سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2025ع

باب:

صفحو:20 

ڊاڪٽر واحد سولنگي

 

 

 

غزل

 

ڌرتي   منهنجي آ،   آڪاش    منهنجو   آ،

سنڌ   امڙ  تو  ۾   ته    وشواس  منهنجو آ.

 

ڪيئن   رهان  غافل   تنهنجي  دردن کان،

سنڌ   امان   مون کي  احساس   تنهنجو  آ.

 

مٽيءَ جي  خوشبو   مهڪي پئي مون ۾،

اي   امڙ   مون  ۾   ھي    واس  تنهنجو  آ.

 

جو   به  ڌرتيءَ  مٿان  سر  گهوريو  ويو

سو   ته   رت  ۾   ٻڏل  لاش   منهنجو   آ.

 

هو    منهنجو   درياهه  ٿا  کسن  مون کان،

ٿي    پيو   هينئڙو     اداس    منهنجو  آ.

 

روح   تو  ۾  ا ڳي   ئي   ”واحد“  جو   امان،

تو مٿان قربان مگر هي ماس منهنجو آ.

 

مهر فقير

 

 

 

نظم

 

چيائين ڪائنات ۾ حسن ٿو ڳولهيان،

چيم زمين کيڙي ان ٿو پوکيان.

 

چيائين حسن بندگي آ  ۽  زندگي آ،

چيم پيٽ بکين لاءِ ماني ضروري آ.

 

چيائين حسن ناهي ڪجھه ناهي،

چيم جي اَنُ ناهي ڪجھه ناهي.

 

چيائين حسن سونهن آ سرهاڻ آ،

چيم اَنَ سان مرڪ  ۽ لالاڻ آ.

 

چيائين حسن روح لاءِ راحت آ،

چيم اَنَ سان ايمان ۽ عبادت آ.

 

چيائين حسن اول حسن آخر آ،

چيم  ان سوا  نه حسن ظاهر آ.

 

چيائين حسن تي عاشق آ انسان،

چيم ان سان ”فقير“ انسان آ مهان.

 

شفيق عاصم منگي

 

 

 

غزل

 

خواهشُن پاتو ڪَفن تُنهنجي ڪري،

سڀ ٿيون دل ۾ دَفن تُنهنجي ڪري.

 

حَسرتون ڀي ساريُون ننڌڻڪيُون،

بارُ جيون تي لڳن تُنهنجي ڪري.

 

ٻولُ مِٺڙا جن سدائين ٻوليا،

ماٺ ڪيڏي تن چپن تُنهنجي ڪري.

 

سانتِ سُک ۽ موجَ مَستي جامُ جِت،

تِت ڪيو ديرو غَمن تُنهنجي ڪري.

 

روزُ آمد دِل اڱڻ تي جن ڪئي،

راهه بَدلي آهه تَن تُنهنجي ڪري.

 

بادلن کي ڏس مِلي ڄڻ ماتِ آ،

نارُ ٿي اکيُون وَهن تُنهنجي ڪري.

 

نيڻَ ناهن ڍاپيا ديدارَ کان،

ديد راهُن ۾ رکن تُنهنجي ڪري.

 

ساعَتُون تو ساڻ ”عاصم“ گهاريُون،

يادِ سي هَر پَل اچن تُنهنجي ڪري.

 

غلام محمد ڀٽي

 

 

 

غزل

 

مٺا هر گهڙي تون سلامت رهين،

ڏکيو ڏينهن پيارا نه هڪڙو ڏسين.

 

اسان تنهنجا دلبر سڃاڻي ٿو جڳ،

ٿا ڄاڻن هي ماڻهو تون منهنجو پرين.

 

سڄو پيار توتي نڇاور ٿو ڪيان،

مگر پو به نفرت مٺا ٿو ڪرين.

 

جڏهن لوڪ مونکي ڌڪاري مٺا،

اهو خوف کائي متان هٿ  ڪڍين.

 

سڄي ڪاڪ راڻا مون ڳولي ته هئي،

ستارن ۾ ڳوليو نه ٿو تون لڀين.

 

نماڻو آ عاشق هي تنهنجو ”ڀٽي“،

پرين جنهن کان هر پل پري ٿو رهين.

 

ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ

 

 

 

غزل

 

دارالسلام گهرجي، دارالامان گهرجي،

دنيا ۾ هاڻ بلڪل، سنڌ گلستان گهرجي.

 

آزادي سان سدائين ماڻهو گهمن ڦرن ٿا،

اغوا يا ڦر ذريعي ڪوبه نه زيان گهرجي.

 

ڌرتي ڌڻين لئه مشڪل حالات ٿو ڏسان مان،

تن لاءِ امن وارو، هڪ سائبان گهرجي.

 

انسانيت جو نڪتل سارا ڏسو جنازو،

ان کي ڪلهي ڏيڻ لئه ماڻهو مهان گهرجي.

 

دنيا ۾ امن وارو رنگ آ، اڇو بلاشڪ،

هر گهر مٿان اهوئي هاڻي نشان گهرجي.

 

هر ذهن ۾ اهائي اڻ تڻ هجي سدائين،

ڪيئن سنڌ ۾ امن ٿيندو ڪامل ڌيان گهرجي.

 

ڪنهن کي نظر لڳي وئي، سنڌ ڌرتي کي اچانڪ،

محفوظ ڪوبه ناهي، امن و امان گهرجي.

 

اغوا ڦرون ۽ ڌاڙا، هاڻي نه لڳندا ”عادل“،

امن و امان خاطر واضح بيان گهرجي.

 

منير سومرو

 

 

 

غزل

 

ھر روز ڳولا ڳڀي جي، لکجي خيال ڪهڙو!؟

ھر  روز درد نوان ھن،  ڏجي احوال ڪهڙو!؟

 

سونهن سڀ کان سرس سونهن  تنهنجي،

جنت جي حور کان وڌ، ڏجي مثال ڪهڙو!؟

 

پاڻ وٽ نه ڪوئي مال مڏي نه ڪا ملڪيت،

منڪر نڪير پوءِ قبر ۾، ڪندا سوال ڪهڙو!؟

 

گڏ ھجڻ تنهنجو، ھيو عروج منهنجو،

نه آ ساٿ تنهنجو، ان کان وڌ زوال ڪهڙو!؟

 

ڪو ويٺو لنگھڻ تي، ڪنهن وٽ جام مايا،

ڪائي خبر ان کي آ، حرام ڪهڙو ۽ حلال ڪهڙو!؟

 

راڳي ٿو راڳ ڳائي، ڪائي خبر نه پئي ٿي،

ته ”منير“ راڳ آھي ڪهڙو ۽ آھي جلال ڪهڙو.

 

نماڻو صديق مهيسر

 

 

 

غزل

 

چاهتن سان ڏس سجايل ڳوٺ منهنجو،

راحتن ۾ ڏس سمايل ڳوٺ منهنجو.

 

هارپو هاري ڪري ٿا پيٽ پالن،

سونهن سان آھي نڀايل ڳوٺ منهنجو.

 

راند ٿا ڪرڪيٽ کيڏن ٻار جنهن جا،

۽ شمع سان ڏس جلايل ڳوٺ منهنجو.

 

ڪو نه آھي ڪا سهولت ڳوٺ منهنجي،

حڪمرانن کان ڏکايل ڳوٺ منهنجو.

 

درد ۾ جيئن پيا مارو اڃان ڀي،

هي اڃايل ڏس ستايل ڳوٺ منهنجو.

 

رات جي اونداهي ۾ ڪوڪون ڪري ٿو،

۽ رهي دانهين اُڃايل ڳوٺ منهنجو.

 

جو لڏي ڳوٺاڻان ويا هتڙان ”نماڻا“،

ٿو لڳي تن کان ڀلايل ڳوٺ منهنجو.

 

وفا ياسين آرائين

 

 

 

غزل

 

خط به منهنجا ڦاڙي ڇڏ تون،

فوٽو سڀ تون ساڙي ڇڏ تون.

 

جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو،

دل مان مون کي اُکاڙي ڇڏ تون.

 

وس منهنجو توتي ڪونه هليو،

آس جا ڏيئا وِسائي ڇڏ تون.

 

جڏهن ب منهنجي ياد اچئي،

خيالن تان به اُتاري ڇڏ تون.

 

اخبارن ۾ نانءُ ڏسين جڏهن،

تنهن نانءُ کان مُنهڙو لاڙي ڇڏ تون.

 

منهنجي محبت پيار  پنو هو،

نفرت سان کاري ڇڏ تون.

 

ڀُلجي ”وفا“ جي فون ڪرئي ته به،

ته رسيور فون تان لاهي ڇڏ تون.

 

مسافر هاليپوٽو

 

 

 

غزل

 

وقت جي للڪار کي سمجھون نه ٿا،

ڇو  ڀلا  اغيار  کي  سمجھون  نه ٿا.

ڪا به سهڻي ڪونه ٻوڙيندو دريا،

مطلبي  ميهار  کي سمجھون  نه ٿا.

پاڻ  ٿا  بس  پاڻ  ۾  اٽڪي  پئون،

پاڻ  ويرين  وار  کي سمجھون نه ٿا.

ڪير ڪنهن جو ڪيترو ٿو ساٿ ڏي،

غير کي ۽  يار  کي سمجھون  نه  ٿا.

پاڻ    جي   ايمان   ۾    آھي   خلل،

حادثن جي ڄار کي سمجھون نه ٿا.

ڇو  پيو  بي خوف کيڏي نانگ سان!

ٻار  جي اعتبار کي سمجھون نه  ٿا.

ڪو  جھڪائي  نيڻ  روئي  ٿو پوي،

درد جي اظهار کي سمجھون نه ٿا.

ڪا چپن  ۾  چيچ  ڏيئي  وئي  هلي،

نينهن نخريدار کي سمجھون نه ٿا.

پاڻ کي بس جوش آهي جيت جو،

پر اصل ۾ ھار کي سمجھون نه ٿا.

موهجي  ٿو  من رڳو  ئي ڏيک  تي،

سادگي سينگار کي سمجھون نه ٿا.

پاڻ   سان  گڏ  پاڻ  رهندو  آ  سدا،

پاڻ  پالڻهار  کي  سمجھون  نه  ٿا.

ماٺ  ماريندي   مسافر   آ   مون  کي،

سوچ جي سنسار کي سمجهون نه ٿا.

 

خليل عارف سومرو

 

 

 

وائي

 

پنهنجن دردن تي،

جوهي جاڳي ڇو نه ٿي؟

 

بدامني جي باهه جي،

ٻرندڙ شعلن تـــــــــــــــــــي،

جوهي جاڳي ڇو نه ٿي؟

 

پاڻي، بجلي، گئس بند،

ايڏن اَهنجن تــــــــــــــي،

جوهي جاڳي ڇو نه ٿي؟

 

ڪاڇو ڇا، هر ڳوٺ جي،

اُجڙيل رستن تـــــــــــــــــــــي،

جوهي جاڳي ڇو نه ٿي؟

 

’عارف‘ پنهنجي حق تي،

ايـــــــــــڏن ڌاڙن تـــــــــــي،

جوهي جاڳي ڇو نه ٿي؟

 

ملهار سنڌي

 

 

 

غزل

 

 

جڏھن   تو   چيو   توسان  ناتو   نه آ،

مھنجي  درد  جو ڪوئي  ڪاٿو  نه آ.

سڪ  تو لئه  اندر ۾   اٿم     ڪيتري،

سمندر    جو  ڪويئي    احاطو   نه  آ.

محبت    بنان   زندگي     ڇا    ڪبي،

محبت  بنان     ٻيو    جياپو   نه    آ.

حياتيءَ  سندو   آھه    ڇا      فلسفو،

اسان  مان اڃان ڪنهن به ڄاتو نه آ.

جيئڻ آھه ”ملهار“ اوکو بڻيو،

اڃان  نينهن جو ڪو  نياپو نه آ.

 

غزل

قرب   وارو  قدم ضروري آ،

محبتن  جو ڀرم ضروري آ.

ايتري بي رخي چڱي ناھي،

ڪجھه  نگاھه  ڪرم ضروري آ.

درد ناھي ته عشق ڪهڙو آ،

ساھ تي ڪجهه ستم ضروري آ.

سونهن خاطر ۽ سنڌ جي خاطر،

مون کي کڻڻو قلم ضروري آ.

ظلم کان جي نجات چاھيو ٿا،

کڻجي حق جو علم ضروري آ.

فڪر  گهرو ھجي ته آ بهتر،

شاعريءَ ۾ رڌم ضروري آ.

عشق ”ملهار“ دين آ منهنجو،

مون لئه اھڙو ڌرم ضروري آ.

 

رحيمداد جوڳي

 

 

 

وائي

 

واعدو آھي

پاڻ نه ڌار ڪڏهن ٿينداسين!

 

هن ٻانهون کولي ڀاڪر ۾

ڀريو آھي

پاڻ نه ڌار ڪڏهن ٿينداسين!

 

۽ ماڻھون هر پل محبت ۾

ٽڙندو آھي

پاڻ نه ڌار ڪڏهن ٿينداسين!

 

چانڊوڪي جي ڀر ۾ ويهي

کليو آھي

پاڻ نه ڌار ڪڏهن ٿينداسين!

 

واء وڻن ۾ ٺاهيو پنهنجو

رستو آھي

پاڻ نه ڌار ڪڏهن ٿينداسين!

 

جوڳي کي سڀ چوندا آھن

چريو آھي

پاڻ نه ڌار ڪڏهن ٿينداسين!

 

طارق امام جوڻيجو

 

 

 

غزل

 

حال سارو ذري بچي آهي،

دل مگر ٿي چري بچي آهي.

 

مون ته سمجهو هو موج ۾ مرندي،

عشقُ ساگر تري بچي آهي.

 

هاڻ پاڇي ۾ ڪجهه ٻيو ناهي،

حسرتن جي ڀري بچي آهي.

 

سونهن ڪاٿي ھئي حياتي ۾،

ياد ٿي هي پري بچي آهي.

 

آ غمن ۾ گذر ڪري آئي،

برف وانگر ڳري بچي آهي.

 

تو سوا ڪَٿَ اسان جي گذري ٿي،

ڏينهن باقي ٽري بچي آهي.

 

خيال سان هاڻ  ڳالهه ڪر ”طارق“،

سمجَھه ساري ٻري بچي آهي.

 

گهايل لغاري

 

 

 

غزل

رات مري ويو آھيان،

يار  ٺري  ويو آھيان.

حال پڇين ٿو ڪهڙا،

وقت! ٻري ويو آٓھيان.

صُبحن پويان ويندي،

گھگهه تري ويو آھيان.

روح خدا ڏي ورڻا ھن،

مان به وري ويو آھيان.

بيٺو ھوندس، شعرن سان،

پاڻ  ڳري  ويو آھيان.

دوست چون ٿا ھوندو،

جام کري ويو آهيان.

 

رشيد ساگر

 

 

 

غزل

اکين لئه ڳوڙها وڏي ڳالهه آهن،

وٿيون ۽ وڇوڙا وڏي ڳالهه آهن.

رکي لوڻ وانگر ٿي لهجو سراپا،

۽ لفظن ۾ لوڙها وڏي ڳالهه آهن.

نه ڪو سڏ پڙاڏو نه ڪا موٽ ڏيندا،

پهاڙن لئه ٻوڙا وڏي ڳالهه آهن.

صديون شل سلامت رهي ساٿ پنهنجو،

جواني ۾ جوڙا وڏي ڳالهه آهن.

سزائون جفائون به سانڍي رکان مان،

خطائن جا کوڙھا وڏي ڳالهه آهن.

 

مجاهد علي سولنگي

 

 

 

بيت

 

ٻياني ۾ باٺيون ٻکجي وڃن جيئن،

محب آهي ائين ٻکيل مجاهد ٻانهن ۾.

 

چنڊ ۾ چانڊوڪي ۽ سج ۾ تپش جيئن،

جگر سان جانيئڙو جڙيل آهي تيئن.

 

پري رهندو ڪيئن سڄڻ مجاهد ساھه کان.

پري رهندو ڪيئن سڄڻ مجاهد ساھه کان.

 

ساگر سانڍيون سيني ۾ مَڇيون ڪُميون جيئن،

مون پڻ رکيو تيئن راڻل پنهنجي روح ۾.

 

مون پڻ رکيو تيئن، راڻل پنهنجي روح ۾،

وڄ ۽ وڄڻ منجهه جهجهي جهڙ جيئن،

سائين! سهڻل تيئن، سلهاڙيل ”مجاهد“ ساهه سان.

 

تنها سجاد شورو

 

 

 

غزل

منهنجي ســـــــادگي، قبول ڪجانءِ،

منهنجي  بنـــــــدگي، قبول ڪجانءِ.

من اندر آ، ســـــــــــــانڍي رکــــــــي،

هر  خوشــــــــــــــي، قبول ڪجانءِ.

سمنڊ  ڪــــــــــــــناري  شام   ڌاري،

سونهن تــــــــــازگي، قبول ڪجانءِ.

من جي حـــــــــــــــسرت مان ورتي،

ير  ســـــــــــــــڳي،  قبول  ڪجانءِ.

تو  مٿان  گھور  ڪـــــــــــئي   آهي،

پنهنجي   زندگي،  قبول  ڪجانءِ.

التجا ئي عرض آ ”شـــــــورا سـجاد“،

لکي شــــــــــــاعري، قبول ڪجانءِ.

 

ناز نصرالله مهر

 

 

 

غزل

سڪ پيار جي سودي ۾، نقصان ڀلا ڪهڙو،

دل پاڻ ڏني آ، ڪيان ارمان ڀلا ڪهڙو.

ڪنهن زور نه ڪيو آهي، دل سونهن تان واري آ،

پو ڏاڍ چوان يا ڪو دهمان ڀلا ڪهڙو.

ڪر معاف خطا منهنجي، بي قياس نه ٿي ايڏو،

احساس بنا آهي، انسان ڀلا ڪهڙو.

هر وقت وجهي تنهنجي، ٿو وهم مٺا دل ۾،

ڏس شخص اهو آهي، شيطان ڀلا ڪهڙو.

اغيار وري ويٺا، ڳٺ جوڙ ڪري آهن،

اڄ ناز نئون ڏيندا، بهتان ڀلا ڪهڙو.

 

اياز سائِر

 

 

 

بيت

ميان مينهن جيان، جيڪر اچيــــن اوچتو،

توبن ڪيئن جيئان، ٿر بر جهڙي زندگي.

ڪبوتر چوڪ تي، آهي ڪيڏو لوڪ لڪاءُ،

اکين کي سوداءُ، رهندو تنهنجي اچڻ جو.

نه ڪي نانءُ منهنجو، نه ڪا منهنجي ٿِيمِ،

اندر ۾ اوتيم، مون ۾ منهنجو ماڻهپو.

سدا سائر سير ۾، رهيو پنهنجو روح،

جيون ڪوڙو ٽوهه، منڌ ٿا سمجهي پيئون.

ڌرتي ٿي نه ڌر، سورج ٿيو نه ساٿي،

اسين بس اڪيلا ٿي، جيا سين هن جوءِ ۾.

چوپايو ڪري نه چاڪري، پکي نه ڪاروبار،

ڏئي ٿو ڏيڻهار، سڀ کي پنهنجي سمجهه سان.

واٽون ڏسي ويهه، وائڙو نه انسان،

تنهنجي ايمان، پختو ٿيندو پنڌ سان.

وري سج لٿو، سانجهي ٿي ڄام شورو ۾،

پرين تون ۾، اڀري پئين اوچتو.

مون ۾ تون موجود، تنهنجو آن ورلاپ،

آپ ته آهيان پاپ، ڇاپ تنهنجيءَ کانسواءِ.

توکي ساري سپرين، ڳائي ڳايان بيت،

يادن جا هي کيت، تنهنجي لاءِ کيڙيان پيو.

حسن بانو هجي، يا ڪو حاجي خان،

هل هل جو جهان، هلڻ هارو هرڪو.

آءُ ته پرچون پاڻ ۾، جيون ٻه ٽي ڏينهن،

نفرتن ۾ ڪيئن، گهاري سگهبي زندگي.

امڙ تنهنجي هنج ۾، پايان ٿـــــــــــو آنند،

ڄڻ ته خدا مانند، تون آن هن سنسار ۾.

هو سوجهي ٿو، تنهنجي آڱرين جا پور،

تنهن کان دور، رهي رهندي ڪيترو.

اونهاري کي الوداع، اتر کي آڌرڀــــــــــــــــــاءَ،

سياري کي سوداءُ، رهندو تنهنجي اچڻ جو.

توکي چاهڻ کانپوءِ، رنگ سڀ وڻن پيا،

پيلا پن ڇڻن پيا، وکريل هن وجود تان.

فاني وو فاني، لڏيندا ســــــــــــڀ لاڏلا،

ترسيو ڪير ڀلا، هميشہ آهي هتڙي؟

 

عبدالخالق ”اسير“

 

 

 

غزل

ڪنهن جو  پاڻي  هيو  ڪنهن جو  داڻُو هُيو،

هِڪڙِي  مُومل  هُئِي   هِڪڙو  راڻُو  هُيو!!

پنهنجو نِبرڻ  ھُيو  ڪيڏو  مُشڪل  ٿيو!

مُنهنجُون منٿُون هُيون تُنهنجو ماڻُو هُيو!!

ڪنهن کي ڪهڙِي خبر ڪنهن کي ڪهڙو پتو،

ڪير  اياڻُو   هُيو    ڪير    سِياڻُو   هُيو!!

ٿورو سوچين ته ها  هِڪڙو  هِيڻُو  پکِي!

تُنهنجِي تاڙِيءَ وِچان  ڪيئَن  اُڏاڻُو  هُيو!!

هِڪَ  رات  رڳو ويو  هو چنڊ  وِڃائجِي!

ڪيڏو  تارن  ڪيو  اڄ  ته  پُڇاڻُو  هُيو!!

 

خيرمحمد لاکو

 

 

 

غزل

گهري ڏسي خاموشي تون ڇرڪين ڇو ٿو،

پردي پويان آ روشني تون ڇرڪين ڇو ٿو.

راھِ حَــقَ  جـا مُسافــرَ تـون  هـلنـدو  هَـل،

 ڏسي لهرون طوفاني تون ڇرڪين ڇو ٿو.

وَسنـدڙ  مينهن آھـــي سُــونڻُ سُکَــن جـو،

ڀلـي ٿَــر بَــر وَســي تون ڇـرڪين ڇو ٿو.

هن ديس ڌرتيءَ جـو مالڪ آھين  مينڌرا،

ڏسي طلسم طغياني  تون ڇرڪين ڇو ٿو.

خيرمحمد بهارِ وطن ۾  مُکڙيون مُرڪيون،

 ڏسي پوپٽ  پنَـڇي  تون ڇرڪين ڇو ٿو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org