مختيار احمد ملاح

برطانوي حڪومت جي سنڌ ۾ ادب، ٻولي ۽ پريس بابت
پاليسي
انگريزن، مغلن جي دور ۾ تجارتي مقصدن سان هندستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو
قيام عمل ۾ آندو، پر سندن سرگرميون تجارت کان اڳتي
وڌندي، سياست ۽ پوءِ ملڪ تي قبضي طرف وڌڻ لڳيون.
ٽالپرن جي دور تائين انگريز ننڍي کنڊ جي ٻين اٽڪل
سڀني قومن کي شڪست ڏئي پنھنجي حڪومت قائم ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿي ويا هئا. نتيجي ۾ ننڍي کنڊ ۾ انگريز
واحد وڏي طاقت ٿي اڀريا. ان ڪري هنن سنڌ کي حاصل
ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا. پھريائين هنن
پروپيگنڊا وسيلي برطانيه جي عوام کي اهو تاثر ڏنو
ته سنڌ مالي طور تي، هڪ شاهوڪار ملڪ آهي جتي تمام
گهڻو خزانو موجود آهي. اتان جي اميرن جا محل هيرن
جواهرن سان ڀريل آهن. جيڪڏهن انھن تي قبضو ڪيو ويو
ته ان مان نه فقط ايسٽ انڊيا ڪمپني کي وڏو فائدو
حاصل ٿيندو، پر ان سان گڏوگڏ برطانيه جي عوام ۾
خوشحالي ايندي.
ٻئي طرف انگريزن سنڌ جي پاڙيسري ملڪن ۽ ننڍي کنڊ
جي ٻين قومن ۾ اهو تاثر پيدا ڪيو ته، سنڌ جا
حاڪم جابر، جاهل، تنگدل ۽ تعصب رکندڙ آهن. هنن
پنھنجي دعوى کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي
ڪھاڻيون ٺاهي ورتيون، انھن ڪھاڻين ۾ نائون مل جي
پيءُ جي طهر واري ڳالھه پڻ شامل هئي. ٽئين طرف وري
انگريزن سنڌ جي ميرن سان جيڪي تجارتي ۽ سياسي
عھدناما ڪرڻ شروع ڪيا، تن جو مقصد اهو هو ته
تجارتي سرمائي وارين ٻين اجاره دار ڪمپنين وانگر
سمنڊ پار جي ملڪ جي پيداوار توڙي خام مال تي
پنھنجي هڪ هٽي قائم ڪري وڌيڪ منافعو ڪمائجي. اهڙي
طرح انگريز واپاري طبقي کي به پاڻ سان آسانيءَ سان
ملائي چڪا هئا. ڇاڪاڻ ته ميرن جي سڄي نظام حڪومت ۾
جاگيردار قوتون اقتدار ۽ سياسي سگهه تي قابض هيون.
ان کان علاوه ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو سنڌ جي سياسي
۽ تجارتي ڌرين تي اثر وڌي چڪو هو“.(1)
18 فيبروري 1843ع تي مياڻي جي ميدان ۾ انگريزن
جون فوجون ۽ مير نصير خان جون فوجون آمھون سامھون
ٿيون. هن جنگ ۾ خود ميرن کي پنھنجن به مدد نه ڪئي.
مير صوبدار هن جنگ ۾ جانبداري جو مظاهرو ڪيو. ميرن
جي فوج ۾ هوش محمد شيدي بھادريءَ سان وڙهيو ، هن
انگريزن کي للڪاريندي چيو ته ”مرسون مرسون سنڌ نه
ڏيسون“. ٻن ڏينھن جي اندر ميرن جي شڪست ٿي. 18
فيبروري 1843ع تي مير، انگريزن وٽ پيش پيا.
انگريزن حيدرآباد تي قبضو ڪيو ۽ 21 فيبروري 1843ع
تي انگريزن جو جهنڊو ”يونين جيڪ“ (Union
Jack)
قلعي تي چاڙهيو ويو. انگريزن جي فوج سرچارلس
نيپيئر جي سربراهي ۾ آزاد سنڌ کي غلام بنائي
ڇڏيو.
قبضي کان پوءِ سنڌ ۾ هنن چئن طريقن ۾
حڪومت ڪئي. پھرئين دور ۾ سنڌ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ
جي حوالي هئي ۽ سنڌ کي هندستان جي گورنر جنرل جي
حڪمرانيءَ ۾ صوبائي حيثيت حاصل هئي. ان دور ۾ سر
چارلس نيپيئر کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽
ٻئي دور ۾ سنڌ تي گورنر جنرل چارلس نيپئر کان
بارٽل فيريئر جي ڪمشنريءَ جي 1837ع تائين حصو
رهيو. ٽيون دور بمبئي
پريزيڊنسيءَ جي هيٺ
ڪمشنري دور هو، جنھن ۾ 1847ع کان 1857ع تائين
واڳون ايسٽ انڊيا جي بورڊ آف ڊئريڪٽرس جي حوالي
هيون. ان کان پوءِ واڳ برطانوي بادشاهه جي حوالي
ڪئي وئي. 1857ع کان 1936ع تائين سنڌ سڌي ريت بمبئي
پريزيڊنسيءَ جي اختيار هيٺ
رهي. ڇوٿون دور 1936ع کان 1947ع تائين هليو ۽ هن
دور ۾ سنڌ هندستان جي صوبي طور رهي.
پوري هندستان جي حڪومت بادشاهه شھنشاهه جي اختيار
هيٺ هوندي هئي، جو لنڊن ۾ رهندو هو.“.(2)
انگريزن سنڌي سماج، ٻولي ۽ ادب مختلف
حربا هلايا، هنن سرڪاري نوڪرين سميت علم، ادب جي
ترقيءَ ۾ پنھنجي مفادن خاطر حصو ورتو. هتي
انگريزن جي پاران ڪيل ڪوششن جو مختصر جائزو ڏجي
ٿو:
سنڌيءَ
کي سرڪاري ٻولي جو درجو
انگريزن
کان اڳ تاريخ جي ھڪ وڏي عرصي کان فارسي سنڌ جي
سرڪاري ٻولي ھئي. سڄي سنڌ جو تعليمي نظام فارسي ۽
عربي ميڊيم ۾
هلندڙ ھو. ملڪ جي سرڪاري لکت پڙھت فارسيءَ ۾ ٿيندي
ھئي.
اپريل
1848ع
۾ بمبئي جي گورنر جارج ڪلرڪ
واضح طور تي اعلان ڪيو، ته سنڌ ۾ سرڪاري زبان سنڌي ھوندي. 1853ع ۾ الفابيٽ جي نفاذ
کان پوءِ
سرڪاري زبان طور ڪورٽن، روينيو کاتي، پوليس ۽ ٻين
عام واسطي وارن ڪمن ۾ سنڌيءَ ۾ لکت پڙھت کي لازمي
قرار ڏنو ويو. نه صرف ايترو پر، پرڏيھي آفيسرن
لاءِ سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ واسطي،
سنڌي زبان ۾ امتحان پاس ڪرڻ به لازمي ڪيو ويو. سنڌ
۾ ڪم ڪندڙ ڪليڪٽرن کي خط لکي هدايت ڪئي وئي ته
پنھنجي پنھنجي حدن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي
يقيني بنائين. ان سلسلي ۾ پروفيسر عبدالله مگسي
لکي ٿو ته ”هن طرح سان انگريزن سنڌي ٻوليءَ جي
حيثيت کي تسليم ڪندي،
هتان جي عوام جي ثقافتي تشخص جي مقامي قدرن ۽
تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو، ڇاڪاڻ ته ٻولي ڪنھن
قوم جي ثقافت جو بنياد ۽ ان جي فروغ جو اهم ذريعو
هوندي آهي، ان ڪري تاريخ ۾ پھريون دفعو هتان جي
عوام وچ ۾ ٻولي جي ذريعي تخليقي رشتا قائم ٿيا. اُترادي،
لاڙي، ٿري ۽ ڪوهستاني ماڻھو جيڪي هن کان اڳ ثقافت
جي مختلف درجن تي پھتل
هئا، تن جي وچ ۾ مضبوط رابطو قائم ٿيو. مختلف نسلي
۽ قبائلي گروهن، جن جون ثقافتي معاشرتي تاريخون،
سندن لباس، عادتون ۽ روايتون هڪ ٻئي کان بلڪل جدا
۽ مختلف هيون، تن ۾ زبان جي ڪري قومي وحدت، قومي
انداز فڪر ۽ سندن طرز زندگيءَ ۾ ثقافتي هڪجھڙائي
پيدا ٿي“.(3)
جديد ۽ سنڌي ميڊيم
تعليمي نظام جو اثر
انگريزن هتي جديد علم متعارف ڪرايا. هتان جي عوامي
سھڪار سان نوان اسڪول، ڪاليج کلي پيا، جن ۾
انگريزي زبان سان گڏ سنڌي زبان به وڏي ترقي ڪئي.
يورپ جي سائنسي علمن سان هتان جي عوام کي واقفيت
ٿي جنھن تحت هتان جا ماڻھو جديد تعليم وٺڻ لڳا.
انگريز سرڪار سنڌي ٻوليءَ لاءِ تعليمي پاليسي ۽
جامع رٿا تيار ڪئي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ منتخب رسم
الخط مقرر
ڪئي وئي، مادري ٻولي سنڌي
۾ تعليم ڏيڻ لاءِ
حڪم
نامو
جاري
ٿيو،
سنڌي سرڪاري ٻوليءَ جي درجي تي پھچڻ
سان اسڪولن کولڻ لاءِ فنڊ رکيا ويا. بمبئي
پريزيڊنسيءَ ۾ هلندڙ سرشتي مطابق سنڌ ۾ شروعاتي
تعليم ستين درجي تائين سنڌيءَ ذريعي ۽ تنھن کان
پوءِ مٿين درجن ۾ انگريزي ميڊيم ذريعي ڏيڻ جو
فيصلو ڪيو ويو.
ھتي جديد علم متعارف ڪرايا ويا.
سنڌ جي تعليمي نظام سان معاشري ۾ پڻ واضح طور
تبديلي آئي.
·
سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ سان نوان سائنسي، سماجي،
معاشي، معاشرتي، ادبي، ۽ ٻيا اصطلاح سنڌي زبان ۾
شامل ٿيڻ سان سنڌي ٻوليءَ جي لفظي ذخيرن ۾ اضافو
آيو.
·
نوان علم متعارف ٿيڻ سبب، انھن جا سنڌي زبان ۾
ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا. مادري ٻوليءَ جي ڪري ماڻھن کي
سمجهڻ ۾ آساني پيدا ٿي پئي.
·
مادري ٻوليءَ ۾ تعليم جي ڪري ئي نظم، نثر، هنر
وغيره جي ڪتابن لکڻ ۾ سهولت پيدا ٿي پئي.
·
سنڌي ٻوليءَ
۾ تعليم ڏيڻ سان، اعليٰ تعليم جي سکيا سان بحث
ڪرڻ جو جواز پيدا ٿيو ۽ وطني حب وڌي.
·
آفيسن ۾ قاعدا، قانون، فرياد ، سرڪاري رڪارڊ وغيره
هر ماڻھو کي سمجهه ۾ اچڻ لڳا.
·
ڏيھي ٻوليءَ ۾ تعليم سان سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريزي،
فارسي، عربي ۽ ٻين ٻولين مان ادبي شھپارا
ترجمي جي صورت ۾ عوام الناس تائين پھتا.
·
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ سميت مترجمن
لاءِ انعام رکيا
ويا، سنڌ ۾ تعليم
کاتو قائم ٿيو، اسڪولن ۾ نصاب لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾
ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا، تعليم کاتي
۾ ترجمو سيل
(Translation Cell)
قائم
ٿيو، سنڌي زبان جي ترقي ۽
واڌاري لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي،
سنڌي ڪتابن جي
ڇپائيءَ لاءِ ڇاپخانا قائم ڪيا ويا، سنڌي زبان جو
وياڪرڻ(Grammar)
۽
لغتون
(Dictionaries)
لکرايون
ويون“.(4)
پنھنجي مفاد خاطر ترجمو ڪيل ادب
انگريزن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري درجو ڏنو. هنن خاص ادب تخليق ڪرايو
يا ترجمو ڪرايو، جن ۾ وفاداري، تابيعداري ۽ بعيت
وارو لاڙو هو. انھن ڪتابن جي ليکڪن ۽ مترجمن کي
خاص معاوضا ڏنا ويندا هئا. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ
لکي ٿو ته ”حاڪم قومون هميشه محڪوم قومن کي اها
ڳالھه سمجهائڻ
جي ڪوشش ڪنديون آهن،
ته هيءَ شھنشاهت سندن مٿان خدا طرفان مقرر ڪيل
آهي. انگريزن به هتان جي عوام کي اها ڳالھه ذهن
نشين ڪرائڻ چاهي ته سنڌ وارن تي هنن زوريءَ حڪومت
نه آندي آهي، بلڪه قدرت سندن ڀلي لاءِ کين موڪليو
آهي. حڪومت سان وفادريءَ ۾ سندن ڀلو آهي“.(5)
سن 1854ع ۾ ننديرام ميراڻيءَ ۽ مسٽر
بي.ايڇ. ايلس، اسسٽنٽ
ڪمشنر سان گڏجي ”ايسپ جون آکاڻيون“
تعليم کاتي طرفان شايع ڪيون.
اصل ۾ هيءُ ڪتاب هڪ نصيحت نامو آهي، جنھن ۾ ايسپ
پنھنجا تجربا لکيا هئا. هنن آکاڻين جي ذريعي انگريزن، يورپ
جي قديم سماج جي حوالي سان عقل ذهانت کي اجاگر ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي. هڪ ڊگهي آکاڻي ”ڀنڀي زميندار جي
ڳالھه“
1854ع ۾ غلام حسين قريشيءَ ترجمو ڪئي. البت
آکاڻيءَ کي ديسي رنگ ۽ ڍنگ ۾ آڻڻ لاءِ ماڻھن ۽
ڳوٺن جا نالا مٽائي ٻيا وڌائين. آکاڻي ۾ زمينداري
نظام جي حمايت ڪيل آهي. هڪ ٻي آکاڻي ”سُڌاتوري ۽
ڪڌاتوري جي ڳالھه“
سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ نھايت سھڻو نثري قصو آهي، جنھن کي 1855ع ۾
سيد ميران محمد شاهه
هندي ٻوليءَ ۾ پنڊت بنسي ڌر
”سبودي ڪبودي“
تان
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن آکاڻي جي ٻن اهم ڪردارن ۾
سڌاتورو اسڪول وڃي، ٿورڙن ڏينھن ۾، بابنامو پڙهي ۽
ٻيا ڪتاب ڏسي، پاڻيھي
سُرت وارو ٿي وڃي
ٿو. آخوند ۽ ٻين ماڻھن چيو ته هيءُ ڇوڪر ٿورڙن ئي
ڏينھن ۾ لکپڙهه ۾ ڀَڙُ ٿي ويندو. هوشيارپ جي ڪري
تپيداري جي نوڪري
مليس ٿي. محنت ۽ ايمانداري جي ڪري نامور مختيار
ٿئي ٿو. ٻئي طرف ڪڌاتورو به گهڻا ڌڪا کائي پڙهي
منشي بڻجي ٿو. مگر بي ايمان ۽ رشوت خور ٿئي ٿو.
هڪ دفعي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿئي ٿو ۽ سخت
پورهئي
سان ٽيپ کائي ٿو.
”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري“ جي ڳالھه ۾ آفيسر شاهي واري ذهنيت جو پرچار ڪرڻ ۽ وقت جي حاڪم جي
قوت کي به تسليم ڪرائڻو هو. آکاڻي ۾ بنيادي نقطو
انگريز راڄ ۽ سردار سان سھڪار
ڪرڻ هو“.(6)
سڀ کان پھرين ناول جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو.
”راسيلاس“
دراصل انگريزي ادب جي مشھور نثر نويس ڊاڪٽر جانسن
جو لکيل آهي. اڌارام ۽ ساڌونولراءِ گڏجي اهو ڪتاب
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
ناول ۾ حبش جو شھزادو راسيلاس ۽ سندس ڀيڻ نيڪايا
۽ عملاڪ نالي هڪ سائنسدان جي سنگ اچي شھزادن واري
يڪطرفي زندگيءَ مان ڪڪ ٿي، مائٽن کي اطلاع ڏيڻ بنا
لڪ چوريءَ نڪري دنيا جو سير ڪري وڏو تجربو حاصل ڪن
ٿا. هن ناول ۾ سائنس ۽ ايجاد جي وسيلي هوا ۾ اڏامڻ
جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي آهي“.(7)
هن ناول ذريعي شھنشاهيت جي پرچار ۽ خدائي خوف جو
درس ڏنو ويو. هن ناول جي ڪھاڻي حبش جي شھزادي جي
آهي، جيڪو دنيا جي آزمودي پرائڻ لاءِ انسان ذات جي
سک جي ڳولا لاءِ ٻاهر نڪري ٿو. هن ناول ۾ اهو ثابت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته يورپ جا ماڻھو سڄي دنيا
۾ ذهين ۽ سورهيه آهن.
”شھزادي چيو ته اهو ڇا آهي جنھن جي ڪرڻ کان يورپ
جا ماڻھو اهڙا سورهيه ۽ سگهارا ٿين ٿا؟
عملاڪ؛ سائين هو وڌيڪ طاقتور ۽ سورهيه هن
ڪري آهن جو هو وڌيڪ سياڻا آهن. جيئن انسان ٻين
جانورن تي پنھنجو عمل هلائي ٿو، تيئن پڙهيل ۽
سياڻو ماڻھو اڻ پڙهيلن ۽ اياڻن تي عمل هلائي ٿو.
پر انھن ۾ دانش اسان جي دانش کان ڇو وڌيڪ آهي،
تنھنڪري جو ڪو سبب آئون ڏئي نه
ٿو سگهان پر ڄاڻجي ٿو ته اها خدا جي خواهش آهي“.(8)
ترجمن جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم ناول،
”طلسم“
آهي. هي ناول جڳ مشھور ناول نگار سر
والٽر اسڪاٽ (1771-1832ع) جو لکيل هو. هن ناول
لاءِ چيو وڃي ٿو ته، ان جون شروعاتي قسطون ساڌو
هيرانند ترجمو ڪري ”سرسوتي“ ۾ شايع ڪرايون، پر
سندس اوچتي ديھانت ڪري، ڀيرو مل مھرچند ناول کي
مڪمل ترجمو ڪري ڇپرايو.
ناميارو
ڪھاڻيڪار امرجليل ان قسم جي ادب کي هڪ نئين رخ ۾
ڏسي لکي ٿو ته ”فاتح قومون ٻين قومن جي ملڪ کي
طاقت سان يا ٺڳيءَ سان هٿ ڪرڻ کان پوءِ سڀ کان اڳ
ان قوم جي ٻوليءَ ۽ تمدن کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو رٿينديون آهن. انگريز
سامراجين سنڌ تي مڪمل قبضو ڪرڻ کان پوءِ ، معمول
خلاف، سنڌي ٻوليءَ تي وار نه ڪيو. انگريزن جي ان
چالبازيءَ جا گڻ اڄ تائين اسڪولن کان يونيورسٽين
تائين ساراهيا وڃن ٿا. سامراجين، رٿيل منصوبي
مطابق، سنڌ جي عظيم شاعر لطيف سائين ۽ سنڌ جي
لاثاني باغي شاعر سچل سرمست جي ڪلام، ڪلام جي
پرچار، پيغام ۽ حق جي آواز کي صوفي ازم جو
ليبل هڻي، ٻنھي جي هٿ ۾ يڪتارو ڏئي ڇڏيو. هڪڙي کان چورايائون ”پيرين
پوندي سان، نه چوندي سان، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾“ ۽
ٻئي کان چورايائون ”جنھن دل پيتا عشق دا جام، سو
دل مست
و مست مدام“. جابر ۽ ٺڳ قومون ، جيڪي ويساهه
گهاتيءَ سان ٻين ملڪن تي قبضو ڪنديون آهن، سي ان
مفتوح قوم جي ادب مان باِغي رجحانن کي ڪوري ڪڍڻ
جي ترڪيب استعمال ڪنديون آهن“.(9)
ادبي ايوارڊ ۽ لقب
اڳئين زماني ۾ جڏهن سنڌ ۾ فارسي گهوڙي چاڙسي جو
مقولو مشھور هوندو هو، تڏهن فارسي لکندڙ اديبن
۽ شاعرن کي سونا قلم به انعام ۾ ڏنا ويندا هئا.
انگريزن جي دور ۾ ”شمس العلماء“ ، ”قيصر هند“،
”سر“، راءِ بھادر“ جا لقب، تمغا، آفرين نامه ۽
سندون وغيره ڏنا ويندا هئا. اڻويھين صديءَ ۾
انگريزن ، سنڌي ادب ۾ سرڪاري سطح تي ترجما نگاريءَ
کي انعام ۽ اڪرام ڏئي رائج ڪيو.
ترجمي جي ترقي لاءِ
مترجمن کي خاص معاوضا ڏنا ويندا هئا. اهڙي قسم جا انعام
وقتاََ فوقتاََ ترجمن ۽ اصلي ڪتاب لکڻ جي عيوض
ملندا رهيا.
گذريل صديءَ ۾ اهڙن خوشنصيب سنڌي ليکڪن ۾
ڪي هيٺيان شامل هئا:
1.
ننديرام ميراڻي ”تواريخ سنڌ“ جو ترجمو، 1854ع
(ٻه سو رپيه )
2.
ديوان واڌو مل چنديرام، ”منتخب
تاريخ انگلستان“، 1862ع (هڪ سو روپيا)
3.
نولراءِ شوقيرام
آڏواڻيءَ ۽ اڌارام ٿانورداس ”راسيلاس“جو ترجمو،
1872ع (گڏيل ٽي سو روپيا مليا)
4.
مرزا قليچ بيگ، مسز
فاسيٽ جي انگريزي ڪتاب کي
”اصول
علم دستور المعاش“
جو ترجمو، 1889ع (558 روپيا)
5.
بولچند ڪوڏومل جڳتياڻي،
فلپ جي تاريخ انگلنڊ با تصوير انگريزي مان ترجمو،
1890ع (1200 روپيه )“.(10)
اڳتي هلي انعامن ۽ اڪرامن جي ڪري ترجمي
نگاري ۾ اضافو ٿيو ۽ تمام گهڻي ترقي ٿي. انگريزن
جي دور کان سنڌي زبان ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين جو
ادب ترجمو ٿيڻ لڳو ۽ اهو دنيا جي سطح تي متعارف
ٿيڻ لڳو. شاهه لطيف کي انگريزي ، جرمني، هندي ۾
ترجمو ڪيو ويو. انگريزن جي دور ۾ ادبي ايوارڊ صرف
پيسن تائين محدود ڪو نه هوندو هو، پر سرٽيفڪيٽ،
لنگي، اجرڪ وغيره به انعام ۾ ڏنا ويندا هئا.مرزا
قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام ۽ ٻين دنيا جي مختلف ٻولين
جا شاهڪار سنڌي ۾ ترجمو ڪيا،
جنھنڪري
ٻولين جي هڪٻئي سان آمد رفت وڌي ته بين القوامي
ايوارڊ جا موقعا به وڌيا.
انگريزن جي دور ۾ سنڌي اديبن کي سندن
ترجمن جي ڪري ڪيترائي انعام ۽ ايوارڊ مليا، جن ۾
مرزا قليچ بيگ جا ايوارڊ سرفھرست آهن. مرزا قليچ بيگ، هر ادبي مقابلي
۾ پنھنجا ڪتاب موڪليندو هو. 1928ع ۾ ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ لنڊن مان انگريزي ادب تي پي.ايڇ. ڊي
ڪري آيو ته ڪاميابيءَ تي کيس شيلڊ عطا ڪئي وئي.
ساڌو ٿانورداس ليلارام وسواڻي کي حڪومت هند جي
طرفان نمائندو بڻجي برلن (جرمني) ۾ ڪوٺايل دنيا جي
مذهبن جي ڪانفرس ۾ شرڪت لاءِ موڪليو ويو.
شمس العلماءَ جا لقب ۽ اعزاز
انگريزن جي دؤر ۾ پوري برصغير
جي نامور عالمن ۽ اديبن کي سرڪار لقب پڻ ڏنا ويندا
هئا، جن ۾ ”شمس العلماءُ“ جو خطاب وڏي ۾ وڏو ۽
اھميت وارو هوندو هو. شمس العلماءُ جو مطلب آهي
”عالمن جو سج“، يعني اهو عالم جيڪو پنھنجي همعصر
عالمن ۾ مٿاهون ۽ سج وانگر روشني ڦھلائيندڙ
هجي.
برصغير هند-پاڪ ۾ اهو لقب، مولانا محمد حسين آزاد،
مولانا حاليءَ، خواجه حسن نظامي، ڊپٽي نظير احمد
پارن عالمن کي مليا.
سنڌ ۾ فقط چئن عالمن کي ”شمس العلماءُ“ جو خطاب
مليو، جن جا نالا هي آهن:
1.
شمس العلماءُ مرزا مخلص
علي علوي (1795-1877ع)
2.
شمس العلماءُ پير سيد
مردان شاهه (اول) (وفات 8 نومبر 1921ع)
3.
شمس العلماءُ مرزا قليچ
بيگ
(1853ع-1929ع )
4.
شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر
بن محمد دائود پوٽو (1958-1896ع) “.(11)
پوري هندستان
۾ عالمن، اديبن، عملدارن، سياستدانن ۽ ٻين
خاص ماڻھن کي ”خانبھادر“ ۽ ”راءِ بھادر“ جا لقب ڏيندا هئا. لقبن ۾ ”خانبھادر“ جي معنيٰ ”بھادر خان“
يا ”بھادر اڳواڻ“، اھو لقب برطانوي هندستاني
حڪومت طرفان عزت ۽ احترام خاطر هندستان جي مسلمان شھرين
کي ڏنو ويندو ھو. ان کان ھڪ درجو گھٽ وارو لقب
”خانصاحب“ ھو. ھندن کي وري خانبھادر جي برابر ”راءِ
بھادر“ جو
ميڊل ڏنو ويندو ھو ۽ ان کان ھڪ درجو گھٽ” راءِ
صاحب“ ھو. اهي سندون ڪمشنر جي صحيح سان جاري
ڪيون وينديون هيون. وڏا اعزاز ڏيڻ وقت، تخلص يا
اعزاز وٺندڙ جي شان ۾ اعزازيو ڏئي سندس تعريف ڪئي
ويندي هئي. سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن، استادن ۽
اديبن کي ”خانبھادر“ ۽ ”راءِ بھادر“
جا لقب مليا“.(12)
اشاعتي ادارا ۽ پرننٽنگ پريس
انگريزن جي دور کان اڳ اسان وٽ پرننٽگ پريسون ڪو
نه هيون. اهڙيءَ طرح اسان وٽ شايع ٿيل ڪتاب،
اخبارون، رسالا ۽ ٻيو مواد به ڪو نه هو. صرف قلمي
نسخا هوندا هئا، جيڪي ڪنھن جي خاص ملڪيت سمجهيا
ويندا هئا. سنڌي الف-ب جي سرڪار پاران منظوريءَ بعد اسڪول کوليا ويا، ڪتاب لکيا ويا،
اخبارون ۽ رسالا جاري ٿيا، بيشمار اشاعتي ادارا
قائم ٿيا. پھريائين ليٿوگرافڪ پرنٽنگ پريسون قائم
ٿيون،
جنھن مان سنڌي ڪتابن جي ڇپائڻ جو سلسلو شروع ٿيو.
اڳتي هلي ٽائپنگ سرشتو آيو. انگريزن جي دور جي
پرنٽنگ پريسن جو تعداد به سون ۾ ٿيندو، انھن مان
ڪجهه جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا :
1) گورنمينٽ
پرنٽنگ پريس ڪمشنر آفيس ، ڪراچي.
2) سنڌ
گزيٽ اينڊ
ڪمرشل پرنٽنگ پريس.
3) مرڪنٽائيل
پريس، الفنسٽن روڊ ، ڪراچي.
4) فوڪس
پريس،
ڪيمبل روڊ، ڪراچي.
5) وڪٽوريا
پريس،
الفنسٽن روڊ، ڪراچي.
6) آرين ورنيڪيولر، ڪيمبل روڊ ڪراچي.
7)
الوحيد پرنٽنگ پريس ڪراچي.
8) جارج پرنٽنگ پريس“.(13)
صحافت/
اخبارن جي جاري ٿيڻ جو اثر
صحافت ۾ روزمره جي زندگيءَ جي واقعن،
حالتن، حادثن
جي معاملن وغيره کان عوام کي واقف ڪرايو ويندو
آھي، سنڌي زبان ۾ صحافت جي شروعات انگريزن جي دور
۾ اڻويهين صديءَ ۾ ٿي. انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ
کان پوءِ هتي ڪا به پريس موجود نه هئي، ارد شير رستم اهو پھريون شخص هو، جنھن انگريزيءَ ۾ هڪ اخبار جاري ڪئي. پر ان کان ستت پوءِ ٻيون اخبارون به
نڪتيون، جن برطانوي اختياري وارن سان قربت جو رويو
اختيار ڪيو. صحافت ۽ اخبارن سان ماڻھن کي روز بروز
جون خبرون، سياسي منظرنامه، ملڪي حالتن جي خبر،
ترقي، تعليم، علم، ادب، رانديون، مطلب ته هر قسم
جي معلومات ملڻ لڳي. خاص طور تي سياست، صحافت
پروان ٿيڻ لڳي. برطانوي دور ۾ اخبارن جو تعداد
سون ۾ آهي، انھن مان ڪي اوائلي هي آهن:
1-”سنڌ
گزيٽ“ (انگريزي)- اڱاري ۽ جمعي جي شام جو شايع
ٿيندي هئي.
2-
”سنڌ ٽائيمس“ (انگريزي) – خميس ۽ آچر جي شام جو
شايع ٿيندي هئي.
3-
”فوڪس“ (انگريزي)- اربع ۽ ڇنڇر جي شام جو شايع
ٿيندي هئي.
4-
”سنڌ ايڊورٽائزر“ (انگريزي)- سومر ۽ خميس جي شام
جو شايع ٿيندي هئي.
5-
”سنڌ سڌار“ (سنڌي)- ڇنڇر تي شايع ٿيندي هئي،
6-
”پرجا متر“ (گجراتي)- ڇنڇر تي شايع ٿيندي هئي“.(14)
ادب، صحافت ۽ شخصي آزاديءَ کي محدود ڪرڻ جا قانون
۽ قاعدا
ارڙهين صديءَ جي آخري چوٿائيءَ ۾ ننڍي
کنڊ ۾ اخبار ڇپجڻ جو رواج پيو. شروعاتي اخبارون
انگريزي ٻوليءَ ۾ نڪتيون ۽ سندن مالڪ ۽ ايڊيٽر به
انگريز ئي هئا. ڏيھي ماڻھن 1835ع کان پوءِ انگريزي
تعليم وٺڻ ۾ دلچسپي ورتي ته ننڍي کنڊ ۾ اسڪول،
ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ٿيون.اخبار نويسيءَ جي
تڪڙي ترقيءَ لاءِ وري ٽائيپ جي ڇاپخاني جو هئڻ
لازمي آهي. هندستان ۾ ٽائيپ (شيهي جي اکرن) جي
استعمال جي شروعات بنگال کان ٿي، جڏهن بنگال مان
پھرئين انگريزي اخبار ”هڪيءَ جي بنگال گزٽ“ جيمس
هڪي نالي هڪ انگريز واپاري سن 1780ع ۾ جاري ڪئي“.(15)
سن 1835ع ۾ ميڪائلي پاران مرتب ڪيل
مسودي کي قانوني حيثيت ملي وئي. انھيءَ قانون جي
بنيادي خاصيت اها هئي، ته ان موجب هندستان جي سڀني
طبقن جي باشندن کي اظھار خيال جي آزادي مليل هئي.
اها آزادي سر چارلس ميٽڪاف جي دورِ حڪومت ۾ ملي ۽
هن قانون جي ڪري کيس گورنر جنرلي تان هٿ ڌوئڻا
پيا. ڪمپني (ايسٽ انڊيا ڪمپني) جي هڪ ڊائريڪٽر جي
لفظن موجب ”پريس جي آزادي سندس (ميٽڪاف جو) ناقابل
معافي ڏوهه آهي“ سر ميٽڪاف جي قانونن جي ڪري
اخبارن ۽ ڇاپخانن کي ڏاڍي هٿي ملي ۽ انھن جي تعداد
۾ خاطر خواهه اضافو ٿيو. سر ميٽڪاف جو جانشين لارڊ
آڪلينڊ به ان قانون جو حامي هو. ان قانون مطابق
سرڪاري ملازمن کي اخبارن جي ايڊيٽري يا مالڪيءَ جي
حق رکڻ جي اجازت هئي“.(16)
اوڻويھين صديءَ جي شروعات ۾ پريس خلاف
هٿ هلڪو رکيو ويو ته ڏيھي ٻولين ۾ به چڱي تعداد ۾
اخبارون نڪرڻ لڳيون، پر سرڪار لاءِ مٿي جو سور اڃا
به انگريزي اخبارون هيون. 1823ع جي شروعات ۾
”ڪلڪته جرنل“ جي ايڊيٽر کي معمولي الزامن هيٺ ڏيھه
نيڪالي ڏيئي ٺڪاڻي لڳايو ويو. ان کان پوءِ 25
اپريل 1823ع تي هڪ قانون جاري ڪيو ويو. جنھن موجب
حڪومت جي اڳواٽ اجازت يا لائسنس کانسواءِ ڪو به
مواد ڇاپڻ ڏوهه قرار ڏنو ويو. ساڳي نوعيت جا ٻيا
به قانون هرهڪ 2 مارچ 1825ع ۽ پھرين جنوري 1827ع
تي به آندا ويا. جن پريس کي وڏو هاڃو رسايو. پريس
جي ڳچيءَ مان اهو نوڙ تڏهن نڪتو جڏهن 1835ع ۾
ڪلڪتي جي صحافين سندن خلاف رياستي ڏاڍ ۽ ڏمر ختم
ڪرڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪئي. ان کان پوءِ ڏيھي ماڻھو
انگريزي تعليم پرائي وڌيڪ سوچ ۽ سمجهه وارا ٿيڻ
لڳا ۽ پريس لائين ۾ اچڻ لڳا. اهڙن انگريزدان ڏيھين
کي حڪمران ”بابو“ ڪوٺڻ لڳا. سموري ڏيھي پريس سندن
هٿ ۾ ٿي ۽ ڌرتيءَ تي لڳندڙ ڌاڙن کي وائکو ڪرڻ شروع
ڪيائون، جنھن ڪري ارهه زورائي ڪندڙ ڪامورا شاهيءَ
کي ڏڪڻي سان گڏ تپ چڙهڻ لڳو. سندن خلاف قدم کڻڻ
لاءِ سرڪار ڪر ساهي رهي هئي ته مٿان 1857ع وارو
طوفان اچي ڪڙڪيو، جنھن برصغير ۾ ڪمپني حڪومت کي
هڻي ڊاهي وڌو ۽ ملڪ سڌو برطانوي تخت ۽ تاج هيٺ اچي
ويو. 10 مئي 1857ع تي ميرٺ کان ان خطرناڪ طوفان ڪر
کنيو ته ڪامورا شاهيءَ لاءِ ڏيھي پريس سخت
پريشانيءَ جو باعث بڻي. ان گهٻراهٽ ۾ 13 جون 1857ع
تي پريس جو گلو گهٽڻ خاطر هڪ ڪارو قانون پاس ڪيو
ويو، جيڪو ”پريس گننگ ائڪٽ“ جي نالي سان مشھور
ٿيو.
برٽش انڊيا ۾ ڇپجندڙ هر ڇاپي يا ليٿو
ٿيل ڪتاب نقشن، دستاويزن، چٽ يا نقش وغيره جون
پھرئين ڇاپي جون ٽي مڪمل ۽ بھترين ڪاپيون ۽ ان
کان پوءِ جا نڪتل سڀ ايڊيشن (ڇاپا) ساڳي شڪل ۾ يا
گهٽايل وڌايل ڇپجي نڪرڻ کان هڪ مھيني جي عرصي اندر
ڇپيندڙ پاران مڪمل ڪتابي صورت ۾ (سبيل، بائينڊ
ٿيل) بھترين ڪاغذ تي ڇپيل مڪاني حڪومت پاران مقرر
ٿيل جاءِ تي ان ڪم لاءِ مقرر ڪيل آفيسر کي پھچائڻ
لاءِ ذميدار ٺھرايو ويو. هر ناشر کان به پرنٽر کي
مٿين قسم جي مواد جي فراهمي لاءِ ٻڌل رهڻ جو اقرار
نامون ورتو ويو. انھن ٽن ڪاپين مان هڪڙي هندستان
سرڪار جي اسٽيٽ سيڪريٽري کي، ٻي ڪاپي ڪائونسل جي
گورنر جنرل کي ۽ ٽين ڪاپي مڪاني سرڪار پاران مقرر
ڪيل لائبريري يا ڪنھن ٻيءَ جاءِ تي جمع ڪرائڻي
پوندي هئي.
انھيءَ قانون جي ڪنھن به صورت ۾ خلاف
ورزي ڪندڙ کي حد جو مئجسٽريٽ پنجن هزارن تائين گهٽ
رقم ڏنڊ يا ٻن سالن تائين يا گهٽ عرصي لاءِ جيل يا
ٻئي سزائون ڏيئي سگهبي، جنھن مقرر ڪيل اقرارنامون
داخل نه ڪيو هوندو. ڄاڻي واڻي ڪوڙي بيان ڏيڻ واري
لاءِ به مٿين سزا تجويز ٿيل هئي. ڪتابن ۽ ٻئي ڇپيل
مواد جي مقرر ٿيل ڪاپين جي مقرر ٿيل عرصي ۾ جمع نه
ڪرائڻ جي صورت ۾ ڇپيل سڀ ڪاپيون ضبط ۽ پنجاهه رپيا
ڏنڊ جي سزا ملي سگهي ٿي. انھن سڀني ڏوهن جو دائرو
ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ تحت ايندو هو ۽ فيصلو ڪيو ويندو
هو.
انھن سڀني ڳالھين سان گڏ مٿئين قسم جي ڇپجندڙ
سموري مواد جي ”برٽش انڊيا ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جو
ڪئٽلاگ“ نالي واري سماهي ڪتاب ۾ رجسٽريشن ٿيندي
هئي. ان ڪئٽلاگ ۾ هيٺيان تفصيل درج ڪيا ويندا هئا:
1.
ڪتاب جو نالو ۽ ٽائٽل پيج تي ٻي هر معلومات ۽ ان
جو انگريزي ترجمو
2.
ٻولي جنھن ۾ ڪتاب لکيل آهي
3.
ڪتاب يا ان جي ڪنھن به حصي جي لکندڙ، ترجمو ڪندڙ
يا ايڊيٽر جو نالو
4.
ڪتاب جو مضمون (سبجيڪٽ)
5.
ڇپائي ۽ شايع ٿيڻ جو هنڌ
6.
ڇاپيندڙ ۽ شايع ڪندڙ فرم جو نالو
7.
پريس مان ڇپجي نڪرڻ جي تاريخ
8.
صفحن جو تعداد
9.
سائيز
10.
پھريون ۽ ان کان پوءِ جي ڪنھن به ڇاپي جو نمبر
11.
ڇپجندڙ ڪاپين جو تعداد
12.
ڪتاب ٽائيپ ۾ ڇپيل آهي
13.
قيمت
14.
ڪاپي رائيٽ جو حق رکندڙ مالڪ جو نالو ۽ مڪمل پتو.(17)
ڪتاب رجسٽر ڪرائڻ وقت ان بابت مٿين
معلومات به فراهم ڪرڻي پوندي هئي. هر ٽن مھينن جي
عرصي ۾ ڪتابن رجسٽر ٿيڻ کان پوءِ انھن بابت
معلومات مڪاني گزٽ ۾ ڇاپي ويندي هئي ۽ ان گزٽ جون
ڪاپيون حڪومت جي پوري مشنري ۾ تقسيم ٿينديون هيون،
ته جيئن اهي خلاف ورزي ڪرڻ واري کي پڪڙي سگهن.
ڇاپخانن ۽ ڪتابن رجسٽر ڪرائڻ جا هي
قانون پھرين جولاءِ 1827ع کان عمل ۾ اچي ويا هئا ۽
ورهاڱي کان پوءِ به انھن تي باقاعدي عمل ٿيندو
رهيو. انھيءَ وچ ۾ وقت جي ضرورتن پٽاندڙ انھن ۾
وڌيڪ سختي ڪئي ويندي هئي. ان کان پوءِ 1910ع ۾
انڊين پريس ايڪٽ بحال ڪري ضابطي جي دائري کي وسيع
ڪيو ويو. سڀ کان وڌيڪ سختي پھرين جنگ عظيم کانپوءِ
هندستان ۾ آيل سياسي هلچل جي نتيجن ۾ آئي. خلاف
هلچل، هجرت تحريڪ، هندستان ڇڏيو ۽ ستيا گرهه وارين
سياسي تحريڪن جي ڪري مست هاٿي انگريز بدمست ٿي پيو
۽ حڪومت پريسن مٿان ڪرڙي نظر رکڻ لڳي. ڪيترا دفعا
پريس آرڊيننس جاري ڪيو ويو.
سنڌي پريس به اهڙي عتاب کان پاڻ بچائي
نه سگهي. سال 1930ع ته پريسن لاءِ قھري سال ٿي
گذريو. رڳو آڪٽوبر 1930ع ۾ حيدرآباد ۾ ڀائيبند
پريس، نانڪ پريس نوشهري جي شڪتي پريس ۽ سکر جي تلڪ
پريس کان ضمانتون گهريون ويون. هندو ۽ نويد
کانپوءِ هند آفتاب پريس مان نڪرندڙ اخبار هند
آفتاب تي اوچتو پريس ڇاپو هڻي، پريس ضبط ڪئي وئي.
ساڳئي وقت لڪشمي پريس کان ٻن هزارن جي ضمانت گهري
وئي. نومبر 1930ع جي پھرين تاريخ پريس آرڊيننس جي
پوري ٿيڻ تي هندو، سنڌ سماچار سوتنتر ۽ هندو جاتي
اخبارون وري نڪتيون. انھيءَ هلچل جي نتيجي ۾ ڪيترا
صحافي جيل ويا ۽ ڪيتريون اخبارون بند ٿيون ۽ وري
نڪتيون. ڪيتريون پريسون ضبط ٿيون، جن مان ڪي نيلام
به ڪيون ويون. ان کان اڳ هن صديءَ جي شروعات ۾
محمد هاشم ”مخلص“ جي روپوشي ۽ مٿس سرڪار جو ڏمر هڪ
مشھور واقعو ٿي گذريو آهي. انھيءَ هلچل ۽ ڪشمڪش جو
نتيجو اهو نڪتو، جو 1931ع ۾ هند سرڪار هند جو
اخبارن ڪتابن وغيره ائڪٽ نمبر 23 جاري ڪري، پريس
تي وڌيڪ ضابطو رکڻ لاءِ قانون جوڙيو. هن ائڪٽ جو
نالو ”خون، زور زبردستي يا ڀڃ ڊاهه جي پرچار ڪندڙ
يا ان کي همٿائيندڙ مضمون يا مواد ڇاپي پڌرو ڪرڻ
جي برخلاف قانون“ رکيو ويو. هن قانون تحت ڇاپخانن
کان ضمانتون گهريون ويون ۽ مئجسٽريٽن سامھون ڏهن
ڏينھن اندر 1000 رپين تائين جي ضمانتي رقم امانت
رکڻ لاءِ اقرار ورتا ويا ۽ مٿين قسم جي ڇيڙ ڇاڙ
ڪرڻ جي حالت ۾ سرڪار کي ضمانت جي رقم ضبط ڪرڻ جي
اختياري حاصل ٿي وئي 7 جي ضمانت جي رقم رکيل نه
هئي، ته ان قانون تحت ڇاپخانا ۽ اهڙي قسم جو سڀ
ڇپيل مواد ضبط ٿي، ملڪه معظمه جي ملڪيت ظاهر ڪيا
ويا. هڪ ضبطي ٿيڻ کان پوءِ وري ٻي ضمانت رکڻ جي
رقم وڌائي ڏهن هزارن تائين ڪئي وئي. ان سان گڏوگڏ
اخبارون ڇاپي پڌرو ڪندڙن کان به هڪ هزار يا ان کان
گهٽ رقم ضمانت طور گهري وئي ۽ مٿئين قسم جي مواد
ڇاپڻ جي حالت ۾ اها رقم ضبط ٿيڻ جوڳي قرار ڏني وئي
۽ هڪ دفعو اقرار پڇڻ جي حالت ۾ ٻيو دفعو ضمانت جي
رقم وڌائي ڏهن هزارن تائين ڪئي وئي حڪومت کي ٻي
ضمانت جي رقم ۽ ڇپيل اخبارن کي ضبط ڪرڻ جي اختياري
به ڏني وئي“.(18)
انھن قانونن تحت جهاڙو جا وارنٽ جاري
ڪرڻ بنا اختياري ڪڍيل پرچن کي جهلڻ ۽ ناس ڪرڻ جي
اختياري، پريسن کي جهلڻ ۽ انھن کي ضبط ڪرڻ جي
اختياري، خشڪيءَ رستي، پاڻيءَ رستي يا هوا رستي
ويندڙ تصنيفن جون ڳٺڙيون ضبط ڪرڻ ۽ 1898ع جي ڪرمنل
پروسيجر ائڪٽ تحت سرڪار کي ڪيسن هلائڻ جا اختيار
ڏيئي پريسن ۽ اخبارن کي زير بار ڪرڻ جا ڪيترا حربا
استعمال ڪيا ويا. مطلب ته ڇاپخانن جي شروع ٿيڻ سان
ئي اختياريءَ وارن انھن تي نظر رکڻ شروع ڪئي ۽
انھن کي همٿائڻ جي برعڪس زير بار ڪرڻ لاءِ،
آزاديءَ جي راهه ۾ ڪيتريون ئي رنڊڪون وڌيون ويون.
ٿورن لفظن ۾ حڪومت پاران استعمال ڪيل هٿيار هن ريت
هئا:
1.
1791ع کان 1914ع تائين بمبئي گزيٽ جي اشاعت، هي
سرڪاري پرچو ڏيھي پريس جي همت شڪني ڪرڻ لاءِ ڪڍيو
ويو.
2.
1799ع ۾ ايڊيٽرن لاءِ قانون ۽ ضابطا مرتب ڪيا ويا
۽ سينسرشپ جو شعبو قائم ڪيو ويو.
3.
1811ع ۾ پريس ۽ اخبارن تي وڌيڪ پابنديون وڌيون
ويون.
4.
1823ع ۾ اخبارن ۽ ڇاپخانن لاءِ حڪومت کان لائسنس
جو وٺڻ لازمي ڪيو ويو.
5.
1835ع جو ائڪٽ نمبر 9 آيو، جنھن تحت ڪتابن رجسٽر
ڪرائڻ جو قانون ٺاهيو ويو.
6.
جون 1857ع ۾ گئگنگ ايڪٽ ذريعي اخبارن ۽ پريس تي
ضابطو رکيو ويو.
7.
1827ع ۾ ڇاپخانن ۽ ڪتابن رجسٽر ڪرائڻ جو ائڪٽ نمبر
25 ٺاهيو ويو.
8.
1867ع: پريس، اخبارون ۽ ڪتاب رجسٽر ڪرائڻ جو قاعدو
9.
1898ع ۾ اخبارن لاءِ عوام کي اڪسائڻ جي بھاني،
قانون ٺاهيو ويو، جو سن 1931ع ۾ سڌاري پڌرو ڪيو
ويو.
10.
1870ع: انڊين پينل ڪوڊ (ترميم) رياست خلاف بغاوت
وارا سيڪشن
11.
1910ع ۾ انڊين پريس ايڪٽ، 1910ع بحال ٿيو.
12.
1878ع: مشرقي زبانن ۾ ڇپجندڙ اخبارن تي ضابطو آڻڻ
وارو قاعدو
13.
1889ع: رياست جا راز فاش ڪرڻ وارو قاعدو
14.
1908ع: اخبارن پاران ڏوهن جي ترغيب ڏيڻ وارو قاعدو
15.
1910ع: انڊين پريس ائڪٽ
16.
1914ع: ڊفينس آف انڊيا ائڪٽ
17.
1917ع ۾ حڪومت پريس ليجسليشن ٺاهڻ لاءِ ۽ 1827ع جي
ائڪٽ نمبر 25 ۽ 1910ع جي پريس ائڪٽ کي سڌارڻ لاءِ
سفارشون ڏيڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي.
18.
1922ع: راجائن جي بچاءَ وارو ائڪٽ“.(19)
هن قسم جي قانونن ۽ قاعدن سان پريس کي
ڪنٽرول ۾ رکيو ويو. انھن قانونن تحت هزارين
ايڊيٽرن ۽ پرنٽرن کي ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو ويو. مٿن
ڪوڙا ڪيس هليا، ڏنڊ وڌا ويا. ڪيترا بيباڪ ايڊيٽر
جيل ۾ به ويا. ڪيترن جون ملڪيتون ۽ گهر برباد ڪيا
ويا.
1947ع ۾ برطانيه کان آزادي ملي ته هر
ڪنھن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ آزاديءَ جي توقع پئي
ڪئي. تقرير جي آزادي، تحرير جي آزادي، اخبار جي
آزادي ۽ ڇاپخانن جي آزاديءَ جون اميدون رکي نئين
جوش ۽ جذبي سان ملڪي پريس نئين دور ۾ قدم رکيو.
اميدون ڪيتري قدر برثواب ٿيون، انھيءَ جو اندازو
هر باشعور شھري کي آهي.
آزاديءَ جي تحريڪ، ادب ۽ انگريز سرڪار جو رد عمل
سال 1857ع ۾ هندستان
جي
تاريخ
۾
هڪ
اهم
واقعو
رونما
ٿيو. جنھن
کي
انگريز
تاريخدان بغاوت جي نالي سان سڏين ٿا. اها انگريزن
جي نظر ۾ ته بغاوت هئي، پر اهاآزادي جي پھرين جنگ
هئي،جنھن ۾
مقامي فوج سان گڏ عوام به حصو ورتو. هن آزادي لاءِ
جنگ ۾ سنڌ به مکيه ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جي وڏن شھرن ۾
جھڙوڪ: ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾
فساد ٿيا.
1857ع واري بغاوت جي ناڪاميءَ سڄي ملڪ ۾ مايوسي جي
لهر اٿاري. انگريزن جي دٻاءَ ته آقي باقي ماڻھن کي
به ڪمزور ڪري ڇڏيو. ان دوران انگريزن سنڌ ۾
سرڪاري سطح تي نئون نظام جوڙيو. ملڪ کي ضلعن،
تعلقن ۽ ڊويزنن ۾ ورهائي آفيسون ۽ محڪمه کوليا
ويا. هن عمل سان سنڌ ۾ سياسي جماعتن جي ٺهڻ جو
بنياد پيو. سڀ کان پھرين ”سنڌ سڀا“ نالي سياسي
پارٽي وجود ۾ آئي. ٻئي طرف سنڌ ۾ هٿياربند جدوجھد
جو آغاز به ٿيو. سنڌ ۾ صبغت الله شاهه راشدي (پير
پاڳاري) جي سربراهي ۾ جدوجھد جي شروعات ڪئي. 1905ع
۾ انگريزن بنگال جي ورهاڱي جو اعلان ڪيو، جنھن سڄي
ملڪ ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو. ان حوالي سان ڊاڪٽر غلام
علي الانا لکي ٿو ته ”1857ع کان وٺي 1910ع تائين
واري زماني ۾ آزاديءَ جي تحريڪ، سر سيد احمد خان
جي تحريڪ، بنگال جي ورهاڱي واري هلچل، ائني بيسنت
جي هوم رول واري هلچل، خلافت واريءَ هلچل ۽ مسلم
ليگ جي قائم ٿيڻ واريءَ هلچل ڪري سنڌ جي سياسي،
سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۾ وڏو ڦيرو آيو. انھن
تبديلين سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب تي به اثر ڪيو.
ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رسالا نڪتا، جن نثر توڙي
نظم جي اشاعت جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو“.(20)
دنيا ۾ ايندڙ سياسي ۽ معاشي تحريڪن جو اثر به سنڌ
تي پوڻ لڳو. مثال طور 1917ع ۾ روسي انقلاب جو اثر
سنڌ جي سياسي جدوجھد تي پيو. سنڌ جي سڄاڻ تحريڪن
سنڌ جي وڏيرن خلاف سياسي ۽ سماجي جاکوڙ شروع
ڪئي.1935ع جي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي ذريعي سنڌ
کي هڪ ايواني قانون ساز صوبي جو درجو ڏنو ويو،
جنھن ۾ سٺ سيٽون هيون. پھرين اپريل 1936ع ۾ نئون
صوبو وجود ۾ آيو. اهڙي طرح سنڌي عوام جي صوبائي
خودمختياري واري جدوجھد جو پھريون مرحلو پورو ٿيو
۽ نئين صوبي جي تعمير، ترقي ۽ سياسي استحڪام جي
اميد پيدا ٿي. 1938ع ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ جو بنياد
پيو، سنڌ جي ماڻھن جي هڪ وڏي انگ، ان ۾ شموليت
اختيار ڪئي. 23 مارچ 1940ع واري قرارداد لاهور
واري اجلاس ۾ ڪيترائي مسلم ليگ جا سنڌي نمائندا
شامل هئا. هي اهو دؤر هو جنھن ۾ هر طرف سياسي لهر
پيدا ٿي چڪي هئي، سنڌ ۾ به ان هلچل جو وڏو زور هو.
هڪ طرف ڪانگريس جا ”اکنڊ ڀارت“ جا نعرا لڳي رهيا
هئا ته ٻئي طرف مسلم ليگ جا ”پاڪستان زنده باد“ جا
نعرا لڳي رهيا هئا. سنڌ جي سياسي منظر ۾ ايتري ته
تيزي اچي وئي جو 1943ع ۾ پوري هندستان ۾ سنڌ
پھريون صوبو هو، جنھن 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبلي
مان هڪ قرارداد جي شڪل ۾ پاڪستان جو ٺھراءُ منظور
ڪيو. ٻي جنگ عظيم (1939-1945ع) عالمي معاشي ۽
سياسي وايو منڊل کي هڪدم تبديل ڪري ڇڏيو. هن نئين
تبديلي اهڙين حالتن کي پيدا ڪري ڇڏيو جو انگريز
وڌيڪ گڏيل هندستان تي حڪومت ڪرڻ کان لاچار ٿي ويا.
هنن گڏيل هندستان کي ”ٻه قومي نظرئي“ (Two
Nation Theory)
تحت 14 ۽ 15 آگسٽ 1947ع ۾ ٻن آزاد رياستن: پاڪستان
۽ هندستان ۾ ورهائي ڇڏيو. سنڌ جيئن ته مسلم
اڪثريتي صوبو هو، تنھنڪري ان جو الحاق پاڪستان سان
ٿيو. اهڙي طرح سنڌ 1947ع کان وٺي پاڪستان جو اهم
ترين صوبو آهي.
برطانوي دور ۾، پوري هندستان سميت سنڌي
ادب، اخبارون، ناٽڪ گهر، علمي، ادبي ۽ سماجي
جماعتون پنھنجي عروج تي پهتل هيون. سياسي جدوجھد
لاءِ جماعتون ڪم ڪري رهيون هيون ته هٿيار بند
تحريڪن جو اثر به موجود هو. ٻئي طرف انگريزن پاران
”ورهايو ۽ حڪومت ڪيو“ واري پاليسي پنھنجي پوري
حڪمت عمليءَ ۽ ڪاميابيءَ سان جاري هئي. ٽئين طرف،
هندو مسلم نفاق جي ڪري تعصبي ۽ نفاق واري مواد جي
اشاعت به هلندڙ هئي، ان ڪري پوري هندستان سميت،
قومي، مذهبي ۽ سياسي ادب تي بندشون آيون، عالمن،
اديبن، سياستدانن کي قيد ڪيو ويو، ڏنڊ وڌا ويا،
پريسون بندش هيٺ آيون، پر ملڪ جي آزاديءَ واري
تحريڪ دوران، سنڌ ۾ سنڌين آزاديءَ جي لڙائيءَ ۾
ڀرپور حصو ورتو. سنڌ جي سياسي ماڻھن ئي نه، سماج
جي هر گروهه جي ماڻھن، ماسترن، وڪيلن، واپارين،
ليکڪن، شاعرن، سياستدانن، پيرن، فقيرن توڙي عورتن،
ٻڍن چاهي ٻارن، آزاديءَ جي ان جدوجھد ۾ ۾ پنھنجو
حصو ورتو. هوشو، هيمون ڪالاڻي، هاسانند پمناڻي،
دتاترييه ۽ الله بخش سومري جهڙن سورمن پنھنجي جان
جي قرباني ڏيئي شهادت ۽ امرتا ماڻي ته ساڳئي وقت
ٻين هزارين مجاهدن پنھنجا ڪم ڪار، ڌنڌا واپار ڇڏي
ڪري آزاديءَ جي جدوجھد کي اڳتي وڌايو، ڪئين سختيون
سٺائون ۽ جبلن جون ياترائون به ڪيائون.
انگريزن جي دؤر جي سياسي هلچل جي پوري
معلومات، سنڌي شاعريءَ ۾ سمايل آهي. ڪيترن ئي
شاعرن ملڪي سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو
۽ جيل به ڪاٽيا. 1905ع ۾ بنگال جي ورهاڱي خلاف جا
هلچل شروع ٿي، تنھن ساري هندستان ۾ سياسي هلچل جي
شروعات ڪئي. سنڌي شاعرن ان متعلق ڪافي شعر لکيا
آهن. لعلچند امرڏنومل شايد پھريون شاعر هو، جنھن
1907ع ۾ اهڙو نظم لکيو، چوي ٿو:
ان، گيهه هوندي اگهه به ڳرا ٿيا، پيٽ پٺين ڏي ويا
لڙي،
کڄيو وڃي ٿو مال ولائت، ٻي ڍل ڏيڻ آ هت ڳري.
چوڙيون ماڻيون چاءِ چڱي مان، ويو اسان جو هر ٽري،
گهر اندر جو کاٽ لڳي پيو، خبر نه تنھنجي لھون کري.
سائين سڃاڻي اچو کڻون سنھه، شيءِ ورتائون ديسي وري
ملڪ ڇٽي پوءِ موٽو ٿيندو، دين آڌين جي بت پري.
عدم تعاون تحريڪ وڌي جڏهن سامراج وروڌي هلچل ٿي،
تڏهن ملڪ ۾ انگريزن جي غلاميءَ خلاف سخت نفرت
ڦھلجڻ لڳي. ان تحريڪ جي ڌم مچي وئي. عوامي ڌارين
کي ديس مان تڙي ڪڍڻ جو محڪم ارادو ڪيو، جنھن جو
بيوس هيئن تو اظھار ڪري:
”پھڻ سھندو پڻيون ٿيندو غلاميءَ ۾ نه گهاريندو،
ڏنو جنھن کي ننڍي هوندي امڙ آزاد اوراڻو.“
عزيز چيو:
”مردن جو مان قيد يا آزادگي ۾ آهه
جيئري چون ٿا موت غلاميءَ کان مر اچي“.(21)
ٻين شاعرن ۾ هري ”دلگير“، هوند راج
”دکايل“، پرڀو ”وفا“، نارائڻ ”شيام“ ۽ شيخ اياز
ان وقت جا ناميارا اسرندڙ شاعر هئا.حيدر بخش
جتوئيءَ طنزيه نوع ۾ انھن ماڻھن جي پت وائکي ڪئي،
جن کي ڌارين حاڪمن لاءِ سڪ هئي، پر پنھنجن هموطنين
لاءِ بڇان به ٿي آئي، شاعر چوي ٿو:
”جاهل آهن، اهي انگريز کي جي ڪن دشمن
پاڳل آهن، جي نه ٿا پنھنجو وطن لنڊن ڪن
هنديئو! جلد حوالي ڪيو تن، تن من ڌن
جن ڪيو بند هر آواز آ آزاديءَ قوم
”ڪڇ ڪرڻ گهرجي ته انگريز جي خوشنوديءَ لئي
ڪڇ مرڻ گهرجي ته انگريز جي بھبوديءَ لئي
ڪڇ جيئڻ گهرجي ته بس ديس جي نابوديءَ لئي
خوار زار آهه، نه آ عزاز آ آزاديءَ قوم.“
ان دؤر جي شاعرن نه رڳو انگريزي
غلاميءَ خلاف نفرت پيدا ڪئي، پر ڌاري حڪومت خلاف
وڙهڻ لاءِ اتساهه ۽ اُمنگ، قوت ۽ قربانيءَ جو جذبو
به پيدا ڪيو، جيئن هيٺين شعرن مان ظاهر آهي:
”اهي مائر ڀلي مرڪن جي باروتن ۾ لولي ڏين
ته صدقي ديش تان تن من ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت
جگر پنھنجا ڪڍي ڏينديون، مٺو اولاد موکينديون
اها ئي باس باسينديون ته رهجي ملڪ جي عظمت.“
(بيوس)
”مٺي ملڪ تان صدقي ڪر نا پران پنھنجو
جتي جو دين! سو جڳ ۾؟ اهو ڪھڙو هچارو آهه.“
(دين محمد)
”ڪاٿي ٿا حق اچن دڙڪن ۽ ڪوڪارن سان
ڪاٿي ٿا ملڪ ملن منٿن ۽ نيزارين سان،
جي ملن ٿا ته هٿن ساڻ ۽ ڪجهه ڪارن سان،
جي رهن ٿا ته سرن سان ۽ تلوارن سان.“
”ٺوڪرون کائي ۽ شب روز نه بي مان ٿي مرو،
گهر کي بسر کي ڇڏي ديس تي قربان ٿي مرو.“
(حيدر بخش جتوئي)
”لاش منھنجو شل کڄي آزاد هندستان ۾،
ٿئي مرڻ منھنجو نه شل ناشاد هندستان ۾.“
(دکايل)
1905ع کان وٺي 1947ع تائين سنڌ ۾
ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رسالا نڪتا، جن ۾ قوميت ۽
قومي جاڳرتا، انگريز سامراج جي خلاف آواز اُٿارڻ
لاءِ مضمون ۽ شعر ڇپجڻ لڳا، ڄيٺمل پرسرام،
لالچندامر ڏنو مل، ليلا رام پريم چند، ڀيرو مل
مھرچند آڏواڻي، ميلا رام منگترام واسواڻي، محمد
هاشم ”مخلص“، سيد اسد الله شاهه ”فدا“، حڪيم فتح
محمد سيوهاڻي، مولانا دين محمد وفائي ۽ شيخ
عبدالمجيد ”سنڌيءَ“
جھڙا رهبر هنن تحريڪن کان متاثر ٿيا. هنن مواد
ڇپائڻ لاءِ ڪن ادبي ادارن جو بنياد وڌو، جن جي مدد
سان هنن ڪيترائي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. ”سنڌي ساهت
سوسائٽي“ هن ئي دؤر ۾ قائم ٿي. ان سلسلي ۾ هيرو
ٺڪر لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ آزاديءَ جي ويڙهه جو سڀ کان
پھريون آواز 1857ع ۾ اخبار نويسيءَ جي کيتر ۾
اٿيو. ان زماني ۾ ٿيل غدر وقت، سنڌ کان ٻاهر ڪجهه
هنڌن تي وڏي پئماني تي قتلِ عام ٿيا هئا. انھن جي
مدِنظر انگريز سرڪار اخبارن تي پابنديون لڳايون
هيون، جيئن سنڌ جي اخبارن ۾ ٻاهر قتلِ عام، دنگن ۽
فسادن جون خبرون نه ڇپجن ۽ بغاوت جي لھر سنڌ ۾ به
نه ڦھلجي، پر سنڌ ۾ جيئن ئي اخبارن تي پابنديون
وڌيون ويون، تيئن ئي اخبارن ۾ انھن جي وروڌ ۾
جوالا ڀڙڪي اٿي. ”سنڌ قاصد“ نالي اخبار پنھنجي
جولاءِ 1857ع واري پرچي ۾ انھن پابندين جو زبردست
وروڌ ڪيو ۽ سرڪار کي چتاءُ ڏنو ته ان نادرشاهي حڪم
سبب جيڪي نتيجا نڪرندا، سي خود سرڪار لاءِ به فيض
مند نه هوندا“.(22)
1911ع ۾ جڏهن بنگال جي ورهاڱي جو اعلان
واپس ورتو ويو، هن تحريڪ جو سنڌ تي ڪافي اثر ٿيو.
ان وقت کان ئي وٺي اتي جي زندگي توڙي ادب ۾ سامراج
ور وڌي لھر اڀري. ان باري ۾ لعلچند امر ڏنو مل،
پنھنجي هڪ مضمون ۾ ورهاڱي خلاف پيدا ٿيل هلچل جي
اثر هيٺ ۾ انگريزن لاءِ ڇا ٿو چوي. ”ڀري ڏيڍ صدي
نبري وئي آهي، پاڻ ته اسان وٽ رهي چڱائي منگوچا
ماڻيا اٿن، اسان کي رڳو انسانيت جا معمولي حق به
نصيب نه ٿيا آهن! قومي تعصب ڌار رنگ روپ جو ڀيد
ڌار، اسان جي نڪو ٿو ٻڌي، نڪو ٿو سڻي! وري انڌير
ڪھڙو! مٺڙي جيجل جو هي حال ڏسي اسان مان ڪو واتئون
حرف ڪڍي ٿو ته مٿس راجڊوهيءَ جي تھمت ڌري ٿي وڃي“.(23)
جھڙيءَ طرح وقت سان قومي هلچل وڌڻ لڳي
تهڙيءَ ريت قومي ادب ترقي ڪرڻ لڳو. 1942ع واريءَ
هلچل کان اڳ ۾ قومي مضمون گهڻو تڻو اخبارن تائين
ئي محدود هئا؛ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس انھن جا
ڪتاب ڇپيا. جهڙوڪ ڄيٺمل جو ”ترنگ جو تيرٿ“ (1921ع)
وشنو شرما جو ”هندستان جي پائمالي“ (1927ع)
پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جا ”جيلي جيوت“
(1932ع) ۽ ”مھاتما سان ڳالھيون“ (1935ع)، ويرومل
ملڪاڻيءَ جو ”ديش ڀڳتي“
(1932ع) ۽ غلام دستگير مرزا جو ”مھاتما گانڌي“
(1935ع) 1942ع واري هلچل کان وٺي 1947ع تائين پنجن
سالن کن ۾ اڌ سئو کن ننڍا توڙي وڏا قومي مضمونن جا
ڪتاب شايع ٿيا. انھن مان گهڻا مھاتما گانڌي، جواهر
لال نھرو ۽ ٻين اڳواڻن جي جيوتن تي، آزادي جي هلچل
جي اتھاس وغيره تي لکيل هئا. اخبارن، مخزنن ۽
رسالن ۾ جن جو تعداد به ٻيڻو کن ٿي ويو هو، تن ۾
ته انيڪ مضمون ڇپيا.
سنڌي ڪھاڻيءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر ڄيٺو
لالواڻي لکي ٿو ته ”1942ع ۾ آزاديءَ جي تحريڪ سان
گڏوگڏ انگريزن خلاف جتي ڪٿي آندولن شروع ٿي چڪو
هو. ”ڪئٽ انڊيا“ جو نعرو سڄي ڀارت جي فضا ۾ گونجي
رهيو هو. سنڌ به ان کان متاثر ٿي ۽ روس جي ڪميونسٽ
انقلاب به سنڌ تي اثر ڄمايو، ڇاڪاڻ ته زمينداري
ظلم، هارين مٿان ٿيندا پئي رهيا. سماجوادي پارٽي ۽
هارين جي ڇڪتاڻ طبقاتي ڇڪتاڻ کي جنم ڏنو. سياسي ۽
پنگتي مسئلا وڌيل هئا. سياسي گهٽنائن ۽ واقعن جو
اثر سنڌي ادب تي پيو. ڪھاڻي، عوام جي پسنديدگيءَ
جو وشيه بڻجي چڪي هئي“.(24)
”ڏکن ڏڌي زندگي“ بنگالي ليکڪا شريمتي
گهوشال جي ڪھاڻيءَ جو آزاد ترجمو هئي، جا لعلچند
امرڏني مل ڪئي هئي. هن ڪھاڻيءَ جو موضوع 1857ع
واري بغاوت متعلق آهي. اها قومي غيرت کي للڪاريندڙ
نھايت دلڪش طنزي ڪھاڻي آهي. ان ۾ ڏيکاريل آهي ته
ڪيئن نه 1857ع ۾ ڏيھي سپاهين جون ٻه ڌريون انگريزي
ڇوڪريءَ جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ هڪٻئي سان وڙهي پيون.
جنھن تي ليکڪا پڇاڙيءَ ۾ چوي ٿي ته ڏيھي سپاهين جي
ان وفاداريءَ تي ”خوشي وچون بيھي کلان، ڪين درد
جون هنجون هاريان“.(25)
ميلارام وسواڻيءَ جي ڪتابن جو تعداد تمام گهڻو
آهي. هن قومي ۽ سياسي شعور هيٺ لکيل بنگالي ناولن،
ڊرامن ۽ ڪھاڻين جا ترجما ڪيا. هن جي ڪھاڻين جي خاص
ڳالھه اها هئي ته هن هندو سماج جي تاريخي واقعن ۽
پسمنظرن کي بنياد بڻايو. سياسي پسمنظر ۾ ”بلوو“
پھرين ڪھاڻي هئي، جيڪا سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جي
رسالي ۾ 1920ع ۾ ڇپي هئي. تيرٿ سڀاڻي گهڻو ڪري
بنگالي ادب مان ڪھاڻيون ترجمو ڪيون، جن ۾ سياسي ۽
آزادي جي لھر وارا موضوع به اچي وڃن ٿا. سندس اهم
ڪھاڻين ۾ ”شڪريه“، ”خواب نه خيال“ ۽ ”بدلو“
شامل آهن.
شيخ اياز، سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ پنھنجو رنگ پيدا ڪيو.
”سفيد وحشي“ ڪھاڻيءَ جي باري ۾ شيخ اياز پاڻ لکي
ٿو ته ”جنگ کان پوءِ سنڌي جنتا جي جاڳرتا جو نظارو
مون ”سفيد وحشي“ ۾ ڪيو آهي. عوام سياسي معاملن ۾
مونجهارن مان نه ڄاڻي. هنن جي سمجهه سڌي سنئين آهي
ته اسان جي پيٽ تي لت اچي رهي آهي، لڄ لٽجي رهي
آهي. ان سادي پر سخت بغاوتي احساس جي تصوير آهي“.(26)
سڀني ادبي صنفن ۾ ناول کي سماج سان سلهاڙيل ۽ وڌيڪ
ويجهو سمجهيو ويندو آهي، ڇو جو ان ۾ سماجي رشتن ۽
رواجن جو چٽ چٽيل هوندو آهي، اهو سماج جي سياسي ۽
سماجي قدرن کي بهترين انداز ۾ چٽيندو آهي.
ان دؤر جي سياسي هلچل ۾
ميلارام واسواڻي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي
پويان ناول لکيا ۽ ترجمو ڪيا. سندس اڪثر ترجما،
بنگالي ادب تان ٿيل هوندا هئا. سندس ناولن جي
ترجمن ۾ ”آگري جي ٻانھي“ (رميش چندر دت جي
Slave Girl of Aagrah
جو ترجمو 1936ع)،”سماجڪ بلوو (شرٽ چندر چئٽرجي
1941ع) ۽
”نند ڪمار کي ڦاسي“
(چندي
چرن سين
1943ع)
اهم آهن.
نانڪ هنڱوراڻي، ان دؤر ۾ هڪ بهترين مترجم ڪھاڻيڪار
۽ ناول نگار هو. 1942ع ۾ آشا ساهت منڊل طرفان نانڪ
هنڱوراڻيءَ جو ”ڦاسي“ شايع ٿيو، جيڪو وڪٽر هيوگو
جي ناول
The Last Day of a Condemned Man
جو ترجمو هو. اصل ناول 1829ع ۾
شايع ٿيو هو، هن ۾ هڪ اهڙي ماڻھو جي ڪھاڻي بيان
ٿيل آهي، جنھن کي ڦاسيءَ جي سزا آيل آهي. هن ناول
۾ ڦاسيءَ جي سزا تي تنقيد ڪيل آهي، ۽ خيال ڀريو
ويو آهي ته اهڙي غير انساني سزا کي ختم ڪيو وڃي.
سندس لکڻ جومطلب، ان دؤر ۾ باغين ۽ انقلابين جي
ڦاسين جي پسمنظر ۾ هو. چوهڙمل هندوجا
ڊگهو ناول
The Wreck
اصل ”نؤڪا ڊوبي“، تان ”طوفاني
رنگ“ نالي ناول تان ترجمو ڪيو ھو. جيڪو ’ٽئگور‘ جو
ناول آھي، جنھن ۾ سنسنيءَ وارا واقعا ڀريا پيا آھن
۽ ان جي ڪردارنگاريءَ به ڪي قدر سڀاويڪ ٿي لڳي.
سندس ”آزاديءَ
جا اپاسڪ“ قومي آزاديءَ تي هڪ ناول هو، جنھن ۾ هڪ
بنگالي نوجوان جو برما ۾ نوڪري ڪندي، هڪ اعليٰ
خيال عيسائي ڇوڪريءَ سان پيار ۾ پوڻ جو مسئلو کنيل
هو، جو گهڻي ڀاڱي ليکڪ جي آتم جيونيءَ تي ٻڌل هو،
پر منجهس راڄنيتي بحث مباحثه ۽ انقلابي ڪارناما
آندل آهن.
شيوڪ ڀوڄراج جو ”آشيرواد“
1933ع
۾ پڌرو ٿيو. ھيءُ ناول ھندستان اندر ھلندڙ آزاديءَ
جي تحريڪ جي
پسمنظر تي لکيل آھي. ھن ناول ۾ آزاديءَ
جي تحريڪ دؤران
گانڌيءَ جي انھن ويچارن جي اپٽار ڪئي وئي آھي.
ناول ۾ 1917ع کان وٺي 1932ع واري عرصي تائين، جيڪي
سياسي هلچلون هليون ۽ انھن ۾ جيڪو حصو ورتو ويو
هو، تنھن جو حقيقي عڪس چٽيل آهي. هي ناول قومي
جاڳرتا جي جيئري جاڳندي تصوير آهي. ان ۾ وڌوا
وهانءَ جي پڻ حمايت ڪئي وئي آهي. هن ناول جي ليکڪ
به قومي هلچل ۾ بھرو وٺڻ ڪري جيل ڀوڳيو هو.
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ”1933ع ۾ شيوڪ
ڀوڄراج ھڪ عاليشان اصلوڪو ناول ”آشيرواد“ لکيو،
جنھن کي نئين جڳ جو حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل پھريون
اھم ناول سمجهڻ کپي. ھندستان ۾ آزاديءَ جي ھلچل جو
اثر سنڌ تي پڻ پئجي چڪو ھو، ۽ مھاتما گانڌيءَ جي
ستياگرهه ۾ بھرو وٺندي، شيوڪ صاحب ڪي اونھا اندر
جا آزمودا پرايا جن تي ھيءُ ناول ٻڌو ھئائين، ۽
اھو اصول ثابت ڪري ڏيکاريائين ته روزمره جي جيوت
جي جبري جاچ سان اڀياس ڪرڻ کي ڪلاڪاريءَ سان پيش
ڪري زندگيءَ جي معمولي واقعن مان دلچسپ ڪھاڻيون
بنائي سگهجن ٿيون، جي گهمساني حادثن جون محتاج نه
آھن. ھن لکندڙ جي عبارت ھالو چالو روزمره واري
اتساهه ڀري ھئي“.(27)
قومي موضوع تي
گُلي سدارنگاڻيءَ جو
’هندو مسلم ايڪتا جي موضوع تي انتھائي
اهم ۽ وقتائتو ناول
”اتحاد“
لکيو. ھي ھڪ بھترين ناول آھي.
هن ناول ۾ هندو مسلم
اتحاد
جي جذبي کي اجاگر ڪرڻ ۽ مذهبي متڀيد کي ختم ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي آهي.پروفيسر
رام پنجواڻيءَ جو ناول ”قيدي“ جو 1943ع ۾ ڇپيو،
جيتوڻيڪ مکيه طرح سماجڪ ناول آهي ته به ان ۾
آزاديءَ جي هلچل جي جهلڪ ملي ٿي. جيئن پڇڙيءَ واري
حصي ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪيئن نه ڪي نوجوان ڌارين کي
ديش مان تڙي ڪڍڻ لاءِ دهشت پسند ڪارروايون ڪن ٿا،
جن مان ڪو کڙتيل ڪو نه ٿو نڪري ۽ ان ڪري هو هنسا
ڇڏي اهنسا جي واٽ ٿا وٺن.
لالچند امر ڏنو مل پھريون سنڌي ليکڪ ھو، جنھن قومي
ناٽڪ لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ انھن کي اسٽيج تي آڻي
عوامي جاڳرتا جو بنياد رکيو. قومي رنگ ۾ سندس
ناٽڪن ۾ ”ڀارت ڄاوا اٿي جاڳ“ ۾ سياسي شعور جو سڏ
آھي. حق جي لاءِ وڙھڻ جي تلقين آھي. هي ناٽڪ هن
ڪراچي ۾ نيو هاءِ اسڪول ۾ ماستريءَ واري زماني ۾
1905ع ڌاري لکيو هو. سندس ”سو ديسي“ ۾ ھڪ وطن پرست
جي آزادي لاءِ جدوجھد جي ڪھاڻي آھي. هي ناٽڪ 1912ع
۾ لکيو ويو. 1946ع ۾ ”بسنتي ديوي“ ۾ ھڪ تاريخي
ڪردار کي پيش ڪري حب الوطني جو درس ڏنو ويو آھي.
1947ع ۾ سندس ”گانڌي“ ۾ گانڌي جي سياسي جدوجھد کي
خراج تحسين پيش ڪيل آھي. 1947ع ۾ ئي سندس ”وچن“ ۾
دراصل ڌرتي ماءُ سان وفاداري، پنھنجي عقيدي سان
وفاداري ۽ پنھنجي قوم سان وفاداري جو وچن ڪيل آھي“.(28)
سنڌي جديد ناٽڪ جي ابي خانچند درياڻي ”ديش تان
صدقي“ جي نالي سان 1927ع ۾ پيش ڪيو، هي ترجمو نه
پر الٿو هو ۽ اٽليءَ جي ماحول کي راجپوت جيوت تي
بھاريو ويو هو. ان سلسلي ۾ منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو
ته:”هن
۾ هڪ راجپوت راڻي، ديش کي دشمنن جي حملي ۽ تباهيءَ
کان بچائڻ لاءِ پنھنجي عصمت قرباني ڪرڻ لاءِ تيار
ٿي ٿئي، پر اندر جي سچائيءَ ۽ آتمڪ ٻل سان سندس
عصمت توڙي ديش جو بچاءُ، دشمن جي دل ۾ ڦيرو اچڻ
سان، ٿي ٿو پوي. هيءَ ناٽڪ ڪلب جي ڪراچي شاخ ڪيو
هو“.(29)
انگريزن جي دؤر جي سموري ادب ۾، اهو اصل هجي يا
ترجمو، هندو مسلم تضادن جا اولڙا راضح طور نظر اچن
ٿا. تاريخ جي صفحن ۾ اهڙي سياسي ۽ مذهبي ادب جي
اختلافن کي لڪائي نه ٿو سگهجي.
اتر سنڌ ھندو مسلم اختلافن کان وڌيڪ متاثر ٿي. ان
سلسلي ۾
ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لکي ٿو ته ”اتر سنڌ
ھندو مسلم اختلافن کان وڌيڪ متاثر ٿي. اھڙي ريت
مسجد منزل گاهه واري مسئلي تي سکر ۽ ان جي ڀر پاسي
۾ خوني فساد ٿيا. ڀڳت ڪنور رام جھڙو انسان دوست
ڳائڻو انھن ئي فسادن جي نتيجي ۾ ماريو ويو.
ھاسانند پمناڻيءَ، جيڪو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر به
ھو ۽ ھڪ صوفي منش انسان ھو اھو به ھندو مسلم
اختلافن سبب ماريو ويو. اھي ٻئي واقعا اتر سنڌ ۾
ٿيا ۽ ان ڪري اتر سنڌ جي ماڻھن ھندو مسلم اتحاد کي
برقرار رکڻ جي لاءِ تنظيمون ٺاھيون. انھن مان جيڪي
مشھور ٿيون تن مان ھڪ شڪارپور ۾ ھئي ۽ ٻي ڪراچي ۾
ٺاھي وئي. شڪارپور واري تنظيم جو نالو
”سنڌ منارٽيز ايسوسيئيشن“ ھو ۽ ڪراچي ۾ وري
جيڪو فورم ٺاھيو ويو ان جو نالو“ اڪبر آشرم
”ھو“.(30)
سنڌ ۾ جڏھن اھا باهه ٻري ته سياسي
پارٽين ۽ سندن پريس گهرن پنھنجي مفادن لاءِ انھي
تي جھڙوڪ پيٽرول ھاريو. خاص طور تي مسلم ليگ
مسلمانن کي پنھنجي پاسي ڪرڻ جي
لاءِ
۽ ڪانگريس وري ھندن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ وجھڻ
لاءِ
اھڙيون حڪمت عمليون ٺاھيون جن جي نتيجي ۾ ھندو
توڙي مسلمان ھڪٻئي جا ايترو ته ويري ٿي ويا،
جو ريلوي اسٽيشنن ۽ ٻين ماڳن مڪانن تي ھندن لاءِ
الڳ پاڻي ۽ مسلمانن لاءِ الڳ پاڻي جو بندوبست ڪيو
ويو. سنڌ جي مذھبي ۽ سياسي حوالي سان اھا وڏي
تقسيم ھئي جنھن اڳتي ھلي گڏيل ھندستان کي تقسيم
ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪيو.
سنڌ جا هندو ۽ مسلمان تيزيءَ سان هڪٻئي کان ڌار
ٿيڻ لڳا ۽ ان جا اثر سنڌي ٻوليءَ جي عام واهپي ۾
به ظاهر ٿيڻ لڳا. ان سلسلي ۾ پروفيسر اياز قادري
لکيو آهي ته ”1915ع کان وٺي 1947ع وارو دؤر سموري هندستان ۾ سياسي بيداري
۽ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ واري جدوجھد جو دؤر
هو. هندستان جي ٻين صوبن وانگر سنڌ به ان جدوجھد ۾
شريڪ هئي. سن 1885ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس قائم ٿي
چڪي هئي، مگر ان جي قوت ۽ تحريڪ هن دؤر ۾ ئي اوج
تي پھتي.
سن 1906ع ۾ مسلمانن پنھنجي حقن جي حفاظت لاءِ مسلم
ليگ قائم ڪئي، جنھن اڳتي هلي مسلمانن لاءِ علحيده
رياست جي گهر ڪئي. مارچ 1940ع ۾ لاهور واري آل
انڊيا مسلم ليگ جي ساليانه اجلاس ۾ مشھور زمانه
لاهور ريزوليوشن پاس ڪيو ويو جنھن ۾ مسلمانن لاءِ
ڌار ملڪ جي گهر ڪئي وئي ۽ پاڪستان جو نعرو بلند
ڪيو ويو. 1947ع ۾ انگريز هندستان جو ورهاڱو ڪري،
پاڪستان بنائي هليا ويا“.(31)
ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لکي ٿو ته:
”1922ع تائين سنڌ جي ڌرتي، هندو مسلم نفاق سان پر
ٿي چڪي هئي. غير مسلم ليکڪن طرفان مسلمانن جي
مذهبي ۽ تاريخي اڳواڻن ۽ ڪردارن کي ٽوڙي موڙي
پيش ڪيو ويو. مسلمان ليکڪن به ردعمل ۾ قلمي
ڪاروائي ڪئي“.(32)
ان سلسلي ۾ نامياري ليکڪ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي
پڻ پنھنجا تاثرات ڏنا آهن، هو لکي ٿو ته: ”23-1926
ڌاري حڪيم عبدالخالق مورائيءَ هندو زندگيءَ تي
ناولن جوڙڻ ۾ اهڙي دلچسپي ورتي جو سڄا سارا ٽي
قصا: ”سندري“، ”ستيءَ جي ستيا“ ۽ ”چترپتي“
هڪ ٻئي پٺيان لکي ورتائين. اهي سڀ آڳاٽيءَ سنڌ جي
تاريخي پسمنظر ۾ بيھاريل هئا جڏهن راجا چچ ۽
ڏاهرسين راڄ ڪندا هئا ۽ آخر محمد بن قاسم سنڌ فتح
ڪئي. اهي ناول گهڻو تڻو ”چچ نامي“ جي اختياريءَ تي
ٻڌل هئا ۽ منجهن هندو مسلم اختلافن تي زور ڏنل هو،
۽ ڪن هنڌ هندن لاءِ سخت ڪلامي ڪيل هئي“.(33)
ان دؤر جي سياسي هلچل ۾
ميلارام واسواڻي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي
پويان ناول لکيا ۽ ترجمو ڪيا. سندس اڪثر ترجما،
بنگالي ادب تان ٿيل هوندا هئا. هن جي ترجمن جي خاص
ڳالھه اها هوندي هئي، ته هو هندو سماج جي تاريخي
واقعن ۽ پسمنظرن کي بنياد بڻائي ۽ وڌائي پيش ڪندو
هو ۽ انھن مان ڪيترين جاين تي مسلمانن جي هيروز
تي حملا ٿيل هوندا هئا. سندس ناولن جي ترجمن ۾
”آگري جي ٻانھي“ (رميش چندر دت جي
Slave Girl of Agrah
جو ترجمو 1936ع)، ”ڪمل ڪماري“ (رميش
چندر دت جي
Slave Girl of Agrah
جو ٻيو حصو 1937ع)، ”سنجوتي“
(هندي 1939ع)، ”سماجڪ بلوو“ (شرٽ چندر چئٽرجي
1941ع)، ”چندرپال“ (پريمچند 1945ع)، ”پتي ڀڳتي“
(هندي 1941ع)،
”نند ڪمار کي ڦاسي“
(چندي
چرن سين
1943ع)،
”قرباني“ (1944ع)،”شيواجي“ (1944ع)،”رنگ محل“ ،
”شيش محل“ (1938ع) ۽ ٻيا ترجما شامل آهن. سندس
ناولن لاءِ
ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو ته: ”ميلارام واسواڻيءَ جا به
تاريخي ناول ملن ٿا، جن ۾ هندو سورمن کي ساراهڻ
لاءِ ڪيتريون ئي فرضي ڳالھيون تاريخي ناولن ۾ شامل
ڪيون ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت پيدا ڪرڻ کي ڀڙڪايو.
انھيءَ جدوجھد ۾ هندن جي پنھنجن سورمن کي واکاڻيو
۽ مسلمانن پنھنجي غازين ۽ بھادرن جي بيباڪيءَ کي
عوام جي اڳيان آندو. انھيءَ چٽاڀيٽيءَ ۾ ڪيتريون
ئي غلط روايتون ۽ واقعا پڙهندڙن جي ذهن تي آندا
ويا“.(34)
ميلارام واسواڻيءَ جو ترجمو ڪيل ناول ”چندر
چڪور“ هندو مسلم مذهبي رنگ سان تمام گهڻو رتل
آهي. هن ناول جي باري ۾ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لکيو
آهي ته ”پورو ناول ٽن آدرشي انسانن جي زندگيءَ ۽
ڪارنامن جو وچور آهي. ناول يڪ طرفو هندو قوميت جو
رنگ چڙهيل آهي. ان ڪري قومي نقطه نگاهه کان مسلمان
پڙهندڙ کي جذبي ۽ جوش ڏيڻ بدران ناول جو لفظ لفظ
نراس ۽ مايوس ڪري ٿو ۽ ان تعصب پرستيءَ واري ٻج کي
پاڻي ڏئي ٿو“.(35)
مسلمانن طرفان، محمد عثمان ڏيپلائي انھيءَ ساڳي نفاق هيٺ تاريخي
ناول لکيا. ان
دؤر جي ڏيپلائيءَ جي ناولن ۾ گلستان حسن، حور بغداد، روم
جي راڻي، نازنين يورپ، دختران اسلام،
فتح فلسطين، نيل ڪنوار، غازي صلاح الدين، فتح اسپين، آخري
اميد،
ڪاشيءَ جا پاپڙ،
ڪنيز اسلام،
ايراني شھزادي، شير
شاهه ۽ همايون، شوڪت
اسلام،
جلوه اسلام،
گمراهه مسلمان، فتح
ايران،
سبڪتگين ۽ جئه پال،
”سومناٿ
جي سندري“،
”چين
جو چنڊ“،
”قسطنطنيه
جي شھزادي“،
آفريقا
جي شھزادي
۽ ٻيا ڪيترائي
شامل آهن.
ان دؤر
جو مشھور
ناول“ڏاهري رنگ
محل‘ هو، جيڪو هن ميلارام واسواڻيءَ جي ناول ’مغل
رنگ
محل‘ جي جواب ۾ لکيو ويو هو. هي ٻئي ناول فرقي
پرستيءَ جي خدشي کي مدنظر رکي
انگريز
سرڪار
پاران ضبط ڪيا ويا.
اهڙيءَ طرح جيئن جيئن ملڪ ۾ سياسي حالات
سنگين ٿيندا هئا، تيئن تيئن نفاقي مضمونن جي اشاعت
۾ تيزي ايندي هئي. پر، هڪ ٽينءَ ڌر به هئي، جيڪا
هميشه اتحاد، محبت ۽ ڀائيچاري وارا ناول لکندي
هئي. پرمانند ميوارم، سنڌ جو نالي وارو عالم ۽
اديب ٿي گذريو آهي. هن هندو ڌرم ڇڏي، عيسائيت
اختيار ڪئي ۽ِ سنڌ ۾ عيسائيت جي پرچار لاءِ وڏو ڪم
ڪيو. هن هڪ جرمن
اٽامس.آ
ڪيمپس، جي لکيل هڪ ڪتاب جو
سنڌي ۾ ”ڪرست
جي پيروي“
(Follow
the Christ)
جي نالي سان انگريزي ٻوليءَ تان ترجمو ڪيو. اهو
ڪتاب 1923ع ۾ ڇپيو. اهو ڪتاب تمام متضاد بڻيو ۽
مسلمانن جي دل آزاريءَ جو سبب بڻيو. اهڙي طرح ڪي
ٻيا ڪتاب ۽ مضمون شايع ٿيا، جن ۾ ناول به شامل
هئا، جن ۾ هڪ ٻئي تي الزام لڳل هئا. هن ڪتاب جي
جواب ۾ مسلمانن ڪتاب لکيا.
1927ع
۾ نٿو رام نالي ھڪ ھندوءَ ڪتاب ترجمو ڪيو ۽
ڇپرايو. نٿو رام تي ڪيس ھلندي ھڪ مسلمان کيس ماري
وڌو، جنھن سنڌي سماج ،صحافت ۽ ھندو مسلم لاڳاپن کي
پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. مير پور خاص مان
”مير پور خاص گزيٽ“ نالي ھڪ ھفتي وار اخبار نڪرندي ھئي
جنھن ۾ اسلام خلاف گھڻا مضمون ڇپبا ھئا.انھي اخبار
۽ ٻين اخبارن ۾ اسلام خلاف لکيل مضمون ۽ اٿاريل
سوالن جا جواب مولانا دين محمد وفائي پنھنجي
ماھوار رسالي
”توحيد“ ۾ ڏيندو ھيو.
”فتح محمدي“ جي عنوان سان
حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو لکيل آھي، انھي ۾ حڪيم
فتح محمد سيوهاڻيءَ آرين طرفان لڳايل اسلام خلاف
31 الزامن جا جواب ڏنا آھن. ھي ڪتاب نھايت جامع
آھي ۽ انھي ڪتاب جو جواب آھي جيڪو حيدرآباد جي
ڪنھن آريا سماج لکيو ھو“.(36)
انگريزن جي دور ۾ بندش هيٺ آيل ڪتاب
انگريزن طرفان سينسر شپ ۽ پابنديون لڳائڻ جو هڪ
نئون سلسلو شروع ٿيو ۽ سنڌي ليکڪن ۽ صحافين انھن
سختين جو مقابلو ڪيو . انگريزن ئي پنھنجي ڏاڍ ۽
اتياچار ۾ ڪا ڍل آندي ۽ نه ئي سنڌ جا آزادي پسند
ليکڪ، پترڪار ۽ ڪوي ئي پنھنجي پسند ڪيل راهه تان
ٿڙيا. ان سڄي وٺ وٺان ۽ پڪڙ پڇاڙ دوران انيڪ سنڌي
ڪتاب ۽ رسالا، ڪوتا سنگره ۽ جيونئن جا ڪتاب،
ڪھاڻين ۽ مضمونن جا مجموعا، اخبارون ۽ مخزنون
انگريز سرڪار جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو شڪار بڻيا. پھرين
ته ناپسند سامگريءَ جي ڇپائيءَ تي، پر بعد ئي سڪي
۾ ادا ڪرڻ جو بندوبست ڪري، جيترو گهڻو ممڪن هو، تن
وڌ ۾ وڌ ٽيويهن اهڙن ۾ ان جي وڪري، ورهاست ۽ پڙهڻ
تي به پابنديون مڙهيون ويون. ڪيترين پريسن ۽ ڪتابن
جي دڪانن جا ليسن رد ڪيا ويا ۽ دڪانن لائبريرين ۽
خانگي هنڌن تان ديش ڀڳتيءَ جي جذبات جاڳائيندڙ
ڪتاب هٿ ڪري، ضبط ڪيا ويا“.(37)
مشھور بنگالي شاعر،
ناول نگار، مضمون نگار ۽ صحافي بنڪم
چندر چيٽرجي، وندي ماترم (هندستان جي قومي تراني)
جي ليکڪ طور وڏي شھرت
رکي ٿو. سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. برطانوي دور
۾، سنڌ جي مشھور صحافي ريجهومل اگناڻيءَ سنڌي ۾
وندي ماترم جو ترجمو ڪيو، جنھن کي سرڪار ضبط ڪري
ڇڏيو.
برطانوي دور ۾ ڪيترن ڪتابن ۽ رسالن يا اخبارن تي
بندش پئي، ان جي ڪابه مڪمل لسٽ نه آهي، البته هيري
ٺڪر ۽ مدد علي سنڌيءَ، برٽش لائبريري ۾ هيٺين ضبط
شده سنڌي ڪتابن ۽ انھن جي ليکڪن جا نالا هن طرح
ڏنا آهن:
1.
ڦاسي گيت مالھا (هوندراج ”دکايل“)
2.
آلاپ آزادي (ڪويتائون) (هوندراج ”دکايل“)
3.
گانڌي مالا (ڪويتائون) (مھاراج ڪاليداس)
4.
من موهن ڀڄناولي (ديش ڀڳتي گيت) (نٿرمل شرما)
5.
گانڌي گلشن (موهنداس اڌارام)
6.
گانڌي گيت (چترڀج لڇيرام)
7.
آزاد ڀڄناولي (نارائڻداس آزاد)
8.
سوراج جو سنيھو (جيرامداس مولچنداڻي)
9.
ديش مالا (گرمکيءَ ۾)
10.
تلڪ جي ياد ۾ (مھراج ڪرپالداس)
11.
سوراج مھاتم (موٽڻداس صوڀراج)
12.
”هندو“ (هاڻوڪي هندستان) اخبار جو ”تلڪ“ پرچو
13.
بندي جيون-1 (شچيندرناٿ سانيال جي انقلابي
14.
بندي جيون-2 زندگيءَ بابت بينگالي ناول جو ترجمو)
15.
اڄڪالھه جو سڌارو (نارائڻداس چترويديءَ جي گجراتي
ناول جو ترجمو)
16.
انقلاب زنده آباد (دوارڪا پرساد روچيرام شرما)
17.
ڌاراسنا ڪھاڻي (تيرٿداس ليکراج طرفان نمڪ ستياگرهه
بابت لکيل رپورتاج)
18.
ڌاراسن تي ڪاهه
19.
ڪميونسٽ پڌرنامو-1
20.
ڪميونسٽ پڌرنامو-2
21.
جناح کي جواب (ليکڪ: چندر گپت وديالنڪار، ترجمان:
لعل چند آريه)
22.
انگريزن خلاف هڪ ننڍو پوسٽر، سنڌيءَ ۾
23.
لڙائيءَ جو لڙاٽ ۽ ڪانئرن جو ڪوڪاٽ (ليکڪ: شاهه
نواز پيرزادو) ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن“.(38)
ان طرح ڏسبو ته سڄيءَ سنڌ جي ماڻھن
انگريزن جو زوردار وروڌ ڪيو، آزاديءَ جي ويڙهه ۾
اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ اهڙو ڪردار ڏنو، جنھن تي ڪا
به قوم فخر ڪري سگهي ٿي.
انگريزن پاران جيڪا پنھنجي مقصد ۽ مطلب واري ادبي
پاليسي هئي، ان کي رد ڪيو ۽ شخصي ۽ ملڪي آزادي جي
جذبي سان ادب تخليق ڪيو.
ان سلسلي ۾ هيرو ٺڪر لکي ٿو ته ”جن جي قلم جي هلڪي
سياهي به انگريز سرڪار مٿان هڪ ڀاري چٽان بڻجي
ڪرندي هئي ۽ جن جي شبدن ۽ واڻيءَ جو وَجر گهات
انگريزن لاءِ سندن بندوقن ۽ توبن کان به وڌيڪ قھري
بڻجي پيو هو ۽ اهي ان کان ايترو ته ڏڪي ۽ ڇرڪي
ويا، جو پنھنجن تمام هٿيارن ۽ گولن بارودن هوندي
به انھن قلم جي سپاهين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ، انھن
جي آواز کي ئي دٻائڻ جي ضرورت محسوس ڪيائون ۽
Press Ordinance Act
۽
Schedule 124-A
جھڙا نادرشاهي قانون پاس ڪري ۽ لاڳو ڪري انھن
ساهتڪ سورمن جي رچنائن ۽ ڪتابن تي بندش لاڳو
ڪيائون. انھن کي بار بار جيلن جون سزائون ۽ ٻيون
تڪليفون ڏنائون؛ نه فقط ايترو پر سينسر ائڪٽ لاڳو
ڪري ديش ڀڳتيءَ جون رچنائون رچڻ تي پابنديون
وڌائون؛ پرڪاشت ٿيل پستڪ ضبط ڪيائون، انھن جي وڪري
تي بندش وڌائون. اهڙن پستڪن ۽ اخبارن ڇپيندڙ
ڇاپخانن ۽ پستڪن تي ضبطين جا آرڊر به ڪڍيائون.
سُتنترتا جي لڙائي دوران انگريز سرڪار طرفان سنڌي
ساهتيڪار، ليکڪن ۽ ڪوين تي ڪيل ظلم ۽ اتياچار،
انھن کي ڏنل پيڙائون ۽ سزائون ۽ انھن جي موٽ ۾
انھن نرٻل ۽ بي سهاري، پر پنھنجي مقصد سان ثابت
قدم رهيل ساهتڪارن طرفان پنھنجي هوش ۽ صبر کي قائم
رکندي پنھنجي سيني کي سپر بڻائي، انگريز سرڪار جو
مقابلو ڪرڻ واري ڪھاڻي، پنھنجو پاڻ ۾ هڪ وير گاٿا،
هڪ پورڻ اتهاس آهي. اهڙو اتهاس جنھن تي ڪو به سماج
جائز طور فخر ڪري سگهي“.(30)
حوالا:
24.
لالواڻي ڄيٺو، ڊاڪٽر: ”برطانوي دؤر ۾ سنڌي نثر-
ڪھاڻي“ مرتب منوهر مٽلاڻي، ڊپارٽمينٽ آف سنڌي،
ممبئي يونيورسٽي 2003، ص 68
ساڳيو حوالو، ص 17 |