ڊاڪٽر ماريه جاويد بدوي
ڇا پڙهڻو آهي؟
ادب يا فلسفو؟ نثر يا شعر و شاعري؟ افسانوي ادب يا
تحقيق؟ ڪيئي سوال پر هر سوال کان اڳ هڪڙو سوال، ته
پڙهندڙ ڇا ٿو پڙهڻ چاهي؟
ڪتاب جو انتخاب ڪرڻ وقت هنن ضروري چند ڳالھين جو
خيال ڪرڻ مناسب رهندو ته، منھنجي دلچسپيءَ جو
موضوع ڪھڙو آهي؟ ڇا هن ڪتاب کي پڙهي، آءٌ پنھنجي
معلومات ۾ اضافو ڪري سگهان ٿو؟ ڪتاب جو مصنف يا
شاعر ۽ ڪتاب جو متن يا مواد وغيره وغيره.
ڪتاب جو انتخاب ڪرڻ دوران اِهو ضروري ناهي، ته
ڪتاب سؤ صفحن جو آهي يا ڏهن صفحن جو، قيمتي آهي يا
معمولي قيمت تي فروخت پيو ٿئي. انتھائي ضروري ۽
امر هيءَ ڳالھه آهي ته توهان پنھنجي موجوده
معلومات ۽ بصيرت و بصارت ۾ ڪيترو اضافو ڪري رهيا
آهيو؟
جيڪڏهن ڪتاب جو انتخاب موضوع جي اعتبار سان ڪيو
پيو وڃي، ته ڪوشش ڪري پسند واري موضوع تي موجود
مختلف شاعرن يا مصنفن جا ڪتاب ضرور پڙهو، ته جيئن
موضوع تي عبور حاصل ڪري سگهو ۽ هر پھلوءَ کان پڻ
موضوع تي تحقيق سوچ ويچار ڪيو.
مثال طور: ”مومل راڻو“ جي قصي تي ڪتاب پڙهڻ جو شوق
هجي، ته پوءِ تاريخي اعتبار سان تحقيق سان گڏوگڏ،
اهو قصو به ضرور پڙهجي،
ته جيئن اصل قصي کي تاريخ جي روشني پرکي سگهجي.
موجوده دور ۾ هڪ تبديلي جيڪا سڀني تبديلين جي جڙ
آهي، سا آهي
(Digitization).
جنھن دنيا جي منفرد رنگن کي ختم ڪري هڪ يڪسان
(Homogenous)
رنگ ۾ دنيا کي رڱي ڇڏيو آهي. جيڪو ڪنھن هڪ فرد کي
ڪرڻو آهي، سو سڀن کي ضرور
(Follow)
ڪرڻو آهي جنھن کي اسان هڪ خوبصورت لفظ پيا سڏيون
“Trending”،
جيڪو ڪجهه به نه، پر محض هڪ حَسين ڌوڪي جو نالو
آهي.
ڪتاب جو انتخاب ڪرڻ وقت به اسان تي
Trend Follow
ڪرڻ جو خيال پوري طرح حاوي هوندو آهي. مثال طور
جيڪو ڪتاب تمام گهڻو مقبول ٿئي ٿو، سڀ پڙهندڙ صرف
اُهو ئي ڪتاب پڙهندا. پوءِ ڀلي اُهو موضوع دلچسپي
وارو هجي يا نه هجي.
دنيا جي موجوده
Trend
کي
Follow
ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونھي، پر ”تقليد ۽ نقل“ بِنا پنھنجي
عقل کي استعمال ڪرڻ جي به ڪا عقلمندي ڪونھي. جيڪو
ڪتاب توهان جي دل کي وڻي يا توهان سمجهو ٿا ته، هي
ڪتاب پڙهي منھنجي سوالن جا جواب ملندا يا منھنجي
معلومات ۾ اضافو ٿيندو يا منھنجي پڙهڻ واري ڪاوش،
منھنجي جستجو جي روشنيءَ کي هڪ نئين راهه
ڏيکاريندي، ته يقيناً اُهو ئي ڪتاب اوهان ضرور
پڙهو.
موجوده دور ۾ تمام وڏي ترقي ضرور ٿي آهي، پر هڪ
ترقي پذير عمل به گڏوگڏ پيو هلي ته، ڪتاب جو
مطالعو ختم ٿيندو نظر پيو اچي! جنھن جو ثبوت هي
آهي ته، ڪتاب وڏي تعداد ۾ گهرن جي لائبريرين مان
نڪري ردي وارن وٽ فروخت پيا ٿين، جيڪو يقيناً هڪ
افسوس جو مقام آهي!
ڪتاب جو مطالعو انسان ۾ شعور پيدا ڪري ٿو ۽ ترقيءَ
جي راهه تي ثابت قدم رکي ٿو. پر جي ڪتاب جي مطالعي
جو شوق ۽ ذوق، جستجو ۽ چاهت ڪنھن فرد ۾ ختم ٿئي
ٿي، ته نه صرف هي انفرادي پر معاشرتي نفعي لاءِ به
مناسب ڪونھي.
جي اسان کي پنھنجي جسماني صحت کي برقرار رکڻو آهي،
ته روح جي صحت جو به خيال رکڻ گهرجي ۽ روح جي صحت
جو صدين کان گهرو تعلق ڪاغذن تي لکيل ڪتابن سان
رهيو آهي، جنھن ۾ ڪو شڪ ئي ڪونھي ۽ اِهائي هڪ
حقيقت آهي.
عرفان عباسي

شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ انسانيت جو تصور
شاھه عبداللطيف ڀٽائي رح نه فقط سنڌ جو عظيم شاعر
آھي، پر دنيا جي عظيم شاعرن ۾ به سندس مقام
مٿانهون آھي. ھو نه فقط فڪر جي لحاظ کان ھڪ مفڪر
جي حيثيت رکي ٿو، پر فن ۽ زبان جي لحاظ کان به
سندس درجو نھايت بلند آھي. سندس ڪلام ۾ فن ۽ فڪر
جو اھڙو حسين امتزاج ملي ٿو، جو اھا تميز ڪرڻ مشڪل
آھي ته، سندس عظمت جو راز، سندس اعليٰ فڪر ۾ لڪيل
آهي، يا فن جي لحاظ کان مڙني کان مٿاھون آھي.
فڪر جي لحاظ کان ھو اعليٰ مفڪر آھي ۽ زندگيءَ جو
ترجمان آھي. انساني زندگيءَ جو شارح ۽ انساني
جذبات ۽ احساسات کان پوريءَ طرح واقف آهي. ھو
پنھنجو مطلب سمجهائڻ وقت انساني مزاج کي مدنظر رکي
ٿو. اھو ئي سبب آھي جو عام و خاص سندس ڪلام کان
متاثر ٿئي ٿو ۽ ٻڌڻ سان بي اختيار ٿي وڃي ٿو. شاھه
صاحب جي عظمت جو وڏي ۾ وڏو سبب اهوئي آھي، جو ھو
انساني طبيعت موافق انساني جذبن ۽ احساسن مطابق
تمثيلون ۽ تشبيھون ڏيئي پنھنجي مطلب سمجھائڻ جي
ڪوشش ڪئي آھي. انھيءَ ڪري شعر ٻڌندڙ ۽ پڙھندڙ جي
دل تي وڏو اثر ڪري ٿو.
انسانيت مان مراد هر شخص آھي، سواءِ ڪنھن مذهب
قوم ۽ ملڪ جي تفريق جي. دنيا جو هر ھڪ ماڻھو قابل
احترام آهي ڇو ته هو انسان آهي. دنيا جي مذهبن ۾
به انسانيت جي احترام جو درس ڏنو ويو آهي. اهو چوڻ
غلط نه ٿيندو ته احترام انسانيت جو گڏيل ورثو آهي.
باهمي احترام ئي مهذب قومن جي ترقي جو راز ۽
امتياز آهي. ڪيتريون قومون ۽ ثقافتون صرف ان ڪري
قابل رشڪ بڻجي ويون جو ھو ھڪ ٻي جو احترام ڪنديون
ھيون، ۽ پنھنجي نئين نسل کي اخلاقيات سيکارڻ دوران
احترام جي اهميت تي زور ڏنو.
اسلام ۾ انسان کي اشرف المخلوقات قرار ڏنو ويو
آهي، ان جي عزت ۽ احترام ڪرڻ جو درس ڏنو ويو آهي ۽
انسان ھجڻ جي ناتي ان کي سڄي ڪائنات تي فضيلت ۽
برتري عطا ڪئي وئي آهي. انسانيت جو احترام اھا صفت
۽ خوبي آهي جنھن سان انسانيت جو تسلسل جڙيل آهي.
شرف انساني وقار جو مطلب احترام انسانيت آھي. شاھه
صاحب فرمائي ٿو:
اوَلِ اَلله عَلِيمُ، اَعلى عالَمَ جو ڌَڻِي
قادرُ پَنھِنجِيءَ قُدرَتَ سِين قائِمُ آھِه
قَدِيمُ
والِي واحِدُ وَحدَه رازِقُ رَبُ رَحِيمُ
سو ساراھِ سچو ڌَڻِي، چَئي حَمدَ حَڪِيمُ
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙَئُون جوڙَ جَھانَ جِي.
(سُر ڪلياڻ)
سڀ کان پھرين (تعريف جي لائق) الله آھي جيڪو سڀني
کان وڌيڪ ۽ سدائين ڄاڻندڙ آھي. جيڪو سڀني کان
مٿانھون ۽ سموري ڪائنات (جڳ جھان) جو مالڪ (مختار)
آھي. (فقط) اھو ئي پنھنجي طاقت ۽ قوت سان (ھر شيءِ
تي) قادر (قدرت وارو) آھي. اُھوئي ازل (جنھن جي ڪا
شروعات ناھي) کان محڪم ۽ موجود آھي. اُھو ئي مالڪ
يعني مولا آھي. جيڪو ھڪ ئي ھڪ آھي، لاشريڪ ۽ اڪيلو
آھي (ھن جھڙو ٻيو ناھي) اُھو ئي سڀني کي روزي
رسائيندڙ، پالڻ وارو ۽ ھميشه ٻاجهه وارو آھي.
ھن شعر ۾ شاھه صاحب الله تعالي جي تعريف ڪندي چيو
آهي ته عالم جي ڌڻي سموري ڪائنات جو ذڪر ڪيو آھي
جنھن ۾ سڀ انسان اچي وڃن ٿا.
سائِين! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌَ سُڪارَ
دوستَ! تُون دِلدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِين.
(سُر سارنگ)
اي مالڪ سائين، تون ئي سنڌ ملڪ کي سدائين سائو ۽
سرسبز، خوش ۽ خوشحال رک. اي مولا سائين، اي دلين
جا دوست، تون ئي سڄي جڳ جھان کي شاد ۽ آباد ڪر!
ھن شعر ۾ به لطيف سائين جيڪا سنڌ لاءِ سر سبز ۽
خوشحال رکڻ لاءِ الله تعالي کان دعا ڪئي آھي ھينئن
به چوي ٿو ته عالم سڀ آباد ڪرين ڪنھن خاص طبقي
لاءِ نٿو چوي بلڪ سڀني لاءِ چئي رھيو آھي.
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِرِي ڪِيائِين ڀيڄَ
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، سارنگُ چَڙهئو سيجَ
تِنھِ نُوڻِيُون سَڀِ نَوازِيُون، ڏَنَنِ ڏيئِي
ڏيجَ
ٻِجَ کَڻِي پَٽِ ھَلِئا، ھارِي مَنجهان ھيجَ
راضِي مَنجهان ريجَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ٿِيو.
(سُر سارنگ)
برسات جي اچڻ جا مانڊاڻ (آثار) وري ظاھر ٿيا ۽
وري وڏا وسڪارا ٿي ويا. کنوڻيون (بادلن ۽ ڪڪرن
منجهان) نڪري نروار ٿيون ۽ سارنگ سڀ سينگار ڪري
سامھون آيو. اھڙي برسات جي ڪري سڀ ھيٺانھيون ته
ڀرجي ويون پر مٿانھيون به محروم نه رھيون. ھاري
ماڻھو ڏاڍا سرھا ٿيا ۽ ٻج کڻي پٽن تي پوکڻ لاءِ
نڪري پيا. مينھن جي برڪت سان سڄو جڳ جھان خوش ۽
آباد ٿي ويو.
ھن ھنڌ تي به لطيف سائين مينھن جي وسڻ سان جيڪي
خوشحالي آئي ھارين وڃي پنھنجي زمينن ۾ ٻج ڇٽيا
سمورو جھان خوش ٿي ويو ھتي به سڀني جي خوش ھجڻ جو
ذڪر آهي نه ڪنھن خاص طبقي جو.
آءٌ جي ڏِيَئِين سَنيھَڙا، سي چَنڊ پَلئِه ٻَنڌُ
چَئِجُ حالُ حَبِيبَ کي، نَئِي نُوڙائِي ڪَنڌُ
تو تيڏاھِين پَنڌُ، عالَمَ جيڏَنھَ آسَرو.
(سُر کنڀات)
اي چنڊ، آءٌ تو کي جيڪي نينھن جا نازڪ نياپا پيو
ڏيان اُھي سنڀالي سوگها ڪري پنھنجي پاند ۾ ٻَڌ.
تون نھايت نھٺائي ۽ نوڙت سان منھنجي حبيب کي (سڄو
سربستو) احوال (گوش گذار ڪج) ٻڌائجانءِ. اي چنڊ
(تو کي خبر آھي) تو اُھا واٽ ورتي آھي، جنھن طرف
ھن سڄي جھان کي (شفاعت جو) آسرو ۽ اميد آھي.
ھن جڳھه تي به لطيف سائين چنڊ کي مخاطب ٿيندي چئي
رھيو آھي تون اھا واٽ ورتي آھي جنھن مان ھن پوري
جھان وارن کي شفاعت جو آسرو آھي ڪنھن خاص طبقي کي
شفاعت جو آسرو ناھي بلڪه پوري جھان وارن کي.
ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪِئو، عِشقُ اِيئَن ڪَري
جَنِ وھَڻَ نه ڏِنُسِ وَٽَ ۾، ٿِئا سَلامِي سي
نورِيءَ نازَ ڪَري، عالَمُ اِنعامِي ڪِئو.
(سُر ڪاموڏ)
سمي ڄام (جھڙي حڪمران) پنھنجي ڪلھن تي مڇيءَ وارو
ڄار کڻي رکيو (مڇيون مارڻ لڳو)، اھو سڀ عشق جي ڪري
ٿيو. (اھوئي عشق جو ڪمال آھي). جن جي ڀرپاسي ۾ ھُو
ھرگز ويھڻ وارو نه ھو، سي ئي سندس سلامي (مائٽ)
ٿيا. (درحقيقت) نوريءَ جي ناز سموري جھان کي بخشش
۽ معافي لائق بنائي ڇڏيو.
تِنھ کي ڪيرُ چَوَندو مي،
اِيءَ سَمي جا سَمَگَئِي
سَمي جي سُھاڳ جو مِينڍو ڳُتو مي
عالَمُ انعامي ڪِئو نوريءَ نازَ ڪَري.
(سُر ڪاموڏ)
ھُن (نوريءَ) کي ڪير مھاڻي عورت چوندو، جنھن کي
سمي ڄام (بادشاھ) پاڻ نوازيو ھجي. ھن سمي ڄام سان
قرب ۽ پيار جو (مضبوط) رشتو قائم ڪري ڇڏيو. ھن جي
پيار کي پنھنجي وارن (جي چڳن) ۾ سموئي ڇڏيائين.
نوريءَ جي انھيءَ ناز (محبت واري نازڪ انداز)
سموري دنيا جھان کي انعام اڪرام ۽ نوازشن جي لائق
بڻائي ڇڏيو.
ھن وائيءَ جي آخر ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جي ذات ڏانھن اشارو واضح آھي، جيئن
رومي پڻ ھڪ ھنڌ چوي ٿو:
باز گشته از دم او ھردو باب،
در دو عالم دعوت او مستجاب.
(دفتر ششم، 170)
معنى: ھن جي صدقي انسانذات لاءِ ٻنهي جھانن جا
دروازا کلي پيا. ٻنهي جھانن ۾ ھن جي دعوت کي
قبوليت جو شرف آھي.
ھن جڳھه تي به لطيف سائين نوري جو مثال ڏيندي چئي
رھيو آھي، ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن کي الله تعالي پاڻ نوازيو آھي. الله تعالي
جو ان قرب ۽ پيار جو مضبوط رشتو قائم آهي، ان ڪري
پوري دنيا جي انسانن کي انعام اڪرم ۽ نوازشن جي
لائق بڻائي ڇڏيو آھي. ڪنھن خاص طبقي کي نه بلڪه
سڀني لاءِ آھي. جيئن رومي به چئي رھيو آھي ته
انسانن لاءِ ٻنھي جھانن جا دروازا کلي پيا.
مٿي ڏٺوسين ته شاهه صاحب دعا ۾ ھدايت جي رستي تي
هلڻ ۽ نعمتن جي عطا ٿيڻ لاءِ سڀني انسانن کي شامل
ڪيو آھي اھو وڏي ۾ وڏو احترام انسانيت آھي جيڪو
لطيف سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ٻڌايو آھي. ان کي ئي
چئبو آھي انسانيت. ھاڻي سوال ھي ٿو پيدا ٿئي ته هن
وقت انسان هڪ ٻئي تي ظلم ڪري رهيا آهن، انسان ئي
ظالم آهي، انسان ئي مظلوم آھي، انسان انسان جو
دوست ۽ دشمن آهي، پاڻ جهڙن انسانن جي زندگيءَ ۾
زهر ملايو آهي. انسان ئي درد ڏئي ٿو، انسان ئي درد
۾ شريڪ آهي. انھن لاءِ به لطيف سائين ٻڌائي ڇڏيو
آھي.
آدِمِينِ اخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪَيو
ڪو نه کائي ڪَڏِھِينِ سَندو ماڻھُوءَ ماسُ
دِلِبَرَ ھِنَ دُنيا ۾ وَڃي رھندو واسُ
ٻِئو سَڀُ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھيڪَڙو.
(سُر بروو)
ماڻھن سچائي ۽ خلوص کي نه رڳو گهٽائي بلڪه ترڪ
ڪري ڇڏيو آھي، ايتري قدر جو ھڪڙو ٻئي جي گوشت کائڻ
کان به نٿو مڙي (ڪوئي ڪنھن تي ڪھل ئي نٿو ڪري). اي
دوست، ھن دنيا ۾ فقط ناموس نيڪيءَ وارو نالو ئي
وڃي باقي بچندو. اڪثر انسان ظاھري ڏيک ويک وارا
(خالي ۽ کوکلا) آھن، منجهن خلوص ۽ سچيءَ دل وارو
ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ھوندو.
اھڙن انسانن کان بچڻ لاءِ به لطيف سائين رستو
ڏيکاري ڇڏيو آھي.
چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجُ، ويڻَ ورائي سامُھان
ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجُ
ويڻَ مَ وَرَائيجِ، ته سَڀِ دَرِ سُھاڳِي ٿِئين.
(سُر آسا)
جيڪي توکي (گهٽ وڌ) چون ٿا، تون انھن کي به سامھون
موٽائي جواب ۾ گفتا نه ڪڍ، بلڪه تون پنھنجي ڪاوڙ ۽
غصي کي ھر روز ڪنھن قيمتي مشوري سان ٽاريندو اچ
(خاموشي اختيار ڪر). تون طعني واري ٻول ۽ گفتي کان
پرھيز ڪر ته تنھنجو ھر ھنڌ ۽ ھر ڪنھن وٽ عزت ۽ آڌر
ڀاءُ ٿئي. جيڪڏهن اسان لطيف سائين جي ان ٻڌايل واٽ
تي ھلنداسين ته ضرور اسان ھڪ ڪامل انسان بڻباسين.
تحقيق

رُباعي:
رُباعي عربي زبان جو لفظ آهي. موزون شاعريءَ جي
هيءَ دلڪش ۽ نازڪ صنف ٻين صنفن وانگر مشھور ۽
مقبول آهي، سنڌي، اردو، عربي، فارسي، سرائيڪي ۽
ٻين زبانن جي شاعرن رُباعي لکي آهي جن ۾ وڏو تعداد
صوفياءِ ڪرام جو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن سندن
رباعيات کي سھيڙجي ته يقيناً ”مرصاد العباد“ وانگر
تصوف ۽ سلوڪ جو هڪ مستند ڪتاب تيار ٿي سگهي ٿو.
رُباعي جا وزن (اوزان):
تاريخدان ۽ محقق انھيءَ راءِ تي متفق آهن ته حسن
قطان ئي اهو عروض جو ماهر هئو جنھن رُباعي جا 24
وزن مقرر ڪيا جن تي سڀئي شاعر رُباعيات لکندا پيا
اچن ۽ جن تي گهڻو ڪري شاعريءَ جي ڪا ٻي صنف لکي
ڪانه ٿي وڃي، شاعرن ۽ شاعريءَ جي شاگردن جي
معلومات لاءِ اهي وزن هتي ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان ته
جيئن نوان شاعر بھترين رباعيات لکن:
1.
|
مفعول مفاعيلن مفعول فعول. |
2.
|
مفعول مفاعيلن مفعول فعل. |
3.
|
مفعول مفاعيلن مفعولن فاع. |
4.
|
مفعول مفاعيلن مفعولن فع. |
5.
|
مفعول مفاعلن مفاعيل فعول. |
6.
|
مفعول مفاعلن مفاعيل فعل. |
7.
|
مفعول مفاعلن مفاعيلن فاع. |
8.
|
مفعول مفاعلن مفاعيلن فع. |
9.
|
مفعول مفاعيل مفاعيل فعول. |
10.
|
مفعول مفاعيل مفاعيل فعل. |
11.
|
مفعول مفاعيل مفاعيلن فاع. |
12.
|
مفعول مفاعيل مفاعيلن فع. |
13.
|
مفعولن مفاعيلن مفعول فاع. |
14.
|
مفعولن مفعولن مفعولن فع. |
15.
|
مفعولن مفعولن مفعول فعول. |
16. |
مفعولن مفعولن مفعول فعل. |
17. |
مفعولن مفعول مفاعيلن فاع. |
18. |
مفعولن مفعول مفاعيلن فع. |
19. |
مفعولن مفعول مفاعيل فعول. |
20. |
مفعولن مفعول مفاعيل فعل. |
21. |
مفعولن فاعلن مفاعيلن فاع. |
22. |
مفعولن فاعلن مفاعيلن فع. |
23. |
مفعولن فاعلن مفاعيل فعول. |
24 |
مفعولن فاعلن مفاعيل فعل. |
ڊاڪٽر محمّد معين سندس فرهنگ ۾ چوي ٿو ته،
رُباعی
شعری
دارای
چھار مصراع ھای
اول و دوم چہارم ھم فاقیہ
و بروزن
”لاَحَوَل وَلاَقُوةَ اِلاَّ باِللهِ“باشند،
بھرحال رُباعي جا وزن ڀلي 24 هجن پر اها چئين سٽن
کان وڌيڪ سٽن تي لکي نٿي سگهجي/يا لکڻ نه گهرجي.
مندرجه ذيل ڪجهه استاد شاعرن جون رُباعيون آهن، جن
جي پڙهڻ سان رُباعي جي جوڙجڪ وڌيڪ سمجهڻ ۾ ايندي ۽
ڪئين نوان خيال پڻ ملندا.
اللهج جو دلدار رسول عربيؐ
مخلوق جو مھندار رسول عربيؐ
مون طالب ديدار جو مطلوب آهي
ڪونين جو سردار رسول عربيؐ
(مخدوم طالب الموليٰ)
اخلاص جي راهن ۾ خدا کي ڳوليو
مفلس جي نگاهن ۾ خدا کي ڳوليو
بي لطف نمازن ۾ حضوري ناهي
مزدور جي آهن ۾ خدا کي ڳوليو.
(مخدوم طالب الموليٰ)
اي بارِ خداج رزق ۾ برڪت گهرجي
برڪت سان گڏوگڏ صحت گهرجي
هي دور زماني جو آهي نازڪ تر
هر طرح سان هر وقت ۾ عزت گهرجي.
(مخدوم طالب الموليٰ)
مخدوم جميل الزمان ”جميل“
ڪتاب: ”رباعيات جميل“ از: مخدوم جميل الزمان، طالب
الموليٰ
اڪيڊمي هالا،1433هه/2018ع، صفحا: ل، ن، س.
سرفراز راڄڙ

غزل
هي نيڻ تنهنجا ٿو ڄاڻي خدا،
ڏسين ٿو کلين ٿو ته مارين مٺا.
سدا موج مستي ۾ آن تون مگن،
هر قدم تي ڪرين ٿو قيامت بپا.
هتي هي هڙئي سندءِ سونهن تي،
پيا ايندا پيا ويندا پيا ٿيندا فدا.
وڇوڙو ته هاڻي ٿو ماريو وڃي،
مٺا يار جاني نه ٿي تون خفا.
ايڏا درد دلبر ڏنا جي اٿئي.
اچي درد دل ڪري وڃ دوا.
ڏسيو تنهنجون راهون ڏسي پيو ”فراز“،
ڪري عشق تنهنجي ڇڏيو هي فنا.
عنايت بلوچ

غزل
نظر ملندي ئي شرمائي نه وڃجان،
اچين سامهون ته گهٻرائي نه وڃجان.
نه ڏوراپا، رُساما يا ميارون،
رڳو اچجانءِ، پرچائي نه وڃجان.
نوان ناسور ٿيندا، زخم چِڪندا،
پراڻو پيار ورجائي نه وڃجان.
جفائن کي ڀلي جاري رکيون اچ،
اِنهي بازيءَ ۾ هارائي نه وڃجان.
گرم ساهن ۽ سُڏڪن ساڻ سانڀيل،
لڙهيءَ ۾ لُڙڪ پارائي نه وڃجان.
”عنايت“ انتظارن ۾ ئي رهندو،
قيامت تائين ترسائي نه وڃجان.
ادل سومرو

غزل
محبتن جي ها متن جا قافيا،
نيڻ تنهنجا ڄڻ بدن جا قافيا.
تنهنجو چهرو چاندني آ ديس جي،
تنهنجا ابرو ڄڻ وطن جا قافيا.
استعارو عشق جو آھي اروڙ،
مست سان گڏ ها مدن جا قافيا.
موت آھي ٿي ويو تنهنجو رديف،
تون پيو ڳولين ڪفن جا قافيا.
ديوتا آھن ويا هن کان رسي،
جو پيو ميڙي ڀڄن جا قافيا.
جهالرون جهمپير جون ڄڻ شاعري،
درد مان اڀريا حسن جا قافيا.
شاعري ڪڪرن تي آھي مون لکي،
گيت ۾ پڌرا گگن جا قافيا.
روبرو توکي ويهاري ٿو پڙھان،
پيار جي پهرين وچن جا قافيا.
سمنڊ کان اڳتي رڳي هئي شاعري،
ساحلن تي ها بدن جا قافيا.
جيل ۾ هيمونءَ لکيو هو گيت ڪو،
جنهن ۾ ها دارو رسن جا قافيا.
شاھه جي آھن رسالي ۾ رڳو،
جاڳ جي جيئري جتن جا قافيا.
عاشقيءَ جو ھر اکر سنڌو ندي
{ سنڌو نديءَ کي ڀيٽا }
ساڌٻيلو ھي سکر سنڌو ندي،
ساھ جو ھڪڙوئي گهر سنڌو ندي.
سرڳ جي وادين منجهان گذران پيو،
آھي مون سان ھمسفر سنڌو ندي.
ٿو ڪري ڪيلاش جهڪندي آجيان،
آھي ديوي معتبر سنڌو ندي.
ھوءَ جتان گذري اُجالا ٿي وڃن،
روشنيءَ جو رھگذر سنڌو ندي.
ھن جي پوڄا ۾ رھن ٿا وڻ پکي،
ھي ترندڙ ڄڻ مندر سنڌو ندي.
گنگا جمنا، نيل جا قصا عظيم،
ھا کڻان ٿو مان مگر سنڌو ندي.
سونهن جا رستا نه ٿو روڪي سگهين،
ٽوڙيندي ھرڪو سنگهر سنڌو ندي.
ماءُ جي ڳوڙھن جيان آھي اتم،
سنڌ جو امرت پگهر سنڌو ندي.
پيار جو اظهار ھن سان ٿو ڪجي،
عاشقيءَ جو ھر اکر سنڌو ندي.
ڊاڪٽر نواز علي شوق

جهيڙو ڇڏيو جانبؤ
جهيڙو ڇڏيو جانبؤ، جهيڙو آهه خراب،
عذاب ئي عذاب، جهيڙاڪر لئه جڳ ۾.
جهيڙو ڇڏيو جانبؤ، جهيڙي ۾ نقصان،
شوم ڪو شيطان، ويڙهائي ٿو خوش ٿئي.
جهيڙو ڇڏيو جانبؤ، چڱي ڳالهه مڃو،
ڀلا ڀائر ٿي وڃو، ڀلي آهي ڀائپي.
جهيڙو ڇڏيو جانبؤ، ٻيلي ٿيو ڏاها،
وڙهي نه ٿيو ماها، سياڻا ٿيو سپرين.
جهيڙو ڇڏيو جانبؤ، کائو ڪائي ڪَسُ،
بيشڪ رَسُ ۽ چَسُ، ڀلي آهي ڀائرو.
جهيڙو ڇڏيو جانبؤ، جهيڙي ۾ آ ڇا رکيو؟
ڪيو ٿا پاڻ ڏکيو، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪري.
جهيڙو ڇڏيو جانبؤ، جهيڙو آ خنّاس،
تنجا جهڳا ٿي ويا ناس، جنين جهيڙيو پاڻ ۾.
جهيڙو ڇڏيو جانبؤ، جهيڙو آهه گناهه،
ڌڻي ڏئي پناهه، جهيڙي جو منهن جهنگ ڏي.
جهيڙو ڇڏيو جانبؤ، جهيڙو آهه پليد،
ڪو لعنتي يزيد، ويڙهائي ٿو وجهه سان.
خادم حسين علوي

غزل
بلاشڪ آ جيءَ جو جيارو ملي ويو،
مٺو ۽ سٺو دوست پيارو ملي ويو.
اڱڻ نيٺ آيو مٺو يار جاني،
نصيباً آ دلبر نيارو ملي ويو.
گهري مون دعا سا ته مقبول ٿي وئي،
دلِ مضطرب کي سهارو ملي ويو.
حَسين آهي دلبر چوان برملا ٿو،
بلاشڪ اکن جو آ تارو ملي ويو.
دل ناتوان کي ملڻ جو يقين آ،
اِهو ڄڻ ته دل کي اشارو ملي ويو.
ڏين دلربا جي دلبريءَ جو قسم ٿا،
نصيباً نصيب آ سگهارو ملي ويو.
صبا مون کي تنهنجي اچڻ جو ٻڌايو،
”ملئين تون ته سنسار سارو ملي ويو.“
ڀلا ڀاڳ منهنجا گهريم جو ملي ويو،
سڄڻ دوست دلبر پيارو ملي ويو.
ڪئي مهر مولا سڻائي ٿي ”همدم“،
بلاشڪ ته دل جو دلاور ملي ويو.
وسيم سومرو

غزل
نڪري لٿي آ ڳل تي لفظن منجهان چمي،
ڄڻ بوند ٿي ڪِري آ ڪڪرن منجهان چمي.
ڪنهن ماڪ ٿي چيو ۽ ڪنهن لڙڪ ٿي چيو،
محسوس پر ڪئي مون پن پن منجهان چمي.
نڪتي جڏهن ڦڙيءَ جيئن هئي سِپ جهٽي وتي،
ڪنهن جو ٿي ڀاڳ نڪتي چپڙن منجهان چمي.
هن سرد مند ۾ جي ساهن جي ٻاڦ ڏين،
ٺاهي سگهان ٿو بيشڪ اکرن منجهان چمي.
هيءَ ڇير جيئن ڇم ڇم ٿي سانت ۾ ڪري،
وک وک تي ڄڻ ڇڻي ٿي پيرن منجهان چمي.
ڌاڳو چپن سان لائي تو گج تي رکيون،
چونڊي کنئي مون هڪڙي موتين منجهان چمي.
ڀاڪر جڏهن ڀريو تو مونکي اڪير سان،
اڀري چپن تي ڦٿڪي ساهن منجهان چمي.
جا مون ”وسيم“ هن کي ميلي ۾ هئي ڏني،
چمڪي سا آئي ٻاهر چُوڙين منجهان چمي.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل

ڳوڙها ڇاڻي، سڏڪا ميڙي آئون اچان ٿو،
پنهنجي غم کي، ويڙهي سيڙهي آئون اچان ٿو.
آگَمَ جهڙيون اکڙيون نديءَ ڪناري تان،
ترس پڄائي، او هُن ڇيڙي آئون اچان ٿو.
ننڍپڻ کان ئي عشق اسان وٽ ترسيل آ،
اُن سان گڏجي، رنگ وکيڙي آئون اچان ٿو.
دوست بنان ڪو زنده آهي ڪير مڃيندو؟
پو به پکين جيان، کنڀ کنڊيڙي آئون اچان ٿو.
جَڳَ وارن کي مرڪون گهرجن،ٽهڪ کپن،
انگُ انگُ پنهنجو پاڻَ اڊيڙي آئون اچان ٿو.
تنهنجو هي ”مشتاقُ“ ڇا ڄاڻي نفرت مان؟
شَهرُ وڏو آ، پيارُ پکيڙي آئون اچان ٿو.
عاجز ڪريمُ پوري

پيارَ جي پنهنجي آهي خوشبوءِ....!
روحَ جا رشتا! لوهه تي لِيڪا،
باقي تعلق، وقتي ٺيڪا!!
پيارَ جي پنهنجي، آهي خوشبوءِ،
موهي ماڻهو، سونَ سَريڪا!!
رَتَ جا رشتا، جِگري رشتا،
باقي سڱ سڀ، هَلڪا ڦُلڪا!!
پيارَ سَخير آ، اِنسانيَت جو،
بَرحق جنهن کي آهي بَقا.
پيارَ ڪيو ڏِسُ! پارُ دَرياءَ آ،
پيارَ وَفا جي جيءَ جَڙاڪا.
پيار رکي ٿو سوچَ جمهوري،
پيارَ ۾ آهن دوستَ ڌڻيڪا!!
پيارَ وَڻايو، پاڻ کي آهي،
پيارَ جا پنهنجا طورَ طريقا.
قُربُ ڪَمايو جِن آ جڳَ ۾،
ماڻهو آهن بفس سي بانڪا!!
پيار جيونَ جي سونهن آ ”عاجز“،
پيچَ پريت جا، جنهن ۾ پَڪا!!
شميم سومرو

غزل
وقت جي بيرخي ڇا چوان،
توکي اي
زندگي!
ڇا چوان.
ٿي ڏينهون ڏينهنُ گهٽبي وڃي،
عِلمَ جي روشني ڇا چوان.
درد
ٿئي ئي نه ٿو پَلُ پري،
اهڙي آ دل لڳي ڇا چوان.
ويا ٽٽي سڀ ڀرم
پيار جا،
ناهي ڪائي خوشي ڇا چوان.
ڏي نه هاڻي
ميارون ”شميم“!
تو ۾ هئي ڪا ڪَمي ڇا چوان.
وائي
سانگييئڙن جي سارَ....،
من ۾ مچ ٻَري ٿو پيو،
منهنجو روح رڙي ٿو پيو.
جوڳييئڙن جي ڪاڻِ،
سڏڪا ساھُه ڀَري ٿو پيو،
منهنجو روح رڙي ٿو پيو.
هَرِ پَلِ هاڻي هانءُ،
ڳڻتين منجهه ڳَري ٿو پيو،
منهنجو روح رڙي ٿو پيو.
يادن جو ڪو عڪس،
نيڻن ۾ ”شميم“ تَري ٿو پيو،
منهنجو روح رڙي ٿو پيو.
عابد نياز ميمڻ

غزل
صداقت اڌوري رھي ٿي ھميشه،
عنايت اڌوري رھي ٿي ھميشه.
رياضت اڌوري رھي ٿي ھميشه،
حقايت اڌوري رھي ٿي ھميشه.
ھتي جاءِ ھر ھنڌ غريبن مٿان ڇو،
رعايت اڌوري رھي ٿي ھميشه.
ڪھاڻي ھتي نيٺ پوري ٿئي ٿي،
محبت اڌوري رھي ٿي ھميشه.
خيالن جي وچ ۾ رھن وسوسا پوءِ،
عبادت اڌوري رھي ٿي ھميشه.
سچائي ڀلائي سٺي ڪم جي ھر جاءِ،
حمايت اڌوري رھي ٿي ھميشه.
نه ڪا ڳالهه ”عابد“ ٻڌي ٿو تڏھن ته،
شڪايت اڌوري رهي ٿي هميشه.
امداد سروري

غزل
اسان جو تذڪرو هوندو،
اکين ۾ وهڪرو هوندو.
مون کي معلوم آ مٺڙا،
دنيا ۾ سوجهرو هوندو.
جيڪا مون پوک پوکي آ،
ذڪر ڀي اوترو هوندو.
منهنجي خاموش بت اڳيان،
صنم پو روبرو هوندو.
خدا جي هن خدائيءَ ۾،
ڪو پنهنجو اوپرو هوندو.
اسان گم ٿي جي وينداسون،
نه ڪنهن کي آسرو هوندو.
”امداد“ جو درد دلين ۾،
الائي ڪيترو هوندو.
رجب ٻگهيو

غزل
رات به پنهنجا رنگ رکي ٿي، سوچيو ٿَئِي،
وارن جھڙا ونگ رکي ٿي، سوچيو ٿَئِي.
ھوءَ رسي يا پرچي ٿي پر نازن سان،
ڏات به ڪيڏا ڏنگ رکي ٿي، سوچيو ٿَئِي.
سوڙھه لتاڙي رستن جي تو پيار ڪيو،
توسان پو ڀي دنگ رکي ٿي، سوچيو ٿَئِي.
ظاھر توڙي گل رکي ٿي آجيان ليئ،
دل ۾ سوچي سنگ رکي ٿي، سوچيو ٿَئِي.
معشوقيءَ جا خواب وساري آجي ٿي،
عاشق جھڙا انگ رکي ٿي، سوچيو ٿَئِي.
مرليون ، بينيون ساز وڄايئي ساجن ليئ،
دلڙي چاھت چنگ رکي ٿي ، سوچيو ٿَئِي.
سونهن سوايئي سرتي پنهنجي ڌرتي سا،
نگري نگري ننگ رکي ٿي، سوچيو ٿَئِي.
رياض ڏاهري

ڪافي
نه ٿو ڏينهن ڏسي، نه ٿو رات ڏسي،
هيءُ عشق نه ڪنهن جي ذات ڏسي.
هتي هوش عقل سڀ بي معنيٰ،
۽ مال و دولت بي معنيٰ،
اهي عهدا منصب بي معنيٰ،
نه ٿو ڏاهپ ۽ ڪا ڏات ڏسي.
هن رمز ۾ جنهن جو روح رچي،
بي خود ٿِي تَنهن جو نينهن نچي،
ٿو بڻجِي پتنگ اچِي پاڻ پچي،
جت برھه واري ٿو بات ڏسي.
هلي ”رياض“ آيا ڪيئي هارجي ويا،
هِن واٽ مٿي سي وارجي ويا،
مهمير هئا پر مارجي ويا،
هر منزل ٿِي هت مات ڏسي.
گل محمد ”گل"
سومرو

غزل
سِنڌوُ جي سِير تي سوديبازي ڪانه ڪبي،
ماتا جي کير تي سوديبازي ڪانه ڪبي.
هي پاڻي کير آ کير ته پنهنجو پير آ،
کير تي يا پير تي سوديبازي ڪانه ڪبي.
موج- مهراڻ ۾ ٿي موج ڪري هُو مورتي،
مُورتي تصوير تي سوديبازي ڪانه ڪبي.
هُو ونجهه هَڻي هڻي مِير ٿيو آ مهراڻ جو،
مهراڻ جي مير تي سوديبازي ڪانه ڪبي.
ڀِتر ڀِتر ڀُونءَ جو ساٿي جيون ۽ موت جو،
شڪتِي ۽ شَرير تي سوديبازي ڪانه ڪبي.
ماءُ جي گود لئه ٿو نير وهائي نينگر،
نينگر جي نِير تي سوديبازي ڪانه ڪبي.
اي سوداگر ٻُڌ! سودو آ سِرَ جو سِرَ تي،
پَڪَ ڄاڻ ضمير تي سوديبازي ڪانه ڪبي.
ڪيئي ”گل“ ڦٽندا خوشبودار زمين تي پر،
عطر ۽ عنبير تي سوديبازي ڪانه ڪبي.
ڪوثر سوز

غزل
ڪانئر جي ڪردار تي آڱر کڻو،
سنگلدل سردار تي آڱر کڻو.
آپگهاتي ڪو ڌماڪو آ ٿيو،
ڪنهن سهولتڪار تي آڱر کڻو.
جيڪا مسڪينن مٿان گذري پئي،
منگاهيءَ جي وار تي آڱر کڻو.
ٻاهر جيڪي زور تي نڪرن نٿا،
انهن جي سهڪار تي آڱر کڻو.
جيڪو پاپيءَ جي ڪري ٿو پيروي،
انهي پيروڪار تي آڱر کڻو.
ٻيا به آهن ڪيترا غدار پر،
ڌرتي جي غدار تي آڱر کڻو.
جنهن جي هوندي روز چوري ٿيو وڃي،
اڄ ته چوڪيدار تي آڱر کڻو.
جيڪو راڻي کي گڏي ملهار سان،
انهي موسيقار تي آڱر کڻو.
وڏا ماڻهو وڏيون غلطيون ٿيو وڃن،
ڪيئن ٿا ننڍڙي ٻار تي آڱر کڻو.
منزلن کي هن منجهائي آ ڇڏيو،
قافلي سالار تي آڱر کڻو.
سچ ڳالهائي ته ان کي مان ڏيو،
تڪڙي طرفدار تي آڱر کڻو.
ڪير قاتل کي ڇڏايو ٿو وڃي،
ان جي مددگار
تي آڱر کڻو. |