملتان“ پرڳڻي لاءِ سٺو دور ثابت نه ٿيو. ان دور ۾ ملتان جي حدن ۾، رياست بھاول پور جنم ورتو. ان طرح تاريخ، ثقافت، ۽ ٻوليءَ تي ڪي چڱا اھڃاڻ ڏسڻ ۾، نه ٿا اچن. ون يونٽ جي قيام، ۽ پوءِ خاتمي سان، سرائڪي صوبي ۽ بھاول پور صوبي لاءِ آواز اٿيو. ان پسمنظر ۾ ھن علائقي جي تاريخ، تھذيب، ٻولي ۽ ادب جي اڀياس کي اھميت ملي.

علائقي جي ٻوليءَ لاءِ ”سرائڪي“ بجاءِ ديروي، رياستي، ۽ ملتانيءَ جو اصطلاح استعمال پي ٿيو. خِطي جي ٻوليءَ کي ”سرائڪي“ نالو ڏيڻ کان وٺي، ان جي رسم الخط جي تشڪيل تائين، سنڌ جي دانشورن جو اھم ڪردار ڏسجي ٿو. ٻولي ۽ رسم الخط جي حوالي سان، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ۽ مير حسان الحيدري (چانڊيو)، مفيد مشورا ۽ تجويزون ڏنيون. سرائڪي ادبي بورڊ، ۽ بزم ثقافت ملتان جي علمي ڪم ۾، سنڌي دانشورن جي گھڻي دلچسپي رھي آھي(41).

ھلندڙ دور ۾ ملتان ۽ بھاول پور جي ڪجھه اديبن جو سنڌ سان ويجھو تعلق رھيو آھي. ھن ڏِسَ ۾ مولانا                نور احمد فريدي، ڊاڪٽر مھر عبدالحق، عمر ڪمال خان، ڊاڪٽر عاشق محمد خان دراني، حميره فيض دستي، دلشاد ڪلانچوي، ۽ جاويد چانڊيو ڪجھه مکيه نالا آھن. ممتاز حسن سومرو (ملتان) علم دوست انسان، وڏي ڪتب خاني جو مالڪ، ۽ اپر سنڌ سومرا جماعت جو سرواڻ ھو. ڊاڪٽر مھر عبدالحق جو ڪتاب “THE SOOMRAS” سنڌ ۾ گھڻو ساراھيو ويو. ھن ڪتاب  جو سنڌي ترجمو، عمر سومري ”سومرا راڄ گھراڻو“ عنوان سان ڪيو. ھي ترجمو سنڌ ثقافت کاتي 2010ع ۾ ڇپيو آھي. 

ملتان ۽ سنڌ جي علمي لاڳاپن جو ھڪ وڌيڪ حوالو پبلڪ لائبريري باغ لانگي خان Public Library Bagh Langay Khan ملتان آھي. ون يونٽ واري دور ۾ شڪارپور جي علمي خاندان جو فرد، محمد شفيع علوي ملازمت خاطر ملتان ۾ ھو. علوي صاحب ھن ڪتب خاني کي، ھڪ ھزار کان وڌيڪ ڪتاب عطيي طور ڏنا، جن ۾ ڪجھه اھم قلمي نسخا به ھئا. عمر ڪمال خان جي ذاتي دلچسپيءَ سان، ھن ڪتب خاني ۾ سنڌ ۽ سنڌي ڪتابن جو جداگانه حصو قائم ڪيو ويو آھي(42).

سنڌ ۽ ملتان جي مذھبي ۽ روحاني تعلق جي حوالي سان، خاص نالو غوث بھاءُالحق ملتانيءَ (وفات 656ھه) جو آھي. غوث جي ڪري سنڌ ۾ تصوف جو سھروردي سلسلو وڌيو. غوث جي محفلن ۾ ”سماع“ جون مجلسون منعقد ٿينديون ھيون. اھڙيون مجلسون پوءِ سنڌ ۾ به شروع ٿيون، جن اڳتي ھلي صوفي راڳ کي وسعت بخشي. غوث بھاءُالحق جو اثر صدين گذرڻ کان پوءِ، اڄ به جيئن جو تيئن قائم آھي. مخدوم سجاد حسين قريشي درگاھه جو ايڪٽيھون گادي نشين پير ھو. مخدوم صاحب جو سنڌ جي علمي حلقن ۾، پير علي محمد راشدي، ۽ پير حسام الدين راشديءَ سان خاص تعلق ھو.(43) پاڻ ٺيٺ سنڌي ڳالھائيندو ھو. سندس ويجھن ملازمن ۾، وڏو انگ اھل سنڌ جو آھي.

اسد ملتاني (1959ع) قيام پاڪستان کان پوءِ، ڪيئي سال ڪراچيءَ ۾ رھيو. اسد ڪاموري ھجڻ سان گڏ، سٺو شاعر ۽ اديب پڻ ھو. پاڻ ھڪ فارسي شعر ۾، سنڌ ۽ ملتان جي تاريخي سٻنڌ کي، احسن طريقي سان نروار ڪيو اٿس(44)

حوالا ۽ واڌارا:

1.        علي بن حامد ڪوفي: ”چچ نامه“، ترجمو: مخدوم امير احمد، شروع وارا ڪجھه صفحا، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1976ع.

2.       عمر ڪمال خان: ”ملتان لانگاھه دور حڪومت ۾“ (اردو)، بزم ثقافت، ملتان 2013ع.

·       ليکڪ ھر رُخ کان ملتان ۾ لانگاھه دور جي، حڪومت جو جائزو پيش ڪيو آھي. 

3.       انصار زاھد خان: ”ھسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ“ (انگريزي)، ص 110، رايل بوڪ ڪمپني، ڪراچي 1980ع.

·       البت ڊاڪٽر حميره فيض (ملتان، مغل شھنشاھت جو ھڪ صوبو، باب ٽيون، مختلف صفحا (انگريزي)، رايل بوڪ ڪمپني ڪراچي، 1998ع، ڊاڪٽر حميره، ٺٽي ۽ ملتان جي مغل دور ۾، صوبائي حيثيت تي، ڊاڪٽر انصار زاھد خان جي برعڪس موقف اختيار ڪيو آھي. 

4.       مير علي شير قانع: ”تحفة الڪرام“، ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، ص 619-624، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1971ع.       

5.       غلام محمد لاکو: ”سمن جي سلطنت“، ص 30، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄام شورو 1987ع. پڻ ڏسجي: ”مڪلي نامه“، حاشيا سيد حسام الدين راشدي، ص 98، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1967ع.

6.       مڪلي نامه (حوالو مٿي ڏنل)، ص 237-239.

7.       مير محمد معصوم: ”تاريخ معصومي“، ترجمو: مخدوم امير احمد، ص 277-279، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1959ع.

8.       حوالو (3)، ص 68.

9.       مير علي شير قانع: ”تحفة الڪرام“، ترجمو: مخدوم امير احمد، ص 267، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1976ع.

10.     خافي خان: ”ھسٽري آف اورنگزيب“ (انگريزي)، ترجمو: سيد معين الحق، ص 456-457، پاڪستان ھسٽاريڪل سوسائٽي، ڪراچي 1975ع.

·       پڻ ڏسجي: ”تحفة الڪرام“ سنڌي ترجمو: ميان دين محمد جو احوال (حوالو مٿي ڏنل).

11.      تحفة الڪرام، سنڌي ڇاپو، ص 261-262.

12.     تحفة الڪرام، سنڌي ڇاپو، ص 263-264.

13.     غلام محمد لاکو: ”ڪلھوڙا دور حڪومت“، ص 126، انجمن اتحاد عباسيه، ڪراچي 2004ع.

14.     رياض الاسلام: ”انڊو پرشين رليشنس“ (انگريزي)، ص 150-151، تھران 1970ع.

15.     مرزا مقبول بيگ بدخشاني: ”تاريخ ايران“ (اردو)، جلد ٻيون، ص 383، مجلس ترقي ادب، لاھور 1971ع.

16.     غلام رسول مھر: ”تاريخ ڪلھوڙا“، جلد اول، ص 450-451، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1963ع.

17.     رياضت ھاشمي: ”بھاول پور صوبي جو ڪيس“ (انگريزي)، ص 124، بھاول پور 1972ع.

18.     عاشق محمد خان دراني: ”ملتان دراني راڄ ۾“ (انگريزي)، ص 34-47، بزم ثقافت، ملتان 1981ع.

19.     تحفة الڪرام، سنڌي ترجمو (حوالو مٿي ڏنل)، باب ٻارھون.

20.    ڪلھوڙا دور حڪومت، ص 237.

·       رياست بھاول پور جي قيام واري سال بابت جزوي اختلاف موجود آھن (ڏسو: محمد قمرالزمان عباسي، ”بغداد کان بھاول پور“ (اردو)، لاھور 1987ع.

21.     حوالو (18)، ص 155.

22.    ون يونٽ دور جي نصابي ڪتابن ۾، اھڙيون ڳالھيون لکت ۾ موجود آھن.

23.    ڏسو ڪتاب: ”مقالا“ ۾ شامل ليکڪ جو مفصل مضمون، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 1988ع.

24.    رياض الاسلام: ”اي ڪئلينڊر آف ڊاڪيومينٽس آن انڊو پرشين رليشنس“ (انگريزي)، جلد اول، ص 471، ڪراچي 1971ع.

25.    تاريخ ڪلھوڙا، جلد اول، ص 382-384.

26.    تحفة الڪرام، سنڌي ترجمو، ص 281.

27.    ساڳيو حوالو.

28.    تاريخ ڪلھوڙا، جلد ٻيون، باب 17، باب 18، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1964ع.

29.    تاريخ ڪلھوڙا، جلد ٻيون، ص 802.

30.    عمر ڪمال خان: ”نواب مظفر خان شھيد“ (اردو)، ص 149-150، فاروقي ڪتب خانه، ملتان، سال (؟).

31.     مير غلام علي مائل: ”ڪليات مير مائل“ (فارسي)، ص 374-375، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1959ع.

32.    سي.ايل. ماڙيوالا: ”برٽش پاليسي ٽورڊس سنڌ“، ص 37، 1947ع، انڊس پبلشرز، ڪراچي 1982ع.

33.    خان بھادر خداداد خان: ”لُب تاريخ سنڌ“ (فارسي)، ايڊٽ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص 160، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1959ع.

34.    حوالو (17)، مختلف صفحا.

35.    ڊاڪٽر عاشق محمد خان دراني: ”ملتان دراني راڄ ۾“ (انگريزي)، مختلف صفحا.

36.    تاريخ ڪلھوڙا، جلد ٻيون، ص 590-591.

37.    مرزا قليچ بيگ: ”اي ھسٽري آف سنڌ“ (انگريزي)، ص 211، سنڌ ڪلاسڪز، ڪراچي 1982ع.

38.    تحفة الڪرام، سنڌي ڇاپو، ميان دين محمد جو بيان.

39.    ڪلھوڙا دور حڪومت، ص 346-350.

40.    مثنويات و قصائد قانع، ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، ص 30ح، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1961ع.

41.     بزرگ اديب ۽ اسڪالر، ڊاڪٽر نواز علي شوق جي روايت.

42.    مصنف جو ذاتي مشاھدو، اپريل 2005ع.

43.    غلام رباني آگرو: ”ماڻھو شھر ڀنڀور جا“، مخدوم سجاد حسين قريشيءَ تي لکيل مضمون، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2012ع.

44.    عبدالباقي: ”اسد ملتاني“ (اردو)، ص 415، بزم ثقافت، ملتان 2004ع.

45.    اسد ملتانيءَ بابت سيد شوڪت علي بخاريءَ به ڪم ڪيو آھي. سندس جاکوڙ ”ڪليات اسد ملتاني“ سرائڪي ريسرچ سينٽر، بھاءُالدين زڪريا يونيورسٽي، ملتان 2004ع ۾ ڇپيو آھي. سنڌ-ملتان تعلق وارو فارسي شعر، ھن ڪتاب جي صفحن 282، 283 تي موجود آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org