سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2025ع

باب:

صفحو:5 

پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو

 

 

 

تحفة الڪرام

        ]فقير هدايت علي تارڪ جي سنڌي ترجمي جو تعارف[

 

سنڌ جي تاريخي ماخذن چچنامي (613هه)، تاريخ معصومي (1009هه) ۽ مظھر شاهجاني (1044هه) کان پوءِ تحفة الڪرام (1181هه) نھايت اهميت وارا ڪتاب آهن. سن 1951ع ۾ جن جي تاليف، ترجمي ۽ اشاعت سبب  ۽ ان ئي زماني ۾ سنڌ ۾ اعليٰ علمي تعليمي ۽ تحقيقي لحاظ کان اعليٰ تعليمي اداري سنڌ يونيورسٽيءَ جي بنياد پوڻ سان جديد تاريخ نويسيءَ جي زماني جي شروعات ٿي. سنڌ يونيورسٽيءَ پاران تاريخ جي نئين رخ يعني تاريخ تمدن سنڌ جي اشاعت به هڪ ڪميءَ جي ڪنھن حد تائين تڪميل چئي سگهجي ٿي. مطلب ته ان زماني ۾ تاريخ پڙهڻ، پڙهائڻ، لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جو جيڪو ماحول جڙيو سو ايندڙ وقت لاءِ ڪنھن به افاديت کان گهٽ ڪين هو.

مير علي شير ’قانع‘ سنڌ ۾ فارسي تصنيف ۽ تاليف جي معياري ۽ ڪثير تعداد سبب مشھور آهي. هن 1152هه کان لکڻ شروع ڪيو ته وفات (1203هه) کان ٿورو اڳ علالت سبب قلم ۽ قرطاس جو استعمال ڇڏيائين. معلوم ٿئي ٿو ته ڪل 42 ڪتاب لکيائين. انھن ڪتابن ۾ ڪجهه ڪتاب ته نھايت قيمتي ۽ ڪارائتا آهن. انھن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته مير علي شير ’قانع‘ سنڌ جي سياسي، علمي، ادبي شخصي ۽ فنون جي موضوعن تي مواد محفوظ ڪري، تاريخ جا اهم اوراق روشن ڪيا آهن. سندس اهم تاليف
”تحفةالڪرام“ ٽن جلدن تي مشتمل آهي. پھرئين جلد ۾ نبين سڳورن، حڪيمن، حڪمائن ۽ اسلام جي خليفن متعلق احوال ۽ آثار آيل آهن. ٻئين جلد ۾ ستن ملڪن ۽ شھرن جي احوال ۽ حڪمرانن تي مواد موجود آهي، جو امين رازيءَ جي ’هفت اقليم‘ جي طرز تي آهي. هن جلد متعلق حسام الدين راشدي هن طرح هڪ وضاحت پيش ڪئي آهي ته ’مراة احمدي‘ جي ٻئي جلد جا 86 صفحا
’تحفةالڪرام‘ جي عنوان سان ڪنھن ڇپائي ڇڏيا آهن. ’مراة احمدي‘ 1357هه ۾ ’مطبع فتح الڪريم‘ بمبئيءَ ۾ ڇپيو. جنھن جي ساڳئي ڇاپي جي 86 صفحن کي الڳ غالباً ساڳئي پريس وارن ان تي’تحفةالڪرام‘ جو نالو لکي، بقايا ٻن جلدن سان گڏ ڪري ڇڏيو.(1) (مھراڻ 2/1956ع ص 155). تحفةالڪرام جو ٽيون جلد قيمتي آهي، جو سنڌ جي تاريخ جو شروع کان ڪلھوڙن جي زماني تائين، شھرن جو احوال، مشاهيرن جو تذڪرو جنھن نوعيت سان قلمبند ڪيو ويو آهي، سو اهميت ۽ افاديت ۾ مثال آهي. مير ’قانع‘ 1188هه تائين ان ۾ اضافا پئي ڪيا. تحفةالڪرام
جو ’قانع‘ وارو خطي نسخو غالباً 34-1935ع ۾ اورينٽل ڪاليج لاهور جو سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر مولوي محمد شفيع لاهوري هتان خريد ڪري کڻي ويو. اهڙا ٻه نسخا برٽش ميوزيم ۾ موجود آهن. حسام الدين جي ذاتي لائبريريءَ ۾ انھن جي عڪسي ڪاپي موجود هئي. مير مراد علي خان ٽالپر جي ڪتب خاني ۾ به 12 محرم الحرام 1233هه جو هڪ نسخو موجود هو.

چيو وڃي ٿو ته، ’تحفةالڪرام‘ جا ٻيا به خطي نسخا سنڌ ۾ پکڙيل هئا. هن ڪتاب جو جلد پھريون 86 صفحن تي مشتمل آهي. ان جو ٻيو جلد 342 صفحن تي پکڙيل آهي. سرورق ان زماني جي رواج موجب گلڪاريءَ جي بارڊر اندر هي لفظ ڇٽيل اٿس:

مَاشَآءَاللّٰهُ لَا قُوَّةَ اِلَّا بِاللّٰهِ

نسخه هذا از تصنيف مير علي شير ’قانع‘ از نادر تاريخات انام جلد تحفةالڪرام دوم

حسب فرمائش تاجر ڪتب نامي گرامي محمد حنيف صاحب اجميري

در مطبع فيض عام باهتمام  محمد عمر رونق يافت

آخري صفحي 86 جي آخر ۾ ڇپيل سٽ:

الحمدلله کر مجلد ثاني تحفةالکرام باحسن الوجود از حليه طبع آراسته و پيوسته گرديد درسن 1304 هه

هن نادر تصنيف ”تحفةالڪرام“ جو ٽيون جلد ٻه سؤ سٺ 260 صفحن تي ٻڌل آهي. ان جو سرورق هن ريت آهي:

ذکرالانبياء عبادہ وذکر الصلحاءِ کفارة

جلد

تاريخ تحفةالکرام سويم

در مطبع ناصري واقع دلھائي طبع شد (2)

ٽئين جلد جي آخري صفحي تي اداري جي مالڪ پڙهندڙن کي دعا لاءِ گذارش لکي آهي. مٿي فقط ٻئين جلد تي سن 1304هه ڄاڻايل آهي، جو 87-1986ع ۾ مطابقت بيھي ٿي. يعني انگريز جي سنڌ فتح ڪرڻ کان 33 سال بعد، اهڙي طرح تحفةالڪرام لکجي مڪمل ٿيڻ کان 116 سال پوءِ! هتي اها ڳالھه به هُري ٿي ته محمد حنيف صاحب اجميري ڪھڙي جذبي تحت ان کي شايع ڪرائڻ جي فرمائش ڪئي ۽ وٽس ڪھڙو نسخو موجود هو؟ تاريخ ڪڇ ۽ مڪران جو مؤلف مرزا محمد ڪاظم برلاس سن 1323هه مطابق 1905ع ۾ مطبوعه الھند پريس مراد آباد مان اها تاريخ ڇپائي، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن تاريخ جا چوٽيھه ڪتاب لکيا ۽ ڇپرايا. انھن ۾ هن جو پنجويھون نمبر ڪتاب تاريخ ”تحفةالڪرام“ جو اردو ترجمو هو. اهڙيءَ طرح ويھون ۽ اوڻٽيھون ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ جي موضوع تي اٿس. تاريخ ڪڇ ۽ مڪران ستيتاليھن صفحن تي مشتمل آهي. جنھن جي پڙهڻ سان پروڙ پوي ٿي ته هن جو ذوق معياري هو. تاريخ جي تقابلي فھم سندس واقعات نگاريءَ کي پختگي عطا ڪئي آهي. هن ڇاپي کان پوءِ سنڌ ۾ اٽڪل 65 سالن کان پوءِ ”تحفةالڪرام“ جي سنڌي ترجمي ۽ اشاعت جو اهتمام ”سنڌي ادبي بورڊ“  حيدرآباد 20 آڪٽوبر 1951ع تي هڪ ميٽنگ ۾ ڪيو ويو ته ”سنڌ جي تاريخ جا ٽي مکيه ڪتاب (1) فتحنامه سنڌ، (2) تاريخي معصومي ۽ (3) تحفةالڪرام (جلد ٽيون) فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايا وڃن، انھيءَ لاءِ ته اهل وطن پنھنجي تاريخ کي پنھنجي زبان ۾ آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي سگهن“

”بورڊ طرفان انھن ٽنھي ڪتابن جي ترجمي جو ڪم مخدوم امير احمد صاحب سربراهه اوريئينٽل ڪاليج حيدرآباد کي سونپيو ويو.“ هن اسڪيم جي نگراني ۽ ذمه داري بحيثيت ڊائريڪٽر جي حوالي ڪئي وئي.

مخدوم صاحب ۽ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن کي اهم قومي خدمت سمجهي ان کي جلد از جلد پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن موجب ”تاريخ معصومي“ جو ترجمو 1953ع ۾ ڇپيو ۽ ”فتحنامه سنڌ“ (چچ نامه) جو ترجمو سن 1954ع ۾ مڪمل شايع ٿيو (3) ”تحفةالڪرام“ جو پھريون ڇاپو سال 1957ع ۾ شايع ٿيو.)

”تحفةالڪرام“ جو سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد محنت ۽ قابليت سان ڪيو. هن سنڌي ڇاپي ۾ پھرين 73 صفحن تي پيش لفظ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) مھاڳ (مخدوم امير احمد) ۽ مير علي شير ’قانع‘ جي سوانح حيات (پير حسام الدين راشدي) شايع ٿيل آهن. اڳتي 636 صفحن تي ڇويھن بابن تي مشتمل متن آهي. 637 کان 698 تائين فھرست يعني ڏسڻي پيش ڪيل آهي. جا ٽن قسمن يا عنوانن تحت قائم ڪيل آهي.

مترجم جو مھاڳ ڪيترن ئي ڳالھين سبب متوجه ڪري ٿو، هو لکي ٿو ته مصنف جي دستخطي نسخي مان هيءَ ڳالھه چڱيءَ طرح واضح ٿئي ٿي ته هن اگرچ ”تحفةالڪرام“ سن 1188هه ۾ پورو ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪتاب جا قلمي نسخا به سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا هئا، پر تنھن هوندي به جڏهن کيس ڪا نئين ڳالھه معلوم ٿيندي هئي ته اها پنھنجي قلم سان درج ڪندو ويو ۽ جيڪي ڳالھيون اڳتي هلي سندس ئي تحقيق موجب غلط ثابت ٿيون،  تن کي ڊاهي ٿي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح ڪتاب جي اصلاح محو اثبات جو سلسلو سندس وفات (1203هه) تائين جاري رهيو. شايد اهو ئي سبب آهي جو ”تحفةالڪرام“ جا جيڪي به ڇاپي يا خطي نسخا اسان جي نظر مان گذريا آهن، تن ۾ يڪسانيت ۽ هڪجهڙائي بلڪل ڪانه آهي.

”تحفةالڪرام کي سمجهڻ جي لاءِ مترجم ڪي اصطلاح قائم ڪيا آهن: جيئن مقدمي کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري هر هڪ جو نالو ’ذڪر‘ (بيان) رکيو ويو. ٻئي دفتر کي پنجن حصن ۾ ورهائي هر هڪ کي ’مجلس‘ جو نالو ڏنو ويو. ٻيو طبقو پنجن حصن ۾ ورهائي ’مذڪور‘ لقب ڏنو ويو. ٽئين طبقي جا نَوَ (9) حصا ’اساس‘ جي نالي سان ظاهر ڪيا ويا. ائين ئي خاتمي کي ٻن حصن ۾ ورهائي’نمود‘ نالو ڏنو ويو. (4) مترجم ڪن شخصيتن، بادشاهن ۽ واقعن جي تقابلي لاءِ مختلف ماخذن جي مدد سان حاشيه نگاري به ڪئي آهي. جنھن سان سندس تحقيقي قابليت ۽ محقق جي حيثيت به قائم ٿئي ٿي.“

”تحفةالڪرام“ جي ان سنڌي ترجمي تان سنڌي ادبي بورڊ، اختر رضوي کان اردو ترجمو ڪرايو، جو اول 1959ع ۾ ڇپيو ۽ بعد ۾ اهو 2002ع ۾ ”سنڌي ڪتاب گهر“ ڪراچيءَ جي تعاون ۽ مظھر يوسف جي مدد سان وري ڇپيو. سنڌ جي ٽنھي بنيادي ماخذن جي اردو ترجمن جي تقريب رونمائي 25 مارچ 2003ع تي اڱاري ڏينھن آواري ٽاور هوٽل ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي هئي. انھيءَ ڏينھن تي سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ۽ سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ آئون ۽ پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب وڃي شريڪ ٿيا هئاسون. مرحوم غلام رباني آگرو چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جو ان تقريب جي انعقاد ۾ وڏو هٿ هو.

”تحفةالڪرام“ لکنؤ ۾ دهليءَ واري ڇاپي اصل فارسي زبان ۾ شايع ٿيڻ کان پوءِ ان جي سنڌي ۽ اردو ترجمن جي اشاعت عمل ۾ آئي، پر سنڌ ۾ ”تحفةالڪرام“ جي مستند فارسي ڇاپي جو هئڻ لازمي محسوس ڪيو ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته تحقيق ۽ تجسس جو ماحول تيزيءَ سان آراسته ٿيڻ لڳو. ان ڪري اساسي نسخي جي ناياب ۽ ڪمياب ٿي وڃڻ کان اڳ ان جي حفاظت وقت جي گهڻي گهرج هئي.  اهڙيون ڳالھيون ڳڻيندين، سيد حسام الدين راشديءَ جي محنت ۽ مشقت سان ”تحفةالڪرام“ جي ٽئين جلد جي حاشيه نگاريءَ جي اهتمام سان آڪٽوبر 1971ع ۾ 476 صفحن تي مشتمل متن ۽ 20 صفحن تي تعليقات، 6 صفحن تي فھرست مصادر (ماخذ)، 106 صفحن تي تصويرون، 6 صفحن تي مختلف دورن جي اميرن جي ڏسڻي، جا عبدالله مبشر الطرازي الحسين جي ترتيب ڏنل آهي. ان کان پوءِ مختلف ڏسڻيون آيل آهن.

پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته ”نقل اصل جي سڪ لاهي ڪونه ٿو سگهي ۽ نه ئي علمي ضرورتون ۽ تحقيقي گهرجون پوريون ڪري سگهي ٿو. انھي ڪمي جي مدنظر فارسي اصل کي شايع ڪرڻ لازمي سمجهندي سنڌي ادبي بورڊ ڪيترن سالن کان اهو ڪم منھنجي سپرد ڪيو هو، جنھن کي آئون هيترو سارو وقت ٻين مصروفيتن سبب پورو ڪري نه سگهيس ۽ سالن پڄاڻان اڄ اهل علم اڳيان ٽئين جلد جو پھريون حصو، جيڪو سنڌ جي ملڪي۽ سياسي تاريخ تي مشتمل آهي. پھرين قسط جي صورت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.

(5) مؤلف ”تحفةالڪرام“ جي مستند متن تيار ڪرڻ دوران جن قلمي نسخن تان مدد ورتي، تن جي لاءِ لکي ٿو ته ”منھنجي خوشقسمتي آهي جو ’تحفةالڪرام‘ کي به آئون مصنف جي پنھنجي هٿ اکرين لکيل نسخي (4 جمادي الاول هزار و صد و هشتاد و در هجري) تان هوبهو ڇاپي رهيو آهيان. مصنف 1181هه ۾ ڪتاب جي تصنيف مڪمل ڪئي. مسودي تان هي مبيضو هڪ سال يا شايد ڪجهه مھينن بعد هن تيار ڪيو، جيڪو تاحيات سندس ذاتي ڪتب خاني ۾ سندس سامهون رهيو ۽ ان جي حاشين تي وقت بوقت (1188هه- استوري 656) اضافا ڪندو رهيو. (6) مصنف تڪميل جي تاريخ ”اينک چه منتخب“ (1181هه) ۽ ”آئين انتخاب“ (1881ع) جهڙن سھڻن الفاظن ۾ قلمبند ڪئي.”اهو قيمتي نسخو مصنف جي پڙپوٽي مرحوم سيد حسين علي شاهه وٽ هيو، جتان 1935ع جي لڳ ڀڳ مرحوم مغفور مولانا محمد شفيع لاهوريءَ کي هٿ آيو ۽ هن اهو گوهر گرانمايه مولانا مرحوم جي لائق فرزند جناب رباني صاحب جي تحويل ۾ آهي. هن صاحب علم نوازيءَ جي خاطر منھنجي گذارش تي ان جو فوٽو ڪڍي ڏنو ۽ بعد ۾ ڪيتري وقت تائين اصل نسخو  پڻ منھنجي حوالي ڪيو. موجوده متن جو اساس انھيءَ ذڪر ڪيل نسخي تي آهي، ليڪن منھنجي اڳيان ٻيا ٽي خطي نسخا پڻ رهيا آهن.“

(1) برٽش ميوزيم  جو نسخو (Add.21589) هي مصنف جي مٿئين نسخي تان مير مراد علي خان لاءِ نقل ڪيو ويو آهي. (عزه جمادي 1240هه) جو مھر علي حسيني ڪاتب ان کي لکي ختم ڪيو. متن جي حاشيي ۾ (ب) جي نشان سان نروار ٿيل آهي“ هيءُ نسخو سيد حسام الدين راشديءَ جي ملڪيت طور سندس قلمي ذخيري ۾ موجود رهيو.

(2) خداداد خان جو نسخو آهي، هن مرحوم ڪراچيءَ ۾ پنھنجي لاءِ 12 تاريخ ربيع الاول 1288هه اربع ڏينھن نقل ڪرائي پورو ڪيو. ڪاتب جو نالو عبدالڪريم ڪشميري آهي. نسخو نھايت بدخط آهي. (7) ”تحفةالڪرام“ سنڌ جي تاريخ جو منفرد ماخذ آهي. ان جي اشاعت ۽ ترجمن توڙي ترتيب ۽ حاشيه نگاريءَ کان سواءِ تعليقات رقم ڪرڻ لاءِ جن به اديبن ڪوششون ڪيون آهن، انھن ۾ فقير هدايت علي ’تارڪ‘ نجفي به نظر اچي ٿو. هو 29 جولاءِ 1894ع مطابق 25 محرم الحرام 1312هه تي آچر ڏينھن فقير الله داد عرف تراب علي تُنيي جي گهر ڄائو ۽ 9 مارچ 1939ع مطابق 17 محرم الحرام 1358ع تي اربع جي ڏينھن 44 سالن ستن مهينن ۽ ڏهن ڏينھن جي مختصر حياتي ماڻي وڃي ڌڻيءَ کي پرتو. سيد اظهر گيلانيءَ ”صورت پرست“ (1358هه) ۽ ”باغ نخل نور (1939ع) ۾ رحلت جو سال قلمبند ڪيو. ان عمر ۾ سندس طبعي لاڙن، قابليت ۽ تصنيف ۽ تاليف ڏي ڏسجي ٿو ته حيرت ۾ پئجي وڃجي ٿو. کيس ان زماني ۾ علمي ماحول ۽ ميدان ۾ جيڪي به ٻوليون رائج هيون. سڀ سندس هٿ پڄنديءَ ۾ هيون. ڇا نثر تي دسترس هئي ۽ ڇا نظم تي! عربي فارسي شاعريءَ جا منظوم ترجما به ڪيا اٿس. ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب 1989ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ مان ”ديوان تارڪ“ ڇپايو. ان جي مقدمي ۾ علامه تارڪ جي 45 ڪتابن جي فھرست ۾ 17 نمبر تي ”تحفةالڪرام“ جي سنڌي ترجمي جو ذڪر موجود آهي. (ص 30)

فقير هدايت علي  تارڪ جي شاعري، نثر، تصنيف، ۽ تاليف جي حفاظت ۽ اشاعت ڏانھن جهڙي رغبت محترم اظهر گيلانيءَ جي هئي، تھڙو لڳاءُ ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشيءَ کي به آهي. ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب ته پير حسام الدين راشديءَ جي رهنمائيءَ ۾ پي.ايڇ.ڊي. لاءِ فقير تارڪ تي تحقيقي مقالو به لکيو آهي. انھن ڄاڻن جو فقير تارڪ ڏانھن متوجه هئڻ مان ان نتيجي تي پھچي سگهي ٿو ته سندن فن ايترو سگهارو آهي، جو متوجهه ڪرڻ جي قوت رکي ٿو.

فقير تارڪ جو ”تحفةالڪرام“ کي سنڌي ترجمي لاءِ منتخب ڪرڻ ڪجهه تعجب انگيز ضرور آهي، ڇاڪاڻ ته هو بنيادي طور ۽ فطرتاً سخنوريءَ جي ميدان جو مالڪ هو. نه رڳو تخليقي  لحاظ کان منفرد هو، پر منظوم ترجمن ۾ به پختو رهيو آهي. ڀلي هو گهڻن موضوعن ۽ علمن ۾ اڪابر هو سندس ڪيل تجربا جيڪي اشاعت هيٺ آيا، تن جي متعلق ڪي رايا ظاهر ٿيا آهن. البت قلمي مسودا به ڪنھن هڪ جاءِ تي محفوظ ڪونه آهن. جو ڪو اڀياسي اڀياس ڪري نتيجا ظاهر ڪري. هيءُ صوفي فقير تارڪ، تاريخ ۾ ”پورجوش خم“ نورجھان جي، زندگيءَ تي ته فارسيءَ ۾ مسودو ڇڏي ويو آهي، پر ٻيو ڪوبه ڪم ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. هاڻي ڪيئن چئجي ته ”تحفةالڪرام“ جي ترجمي جو محرڪ جذبو ڪھڙو هو؟ ”تحفةالڪرام“ جي ترجمي ۾ قاضي عبدالڪريم ڏانھن لکيل خط مان ته ان نتيجي تي پھچجي ٿو ته فقير واندڪائيءَ جي وندر تحت اهو ڪشالو ڪيو. ڪتاب تي ”تذڪرة العظام“ عنوان ڌريو ويو آهي، پر هئڻ ته ائين جڳائي ته اصل نالو قائم رکيو وڃي، جو وڌيڪ معقول آهي. فقير تارڪ جي ترجمي وارو ڪمپوز ڪيل مسودو منھنجي آڏو آهي، جنھن جي سڌار ۽ سنوار تي اسير صاحب اکين جو نور ته هاريو آهي، پر اهڙي معياري تاريخي ڪتاب جي متن کي جيئن جو تيئن قائم رکڻ کپي. البته جتي به وضاحتن جي گهرج هجي، اتي حاشين ۽ تعليقات ۾ اهي لکڻ کپن. ڪٿي ڪٿي ته ٻولي به اهڙي ڪتب آندل آهي، جو ان جو جيئن جو تيئن استعمال ڪرڻ غير ادبي ۽ غير اخلاقي آهي. ڇو ته اسان جي سماج ۾ مردن سان گڏ عورتون به تحقيق جي ميدان ۾ نظر اچن ٿيون. ٻوليءَ جي مثال لاءِ اوڻٽيھين(29) صفحي تي فقرو آيل آهي، اسير صاحب ان کي ڏيڻ کان اجتناب اختيار ڪري ته بھتر تحفة الڪرام جو فقير نانڪ جو ڪيل ترجمو ئي قائم رکجي. فقط ان تي گهري نظرثاني ڪري حتمي صورت ڏيئي ڇپائي سگهجي ٿو. بھرحال فقير تارڪ جي تحفة الڪرام جي ڪيل سنڌي ترجمي کي هڪ ڪوشش چئي سگهجي ٿو. اهڙيون ڪوششون هڪ کان وڌيڪ فردن کان ٿينديون رهيون آهن. جن جا مختلف سبب ۽ اسباب ٿي سگهندا آهن. تحفة الڪرام جو هي ترجمو پڻ ان تاريخي ماخذ جي اهميت، افاديت، حفاظت ۽ تحقيق ۾ فراموش ڪري ڪونه ٿو سگهجي. اشاعتي ادارن کي کپي ته هي ترجمو ڪنھن داناءَ جي نظرثاني هيٺ شايع ڪرائين ته هوند اسان جو تاريخ ڏانھن رويو ۽ شعور بھتر ليکبو.

حوالا:

1.      راشدي پير حسام الدين: مير علي شير قانع ٺٽوي: مھراڻ، 2/1956ع، ص 155.

2.     قانع مير علي شير: ”تحفةالکرام“ (فارسي) 1304هه ٽئي جلد هندستاني ڇاپا.

3.     بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر: ”تحفةالڪرام“ پيش لفظ: سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد: 1957ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.

4.     مخدوم امير احمد، مھاڳ: ”تحفةالڪرام“ سنڌي ترجمو، ص 9 ۽ 10.

5.     راشدي حسام الدين ” تحفةالڪرام“ (فارسي مؤلف): سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، آڪٽوبر 1971ع، ص 23.

6.     حوالو ساڳيو، ص 24 ۽ 25.

7.     حوالو ساڳيو، ص 25 ۽ 26.

 

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

 

 

 

 

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’پير‘ سان سلھاڙيل

اصطلاحن جو جائزو

 

مولوي احمد ملاح، علمي ۽ ادبي ماڻھو هو، ان ڪارڻ سنڌي ٻوليءَ تي وڏي گرفت هيس. سندس شاعريءَ ۾ جيڪڏهن صنايع بدايع جي خيال کان علم بيان ڏسجي، صنعت لفظي ۽ معنوي ڏسجي، ته سندس جوڙ جيس جو ڪو شاعر نه ٿو ملي. ٻئي پاسي سندس سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ڏسجي ته اهڙن لفظن جي گهڙاوت ۽ جڙاوت به ڪري ٿو، جيڪا بنھه نرالي ۽ نون لفظن تي مشتمل آهي. ان حوالي سان  ان جي شاعريءَ تي ڪم ڪرڻ جي  نھايت گهڻي ضرورت آهي. هتي سندس شاعريءَ ۾ ڪم آندل اهڙن اصطلاحن جو اڀياس مقصود آهي، جيڪي ’پير‘ (foot) سان سلھاڙيل هجن. ’ڪليات احمد‘ ۾  لفظ ’پيرُ/ پيرَ‘ (واحد توڻي جمع) ڇاهتر (76) ڀيرا ڪم آندل آهي، جڏهن ته گرداني صورت (inflected) ۾ ’پيرن‘ ٻاويھه (22) ڀيرا ڪم آندو اٿس ۽ حرف جر جي ميلاپ سان ’پيرين‘ چار (4) ڀيرا سامھون اچي ٿو. هن لفظ سان سلھاڙيل لفظ ’پيرو/ پيرا‘ به ملي ٿو؛ البت،  لفظ ’پيروي‘ کان پاسو ڪيو ويو آهي.

ٻوليءَ ۾ لفظن جي معنى جا ٻه رخ ٿيندا آهن، هڪ: لغوي/ اکري، ٻيو: سماجي/ اصطلاحي. اصطلاحي ٻوليءَ ۾ سماجي معنى ۽ مراد ورتي ويندي آهي. اصطلاحن جي اهميت، ٻوليءَ ۾ صرف زيب و زينت جي نه پر، ٻوليءَ ۾ ڪنھن خيال/ قدر کي وڌيڪ زوردار ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ۽ جملي يا گفتي کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن‘. (جوکيو، 2009: 106- 143)

ڊاڪٽر الھداد ٻوهيي، لفظ جي اهڙين ٻن معنائن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي:

”(1) معنائون ٻه آهن: هڪ سوچ جو نتيجو آهي ۽ ٻي سوچ کي وڌائي ٿي ۽ جوابي عمل لاءِ هڪ مواد پيدا ڪري ٿي.

(2) اها معنى، جيڪا سوچ جو نتيجو آهي، سا لغوي معنى ٿي سڏجي، ۽ اها جيڪا سوچ کي مواد ٿي ڏئي، سا اصلاحي معنى ٿي سڏجي.

(3) اهڙيءَ ريت نشان ۽ اهڃاڻ به ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪڙا اهي جيڪي سوچ جو نتيجو آهن ۽ ٻيا اهي جيڪي سوچ وڌائين ٿا.

(4) لفظن جو جادو اسان جي من جي ڪھاڻيءَ سان، ۽ انساني سماج، تھذيب ۽ ڪلچر سان واسطو رکي ٿي. (ٻوهيو، 1978: 284)

حقيقت به اها آهي ته لفظن تي غور ڪرڻ سان اهو ڏٺو ويو آهي ته لفظ، گهڻي قدر پنھنجي معنى، ان ٻوليءَ يا سفر ڪري آيل ٻي ٻوليءَ  مان، ڪنھن به ٻوليءَ ۾ سماج پٽاندر وڃي جاءِ ورتي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر ٻوهيو پنھنجي ٿيسز ’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ جي اهم باب ’علم معنى ۽ ان جي سماجي حيثيت‘ واري باب ۾ اڳتي لکي ٿو: ”پھاڪي ۽ اصطلاح جيان لفظ به اسان جي سوچ جو هڪ سماجي دائرو (scope) مقرر ڪن ٿا، مثال طور:

انفرادي معنى وارا لفظ

سماجي معنى وارا لفظ

انڌو (اکين کان)

انڌو (عقل جو جڏو)

مٿو (جسم جو حصو)

مٿو (سوچ)

سون (هڪڙو ڌاتو)

سون (سراسر سچ)

ٻانھن (عضوو)

ٻانھن (سڱ يا عورت)

هنن مثالن مان ڏٺو ويندو ته هڪ ئي لفظ معنى جا ٻه مقام ڏئي ٿو. انھن ٻن معنائن مان پھرين معنى ته اها عام معنى آهي، جا فرد ۽ فرد جي وچ ۾ منتقل ٿئي ٿي ۽ ڪم اچي ٿي؛ پر ٻي معنى مٿاهين معنى آهي، جا سماج ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ سماجي طور ڄاتي وڃي ٿي. هن طرح ٻنھي حالتن ۾ معنى اسان جي سماج ۾ ڪم ڪري ٿي.“  (ٻوهيو، 1978: 305- 306)

لفظ ’اصطلاح‘ جي اکيڙ ڪجي ته، هيءُ لفظ، عربي ٻوليءَ جو آهي جيڪو ’محاوري‘ جي بدل سان به ڪم آندو ويندو آهي، هيٺ ٻنھي لفظن جي لغوي معنى سمجهڻ لاءِ انھن جو اشتقاق ڪري پيش ڪجي ٿو:

×   [اصطِلاح- اِفتِعال- اِصۡتِلاح > اِصۡطِلاح- مصدر (صَلَحَ = هن درست ڪيو)] ڪنھن لفظ يا تشريح جي استعمال تي مڙني جو اتفاق هجڻ- ڪنھن لفظ جي لغوي اعتبار کان هٽي ڪري عام رواجي يا سماجي معنى هجڻ. سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاح جو لفظ ٻن مقصدن لاءِ ڪم آندو ويندو آهي:

1.      جملي جي اهڙي جز لاءِ جيڪو رواج پٽاندر، لغوي معنى کان هٽي ڪري، ٻي معنى رکي، جيئن:

اڀ ڏارڻ = وڏيون رڙيون ڪرڻ- هنيانءُ ڦاڙي دانھون ڪرڻ...

اڀ ڦاڙڻ = ٻٽاڪون هڻڻ- وڌائي ڳالھه ڪرڻ- ڊاڙون/ لٻاڙون هڻڻ...

2.     ڪنھن خاص مضمون سان سلھاڙيل، جنھن اندر لغوي اعتبار کان هٽي ڪري ان جو مخصوص دائرو بيھاريو ويو هجي، جيئن:

ناول: لغوي اعتبار ان جي معنى، نئين يا عجيب و غريب شيءِ، ليڪن ادبي کيتر ۾ سماجي لحاظ کان ’هڪ اهڙي ڪھاڻي، جيڪا پوري زندگيءَ جي حقيقي يا ٿيڻ جوڳن واقعن تي مبني هجي.‘

اسم: لغوي اعتبار کان ان جي معنى نالو، ليڪن ’لکڻ- پڙهڻ- اميري- چڱائي- برائي‘ وغيره اسم جي دائري ۾ اچن ٿا.

حرف: لغوي لحاظ کان اکر کي ٿو ڪوٺيو وڃي، ليڪن گرامر ۾ ڪن مخصوص لفظن لاءِ ڪم اچي ٿو، جيئن: حرف جر، حرف جملو، حرف ندا وغيره. (جوکيو، 2021: 199- 200)

اصطلاح لفظ جي اشتقاق مان اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته، ڪنھن لفظ جي استعمال کي درست ڀانئي مڙني جو اتفاق هجڻ. ظاهر آهي ته درستگيءَ تي اتفاق جي ضرورت تڏهن پيش ايندي آهي، جڏهن اهو استعمال لغوي معنى کان هٽي ڪري رواج ۾ آندل واري معنى ۽ مفھوم رکي. 

حقيقت اها آهي ته، ’اصطلاح‘ جي حيثيت جو پتو به ڪنھن ڳالھايل يا لکيل جملي مان ئي پوندو آهي. فرض ڪريو ته ’اک لڳڻ‘ جو اصطلاح گهٽ ۾ گهٽ ٻه معنائون رکندو آهي: ’ننڊ جو سوپو اچڻ‘ ۽ ’ڪنھن سان پيار ٿيڻ‘، جيستائين ان کي ڪنھن جملي ۾ استعمال نه ٿو ڪجي، تيستائين ’اک لڳڻ‘ جي معنى واضح نه ٿيندي. ان لاءِ ان جي درست استعمال کي ئي اهميت ڏني ويندي آهي. ظاهري اصطلاح جي اڪيلي سر شڪل يقيناً ’مصدر‘ واري آهي، ليڪن ان جي لفظن کي هڪ جڳھه تي قيد ڪري نه ٿو سگهجي.

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’پير‘ سان سلھاڙيل اصطلاحن جو جائزو

×   اکين تي پير پائڻ (پرينءَ جي اچڻ کي ڀلو ڀانئڻ- پرينءَ جي پيرن کي اکين تي رکڻ- پرينءَ جي اچڻ سان سرهائي ٿيڻ) ”ته به اَچي اکيَن نه اِيذاءُ، پير پائين جي مَٿن“، تنھنجي وِک وارڻ سَنديون، وَهه وَهه، مُون کي وَصفون وَڻيون.

×   اڱ پير هجڻ (تعلق هجڻ- واسطو هجڻ- لڳ لاڳاپو هجڻ) ”نڪو اڱ پير ’احمد‘ سان، نڪِي جانيءَ سَنديون جايون“، اُٿيو ڇاڪاڻ آڌيءَ کَر، اَجايا پَٽ اُهاڙين ٿو.

×   پازيءَ جا پير پٿون ٿيڻ (ٻانھي جي سخت محنت ڪرڻ) ”پير پازيءَ جا پِٿون ٿيا، مَنجهه ڇَپر توکان ڇِنيي“، مِھر جا ڪي مِينھن وَسائين، مَوت جي بادل ڀِنيي.

×   پَٽُ پيرن جو نقل هجڻ (پرينءَ جا نرم نازڪ پير هجڻ) ”سِج سَندس صُورت جو پَرتو، پَٽ نقل پيرن پِريان“، عَطر پَيداوار، پِريان جي پَسيني جو هُجي.

×   پَٽَ کان نرم پير هجڻ (سھڻا ۽ سيپڪڙا پير هجڻ- پدمڻا پير هجڻ) ”پير پَٽڙا نَرم پَٽ کان، پائي جِت منھنجو پِرين“، مَٽ نه مُوران ماڳ تنھن جو، مُشڪ عَنبر ٿو ڏِسان.

×   پرتئون پيرا ڀرڻ (اچ وڃ جو رستو رکڻ- قرب سان هلي وڃڻ) اَوَل اُن جو عَجيبن سان، اَلستئون ويو اَڙي اَرواح، ”پِريان جي پار پوءِ تِن کي، پيا پِرتئون ڀَرڻ پيرا.“

×   پروَر جو هٿ پير ڏيڻ (هلي چليءَ لاءِ عضوا رب تعالى جي نعمت هجڻ) ”پير هَٿ، پُٽ، کِير، پَرڻا، پاڪ پَروَر ڇا ڏِنو، ڇا ڪِ ڏيئي ڏُک رُڳا، ڏاتار ڪيَئي ڇورو ڇِنو.               

×   پرينءَ پار پير پھچڻ (مقصد حاصل ڪرڻ- گهربل هنڌ رسڻ) ٿيُن ڏينھن ۾ چورِيون چار پَنج، ”وَڃي پير پُھتا پَريين پار کي“.

×   پرينءَ پيرَ هيٺ ڀتر کي اکين لاءِ ڀورڻ (پرينءَ جي پير جي خاڪ کي اکين لاءِ ڀلو ڀانئڻ) هِڪ ڀِتر هِن پير هيٺان، ٻيو ڀِتر هُن پير هيٺ، هِڪ اکيَن لئي اُن مَنجهان، ڀانيان ته ڀوريان؟ ڀور ٻَئي.

×   پرينءَ جي پانڌيءَ جا پير چمڻ (پرينءَ جي قاصد کي عزت جي نگاهه سان ڏسڻ- پانڌيءَ جو احترام ڪرڻ) ”ڀانئي پانڌي پِريَن جو، پير چُميَم“، هو وِچان خَر خَراب عَين بعَين.

×   پِڙُ ڏسي پيرن تي ڏيڻ (ڀڄي وڃڻ- ميدان تي ٽِڪي نه بيھڻ)دِليري ٽپ دِليرن تي، ته شيرِي ڪاهه شيرن تي، ”ڏِسي پِڙ ڏِينِ پيرن تي، ته سي ڏاڻيون ويھن ڏاڻي“.

×   پسونءَ پير نه هجڻ (سڃ هجڻ- ويراني هجڻ- سڀڪجهه فنا هجڻ)  ”نه پَٽ ۾ پُراڻو پَسُون پير اُت“، ڇَڏيو خاڪ کائِي مِڙن جو مَٿو.

×   پکي ۾ پير پائڻ (جهوپڙيءَ ۾ لنگهي اچڻ- محبوب جو داخل ٿيڻ) رَکي لَڄ پَنھنجي لوياري، ڪيَس مَولا مَددگاري، ”هُئي جِن، ٿِي به تِن واري، پَکي ۾ پير پايا ڪي“.

×   پنبڻيُن سِر پير پائڻ (پرينءَ جي پيرن کي اکين تي رکڻ- بيحد احترام ۽ محبت سان پيش اچڻ) مَرحبا مَحبُوبَ منھنجا مَرحبا آئين ڀَلي، ”منھنجي پِنبڻيُن سِر پِيارا، پير تُون پائين ڀَلي“.

×   پنبڻين کي پير ڪري پُرڻ (اکين سان پنڌ ڪرڻ- دل جي صدق سان پرينءَ در وڃڻ) ”پير پِنبڻيَن کي ڪَري، تو ڏانھن پِرين، پَل پَل پُران“، مانَ، مَرڻيان مَھند ٿِئي، ميلو مُنوَر، تو اڳيان.

×   پنڌ لاءِ پيرن جو بخش ٿيڻ (ڪم ڪار لاءِ عضون جو عطا ٿيڻ) ”پير بَخشيَئي پَنڌ لئي، جِن سان گهمون گُلزار ۾“، ٿَر گهمون ۽ بَر گهمون، بَرسيو گهمون بازار ۾...

×   پنھنجي پير تي ڪھاڙو هڻڻ (پاڻ سان جُٺِ ڪرڻ- اڻڄاڻائيءَ ۾ پنھنجي غلطيءَ ۾ ڦاسڻ) گهر ڇَڏيو گُجرات ۾، اَڄ گوڙ ڪَن ٿيون گُجريون، ”پير پَنھنجي ۾ ڪُھاڙو، چَئو ته ڪھڙي پو پَٽي“.

×   پيءُ جھڙا پير کڻڻ (وڏن واري ريت تي هلڻ) وَڏن جِي وَٺن واٽ ويچارڙا، ”کڻن پير جِھڙا پيَن پارڙا“.

×   پير  ۽ هٿَ هِت هُت هجڻ (جسم فاني هجڻ- انگُ انگَ سان نه ملڻ- مرڻ بعد انگُ انگَ سان نه ملڻ) ’عين‘ عِبرت وَٺ اَدا! اَحوال اڳيَن جا ڏِسي، ڪالھه ڪَپڙا قِيمتي جِن، اَڄ کَفن ويَڙا کِسي، ڌار سِر ڌَڙ ڌُوڙ ۾، دَهشت ڪَنان پَئي دِل ڦِسي، ”پير هِت ۽ هَٿ هُتي، ڪَرنگهو ڪِٿي ۽ ڪِٿ سِسي،“ هِيءَ هَنجهي، هُو هار هَس، اَلله بَس، باقي هَوَس.

×   پير ۾ پازيب هجڻ (سھڻا پير هجڻ- قدم وڻندڙ لڳڻ) ڪَنڌ رَکيو تنھنجي قَدم تي، مُون ڪَڙي ڪاڪُل مِثال، ”پير ۾ پازيب جِيئن پاتل پَسھه پازي ڪَئي“.

×   پير بازو درست هجڻ (صحتمند هجڻ- ڌڻيءَ جي نعمت هجڻ) پوءِ ٻوٽي، پوءِ هَڏ چَم، پوءِ ناسُون ۽ نِگاهه، ”پير، بازُو، دِل دُرستي، اِيءَ به رَحمت رَب جِي“.

×   پير ڀَرڻ (سلسلو قائم رکڻ- اٿِي ويٺِيءَ جي ريت برقرار رکڻ- خوشي غميءَ ۾ شامل ٿيڻ) گَڏيا گُل سين بُلبُل، گهڻيون گهاڙِيون، ”ڀَري پير پَڙ پِير تي چاڙِهيون“.

×   پير پاٿولي ويھڻ (ٽيڪجي ويھڻ- کپ کوڙي ويھڻ- کٽ ڌڻي ٿي ويھڻ) وَنيءَ جو وَر ته ٿيو ڄيٺو، پِيارل پِير گَهر پيٺو، ”وَٺي زالن جو وِچ ويٺو، لڳائي پير پاٿولي“.

×   پير پانھُون وجهڻ (پوئتي موٽڻ- پٺتي لڙڻ) ”جَهليو دِل ۾ ڀُڻان دانھُون، پِرين! وِجهه پير ڪو پانھُون،“  ٿيون اِظھار جي آنھُون، ته ٻَرندا ٻاڦ سان ٻيلا.

×   پير پاهُون ڪرڻ (پوئتي پير ڪرڻ- هٽي وڃڻ- مڙي وڃڻ) حُسن تي حَيران حُورُون، هَنج جو سِر هَنج ۾، ”خود پَريَن ڪِيا پير پاهُون، هِڪ سَڄڻ! تو ساڻ سَڱ“.

×   پير پائڻ (ٻار جو پيرڙو پنڌڙو ڪرڻ) جامع لغات ۾، ساڍيون ٻه سالُون سو صَغير، ”پوءِ وِهي، ۽ پوءِ سُري، پوءِ پير پائي دِلپذير“.

×   پير پائڻ (حاضر ٿيڻ- پير ڀرڻ- اچڻ- داخل ٿيڻ) ”پير پائج ڪنھن ڏِينھان، آسروَندن جي آستان“، آهِه ’احمدَ‘ عُمر سارِي، اِنتظاريُن سين گڏيَل.

×   پير پٽَ تي هجڻ (خشڪيءَ جي خلقت هئڻ- پورا سارا حال هجڻ- آپي ۾ هجڻ- وڏائي نه ڪرڻ) ’هي‘ هَزارين خَرچ کائن، هِي هَوائي آڙماڙ، پوءِ به ٿورو ٿيو ته، ڪِرندي ڪِينَ ڏِسندا لاڙ چاڙ، پَر پَکي پَکٽڻ پَسُون پيا، اُڏرندا آڳڙ پَڇاڙ، خَرچ وارا خُون ڪَن، بي خَرچ ۾ ڪونھي بِگاڙ، پَک هَوا ۾، پير پَٽ تي، پيٽ ڀَر، پاڻيان پَراڙ، روز رَمزُون، راز مَنجهه رَفتار، سَمجهي ڇا سَگهان!

×   پير پڙ ۾ پائڻ (همت ڪرڻ- ميدان ۾ لھڻ- مقصد لاءِ ڏکئي ڪم ۾ پوَڻ) ”پَينچ جانچي پاڻ کي، پوءِ پير پِڙ ۾ پائجو“، جانچ ۾ جَهلبا جَجهيرا، هُو ڏِٺئي ۽ هِي به ڏِس.

×   پير پَک ڪري پھچڻ (اڏامي پھچڻ- سِگهو رسڻ) اِرم ۾ نه آرام اُن ري اَچيم، ”پِرينءَ پار پُھچان ڪَري پير پَک“.

×   پير پَڳ پرٿڻيءَ مان رکڻ (سوچي سمجهي قدم کڻڻ- هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ هلڻ لاءِ ويچار ڪرڻ) ”ڀَلي هيٺ هَل يا مَٿي پير کَڻ، نه ڪِٿ پير پَڳ پِرٿڻيءَ مان رَکڻ“، نه لوڪن جو ليکو چَلي ٿيو چَکڻ، خَلل کان نه خالي خَيالي اَياز.

×   پير پڻيءَ جا پرزا ٿيڻ (جهور ٿيڻ- جسماني چُور ٿيڻ- عمر جي بنھه پڇاڙي ٿيڻ) ”وارن ۾ لَٽ، وِسريَس ڦَڻي، ٿِي پير ويا پُرزا پَڻي“، ڏَند خواهه ڏاڙهُون پيا ڇَڻي، سَگهجي سُڃاڻي هاڻ ڪِيئن.

×   پير ٿڪجي پوَڻ (همٿ هارڻ- چرڻ پرڻ کان هلاڪ ٿيڻ- اڳتي نه وڌڻ) ’يي‘ يَڪو تُون يار ياور! ياوري تنھنجي يَڪي، ”ٿوڀ ڏي ٿوري هَٿيڪو، پير پيا ٿَر ۾ ٿَڪي،“ ڏينھن ڏُکيا ڏاتار! لاهين، ڏيھه ويا جنھن ڀَر ڏَڪي، مَدد ڪَر مالِڪ مِٺا! مُھابي مِٺي مُرسل مَڪي، ساڻ ڪَلمي ڪَڍ ڪَنان ڪُفران هِندستان کي.

×   پير جهلڻ (پاڻ روڪڻ- پاڻ پلڻ- پاڻ سنڀالڻ- سنڀالي پير کڻڻ) مَھل ٿِي مَردانگيءَ جِي، مَردَ، سَڏ مَيدان ڪيو، ”پير جَهليو ڇو، جَڏهن جَبار سان سَودو لڳو“.

×   پير ڄمائڻ (پختو ٿيڻ- مستحڪم ٿيڻ- قابض ٿيڻ- روزگار ۾ پڪو ٿيڻ) ”پير پَنهنجا پيا ڄَمائن، پاڪ جاين تي پَليت“، حَق تَڙڻ تِن جِي سَندي، تَدبير چَئو تَدبير چَئو.

×   پير چائڻ (پير مٿي کڻڻ- ناز نخري سان پير کڻڻ) ”پير چائي، پيرويءَ کان، پِير پاسي چاءِ چاءِ“، بي نِمازي ڀَنگ پِي، پِنڪيُن ۾ پِنڪيون کاءِ کاءِ.

×   پير چرڻ (حرڪت ۾ اچڻ- چرپر ۾ اچڻ) ”اَسان چَرخو هِتي چوريو، ته چوٽيون پير هُت چُريَن“، وِلايت وَلوَلي ۾ پَئي، وِلھو واپار ٿيو بيشڪ.

×   پير چورڻ (اڳتي ٿيڻ- مقصد لاءِ چرپر ڪرڻ) هُت وَڃڻ ويري نه ڏِينَم، هِت وَرڻ وارِي نه ڪا، ”هَٿ کڻان هيڏي ڪِ هوڏي، پير چوريان، چور ٻَئي“.

×   پير ڊهرائڻ (چوري جو نشان ڊاهڻ- چور جا پيرا وڃائڻ) چَڙهيَس چاڙهيءَ مَٿي چورِي، جِتي چارئي پَھر چارِي، ”ڊِڄي تنھن جِي ڍَٻيءَ کان مُون، ڍَڪيءَ ۾ پير ڊَهرايو“.

×   پير ڏيئي لنگهڻ (ڪنھن هنڌان گذرڻ- ناز سان پنڌ ڪرڻ) ”جِن پَٽن تي پير ڏيئي، پَر پيارل ٿي لنگهيو“، مُشڪ کان مُون کي مِٽي، تنھن ماڳ موچارِي لڳي.

×   پير رتا هجڻ (ڳاڙها پير هجڻ) عَجائب آڱريَن، پيرن رَتا ڪنھن رَنگ ڳُوڙهي سان، ”ڪُھي عاشِق هِنيين جو رَت، هَٿن تان ڪَر هَڪيو هاريون.

×   پير سڃاڻڻ (عادتون سڃاڻڻ- چال سڃاڻڻ- پيرن جا نشان  سڃاڻڻ) ”ڪِيئن سَڳا تِن کي سُڃاڻن؟ پير، هَٿ، مُنھن، نَڪ، نِراڙ“، چَٽ سَڀئي چِٽسال، ڏِسندي ڏِيل ڏَڪيو ٿا وَڃن.

×   پير سُڄي پوَڻ (گهڻي عبادت ڪرڻ- پيرن ڀر بيھي عبادت ڪرڻ) ”پير پِريَن پيا سُڄيو، بيھندي تَھجد ۾ تَمام“، عاجزيون اَلله کي اِن پَر، ڪَيون عَربي اِمام.

×   پير کڻڻ (هلڻ- پنڌ ڪرڻ- هلي وڃڻ) بُکُون، بَر، بَلائون، بِرهمڻ سين ڀيچي، ”کڻي پير پَسنديَس، پُنھل يار پيچي“.

×   پير کوڙڻ (ٺھي ٺڪي بيھڻ- قابو ٿي بيھڻ- قبضو ڪري وٺڻ) گُلبدن جِي گهور جا، گهوڙا! گُسايان گهاءَ ڪِيئن، ”مَوت مُشڪل پير کوڙي، ميڇ مِزگان جي بَجاءِ“.

×   پير گهمائڻ (مھمان ٿي اچڻ- قرب ڪري اچڻ) لڳو حاضِربنديءَ جو هُل، سَلاميءَ ۾ سِپاهي ڪُل، ”گهمائي پير گهر ۾ گُل، ته گهر گُلزار ٿِي ويندو“.

×   پير هٿ تي سلام هجڻ (حق وارن تي سلام پيش ڪرڻ- بھادرن تي سلام ڪرڻ) ٿيا سَوڻن ساڻ سامھان، ساهه جو سانگو ڇَڏي، ”تِن جي تَن مَن، پير هَٿ، پُرزن ۽ پارن تي سَلام“.

×   پير هٿ جي صورت ۾ هجڻ (والدين سان مشابھت هجڻ- نسل ۾ صورت هجڻ) ”پير،  هَٿ،  ڪَن،  وات،  چَپ،  نَڪ،  نيڻ،  نُنھن،  گوڏا، گُريون“، اَصل صُورت نَسل ۾، آواز، عُمريون، ٻول چال.

×   پير هٿَ ڌار هجڻ (خاڪ ٿي وڃڻ- فنا ٿي وڃڻ) ٿُڙ کُٿل پاڙان کَجيُن جِيئن، ويو سَندن نِڪري نُـخُود، ”پير، هَٿ، هَڏ، ماهه، سِر، ڌَڙ ڌار هو، ڇا تو نه سُئو“

×   پير يا مورڳو مَٿو هجڻ (جسماني خاڪ هجڻ- مُئي بعد سيراندي يا پيرانديءَ جو پتو نه پوڻ) ”هُو پير يا مُرڳو مَٿو، چَوندي سَنيھا سِج لَٿو“، هَرگز حَرف ٻولي نَٿو، اِيءُ آهِه ماڻھو يا مِٽي.

×   پيرا ڀرڻ (وڃي ڳولھي لھڻ- پيڇو ڪرڻ) ڪَڏهن مان ڏي مُحب ايندو، مِلڻ ٿيندو، مَرض ويندو، ”ڪَڏهن پُڇندا پِرين پيرا ڀَري، پينار جُون خَبرُون.“

×   پيرا ڦِٽَڻُ (پيرا ڊهڻ- وڃڻ وارا نشان ڊهڻ) ”لڳن شل، واءَ نه ڪنھن ويرا، مَتان پِريَن ڦِٽن پيرا“، ويو جنھن واٽ، وَٺيو سا، وِندر ۾ ڏينھن گُذاريان ٿو.

×   پيرا کڻڻ (ڳولھا ڪرڻ- جاچ لھڻ- گهربل هنڌ پھچڻ) ”وَري وِهسي وِچينءَ ويرا، پِرين منھنجي کنيا پيرا“، ڇَڏي ڇاتيءَ مَٿان ڇيرا، ڇَمڪ ڇَمڪار ڇَم ڇَم ڇَم.

×   پيرڙا کڻڻ (نئينءَ مان پنڌ ڪرڻ- پنڌ لاءِ ڪوشش ڪرڻ) پيرڙا کڻندي پِرين، تو ٻول ٻاتا ٿي ڪَيا، ڳالھه هاڻي خانَ، خَستي، اِيءَ به رَحمت رَب جِي.

×   پيرن ۾ پدم هجڻ (نازڪ پير هجڻ- مٽيءَ تي پير جي تريءَ جو پاسو بيھڻ- سھڻو ۽ نفيس ماڻھو هجڻ) ڪُنڍو نَڪ، ڪان جي قَد، ڪُونج جِيئن ڪَنڌ، ”پِرينءَ جي پاڪ پيرن ۾ پَدم خاص“.

×   پيرن ۾ پينڌ پوڻ (قابو هجڻ- چرڻ پرڻ کان هلاک هجڻ- هلڻ ۾ رڪاوٽون هجڻ) سَدا سوڀُون صُبح ۽ سَنجهه، چُڻن هَر پار هِيرا هَنجهه، ”پيا مُون پَيند پيرن مَنجهه، چُري ڪِيئن چَوڳراهُون ڪو“.

×   پيرن تان پَٽ پٽيھر گهورڻ (حد کان وڌيڪ پيار ڪرڻ- پرينءَ جي پيرن کي ٻين شين کان وڌيڪ ڀانئڻ) نَڪ نيلوفر جو نَمونو، نَرم اڱ، نِرمل اکيون، ”تنھنجي پيرن تان پِيارا، پَٽ پَٽيھر گهورِيان“.

×   پيرن تي پڻي نه سھڻ (ڇنڊيو ڦوڪيو هجڻ- ٽانءِ ۾ ڀرجي هلڻ- جسم تي مک برداشت نه ڪرڻ- مٽي دزيءَ کان پاسو ڪرڻ) ڪنھن چِيو ته مان دَولت ڌَڻي، دُنيا اَندر دَهشت گهڻي، ”سَٺيَم نه پيرن تي پَڻي، پَر حال ٿيو مُون هاڻ هِيئن“.

×   پيرن تي پيشاني رکڻ (بيحد محبت جو اظھار ڪرڻ) ”ڪَڏهن جيڪر اَچي جاني، رَکان پيرن تي پيشاني“، ڪَريان ڪُل مال قُرباني، سَندم سامان سان ڇا ڪَم.

×   پيرن جو ڀَڄڻ (هنڌ ڇڏي ڀڄي وڃڻ- جند ڇڏائي ڀڄڻ) مُنجهايو مُون کي مَت مُوڙهن، ڪُجهئي ڪونھي چَيو ڪُوڙن، ”ڀَڳا سي پير ڏيئي ٻُوڙن، صَحيح وارن جو سائو مُنھن.“

×   پيرن جو هلڻ ڇڏڻ (ساڻائي هجڻ- بي ساهو ٿيڻ) ”هَلڻ پيرن، هَٿن هاجُون، هِنيين هِمت ڇَڏي هاڻي“، سُڪي ساٽو ٿيَس سُڃ ۾، ڇَڏيون سَنڌيَن سُڌون سارُون.

×   پيرن جي پڻي پيئڻ (پرينءَ جي پيرن جي پڻي سُتي ڪري پيئڻ- بيحد پيار هجڻ) ديس جنھن ۾ دوست گهميو، اُت دَوا لئي دَردناڪ، ”پاڪ پيرن جِي پَڻي، پينار پِيندي ٿي ڏِٺم“.

×   پيرن جي پَڻي نيڻن ۾ نائڻ (پرينءَ سان بيحد محبت جو اظھار ڪرڻ) ”پَڻي جا پاڪ پيرن جِي، وِجهان نيڻن ۾ نائي نِت“، اِهو سُرمون سِڪايل لئي، سَبب سِينگار جو ٿيندو.

×   پيرن جي پڻيءَ سان نه پارڻ (محبوب جي پيرن جي مٽيءَ کي سڳنڌ ڀانئڻ- ڪنھن خوشبوءِ کي پيرن جي پڻيءَ سان نه ڀيٽڻ) چيَئين، خوشبُوءِ کَٿُوريءَ جِي، لڳي سَڀ خَلق کي خاصِي، ”چيَم، پِريَمَ، پَڻيءَ سان تنھنجي، پيرن جِي نه پاريندس“.

×   پيرن خاڪ هجڻ (مٽيءَ جي ماڻھوءَ جي پيرن ۾ مٽي هجڻ- خلقت آهر حيثيت هجڻ- پنھنجي حيثيت ۾ هجڻ) ’هي‘ هَزارين سال تنھنجي، حاڪِمن ۾ هاڪ هُئي، دوست! تنھنجي دُوبدُو، هِت ڌوڪ ڌوڪان ڌاڪ هُئي، ”خَلق سَڀ خاقان سُوڌي، خاڪ پيرن خاڪ هُئي“، تنھنجي اڳيَن جِي اڳي، اڳري ڳري اِملاڪ هُئي، تُون ڦِريَن وانگر ڦِري، ڦَٿڪين به ڦارو ڦار ٿِي، حَق مَ ڇَڏ حَقدار ٿِي، اَلله اَڪبر چَئي اُٿي.

×   پيرن هٿن جو خلق ٿيڻ (قدرت پاران جسم پيدا ٿيڻ- انسان جو پيدا ٿيڻ) ’خي‘ خَبر وَٺ تنھنجي خَلقڻ تي، ٿيو ڇا خَرچ خام! ”پير، هَٿ، هَڏ، چَم، هِنيون، نَڪ، نيڻ، ناليون نيڪ نام“! واءُ، پاڻي، باهِه، بِجلي، اَڄ وِڪامن عام جام، رَت ڀَرائڻ جِي رَقم پڻ، خُوب ڄاڻن خاص عام، پوءِ سُڻاءِ صِرف توتي، صَرف ٿِئي ڇا صُبح شام؟ ڪَس ڪِروڙن ۾، ڪَسر ڪَم ڪار، سَمجهي ڇا سَگهان!

×   پيرن هيٺ پوَڻ (گڙگڙائڻ- آزيون نيازيون ڪرڻ- منٿ ميڙ ڪرڻ) هُونئن ته ’احمد‘ چَئي اَصل، اوڏو نٿو ڇَڏيين عَجيبَ، ”هاڻ پيرن هيٺ پَوندس، پاڻ ٿِي پُرزا پَڻي“.

×   پيرو کڻڻ (اصل ڳالھه جو ڳر لھڻ- جاچ جوچ ڪرڻ) ”پُري پُختو کڻج پيرو، سُڄي هُت ٿو ڄِڀيون ڄيرو“، جِسم، جِند جان، جِيءُ جيرو، ٻَھُون مَنجهه آڳ ٻارين ڇو.

×   جتي پرينءَ جا پير سا ڀُونءِ ڀلي هجڻ- ترڪيب (پرينءَ جي هر ادا ڀلي لڳڻ- پرينءَ جي هجڻ جو هنڌ ڀلو لڳڻ) قَلب سين ٿِي ڪَربلا، بُت بِلاتو مَنجهه بَلا، ”پير پِريَن جِت ڀَلا، ڀُون بِلاشڪ سا ڀَلي“.

×   چار پير چُرڻ (ٿورو اڳتي ٿيڻ- ٿورو  اڳتي يا پوئتي ٿيڻ- ملاقات لاءِ واجهه وجهڻ) ”چَنگ چوري چانٺ تي، چُرجا نه چارڻ! چار پير“، اِيءَ چَڱي تان آهِه چالي، ٿو سَخي آن کي سَڏي.

×   ڇپر ۾ پير ڇنڻ (جبل جو پنڌ ڪرڻ- ڪشالا ڪڍڻ) هُجي ڪيچ ۾ ڪانڌ، ته ڪاڇي وَڃي ڪير؟ ”ڇَپر ڪَن نه ڇانئون، ڇِپن ۾ ڇِنان پير“.

×   حنائي هٿ پير هجڻ (سھڻا هٿ پير هجڻ- ڳاڙها هٿ پير هجڻ- سونھن ۾ سرس هجڻ) ”هَٿن، پيرن حِنائي ننھن، مُنوَر ماهه جھڙو مُنھن“، ڪَڪر وانگر وُٺيَس ڪاڪُل ڪِنارا، آءُ ته ڏيکاريانءِ.

×   رڪاب ۾ پير رکڻ (سفر لاءِ تيار هجڻ- سدائين سفر ۾ هجڻ) ’جيم‘ جِيئرن ۽ مُئن وِچ، وَئي لڳي ڪا تار تَند، تار سَنھڙي وار کان، دِيدار ۽ گُفتار بَند، ٿِي مَري تُون موءِ جھڙو، پوءِ پَراهُون ناهِه پَنڌ، ”رُوح جھڙس ساڻ ڀيڙو، پير رَکيو مَنجهه رِڪاب،“ هَي! هِتان جي ويا، نه آيو ڪنھن به جانيءَ کان جَواب، ڪوهه ڄاڻان ڪوٽ ۾، ڪِيئن ٿيو هَميراڻو حِساب!

×   قادر هٿِ، هٿ پير هجڻ (ڌڻي تعالى جي هٿ وس هجڻ- هر جيءَ تي قادر جي مالڪي هجڻ) ”تنھنجي هَٿ، هَٿ، پير منھنجا، ڪَن، اکيون، هَڏ، چَم، هِنيان”، تُون سَنڀالين سَربسر، قُربان قُدرت تان ٿِيان.

×   ڪاري تان پير پوَڻ (مصيبت ۾ ڦاسڻ- تڪليف ۾ پوَڻ) سَندم هِن سُونھن صُورت جو، سُڻايو سُومري کي جِن، ”پَوي تِن پير ڪاري تان، ڏِسن ڏَنگيَل نه ڏانگيئڙا.“

×   ڪري پيرين پوَڻ (منٿون ڪرڻ- ايلاز ڪرڻ- ڪوتاهيءَ جي معافي وٺڻ- محبت جو اظھار ڪرڻ) ڪُتو جي ڪيچ مان ڪوئي، اَچي گَهٽيون گُهمي مُون گَهر، ”پُنھونءَ جِي پِرت ڪَر تنھن کي، ڪِري پيرين پُوان آئون“.

×   ڪُن سان هٿ پير ملڻ (ڌڻي تعالى جي حڪم سان عضوا جڙڻ) ”ڪينَ کي ’ڪُن‘ سان ڏِنائين، پير، هَٿ، ڪَن، مَن، اکيون“، جِسم سارو جَس لھي ٿو، واهه ڙي، عُضوا اَندام.

×   ماهه ۽ پير حيوان جو کائي وڃڻ (لانجهو ٿي وڃڻ- ڪمزور ٿي وڃڻ- محبت ۾ ڪٺل هجڻ) ”ماهه، هَڏيون، پير مُون، حَيوان کائِي ويا حَبيب“، هاڻ سَرڪشَ، پَنھنجي سَڳ لئي، هِيءُ سَندم سِر کَڻ کِلي.

×   مٿي پير کڻڻ (سنڀالي هلڻ- سوچي سمجهي ڪم ڪرڻ) ”ڀَلي هيٺ هَل يا مَٿي پير کَڻ، نه ڪِٿ پير پَڳ پِرٿڻيءَ مان رَکڻ“، نه لوڪن جو ليکو چَلي ٿيو چَکڻ، خَلل کان نه خالي خَيالي اَياز.

×   موچارا پير پائڻ (پرينءَ جو اچڻ- محبوب جو ماڳ تي پھچڻ- ڀلا ڀاڳ ٿيڻ) ”مُبارڪ پير موچارا، مُحبَ جنھن ماڳ تي پائين“، اَچي تنھن خاڪ مان خوشبُوءِ، اگر، عَنبر، عَطر گهوريو.

×   نماز اندر هٿ پير پاڪ ٿيڻ (ڌڻيءَ در پاڪ صاف ٿيڻ- عبادت ۾ باوضو هجڻ) ”بَدن پاڪ، مُنھن پاڪ، هَٿ پير پاڪ“، اَڇا اڱ اِنسان اَندر نِماز.

×   وڏڙن جي نسل واري پير هٿ ۾ ڪوڏيءَ جي ڪسر نه هجڻ- ترڪيب (والدين سان مشابھت رکندڙ اولاد هجڻ) ... ”نَقل ساڳي، عَقل ساڳي، شَڪل ساڳي سَربسر، ”پير، هَٿ، نُنهن، وات، نَڪ، ڪنھن ۾ نه ڪوڏيءَ جِي ڪَسر“.

×   هٿ پير ۽ عضون جو پاڻ ۾ سلھاڙجڻ (قادر جي جوڙ هجڻ- عضون جو پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ- ڪنھن ڪم ۾ عضون جو گڏيل عمل هجڻ) ”آڱريون، گوڏا، گُريون، هَٿ، پير، هَڏ، چَم، هَنڌ هَنڌ“، هيڪ ٻي سان سَڀ ڪيَئي، سوگها سَلھاڙي سَنڌ سَنڌ.

×   هٿ پير پاڻھي هلڻ (جسم جو ڪم ڪرڻ) ”ته ٽِئي ڏينھن پاڻھي هَلن پير هَٿ“، نه روڪي سَگهن تِن جِي رَفتار کي.

×   هٿ پير پورا پار هجڻ (پار پتن ۾ سڌو هجڻ- سالم هجڻ- سالم ڄمڻ- پورو عڪس هجڻ) ’ڪاف‘ ڪَل ڪَئميرا جِي، ڪَم ڪَما حَقـهٗ ڪَمال، هِڪ وَٺي هَر هِڪ نه سَگهندو، ٻيو پَنجين ڏينھن پائمال، پَر اَکيون اَلله بَخشيون، جِنس جُملي جو جَمال، مَغز ۾ ڇاپينِ ڇا ڇا! دُور پَنڌان ڏيئي ڌَمال، ڄَڻڪ مَھندئي مَغز ۾ هو، مَيل تي ماڻھو ڪِ مال، ”مُنھن، مَٿو، هَٿ، پير پُورا پار، سَمجهي ڇا سَگهان!“

×   هٿ پير جو ڦڙي مان جڙڻ (نطفي مان انسان جو پيدا ٿيڻ- قادر جي حڪم سان پيدا ٿيڻ) پوءِ ڪيَئي پَيدا ڦُڙي مان، ”ٻاجهه سين ٻِي شَيءِ ٻِھار، پير، هَٿ، نُنھن، آڱريون، نَڪ، نيڻ نازن سان نِھار“.

×   هٿ پير ڇوليءَ ۾ ڇونڊ ٿيڻ (سِگهو گهور ٿيڻ) چَٽ ٿيئي سا چاڪرِي، ڀانيَم چِٽن تي جنھن کي چُونڊ، ”ڪَن، مَٿو، هَٿ، پير، هَڏ، چَم، هاڻ سَڀ ڇوليءَ ۾ ڇُونڊ.“

×   هٿ پير ڏسڻ (سونھن جو درشن ڪرڻ- حسن جو اندازو ڪرڻ) مِڙي مَرد مُنصف ويھن آس پاس، ”پَسي پير، هَٿ، پيٽ ڪَن پوءِ پاس“.

×   هٿ پير ڌار ڌار هئڻ (حوصلو نه رهڻ- ڪم تي دل نه چوڻ- بي حوصلو ٿيڻ) يار يا رَب! هيڪ تُون، ٻيا سَڀ زَباني يار يار، بار بارِي! ٻيا نه کڻندا، آزمايم بار بار، ”دوست ڇا؟ هَٿ، پير، سِر، ڌَڙ ڌُوڙ ۾ سَڀ ڌار ڌار،“ قَبر ڪارُونڀار ڀَر، منھنجو ڪَنبي ٿو وار وار، تُون نه سارين، ڪير ساري؟ سِير ۾ لھُه سار تُون. تُون نه ڏِيندين، ڪير ڏِيندو؟ ڏيھه جو ڏاتار تُون.

×   هٿ پير نه ٿيڻ (ڪجهه نه بچڻ- سڀ خاڪ ٿيڻ- مري خاڪ ٿي وڃڻ- ناس ٿيڻ) ”مِڙئي مِٽيءَ جو ڍير ٿيو، هَٿ پڻ نه هِن جو پير ٿيو“، مُشڪل فَرق ۾ ڦير ٿيو، اِيءُ آهِه ماڻھو يا مِٽي.

×   هٿ پير نه هجڻ (جسماني لاچار هجڻ- وڃي هڏڙا بچڻ) ”اڱرا اُگهاڙا ڇا ڍَڪي، هَٿ پير ويچاري نه ڪي“، ٿو ڏِيل مُون ڏِسندي ڏَڪي، سَگهجي سُڃاڻي هاڻ ڪِيئن.

×   هٿ پير نيرا ڪرڻ (سخت محنت ڪرڻ- رڱڻ جو ڪم ڪرڻ) ”هَٿن ساڻ هَٿ، پير نِيرا ڪيَم“، چَمن ۾ چَڱان چاڳ چِيرا ڪيَم.

×   هٿ پير هڪٻئي کان ٽٽڻ (فنا ٿي وڃڻ) ”هَٿ پير هِڪ ٻي کان ٽُٽا، تنھن جا ڇَنان ڇانيون ڇُٽا“، ڪَنڌيُن تي ڪانڊيرا ڦُٽا، سَگهجي سُڃاڻي هاڻ ڪِيئن.

×   هٿ پير هڻڻ (ڪوشش ڪرڻ- جاکوڙ ڪرڻ) ”جان حَياتي آهين تان، هَٿ، پير پَنھنجا هَڻ حَبيبَ“، آس ياري يارَ، رَک تُون، رَب يَگاني تنھنجي ۾.

×   هٿين پيرين ستاڙو هجڻ (سوگهو هجڻ- لاچار هجڻ- وس نه هلڻ) تُون قَوي، ڪَلتار، قادِر، آئون ڪُڄاڙو آهِيان؟ ڪُجهه نه بَنيَس، بَلڪه بَنيَل ۾ بِگاڙو آهِيان، ”مَنجهه حُڪم تنھنجي، هَٿين پيرين سَتاڙو آهِيان،“ ڪِيمَ ڪَر اُپٽار عَيبن، آئون اُگهاڙو آهِيان، ٻاجهه سان سِينگار ٻوکي، لُطف مان لاهيان نه آس.

×   هٿين پيرين هلاڪ هجڻ (هلڻ چلڻ ۾ ڏکيائي ڀانئڻ- مسڪيني حال هجڻ) ”پيٽ بُکيو، اَنگ اُگهاڙو، هُئين هَٿين پيرين هَلاڪ“، هُئي نه هيڏِي مال مَستي، اِيءَ به رَحمت رَب جِي.

حاصل مطلب/ نتيجو

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جون ڪافي حسناڪيون سمايل آهن، جن تي ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي. هتي ’پير‘ سان سلھاڙيل اصطلاحن جو جائزو ورتو ويو. سندس شاعريءَ ۾ لفظ ’پيرُ/ پيرَ‘ (واحد توڻي جمع) ڇاهتر (76) ڀيرا ڪم آندل آهي، جڏهن ته گرداني صورت (inflected) ۾ ’پيرن‘ ٻاويھه (22) ڀيرا ڪم آندو اٿس ۽ حرف جر جي ميلاپ سان ’پيرين‘ چار (4) ڀيرا سامھون اچي ٿو؛ جڏهن ته ’پيرو/ پيرا‘ به چار (4) ڀيرا آيو آهي. اندازي مطابق هڪ سَو ڇھه (106) لفظ ملي سگهيا آهن.

ٻوليءَ ۾ لفظن جي معنى جا ٻه رخ ٿيندا آهن، هڪ: لغوي/ اکري، ٻيو: سماجي/ اصطلاحي. مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ لفظ ’پير‘ سان سلھاڙيل اصطلاحن جي چونڊ ڪئي ويئي، جن کي معنى ڏيڻ جي ڪوشش ورتي ويئي ۽ سندس پورو شعر مثال طور ڏنو ويو، جنھن مان مراد واضح ٿي سگهي. سندس ڪليات مان اهڙا ڇھانوي (96) اصطلاح ملي سگهيا آهن. جڏهن ته ڏهه (10) لفظ، ساڳي معنى سبب ڇڏيا ويا آهن.

حوالا/ ذريعا

ü   الھداد، ٻوهيو، ڊاڪٽر (1978ع) سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

ü   جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (2021ع) سنڌي درسي اشتقاقن جي تشريحي لغت. محرابپور: ميم جيم پبليڪيشن.

ü   جوکيو، الطاف حسين (2009ع) سنڌي ٻوليءَ جي اهم اصطلاحي جزن جي تنقيدي اکيڙ. ايڊيٽر تاج جويو. سنڌي ٻولي: تحقيقي جرنل، 2 (3)، 106- 143. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

مددي ڪتاب

ü   بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1960- 1985ع) جامع سنڌي لغات {جلد 1 کان 5} سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

ü       رستماڻي ضرار، پروفيسر (2017ع) ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پھريون ۽ ٻيون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

ü       اصطلاحن جي معنائن ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي همراهي رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org