

پطرس بخاري
سنڌيڪار:
عبدالستار لغاري
مرحومه جي ياد ۾
ھڪ ڏينھن آئون ۽ مرزا صاحب ورانڊي ۾ ڪرسيون رکي
خاموشي سان ويٺا ھئاسين، جڏھن دوستي گھڻي پراڻي ٿي
وڃي ته پوءِ ڳالھائڻ جي ضرورت نه پوندي آهي ۽ دوست
ھڪٻئي جي خاموشي مان لطف اندوز ٿيندا آهن، اسان
سان به ساڳئي حالت ھئي. اسان پنھنجن پنھنجن خيالن
۾ محو ھئاسين. مرزا صاحب جي من ۾ خبر ناھي ڇا ھو،
پر آئون زماني جي ستم ظريفين تي غور ويچار ڪري
رھيو ھئس، پريان روڊ کان ڪيڏي مھل ڪار جي گذرڻ جو
آواز ايندو هو، منھنجي طبيعت ڪجھه اھڙي آهي، جڏھن
به ڪنھن جي ڪار ڏسندو آھيان ته زماني جي ستم
ظريفين تي سوچيندو آهيان ۽ ھڪ ترڪيب ذھن ۾ ايندي
آهي ته ھڪ جيتري دولت سڄي دنيا جي ماڻھن ۾ ورھائي
وڃي.
جيڪڏهن آئون روڊ تان پنڌ وڃي رھيو ھجان ۽ ڪار
زوزاٽ ڪري منھنجي پاسي مان گذري، ته ڏاڍي تڪليف
ٿيندي آهي ۽ گھر اچي ڪيمسٽري جو ڪتاب پڙھندو
آھيان، جيڪو مون ايف.اي ۾ پڙھيو ھو، متان بم ٺاھڻ
جو ڪو نسخو ملي پوي. آئون ٿڌا ساھه کڻڻ لڳس، مرزا
صاحب ڪو ڌيان ئي نه ڏنو، آخرڪار خاموشي ٽوڙيندي
کيس چيم، مرزا صاحب اسان ۽ جانورن ۾ ڪھڙو فرق آهي؟
مرزا صاحب چيو، آخر ڪونه ڪو ضرور ھوندو. مون چيو،
آئون ٻڌايان توکي. چيائين ٻڌاءِ. مون چيو، ڪو فرق
ناھي، ٻڌين ٿو مرزا، ڪو فرق ناھي اسان ۽ جانورن ۾،
گھٽ ۾ گھٽ مون ۾ ۽ جانورن ۾ ڪو فرق ناھي، ھاھا مون
کي خبر آهي، جانور گاھ کائيندا آھن، تون نه ٿو
کائين، جانورن کي پڇ ھوندو آھي، توکي ناھي، پر
انھن ڳالھين مان ڇا ٿو ٿئي، ان مان ته صرف اھو ٿو
ظاھر ٿئي ته ھو مونکان افضل آھن، ان جو تو وٽ ڪو
جواب آھي، جيڪڏھن آھي ته ٻڌاءِ، بس چپ ٿي وڃ، تون
ڪجھه نه ٿو ڪري سگھين. جڏھن کان پيدا ٿيو آھيان
پيادو ھلي رھيو آھيان، توکي پيادل جي معنيٰ خبر
ناهي، پيادل معنيٰ زمين تي اھڙي طرح حرڪت ڪرڻ ته
جيئن ٻنھي پيرن مان ھڪ پير ضرور زمين تي ھجي، يعني
سڄي زندگي منھنجي حرڪت ڪرڻ جو طريقو اھو ئي رھيو
آھي، ھڪ پير زمين تي رکان ٿو ۽ ٻيو کڻان ٿو. ھڪ
اڳيان ھڪ پويان، ھڪ پويان ھڪ اڳيان. خدا جو قسم
اھڙي قسم جي زندگي مان بيزاري ٿئي ٿي، حواس بيڪار
ٿي ويندا آهن، تخيل مري ويندو آهي، ماڻھو گڏھ کان
به بدتر ٿي ويندو آهي.
مرزا صاحب منھنجي تقرير دوران بيپرواھي مان سگريٽ
پيئندو رھيو، مون نفرت وچان ڪنڌ ڦيري ڇڏيو. ائين
پئي لڳو مرزا کي منھنجي ڳالھين تي يقين ئي نه پئي
آيو، مون پنھنجون تڪليفون پئي بيان ڪيون، اُھي ڄڻ
ھجن ئي نه، يعني منھنجي پيادي ھلڻ خلاف شڪايت ڪرڻ
توجهه جي قابل نه ھئي، يعني آئون سواري جي مستحق
ئي ناھيان. مون دل ۾ چيو، ٺيڪ آ مرزا ڏس ته آئون
ڇا ٿو ڪيان.
آئون ڪرسي تي آھلي پيس، ڪرسي جي ٻانھن تي جھڪي
مرزا جي ويجھو ويس، مرزا به منھنجي ويجھو ٿيو.
ظاھري طور تي مسڪرائڻ لڳس پر اندر ٻري رھيو ھو،
جڏھن مرزا ٻڌڻ لاءِ بلڪل تيار ھو، کيس چيم، مرزا
خبر اٿئي آئون موٽر ڪار خريد پيو ڪيان، اھو چئي
وڏي فخر سان ڪنڌ ٻي پاسي ڦيري ڇڏيم. مرزا پڇيو، ڇا
چيو تو، ڇا ٿو خريد ڪرين؟ مون چيو، نه ٻڌئي نه،
چيم موٽر ڪار پيو وٺان. موٽر ڪار ھڪ اھڙي گاڏي
آھي، جنھن کي گھڻا ماڻھو موٽر چوندا آهن، ڪي وري
ڪار به چوندا آهن، تون ٿورو بيوقوف آهين تڏھن موٽر
ڪار چيم ته جيئن توکي جلدي سمجهه ۾ اچي وڃي. مرزا
چيو، ھون ۽ پوءِ مون سگريٽ دکايو ۽ ڏاڍي بيپرواھي
مان سگريٽ جا ائين سوٽا ھڻڻ لڳس، جيئن فلمن ۾
اداڪار ھڻندا آهن. ٿوري دير کانپوءِ مرزا چيو،
ھون... مون سمجھيو ته مٿس ڪجھه اثر ٿي رھيو آھي،
مرزا تي منھنجو رعب ٿي رھيو آھي، مون کيس چيو،
مرزا ڪجھه ته ڳالھاءِ، وري چيائين ھون. مون چيو،
مرزا جيتري قدر مون کي خبر آهي ته تو اسڪول، ڪاليج
۽ گھر ۾ ٻه ٽي ٻوليون سکيون آھن ۽ ان
کانسواءِ توکي ڪجھه لفظ به ايندا آهن، جيڪي ڪنھن
به ڪاليج يا شريف گھراڻي ۾ نه ٿا ڳالھايا وڃن،
پوءِ به ھن وقت تون ھون کان اڳتي نه ٿو وڌين، تون
مون تي سڙين ٿو، ھن وقت تنھنجي جيڪا ڪيفيت آھي، ان
کي عربي ۾ حسد چوندا آهن.
مرزا چيو، نه اھا ڳالھه ته ناھي، آئون ته صرف خريد
لفظ تي غور ڪري رھيو آھيان. تو چيو ته، تون
موٽرڪار خريدڻ چاھين ٿو، ته ميان خريدڻ ھڪ اھڙو
فعل آھي، جنھن لاءِ پئسن وغيره جي ضرورت پوندي
آهي. وغيره جو ته بندوبست ٿي ويندو پر پئسن جو
بندوبست ڪٿان ٿيندو؟ انھي ڳالھه تي ته مون به نه
سوچو ھو، پر پوءِ به ھمت نه ھاريم. چيم، آئون
پنھنجون قيمتي شيون وڪڻي سگھان ٿو. مرزا چيو، مثال
طور ڪھڙيون، مون چيو، ھڪ ته سگريٽ ڪيس، مرزا چيو،
ٺيڪ آ، باقي ٻيا پئسا به ٿي وڃن ته ڪم ڀلو ٿي
پوندو. مون کي اھا ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي ته ماڻھو
پئسا ڪٿان آڻيندا آھن، گھڻو ئي غور ويچار ڪيم ۽
نيٺ ان نتيجي تي پھتس ته چوري ڪندا آهن. مرزا چيو،
توکي ھڪ صلاح ڏيان... ھڪ سائيڪل ئي کڻي وٺ. مون
چيو، اھو پئسن وارو معاملو جيئن جو تيئن آھي.
چيائين، مفت. حيران ٿيس، پڇيم اھو وري ڪيئن؟
چيائين، تون منھنجو دوست آھين ۽ دوست کان پئسن وٺڻ
ڪٿي جي شرافت آھي، البته تون قبول نه ڪرين ته
تنھنجي مرضي. مون کي ڏاڍي کل آئي، پڇيم، ڪنھن جي
آھي؟ چيائين مون وٽ آھي، مون وٽ ته سمجهه تو وٽ
آھي، مون ڪرسي مرزا جي ويجھو ڪئي، سمجهه ۾ نه آيو
ته پنھنجي ندامت جو اظھار ڪھڙن لفظن ۾ ڪيان.
مون چيو مرزا صاحب سڀ کان پھرين گستاخي جي معافي
ٿو وٺان ۽ ٻي ڳالھه ته اڄ آئون توسان اعتراف ڪيان
ٿو ته آئون توکي ھميشه مسڪين، خودغرض ۽ عيار
سمجھندو رھيس، ناراض متان ٿئين، انسان کان غلطي ٿي
ويندي آهي، پر اڄ تو دوستي جو ثبوت ڏنو آهي ۽ ثابت
ڪيو آهي ته آئون قابلِ نفرت ۽ حقير آھيان، مرزا
مون کي معاف ڪر. منھنجي اکيون پاڻي سان ڀرجي ويون،
مرزا جي ھٿ تي بوسو ڏيڻ وارو ئي ھئس ته مرزا چيو،
انھي ۾ احسان جي ڪھڙي ڳالھه آھي، چيم مفت ۾ کڻندس،
مرزا چيو، انھي ڳالھه کان ته ڊڄان ٿو، تون حساس
ايترو آھين جو ڪنھن جو به ٿورو نه ٿو کڻين،
حالانڪه خدا شاھد آھي ته انھي ۾ ڪو به ٿورو ناھي.
مون چيو، خير، تون قيمت ٻڌاءِ، مرزا، يار قيمت جي
ڳالھه ڪري مون کي شرمندو نه ڪر ۽ ھا جنھن قيمت ۾
مون ورتي ھئي، اھا ته تمام گهڻي ھئي ۽ ھاڻي ته
اوترا پئسا لھي به نه ٿي. مون چيو، تو گھڻي ۾ ورتي
ھئي، چيائين، مون پوڻا ٻه سؤ ۾ ورتي ھئي، پر ان
وقت سائيڪلن جو ايترو رواج نه ھو، انڪري مھانگيون
ھيون. مون پڇيو، ايڏي پراڻي آھي ڇا؟ چيائين نه
ايتري پراڻي به ناھي، منھنجو پٽ ڪاليج ويندو ھو ۽
انھي کي ڪاليج ڇڏئي ٻه سال به نه ٿيا ھوندا. ھا
اھا ڳالھه ضرور آھي ته اڄڪلھه سائيڪلون ٽين مان
ٺھنديون آھن، جن کي ڪاليج جا مٿي ڦريل ڇورا سستيون
سمجھي خريد ڪندا آھن، پراڻين سائيڪلن جا ڍانچا
مضبوط ھوندا ھئا. پر مرزا پوڻا ٻه سؤ ته منھنجي
لاءِ گھڻا آھن، انھي قيمت جو اڌ به مون وٽ نه
ٿيندو. مرزا چيو، پوءِ آئون توکان پئسا ٿورئي ٿو
وٺان، پھرين ڳالھه ته وٺڻ ئي نه ٿو چاھيان. پر مون
چيو، نه مرزا پئسا توکي وٺڻا پوندا، آئون تنھنجي
کيسي ۾ ڪجھه پئسا وجهان ٿو، گھر وڃي ڳڻجان، جيڪڏھن
توکي ڳالھه سمجهه ۾ اچي، سائيڪل موڪلي ڏجان نه ته
پئسا واپس ڪجان. مرزا چيو، ادا جيڪا تنھنجي مرضي،
آئون ته ھاڻي به چوان ٿو ته پئسن کي کڻي ڇڏ، پر
تون ڪونه مڃيندين.
آئون اٿي ڪمري ۾ آيس، سوچيم، ماڻھو استعمال ٿيل
شين جي قيمت اڌ ڏيندا آهن، پر مون جڏھن مرزا کي اڌ
قيمت به نه ڏيڻ لاءِ چيو ھو ته ھن ڪو به اعتراض
نه ڪيو ھو، بلڪه مفت کڻڻ لاءِ چيائين. پر آئون
ڪيئن کڻان، آخر سواري آھي، موٽرن ۽ گھوڙن ۾ ڳڻبي
آھي. ٻٽون ڏٺم ته ڪل چوئيتاليھه رپيا ھئا، اھا ته
صفا گھٽ ھئي، پنجيتاليھه يا پنجاھه ھجن ته به
صحيح، جيڪڏھن پنجيتاليھه ڏيڻا آهن ته ڇو نه چاليھه
ڏيان، جن رقمن جي اڳيان زيرو ھوندو آھي، اھي
گهڻيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن، بس صحيح آھي چاليھه
رپيا ئي ڏيان ٿو. خدا ڪري مرزا قبول ڪري. ٻاھر آيس
چاليھه رپيا مٺ ۾ بند ڪري مرزا جي کيسي ۾ وڌم ۽
چيم، ھي قيمت نه سمجهجانءِ، ھڪ غريب دوست جي
معمولي رقم توھين نه سمجهين ته سائيڪل موڪلي ڏجان.
مرزا وڃڻ لڳو ته چيم، مرزا ياد سان صبح جو سوير
موڪلي ڏجان. مرزا چيو، ٺيڪ آهي، ڪپڙو وغيره ھڻجانس
۽ تيل وغيره به وجهجانس. چيم، ھا ھا اھو سڀ ٿي
ويندو، تون ياد سان صبح جو سوير سائيڪل موڪلجان،
اٺين يا ساڍي اٺين تائين. ٺيڪ آ خدا حافظ. رات جو
سمھڻ مھل سائيڪل تي گهمڻ جو پروگرام ترتيب ڏيڻ
لڳس، پڪو ارادو ڪيم ته ٽن ڏينھن تائين آسپاس جون
سڀ تاريخي جايون ۽ کنڊر نئين سري سان ڏسي وٺندس.
ان کانپوءِ ايندڙ گرمي ۾ ٿي سگهيو ته سائيڪل تي
ڪشمير گهمندس. ھرروز صبح جو چشمي تي ويندس ۽ شام
جو وري ٻي ڪنھن جڳھه تي ويندس. لھندڙ سج جا ڪرڻا
جڏھن سائيڪل تي پوندا ته سائيڪل جا حصا چمڪندا ۽
ائين معلوم ٿيندو ته ھڪ بادشاھه زمين سان گڏ اڏري
رھيو آھي ۽ اھا مسڪراھٽ جنھن جو ذڪر ڪري چڪو
آهيان، اڃا تائين منھنجي چپن تي ڦھليل ھئي، دل چيو
ته ڀڄي وڃي مرزا کي ڀاڪر پايان، رات جو خواب ۾
دعائون گهرندو رھيس ته مرزا سائيڪل ڏيڻ تي راضي
ٿئي.
صبح اٿيس ته نوڪر سائيڪل اچڻ جي خوشخبري ٻڌائي،
مون چيو ايڏو سويري. چيائين، اھا ته رات ئي اچي
وئي ھئي، توھان سمھي پيا ھئا، مون جاڳائڻ مناسب نه
سمجهيو، ۽ مرزا جو ماڻهو نٽ بولٽ ڇڪڻ جو اوزار به
ڏئي ويو آهي. حيران ٿيس ته مرزا ايڏي جلدي سائيڪل
موڪلي ڏني، پر وري ان نتيجي تي پھتس ته مرزا نھايت
شريف ۽ ديانتدار آھي، جڏھن پئسا ورتائين ته سائيڪل
ڇو نه ڏي ھا. نوڪر کي چيم، ڏس ھي اوزار ھتي رک ۽
سائيڪل کي چڱي طرح ڪپڙو ھڻ ۽ موڙ تي جيڪو سائيڪلن
وارو ويٺو آھي کانئس تيل وٺي اچ، تيل جي ڪپي وٺي
اچجان، سائيڪلن واري ھمراھه کي چئجان ته خراب تيل
نه ڏي، سائيڪل جا پرزا نازڪ ٿيندا آهن ۽ سائيڪل کي
ٻاھر ڪڍ، آئون ڪپڙا تبديل ڪري اچان پيو. تڪڙ ۾
چانھه پي گانا ڳائيندو غسل خاني ويس، ڪپڙا بدلائي
اوزار کيسي ۾ وجھي ٻاھر آيس. ورانڊي ۾ ھڪ عجيب
مشين پيل نظر آيم. نوڪر کان پڇيم، اڙي ھي ڇا آھي؟
چيائين، سائين سائيڪل آھي. چيم، سائيڪل؟ ڪنھن جي
سائيڪل؟ چيائين، مرزا صاحب توھان لاءِ موڪلي آھي.
مون چيو، ھن جيڪا رات جو موڪلي ھئي، اھا ڪٿي آهي؟
چيائين، اھا ته آھي. مون چيو ڇا ٿو بڪين، ھي اھا
ئي سائيڪل آھي، جيڪا مرزا صاحب موڪلي آھي. چيائين
ھا، چيم، اڇا ۽ پوءِ غور سان ڏسڻ لڳس، چيم، ھن کي
ڪپڙو ڇو نه ھنيو اٿئي، چيائين، ٻه ٽي دفعا ھنيو
اٿم. پوءِ ايڏي ميري ڇو آھي؟ نوڪر جواب ڏيڻ شايد
مناسب نه سمجھيو. ۽ تيل وٺي آئين، چيائين ھا.
سائيڪل کي تيل ڏنئي، چيائين، ڪٿي ڏيان، سوراخ ته
سائيڪل ۾ ڏسڻ ۾ ئي نه ٿا اچن. چيم، ڇا جي ڪري؟
شايد ڪٽ لڳڻ ڪري سوراخ پورجي ويا آهن. آھستي آھستي
ان شيءِ جي ويجھو ويس، جنھن کي منھنجو نوڪر سائيڪل
سڏي رھيو ھو، پر مڪمل ھيئت مان اھو صاف ظاھر ھو ته
ھر ، چرخي ۽ ان جھڙن جديد ايجادن کان پھرين ٺھيل
آھي، پوءِ ٽائر کي ڦيرائي سوراخ ظاھر ڪيم، جتي
ڪنھن زماني ۾ تيل ڏنو ويندو ھو، پر ھاڻ سوراخ ۾
آمدورفت جو سلسلو بند ھو. نوڪر چيو، سائين تيل سڀ
پاسي مان وھي ويندو آهي، سوراخ ۾ ويندو ئي ناھي،
مون چيو، ٺيڪ آ، مٿان ئي وجھي ڇڏ، اھو ئي فائدي
وارو آهي. آخرڪار سائيڪل تي سوار ٿيس، پينڊل ھلايم
ته خبر پئي، جيئن ڪو مردو ھڏيون ٺڙڪائي زندهه ٿي
رھيو ھجي. گھر کان نڪرندئي لاھي ھئي، سائيڪل پاڻ
ئي ھلڻ لڳي ۽ ڪيترن ئي حصن مان آواز اچڻ لڳا.
آوازن جا به ڪيترائي قسم ھئا، چين چان چون جا آواز
گھڻو ڪري گدي ۽ پوئين ٽائر مان اچي رھيا ھئا، کٽ
کڙ کرڙ کرڙ جا آواز مڊگارڊن مان اچي رھيا ھئا، چر
چرخ قسم جا سر پينڊل ڪڍي رھيو ھو، چين صفا ڍري
ھئي، جڏھن پينڊل تي زور ڏبو ھو، چين ٽائٽ ٿي ويندي
ھئي ۽ پوءِ ڍري ٿي ويندي ھئي. اڳيون ٽائر ڦرڻ سان
گڏوگڏ لڏندو به ھو، يعني ھڪ ته اڳيان ھلندو ھو ۽
کاٻي کان ساڄي ۽ ساڄي کان کاٻي به حرڪت ڪندو ھو،
روڊ تي ڏسي ائين معلوم ٿيندو ھو ته ڄڻ ڪو نانگ
لنگھي ويو ھجي. مڊگارڊ ته ھئا پر ٽائرن جي مٿان نه
ھئا. ان جو فائدو صرف اھو ٿيندو ھو ته انسان اتر
طرف وڃي ۽ سج اولھه طرف لھي رھيو ھجي ته مڊگارڊن
جي مھرباني سان سج جي روشني کان بچيل ھوندو. اڳئين
ٽائر ۾ ھڪ وڏي چتي لڳل ھئي، جنھن ڪري ٽائر ھر دفعي
مٿي کڄي ويندو ھو، ۽ منھنجو مٿو ائين جھٽڪا کائي
رھيو ھو، ڄڻ ڪو ھيٺان کان مڪ ھڻي رھيو ھجي. اڳئين
۽ پوئين ٽائرن کي گڏائي چون چون ڦٽ ڦٽ چون چون جي
صدا اچي رھي ھئي. جڏھن لاھي تان سائيڪل ۾ تيزي آئي
ته فضا ۾ طوفان برپا ٿي ويو، سائيڪل جا ڪيترائي
پرزا جيڪي ايستائين ننڊ ستل ھئا، جاڳي پيا، پاسي
مان گذرندڙ ماڻھو ڇرڪ ڀرڻ لڳا، مائرن پنھنجن ٻارن
کي سيني سان لاتو. کرڙ کرڙ سان گڏ ٽائرن مان ٻيا
آواز به اچي رھيا ھئا، ڇاڪاڻ ته سائيڪل ھاڻي پھرين
کان تيز ھئي، ان ڪري چون چون ڦٽ ڦٽ چون چون جو
آواز ڦٽچون ڦٽچون ۾ بدلجي ويو ھو. سڀني آوازن کي
گڏائي ائين لڳي رھيو ھو، ڄڻ سائيڪل ڪنھن آفريڪي
ٻولي جا گردان دھرائي رھي ھجي. تيز رفتاري جي ڪري
سائيڪل جي طبع ۾ ٻه تبديليون اچي ويون، ھڪ ھينڊل
ھڪ طرف مڙي ويو ۽ ٻيو گدي تقريباً 6 انچ ھيٺ ويھي
وئي. جنھن جو اھو نتيجو نڪتو ته آئون وڃان ته
اڳيان پيو، پر منھنجو سڄو جسم ساڄي پاسي مڙيل ھو.
ان کانسواءِ گدي 6 انچ ھيٺ ويھي وئي. جڏھن پينڊل
ھلائڻ لاءِ ٽنگون ھيٺ مٿي ڪري رھيو ھئس، ته منھنجا
گوڏا مٿي کي پئي لڳا، چيلھه ٻاھر نڪري وئي ھئي ۽
اڳئين ٽائر جي ڪري مٿي کي زوردار جھٽڪا لڳي رھيا
ھئا. گدي جو ھيٺ ٿيڻ سخت تڪليف وارو ھو، ان ڪري
گدي کي صحيح ڪرڻ مناسب سمجھيم، سائيڪل کي بيھاري
ھيٺ لٿم ته ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪنھن ريلوي اسٽيشن
کان ٻاھر نڪتو ھجان. کيسي مان اوزار ڪڍي، گدي کي
مٿي ڪيم ۽ پينڊل کي صحيح ڪري ٻيھر سوار ٿيس. ڏھ
قدم به مس ھليو ھئس، ھينڊل به ھيٺ ٿي ويو، ھاڻي
گدي ھينڊل کان فٽ کن مٿي ھئي، منھنجو سڄو جسم
اڳيان جھڪيل ھو، سڄو وزن ھٿن تي ھو، جيڪي ھينڊل تي
جھٽڪا کائي رهيا هئا.
توھان منھنجي حالت تي غور ڪندؤ ته ائين لڳندو ڄڻ
ڪا عورت اٽو ڳوھي رھي ھجي، مون کي به ان مشابھت جو
احساس ھو، جنھن ڪري پگھر اچڻ لڳا. آئون آڏي اک سان
ماڻھن کي ڏسندو پئي ويس، ائين ته ھر ماڻھو مون کي
ڪاوڙ مان پئي ڏٺو، ھڪ ڇوڪري ته ھيئن چيو، ڏسو ھي
ماڻھو ڇا ڪري رھيو آھي، ڄڻ آئون ڪو ڪرتب ڏيکاري
رھيو ھجان. ھيٺ لھي وري ھينڊل ۽ گدي کي مٿي ڪيم.
ڪجھه وقت ھلڻ کانپوءِ سائيڪل تي باقاعدگيءَ سان اٿ
ويھه شروع ٿي چڪي هئي. سوچيم ته ڪنھن مستري وٽ نٽ
بولٽ ڇڪرائجن، دڪان تي ويس. دڪان تي جيڪي به
ماڻھو ڪم ڪري رھيا ھئا، سائيڪل جي آواز تي سڀ ڪم
ڇڏي مون ڏي ڏسڻ لڳا، مون ھڪ ھمراھه کي سڏ ڪندي
چيو، يار سائيڪل جي مرمت ته ڪجان. ھڪ مستري لوھي
راڊ کڻي اڳيان وڌيو ۽ سائيڪل جي مختلف حصن کي زور
سان ھڻي، مون کان پڇيائين، سائيڪل جي ڪھڙي ڪھڙي
پرزي جو ڪم ڪرائيندين. مون چيو وڏو گستاخ آھين،
ڏسين نه ٿو، صرف ھينڊل ۽ گدي کي مٿي ڪري نٽ ڇڪڻا
آھن، بس ٻيو ڇا، مھرباني ڪري اھي ٺيڪ ڪري پئسا
ٻڌاءِ. مستري چيو، مڊگارڊ به صحيح ڪيان، مون چيو
ھا اھي به ٺيڪ ڪر. چيائين، ٻيو ڪم به ڪرائي ڇڏ.
مون چيو، ٺيڪ آ جيڪو به ڪم ھجي ڪري ڇڏ. چيائين،
اھو ته ڏھن پندرھن ڏينھن جو ڪم آھي، سائيڪل کي ڇڏي
وڃ. چيم، گھڻا پئسا ٿيندا. چيائين بس ٽيھه چاليھه
رپيا لڳندا. مون چيو، صحيح آ، توکي جيڪو ڪم چيو
اٿم، اھو ڪر باقي اجايو منھنجن معاملن ۾ دخل
اندازي نه ڪر. ٿوري دير کانپوءِ ھينڊل ۽ گدي مٿي
ڪري ڏنائين، سائيڪل کڻي دڪان مان نڪرڻ لڳس ته
مستري چيو، مون نٽ ڇڪيا ته آھن پر سڀ گسي ويا آهن،
ٿوري دير کانپوءِ وري ڍرا ٿي ويندا. مون چيو، وڏو
بدتميز آھين، پوءِ ھي ٻه آنا ڇا جا ورتا اٿئي؟
چيائين، توھان کي سائيڪل به ته مفت ۾ ملي ھوندي،
ھي توھان جي دوست مرزا صاحب جي آھي نه؟ للو ھي
اھائي سائيڪل آھي جيڪا گذريل سال مرزا صاحب ھتي
وڪڻڻ لاءِ آيو ھو، سڃاتي تو. ادا صديون گذري ويون
پر انھي سائيڪل جا گناھه معاف نه ٿا ٿين. مون چيو،
ھا اھو ته صحيح آهي پر مرزا صاحب پاڻ به جڏھن
ڪاليج ۾ پڙھندو ھو، تڏھن به ھي سائيڪل ھوندي ھيس.
منھنجي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي، آئون سائيڪل سميت
آھستي آھستي ھلڻ لڳس پر پيادل ھلڻ به مشڪل ھو، ھن
سائيڪل کي پيادل ھلائڻ ۾ پٺن تي ايترو زور ايندو
ھو، جيترو سائيڪل ھلائڻ ۾ به نه لڳندو آھي. ان ڪري
ٽنگن، ڪنڌ، چيلھه ۽ ٻانھن ۾ سخت تڪليف ٿي رھي ھئي،
ذھن ۾ ھر دفعي مرزا جو خيال اچي رھيو ھو، ھر دفعي
ان خيال کي دل تان ھٽائي رھيو ھئس نه ته چريو ٿي
وڃان ھا ۽ ڇتپڻ ۾ ڪا حرڪت ڪري وجھان ھا، بھرحال
سائيڪل کي اوڻي پوڻي وڪڻي پنھنجي مٿان ٻوجھه لاھڻ
جو سوچي رھيو ھئس. ڀلا ڏھه پندرھن رپين جو نقصان
ٿيندو، وڏي چٽي کان ته بچي پوندس. خير رستي ۾
سائيڪلن جو دڪان ھو، ھليو ويس. دڪاندار مون ڏي
ھليو آيو، منھنجي زبان کي ڄڻ تالو لڳي ويو ھو، سڄي
زندگي ڪا شيءِ وڪڻڻ جي نوبت نه آئي ھئي، مون کي
خبر ناھي ته انھن موقعن تي ڇا چئبو آھي. آخر وڏي
سوچ ويچار کانپوءِ چيم، ھي سائيڪل آھي. دڪاندار
چيو، پوءِ، مون چيو، وٺندين؟ چيائين، ڇا مطلب؟ مون
چيو، وڪڻان ٿو. دڪاندار مون کي عجيب نظرن سان ڏسڻ
لڳو، ڄڻ چوري ڪئي ھجيم، پوءِ سائيڪل ڏانھن ڏٺائين،
وري مون ڏي ڏٺائين، آخرڪار چيائين، ھن کي وڪڻي ڇا
ڪندؤ؟ اھڙن سوالن جا خبر ناھي ڪھڙا جواب ھوندا
آھن، چيم، ڇا تون اھو ٿو پڇڻ چاھين ته جيڪي پئسا
مون کي ملندا انھن جو ڇا وٺندس. چيائين، اھو ته
ٺيڪ آھي، پر ھن کي جيڪو وٺندو، اھو ڇا ڪندو. مون
يڪدم چيو، چڙھندو ٻيو وري ڇا ڪندو. چيائين، اڇا
چڙھندو پوءِ؟ مون چيو، پوء ڇا ھلائيندو ٻيو وري
ڇا؟ دڪاندار چيو، اڇا ھون.....، خدا بخش ٿورو
ھيڏانھن اچ، ھي سائيڪل وڪڻجڻ لاءِ آئي آھي. جنھن
شخص جو نالو خدا بخش ھو، پري کان ائين ڏٺائين، ڄڻ
ڪا بدبوءِ سونگھي رھيو ھجي. ان کانپوءِ ٻنھي پاڻ ۾
صلاح ڪئي ۽ پوءِ جنھن جو نالو خدا بخش نه ھو،
منھنجي ويجھي آيو چيائين، تون واقعي ئي ھن سائيڪل
کي وڪڻين ٿو؟ چيم، ٻيو ڇا، رڳو توھان سان ھم ڪلام
ٿيڻ لاءِ پنھنجي گھر کان سيڙجي ھتي آيو آھيان ڇا؟
چيائين، پوء گھڻا وٺندين؟ چيم، تون ٻڌاءِ، چيائين،
واقعي ئي ٻڌايان؟ مون چيو ھا. وري چوڻ لڳو، سچ ۾
ٻڌايان. مون چيو، يار ھاڻي کڻي ٻڌاءِ، چيائين، ٽي
روپيا ڏيندس. ٻڌڻ سان ئي منھنجي جسم ۾ رت تيزي سان
گردش ڪرڻ لڳو، مون کيس چيو، او ھيٺين طبقي جا
اٽڪلي انسان، مون کي پنھنجي بيعزتي جي پرواھه
ناھي، پر تو پنھنجي بيھودا گفتگو ذريعي ھن بي زبان
کي جيڪو صدمو پھچايو آھي، ان لاءِ آئون توکي قيامت
تائين معاف نه ٿو ڪري سگھان، اھو چئي سائيڪل تي
چڙھيس ۽ تيزي سان پينڊل ھلائڻ لڳس. ٿورو ئي اڳتي
ويس ته مون کي محسوس ٿيو، ڄڻ ڪنھن مون کي ڌڪو ڏنو
ھجي ۽ وڏين بلڊنگن پنھنجي جڳھه بدلائي ھجي. جڏھن
حواس جائتا ٿيا ته زمين تي پلٿي ھڻي ويٺو ھئس، ڄڻ
ائين ويھڻ لاءِ مون کي وڏو شوق ھو، جيڪو اڄ پورو
ٿيو آھي. آسپاس ڪجھه ماڻھو گڏ ٿي ويا ھئا ۽ کلي به
رھيا ھئا، سامھون اھو دڪان ھو، جتان آئون ھاڻي ئي
ڪاوڙجي نڪتو ھئس، مون پنھنجن حالتن تي غور ڪيو ته
خبر پئي سائيڪل جو اڳيون ٽائر نڪري روڊ جي ٻي پاسي
کان وڃي نڪتو ھو ۽ سائيڪل مون وٽ ھئي، يڪدم پاڻ کي
سنڀاليم، ھڪ ھٿ ۾ ٽائر ۽ ٻي ھٿ ۾ سائيڪل کڻي ھلڻ
لڳس. پنھنجي پاڻ کان سوال ڪيم، ھي ڇا پيو ڪرين،
ڪھڙو ارادو اٿئي، ھي ڇا لاءِ کڻي پيو وڃين؟ سوالن
جا جواب ھي ھئا ته، فلحال ھتان نڪر، سڀ ماڻھو توکي
پيا ڏسن، ڪنڌ مٿي کڻي ھل، جيڪو کلي ته ڀلين کلي،
اھڙا قسم جا بيھودا ماڻھو ھر ملڪ ۽ قوم ۾ وافر
مقدار ۾ ھوندا آھن، ھي ھڪ حادثو ئي آھي، بس ساڄي
کاٻي نه ڏس ھلندو ھل. ماڻھن جي ناشائسته ٻولي به
ٻڌڻ ۾ آئي پئي، ھڪ چيو، خير آ سائين ڪاوڙ کي ڦٽي
ڪيو، ٻي چيو، بي حيا سائيڪل، ھل گھر ته توکي سيکت
ڏيان. ھڪ بزرگ پنھنجي پٽ سان وڃي رھيو ھو، مون ڏي
اشارو ڪري چيائين، ڏس پٽ ھي سرڪس جي سائيڪل آھي،
ھن جا ٻيئي ٽائر الڳ ھوندا آھن. آئون ھلندو رھيس،
ٿوري دير کانپوءِ آبادي کان ٻاھر نڪري آيس، پنھنجي
پاڻ کي ڪجھه ھلڪو محسوس ڪيم، ھلندي ھلندي درياءَ
وٽ پھتس، پل تي بيھي سائيڪل کي درياءَ جي حوالي
ڪيم، واپس شھر آيس، سڀ کان پھرين مرزا جي گھر ويس،
دروازو کڙڪايم، مرزا چيو اندر اچ. مون چيو، وضو
ٿيل ناھي، تو جھڙي خدا ترس ماڻھو جي گھر ۾ بغير
وضو جي ڪيئن ٿو داخل ٿي سگھان. مرزا ٻاھر آيو، مون
کيس اھو اوزار واپس ڪيو، جيڪو ھن مون کي سائيڪل
سان گڏ ڏنو ھو، گھر پھچي ڪميسٽري جو مطالعو ڪرڻ
لڳس، جيڪو مون ايف.اي جي ڪورس ۾ پڙھيو ھو.
مير چند اوڏ

اوڏ برادريءَ ۾ فوتگيءَ جون رسمون
جھڙيءَ
طرح دنيا جي ھر مذھب، قوم، قبيلي ۽ بِرادرِيءَ ۾
فوتگيءَ جون رسمون ٿين ٿيون، اهڙيءَ طرح ئي اوڏ
برادريءَ ۾ به فوتگي جون رسمون ٿين ٿيون، البته
ڪجھه رسمون سنڌي ثقافت سان ملندڙ جلندڙ پڻ آھن.
سڪرات: اوڏ برادري جو جڏھن ڪو ماڻھو تمام گهڻو
بيمار ھوندو آھي ۽ مرڻ وقت يعني دم ڏيڻ کان ٿورو
اڳ کيس شديد تڪليف کي منھن ڏيڻو پوندو آھي، ته ان
کي ” سڪرات“ چيو ويندو آھي. سڪرات جي خاص علامتن ۾
جسم جو سڄي وڃڻ جنھن ۾ ھٿ، پير ۽ سينو پڻ شامل
آهي. ڳيت ڏيڻ سان نڙِيءَ مان پاڻيءَ ڍڪ جو نه لھڻ،
اکين جو مٿي کڄي وڃڻ ۽ هڪ هنڌ ٽڪ ٻڌڻ، منھن ۾ سوڄ
اچڻ، اکين ۾ پاڻي ترِي اچڻ، ننھن ڪاراٽجي وڃڻ ۽
گهوگهرِي لڳڻ پڻ شامل آھي، جنھن کي اوڏڪي ٻوليءَ ۾
”کرکرِي لڳڻ“ چيو ويندو آھي.
ھاڻوڪي دور ۾ سڪرات ۾ رھندڙ شخص کي جڏھن تڪليف وڌي
ويندي آھي يعني ساھ اٽڪيل ھوندو اٿس، ته گهر جو ڪو
ماڻھو سنان پاڻي ڪري يا ھٿ منھن ڌوئي شريمد ڀڳونت
گيتا جي ارڙھين اڌياءَ جي پاٺ ڪرڻ کان پوءِ سيسا
(ڀگوان جي نالي تاھرِي ڀت جي خيرات) ڪرڻ سان سڪرات
واري تڪليف دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي آھي. ياد
رھي ته ھي عمل اوڏ برادريءَ جا وڏڙا اڳي نه ڪندا
ھئا. ان کان علاوه ڪي اوڏ وري پاڻيءَ جو ڇنڊو به
ھڻندا آھن، ته ڪي اوڏ وري سڪرات ۾ تڪليف سھندڙ شخص
کي ڪيل پاپ ۽ خطائون بخشيندا آھن ۽ اھڙي نموني
سڪرات ۾ پيش ايندڙ تڪليف کان مُڪتي حاصل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي ويندي آھي. انھن عملن سان سڪرات ۾ تڪليف
سھندڙ شخص يا ته چاق چڱو ڀلو ٿي ويندو آھي، ڇو ته
سندس علاج به هلندڙ هوندو آهي يا وري دم ڌڻيءَ
حوالي ڪندو آھي.
وقت ۾ جڏهن سڪرات ۾ تڪليف گهڻي ٿيندي هئي، ته ان
تڪليف کان مڪتي ڏيارڻ لاءِ هڪ ڇيلو خريد ڪري ان جو
مٿو ان شخص جي مٿي سان ٽڪرايو ويندو هو يا وري
سڪرات واري شخص جو هٿ ڇيلي جي مٿي تي رکي پيران
پير دستگير بادشاھه
پير (شيخ عبدالقادر جيلاني رح) جي نالي تي خيرات
يعني صدقو ڏيندا هئا، هي عمل اڙيو ٿڙيو اڄ به جاري
آھي. ان خيرات ۾ مٽ مائٽ ۽ اوڙي پاڙي وارا شريڪ
ٿيندا آهن.
دم ڌڻيءَ حوالي ٿيڻ : فوتگي ٿيڻ بعد گهر جي ماڻھن
۾ اُڀ
۽ ھانوَ ڏاريندڙ روڄ راڙي سان گڏ دانهون ۽ ڪيھون
شروع ٿي وينديون آهن. آڳاٽي زماني ۾ اوڏ برادريءَ
جي رواج مطابق جڏھن ڪو شخص فوت ٿي ويندو ھو، ته ان
جي ميت کي کٽ تان ھيٺ لاهي پٽ تي رلي يا ڪپڙو
وڇائي سمهاريو ويندو هو يا وري جيڪڏھن ساڌ هوندو
ھو،
يعني جنھن جو گرو ورتل هوندو ھو، ته ان شخص جي ساھه
پرواز ٿيڻ بعد،
ان جي ميت کي کٽ تان لاهي پٽ تي رلي يا ڪپڙو وڇائي
سمهاريو ويندو هو، پر موجوده وقت ۾ ميت کي کٽ تي
ئي رکيو ويندو آھي. دم ڌڻي حوالي ٿيڻ بعد فوتيءَ
جون اکيون بند ڪيون وينديون آھن ۽ ھٿ، پير ۽ ٻئي
ٻانھون سڌيون ڪري سيني تي رکيون وينديون آھن، ڪپڙو
ڦاڙي ان جو چيِرو ٺاھي، ان جي ڄاڙي ٻڌي ويندي آھي،
ته جيئن ان جو وات پٽيل نه رھي. اوڏن جي بقول ته
جيڪڏھن مئل شخص جو وات پٽيل ھوندو، ته اھو شخص ٻين
ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندو ۽ انھن کي کائڻ شروع
ڪندو، يعني اهي به آهستي آهستي مرڻ لڳندا. ان
کانپوءِ واڻ جي نوڙيِ کڻي ميت جي مٿي کان پيرن جي
آڱوٺي تائين ڪڇي (ماپ ڪري) ان واڻ جي نوڙِيءَ کي
ڪٽيو ويندو آھي ۽ ان واڻ جي نوڙِيءَ سان ميت جي
ورتل ماپ مطابق قبر کوٽي ويندي آھي. واڻ جي
نوڙِيءَ سان ميت جي ڪڇڻ کي اوڏڪِي ٻوليءَ ۾
”توڙَي
ڪڇڻ“
چوندا آھن. ھڪ اندازي مطابق ٽيھه
پنجٽيھه
سال اڳ اوڏ فوتيءَ جي پيٽ تي ڏاٽو يا لوھي
سِيِخ
پڻ رکندا ھئا، جيڪو ھينئر
ائين
ڏسڻ ۾ نه
ٿو اچي. ان کان علاوه کٽون اونڌيون يا پاسيريون
ڪري گهر جي ڪنھن ڪنڊ پاسي تي رکيون وينديون آھن.
جيڪڏھن ڪنھن عورت جو مڙس سرڳواسي ٿيندو آھي، ته ان
شخص جي گهروارِي نڪ جي ڪوڪي سميت پنھنجا پاتل
سمورا زيور لاھي رکندي آھي. فوتيءَ جي گھر جون
عورتون نڪ جي ڪوڪي کانسواءِ جنھن ۾ گھرواري يا
فوتيءَ جي
ماءُ ٻانھن ۾ پاتل چوڙيون ڀڃنديون آھن ۽ جن عورتن
کي ٻانھن ۾ ٻانھيون يا چانديءَ جون چوڙيون يا ڪنڱڻ
وغيره پيل ھوندا آھن، ته اھي لاٿا ويندا آھن. اوڏن
جي چوڻ مطابق، ته اگر فوتگي ٿيڻ دوران رات جو وقت
ھوندو ته ماڻھن کي باھ ٻاري جاڳڻو پوندو آھي، ٻي
صورت ۾ مردو جاڳي پوندو آھي. جيڪڏھن مردو جاڳي پيو
ته سمورن ماڻھن جا ڪنڌ ڀڃندو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي، ته
باھه
ٻاري رات جاڳڻ وارو عمل ان ڪري ڪيو ويندو هو، جو
اوڏ برادريءَ جا ماڻھو خانه بدوش (لاڏائو) هئڻ ڪري
اڪثريت ٻھراڙين
۾ رهائش پذير هئا،
ان ڪري جانور وغيره کان ميت جي بي حرمتي ٿيڻ کان
بچاءُ طور باھ ٻاري اوجاڳو ڪيو ويندو هو. ان کان
علاوه جيستائين ميت گهر مان نه کڄندي
تيستائين چلھه
به نه ٻرندي.
پاگهَڙِيا پَڌارڻ: جنھن گھر ۾ قضيو ٿيندو آھي، ته
ان جي گھر جا مرد پنھنجا پٽڪا ۽ ٽوپيون مٿي تان
لاھي، گڏ ڪري ڪنھن رومال يا چادر وغيره ۾ ڳنڍ ٻڌي
رکندا آھن ۽ قضيي تي ايندڙ مٽ مائٽ به پنھنجون
ٽوپيون ۽ پٽڪا مٿي تان لاھي گهرڌڻين کي ڏيندا آھن،
جن کي گڏ ڪري رکيو ويندو آھي. اڄڪلھه
پٽڪي ۽ ٽوپي پائڻ جو رواج سواءِ
وڏي ڄمار جي ماڻھن جي ڪافي ختم ٿي چڪو آھي، پر
قضيي تي وڃڻ لاءِ ٽوپي، اجرڪ يا رومال مٿي تي رکڻ
لازمي ھوندو آھي. جڏھن ته اڳي اوڏن جا گھر پکن جا
ھوندا ھئا، تنھنڪري اھي پنھنجون پڳون مٿي تان لاھي
پکن مٿان رکندا ھئا، پکن مٿان پٽڪا ۽ ٽوپيون رکڻ
منحوس سمجهيو ويندو ھو. اوڏ پڳون رکڻ جي ھن رسم کي
”پاگهَڙِيا پَڌارڻ“ چوندا آھن.
موڙھيِٽا ٻانڌڻ: فوتيءَ جي گهر جا مرد مٿو رومال
سان ويڙھيندا ھئا، جنھن کي اوڏڪي ٻوليءَ ۾
”موڙھيِٽا“ چيو ويندو آھي. موڙھيِٽو ٻڌل يا مٿو
اگهاڙو رکڻ واري شخص کي ان جي گھر ۾ فوتگي جي
نشاني سمجھيو ويندو ھو، ڇاڪاڻ ته آڳاٽي زماني ۾
مٿو اگهاڙو رکڻ اوڏ برادريءَ ۾ ھڪ وڏو عيب سمجھيو
ويندو ھو. جڏھن مٿي اگهاڙو شخص يا ”موڙھيِٽو“ ٻڌل
شخص کي پري کان ئي ڪو ايندي ڏسندو هو، ته ان جا
عزيز ۽ مٽ مائٽ ازخود کائنس پڇندا ھئا، ته ”خير ته
آھي؟ ڇا ٿيو آھي؟“ موڙھيِٽي ٻڌڻ جي ھي رسم ھاڻي
صفا ختم ٿي چڪي آھي.
ڪفن جو بندوبست ڪرڻ: ڪفن گهرڀاتيءَ کي خريد ڪرڻ
لازم ھوندو آھي، پر جيڪڏھن ڪو بي اولاد ھوندو آھي،
ته پوءِ پئنچائت کي ڪفن خريد ڪرڻو پوندو آھي. شھر
مان ڪفن، سئي، صابڻ، ھڪ بليڊ ۽ دکِي خريد ڪئي
ويندي آھي. عورت ۽ مرد ٻنھي لاءِ ڪفن 9 ميٽر، ته
ڪي 7 ميٽر ۽ ڪي وري 5 ميٽر خريد ڪندا آھن، جنھن ۾
مرد کي ٽن ميٽرن جي گوڏ ٻڌي ويندي آھي ۽ ٻن ميٽرن
جي قميص ٺاھي ويندي آھي. ڪي اوڏ مرد ۽ عورت ٻنھي
کي اڇو ڪفن ڏين، ته ڪي وري عورت کي ڳاڙھو ڪفن ڏين.
ڪفن وٺي جڏھن گهر آندو ويندو آھي ، ته ان کي
فوتيءَ جو نياڻو سبندو آھي، ڪفن سبڻ لاءِ برادريءَ
جا وڏڙا ڪفن سبڻ ۾ سندس رھنمائي ڪندا آھن.
ميت کي غسل ڏيڻ : ڪفن سبڻ بعد ميت کي غسل ڏيڻ جي
تياري ڪئي ويندي آھي، جنھن لاءِ گهر جي ڪنھن خاص
طرف يا ڪنڊ وٽ فوٽ ڏيڍ گول کڏو کوٽيو ويندو آھي.
ميت کي غسل ڏيڻ بعد ھي کڏو لٽي ان مٿان غيبات کان
بچڻ لاءِ يا ٻارن جي ڊپ ۽ ڇرڪ ڀرڻ کان بچاءَ لاءِ
ڳئون يا ڏاند کي ڦيرايو ويندو
آهي
۽ پوءِ ان مٿان ڍينگهر ڏنا ويندا
آهن،
ته جيئن ڪو به غسل ڏيڻ واري طرف نه وڃي سگهي، هي
رواج اڄ به ٻهراڙيءَ
جي مسلمانن ۾ هلندو پيو اچي، پر اڄڪلھه
اوڏ برادريءَ پاران فقط کڏو لٽيو وڃي ٿو. اڳي جڏھن
اوڏ پکن ۾ رھندا ھئا، ته پکن جي پٺئين پاسي (جنھن
کي اوڏ
”تنداڻي
پاسي“
چوندا آھن.) گول کڏو کوٽي ميت کي غسل ڏنو ويندو
ھو، گهر جي اڱڻ يا اڳئين پاسي ھرگز غسل نه ڏنو
ويندو ھو. اڳي اوڏن ۾ ايترو ته وھم ھوندو ھو، جو
جڏھن پکن ۾ رھندا ھئا ۽ انھن جو قضيو ٿيندو ھو، ته
اوڏ قضيي واري ھنڌان نڪري ڪنھن ٻئي ھنڌ پکا اڏي
رھندا ھئا. گول کڏو اھڙي ھنڌ کوٽيو ويندو آھي
،جتان ماڻھن جو گذر نه ھجي. ان کان پوءِ ڪوري دلي
۾ پاڻي وجھي ميٽ وڌو ويندو آهي . ميٽ جي ڳرڻ بعد
ان ۾ تيل وڌو ويندو آھي. ان کوٽيل کڏي مٿان رلي
وڇائي ميت کي رکيو ويندو آھي ۽ پوءِ فوتيءَ جو پٽ
يا ويجھو عزيز ميت جي ڏاڙھي ۽ سنوارت ڪندو آھي.
اڄڪلھه
ڪٿي ڪٿي وري اھو به ڏسڻ ۾ پيو اچي، ته ميت کي غسل
ڏيڻ لاءِ کڏي بجاءِ کٽ تي ئي غسل ڏنو ٿو وڃي. تنھن
بعد فوتگيءَ
تي آيل ھر مٽ مائٽ ۽ عزيز جنھن ۾ مرد، عورتون ۽
ٻار توڙي
پوڙها
ثواب خاطر ھڪ ھڪ ٿي واري واري سان ان دلي ۾ پيل
تيل ميٽ مان ھٿ ٻوڙي ميت جي نرڙ تي ھاريندا
آھن.
ھن رسم کي اوڏ
”تيل
ميٽ ڏيڻ“
چوندا آھن. تيل ۽ ميٽ جو خرچ فوتِيءَ جي نياڻن کي
ادا ڪرڻو پوندو آھي. ان کانپوءِ غسل ڏيارڻ لاءِ
ڪجھه ماڻھو چئني پاسن کان ۽ مٿان رليون يا ڪپڙو
جهلي بيھندا آھن، ته جيئن اوگهڙ نه ٿئي.
غسل ڏيڻ وقت وال ڏيڍ ڪپڙي جي ٽڪري سان اوگهڙ ڍڪي
ويندي آهي .ان بعد فوتيءَ جا ويجھا عزيز ۽ وڏڙا
ڪوري دلي يا مٽ منجھان پاڻي ڀري صابڻ سان غسل
ڏيندا آھن ۽ پوءِ ڪورو دلو يا مٽ گهر کان ٻاھر
اڇلايو ويندو آھي، ان کي پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال
نه ڪيو ويندو آھي. غسل ڏيڻ بعد فوتيءَ
کي ڪفن پارايو ويندو آھن. ڪفن پارائڻ بعد مردي کي
کٽ تي رکيو ويندو آھي. اڳي وڏڙا کٽ بجاءِ ڇھن يا
ساڍن ڇھن
فوٽن
جا ٻه لڪڙا آڻي سڌا رکندا ھئا ۽ پوءِ انھن سڌن
لڪڙن جي وچ ۾ ڏڪ رکي ٻڌا ويندا ھئا ۽ اھڙي نموني
ھڪ ڏاڪڻ ٺاھي ويندي ھئي. انھن ڏڪن جي وِٿِيءَ تي
جوار يا سرن جا ڪانا رکي رلي وڇائي ان مٿان ميت کي
رکيو ويندو ھو. ان ڏاڪڻ کي سنڌي ٻوليءَ ۾
”ٽٽرِي“
چيو ويندو آھي، جڏھن ته اوڏ وري
”ٽلٽِي“
سڏيندا آھن. ٽلٽي تي ميت رکي ميت کي ٽلٽي سميت رسن
سان ٻڌو ويندو ھو، ته متان ميت کڻڻ مھل ڪري نه
پوي. ٽلٽي کي چار ماڻھو ڪلھو
ڏئي کڻندا ھئا ۽ ميت کي دفنائڻ بعد ان ٽلٽي جا
لڪڙا ۽ ڏڪ ڌار ڪري واڻ جي نوڙي يا رسي سان ٻڌي قبر
مٿان رکيا ويندا ھئا. مطلب ته جيڪا شيءِ مردي کي
ڏني ويندي ھئي سا گھر ۾ واپس نه آڻڻي ھوندي ھئي.
ٽٽرِي يا ٽلٽي جو رواج ھينئر ڪافي ختم ٿي چڪو آھي،
پر اڙيو ٿڙيو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. کٽ تي ميت رکي ۽
دفنائن لاءِ ميت کڻڻ، اوڏن جي رواج ۽ ڌرم مطابق
پاپ سمجھيو وڃي ٿو.
آڳاٽي وقت ميت کي تيل ۽ ميٽ سان غسل ڏنو ويندو ھو،
پر ھينئر صابڻ جو به استعمال ڪيو وڃي ٿو. غسل ڏئي
ميت کي ڪفن پارايو ويندو آھي ۽ پوءِ ان مٿان اڳي
عطر ڇٽيو ويندو ھو، جڏھن ته ھاڻي پرفيوم ڇٽڪاريو
ويندو آھي. تنھن بعد فوتگيءَ
تي آيل ماڻھو اجرڪ ۽ گوڏ ميت مٿان وجهندا آھن ۽
جيڪڏھن فوت ٿيل عورت ھوندي آھي ته ان تي اجرڪ ۽
پوتِي وڌِي ويندي آھي.
چڳ ڏيڻ: فوت ٿيندڙ شخص جي ويجهن عزيزن ۽ مٽن مائٽن
جي وارن جي چوٽي قينچيءَ سان ڪٽي ويندي آھي. ھي
وارن جي چوٽي ويجهن عزيزن ۽ مٽن مائٽن کان علاوه
ثواب خاطر ٻيا ماڻھو به ڏيندا آھن. اھي چڳون، ڪفن
سبڻ واري سئي، بليڊ ۽ غسل ڏيڻ دوران استعمال ٿيندڙ
صابڻ يا ٻيو سامان ڪنھن ڳوٿريءَ ۾ وجهي رکيون
وينديون آھن، جيڪا ميت کي دفنائڻ بعد قبر جي پاسي
۾ ئي رکيون وينديون آھن. ھن رسم کي اوڏ
”چڳ
ڏيڻ“
چوندا آھن.
گهر کڻڻ (قبر کوٽڻ): دم ڏيڻ وقت واڻ جي نوڙي سان
پيرن جي چوٽيءَ کان مٿي تائين ميت کي ڪڇيو ويندو
آھي، اھا واڻ جي نوڙي کڻي ميت جي قبر لاءِ زمين جي
ماپ ڪئي ويندي آھي. قبر جي ماپ ڪرڻ کان پوءِ زمين
تي ھڪ روپئي جو سڪو يا ڊينگلو رکي زمين کي قبر جي
قيمت ادا ڪئي ويندي آھي، جنھن کي اوڏ
”پتڻ“
چوندا آھن. ان ماپ جيتري قبر کوٽي ويندي آھي. جڏھن
ته اٽڪل پنج کان ڇھه
فوٽ ڊگهي ۽ چار کان ساڍا چار فوٽ ويڪري قبر کوٽي
ويندي آهي. ڪي اوڏ وري قبر کوٽڻ بعد قبر
جي
اندر پاسن کان چُر ٺاهيندا ته ڪي وري بغير چُر جي
ميت کي قبر ۾ لاهڻ بعد ان مٿان ڦٽا ڏئي دفنائڻ جو
به رواج هلندڙ آهي. ان کانپوءِ فوتِي جو ڀاءُ،
پيءُ يا پٽ يا ڪو ويجھو عزيز قبر کوٽڻ لاءِ ڪوڏر
جو پھريون لپو ھڻندو آھي، تنھن بعد ٻيا ماڻھو واري
واري سان ثواب خاطر قبر کوٽيندا آھن. قبر جا چار
ئي پاسا برابر کوٽيا ويندا آھن ۽ زمين جي سطح
برابر ۽ سڌي ڪئي ويندي آھي. ھن نموني جي قبر ۾
دفنائڻ کي اوڏڪي ٻوليءَ ۾
”دٻ
لٽ“
چئبو آھي. اوڏ قبر کوٽڻ کي ”کڻڻ“ چوندا آهن.
ميت کي قبرستان ڏانھن روانو ڪرڻ : جڏھن پئنچائت
ڪٺي ٿيندي آھي ۽ پري پري کان عزيز
قريب
اچي پھچندا آھن، ته ميت
کي
دفنائڻ لاءِ قبرستان ڏانھن کنيو ويندو آھي. فوتيءَ
جي گھر ۾ ھڪ يا ٻن
مرد
ماڻھن کي ترسڻو پوندو آھي. ميت کڻڻ مھل روڄ راڙو
پئجي ويندو آھي، جنھن کي اوڏ ”پار ڪاڍڻ“ چوندا
آهن. ميت کڻڻ وقت تاري جو خاص خيال رکيو ويندو آهي
۽ ميت کي تاري سامھون کڻڻ منع ھوندي آھي. جيڪڏھن
تاري ڏانھن منھن ڪري ميت کنيو ويو، ته جاني يا
مالي نقصان پوڻ جو انديشو ھوندو آھي.
ميت کڄڻ وقت ٻه دکيون آنديون وينديون آھن. انھن
ٻنھي دکين منجھان ھڪڙي دکيءَ ۾ سڪل ڇيڻا دُکايا
ويندا آھن ۽ چانورن جا ڪڻا جنھن کي اوڏ آنکي چوندا
آھن. اھي ٻئي دکيون فوتيءَ جي نياڻن کي کڻڻ
لازمي ھوندو آھي. انھن ٻنھي دکين منجھان ھڪڙي دکِي
فوتِيءَ جو نياڻو کڻندو آھي
اها دکي
قبرستان ۽ گهر جي وچ واري مفاصلي تي
ڪنھن
چوواٽي تي ڀڳي ويندي آھي. ميت جڏھن قبرستان ڏانھن
کڄي ھلندو آھي، ته اڌ واٽ تي ميت جي کٽ رکي ساھي
ڏني ويندي آھي، پوءِ چاھي قبرستان جو پنڌ کڻي ٿورو
ئي ڇو نه ھجي. ھي ساھي ڏيڻ جو رواج ان ڪري آھي، جو
آڳاٽي زماني ۾ گاڏين جو بندوبست نه ھئڻ ڪري ميت جي
کٽ ڪلھن تي کڻي
ڪيترائي ميل پنڌ
ڪرڻو پوندو هو
جنھن ڪري
ساھي ڏيندا ھئا، وڏڙن کان ھلندڙ ساھي ڏيڻ واري
رواج کي اڄ به جاري رکيو پيو وڃي. گهر منجهان ميت
کڻڻ وقت ميت جي هٿ ۾ ڪڻڪ جو اٽو ڳوهي پيڙو ٺاهي ان
جي هٿ ۾ وڌو ويندو آهي ۽ جڏهن ڪنھن واھ، بئراج،
شاخ، درياھ يا ڪنھن وهندڙ
پاڻي
وٽان گذر ٿيندو آهي، ته اهو اٽو ميت جي هٿ مان ڪڍي
اڇلايو ويندو آهي، جنھن کي اوڏ ”پتڻ ڏيئڻ“ چوندا
آهن. ميت کي واري واري سان هرهڪ
ڪانڌي
ثواب خاطر ڪلھو
ڏيندو آهي. ميت جڏھن قبرستان پھچايو ويندو آھي، ته
ٻيا ماڻھو ميت کي دفنائڻ لڳندا آھن
جڏهن ته
ھڪڙو نياڻو دکي ۾ پاڻي وجھي ان ۾ لپ چانور ۽ لپ
مڱن جي دال
وجهي
باھ ٻاري ان
تي
چاڙھيندو آھي. دفنائڻ
کان پوءِ دال ۽ چانورن جي
ڌوڪ ڏني ويندي آھي. ڌوڪ ڏيڻ بعد اھا دکي قبر جي
پاسي ۾ رکي ويندي آھي. ھن دکيءَ جو مکيه سبب
ڪرڻيون يعني ڪرم ڪرائڻ لاءِ ٻه ڏينھن مھلت وٺڻ
لاءِ ھوندو
آهي.
گهر ڏيئڻ: هندن جي عام رواج مطابق ميت کي اگنِي
سنسڪار ڪيو ويندو آھي ۽ هندستان ۾ رهندڙ اوڏن
۾ به اگني سنسڪار جو رواج آهي، پر اوڏ ميت کي ازل
کان دفنائيندا پيا اچن. اوڏن ۾ نسل در نسل وڏڙن
کان اھا ڏند ڪٿا ھلندي پئي اچي ته اوڏ اصل ۾
ڀاڳيرٿ جي اولاد آھن. ڀاڳيرٿ جي پيڙھي منجھان وري
راجا دسرت ۽ شري رام جنم ورتو ھو. اوڏ برادريءَ جا
وڏڙا ڳالھه ڪندا آھن ته ڀاڳيرٿ پاڻي پيئڻ ۽ سنان
ڪرڻ لاءِ تازو پاڻي استعمال هيٺ آڻيندو ھو جنھن
ڪري روزانو نئون کوھ کوٽيندو ھو. ائين ڪافي سلسلو
ھلندي ھلندي نيٺ ڌرتِي ماتا دانھن ڪئي ته ڀاڳيرٿ
مون سان ّظلم ڪري مون منجھه
کڏا ڪري ڇڏيا آھن. ھڪ ڏينھن کوھ کوٽيندي ڀاڳيرٿ
مٿان ڀِڪ ڪري پئي ۽ اھڙي نموني ڀاڳيرٿ
”دٻ
لٽ“
ٿي ويو. ڀاڳيرٿ جي
”دٻ
لٽ“
ٿيڻ بعد اوڏ اڄ ڏينھن تائين ميت کي اگني سنسڪار
ڏيڻ بجاءِ قبر ۾ دفنائيندا آھن يعني
”دٻ
لٽ“
جي پيروي ڪندا پيا اچن. اوڏ قبر ۾ دفنائڻ کي ”گهر
ڏيئڻ“ چوندا آھن.
سنڌ جي نامياري ليکڪ محترم اياز ڀاڳت جو ڪتاب
”سنڌ
۾ رهندڙ ذاتيون، قومون ۽ قبيلا“
نظر مان گذريو. جنھن جي صفحي نمبر 481 تي اوڏن جي
تدفين بابت هيٺين ڳالھه پڙهي حيرانگي ٿي.
اياز ڀاڳت صاحب اوڏن بابت ڪجھه هن ريت لکي ٿو
ته،”اوڏ مردن کي ساڙيندا نه آهن پر قبر ۾ حقي، چلم
سميت گوڏن ڀر ويھاري
سڌي کڏ کڻي دفن ڪندا آهن ۽ پنھنجا مخصوص قبرستان
اٿن.“
اوڏ برادريءَ ۾ مردن کي دفنائڻ جو اهڙو رواج
ماضيءَ ۾ ڪڏهن به نه رهيو آهي. ان کان علاوه اها
به وضاحت ضروري آهي ته، اوڏ برادريءَ جا ڪي به
مخصوص قبرستان ڪو نه آهن. موصوف کي تحقيق ڪرڻ وقت،
ڪن واسطيدار ماڻھن کان پڇا ڳاڇا ڪري ان ڳالھه جي
تصديق ڪرڻ کپي ھا.
ائين
پيو محسوس ٿئي ته ليکڪ هيءَ
ڳالھه ڪنھن غير واسطيدار ماڻھن کان ٻڌي آهي ۽ بنا
تصديق جي لکي ڇڏي آهي يا وري پنھنجي پاران لکي آهي.
جڏهن ته موصوف پنھنجي ڪتاب ”ذاتين، قومن ۽ قبيلن
جي انسائيڪلوپيڊيا“ جي جلد نمبر 2 جي صفحي نمبر
1242 تي ساڳئي موقف کي ورجائيندي لکي ٿو ته،”اوڏ
مردن کي ساڙيندا نه آهن،
پر قبر ۾ حقي، چلم سميت گوڏن ڀر ويهاري سڌي کڏ کڻي
دفن ڪندا آهن پر اها رسم به ڪن ڪٽنبن ۾ هئي جيڪا
ترڪ ڪري چڪا آهن.“
مانواري ليکڪ ٻئي جلد ۾ به اوڏ برادريءَ ۾ مردن کي
دفنائڻ جي ساڳي ڳالھه ورجائي آهي ۽ ڪن ڪٽنبن جي
ڳالھه ڪئي آهي، جيڪا سراسر بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪي
آهي. آئون ليکڪ جي ان ڳالھه سان بلڪل به سھمت
نه آهيان. راقم الحروف اوڏ برادريءَ جو نه فقط هڪ
ذميوار فرد آهي، پر ان سان گڏوگڏ اوڏ برادريءَ تي
وقتاً فوقتاً تحقيقي ڪم پڻ ڪندو رهندو آهي. تحقيق
هميشه اڻ ڌري ۽ غيرجانبدار هئڻ گهرجي، جيڪا تصديق
کانسواءِ ممڪن ٿي نه
ٿي سگهي.
ميت کي قبر ۾ دفنائڻ لاءِ کوٽيل قبر جي مٽيءَ کي
ھٽايو ويندو آھي، ته جيئن ميت کي قبر ۾ آسانيءَ
سان ھيٺ لاھي سگهجي. تنھن بعد فوتيءَ جا ٻه ويجھا
عزيز ڄاڻو ۽ خوف نه کائيندڙ کوٽيل قبر اندر لھندا
آھن ۽ ميت کي کٽ تان کڻي ھيٺ لاھڻ لاءِ ميت جي کٽ
تي وڇايل رليءَ کي ڪنڊن وٽان جهلي ھيٺ لاھيندا آھن
۽ قبر اندر موجود ٻه ماڻھو ميت کي قبر اندر رکندا
آھن. ڪي اوڏ ميت جي کٽ تي وڇايل رلي قبر اندر
وڇائي پوءِ ميت رکندا ته ڪي وري بغير رلي وڇائڻ جي
ميت کي قبر ۾ رکندا آھن. بليڊ سان ميت جي اکين
واري جاءِ تان ڪفن کي معمولي جهِير ڏئي ميت کي اھو
چيو ويندو آھي، ته”ايِن تُڌَي گهر ڇَئِي.“ يعني ھي
تنھنجو گهر آھي. ھن رسم کي اوڏ ”گهر باوڻڻ“ يعني
”گهر ڏيکارڻ“ چوندا آھن. ميت کي قبر ۾ رکي ميت
مٿان رئو، گوڏ يا اڇو ڪپڙو چئن ڪنڊن کان چار ماڻھو
قبر مٿان جهلي بيھندا آھن ۽ اندر موجود ماڻھو ٻاھر
نڪري ايندا آھن تنھن بعد سمورا ڪانڌي مٽي وجهندا
آهن. اوڏ برادريءَ ۾ جڏهن ڪو درويش، فقير صفت يا
اولياءَ هيءُ
جهان ڇڏي ويندو آهي، يا انھن جي وصيت مطابق انھن
جي گول قبر کوٽي ويندي آهي ۽ پوءِ ميت کي قبر ۾ ويھاريو
ويندو آهي ۽ ميت کي سڀ کان پھرين لوڻ ۾ پوريو
ويندو آهي ۽ بعد ۾ مٿان کوٽيل قبر واري مٽي ورائي
دفن ڪيو ويندو آهي.
سرا نُون پاڻي ڏيڻ: ميت دفنائڻ بعد ڪانڌي جڏھن
واپس ورندا آھن ته رستي
۾
ڪنھن شاخ، واٽر، بئراج يا نلڪي وٽ
ڊڀ يا سر آڻي،
انھن کي مضبوطيءَ سان ويڙھي ست وڪڙ ڏئي مُئِي ٺاھي
سمورا ڪانڌي ساڄي ھٿ ۾ رکي کاٻي ھٿ سان پاڻيءَ جون
ٽي دفعا لپون ڀري انھن ڊڀ يا سرن تي
هاريندا آهن.
اوڏ ھن رسم کي پنھنجي ٻوليءَ ۾
”سرا
نُون پاڻي ڏيڻ“
چوندا آھن.
ميت دفنائي جڏھن ڪانڌي قضيي واري گهر واپس ورندا
آھن ته، ڪانڌين جي گهر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾
اتي ويٺل
ماڻھو ڪڻڪ جي مانيءَ جو ڪچو پڪو روٽ پچائي پاڻيءَ
سان
ڀريل
گلاس يا لوٽي
تي
ان ڪچي پڪي روٽ کي رکي گهر جي در تي بيھي فوتيءَ
کي ڌوڪ ڏيندو آھي. ڌوڪ ڏيڻ بعد پاڻيءَ سان ڪانڌين
کي ڇنڊو ھڻي پويتر ڪيو ويندو آھي. تنھن بعد ڪانڌي
ان ڪچي پڪي روٽ مان ڀور ذرو ڀڃندا اڇليندا ويندا
آھن ۽ اھڙي نموني ڪانڌي به ان روٽ منجھان ڌوڪ
ڏيندا آھن ۽ گھر ۾ داخل ٿيندا ويندا آھن. جڏھن
سمورا ڪانڌي ڌوڪ ڏيندا آھن، ته پوءِ پاڻيءَ سان
ڀريل گلاس ۽ ان مٿان رکيل روٽ ھڪ طرف رکي ان مٿان
پاڻي ھاريو ويندو آھي. ان کان پوءِ سمورا ڪانڌي تڙ
يا ھٿ منھن ضرور ڌوئندا آھن.
ڏاڻي جي رسم: ڪانڌي جڏهن ميت دفنائي گهر ۾ داخل
ٿيندا آھن ته پوءِ پٽاٽا تري ڪانڌين کي ماني
کارائِي ويندي آھي، پر آڳاٽي وقت ۾ بصرن جي چٽڻي
يا ڳڙ سان ڪانڌين کي ماني کارائي ويندي ھئي. ھن
رسم ۾ چانور پاڻيءَ ۾ رڌا ويندا آھن، چانور جڏھن
پچي تيار ٿيندا آھن، ته پوءِ چانورن ۾ گيھه
وجھي ملايو ويندو آھي. چانورن سان گڏ مُستي ۽
نُختي
ملائي ويندي آهي يا وري
سيرو تيار
ڪيو ويندو آهي.
آڳاٽي وقت ۾ چانورن مٿان ديسي گيھه
وجھي مھمانن کي کارايو ويندو ھو. ڏاڻي جي رسم ادا
ڪرڻ بعد جنھن چلھه
۾ چانور پچايا ويندا آھن، ان چلھه
جي چُر ۾ باقي بچيل سمورا چانور اندر وجھي ان کي
لٽي ڇڏبو آھي.
سوگا چِي ڪِرڪ: ڏاڻي جي رسم ادا ڪرڻ بعد فوتيءَ جا
گهرڀاتي ھڪ ڇيلو خريد ڪري ايندا آھن، جنھن کي اوڏ
”جيِئاڙ“
چوندا آھن، پر ڪي اوڏ ڇيلي بجاءِ ميوو يا دال جو
سوگ ھلائيندا آھن. ان ڇيلي کي ڪنھن مسلمان کان ذبح
ڪرائي ان جي گوشت کي فقط پاڻيءَ ۾ چاڙھي تيار ڪيو
ويندو آھي. جڏھن گوشت پچي تيار ٿيندو آھي ته پوءِ
لوڻ، مرچ ۽ گيھه
وجھي پچائي تيار ڪيو ويندو آھي، جنھن کي اوڏ
”سوگا
چِي ڪِرڪ“
چوندا آھن. جنھن کان پوءِ چانور چاڙهيا ويندا آهن
. جڏھن ڇيلو ۽ چانور پچي تيار ٿيندا آھن،
ته پوءِ پھرين مردن ڪانڌين کي الڳ ويھاري ان ڇيلي
جو گوشت کائڻ لاءِ ڏنو ويندو آھي. تنھن
کان پوءِ وري
عورتن کي اھو گوشت کارايو ويندو آھي.
اهڙي طرح
پھرين مردن کي ۽ پوءِ عورتن کي ڀت کارايو ويندو
آھي.
پٽڪَي ٻنڌاوڻ: سوگا چِي ڪِرڪ جي رسم کانپوءِ
فوتيءَ جي پٽ کي پيءُ جو پٽڪو ٻڌرايو ويندو آھي.
جنھن ۾ سمورا مرد ڪٺا ٿيندا آھن ۽ پوءِ فوتيءَ جي
وڏي پٽ کي وچ ۾ ويھاري، برادريءَ جو وڏڙو ان کي
پٽڪي جا ور ڏئي پٽڪو ٻڌرايو ويندو آھي، جنھن کي
اوڏ
”پٽڪَي
ٻنڌاوڻ“
چوندا آھن. ان کانپوءِ فوتيءَ جي پٽ کي سُرمي
منجھان سرائي ڀري سرمو پارايو ويندو آھي. فوتيءَ
جي وڏي پٽ کي سرمو پارائڻ کانپوءِ ٻين پٽن ۽ ٻين
ڪانڌين کي سرمو پارايو ويندو آھي.
ڪانچڙِي پھراوَڻ: ھن رسم ۾ فوتيءَ جي
زال
يا فوتيءَ جون نھرون ڪانچڙِي پائينديون آھن.
ڪانچڙِي لاءِ ڪپڙو ،ڪانچڙِي پائيندڙ عورت جي ڀاءُ
کي بازار مان خريد ڪري آڻڻو پوندو آھي.
ٻارن جي فوتگيءَ جون رسمون: آڳاٽي زماني ۾ اوڏ
برادريءَ ۾ جڏهن ڪو ٿڃ پياڪ ٻار فوت ٿي ويندو هو،
ته سج لIڻ
کان پوءِ ان مئل ٻار جي ماءُ ڪنھن ننڍڙي وٽيءَ ۾
پنھنجي ٿڃ ڪڍي ان ٻار جي دفنائڻ واري پاسي ويIي
ٿڃ جي ڌوڪ ۽ پاڻي ڏيئي پوءِ اها عورت پاڻي پيئندي
هئي ۽ ماني به کائيندي هئي. هي ڌوڪ ڏيڻ وارو عمل
ٻئي ٻار جي پيدائش کان پوءِ ان ٻار جي ماءُ اهو
چئي بخشائي ختم ڪيو ويندو هو ته”اي منھنجا ٻچڙا!
مون وٽ جيترو ۽ جيڪو ڪجھه ٿي سگهيو، مون تو کي
کارايو پياريو، ھاڻي مالڪ سائين تو کي پاڻ
کارائيندو.“ هي رسم هڪ اندازي مطابق اٽڪل 30 سال
اڳ ادا ڪئي ويندي هئي، پر هينئر هي رسم بلڪل به
ختم ٿي چڪي آهي.
اوڏ برادريءَ ۾ اٺن سالن جي عمر جي ٻار يا جنھن
ٻار جا کير وارا ڏند ڀڳل هوندا جيڪڏهن اهو ٻار فوت
ٿيندو آهي، ته ان ٻار جي”ڏاڻي“ جي رسم به ادا ڪئي
ويندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ان ٻار جي پڪي قبر به
ٻڌائي ويندي آهي. اٺن سالن جي گهٽ عمر واري يا کير
وارا ڏند نه ڀڄڻ کان اڳ ۾ فوت ٿيڻ واري صورت ۾ ٻار
جي ”ڏاڻي“ جي رسم ادا نه ڪئي ويندي آهي ۽ نه ئي
وري پڪي قبر ٻڌائڻ جو رواج آهي. اهڙي ٻار جي فوت
ٿيڻ جي صورت ۾ اوڏ برادريءَ جا ماڻھو ديڳڙيءَ ۾
مڱن جي دال
جي
رسم ادا ڪندا آهن، جنھن کي اوڏ ”هانڏِي چاڙھڻ“
چوندا آهن. مڱن
جي
دال ڪانڌين آهر رڌي ويندي آهي ۽ ان سان گڏ ماني به
پچائي ويندي آهي. جڏهن مڱن جي دال ۽ ماني تيار
ٿيندي آهي، ته ڪانڌپي تي آيل سموري نيات ڪٺي ٿيندي
آهي ۽ پوءِ پھرين مردن کي دال ۽ ماني ڏني ويندي
آهي. ان دال مان مانيءَ جو فقط هڪ گرھh
ٻوڙي کاڌو ويندو آهي. هن دال ۽ ماني کائڻ کي اوڏ
”کارِي روٽِي“ يعني ڪانڌپي واري ماني چوندا آهن.
تنھن کان پوءِ ڇيلو آڻي ان جي ماني سمورن ڪانڌين
کي کارائڻ جو رواج آهي.
حامله عورت جون رسمون: اوڏ برادريءَ ۾ جيڪڏهن
ڪنھن
حامله عورت جي فوتگي ٿيندي آهي، ته ان لاءِ ٻيون
سموريون رسمون ساڳيون ادا ڪيون وينديون آهن، پر
جڏهن ميت گهر مان کنيو ويندو آهي، ته گهر کان وٺي
قبر تائين سرنھن
جو ٻج ڇٽيو ويندو آهي. اوڏن جي بقول ته اميد واري
عورت مرڻ بعد ڏائڻ ٿي پوندي آهي، جنھن ڪري گهر کان
وٺي قبر تائين سرنھن
جو
ٻج ڇٽڻ سان پنھنجي فوتگيءَ واري گهر تائين پھچڻ
کان اڳ ۾ سرنIن
جا سمورا ٻج چونڊڻا پوندا آهن ۽ ٻج مٽيءَ وغيره ۾
گم ٿيڻ ڪري هوءَ سرنھن
جا سمورا ٻج چونڊي ناهي سگهندي ۽ اهڙيءَ طرح اها
حامله عورت گهر تائين پھچڻ
۾ ناڪام ٿيو وڃي ۽ گهرڀاتي ان ڏائڻ کان محفوظ
رهندا آهن.
گهَرا تائين ھُوڻ: اوڏ برادريءَ ۾ جڏهن ڪنھن جي ڪا
فوتگي ٿيندي آهي، ته ان سان تعزيت جو به رواج آهي،
جنھن کي اوڏ ”گهَرا تائين ھُوڻ“ چوندا آهن. تعزيت
جي سلسلي ۾ جمعي ۽ آچر جي ڏينهن جو خاص خيال رکيو
ويندو آهي، ڇو ته انھن ٻنهي ڏينهن تي تعزيت ڪرڻ تي
منع ٿيل آهي. اوڏن جي بقول ته هي ٻئي ڏينهن ڀگوانن
سان منسوب ٿيل آهن.
رتا هاڙَي مُنھُن: جنھن گهر ۾ قضيو ٿيندو آهي، ته
ان گهر جو ماڻھو عيد يعني ھولي، ڏياري ۽ ٿڌڙيءَ
کان اڳ ۾ ڪنھن ٻئي جي گهر نٿو وڃي سگهي، ڇاڪاڻ ته
اوڏ ان ماڻھوءَ کي”رتا هاڙَي مُنھُن“ چوندا آهن.
جيڪڏهن اتفاق سان ڪنھن قضيي ٿيل گهر جو ماڻھو ڪنھن
ٻئي جي گهر ويندو |